سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :19

اشارا ۽ واڌارا

(1)    مير شفيع احمد علوي: ”پهرين سنڌي مخزن“ (مقالو)، ”مهراڻ جا موتي“، پاڪستان پبليڪيشن، ڪراچي صه 205.

(2)    (الف) ايضاً (ب) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون صه 9.

(3)    محمد صديق ميمڻ: ”تاريخ سنڌي ادب“، ج2، ص 15، ڇاپو سال 1951ع.

(4)    حافظ خير محمد اوحدي: ”سنڌي صحافت جي مختصر تاريخ“ (مضمون)، ”سکر جي سوکڙي“، سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج سکر، 1967ع ص 5.

(5)    مير شفيع احمد علوي: ”پهرين سنڌي مخزن“ (مقالو)، ”مهراڻ جا موتي“، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي، صه 205.

(6)    ”سنڌ صوبي جو گزيٽيئر“، ج ب حصو پهريون، ڪراچي ضلعو، بمبئي 1927ع، صه 33.

(7)    (الف) مير شفيع احمد علوي: ”پهرين سنڌي مخزن“ (مقالو)، ”مهراڻ جا موتي“ پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي، صه 6-205.

       (ب) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، ج 2، ص 578.

       (ج) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ص 11.

(8)    (الف) منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ص 235.

       (ب) ڪريم بخش خالد: ”سنڌ سڀا“ کي 1884ع ۾ سنڌ جو پهريون رسالو ڪري ڄاڻايو آهي، ليڪن ”سنڌ سڀا“ رسالو نه، بلڪ انهيءَ نالي سان هڪ انجمن هئي، جنهن جي حوالي ”سنڌ سڌار“ اخبار کي ڏنو ويو هو. مرزا صادق علي بيگ ۽ ساڌو هيرانند ان جا ايڊيٽر هئا. ”سنڌ سڌار“ به رسالو نه هو.

(9)    ڪريم بخش خالد: ”سنڌي صحافت“، حبيب پبليڪيشن سکر، 1955ع.

(10)   محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ”معاون“ رسالي کي اخبار ڪري لکيو آهي، مگر ”معاون“ رسالو هو. (ڏسو ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ص 10)

(11)   مير شفيع احمد علوي: مضمون ايضاً، ص 206.

(12)   حافظ خير محمد اوحدي: مضمون ايضاً، ص 8.

(13)   منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ص 242 ۽ 252.

(14)   ايضاً، ص 252.

(15)   حافظ خير محمد اوحدي: مضمون ايضاً، ص 8.

(16)   (الف) منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ص 254.

       (ب) مير شفيع احمد علوي: مضمون ايضاً، ص 206.

(17)   حافظ خير محمد اوحدي: مضمون ايضاً، ص 8.

(18)   منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ص 255.

(19)   ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”ايڊيٽر نامو“ (مقالو)، ششماهي ”سنڌي ادب“ 1979، سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ، ص 40.

(20)   ايضاً، ص 49.

(21)   منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ص 43.

(22)   سوامي گووندانند جو اصل نالو جوهر طوطي مل هو. هڪ سياسي ۽ سماجي ورڪر هو.

(23)   محترم پير علي محمد راشديءَ سکر مان سن 1924ع ۾ ”ستاره سنڌ“ نالي اخبار جاري ڪئي هئي. هيءَ اخبار پڻ مخزن جي نموني ۾ نڪرندي هئي، ۽ ادبي حلقن ۾ ڏاڍي مقبول هئي. هن مخزن جا ”بهار نمبر“ ۽ ”عورت نمبر“ خاص مشهور ۽ ادبي ۽ علمي نمبر آهن.

(24)   ميان عبدالرحيم ”آزاد“، خيرپور رياست جو چيف جج پڻ ٿي رهيو هو.

(25)   منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ص 52.

(26)   لطف الله بدوي مرحوم: ”سنڌي ادب جا گذريل پنجويهه ورهيه“ (مضمون) ”مهراڻ جا موتي“، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي، ص 165.

(27)   (الف) ايضاً، ص 165 ۽ 168. (ب) منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ص 276.

(28)   غلام محمد گرامي مرحوم: ”سنڌي ليٿوگرافي“ (مضمون)، سماهي ”مهراڻ، 1-1964ع، ص 81-180.

(29)   نمبر 38 کان 88 تائين رسالن جا سنه وار نالا مرحوم ”گرامي“ صاحب جي مضمون تان ورتا ويا آهن.

نوٽ:  ”نشان راهه“ سنه 1955ع ۾ سکر مان نڪرندو هو.

       ”شاگرد“ نالي رسالو شيخ حفيظ ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪندو هو.

       ”خوبصورت دنيا“ نالي هڪ ماهوار رسالو ٽنڊي الهيار مان ڀڳوانداس راگهاڻي سنه 1945ع ۾ ڪڍندو هو.

ضميمون

رسالن جي ڏسڻي

آشا (62)

آشيانه ادب (53)

آفتاب (70)

اخبار تعليم (7)

اخلاقي تعليم (21)

ادا (85)

اديب سنڌ (63)

اسان جي دنيا (74)

اڳتي قدم (67)

الاسلام (13)

الاسلام (45)

البلاغ المبين (34)

الجامع (31)

الحافظ (19)

الحزب (37)

الراشد (41)

الڪاشف (18)

المنار (42)

الهمايون (46)

بهار اخلاق (10)

ٻاراڻيون ٻوليون (32)

ٻارن لاءِ آکاڻيون (33)

ڀارت جيون (61)

ڀارت جيون (64)

تحفه احباب (9)

ترقي (28)

تعمير (69)

توحيد (38)

پرهه ڦٽي (79)

جعفر زٽلي (11)

حقيقت اسلام (72)

ديس سڌار (4)

ڌرم درشن (15)

ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مسلني(6)

رتن (50)

رهنما (88)

روح ادب (87)

روح رهاڻ (22)

سارنگ (78)

ساقي (60)

سرسوتي(1)

سُک جو سنيهو(14)

سِک ينگ مئنس ائسوسيئيشن جو ماهوار رسالو (17

سماج (40)

سناتن ڌرم پرچارڪ(5)

سندر ساهت(26)

سنڌ شيوڪ(27)

سنڌو(48)

شيوا (24)

صحيفه قادري (16)

طالب الموليٰ (80)

عام راءِ (76)

عرفان لطيف (75)

عصرنو (71)

علمي دنيا (44)

عندليب (29)

فردوس (81)

ڦلواري (43)

ڦليلي (30)

ڦولستان (59)

قرآني (54)

قليچ (82)

ڪچڪول (12)

ڪهاڻي (57)

گلدستو (23)

گلدستو (84)

گلزار (49)

گلستان(39)

گلستان (47)

گلستان (65)

مبلغ (51)

مجاهد (58)

مخلص (56)

مدرس ماهوار (8)

مدرسه (3)

مطالبه حق (35)

معارف (55)

معاون (2)

ملاسڪول مخزن (20)

موحد (83)

موذن (73)

مهراڻ (66)

نصرت حق (36)

نوراسلام (52)

نئين دنيا (68)

نئين زندگي (77)

نئين کيتي (86)

وديا (25)

ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“

سنڌي مشاعرا – ورهاڱي کان اڳ

تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته ساسانين کان مغلن تائين ايشيا جي هن حصي، يعني هاڻوڪي پاڪستان ۽ هندستان ۾ شعرفهمي درٻاري ۽ سماجي زندگيءَ جو هڪ لازمي جز هئي. هيءُ اهڙو فن هو، جنهن سان بادشاهه توڙي سندن رعيت هر طرح حظ حاصل ڪندا رهندا هئا. مشاعره  جي رسم انهيءَ ذوق و شوق جو بهترين مظاهرو چئي سگهجي ٿي. مشاعرن جو خاص مقصد اهو هو ته ٿوري وقت ۾ عوام سان گهڻا شاعر واقف ڪرايا وڃن ۽ شاعريءَ جون شاهڪار شيون محفوظ ٿي سگهن. پر افسوس جو بعد ۾ ”آهه“ ۽ ”واهه“ جي داد بيداد ڪري ڇڏيو ۽ ان غلبي سبب مشاعرو هڪ اجتماعي ذوق جي تسڪين ۽ تنظيم ڪرڻ بجاءِ هڪ تماشو ۽ تفريح بنجي ويو. اهوئي سبب آهي جو اڄ مشاعرن جو زوال ٿي رهيو آهي. تنهن هوندي به ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته مشاعرن ذريعي شعر و شاعري جي اشاعت جو زبردست ڪم ورتو ويو.

جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته مشاعرا شعر و شاعريءَ جي واڌاري ۽ سڌاري ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. شاعر ٻين شاعرن جي مقابلي سبب شعر لکڻ ۾ وڌيڪ محنت ڪن ٿا. ان کان علاوه شاعر فطري طور داد و تحسين جو طالب رهي ٿو؛ تنهنڪري هو وڌيڪ داد و تحسين حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت کان ڪم وٺن ٿا. هو پنهنجو ڪلام ٻڌائڻ سان گڏوگڏ ٻين شاعرن جي ڪلام مان به حظ حاصل ڪن ٿا. اهڙن موقعن تي استاد شاعرن جي صحبت به نصيب ٿئي ٿي. صلاح و مشورو ۽ ترميم و اصلاح وغيره جون سهوليتون به ميسر ٿين ٿيون. اهڙيءَ ريت شاعريءَ جي ترقي ٿئي ٿي. سنڌ تي انگريزن جي تسلط سبب فارسي زبان جي اهميت گهٽجڻ لڳي.اڳ فارسي دفتري زبان هوندي هئي؛ پر انگريزن فارسي بجاءِ انگريزيءَ کي دفتري زبان بنايو، جنهنڪري فارسي جي علمي ۽ ادبي حيثيت اڳ واري نه رهي. سنڌ جا شاعر فارسيءَ ۾ شعر چوڻ فخر سمجهندا هئا، پر سندن شاعري گهڻي ڀاڱي روايتي شاعري هئي. هو اڳ واري گهڙيل راهه جا راهي هئا. غزل ۽ مثنوي، جيڪي فارسيءَ جون مقبول صنفون آهن، سي سنڌ جي عروضي شاعرن جون محبوب صنفون آهن.

انگريزن جي دور ۾ سنڌي صورتخطي ٺهي. ڇپائيءَ جو سلسلو شروع ٿيو، اخبارون شايع ٿيڻ شروع ٿيون. اخبارن مشاعرن کي ترقي وٺرائي. ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ اخبار ”مفرح القلوب“ ۾ فرسي مشاعرن جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن سبب فارسي شاعريءَ جي روايت کي ڪجهه قدر تقويت ملي.

حيدرآباد شهر ۾ سيد فاضل شاهه ۽ قاضي امام علي صاحب جي ڪوششن سان فارسي گو شاعرن جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون. فارسي مشاعرن جي بناوتي ۽ روايتي رنگ کان سنڌ جا شاعر به بچي ڪين سگهيا. جڏهن ”مفرح القلوب“، سنڌي مشاعرن کي زور وٺرايو، تڏهن ”سنڌ سڌار“، ”مجمع محمدي“، ”اُڪيل سنڌ“، ”معين الاسلام“، ”معاون الاسلام“ ۽ ”الحقيقت“ سنڌي مشاعرن کي مشهور ڪيو ۽ سنڌ جي شاعرن کي سنڌي عروضي شعر چوڻ تي آماده ڪيو. مطلب ته سنڌ جي اخبارن مشاعرن کي خوب زور وٺرايو ۽ مشاعرن ذريعي ڏينهون ڏينهن شاعرن جو تعداد وڌندو رهيو. پر ان دور جا شاعر مير سانگيءَ، حافظ حامد ۽ ڪن ٻين ٿورن شاعرن کانسواءِ، جي گهڻو ڪري روايتي شاعر هئا: اهي شاعر جي مير سانگيءَ کان عمر ۾ وڏا هئا، تن مان خليفو گل محمد گل هالائي پهريون صاحب ديوان شاعر هو، جنهن غزل ذريعي مقامي ماحول جي ترجماني ڪئي. پر هن ڪٿي ڪٿي اهڙا ته غريب ۽ ثقيل لفظ استعمال ڪيا آهن، جن غزل جي نازڪ صنف جي سونهن ختم ڪري ڇڏي آهي. ان کان علاوه جن شاعرن غزل جي صنف کي محبوب سمجهي طبع آزمائي ڪئي، تن ۾ آخوند محمد قاسم، غلام محمد شاهه گدا، حاجي فضل محمد ماتم حيدرآبادي، فاضل شاهه فاضل، حافظ حامد ٽکڙائي ۽ غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي مجتبائي ۽ عبدالقادر بيدل شڪارپوري جا نالا وڏي اهميت رکن ها.

خليفوگل ڄڻ هن دور جو سرواڻ هو ته آخوند قاسم ۽ غلام محمد شاهه گدا وري استاد الشعراءَ  ليکيا ٿي ويا. گدا ۽ قاسم جي شاعري روايتي فارسي رنگ ۾ رڱيل نظر ايندي. سندن ڪلام ۾ فارسي اصطلاحون ۽ تشبيهون عام نظر اينديون. هنن زير اضافت کي به بي ڌڙڪ استعمال ڪيو، نه صرف ايترو بلڪ سنڌي غزلن ۾ عربي ۽ فارسي مصراعن کي به بنا جهل پل عام جام استعمال ڪندا رهندا.

مير عبدالحسين خان سانگي نه صرف پاڻ هڪ اعليٰ غزل گو شاعر هو، پر سندس صحبتن مشاعرن ۽ ادبي رهاڻين سبب ڪيترائي غزل گو شاعر پيدا ٿيا. مير سانگيءَ جي دور کي محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي غزل جو وچون دور سڏيو آهي ۽ ان دور جا هيٺيان نمائندا شاعر ڄاڻايا اٿس: مير عبدالحسين سانگي، ميون محمد يوسف عرف ميون وڏل حيدري سعيد پوري، مير امير علي خيرپوري، مير گل حسن خان (ڪنڌرن جو) خيرپوري، منشي رسول بخش”رهي“[1] مير غلام علي سبز پوش ٺٽوي، مرزا قليچ بيگ، سرائي ميان امام علي خدمتگار، مرزا دوست محمد دوست، مرزا ٻڍل بيگ ٻڍل، آغا فتح علي شاهه، آخوند فقر محمد عاجز حيدرآبادي، مير علينواز علوي شڪارپوري، مير الهه بخش شهواڻي، معروف، ميان محب علي ٺاٺارو محب حيدرآبادي، سيد صاحبڏنو شاهه سجاده نشين درگاهه بُلڙي، پير علي گوهر شاهه اصغر، حافظ عبدالله معذور ميرپور ساڪري وارو. ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي سنڌي ماستر به شعر و شاعريءَ سان شوق رکي سخن جي مشق ڪندا رهيا، پر اهي نه ته شاعريءَ جي فن جا ماهر هئا،۽ نه سندن فڪر ۾ ڪا گهرائي هئي، ۽ نه وري منجهن تخيل جي بلندي. انهن مان ڪي ته صاحب ديوان به بنجي ويا، پر غزل ۾ ڪا ترقي ڪري نه سگهيا، اهو حال ڏسي مرتضائي ٺٽوي فرماتو ته:

سوکي ٿي شاعري ۽ ويو قدر شعر جو

سڀڪو رکي ٿو دفتر ديوان ڪيترا[2].

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، سانگي واري دور جي غزليه شاعريءَ بابت لکيو آهي ته:

(1) مجموعي طور سان، هيءُ موزون شاعريءَ جو نئون اُسرندڙ دور هو جنهن ۾ خاص طرح سنڌي غزل جي آبياري ٿي.

(2) سنڌي غزل، فارسي غزل جي عڪس جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. قالب ۽ هيئت، محرڪات ۽ مضامين، بديع ۽ معاني ۾ فارسي غزل وارو روايتي رنگ سنڌي غزل تي غالب رهيو.

(3) زبان ۽ اسلوب بيان جي لحاظ سان، فارسي الفاظ ۽ اصطلاح، بندشون ۽ ترڪيبون نئين موزون سنڌي اسلوب بيان جي لحاط سان، فارسي الفاظ ۽ اصطلاح، بندشون ۽ ترڪيبون نئين موزون سنڌي شاعري جي خاص خصوصيت رهيا. خالص سنڌي اسلوب بيان طرف ڪن ٿورڙن شاعرن قدم وڌايو.

(4) مشاعرن جي ذوق ۽ اخباري شهرت سببان شاعرن جي گهڻائي ٿي. ”آمد“ بدران ”آورد“ جو دور شروع ٿيو: ۽ سنڌي غزل ذهني ڪوشش ۽ ڪاوش ذريعي تڪلف ۽ تصنع جي لباس ۾ نمودار ٿيو.

(5) انهن لاڙن جي مد نظر سندس وڏن معاصرن ۽ همعصر شاعرن جي ڀيٽ ۾ سانگي جي انفرادت جو قدري اندازو لڳائي سگهجي ٿو[3].

مير سانگي فارسي طرز کان هَٽي، سنڌي غزل ۾ هڪ انقلاب آندو. هن رسمي ۽ روايتي شاعريءَ کان پاسو ڪري، پنهنجن ئي جذبن کي سچائيءَ سان پيش ڪيو. هن غزل کي فارسي ماحول مان ڪڍي، خالص سنڌي ماحول سان روشناس ڪيو: هن ڌارين ڳالهين کان ڌڪار ڪري پنهنجيون ڳالهيون پيش ڪيون. درياهه جا نظارا، شڪار جون ڳالهيون، ملير ۽ مارن جون ڳالهيون سهڻي نموني پيش ڪيون: ان ڳالهه جي گواهي ”ڪليات سانگيءَ“ مان چٽي ريت ملي سگهي ٿي.

اها حقيقت آهي ته غزل ۾ سنڌي طرز جي شروعات خليفي گل کان ٿي، جنهن کي مير سانگي عروج تي پهچايو. سانگي کان پوءِ ٻين ڪن ٿورن شاعرن جي غزل ۾ ٺيٺ سنڌي ماحول نظر اچي ٿو، نه ته اڪثر شاعرن جو ڪلام فارسي رنگ ۾ رڱيل نظر ايندو.

جيئن ته مير سانگي کي شعر و شاعريءَ سان تمام گهڻي دلچسپي هئي، تنهنڪري شعر و شاعريءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پاڻ وٽ مشاعرن جون محفلون منعقد ڪرائڻ لڳو. ان دور جا مشهور شاعر جهڙو غلام محمد شاهه گدا (جو مير سانگي جو استاد هو) ميون وڏل حيدري، حاجي فضل محمد ماتم، مرتضائي ٺٽوي ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر انهن مشاعرن ۾ شريڪ ٿي پنهنجو ڪلام ٻڌائي داد و تحسين حاصل ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو شاعر پنهنجو تازو غزل ٻئي شاعر ڏانهن لکي موڪليندو هو، ۽ کانئس ”جوابي غزل“ جي طلب ڪندو هو. اهو شاعر کيس جواب ۾ ساڳئي بحر ۽ ساڳئي قافيه رديف تي غزل لکي موڪليندو هو. مير سانگي جي دور ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا نظر اچن ٿا. مرزا صاحب (قليچ) گدا شاهه سان گڏ سانگيءَ جي ڪيترن مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪيترن غزلن تي گڏجي طبع آزمائي ڪيائون مثلاً:

ماڻا ڪري نه مار، سڄڻ تون ذري ذري،

پاڻا نه ڪر پيارل مون کي پري پري.

... الخ (قليچ)

-

آءُ اي عجيب منهنجا تون مون وٽ ذري ذري

پيارا تون هڪڙو پل نه ٿي مون کان پري پري.

.... الخ (گدا)[4]

ان کان علاوه شعر ۾ ئي شاعر کان جوابي غزل طلب ڪندا هئا:

”مخلصا“ ڏي گدا جو جلد جواب،

بي بول منهنجو هي غزل آهي.

هن هيٺ ان قسم جي مشاعرن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.

سيد غلام محمد شاهه گدا، مير عبدالحسين سانگي ۽ مير امير علي جنون جي (خيرپور وارو) پاڻ ۾ گهرا دوست هئا. مير سانگي وٽ جيڪي مشاعرن جون محفلون ٿينديون هيون، تن ۾ هو پنهنجي طبع جا خوب جوهر ڏيکاريندا هئا. هتي هڪ اهڙي مشاعري ۾ چيل ٽنهي باڪمال شاعرن جا نموني طور ڪجهه شعر پيش ڪيا وڃن ٿا:

مير سانگي:

آئي دلبر جي ٿيم شادي ادا،

منهنجي اڄ ٿي خانه آبادي ادا.

وامق و فرهاد ۽ مجنون کون پوءِ،

مون وسائي ورهه جي وادي ادا.

وه ”گدا“ کي ياد آهي سا طريق،

جيڪا آهي طرز استادي ادا.

واه ”ماتم“ بي گمان شيرين سخن،

شاعرِ خوش حيدرآبادي ادا.

دخترِ رز سان ڪيو ”ماتم“ نڪاح،

جلد ٿيندو هو به اولادي ادا.

گدا:

دلبرن جي عين بيدادي ادا،

شائقن جي واسطي شادي ادا.

ڇونه ان مجنون کي عاقل چوان،

جنهن وسائي ورهه جي وادي ادا.

آهه ”ماتم“ منهنجو مونس باالقين،

هردو آهيون حيدرآبادي ادا.

واه واه ان جو غزل هو بي بدل،

هن زمين جي ان ڪئي آبادي ادا.

مير امير علي

بند عشقش آهه آزادي ادا،

سڪ سڄڻ جي عين آبادي ادا.

دخترِ رز سان ٿيو جنهن جو نڪاح،

ان جي گهر ۾ آهه نت شادي ادا.

”دوست“۽ ”ماتم“، ”گدا“، ”عبدالحسين“،

هي ته آهن شعر جا عادي ادا.

آءٌ انهن سان دم هڻان ڪيئن شعر ۾؟

منهنجي هي تصنيف آهه سادي ادا.

شعر گوئي ۾ آهن ڪامل ڪبار،

تن جو شيوو آهه استادي ادا.

آخوند قاسم ۽ سيد فاضل شاهه پڻ هڪٻئي کي غزل لکي موڪليندا هئا ۽ انهن جي جواب ۾ ”جوابي غزل“ جي طلب ڪندا هئا. هتي آخوند قاسم جي هڪ اهڙي غزل جا چند شعر پيش ڪيا وڃن ٿا.

مون رعُونت رقيب جي دشوار،

ربناه اجعلہ حارقاً في النار.

آهه دنيا وَني عروس عجيب،

نازنين ناز ناٽ واري نار.

لوچ احسن عمل مٺو مرهج،

ڪڻڪ جي ڪين آهه جوڙ جوار.

قرب ڪارڻ قريب ڪر ”قاسم“،

دمبدم دُرَ ڌيان دل ۾ ڌار.

ان جي جواب ۾ سيد فاضل شاهه جيڪو غزل لکي موڪليو هو، ملاحظه فرمايو ان غزل جا چند شعر:

ناز نازڪ نه ڪر نظر نه نهار،

مفت موهيو ڪر ڪهڻ جي ڪار.

تير طرحين کڻي ترارئون تيز،

محض مشتاق محب مست مَ مار.

فيض جا تون فقير ”فاضل“ کي،

ڏان ڏاتار ڏيج ڏيار.

هينئر آخوند قاسم جو هڪ غزل ملاحظه فرمايو:

بهار آيو گلن ڪيا منجهه چمن نت ناز نيرنگي،

خوشي کان بلبلن للڪار سان لاتي خوش آهنگي.

ٿيا سازن سرودن جا چڱا سامان چوڌاري،

پٽي مزڪار موسيقار جي فهرست فرهنگي.

ڪئو رَتُ روپ رسُ هاڻي، هوا سان ساه سيباڻي،

ولين کان پرت جي پيچن، وڻن سان واه دل ونگي.

وسڻ جو مينهن ڪيو سعيو، وسي بستان برسايو،

پکين جي چاه چهه چهه جي هلي هئي هاءِ هر رنگي.

طرب جي تار کي چوري عجب تڪ تور ۾ توري،

تراني تال سئو سر ۾ وڄائي چنگ ٿو چنگي.

کليو گئونٽو ۽ کٽڻهار، عباسي، رتن ريحان،

ڪلنگو ڪيتڪي نسرين نرگس زعفران رنگي.

عجائب سهس مک ۽ عودي بنفشي نسترن زنبق،

هزاري ڪئي هزارين هيج گلشن ۾ گران سنگي.

وڻي ٿي واهه هي موسم ته ان ۾ واسطي عالم،

وڃي بيشڪ نظاري باغ جي کان تن سندي سنگي.

نئين نزهت ڏيکاري ارغواڻ سوسن سمن سنبل،

ٿيو گلزار گونا گون گلن کان فرش از رنگي.

عجب موسم مفرح ٿا رهن بي ضبط پڻ جنهن ۾،

هزارين جنگجو جهونجهار جولانگير ۽ جنگي.

زمين سيراب گلشن سبز ۽ صحرا زمرد گون،

وتن خندان خرم خوش سدا عياش اڙٻنگي.

نچڻ تي راس رس ۾ هر طرف باحلقِ دائودي،

ٻڌائن ٻول طرحين تال سُرگت ۾ ٻڌي سنگي.

سچا سيد سڌر سائين تون عالم عرض اونائين،

ڪرم فرماءِ ”قاسم“ تي نوازين شال هي ننگي.

آخوند قاسم جي ان غزل جي جواب ۾ سندس همعصر فضل علي خان ”خيالي“ هيءُ غزل لکي موڪليو هو.

صبا فراش فردوسي وڇايو فرش خوشرنگي،

گلن جا هر طرح نازڪ نمونا نفر نورنگي.

چمن ۾ چاڳلا راڳي رباب و عود چنگ و دف،

وڄائن واهه يڪتارا يگانا يار يڪرنگي.

هوا خوش معتدل موسم طراوت بخش طيب افزا،

وڻن ۾ ٻُور ٿيا ٻهه ٻهه انار و ليما نارنگي.

پريان بارش چلها چورش سوايو سبز ٿيو گلشن،

سوين سالوس ڪن طائوس چيهن جي چنگاچنگي.

جهجهو ڪيو جوت جلوو جاءِ نوراني نظارو خوش،

چٽايو چاندني ميدان فرضي فرق فرسنگي.

لباس احمر ڍڪيو لاله عجب لبلات پاتا پيچ،

چنبيلي جي ته چٽڪي سان چلي ڪنهن جي نه همسنگي.

مدامي موتيو موچار پويون ڪن ڳچي ڳل هار،

پري رخسار جوڀندار زينت زيب اورنگي.

گلن جو چهچٽوانبوه موچارو مزو مرغوب،

ڏسي موهوم دل کان دور ٿئي في الفور دل تنگي.

مچائي مطربن طرب المجالس جي طرح تازي،

ملهاري ميگهه سورٺ ساز آلاپين سارنگي.

اناالمضطر بچائج ٻاجهه سان مدني مٺا مشفق،

خدارا دم پسين دشمن دٻايو زير پازنگي.

”خيالي“ خادم الخلفا اوهان جي آل تان صدقو،

سلامت ٿو منگي ايمان ازل کان ناميا ننگي.

اهي غزل جڏهن ”فصيح“ پڙهيا ته کانئس رهيو نه ٿيو؛ هن به انهن ٻنهي شاعرن جي جواب ۾ پنهنجو هڪ غزل لکي موڪليو. ملاحظه فرمايو”فصيح“ جو غزل:

بهار آيو، لٿا اولا، جهُريا ٿي جهور ۾ جهنگي،

ڦٽي سرسبز ٿيا صحرا، کلي ٿيا خوب خوشرنگي.

ٿيون گلشن ۾ گلزاريون، ٽڙن ٽانگر سنديون ٽاريون،

نِمن نرگس مٿي ناريون، نهاري نيڻ نيرنگي.

ڏسي فتني سندا فندا، عجائب ٿيا بنہ بندا،

ڪرن خيري مٿان خندا، زري زنبق زري زنگي.

لڏي لاله ليا پائي، قدح کي چوطرف چائي،

حسودن جو جگر گهائي، ڏئي تن داغ دل تنگي.

کلون کوليون کٽڻهارن، متا موتيا مٿي نارن،

ٻري ٿي زعفران ٻارن، نچي ٿي ناز مان ننگي.

هئي رو گل زر افشاني، سمن سوسن نڪو ثاني،

منجهي نت محو ٿو ماني، ڏسي هي رنگ از رنگي.

چمن چوطرف ٿيو گل گل، پيو هٻڪار جو هل هل،

ٻڌي بلبل سندو غلغل، جلي ويا جوش ۾ جنگي.

ڳچي گانا ٻڌيو قمريون، جنهن جون ئي ڪان هڻن جهمريون،

پڙهن ٿيون ٺاهه مان ٺمريون، تنبي ڪن تال تيلنگي.

پَسي هي خوب خوشحالي، چمن ۾ چهحٽي چالي،

لٿي لولن سندي لالي، سڙي ويا سوز ۾ سنگي.

”فصيحا“ فرض فرمائي، اها پرويز پنهاني،

ڪري وئي فڪر ۾ فاني، ڪيئي فرهاد فرهنگي.

رسول بخش ”رهي“ هڪ غزل لکي ”فصيح“ ڏانهن موڪليو؛ ۽ کانئس جوابي غزل جي گهُر ڪئي. ”فصيح“ سندس گهُر پوري ڪندي، هڪ جوابي غزل کيس ڏياري موڪليو. ملاحظه فرمايو رسول بخش ”رهي“ جو غزل ۽ سندس غزل جي جواب ۾ ”فصيح“ جو جوابي غزل:

رسول بخش ”رهي“ جو جواب طلب غزل.

ناهي ڪو ثاني مٺي منٺار ج،

ناهه ڪو همسر سچي سالار جو.

خود خدا مادح سندس قرآن ۾،

ڇا ڪندو ڪو وصف تنهن مختيار جو

احد ۽ احمد ۾ ناهي فرق ڪجهه،

ميم هڪ باعث ٿيو جنسار جو.

درد کان دانهون ڪيان ٿو دم بدم،

ڏي ادا قاصد نياپو يار جو.

جان بلب آهي گناهن کئون ”رهي“،

ڪر شفاعت لڳ خدا بدڪار جو.

شاعرن مان ڪوبه ڏي مون کي جواب،

آءٌ ٿيندس گولو سندس گفتار جو.

”رهي“ جي جواب ۾”فصيح“ جو جوابي غزل:

ڏي صبا آڻي سنيهو يار جو،

دوست دلبر، دل گهرئي دلدار جو.

ٿووجهان فالون نهاريان چوطرف،

ڪو لنوين ڪانگل پرينءَ جي پار جو.

روز شب جيئن درد مان دانهون ڪريان،

تيئن مچي ٿو مچ اندر آزار جو.

هوت لاءِ هر هر هنجون هاري ڪيوم،

ورد تجري تحتها الانهار جو.

هجر جي هاڃي ڪيو مونکي هلاڪ،

ڪو دلاسو دوست جي ديدار جو.

ڪا اٿئو منهنجي مسيحا جي خبر؟

حال ڪونهي بره جي بيمار جو.

جي اچي پيرا ڀَري پرتئون پُڇي،

ٿئي اپر احسان هڪ هڪ وار هو.

ٿي فنا في الله فرقت ۾ ”فصيح“،

ناهه ڪو واقف انهيءَ اسرار جو.

فضل علي خان ”خيالي“ هڪ جواب طلب غزل لکيو هو، جنهن جي جواب ۾ محمد يوسف ”مسڪين“ هيٺيون غزل لکي موڪليوهو:

اي مٺي بادِ سحر ڪو ڏي نياپو يار جو،

مرحبا فرّخ سَير، ڪو ڏي نياپو يار جو.

ياد جن جي ۾ وڄن هر هر رڳون طنبور جان،

تن ڪئي ٿي ڪا پچر، ڪو ڏي نياپو يار جو.

عندليبن ڪالهه خوش الحان سان ٿي ٻوليو،

سبز ٿيا سڀ دشت و در، ڪو ڏي نياپو يار جو.

دائودي، ذنبق ۽ موتئي باغ ۾ ڪيو چهچٽو،

خوش درخشن ڪيا عشر ڪوڏي نياپو يارجو

آئيا ڏينهڙا بهاري، چئو سڄڻ ايندا ڪڏهن؟

هاڻ مسڪين ڪر خبر، ڪو ڏي نياپو يار جو.

ساڳئي بحر ۾ ملاحظه فرمايو ميان لطف الله ”لطف“ جو هڪ غزل:

اڄ هلي ڏس حال هيڪر بره جي بيمار جو،

ڪونه ڏس ويڄن ڏنو هن عشق جي آزار جو.

 هن مرض جي جانچ ۾ ويڄن ڪيا ڪي وس وڏا،

پر پين هرگز نه ڪنهن پر پرو هن پار جو.

خواب ۾ مون کي تصور هو تهين جي وصل جو،

ورنه ڇا قدرت ڪريان اظهار هن اسرار جو.

رات پرواني شمع کي جا ٻڌائي ماجرا،

سومگر هو سوز مون بيدل دلِ افگار و.

مرحبا مون سان ڪيائين پر نشي ۾ بي خبر،

ڄڻ چڙهي پئي لوڙ گهوڙا ۽ ڪٽڪ قنڌار جو.

سِرُ گهرين تان اه حاضر، ڇو ته تنهنجو حڪم آه،

عاشقن جي ڪاڻ ساڄن ڄڻ سَمَن سرڪار جو.

ڪو سڄڻ منهن ۾ تُنهين جي هو تجّلو نور جو،

هڪ نظر سان جنهن نهوڙي هوش نيو هوشيار جو.

”لطف“ تنهنجي لطف جو آهي سدا اميدوار،

مهر مان تنهن کي اچي بهرو ڏيو ديدار جو.

ٽکڙ جي سرزمين علم و ادب جو مرڪز رهي آهي، جتي ڪئي اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا. ٽکڙ جي شاعرن مشاعرن جون محفلون منعقد ڪرائي، سنڌي عروضي شاعريءَ کي وڏي تقويت پهچائي. ميون وڏل حيدري سعد پوري، سيد احمد علي شاهه ماتلوي، پير ٻڍل شاهه نورائي ۽ ٺٽي جا ڪي شاعر وقت بوقت اچي مشاعرن جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. شروع ۾ حافظ محمد هارون دلگير، پير حاجي محمد اسماعيل جان روشن، پير حاجي عبدالستار جان، سيد شاهنواز شاهه، قاضي محمد دائود ۽ قاضي محمد ابراهيم ادبي محفلن جو پايو وڌو، جنهن تي پوين شاعرن هڪ اعليٰ ادبي عمارت تعمير ڪئي. ان جو مثال ”تذڪره شعراء ٽکڙ“ جي صورت ۾ موجود آهي. ان زماني ۾ حيدرآباد ۾ به هڪ بزم مشاعره قائم ٿي چڪي هئي، جنهن جو دفتر ميمڻ محله لڳ مارڪيٽ روڊ تي هوندو هو، جتي حيدرآباد ۽ ٺٽي جا شاعر اچي شريڪ ٿيندا هئا.

فاضل شاهه (وفات 1900ع) سنڌي مشاعرن کي گهڻو زور وٺرايو. محترم سيد حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو ته”ان کي وجه سي حيدرآباد مين شعر وسخن کا چرچا رها. مشاعري انهي کي کوششون سي منعقد هوتي تهي. قاضي امام علي پاڻائي بهي جو اس وقت تحصيل دار تهي، ان کي دوست اور شعر و سخن کي دلداده تهي. انهي کي مکان پر مشاعري منعقد هوا کرتي تهي“[5]

پروفيسر محبوب علي چنا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جا جديد رجحانات“ ۾ لکيو آهي ته ”..... ليڪن حيدرآباد ۾ سيد فاضل شاهه جي شخصيت جو وجود عجيب و غريب نتيجن جو حامل هو، پاڻ ۾ (ان دور جي شاعرن جي) طنز ۽ شاعرانه مزاح جي به ڏي وٺ ٿيندي رهي. جنهن آخرڪار، مشاعري جي شڪل اختيار ڪري ورتي. مرحوم امام علي پاٽائي (جو مرحوم علامه آءِ آءِ قاضي جو والد هو) هي مجلسون سندس قيامگاهه تي ئي منعقد ٿيڻ لڳيون...[6]

اوائل ويهين صديءَ جي ادبي ماحول تي نظر ڊوڙائڻ سان معلوم ٿيندو ته عروضي شاعريءَ کي زور وٺرائڻ ۾ لاڙڪاڻو سڀ کان وڌيڪ نمايان نظر ايندو. سنه 1915ع ۾ اتان جي شاعرن ”بزم ادب“ جو بنياد وڌو، جنهن جي سهاري هيٺ ماهوار مشاعرا ٿيڻ لڳا. مشاعرن کي عام ڪرڻ ۽ شعر و شاعريءَ جو شوق وڌائڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي نامياري علمي ۽ ادبي قادري خاندان جي ڪن ادب دوست سڄڻن، سنڌي عروضي شاعريءَ جي سکيا ۽ اشاعت خاطر هڪ رسالو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. آخر 1923ع ۾ لاڙڪاڻي مان ”گلدسته سنڌ“ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو ويو. ان رسالي ۾ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندڙ شاعرن جو ڪلام شايع ٿيندو هو. قادري خاندان مان ميان غلام سرور فقير، ميان غلام عباس جوش ۽ ميان علي محمد قادري هن ڏس ۾ قابل قدر ڪوششون ڪيون. ويتر کين حاجي محمود خادم جهڙو باذوق باصلاحيت ۽ باهمت ساٿي ملي ويو، پوءِ ته مشاعرن جو ذوق شوق ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. سڄي سنڌ مان شاعر لاڙڪاڻي ڪَهي ايندا هئا ۽ پنهنجي ڪلام سان سامعين کي نوازيندا هئا. جيڪڏهن ڪي شاعر ان موقعي تي ڪنهن مجبوريءَ سبب پهچي نه سگهندا هئا ته ڏنل طرح تي ڪلام جوڙي ٽپال رستي موڪلي ڏيندا هئا. مشاعرن جون ڪارروايون ماهوار گلدسته سنڌ کان علاوه هفتيوار ”الحقيقت“ ۾ پڻ شايع ٿينديون هيون.

       ان دور ۾ شاعر گهڻو ڪري غزل پڙهندا هئا. ڪي شاعر مخمس يا مسدس جي صورت ۾ نظم ٺاهيندا هئا، ڪي قطعه به پڙهندا هئا، پر سڀ کان وڌيڪ غزل جي صنف مقبول هئي. اهو مشغلو صرف لاڙڪاڻي تائين محدود نه رهيو؛ پر سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ مشاعرا ٿيڻ لڳا. باليشاهه اسٽيشن ويجهو تعلقي ميهڙ جي هڪ ڳوٺ ناري شريف ۾ پڻ مشاعرن جون محفلون ٿينديون رهيون. انهن محفلن مچائڻ ۾مشهور شاعر، اديب ۽ صحافي مرحوم جمع خان غريب ۽ سيد محمد تقي شاهه حنفي[7] جو وڏو هٿ هو. اتي ”بزم غريب“ قائم ڪئي ويئي جنهن جي سهاري ماهوار مشاعرا ٿيڻ لڳا، جتي آسپاس جا شاعر ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻاهريان شاعر به اچي شريڪ ٿيندا هئا: 8-جنوري 1935ع تي هڪ نعتيه مشاعرو ٿيو هو، ان جي مصرع طرح هيءَ هئي:

”ري خدا ڄاڻي نه ڪوئي عظمتِ حضرت رسول“

ان مشاعري ۾ ٻين شاعرن کان علاوه ٺُل ضلع جيڪب آباد جو مشهور شاعر قادر بخش ”بشير“ به شريڪ ٿيو هو: سندس نعت مان ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا:

ري خدا ڄاڻي نه ڪوئي عظمتِ حضرت رسول،

رحمت العالمين ٿي رحمتِ حضرت رسول،

مصطفيٰ جي ٿي صفت واليل ۾ ياسين ۾،

اُمتين مان ٿي ڀلاري اُمتِ حضرت رسول.

ان کان علاوه ميهڙ ۾ ”بزم بلبل“ جي سهاري هيٺ مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. انهن مشاعرن جو روح روان مرحوم شمس الدين”بلبل“ جو فرزند ميان ضياء الدين”ضيا“ هوندو هو انهن محفلن ۾ لاڙڪاڻه ۽ دادو جا شاعر وڏي ذوق شوق سان اچي شريڪ ٿيندا هئا.

1922ع ۾ قادر بخش بشير جي ڪوششن سان سندس ڳوٺ ميرپور ٻرڙي، تعلقي ٺُل ۾ بزم مشاعره قائم ڪئي ويئي. انهن مشاعرن جا روح روان بشير ۽ عبدالڪرمي گدائي هئا. هر مهيني طرحي مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. آڪٽوبر 1925ع ۾ هيٺين طرح تي مشاعروٿيو هو.

”مائل رهين سدائين بيداد جي طرف“

ساڳئي سال ڊسمبر مهيني ۾ ٿيندڙ مشاعره جي طرح هن ريت هئي.

ارمان! ٿيو نه جانان جو ديدار ڪنهن طرح:

ان طرح تي بشير مرحوم جيڪو غزل لکيو هو، تنهن مان ڪجهه شعر نموني طور پيش ڪجن ٿا:

آه و فغان ۾ ساري وئي زندگي ته ڀي،

”ارمان ٿيو نه جانان جو ديدار ڪنهن طرح“،

صد حيف شاهه خوبان جو دل کسي وري،

ساٿي نه ٿئين ڏکن ۾ مددگار ڪنهن طرح،

پرنور مهلقا ڪر اڱڻ هي بشير جو،

توکان سواءِ نه ٿيندو اي دلدار ڪنهن طرح.[8]

سنڌ جي مشهور شاعر غلام احمد نظامي جي ڪوششن سان سنه 1923ع ۾ هڪ ادبي مجلس قائم ڪئي ويئي، ان جو مرڪز ”اخوان هال“ هو، جيڪو شڪارپوري محلي ۾ واقع آهي. بزم ادب جو باني ۽ روح روان غلام احمد نظامي مرحوم هو، اوسته محمد رمضان اولادي، اوسته سليمان ڇٽن، عبدالحليم عاجز، ڊاڪٽر محمد صديق خاڪي، اوسته حاجي، سيٺ حاجي محمد رمضان مشفق، عبدالرحيم غمگين ۽ حبيب الله فڪري سندس ٻانهن ٻيلي هئا.

”ان دور ۾ مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شيخ عبدالله عبد، نور محمد نماڻو، ماستر هارون امير ۽ علي محمد مسڪين مشاعرن ۾ خاص طور حصو وٺندا هئا. سنڌ مان جيڪي شاعر بذات خود نه اچي سگهندا هئا، سي پنهنجو ڪلام موڪليندا هئا، تن ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، حاجي محمود خادم، جمع خان غريب، قادر بخش بشير، حافظ محمد احسن ۽ سيد اظهر گيلاني جن جو ذڪر باعث مسرت آهي.“[9]

جيئن ته ان دور ۾ گهڻو ڪري غزل لکيو ويندو هو۽ غزل جي معنيٰ ئي آهي عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ؛ تنهنڪري اها شاعري خط و خال، گل و بلبل، هجر و فراق جي طويل راتين ۽ آه و فغان جي مضمونن سان ڀريل هوندي هئي. خمخانئِه عشق جي رنگين محفلن ۾ شاعر، ساقي جي نگاهِ ڪرم جا منتظر نظر ايندا هئا: شعر ۾ رقيب روسيه کي گاريون ڏيڻ ۽ محبوب جي جورو جفا جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهيو ويندو هو. پر آخر هن بزم قومي بيداري طرف ڌيان ڏنو ۽ ان جو مثال نظامي مرحوم جا ٻه مجموعا ”بياض نظامي“ ۽ ”رياض نظامي“ آهن. هتي نظامي مرحوم جي هڪ مخمس جو بند پش ڪجي ٿو، جنهن ۾ هو شاعرن کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو:

عشق جو ۽ حسن جو هاڻي فسانو ڏي ڇڏي،

۽ خيالي ڪوڙ وارو ڪارخانو ڏي ڇڏي،

بلبل و گل جو بنائڻ تون ترانو ڏي ڇڏي،

نظم ٺاهڻ ۽ ٻڌائڻ عاشقانو ڏي ڇڏي،

شاعريءَ سان ملڪ ۾ ڪو جوش پيدا ڪر جدا.

ان بزم ۾ شعر گوئيءَ کان سواءِ اڪثر مجلسن ۾ مختلف موضوعن تي تقريرون ٿينديون هيون، مقالا پڙهيا ويندا هئا. فيچر ۽ ڊراما پڻ اسٽيج ڪيا ويندا هئا.

جنوري 1934ع ۾ بزم ادب جي ڪن سرگرم ڪارڪنن قليچ لٽرري سوسائٽي نالي ادبي جماعت قائم ڪئي. مارچ 1934ع ۾ سوسائٽي طرفان مرحوم مخلص جي يادگيريءَ ۾ هڪ طرحي مشاعرو زير صدارت مخدوم الشعراءِ حاجي محمود صاحب خادم منعقد ڪيو ويو. مقامي شاعرن کان علاوه ٻاهرين شاعرن به ان طرح تي پنهنجو ڪلام وڏي تعداد ۾ موڪليو.

1939ع ۾ محفل ادب نالي هڪ ادبي جماعت ان ئي محلي ۾ وجود ۾ آئي. ان بزم طرفان به مشاعرا ٿيندا رهيا، جن ۾ پرسرام ضيا، محمد جمن هالو، محمد حسين آتش، عبدالله وڳڻ گهڻو حصو وٺندا هئا.

بزم ادب ڪراچي طرفان ڪيئي مشاعرا ٿيا. هڪ مشاعرو 21 آڪٽوبر 1933ع تي ”اخوان هال“ ڪراچي ۾ منعقد ٿيو هو جنهن جي طرح هن ريت هئي:

”مزو انگور جو ميخوار کان پُڇ“[10]

18 نومبر 1933ع ۾ جيڪو مشاعرو اخوان هال ۾ ٿيو، ان جي مصرع طرح هيءَ هئي:

”اي فداءِ قوم و ملت نوجوان بيدار ٿي.“

اهڙيءَ طرح اخوان هال ۾ ادبي مجلسون ٿينديون رهيون، جتي ڪراچي کان علاوه ٻاهر جا شاعر به اچي شريڪ ٿيندا هئا.

18- نومبر 1933ع ۾ جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي طرح هئي:

”هي زندگي اسان جي مثلِ حباب آهي“

ان طرح تي بشير جيڪو نظم پڙهيو سو ملاحظه فرمايو:

بيشڪ شهر ڪراچي دنيا جو باب آهي،

اڄ شاد جنهن ۾ هر هڪ ڏس شيخ و شاب آهي.

پرڇو طبع اسان جي هت خوش نٿي گذاري،

هر دم اسان جي آڏو سالٽ جلاب آهي.

ڪونين جي ڪڙائي، بيزار ڪيو اسان کي،

ڪانول ۽ ڪاسني بس عرق گلاب آهي.

خوراڪ خوش لڳي ٿي هرگز نه هوٽلن جي،

ڪوڙو ڪسارو مون لئه پختو ڪباب آهي.

آب و هوا جي خاطر آياسون هت ڪراچي،

پر هت اڃا زياده حالت خراب آهي.

واپس وري وڃون ٿا پنهنجي وطن عزيزو،

هاڻي هتي رهڻ ۾ ڪهڙو ثواب آهي.

يارن ۽ دوستن کي سڀ کي سلام چئجو،

اڄ موڪلاڻي سڀ کان عالي جناب آهي.

خط جي جواب ۾ ڪا سُستي ڪجو نه هرگز،

واجب اوهان کي ڏيڻو واپس جواب آهي.

ايندڙ مشاعره تي شايد اچي نه سگهندس.

”هيءَ زندگي اسان جي مثل حباب آهي.“

ڳوٺ ملڪاڻي ضلع دادو ۾ 1931ع ڌاري بزم احسن قائم ڪئي ويئي، جا اڃا سوڌو قائم آهي. هن بزم جو صدر شروع کان ڪهنه مشق شاعر حافظ احسن رهيو آهي. هن بزم طرفان ماهوار مشاعرا ٿيندا رهندا هئا، جنهن ۾ ويجهڙائيءَ جا شاعر اچي شريڪ ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ٻاهريان شاعر پنهنجو ڪلام موڪلي ڏيندا هئا، جو ان موقعي تي پڙهيو ويندو هو. مرحوم هدايت علي ”نجفي“ تارڪ هر مشاعره لاءِ پابنديءَ سان ڪلام موڪليندو رهندو هو.

مشهور شاعر ڪشنچند ”عزيز“ پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته، ”کيس ٽين درجي انگريزي کان ئي شاعرانه ماحول مليو. قاسم ۽ بشير کيس پنهنجا ۽ پراوا شعر ٻڌائي محفوظ ڪندا هئا: هنن جون ان دور جي مشهور شاعر واصف سان چڪريون لڳنديون هيون. حيدرآباد ۾ ميرچنداڻي گهٽيءَ، سانول شاهه جو پڙ، ناهين جو پڙ ۽ واڍن جوپڙ مشهور هنڌ هوندا هئا. ناهين ۽ واڍن جي پڙن جي مسجدن ۾ شعر و سخن جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون. آخوند قاسم ۽ فاضل شاهه گذاري ويا هئا، باقي مرحوم عاجز ۽ مرحوم حافظ به اتي ئي رهندا هئا، جي شعر جون محفلون مچائيندا رهندا هئا. اهي سڀ متانت ۽ فضيلت وارا هئا. ڪنهن جي مجال جو سندن ڪچهريءَ ۾ ڪو گستاخي ڪري يا ڪا اجائي بيهودي ڳالهه ڪري. سندن سنگت ۽ صحبت عبرت نما ۽ سبق آموز هئي. هُو سخن چوندي ۽ ٻڌندي وقتي هڪ ٻئي تي چوٽون به ڪندا هئا، ته داد به ڏيندا هئا، مگر اهڙي سليقي سان جو اڳلو خوش ٿئي ۽ نه رنجيدو“[11]

شڪارپور شهر ۾ آغا صوفي ۽ ٻين شاعرن جي ڪوشش سان مشاعرا ٿيندا هئا. مئي 1933ع ۾ سنڌي ساهت سميلن جي موقعي تي هيٺين مصرع طرح تي مشاعرو ٿيو هو.

ٻڌين ٿو ڪين ڇا ٻوڙا اڇي رڳ سان تن تن ٿي“

1934ع ۾ هيءَ طرح ڏني وئي  هئي:

”خُدا پيدا ڪئي ساري خدائي يار جي خاطر“

ٻين مشاعرن جون طرحون هيٺين ريت هيون:

گلرخن سان آ محبت ڪجهه نه ڪجهه.

سج چڙهي آيو مٿي ات ننڊ مان بيدار ٿي.

رخِ مهتاب سهڻي تي اسان جي دل فدائي آ.

سنڌي ساهت سميلن جي سنڌي مشاعرن ۾ نه صرف شڪارپور جا مشهور شاعر حصو وٺندا هئا؛ پر ٻاهريان شاعر به انهن محفلن ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو ڪلام پڙهندا هئا. اهڙيءَ ريت شڪارپور شهر ۾ به مشاعرن جي شمع روشن رهي ۽ جنهن جي جوت سنڌي عروضي شاعريءَ کي خوب چمڪايو.

سنه 1934ع ۾ جيڪب آباد ۾ هڪ بزم مشاعره جو بنياد وڌو ويو، جنهن جو صدر غلام سرور مغل ۽ سيڪريٽري حافظ خير محمد اوحدي هئا. هن بزم جي سهاري هيٺ اوحدي صاحب ۽ مرحوم مغل جي ڪوشش سان ڪيئي مشاعرا ٿيا؛ جيڪي گهڻي ڀاڱي ڪامياب رهيا. اهي مشاعرا مرحوم غلام سرور مغل جي پاڙي ۾ هڪ يتيم خاني ۾ ٿيندا هئا. دراصل اتي ڪو يتيم خانو ڪونه هو؛ پر هڪ ديني مدرسو هو، تنهن جي ڪشادي ايوان ۾ مشاعرن جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون: پر ان جڳهه کي يتيم خانه چيو ويندو هو.

هن بزم جو پهريون مشاعرو سال 1934ع ۾ ٿيو. اهو مشترڪ مشاعرو هو، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردو ٻنهي زبانن جي شاعرن شرڪت ڪئي. انهن شاعرن ۾ مولانا عبدالوهاب صاحب اوسته محمد وارو جيڪو پنهنجي دور جو وڏو عالم هو، سو اچي شريڪ ٿيندو هو. شڪارپور مان مشهور شاعر، اديب ۽ ڊراما نگار آغا صوفي به اچي هن بزم جي مشاعرن ۾ پنهنجو ڪلام پڙهندو هو.

حاجي محمود خادم جي جڏهن ڪراچي بدلي ٿي ته اتي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سان سندس ملاقاتون ٿيڻ لڳيون. جيئن ته ٻئي سٺا اديب ۽ شاعر هئا تنهن ڪري هنن پنهنجي ذوق جي تسڪين ۽ ادب جي واڌاري خاطر پاڻ ۾ صلاح ڪري ڪراچي ۾ هڪ ادبي انجمن قائم ڪئي جنهن جي سهاري هيٺ ماهوار مشاعرا ٿيندا هئا. اهي مشاعرا گهڻو ڪري ڪنهن عنوان تي ٿيندا هئا، شاعرن کي بحر وزن ۽ قافيه رديف وغيره جي آزادي هوندي هئي.

سنڌي زبان جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ پهرين آڪٽوبر 1933ع آچر ڏينهن حڪيم فتح محمد جي جاءِ تي علم دوست هندن ۽ مسلمانن جي هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت حاجي محمود خادم ڪئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ اديبن ۽ شاعرن سنڌيءَ کي عام فهم بنائڻ بابت پنهنجا خيال هڪ ٻئي جي آڏو رکيا. حڪيم فتح محمد صاحب سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ رهندڙ هندن مسلمانن جي هڪ گڏيل وٿ ۽ شراڪتي ملڪيت ثابت ڪري هن ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻوليءَ مان هڪدم مسلمان ڪي هندڪي نڪرڻ گهرجي. ٻولي اهري چالو ڪجي جا مسلمان لکن، ته هندو سمجهن ۽ هندو لکن ته مسلمان سمجهن. جدا جدا نمونن ۾ ٻولي لکڻ ۽ ڳالهائڻ سبب به هندومسلمان هڪ ٻئي کي سمجهي نه سگهيا آهن. آخر حڪيم صاحب جي رٿن ۽ سڀني جي پسنديءَ سان رٿيل سوسائٽيءَ جو نالو ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ رکيو ويو، جنهن جا عهديدار في الحال ڪم هلائڻ لاءِ هيٺيان صاحب يڪراءِ چونڊيا ويا:

پريزيڊنٽ: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي.

وائيس پريزيڊنٽ: مسٽر جي.اين ناگراڻي، ۽ حاجي محمود صاحب لاڙڪاڻوي.

سيڪريٽري: مسٽر گوپي رام رکياڻي.

جوائنٽ سريڪٽري: ميان عبدالله عبد.

 سوسائٽي جا مقصد ۽ متا:

(1) سنڌي ٻوليءَ جي سڌاري، واڌاري ۽ عام فهم بنائڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪرڻ.

(2) ڪراچيءَ ۾ هڪ مرڪزي سنڌي لائبريري برپا ڪرڻ، جنهن ۾ اڳين ۽ هاڻوڪن هندو مسلمان مصنفن جا سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب عام ماڻهن جي پڙهڻ لاءِ موجود ڪرڻ ۾ ايندا.

(3) سنڌي ٻوليءَ جي هڪ پوري ۽ وڏي لغت تيار ڪرڻ.

(4) اڳين ۽ هاڻوڪن شاعرن جي شعر تي سمالو چنا ۽ تنقيد ڪرڻ ۽ علم عروض جي ساهميءَ ۾ پوري ۽ اڻپوري کي جاچڻ.

(5) اڳوڻن ۽ هاڻوڪن لکندڙن جي ليکن ۽ ڪتابن تي رايا ڏيڻ ۽ علم معانيءَ جي ڪسوٽيءَ تي کَري ۽ کوٽي جي پرک ڪرڻ.

(6) علم معانيءَ تي ڪتاب لکڻ، جنهن تي اڳ سنڌيءَ ۾ ڪوبه ڪتاب لکيل ڪونهي.

(7) نظم ۽ نثر لکندڙ جي حياتين جا احوال گڏ ڪري ڇپائڻ.

(8) موجوده گرامر جي ڪتابن کي نظر ۾رکي، نئون گرامر تيار ڪرڻ.

(9) مٿين مقصدن جي پورائي ۽ پٺڀرائي لاءِ هڪ رسالو جاري ڪرڻ، جو ميمبرن کي مفت ڏيڻ ۾ ايندو“[12]

هن سوسائٽي سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. هن مجلس ۾ اهڙا مخلص ڪارڪن شامل هئا، جن کي صحيح معنيٰ ۾ علم ادب جي سڌاري ۽ واڌاري جو وڏو شوق هو. اهي سڀ مخلص ڪارڪن وقت بوقت گڏجاڻيون ڪندا رهندا هئا، جتي سنڌي ادب جي ترقيءَ  لاءِ نه صرف سهڻيون تجويزون سوچيندا هئا؛ پر انهن تي عمل ڪرڻ جي به هر ممڪن ڪوشش ڪندا هئا. هن سوسائٽيءَ کي ادب دوست سڄڻن جو سهڪار حاصل هو، تنهنڪري هن جي سهاري هيٺ ڪيترائي شاندار مشاعرا ٿيا ۽ اهڙي ريت سنڌي مشاعرن کي وڏي ترقي حاصل ٿي.

سنڌي سڌار سوسائٽي جي ڪوششن سان پهريون مشاعرو ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ ”مصرع طرح“ بجاءِ ”عنوان“ ڏنو ويو. ان مشاعره جو عنوان هو: قادر جي قدرت. اهو مشاعره ڪراچي ائڪڊمي جي هال ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت سيٺ غلام علي چاڳلا ڪئي. ان مشاعره بابت عبدالله عبد مرحوم لکي ٿو ته ”انهيءَ مشاعره کي جيڪر ڪانفرنس کڻي چوان، هال ۾ هندو۽ مسلمان ايترا اچي گڏ ٿيا، جو هال تنگ ٿي نظر آيو. ۽ محبت اها، جو نه گوڙ نه تڪرار. اسٽيج تي هڪ پاسي جيڪڏهن الوحيد جو ايڊيٽر وفائي موجود آهي، ته سندس ڀرسان هندو جو ايڊيٽر هيرانند به ويٺو آهي، ۽ هو طويل قامت انسان ”سنسار سماچار“ جو ايڊيٽر به انهن سان ڳالهين ۾ مشغول آهي. ڪير چوندو ته هي هڪٻئي جا حريف آهن. اخباري دنيا ۾ ڀلي هڪٻئي جا مخالف هجن، پر هن پليٽ فارم تي ته بلڪل ڀائر ٿا معلوم ٿين“[13]

هن سوسائٽي جي سهاري هيٺ ٻيا به مشاعرا ٿيا. هڪ ڊي.جي. ڪاليج ۾، هڪ ٿياسافيڪل هال ۾ ۽ هڪ خالقڏنو هال ۾؛ جي سڀ ڪامياب رهيا. انهن مشاعرن ۾ ڪي شاعر پاڻ اچي شريڪ ٿيندا هئا، ته ڪي وري ڪلام موڪلي ڏيندا هئا، جو اتي پڙهيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح سامعين ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ٻڌي سگهندا هئا.

ان زماني ۾ محمد هاشم مخلص، حاجي محمود خادم ۽ عبدالله عبد جا تنقيدي مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا. خادم صاحب رسالي ”اديب سنڌ“ ذريعي نو آموز شاعرن جي ابتدائي غلطين ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو هو.

عبدالله عبد مرحوم جي ڪوشش سان سال 42-1941ع ۾ اسلاميه اسڪول نوآباد ڪراچي ۾ انجمن روح ادب سنڌ جو بنياد پيو. هر هفتي ادبي نشستون ٿينديون هيون، جتي گهڻو ڪري نو آباد ڪراچي جا شاعر اچي ڪَٺا ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٻاهريون شاعر به اچي شريڪ ٿيندو هو ۽ ڪڏهن ٻاهريان شاعر پنهنجو ڪلام موڪلي ڏيندا هئا، جو اتي پڙهيو ويندو هو.

هن کان اڳ مختلف ادبي جماعتن طرفان ٿيندڙ مشاعرن جو اجمالي احوال ڏنو ويو آهي. هينئر ”آل سنڌ ادبي ڪانفرنسن“ جي مشاعرن جو مختصر احوال ڏنو وڃي ٿو.

پهرين ادبي ڪانفرنس:

سال 1921ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ سڏائي ويئي هئي، جنهن جي صدارت شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ مرحوم ڪئي. ڪانفرنس جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو صدر ميان علي محمد قادري هو ۽ سيڪريٽري ميان احمد علي صاحب پرنسپال لاڙڪاڻه مدرسه هو. ڪانفرنس جا سرگرم ڪارڪن حاجي محمود خادم، ميان علي محمد قادري ۽ نواز علي نياز هئا. ان وقت جي ڪليڪٽر مسٽر حامد علي، بزم مشاعره جي سلسلي ۾ ڪارڪنن جي تمام گهڻي مدد ڪئي. ان ڪانفرنس جي مصرع طرح هيءَ هئي.

”ستارو منهنجي قسمت جو اوهان جي مهرباني آ“

هن مشاعره ۾ تمام گهڻن شاعرن شرڪت ڪئي، ۽ مشاعره ڪامياب رهيو. هن ڪانفرنس ۾ سنڌي زبان جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه ٺهراءَ يڪراءِ بحال ڪيا ويا.

فقير هدايت علي تارڪ ان طرح تي هڪ طويل غزل لکيو هو. ان غزل جا چند بيت نموني طور پيش ڪجن ٿا:

ستارو منهنجي قسمت جو اوهان جي مهرباني آهه،

محبت تو سندي مون لاءِ عمرِ جاوداني آهه.

جمالِ يار جو جلوو ٿيو پيدا مظاهر مون،

انهيءَ ديدار ۾ عشّاق جي خوش زندگاني آهه.

ڏٺم حق اليقين سان ناهه ٻيو موجود الا هو،

اگر سيرِ زمين آهي يا سيرِ آسماني آهه.

شرابِ عشق جو پيتم ته ٻيو سڀڪي ويو وسري،

نه ذوقِ عشق و عشرت آهه، نه شوقِ ڪامراني آهه.

فنا ڪيو عشق مون کي حال حلا جي اندر اهڙو،

انا الحق چئي، چڙهڻ سوريءَ مٿي ڄڻ شادماني آهه.

لباسِ فَقر جي راحت نه آهه پوشاڪ دُنويءَ ۾،

جو تختِ خاڪ آڌوتين جي لئه تختِ ڪياني آهه.

جَنين کي روز شب اثبات حق جي آرزو آهي،

انهن اڳيان نه ڪجهه مُوڙي ڪرامت آهه نه ڪاني آهه.

اسان سي رند ساغر نوش آهيون مست متوالا،

جو ميخاني اندر، شغلِ شرابِ ارغواني آهه.

فنا جي پيچ ۾ آخر اچي اعزاز دنيا جو،

اميري يا وزيري يا خطابِ خانداني آهه.

موحد آهه هي تارڪ هڻي نعرو ٿو منصوري،

نه پروا ڪنهن جي نفرت جي، نه خواهش قدرداني آهه.

ٻي ادبي ڪانفرنس:

هيءَ ڪانفرنس 1925ع ۾ حيدرآباد ۾ منعقد ٿي، استقباليه ڪميٽيءَ جو صدر شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ هو ۽ سيڪريٽري حاجي محمود خادم هو.

هن مشاعري جي طرح هيءَ هئي:

”چشم موسيٰ کي به حسرت رهجي وئي ديدار جي“


[1] خانبهادر رسول بخش ”رَهي“ اصل ڀاڳناڙي جو ويٺل هو، فارسي زبان جو نامور شاعر ۽ صاحبِ ديوان هو. سنڌي زبان ۾ به شعر چيو اٿس. مرزا احمد علي قلاتي جو گهاٽو دوست هو، ٻئي گڏجي طبع آزمائي ڪندا هئا. هڪ غزل ۾ هڪ مصرع مرزا صاحب چوندو هوته ٻي مصرع رَهي چوندو هو. هو جڏهن خيرپور ۾ وزير هو، تڏهن حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سندس مدح ۾ هڪ قصيدو لِکي کڻي ويو هو، جنهن جي هڪ مصرع هي آهي:

رهي ميداند آن راهيکه در شعر و سخن باشد

سندس فرزند غلام سرور مغل سنڌي غزل جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي.

[2] ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”ڪليات سانگي“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1979ع ص40، 41.

[3] ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”ڪليات سانگي“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرباد، 1979ع ص 62، 63.

[4] رشيد احمد لاشاري: ”ڪليات گدا“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ سال 1957ع ص 8.

[5] سيد حسام الدين راشدي، ”سنڌي ادب.“ (اردوءَ ۾) پاڪستان پبليڪيشن، ص 93.

[6] پروفيسر محبوب علي چنا ”سنڌي ادب جا جديد رجحانات.“ اداره صالح سيريز، حيدرآباد سنڌ. سال 1974ع، ص 54.

[7] حنفي ان دور ۾ چڱو شاعر هو، سندس متعلق تارڪ فقير فرمايو آهي:

سيدِ حضرت تقي، حنفي تخلص خوش سخن،

شاعرِ عالي دماغ ۽ عاقلِ اهلِ ڪمال.

[8]  ديوان بشير (قلمي) مملوڪه ڊاڪٽر نواز علي شوق، ص 42.

[9] حبيب الله فڪري، ”تحفه ڪراچي“، اپريل 1956ع

[10]  ان طرح تي تارڪ فقير هڪ طويل غزل لکي موڪليو هو.

[11] ”نئين دنيا“ بمبئي، ”عزيز پرچو“: سيپٽمبر 1971ع صفحو 9.

[12] هفتيوار ”الحقيقت“ لاڙڪاڻو، 7-آڪٽوبر 1933ع.

[13] اياز قادري: ”مِٽيءَ لڌو مانُ“، رشيد ائنڊ سنس ڪراچي، سال 1974ع، ص 45.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com