سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :14

(21) ڪلاڊيس ٽالمي

        ڪلاڊيس ٽالمي (Ptolemy Claudius) سنه 75ع ڌاري مصر جي شهر ٽالمائيس (Ptolemeus) ۾ پيدا ٿيو. هن جو مصر جي ٽالمي خاندان سان، جنهن سڪندر جي موت کان وٺي 30 ق.م تائين حڪومت ڪئي، ڪوبه تعلق نه هو. شايد زندگيءَ جو گهڻو حصو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ته به 40 سال سڪندريه گذاريائين. سندس موت 151ع ڌاري يا ٿورو بعد ٿيو. هو شايد  مصري هجي ۽ نه يوناني. هو جاگرافي ۽ فلڪيات جو ماهر هو.

       هن جا ٻه ڪتاب: جاگرافي، جا 8 جلدن ۾ آهي ۽ الميگيسٽ (Almagest) يا سنٽاڪسز (Syntaxis) مشهور آهن. جاگرافي 150ع ڌاري لکيائين، جنهن ۾ 8000 جڳهن جو ذڪر آهي. جيتوڻيڪ هن راڳ ۽ ساز، ميڪينڪس (Mechancis)، ائسٽرانامي (Astronomy) ۽اپٽڪس (Optics) تي پڻ لکيو. هن هپارڪس (Hipparchus) جي جاگرافي استعمال ڪئي، جا هن وقت وجود ۾ نه آهي. هپارڪس يونان ۾ رهندو هو. جيئن ته ٽالمي ائسٽرانامي ۾ هپارڪس جا انگ استعمال ڪيا هت ڪن هنڌن ٻنهي جاين جي مقابلي ڪري سج ۽ ڪن ستارن جي ڪنڊن ماپڻ ۾ غلطيون رهجي ويون.

       ٽالميءَ جو جاگرافيءَ جي علم ۾ وڏي ۾ وڏو حصو (Contribution) آهي. هن ان وقت جي معلوم دنيا جو نقشو ڪڍي، اٺ هزار جدا جدا شهرن ۽ جاين جا ڊگهائي ڦاڪ ۽ ويڪرائي ڦاڪ ڏنا. انهي بنياد تي ڪوبه ماڻهو دنيا جو نقشو تيار ڪري سگهيو ٿي، پر هن جي جدولن (Tables) ۾ اهو نقص هو جو ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪون ڪي اصلي ماپ جي بنياد تي نه رکيون ويون هيون، پر سياحن، جهازرانن ۽ واپارين جي ٻڌايل مفاصلن جي بناءَ تي. ان ڪري سندس نقشي ۾ غلطيون رهجي ويون. انکانسواءِ ڌرتيءَ جو قطر (Circumference) ايروزٿينسز (Erosthenses) جي 25000 ميلن جي جاءِ تي (Marinus of Tyre) جنهن پڻ پوسيڊونيس (Posidonius) تان ڪاپي ڪيو هو، جي ماپ 18000 ميل قبول ڪرڻ سان ايشيا کي 180 ڊگرين تائين وئي ويو.

ڏکڻ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جو يورپ کان مفاصله گهٽ ڏيکاريائين. هي پهريون ئي جاگرافي نويس آهي، جنهن ويڪرائي ڦاڪ (Parallels) ۽ نصف النهار يا ڊگهائي ڦاڪ (Meridian) يا منجهند جي ماپ استعمال ڪئي، جا عربن 10 صدي کان بعد استعمال ڪرڻ سکي. اهو ئي سبب آهي جو 10 صدي جي آخر تائين عرب جاگرافي دانن جا نقشا علمي اصول جي اُبتڙ (Unscientific) آهن.

       اهو يقين نه آهي ته ٽالمي ڪي نقشا ڪڍيا هئا. ٽالمي جدا جدا جڳهن لاءِ جيڪي جدولون (Tables) ٺاهيون، انهن تان 15 صدي عيسوي ۾ نقشا تيار ڪيا ويا. انهن نقشن ۾ ڀونوچ سمنڊ بلڪل صحيح معلوم ٿئي ٿو. آفريڪا جو ڏاکڻيون حصو غائب آهي. سلون جي ايراضي (Size) وڏي ڏيکاري ويئي آهي. گڏيل هندستان جي اوڀر ۾ ملڪ ڏيکاريل آهن سي غلط آهن. غلطي جو سبب مرينس کان سواءِ پيريپلس (Periplus of Erythaeansae) ۽ اسٽرابو (Strabo) مان ماخذ ۽ سياحن جا اطلاع هئا. سندس جدولون (Tables) ڪاپي ٿينديون رهيون ۽ انهن ۾ نقل ڪندڙ (Copyists) غلطيون ڪندا رهيا. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي شهرن جا نالا عجيب پيا لڳن!

       سندس ڪتاب، عربن 9 صدي عيسوي ۾ عربي ۾ ترجمو ڪرايا، جتان 12 صدي ۾ لئٽن زبان ۾ ترجمو ٿيا. سندس نقشي ۾ هند ۽ سنڌ جو نقشو به اچي وڃي ٿو، جو مئڪرنڊل ۽ لئمبرڪ ڇپرايو آهي. ان نقشي تان سنڌ جي ڪيترن جاين جو پتو پوي ٿو، جي 150ع ڌاري وجود ۾ هيون. انهن جا پراڻا ۽ نوان نالا مون ڪوشش ڪري ماپن ذريعي ڪڍيا آهن. اُهي هي آهن:

يوناني نالو           Spelling            هاڻوڪو نالو

اسيگراما             Asigramma  اچ

پاسيپيڊا            Pasipeda     سيوهڻ

پرائيز                Parise       ڪوهستان

موسارنا              Musarna            موسيڪئنس جو ملڪ

آسڪئنا                    Oscana             ماهوٽا

بنا گرا               Binagara    الور

ڪمي گارا           Kamigara    الور جي ڀر سان ندي

ڪلاڪا-ڪروڪالا    Calaca-Krokala    ابن شاه

باربري-باربريڪان    Barbari-Barbaricon ڀنڀور

پسڪا                     Pisca        موهن جو دڙو

پٽالين               Patalene            لوئر سنڌ

آربيٽا               Arbita       کير ٿر جبل

انڊوسٿيا             Indo-Scythia ملتان تائين سنڌ

پٽالا                Patala       بهمن آباد

سراسترين            Sirastrene   ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ

        هندستان متعلق جيڪي  ٽالمي لکيو، سو مئڪرنڊل Mc Crindle جي ڪتاب Ancient India as described by Ptolemy, London 1885 ۾ 373 صفحن تي شايع ٿيو. ٽالمي جيڪي سنڌ تي لکيو، سوڪارٽر (Carter G. E. L) جرنل ائنٿروپولاجيڪل سوسائٽي بمبئي ۾ "Ptolemy's Geography of Sindh" نالي، 16 صفحن تي 1922ع ۾ ڇپرايو ۽ ان سان هڪ نقشو به شامل ڪيو. سندس دنيا جو نقشو 15 صدي ۾ جتي ڪٿي استعمال ڪيو ويندو هو. 16 صدي جي شروعات ۾ جڏهن پورچوگيز ڪارٽوگرافن نوان نقشا پيش ڪيا، تڏهن ٽالميءَ جي نقشي جو قدر گهٽيو. ٽالميءَ آفريڪا ۽ چين کي ملائي هندي سمنڊ کي ڀونوچ سمنڊ وانگر هڪ زمين جي وچ ۾ وڏي ڍنڍ بنائي ڇڏيو هو. انگريزن، فرينچن ۽ ڊچن 17 ۽ 18 صدين ۾ انهيءَ زمين جي تلاش شروع ڪئي، جنهن هندي سمنڊ کي ڍنڍ قرار ڏنو هو ۽ نتيجي ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ ڳولي ڪڍيائون.

       ٽالميءَ جي مڪمل جاگرافي فرينچ ۽ جرمن زبانن ۾ ڇپجي چڪي آهي. انگريزيءَ ۾ صرف ڏکڻ ايشيا  (United India of 1935) تي مئڪرنڊل جو مٿيون ڪتاب آهي. مرينس، جنهن جي جاگرافي ٽالميءَ استعمال ڪئي هئي، سا 120 ق.م. ۾ لکي ويئي هئي ۽ ضايع ٿي چڪي آهي.

       ٽالمي سنڌونديءَ جا ست منهن ڏيکاريا آهن. نيل ۽ سنڌو ندي هڪجهڙيون سمجهيون وينديون هيون. نيل کي ست منهن هئا، ان ڪري هن چيو ته سنڌو کي به ست منهن هوندا. ٻئي طرف گنگا کي ڊئنيوب سان مشابهت ڏئي پنج منهن ڏنا ويا. سڪندر جي وقت کان ٽالمي تائين سنڌو کي ٻه وڏا منهن ۽ شايد ٻه ننڍا منهن هجن. ستن منهن پورا ڪرڻ لاءِ حب،پورالي ۽ هنگول ندين کي ٽالمي سنڌو درياهه جون شاخون تصور ڪيون. اها غلطي هن کان اڳ هلندي پئي آئي. باربريڪان يا ڀنڀور وچين شاخ تي ڏيکاريو ويو.

       19 صدي ۾ سنڌو درياهه کي ست منهن هئا ۽ ان ڪري باربريڪان جي تلاش ٺٽي جي قريب شروع ڪئي ويئي. دراصل باربريڪان سنڌو ندي جي اولهه واري شاخ تي موجود هو، جيئن مون پنهنجي مضمون International trade of Sind 200 B.C-200A.D ۾ نقشن جي مدد سان ڏيکاريو آهي. اها غلطي ان ڪري ٿي جو ٽالمي ٻه ماخذ استعمال ڪيا هڪ نيئرڪس ۽ ٻيو سڪندر جا اهي داستان جي تاريخي نه هئا، پر رنگ آميز (Romantic) قصا هئا.

ٽالميءَ جو سنڌ جو نقشو، سنڌ جو قديم ترين نقشو آهي. سندس سنڌ جي جاگرافيءَ متعلق بلڪل گهٽ ڪم ٿيو آهي. لئمبرڪ History of Sindh, Vol-I ۽ ايگرمانٽ (Eggermont) جي ڪتاب "Alexander's Campaign in Sindh and Baluchistan" ۾ جي حوالا آهن سي سندس جاگرافيءَ تي پوري روشني نٿا وجهن، سندس جاگرافيءَ جي صحيح مطالع لاءِ اسٽرابو (Strabo)، پيريپلس (Periplus) ۽ سڪندر جي تاريخ نويسن جي گهري مطالع ڪرڻ جي ضرورت آهي.

(22) جسٽينس

       جسٽينس (Justinus) ٽين صدي عيسويءَ ۾ زنده هو. هن سڪندر اعظم تي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ پامپيس ٽروگس (Pompius Trogus) جي ڪتاب جا حصا ڪم آندا اٿس. ٽروگس جو ڪتاب جو 44 جلدن ۾ هو، گم ٿي چڪو آهي، پر ان جو پتو ۽ تت جسٽينس جي ڪتاب مان ملي ٿو. اها تاريخ حقيقتن تي نه، پر قصن، ڪهاڻين ۽ روماني آکاڻين تي مبني آهي. پر ڪتاب ۾ ڪي حصا آهن جي تاريخي معلوم ٿين ٿا، مثلاً چندر گپتا جو سڪندر جي روانگي بعد ملڪ جي ڪنهن حصي تي قبضو ڪرڻ وغيره.

       سنڌ متعلق جيڪي حصا آهن انهن جو ترجمو مئڪرنڊل پنهنجي ڪتاب Invasion of India by Alexander the great, London 1896 ۾ ڇپرايو.

(23) ايرين

       ايرين (Flavius Arrianus or Arrian) ٻي صدي عيسويءَ جو يوناني تواريخ نويس بٿائنيا (Bithynia) صوبي جي شهر نڪوميڊيا (Niomedia) ۾ پيدا ٿيو. رومن حڪومت جي دور ۾ پهريائين قانصل، بعد ۾ شهنشاه هئيڊرين (Hadrian) جي دور ۾ ڪپادوشيا (Cappadocia) جو گورنر مقرر ٿيو. هن جنگ جي تاريخ، بليڪ سمنڊ جي ڪناري جي جاگرافي، سڪندراعظم جي موت بعد سندس ساٿين ۾ جدوجهد ۽ جنگيون ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيا، پر سندس سڀ کان مشهور ڪتاب آهي آئنابيسز (Anabasis) يا  سڪندر جون جنگيون، جنهن ۾ هن ارسٽوبولس (Aristobulus) ۽ ٽالمي (Ptolemy Sorter) جون تاريخون استعمال ڪيون آهن. ازانسواءِ هن مئگزٿينير ۽ اميرالبحر نيئرڪس (Nearchus) جي ڪتابن تان هندستان متعلق ”انڊيڪا“ نالي ڪتاب لکيو.ايرين جا اُهي ڪتاب اڄ موجود نه هجن ها ته اسان کي سڪندر اعظم متعلق صحيح پتو نه پئجي سگهي ها ۽ موريا حڪومت جي دور ۾ جي پاڪ ۽ هند ۾ حالتون هيون، انهن جو به پتو نه پوي ها، خاص طور نيئرڪس جي سنڌ جي شهر پٽالا (جو بهمن آباد جي قريب يا ساڳيءَ جاءِ تي هو) مان روانگيءَ جو احوال ۽ لوئر سنڌ جي، ان صديءَ جي جاگرافيءَ جي معلومات نه ٿي سگهي ها. ايرين جي ڪتاب جا ڪئي ترجما ٿي چڪا آهن، جن مان مون وٽ "Robson: History of Alexander and India" ٻن جلدن ۾، "A de selincourt: The life of Alexander".

       Mc Crindle: "Invasion of India by Alexander" ۽ ٽومئشيڪ (Tomaschek) جي جرمن ڪتاب جو انگريزي ترجمه (قلمي) آهن.

       سنڌ متعلق انهن مان هر هڪ ڪتاب ۾ تقريباً 50 صفحا آهن، جن کي مختصر ڪري مون پنهنجي ڪتاب "Chronological Dictionary of Sind" ۾ 8 صفحن ۾ آندو آهي. هتي ورجائڻ جي گنجائش ڪانهي.

ماخذات

(1)              Appollonius of Tyana. Letters and Life in Philostratus ed. F.C. Conybeare. Two volumes. Loeb classical libarary, London, 1912.

(2)             Arrian, Flavius. Anabasis Alexandri and Indica. English translation by:

a.      Mc Crindle John Watson. Ancient India as described by Magasthenes and Arrian, London, 1877.

b.     ………… Extracts in, invasion of India by Alexander the great. Westminister, 1896.

c.      Robson, E. Iliff. Books  I-IV, Vol. I. London, 1967. Books V-VII and Indica, Vol II. Lodnon, 1966 (Loeb Classical Libarary).

d.     Selincourt A, de. The life of Alexander the Great, London 1958. Revised edition with notes titled, The Campaigns of Alexander, by J.R. Hamilton. London, 1976.

(3)             Aristobulus. Extracts of his history, in Arrian and Strabo.

(4)             Bunbury. History of Ancient Geography. Lodon, 1883, Reprint, 1907.

(5)             Carter G.E.L., Ptolemy's Geography of Sind. Jour. Anthropological Society. Bombay, 1922.

(6)             Charlesworth M.P. Trade routes and commerce of Roman Empire, Cambridge, 1926.

(7)             Charpentier. Tr. Travels of Appollonius of Tyana.

(8)             Cleitarchus of Alexadria. Fragments in Curtius Rufus

(9)             Conybeare, F.C. See Appollonius of Tyana.

(10)         Curtius Rufus Quintus. English Translaiton of History of Alexander by:

a.      Mc Crindle John Watson Extracts in invasion of India by Alexaner the Great. Westminister, 1896.

b.     Mc Queen. In Latin Biography ed. T.A. Dorey. London, 1967.

c.      Rolfe J.C.Q. Curtius Rufus. History of Alexander. Books I-V, Vol. I London, 1971 and books V-X. Vol. II. London. 1972.

(11)          Diodorus Sicilus. English Translation of the Fragments by:

a.      Mc Crindle John Watson. Extracts. In, Invasion of India by Alexander the Great. Westminister, 1896.

b.     Oldfather C.H. London 1933, (Loeb Classical Libarary).

c.      Welles Bradford C. Diodorus of Sicity. Vol. 8 London, 1963. (Loeb Classical Libarary).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com