سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :17

هن ڪتاب ۾ اسان جي مصنف الله تعاليٰ جي حضور ۾ توبهه گهرڻ لاءِ قابل قبول دعائن کي قلمبند ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب اڃا تائين نه ڇپيو آهي. افسوس جو مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب وانگر هن ڪتاب جو اسان کي قلمي نسخو به نه ملي سگهيو آهي.

(8) رسالت في ذکر کيفيات الصلواہ(26)

       هن ڪتاب ۾ اسان جي مصنف، نبي اڪرمﷺ تي صلواتن جا بهتر نمونا کولي بيان ڪيا آهن. هيءُ ڪتاب اڻ ڇپيل آهي. هن ڪتاب جو به افسوس ته اسان کي ڪو سراغ نه مليو آهي.

(9) قوت العاشقين(27)

مخدوم صاحب عاشقِ رسولﷺ هو. هن ڪتاب ۾ اسان جي مصنف رسول اڪرمﷺ جا فضائل ۽ معجزا بيان ڪيا آهن. ڪتاب جي هڪ ڀاڱي ۾ فضائل ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ معجزات النبيﷺ آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ رسول اڪرمﷺ جا 186 معجزا بيان ڪيا اٿس.

هيءُ ڪتاب پهريائين بمبئي ۾ ڇپيو، ليڪن چڱي وقت کان اڻلڀ ٿي ويو هو. پوءِ مرحوم خانبهادر محمد صديق ميمڻ 1950ع ۾مسلم ادبي پريس حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو.

       ٻئي ڀاڱي (معجزات النبيﷺ) جو هڪ قلمي نسخو شاهه ولي الله اورينٽل ڪاليج منصوره ۾ مئي 1978ع ۾ نظر مان گذريو آهي. ڪتابت جي سال ۽ ڪتابت جو نالو به لکيل نه آهن. ڪن صفحن تي لفظ مٽجي ويا آهن.

(10) قصيدہ جيميت

مخدوم صاحب الله جي پياري رسول محمد مصطفيٰﷺ جي شان ۾ هڪ بهترين قصيدو لکيو آهي، جنهن جو قافيه ”جيم“ آهي ۽ اُن ڪري ئي قصيدہ جيميہ جي نالي سان سڏجي ٿو.

       هن قصيدي جو مخطوط نسخو اڳوڻي صورتخطيءَ ۾ محترم شير محمد نظاماڻي ساڪن ٽنڊو قيصر جي ذاتي ڪتبخاني ۾ نظر مان گذريو آهي. قصيده جي ٻولي نهايت سليس، جاذب ۽ عام فهم آهي. تبرڪ طور چند ابتدائي ۽ آخري مصراعون لکجن ٿيون:ع

(الف) ابتدائي مصراعون:

اي خاصا دوست خدائجا حضرت هٿ وٺيج،

توريءَ تاري ناهه ڪا يا رسول رسيج

فريادون فقير جون سونهارا سڻيج

زاريون هن ضعيف جون والي ورنائيج

ڏسي حال حقير جو عربي آڌر ڏيج

سندا سائل سپرين سرور سوال سڻيج

مداحي کي مصطفيٰ دوست دلاسا ڏيج

ماندي هن مسڪين جو غني غور ڪريج

مجتبيٰ محتاج تي فضل فرمائيج

مُنتي مرسل مهر جا حضرت هٿ رکيج.

(ب) آخري مصراهون:

حرمت حبيب هاشميءَ جي باري بخشائيج

-

قادر ڪلمي سان ڪري هادي هلائيج

ڪتاب جو سال ۽ ڪاتب جو نالو ڏنل نه آهن.

 

(11) ٻن دعائن جو مختصر ترجمو(28)

       علامه مرحوم سنڌيءَ ۾ ٻن دعائن اللهم اني ۽ الله ربي جو مختصر منظوم ترجمو آهي. هيءُ ترجمو مختصر سنڌيءَ جي نالي سان به مشهور آهي. هيءُ ڪتاب اڃا تائين نه ڇپيو آهي. افسوس جو وڏي جاکوڙ کان پوءِ به اسان کي هن ڪتاب جو قلمي نسخو دستياب نه ٿيو آهي.

حوالا

(1)    محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ ج 1، ص 74.

       مخدوم امير احمد، مقدمہ بذل القوہ ص 10.

(2)    مصر جو مشهور عالم ۽ مفسر علامه جلال الدين سيوطي متوفي.

(3)    مخدوم امير احمد، مقدمه بذل القوہ ص 11.

(4)    ايضاً صه 28.

(5)    محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ ج 1، ص 59.

(6)    مخدوم امير احمد، مقدمہ بذل القوہ صه 6.

(7)    محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ ج 1، صه 72.

       (مخدوم محمد ابراهيم  ڀٽي، سنڌ جي مايهء ناز عالم ۽ سنڌي زبان ۾ موزون ڪلام جي باني مخدوم عبدالروف ڀٽي م 1161 جو ننڍو ڀاءُ هو).

(8)    مخدوم محمد هاشم، تفسير هاشمي (موجوده صورتخطي ۾ آڻيندڙ محمد يوسف ابڙو) صه 1.

(9)    ايضاً صه 2.

(10)   ايضاً، ص 4.

(11)   ايضاً ص 4.

(12)   مخدوم محمد هاشم، بناء السلام (موجوده صورتخطي ۾ آڻيندڙ محمد يوسف ابڙو) ص 19.

(13)   ايضاً، ص 287.

(14)   ايضاً، ص 189.

(15)   مخدوم امير احمد، مقدمہ بذل القوہ، صه 27.

(16)   ٻارهين صدي هجري جو مشهور سنڌي عالم مخدوم محمد قائم، ٺٽي ضلعي جي ڪنهن ڳوٺ جو رهاڪو هو، پر پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهيو. ديار حبيب ۾ وڃي رهڻ لاءِ اُڪير رکي پهريون دفعو 30 ورهين جي عمر ۾ حجاز مقدس ويو. ڪجهه سالن کان پوءِ وطن واپس ٿيو. ٿورن ورهين کان پوءِ سڄي خاندان سميت سنه 1154هه ۾ وري حجاز جو سفر اختيار ڪيائين ۽ اتي مسجد نبويﷺ ۾ حديث جو درس ڏيڻ لڳو. مديني منوره ۾ زندگي جا آخري ڏينهن گذاري 1157هه مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.کيس شيخ محمد حيات السندي المدني ۽ شيخ عبدالحميد السندي هالڪنڊوي جي ڀرسان سپرد خاڪ ڪيو ويو آهي (بحواله مخدوم امير احمد، مقدمہ بذل القوہ)، صه 55.

(17)   مخدوم امير احمد، مقدمہ بذل القوہ،صه 55.

(18)   ايضاً، ”حمل السلاح“ ڪتاب ”الشفاء الدائم عن اعتراض القائم“ جي نالي سان به مشهور آهي.

(19)   محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ج 1، صه 83.

(20)  ايضاً، صه 82.

(21)   ايضاً، صه 82.

(22)  محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ح 1، ص 86.

(23)  مخدوم امير احمد، مقدمہ بذل القوہ، صه 28-29.

(24)  ايضاً، ص 29.

(25)  ايضاً ص 29.

(26)  ايضاً ص 29.

(27)  ايضاً ص 29.

(28)  ايضاً ص 29.

ماخذات

(الف) مطبوع

1.     بذل القوہ في حوادث سني النبوہ، تصنيف مخدوم محمد هاشم، تحقيق و مقدمہ مخدوم اميراحمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1966ع.

2.     تفسير هاشمي، ڀاڱو پهريون. تصنيف مخدوم محمد هاشم. موجوده صورتخطي ۾ آڻيندڙ: محمد يوسف ابڙو. قرآن پريس، حيدرآباد 1970ع

3.     بناء الاسلام. تصنيف مخدوم محمد هاشم. موجوده صورتخطي ۾ آڻيندڙ: محمد يوسف ابڙو. فردوس پريس حيدرباد 1970ع

4.     سنڌ جي ادبي تاريخ، محمد صديق ميمڻ. آر-ايڇ- احمد ائنڊ برادرس.

       جمالي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سال 1967ع

(ب) مخطوطات

1.     تفسير هاشمي، تصنيف مخدوم محمد هاشم، ذاتي ڪتبخانه محترم شير محمد نظاماڻي مرحوم.

2.     معجزات النبي، تصنيف مخدوم محمد هاشم، ڪتبخانه شاه ولي الله اورينٽل ڪاليج، منصوره.

3.     قصيده جيميہ: تصنيف مخدوم محمد هاشم، ذاتي ڪتبخانه محترم شير محمد نظاماڻي مرحوم.

قريشي حامد علي ”خانائي“

سنڌي زبان جا ادبي ماهوار رسالا

(سن 1855ع کان 1955ع تائين)

اوائلي دور ۾ صحافت جو مقصد صرف اهو هو ته سرڪاري، غير سرڪاري ۽ ملڪي خبرن کي عوام تائين پهچايو وڃي ۽ ساڳئي وقت هو انهن جي پس منظر کان به واقف ٿين. انهيءَ مان اهو به مقصد هو ته ملڪي ماڻهو حاڪم جي هر انهيءَ پاليسيءَ کان واقف ٿين، جيڪا هو ملڪ لاءِ تيار ڪري ٿو. انهيءَ سان گڏوگڏ ان دور جي ”صحافت“ جو اهو به مقصد هو ته عوام دنيا جي نين ڦيرين گهيرين ۽ جديد سائنسي علمن ۽ فنن کان به روشناس ٿئي. انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان دور جي هر اخبار ۾ اڪثر ڪري ”خبرن“ سان گڏ سياسي عنصر پڻ گهڻو شامل ٿيندو ويو. انهيءَ لحاظ کان”صحافت“ جي ڄاڻو حلقن ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو: هڪ اخبارون ۽ ادبي رسالن تي صرف علم و ادب، تحقيق، سائنسي ۽ معلوماتي مضمونن ۽ مقالن لاءِ مخصوص ڪيو ويو.

       سنڌي صحافت جي شروعات انگريزنجي دروِ حڪومت ۾ ٿي ۽ تاريخي لحاظ کان ان جي باقاعدي ابتدا اڻويهين صديءَ جي پوئين چوٿائيءَ ۾ ٿئي ٿي.(1) ان دور ۾ سنڌي زبان ۽ ادب تي انگريزي ادب جو وڏو اثر پيو، ۽ ”صحافت“ پڻ ان اثر کان ڪافي متاثر ٿي. سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي خيلان، فڪرن ۽ ذهنن ۾ هڪ وڏو نئون انقلاب آيو. انهيءَ ڏس ۾ سنڌ جي سياست، سماج ۽ تعليم وغيره جي ميدان ۾ سنڌي. زبان جي اخبارن ۽ رسالن وڏو نمايان حصو ورتو ۽ ان سان گڏ ساڳئي وقت سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ، ان جي ترقي ۽ علم ادب جي واڌاري لاءِ پڻ سنڌي رسالن ۽ اخبارن گهڻو رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ جو ڪم ڪيو ۽ ان ڏس ۾ ڪافي ڪاميابي حاصل ڪئي.

       انگريزن جي دور حڪومت ۾ سنه 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نئين ”رسم الخط“ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌي نثر جي باقاعدي شروعات ٿي.(2) سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ عام ڪرڻ ۽ ان ۾ ابتدائي تعليم ڏيڻ لاءِ سموريءَ سنڌ ۾ اسڪول کوليا ويا، ۽ ان ساڳئي زماني ۾ سنڌ اندر ڇاپخانن ۽ پريس جو راج پڻ جاري ٿيو.(3) نئين سنڌي لپيءَ کي سنڌ ۾ رائج ڪرڻ لاءِ، انوقت جي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندڙ مواد سنڌ جي ماڻهن کي ان سان مانوس ڪرڻ ۾ وڏو نمايان حصو ورتو. اهڙيءَ طرح سان سنڌي زبان ۾ علمي ۽ ادبي ”صحافت“ جو سهائو تارو اُڀريو. سنڌي ادب نين جديد ادبي صنفن کان واقف ٿيو. نثر خواه نظم ۾ نوان ۽ انوکا تجربا ڪيا ويا ۽ اهڙي طرح سان مغربي ادب جو ڪافي حصو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي ڪافي حد تائين ڪاميابي حاصل ٿي.

ان اوائلي دور ۾ سنڌ ۾ علم و ادب ۽ صحافت جا وڏا خاص مرڪز هي هئا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور. انهن مرڪزن مان ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون۽ ماهوار ادبي رسالا نڪرندا هئا. اسان هت علمي ۽ ادبي ماهوار سنڌي رسالن جو ذڪر ڪريون ٿا، جنهن مان اهو پوريءَ طرح سان معلوم ٿي ويندو ته سنڌ اندر ”سني زبان“ جا ڪهڙا علمي ۽ ادبي رسالا نڪرندا هئا، جن سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪندي اڻ مٽجندڙ نشان ۽ اهڃاڻ ڇڏيا آهن. دراصل اهي قديم رسالا ئي آهن، جن جي وسيلي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي راهه ۾ ترقي ۽ خدمت ڪندڙ عالمن ۽ شاعرن جو پتو پوي ٿو ته انهن ڪهڙي نموني ۾ سنڌي ادب جي نشو و نما ۾ نمايان حصو ورتو، ۽ سندن طرزِ تحرير جو نمونو ڪهڙو هو. ساڳئي وقت اها به خبر پئجي سگهي ٿي ته جدا جدا دورن ۾ ڪهڙي قسم جي عبارت جورنگ ۽ ڍنگ هو، ۽ ان ۾ ڪهڙيءَ ريت ڦيرو ايندو رهيو. اهڙي قسم جي مختلف ادبي ۽ لساني مُنجهيل ڳالهين تي روشني پوي ٿي ۽ انهن ذريعي ان قسم جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

(1) سرسوتي:

       حافظ خير محمد اوحدي صاحب سنڌي ادبي رسالن جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته سنه 1866ع ۾ سنڌ گورنمينٽ جي تعليم کاتي طرفان ”سنڌ سڌار“ نالي هڪ پندرهن روز رسالو ڪڍيو ويو، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ تعليم جو چاهه پيدا ڪرڻ هو. حافظ صاحب ان رسالي کي سنڌي زبان جو پهريون رسالو سڏي ٿو.(4) مگر مير شفيع محمد علوي صاحب ”سرسوتي“ کي سنڌ جي پهرين مخزن ڄاڻائي ٿو. علوي صاحب سنڌ گزيٽيئر جي حوالي سان لکي ٿو ته 1866ع ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي طرفان ”سنڌ سڌار“ نالي هڪ اخبار جاري ڪئي ويئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته سنڌ ۾ نئين ٺاهيل سنڌي صورتخطيءَ کي صحيح نموني ۾ استعمال ڪري، ان ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿئي.(5) سنڌ گزيٽيئر جي حوالي مان ظاهر آهي ته ”سنڌ سڌار“ رسالو نه، بلڪ اخبار هئي.(6) ساڌو هيرانند ۽ مرزا صادق علي بيگ ان جا ايڊيٽر هئا. سنه 1884ع ۾ سنڌ سرڪار ان اخبار کي ”سنڌ سڀا“ نالي هڪ خانگي اداري جي حوالي ڪيو. سنه 1890ع ۾ ساڌو هيرانند ”سنڌ سڀا“ جي طرفان هڪ سنڌي رسالو ”سرسوتي“ نالي سان جاري ڪيو. ديوان ڏيارام گدومل ان رسالي جو مددگار هو. هيءُ رسالو سنڌي زبان جو سڀ کان پهريون علمي ۽ ادبي رسالو هو، جو سنڌ جي سرزمين تان جاري ٿيو.(7)(8)

       ”سرسوتي“ رسالو حيدرآباد مان نڪرندو هو، ساڌو هيرانند هن رسالي جو ايڊيٽر هو. ساڌو هيرانند سنڌ ۾ انگريزن جي دور ۾ انگريزي ۽ سنڌي صحافت جي بانين مان هو. هن رسالي سنڌ جي ماڻهن ۾ نئين جديد تعليم لاءِ ڏاڍو چاهه پيدا ڪيو. هن رسالي ۾ ملڪي، سماجي، تعليمي ۽ ادبي سرگرمين جي احوالن سان گڏ ادبي چاهه پيدا ڪيو. هن رسالي ۾ ملڪي، سماجي، تعليمي ۽ ادبي سرگرمين جي احوالن سان گڏ ادبي مضمون ۽ شعر ڇپجندا هئا. هن رسالي ان دور ۾ سنڌ جي موزون شاعريءَ کي فروغ ڏنو. هيءُ رسالو سورنهن صفحن تي نڪرندو هو. سنڌ جي وڏن شاعرن جهڙوڪ: آخوند محمد قاسم هالائي، سيد فاضل شاهه، غلام محمد شاهه ”گدا“، مير علينواز علوي، مولوي هدايت الله ”مشتاق“، حافظ حامد، محمد شاهه ”مجتبائي“، محمد ابراهيم ”صوفي“ وغيره جا بهترين شعر ۽ نظم هن رسالي جي زينت هوندا هئا.(9)

(2) معاون:

       هندستان جي عليڳڙهه جي علمي ۽ تعليمي تحريڪ کان متاثر ٿي سنڌ ۾ ”انجمن محمدي“ جي سهاري هيٺ سنه 1875ع ۾ ڪراچي سنڌ ۾ حسن علي افنديءَ ”سنڌ مدرسہ الاسلام“ جو بنياد وڌو، ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ جديد انگريزي تعليم ۽ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ”معاون“ نالي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ رسالو سنه 1890ع ڌاري جاري ڪيائين. هن رسالي سنڌي مسلمانن جي ذهنن ۽ خيالن ۾ ڪافي انقلاب آندو، جنهن جا ڏاڍا سٺا نتيجا نڪتا.(10)

(3) مدرسه:

       مرحوم حسن علي افنديءَ جي علمي ۽ تعليمي تحريڪ کي سنڌاندر ڪامياب بنائڻ لاءِ 1890ع ۾ مرحوم مولوي الهه بخش ”اٻوجهي“ ”مدرسہ“ نالي رسالو سنڌي زبان ۾ جاري ڪيو، جنهن جو ايڊيٽر مولوي صاحب پاڻ هو. هن رسالي سنڌي مسلمانن ۾ بيداري آندي ”سنڌ مدرسہ الاسلام“ جي تعليمي پاليسين ۽ پروگرامن سان گڏ علمي، ادبي ۽ تاريخي مضمون شايع ٿيندا رهندا هئا. هيءُ رسالو سنڌ گزيٽ پريس ڪراچيءَ مان شايع ٿيندو هو.

(4) ديس سڌار:

       هيءُ رسالو سنه 1894ع ۾ ڪراچي سنڌ مان جاري ڪيو ويو. هن رسالي ۾ ادبي، معلوماتي ۽ اخلاقي نموني جا مضمون ڇاپيا ويندا هئا. (11)

(5) سناتن ڌرم پرچارڪ پتر:

       سنه 1901ع ۾ ڪراچيءَ مان هندن ”سناتن ڌرم پرچارڪ پتر“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو. هيءُ رسالو صرف هندو طبقي تائين محدود هو. هن رسالي ۾ ڇپجندڙ مضمونن جي سنڌي صورتخطي ”عربي – سنڌي“ هئي، مگر ان ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا ڳاٽي ڀڳا لفظ استعمال ٿيل هوندا هئا. هيءُ رسالو سنڌ ۾ اٽڪل چاليهن ورهين تائين ساندهه هليو.(12)

(6) ڊي – جي- سنڌ ڪاليج مسيلني:

       ديوان ڏيارام گدومل ۽ ديوان ڏيارام ڄيٺمل جي ڪوشش ۽ سعي سان سنه 1887ع ۾ ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج“ جو ڪراچيءَ ۾ بيناد پيو ۽ سنه 1901ع ۾ ان جي سهاري هيٺ ”ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مسيلني“ نالي هڪ مخزن جاري ڪئي ويئي. هن رسالي جو ايڊيٽر ساڌو ٿانورداس واسواڻي هو. هو پاڻ ان ڪاليج ۾ پروفيسر هو. هن مخزن ۾ ان دور جي وڏن عالمن ۽ اديبن جا مضمون پوندا هئا. هيءَ مخزن سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ نڪرندي هئي ۽ سنه 1947ع تائين سنڌ ۾ باقاعدي هلي. هن مخزن جي چونڊ مضمونن جو مجموعو پروفيسر لعل سنگ اجواڻيءَ ”ويچار“ نالي هڪ الڳ ڪتاب ۾ ڇپايو.(13)

(7) اخبار تعليم:

       سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي طرفان سنه 1902ع ۾ ”اخبار تعليم“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو ويو. پهريائين هيءُ رسالو سماهي هو ۽ 32 صفحن تي نڪرندو هو، جو قيصريه پريس حيدرآباد ۾ ڇپبو هو. بعد ۾ هن کي ماهوار رسالو بنايو ويو ۽ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ مان شايع ڪيو ويندو هو. هيءُ رسالو ساڌو هيرانند جي ڀاءُ ديوان تاراچند شوقيرام، پرنسيپال ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي سهاري هيٺ نڪرندو هو.(14) محمد صديق ”مسافر“ پڻ هن رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو. من رسالي ۾ سنڌي زبان، سنڌي صورتخطيءَ جي صحيح استعمال سنڌ جي تاريخ ۽ مضمون نويسيءَ جي ترقيءَ لاءِ بلند پايه مضمون شايع ٿيندا هئا. هيءُ رسالو سنڌ ۾ سالن جا سال هليو ۽ سنڌي ادب جي ڪافي خدمت ڪندو رهيو. (15)

(8) مدرس ماهوار:

       سنه 1885ع ۾ خانبهار حسن علي افنديءَ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جو بنياد رکيو، جنهن جو مقصد هو ته سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليم کي عام ڪيو وڃي. انهيءَ انجمن جي سهاري هيٺ سنه 1904ع ۾ ”مدرس منٿلي“ جي نالي سان هڪ رسالو ڪڍيو ويو. هن رسالي جي فاضل ايڊيٽرن مان مولوي الهه بخش ”اٻوجهو“ ۽ مولوي عبدالرحيم فقير هئا. بعد ۾ شمس الدين ”بلبل“ ۽ مولانا نورنگ زاده هڪ ٻئي پٺيان هن رسالي جا ايڊيٽر ٿي رهيا. هن رسالي ۾ ان دور جي عالمن ۽ اديبن جا سنڌي زبان جا معياري ۽ معلوماتي مضمون پوندا هئا.(16) هيءُ رسالو 13 صفحن جو هوندو هو.

(9) تحفئه احباب:

       هن دور جي شاعرن ۾ محمد هاشم ”مخلص“ وڏو ڪمال درجي وارو شاعر هو. مزاحيه نگاري ۽ هجو لکڻ ۾ کيس وڏو درڪ حاصل هو. سن 1904ع ۾ ٽکڙ جي مشهور عالم علامه اسدالله شاهه ”فدا“ جي مدد سان ”مخلص“ مرحوم حيدرآباد سنڌ مان ”تحفئه احباب“ نالي سان ماهوار ادبي رسالو جاري ڪيو. ان دور جي انگريز سرڪار جي خلاف طنزيه مضمونن لکڻ ڪري ”مخلص“ قانوني عتاب هيٺ آيو ۽ پاڻ روپوش ٿي خانه بدوش زندگي گذارڻ لڳو. جوڌپور، بيڪانير ۽ ناگپور رياستن ۾”حڪيم ناصر علي“ جي فرضي نالي سان روپوشيءَ جي حياتي گذارڻ لڳو.(17)

(10) بهار اخلاق:

       پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ محمد هاشم ”مخلص“ هڪ قابل مذاقي ۽ طنزي مصنف هو. سن 1905ع ۾”بهار اخلاق“ نالي رسالو حيدرآباد ضلعي جي ٽکڙ شهر مان علامه سيد اسدالله شاهه ”فدا“، مصنف ”هديه اسديه“ جي سرپرستيءَ هيٺن ڪرندو هو. هن جي باري ۾ پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو ته محمد هاشم ”مخلص“ پنهنجي گمناميءَ واري زندگيءَ ۾ هن جو ايڊيٽر هو. هن رسالي ۾ معياري، علمي ۽ ادبي نثر ۽ نظم ڇپجندو هو.(18)

(11) جعفر زٽلي: سن 1909ع ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي مدد سان محمد هاشم ”مخلص“ جعفر زٽلي، جي نالي سان هڪ رسالو ٽکڙ مان جاري ڪيو. هيءُ رسالو پريميئر اسٽيم پريس حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپبو هو. هيءُ رسالو سنڌي زبان جي مزاحيه ۽ طنزيه ادب جو نمائنده دفتر هو. هن رسالي جو گمنام ايڊيٽر ماستر عبدالرحيم”شائق“ هو. چون ٿا ته ماستر عبدالرحيم”شائق“، ”مخلص“ مرحوم جو ڀائٽيو ۽ ناٺي هو.

(12) ڪچڪول:

       هيءُ رسالو پڻ محمد هاشم ”مخلص“ جي ايڊيٽريءَ هيٺ نڪرندو هو. سن 1909ع ڌاري پريميئر اسٽيم پريس حيدرآباد سنڌ مان شايع ڪيو ويندو هو. هيءُ رسالو 13 صفحن تي مشتمل هوندو هو. هن رسالي ۾ به ”مخلص“ پنهنجي ظرافت ۽ شعر و شاعريءَ جا وڏا جوهر ڏيکاريا.

(13) الاسلام:

       سال 1913ع ۾ علمي، ادبي، ديني ۽ اسلامي تعليم جي تبليغ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ سنڌي زبان ۾ ”الاسلام“ نالي هڪ ماهوار رسالو ڪراچيءَ مان جاري ڪيو ويو. هيءُ رسالو 32 صفحن جو نڪرندو هو ۽ ڪراچيءَ جي حميديه پريس مان شايع ڪيو ويندو هو. مولانا حڪيم فتح محمد ”صغير“ سيوهاڻي ان جو سرپرست هو. هن رسالي جو ايڊيٽر محمد عبداللطيف هو. مخدوم محمد صالح ڀٽي پڻ ڪجهه وقت لاءِ ماستريءَ جي اوائلي دور ۾ هن رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو. هن رسالي ۾ اعليٰ درجي جا اسلامي، علمي، ادبي ۽ معلوماتي مضمون شايع ٿيندا هئا. محمد هاشم ”مخلص“، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي محمد عثمان نورنگزاده ۽ ٻين ڪهنه مشق شاعرن ۽ اديبن جون علمي ۽ معياري تحريرون هن رسالي ۾ ڇپجنديون رهنديون هيون.

(14) سک جو سنيهو:

       حڪيم ڌنراج مل هاسانند پنجابي شڪارپوري علم طب کي سنڌ ۾ عام ڪرڻ لاءِ سن 1915ع ۾ ”سک جو سنيهو“ نالي هڪ رسالو شڪارپور سنڌ مان جاري ڪيو. حڪيم ڌنراج مل، شڪارپور جي ”اسرار صحت“ دواخاني جو مالڪ هو.(19)

(15) ڌرم درشن:

       هاسارام سندرداس پمناڻي سن 1915ع ۾”ڌرم درشن“ نالي هڪ سنڌيءَ ۾ ماهوار رسالو ڪراچيءَ مان جاري ڪيو هو. هن جو اصل نالو ”ست سنگ ولاس“ هو، جيڪو بعد ۾ ”ڌرم درشن“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو.(20)

(16) صحيفئه قادري:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com