سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :11

هن فن ۾ ٻيو ڪتاب لباب المناسڪ آهي. شيخ رحمت الله سنڌي ساهتي سنڌ جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا جي وڏي فقيهه ابن الهُمام صاحب فتح القدير جو شاگرد آهي. لباب المناسڪ ان لکيو آهي، جو حج جي مسئلن تي مشتمل آهي. ملا علي قاري مڪي ان جي شرح لکي آهي جا مصر ۾ ڇپي آهي.

فتاويٰ پوراني تاليف سيد عبدالوهاب پوراني سنڌي- اهو ڪتاب فقهي فتوائن جو وڏو ذخيرو آهي. قره الانظار شرح تنوير الابصار علامه ابوالطيب سنڌي ٺٽويءَ جي نادر تاليف آهي. هيءَ علامه حصڪفي جي ڪتاب الدرالمختار کان وڌيڪ معتبر آهي، جنهن ۾ صحيح احاديث ۽ روايتن کي آندو ويو آهي. هن جو مصنف جي هٿ جو لکيل نسخو مديني منوره جي حرم جي لائبرري ۾ موجود آهي. علامه ابوالطيب، علامه ابوالحسن سنڌي ڪبير جو همعصر هو. بياض هاشمي فقهه حنفيءَ لاءِ انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکي ٿو ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي تاليف آهي. شاهه ولي الله اڪيڊميءَ طرفان هن جي اشاعت جو انتظام ڪيو ويو آهي. تيرهين صديءَ ۾ سنڌ اندر مخدوم محمد عابد انصاري سنڌي وڏو فقيهه ٿي گذريو آهي، جنهن درمختار جي شرح طوالع الانوار نالي 28 ضخيم جلدن ۾ لکي هئي. هن کان وڌيڪ ڪوبه فقهه جو ڪتاب جامع ٿي نٿو سگهي. هن جو نسخو بقول سيد  سليمان ندوي جرمنيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. مدينه منوره ۾ به متفرق صورت ۾ مولانا مظهر جي اولاد وٽ موجود آهي. لواري شريف ۾ به هن جو نسخو هو، جو اڏيهيءَ جو نذر ٿي ويو.

محمد حسين پنهور

قديم سنڌ جا يوناني ۽ رومي تذڪره نگار

(550ق.م – 160ع)

هن مضمون جو محرڪ نامور برطانوي ليکڪ مسٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جو ڪتاب "Sindh-before Muslim Conquest" (سنڌ-عربن جي فتح کان اڳ) آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. ان ڪتاب جي مطالع کان پوءِ مونکي ڪافي مايوسي ٿي، جو ان ۾ لئمبرڪ جي ٻين ڪتابن ”چارلس نيپئر ائنڊ سنڌ“، ”جان جيڪب آف جيڪب آباد“، ”سنڌ بئٽلس“، ”سنڌ- آ جنرل انٽروڊ ڪشن“ ۽ ”دي ٽير رسٽ“ وانگر تحقيقي ۽ علمي مقام مونکي گهٽ نظر آيو. لئمبرڪ جي مذڪوره ڪتابن جي علمي دنيا ۾ وڏي حيثيت آهي، ان ڪري منهنجيءَ دل ۾ صاحب موصوف لاءِ نهايت عزت آهي.

”سنڌ- عربن جي فتح کان اڳ“ ڪتاب جي مطالع کان پوءِ اهو پهلو بهرحال مون لاءِ ڪجهه خوشيءَ جو سبب رهيو، جو ان موضوع تي لائق مصنف، اڃا به وڌيڪ تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ تجسس ۽ توجهه ڏياريو آهي ۽ اسان پارن تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ ان ڏس ۾ ڪجهه علمي ڪم ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو آهي.

سنڌو تهذيب کان پوءِ هِت آريا آيا. انهن کان پوءِ اخمينين، سڪندر، موريا، بلع يا يوناني، ساڪا يا سٿين، پارٿين ۽ ساساني آيا، جن کان پوءِ راءِ ۽ برهمڻ گهراڻن هِت حڪومت ڪئي. مسٽر لئمبرڪ مذڪور قومن جي آمد ۽ حڪومتن ڪرڻ بابت پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪي معلومات ڏنا آهن، سي اجمالي آهن ۽ سندس ماخذات به محدود ۽ مختصر آهن. تشنگيءَ جي انهيءَ احساس مونکي شوق ڏياريو ته مذڪور دورن بابت تفصيلي معلومات هٿ ڪجن، جيڪي منهنجي اندازي مطابق سَوَن ڪتابن ۾ موجود آهن. دلچسپيءَ جي عالم ۾ 1973ع کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيم. پورا اٺ سال مواد گڏ ڪندو رهيس، مطالع ڪندو رهيس، حوالا ۽ معلومات حاصل ڪندو رهيس. انهيءَ عرصي ۾ موضوع  جي مناسبت سان انگريزيءَ ۾ ڪجهه مضمون به لکيم، جي شايع ٿي چڪا آهن.

1. Cronology of Sind from fall of Mohen jo Daro to the Arab Conquest of Sind. ("Sindh Quarterly", Vol: II, No:I, 1976, Karachi.)

2. Influence of Ancient Sciences including those of Sind on Al-Razi ("Sindhological Studies", Summur, 1977, Published by Institute of Sindhology, University of Sindh, Jamhsoro).

3. Interntional Trade of Sind, 200 B.C-200 A.D. from its port of Barbaricon (Banbhore).

هي مضمون ان سلسلي جو چوٿون مضمون آهي.

هن مضمون پيش ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جا سنڌ شناس عالم (Sindhologists) اهو ڏسن ته يوناني ۽ رومي مصنفن جي ڪتابن ۾ سنڌ بابت ڪيترو نه اهم ۽ اڪيچار مواد موجود آهي.

سنڌ تي مغربي لکندڙن جي شروعات نمايان طور سڪندر جي دور کان ٿئي ٿي، پر ان مواد جي معلومات جا سرچشما سڪندر کان به اڳ ڪيترين ئي صدين تي مشتمل نظر اچن ٿا.

مون پنهنجي مذڪور ٻئي نمبر مضمون ۾ ڄاڻايو هو ته قديم دنيا جي قديم درياهي تهذيبن، مثلاً نيل، سنڌو، فرات ۽ دجله جي وچ ۾ تمدني لاڳاپا گهٽ رهيا آهن. هر هڪ تهذيب وٽ سائنس پنهجي پنهنجي طرز تي ايجاد ٿي، وڌي، ويجهي، پر اها ختم نه ٿي. پراڻين تهذيبن جون جايون نين تهذيبن والاريون، جن ۾ پراڻيون سائنسون به ڪنهن حد تائين مدغم ٿيون. دارا اعظم مٿين ٽنهي تهذيبن جي ايراضين کي پنهنجي شهنشاهيت ۾ داخل ڪيو. سنڌ ۽ مصر تي سندس تسلط تقريباً هڪ سئو سال کان سواءِ سئو سال رهيو. تقريباً 520 ق.م. ۾ يونانين جو ڀونوچ سمنڊ جي تجارت تي قبضو هو ۽ ايران سان تجارت جي اٿينس کي هڪ هٽي هئي. دنيا جي تهذيب جو مرڪز ٽي وڏا درياهه نه هئا، پر ٽي جابلو قومون- ايراني، اسيرين ۽ يوناني-بنيا. ايرانين، يونان جا ڪي حصا سن 479-492ق.م. ۾ قبضي ۾ ڪيا، ۽ نه صرف ان کي صوبائي خودمختاري ڏنائون، پرانهن جي تمدن جي پڻ حوصله افزائي ڪيائون. ان موقعي ملڻ سان يونانين، سنڌ ۽ هند، ميسوپوٽيما، مصر، هٽي ۽ ڪريٽ جي تهذيب ۽ سائنس جو مطالعو ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو ٻيا ٻه هزار سال ساري دنيا يوناني سائنس ۽ فلسفي جي محتاج رهي.

سڪندر اعظم جتي جتي پهتو، اتي جي هر پهلوءَ تي معلومات حاصل ڪرايائين. هتان سنڌ مان مختلف قسمن جا ماڻهو پاڻ سان گڏ بابل وٺي ويو، ۽ اهو به عين ممڪن آهي ته انهن ۾ عالم، حڪيم ۽ ڏاها به شامل هئا.

آيرويدڪ طب جي اصولن ۾ شيون چئن قسمن جون آهن: هوا، زمين، باهه ۽ پاڻي، ۽ چئني شين جون چار خصوصيتون آهن: گرم، سرد، خشڪ ۽ تر. اهو ساڳيو نظريو يونان ۾ هپوڪريٽس (370-460 ق.م) پيش ڪيو. اهڙا ڪئين مثال آهن، جو هندو ۽ يوناني ديومالائن ۾ تقريباً ساڳيا قصا آهن. اها ثقافتي ڏي وٺ سڪندر کان گهڻو اڳ چالو هئي. ۽ ان جا رستا خشڪيءَ سان گڏ سامونڊي پڻ هئا. مون پنهنجي مضمون "Chronology of Sindh" (ڇپيل: Sind Quarterly, Vol II, No I, 1976) ۾ هڪ هزار قبل مسيح کان 626ع تائين تاريخ وار مکيه واقعا ۽ ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. ان مضمون کي بعد ۾ نظرثاني ڪري اضافن سان وڌائي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي، جو پريس ۾ اشاعت هيٺ آهي. قارئين ڪرام ڏسندا ته ان ۾ هر هڪ تاريخي واقعو زنجير جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن کي حوالن وسيلي مربوط (Weld) ڪيو ويو آهي. انهن حوالن ۾ انهن 23 مصنفن جا ماخذ پڻ شامل آهن، جيڪي يوناني ۽ رومي آهن ۽ جن جو اسان جي هن مضمون سان تعلق آهي.

انهن 23 مصنفن کي پڙهڻ کان پوءِ منهنجي اکين اڳيان سنڌ جي بين الاقوامي واپار (International Trade) جو نقشو ڦرڻ لڳو، ۽ ان موضوع تي هڪ مضمون تيار ڪيم، جو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي تحقيقي مخزن "Sindhological Studies" ۾ ٻن نقشن سميت شايع ٿي رهيو آهي.

بهرحال، مان ان نتيجي تي پهچي چڪو آهيان ته سنڌ جي قديم تاريخ – عربن جي دور کان اڳ وارن دورن بابت—جي تفصيلي ۽ جامع مطالع لاءِ انهن 23 يوناني ۽ رومي مصنفن جي تحريرن ۽ ڪتابن کي نهايت غور سان پڙهڻ لازم آهي، جن کانسواءِ سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ۽ تحقيق تشنه تصور ڪيا ويندا.

هن مقالي ۾ جن يوناني ۽ رومي مصنفن جو ذڪر ڪنداسين، تن جي لسٽ هن ريت آهي:

1. هِڪئيٽس

2. اسڪائلتڪس

3. ڪٽيسياز

4. هيروڊوٽس

5. اگزينوفان

6. سڪندر اعظم

7. نيئرڪس

8. ميگئزٿينيز

9. ارسٽوبولس

10. ڪلائٽارچس

11. ايرئٽوس ٿنيسز

12. يوڊوڪسز

13. هپيئلس

14. اسٽرابو

15. اپولونيئس آف ٽيانا

16. ديوڊورس سائڪيولس

17. ڪرٽيس رفس ڪئنٽس

18. پلوٽارچ

19. پيريپلس

20. پِلني دي ايلڊر

21. ڪلاڊيس ٽالمي

22. جسٽينس

23. ايرين

(1) هِڪئيٽس

هِڪئيٽس (Hecataeus) يوناني تاريخ نويس ۽ جاگرافي دان هو، جو سن 550ق.م ڌاري پيدا ٿيو ۽ سن 476ق.م ۾ فوت ٿيو. ميلٽس (Meletus) جو رهواسي هو. ايران جي اخمينين (Achaemenian) شهنشاهيت خلاف آئونين (Ionian) انقلاب جو حامي ۽ هڪ رهنما پڻ هو.

هن هڪ تاريخي ڪتاب (Genealogiae) سن500ق.م ڌاري، ۽ جاگرافيءَ جو ڪتاب ”پريگيسز“ (Periegesis) نالي لکيا، جن ۾ برصغير ۽ سنڌ متعلق به احوال آهن. سنڌ متعلق هن کي اسڪائليڪس کان اطلاع مليو هو.

هن دنيا جو نقشو پڻ تيار ڪيو، جو گول هو. اتر اڌ گول ۾ يورپ ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ ايشيا هئي. اتر ۽ ڏکڻ کنڊن (Continents) جي چوطرف سمنڊ هو. هن جو لکيل مٿيون ڪتاب صفا ضايع ٿي چڪو آهي، پر ان جو مواد هيروڊوٽس استعمال ڪيو، جو سندس مرڻ وقت اٺن سالن جي عمر جو هو. هيروڊوٽس کي تاريخ جو ابو تسليم ڪيو ٿو وڃي، پر منهنجي خيال ۾ اهو خطاب ”هِڪيٽس“ جو حق آهي، جيڪو اُن کان آڳاٽو تاريخ نويس آهي.

سندس ڪتابن ۽ زندگيءَ تي پيئرسن (L.Pearson) پنهنجي ڪتاب Early Ionian Historians جو لنڊن مان 1939ع ۾ ڇپيو، ۾ تنقيد ڪئي آهي. سندس ڪتاب جا جُزا مُلر (C. Muller) پيرس مان سن 1841ع ۾ فرئگيمنٽس (Fragments) جي نالي سان ڇپرايا.

سنڌ متعلق هن هڪ خاص ڳالهه لکي آهي ته سنڌو دريا جي کٻي ڪناري تي (اوڀر طرف) اوپيائي (Opiai) نالي هڪ قوم يا قبيلو (Tribe) رهندو هو، جن وٽ مضبوط قلعو ]شايد پٽالا؟[ هو. ان شهر جي اوڀر ۾ ريگستان هو.

(2) اسڪائلئڪس

اسڪائلئڪس (Scylax) هڪ يوناني هو ۽ ڪئرييانڊا (Caryanda) جو رهواسي هو. هو ڪومصنف نه هو، پر هڪ اميرالبحر هو۽ دارا جي سنڌو ۽ گنڌارا صوبن جي فتح ڪرڻ کان بعد سندس حڪم سان پشاور (Kaspapyrus) کان سنڌو نديءَ جي رستي عربي سمنڊ جي ڪناري تي پهچڻ لاءِ، مڪران جو ڪنارو وٺي، بحرين جي سامهون ايراني نار پار ڪري، عربستاني اُپٻيٽ (Peninsula) جو ڪنارو وٺي، ڳاڙهو سمنڊ پار ڪري مصر پهتو. نيل ندي تائين سڌو پهچڻ لاءِ دارا، مصر جي فرعون بادشاهه نيڪو دوم (Necho-II) جو ٺهرايل واهه، جنهن نيل درياهه کي ڳاڙهي سمنڊ سان ملايو ٿي ۽ لَٽجي ويو هو، وري درست ڪرايو. اهو سفر شايد سنه 514ق.م ڌاري شروع ٿيو ۽ اڍائي سالن بعد ختم ٿيو. هو ايراني نه هو پر يوناني هو ۽ پهريون يورپي هو، جنهن اهڙو سفر ڪيو هجي. سفر جو مقصد هو ته دارا جي شهنشاهيت جي ٻن دوردراز حصن يعني سنڌ ۽ مصر کي پاڻ ۾ ملائڻ. دارا ڪئين خشڪي رستا پڻ قائم ڪيا هئا.

اسڪائلئڪس جو ڪتاب يا جرنل يا لاگ بوڪ يا پيريپلس (Periplus or Cirumnavigation) گم ٿي ويو آهي. سندس متعلق اسان کي هيروڊوٽس (Herodotus) جي چوٿين ڪتاب مان معلومات ٿئي ٿي، جا ناڪافي آهي. سڪندراعظم ۽ سندس ساٿي نيرڪس کي اسڪائلئڪس بابت ڪا معلومات ڪانه هئي. سندس حياتيءَ جي باري ۾ به اسان کي خاص معلومات ڪانهي. سندس ڪتاب پيريپلس (Periplus)، جو هيروڊوٽس استعمال ڪيو، شايد سندس موت بعد چوٿين صدي ق.م. ۾ لکيو ويو هجي.

(3) ڪٽيسياز

ڪٽيسياز (Ctesias) يوناني ڊاڪٽر ۽ مصنف هو، جو عيسوي سن کان تقريباً پنج صديون اڳ زنده هو. ايران جي شهنشاهه ارتازرزس (Artaxerxes) جو سرڪاري طور طبيب هو.

هن ٽيويهن جلدن ۾ ايران جي تواريخ لکي، جنهن مان هڪ جلد گڏيل هندستان جي جاگرافي متعلق هو. ڊيو ڊورس ۽ پلو ٽارچ جن سڪندراعظم جي تاريخ لکي، ان جي ڪتاب مان معلومات ورتي آهي.

ڪتاب گهڻي ڀاڱي گم ٿي چڪو آهي ۽ باقي بچيل جُزا گلمور (J. Gilmore) 1888ع ۾ ڇپرايا آهن. گڏيل هندوستان متعلق جي صفحا آهن، انهن جو ترجمو، تبصره سان گڏ مئڪرنڊل "Indian Anti quary" (انڊين ائنٽي قئاري) ۾ 1882ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپرايو. مضمون جو نالو آهي "Ancieut India as described by ktesia" ۽ ساڳئي سال ڪلڪتي مان ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيو.

ڪتاب ۾ سنڌو ندي، جنگ ۽ صلح جي وقت ۾ هاٿين جي استعمال، باندرن، ڪتن ۽ شينهن جي لڙاين، هندستان جي انصاف، سج ۽ چنڊ جي پوڄا، ماڻهن جي ڪاري رنگ، چاندي جي کاڻين، رڍن، ٻڪرين، جانورن، مٺائي وغيره جو بيان ڪيل آهي، جنهن مان ڪافي معلومات ملي ٿي. پر ڪتاب ۾ هندستان بابت ڪيترا وڌاءَ پڻ آهن، مثلاً لکي ٿو ته ماڻهن جي حياتي 120 کان 200 سال تائين آهي. 20 فوٽ ڊگها نانگ آهن، جن جي پڇ مان زهريلي خوشبوءِ نڪري ٿي. انسانن جو مٿو ڪُتي جي مٿي جهڙو آهي ۽ گهوڙي کان وڏا جهنگلي گڏهه آهن، وغيره.

ڪٽيسياز جي ڪتاب مان ايرين، اسٽرايو، پلني ۽ ٻين ڪيترن مصنفن حوالا ورتا آهن ۽ انهن جي ذريعي مئڪرنڊل ۽ گلمور ڪتاب جا جزا ڪٺا ڪيا، جي تقريباً هزار صفحن تي مشتمل آهن.

(4) هيروڊوٽس

هيروڊوٽس (Herodotus) جي پيءُ جو نالو لائڪسز (Lyxes) هو. ايشا مائنر جي شهر هئليڪار ناسز (Halicarnasus) ۾ سنه 489ق.م ۾ پيدا ٿيو، ۽ سنه 420ق.م ۾ وفات ڪيائين. ان وقت جي سياسي بدامني ڪري پهريائين سئموس (Samos) ۽ پوءِ اٿينس ۾ وڃي رهيو، جتي پنهنجي مشهور زمانه تاريخي تحقيق جو ڪم شروع ڪيائين.

تاريخي مواد حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪيترا سير ۽ سفر ڪيا، جيڪي کيس واپار سانگي ميسر ٿيا، جن مان مصر، ڪاري سمنڊ وارا علائقا، سٿيا، بابل، نهر دجله، سائيرين (لبيا جي ڪناري تي)، اُتر آفريڪا، ايشا مائنر ۽ يوناني ٻيٽ خاص اهميت وارا هئا. سندس تاريخ نوَن ڪتابن ۾ آهي، ان ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ باب ٽيون ۽ ستون آهن. ٽئين باب ۾ ڪئمبيس ۽ دارا پهرين جون فتوحات ۽ ستين باب ۾ اگزرزز (Xerxes) جون يونان تي ڪاهون بيان ٿيل آهن. هي پراڻي زماني جي ٻي تاريخ آهي، جا نثر ۾ لکي ويئي هئي. پهرين تاريخ هڪئيٽس جي هئي. هيروڊوٽس جي چوٿين ڪتاب ۾ اسڪائلئڪس (Scylax) جو پشاور کان وٺي سنڌو درياهه ۽ پوءِ عربي سمنڊ کان ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) رستي مصر سان ڳنڍڻ جو احوال ڏنل آهي. اهو سفر شهنشاهه دارا جي حڪم تي ڪيو ويو ۽ مقصد هو ته گنڌارا ۽ سنڌ صوبن کي ميسوپوٽيما ۽ مصر سان واپار خاطر ملايو وڃي.

هيروڊوٽس جي تاريخ ضايع ٿيڻ کان بچي ويئي آهي، ۽ ڪيترا دفعا ڇپجي چڪي آهي. تازه ترين انگريزي ترجمو جوسيلنڪورٽ (Aubry de Selincourt) ڪيو ۽ لنڊن مان 1954ع ۾ "Herodotus, The Histories" جي نالي شايع ٿيو آهي. پر ڏسڻي (Index) جي غير موجودگيءَ ۾ ان جو مطالع ڪافي تڪليف ڏيندڙ آهي. ان کانسواءِ هيرو ڊوٽس جي تاريخ جا هي ترجما به ٿيا آهن:

(1) G. Rawlinson and Rev. Oanon: "History of Herodotus", 4 Vols. London, 1856-60.

(2) G. Rawlinson and J.G. Wilkinson: "History of Herodotus", London, 1875.

(3) G.C. Macawly: "Herodotus", London, 1904.

(4) O. Hude, "Herodotus-History" Oxford, 1913-14.

انهن کان اڳ رينيل (Renell, James F.R) سنه 1830ع ۾ لنڊن مان "Geographical System of Herodotus" نالي ڪتاب شايع ڪيو.

انهي تاريخ کانسواءِ، اخمينين جي سنڌ جي فتح، سنڌ ۾ نظام حڪومت، واپار، سنڌ جي پيدائش مثلاً ڪمند ۽ ٻين فصلن، اڪسائليڪس جو درياهي سفر، سنڌ تي لڳايل ڍل ۽ 480ق.م. ۾ سنڌ جي سولجرن جو ايراني بادشاهن طرفان يونانين سان جنگ جو احوال، اسان کي معلوم نه ٿي سگهي ها.

مون پنهنجي مضمون "Internaitonal trade of sind", 200 B, C-200 A.D جو "Sindhological Studies" ۾ ڇپجي رهيو آهي، اسڪائليڪس جي سفر ۽ ان کان بعد ٻين ٽن صدين ۾ ان سلسلي جي پوءِ واري ۽ آخر ۾ سنڌ کي انهي واپار مان  فائدن تي روشني وڌي آهي.

(5) اگزينوفان

اگزينوفان (Xenophon) 354-430ق.م. ۾ زنده هو، اصل يوناني هو پر اسپارٽا ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي وفات ڪيائين. قديم دنيا جي وڏي ۾ وڏي لڙائيءَ ۾، جا سائرس دوم (Cyrus II) ۽ سندس ڀاءُ اراٽازرزس (Arataxerxes) جي وچ ۾ ٿي، ان ۾ حصو ورتائين. هن ڪئين تاريخون لکيون جن ۾ سائرس اعظم (Cyrus the great) جي زندگي سائرو پيڊيا (Cyropaedia) ۽ مٿئين جنگ جو ذڪر يا Anabasis مان، اخمينين ايرانين جي حڪومت، انتظام، جنگ جي اوزارن وغيره تي احوال ملي ٿو، جنهن جو واسطو سنڌ سان به آهي.

سندس ٻه ڪتاب ڪيترا دفعا ڇپجي چڪا آهن، جن مان تازه ترين هي آهن:

1. Rex Warner (traslater), The Persian expedition, London, 1975.

2. Walter Miller (translator) Cyropaedia, 2 Volumes, London, 1914,

(6) سڪندراعظم

سڪندراعظم (Alexander the Great) مئيڪيڊونيا جو بادشاهه ۽ فلپ ٻئي (Philip II) جو پٽ هو. سن 323-356ق.م. تائين زنده رهيو. ايران، افغانستان، سرحد، پنجاب ۽ سنڌ فتح ڪيائين. سڄا سارا ڏهه سال انهيءَ فتح ۾ صرف ڪيائين. پاڻ ڪو مصنف ڪونه هو، پر پاڻ سان ڪيترا تاريخدان کنيائين، جن مفتوح علائقن تي تحقيق ڪئي ۽ سڪندر جي تاريخ لکي. ان لحاظ سان سڪندر جو قديم زماني جي اتهاس (Literature) ۾ تمام وڏو حصو (Contribution) آهي. ان قسم جي جستجو شايد ڪنهن مشڪل سان ڪئي هوندي. هندستان ۾ گپتا گهراڻي وارن جي سائنس جي ميدان ۾ ترقي ۽ اڪبراعظم جي ادب نوازي تقريباً سندس مقابلي جي ئي آهي. سندس تذڪره نگارن ۾ سندس ويڳو ڀاءُ ٽالمي (Ptolemy)، جو پوءِ مصر جو بادشاهه ٿيو، ارسٽوبولس (Aristobolus) ۽ اميرالبحر نيئرڪس (Nearchus) شامل آهن. انهن ٽن تواريخ نويسن تان ڪئلسٿينس (Calisthenes)، آنيسيڪريٽس (Onesicritus) ۽ ڪلائٽارچس (Cleitarchus)، سڪندر متعلق رنگ آميزي قصا (Romantic ficiton) لکيا، جي وري پلوٽارچ (Plutarch)، ڪرٽيس رفس (Curtius Rufus) ۽ ڊيوڊورس سڪيولس (Diodorus Siculus) استعمال ڪيا، وقت بوقت اها ڪهاڻي بدلبي رهي ۽ جامي جو سڪندر نامون انهيءَ ڪهاڻي جي هڪ ڪڙي آهي.

سڪندر برصغير ۾ وارد ٿيڻ کان پوءِ اونسي ڪريٽيرس (Onici Craterus) تي ڪم رکيو ته سنڌو ندي وارن علائقن متعلق تحقيقات ڪري. ڪريٽيرس جي معلومات مطابق سنڌ ۾ مذهبي رهنما (جيڪي جين يا ٻڌ ڌرم جا ڀڪشو يا برهمڻ ٿي سگهن ٿا) طاقتور ۽ عوام جي خيالن تي قابض هئا. ملتان (جو ان وقت سنڌ جو حصو هو) ۽ الور ۾ سورج ديوتا جا عبادتگاهه هئا. انهن مذهبي رهنمائن سنڌ جي جابلو علائقن جي بادشاهه سمبس (Sambus) کي سڪندر جي خلاف آڀاريو. هنگلاج (ضلع لس ٻيلو، جو ان وقت سنڌ جو حصو هو) جي عبادتگاهه ۾ انسان جي قرباني عام هئي.

سڪندر جو نالو روماني (Romantic) قصن مشهور ڪيو، جن جو پهريون مصنف ڪئيلز ٿينسز هو. اهي قصا يوناني، رومي، آرمينين، سرڪ (Syric) عربي ۽ ايراني مصنفن مشهور ڪيا ۽ هڪ ڪتاب مان ٻئي ۾ تبديل ٿيندا رهيا. ايراني تواريخي شاعرن فردوسيءَ ۽ جامي هن کي دارا جو پٽ بنايو. ڪرستانن وٽ هو درويش تسليم ڪيو ويو ۽ مسلمانن وٽ پيغمبر بنيو. آخر ابوالڪلام آزاد کي ظاهر ڪرڻو پيو ته يوناني سڪندراعظم، قرآن شريف وارو سڪندر ذوالقرنين ناهي. سڪندر ارسطو جو شاگرد هو. هن کي هيروڊوٽس ۽ اسڪائليڪس متعلق ڪا معلومات ڪانه هئي. جنهن وقت سڪندر سنڌ ۾ آيو ان وقت سنڌ ۾ هيٺيون حڪومتون هيون:

1. مئلوئي (Malloi) جا شرڪوٽ ساهيوال کان وٺي ملتان ۽ اُچ تائين هئي.

2. آڪسيڪئنس (Oxycanus) جنهن جي حڪومت ڪنڪوٽ کان وٺي درياء جي سڄي هٿ تي جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، سبي ۽ ڪڇي ضلعن ۾ هئي.

3. ميوزيڪئنس (Musicanus) جنهن جي حڪومت درياء جي کٻي ڪناري تي اُچ کان وٺي بهاولپور، رحيم يارخان، سکر، خيرپور ۽ نوابشاهه ضلعن ۾ هئي.

4. سئمبس جنهن جي حڪومت دادو ضلعي ۾ سيوهڻ، نئينگ تائين هئي.

5. ۽ 6. موئرس (Moeris) يا شايد موريا جي ساڳئي خاندان جا ٻه فرد هئا. هڪ جي حڪومت درياه جي اڀرندي واري شاخ، جا سانگهڙ، ميرپور خاص ۽ بدين ضلعن ۾ هئي ۽ ٻئي جي حڪومت درياه جي اولهه واري شاخ جا ٺٽي ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ هئي.

7. اريبٽي (Arabitai) حڪومت دادو ۽ ٺٽي ضلعن جي ڪوهستان وارن حصن ۽ ڪراچي ضلعن ۾ هئي.

8. اوريٽاءِ (Oreitai) جا لَس ٻيلي ضلعي ۾ هئي.

9. ڪڇ اُن وقت هڪ ٻيٽ هو. سنڌ جو حصو هو، پر سندس حاڪم جونالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

سڪندر جي سنڌ، هند ۽ ايران فتح ڪرڻ جا ڪي خاص نتيجا هي نڪتا:

1. هن شادين رستي يونانين، ايرانين ۽ هندوستانين کي تهذيبي طور هڪٻئي جي قريب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.

2. فوجي ۽ ديواني ڪم علحده ڪيا ويا.

3. هڪ نئون سڪو (Currency) جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ سون سان گڏ چاندي به استعمال ڪئي وئي.

4. يوناني ٻولي بين الاقوامي واپار ۽ تعلقات ۾ استعمال ٿيڻ لڳي ۽ خاص طور تي سائنس جي ڪتابن ۾.

5. سنڌونديءَ کي فرات ۽ دجله سان نيئرڪس جي سفر ملائي انهن ملڪن ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ملڪن کي سنڌ ۽ هند سان ملايو. انهيءَ موضوع تي مون پنهنجي مضمون Internaitonal trade of Sindh 200 B.C-200 A.D. through its port of  Barbaricon (ـسنڌ جو بين الاقوامي واپار- سندس باربريڪان بندر جي وسيلي“) ۾ ڪافي بحث ڪيو آهي.

(7) نيئرڪس

نيئرڪس (Nearchus) ڪريٽ جو رهواسي، سڪندراعظم جو گهَرَو دوست ۽ سندس سنڌ مان رواني ڪيل بحري ٻيڙن جو اميرالبحر هو. سندس خاص ڪاميابي اها هئي ته هو سنڌو درياه ۾ استعمال ٿيندڙ، سڌي تري وارن ٻيڙين (Flat bottom boats) جي ذريعي مڪران جو ڪنارو وٺي، ايراني نار رستي درياه دجله جي منهن تي پهتو. حقيقت ۾ اهو رستو ميسو پوٽيما جي حاڪم سارگن ٻئي (Sargon-II) جي دور ۾ يعني عيسوي سنه کان 2200 اڳ به استعمال ٿيندڙ هو، پر انهيءَ جي نه دارا کي خبر هئي، جنهن انهيءَ ڪم لاءِ اسڪائليڪس کي مقرر ڪيو ۽ نه وري سڪندر کي، جنهن نيئرڪس کي 80 جهازن سان ان رستي ايراني نار جي منهن تي پهچڻ جو حڪم ڏنو. اهو سڄو احوال مون پنهجي مذڪور مضمون "Internaitonal trade of Sind" 200 B.C-200 A.D. ۾ ڏنو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com