سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :8

ھن قسم جي ڇت ۾ اھا خامي آھي تھ اھا سڌي سطح (Plain Surface) نٿي رھي. آخري ڇيڙن وارن حصن کي افقي ڇڪ (Horizontal thrust) کان روڪڻ لاءِ لوھھ جي جئائسٽ جي ٻاھرين جوڙن (Pairs)  وٽ ٻنڌ سيخون (Tie rods) لڳايون وينديون آھن. ٽاءِ راڊس ٦ فوٽن جي مرڪزي (6 feet centre to centre) مفاصلي تي ھئڻ گھرجن. جئڪ آرچن جا گھيرا (Rings)  اڀ سرا (Brick on edge) يا سڌين سرن (Bricks on flat) جا ھئڻ گھرجن.

6-2 :6 رينفورسڊ برڪ ڇتيون

(Reinforced Brick Roofs)

        ھي ڇتيون پڻ آر-سي-سيءَ جي ڇتين وانگر  ۽ سڌيون ھونديون آھن، فرق صرف اھو ھوندو آھي جو سيمينٽ ڪانڪريٽ جي جاءِ تي سرون استعمال ڪيون وينديون آھن. سرن ۾ ڇت جي ڊيگھھ ۽ ويڪر جي طرف لڳاتار جوڙ ڇڏيا ويندا آھن ۽ انھن جوڙن ۾ ڊزائن مطابق لوھھ جو سريو استعمال ڪيو ويندو آھي. جوڙن جي ٿولھھ ٽي ڀاڱي چار انچ رکي ويندي آھي، جنھن  اندر سيمينٽ ۽ ريتيءَ جو مسالو ڀريو ويندو آھي. جيڪڏھن جوڙن کي سيمينٽ ڪانڪريٽ سان ڀرڻو ھجي تھ انھيءَ صورت ۾ جوڙن جي ٿولھھ ڏيڍ انچ کان ٻن انچن تائين رکڻ گھرجي. مکيھ سريو (Main reinforcement) ٿوري فاصلي طرف ۽ ورڇيندڙ سريو (Distribution bars) وڌيڪ فاصلي طرف وجھڻ گھرجي ۽ ورڇيندر سريو مکيھ سريي جي مٿان لڳائڻ گھرجي. رينفورسڊ برڪ جي ڪم جي ٿولھھ ھڪ سر جي ٿولھھ کان ٻن سرن جي ٿولھھ تائين ھئڻ گھرجي. ٻيءَ صورت ۾ وڌيڪ ٿولھھ واري ڇت نھايت ئي مھانگي پوندي.

        ڇت جي مٿان ٻيو سمورو ڪم ائين ڪرڻ گھرجي جيئن آر-سي-سيءَ جي ڇت لاءِ ڄاڻايل آھي.

        ھن قسم جون ڇتيون ڀروسي جھڙيون نھ ٿيون رھن ۽ انھيءَ سبب ڪري گھٽ استعمال ٿين ٿيون.

6-2 :7 ڇتين جا چند وڌيڪ متفرقھ قسم

(Miscellaneous types of roofs)

 

     (الف)  ڇپرن واري يا ڪکائين ڇت

 (Thatched roof)

        ھن قسم جون ڇتيون عام طرح سان ٻن طرفن کان سلامي ڏيئي ٺاھيون وينديون آھن، جيئن برسات جو پاڻي ڇت جي مٿان بيھي نقصان نھ پھچائي.

        ھن قسم جي ڇت ٺاھڻ لاءِ 1 ½ انچ ڊايا ميٽر جي بانس جا ٽڪڙا ھڪ فوٽ جي پور وڇوٽيءَ جي مفاصلي تي رکي ۽ انھن جي خلاف گوني ڪنڊ تي ڇھن انچن جي پور وڇوٽيءَ جي مفاصلي تي چڱيءَ طرح لڪڙا ٻڌي جوڙ جڪ (Frame work) ڪئي ويندي آھي. انھيءَ بعد ٦ انچن کان ١٢ انچن جي ٿولھھ تائين سر، ٽوئا يا ڇپريون، ٽن ٽن انچن جي تھن جي صورت ۾ چاڙھيون وينديون آھن. اڪثر طور تي پھريون تھھ بانس جي لڪڙن سان جوڙي جڪي تيار ڪري چاڙھيو ويندو آھي. ڇت جي رال (Pitch) ٣٥ ڊگرين جي لڳ ڀڳ رکي ويندي آھي.

        ھن قسم جي ڇت اگر ھنرمندي ۽ ڪاريگري سان ٺاھي وڃي تھ سٺي نموني اڻ ٽمندڙ ۽ پاڻيءَ روڪ رھي ٿي. انھيءَ کان سواءِ ھن قسم جي ڇت ۾ باھھ لڳڻ جا امڪان تمام گھڻا رھن ٿا ۽ اڏوھي ۽ جيت لڳڻ جو خطرو پڻ رھي ٿو. جيڪڏھن انھن سڀني خطرن کان احتياط ڪيو وڃي تھ ھن قسم جي ڇت جو مدو ١٥ سالن کان وڌيڪ نھ ٿو رھي.

(ب)  ائسبيسٽاس سيمينٽ جي ناليدار چادرن جي ڇت

(Asbestos cement corrugated sheet roofing)

        ھن قسم جي ڇت نھايت ئي عمده قسم جي ائسبيسٽاس ۽ سيمينٽ جي گڏيل مرڪب مان ٺھيل اھڙين چادرن سان ڍڪي ٺاھي ويندي آھي جن ۾ ڪنھن بھ قسم جو نقص جھڙوڪ ڦوٽ، ڏار، ڀڳل ڪنڊون ۽ پاسا وغيرھ نھ ھئڻ گھرجن. ھن قسم جي ڇت ۾ ڪٽ يا زنگ (Rust)  لڳڻ جو خطرو نھ ٿو رھي. ھنن تي نھ اڏوھي لڳي ٿي سگھي ۽ نھ ئي وري انھن تي رنگ ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي، البتھ سردين ۾ انھن جي ھيٺان آلاڻ پيدا ٿي پوي ٿي. ھن قسم جي ڇتين ۾ باھھ جو مقابلو ڪرڻ، ۽ موسمي اثرن کي ڪنھن حد تائين روڪڻ جي خاصيت رھي ٿي.

        ھنن ڇتين ۾ (7mm) 9/32 in. واري ٿولھھ جي چادرن استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ ڪامن (Purlins)  جي وچ ۾ وڌ ۾ وڌ ٥ فوٽ ٣ انچ  (1.6m) جو فاصلو ۽ ¼ انچ  (6 mm) جي ٿولھھ وارين چادرن جي حالت ۾ ٤ فوٽ ٦ انچ (1.4 m) ھئڻ گھرجي.

        چادرن جو لسو پاسو ھميشھ مٿان ۽ وڪڙن وارو پاسو ھيٺان ھئڻ گھرجي. انھيءَ کان سواءِ پاسي وارو چڙھاڪو (Side lap) گھٽ ۾ گھٽ اڌ وڪڙ جيترو، جيڪو عموما (4.5 cm) 13/4" جي برابر ھوندو آھي ۽ ڇيڙن وارو چڙھاڪو (End lap)  گھٽ ۾ گھٽ (15 cm) 6" جي برابر ڏنو وڃي. جڏھن تھ پاسن وارا آزاد حصا گھٽ ۾ گھٽ (40 cm) 1'-4" اڌارن کان ٻاھر نڪتل ھئڻ گھرجن.

        چادرن کي قابو ڪرڻ لاءِ آڌار وارين پٽين وٽ چادرن جي وڪڙن جي چوٽين (Crowns) ۾ (8 mm) 3/16" جا ڊرل مشين رستي سوراخ ڪڍي قلعي دار j  (Galvanised) ۽ L جي صورت وارا ڪنڍا (Hooks)  استعمال ڪري ڏامر ۽ قلعي دار (Galvanised iron) وائيسر (Washer)  ڏيئي انھن کي چادرن مٿان، نٽ پٺيان نٽ جي حساب سان جڪڙيو وڃي ۽ انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال ڪيو وڃي تھ سوراخ ڪڍڻ واسطي چادرن کي ڪنھن ٻيءَ شيءِ سان ھرگز ڀڳو ۽ چيريو نھ وڃي انھن نٽن کي پھريائين ڍرو ڇڏيو وڃي ۽ جڏھن ڪافي چادرون وڇائجي وڃن تھ پوءِ انھن کي سوڙھو ۽ قابو ڪيو وڃي. سوراخن جو قطر (Diameter)  استعمال ٿيندڙ بولٽن جي قطر کان 1/16 انچ وڌيڪ ھئڻ گھرجي. نقصان کان بچاءُ واسطي چادرن کي مٿي چاڙھي وڇائڻ لاءِ تختا يا ڏاڪڻون استعمال ڪرڻ گھرجن. جيڪڏھن ڪنھن بھ چادر کي نقصان پھچي تھ انھيءَ کي اڇلائي خارج ڪرڻ گھرجي ۽ انھيءَ جي جاءِ تي ٻي چادر استعمال ڪجي. تمام گھڻي احتياط ڪندي بھ جيڪڏھن انھن چادرن ۾ ڪي نظر انداز ڪرڻ جوڳا ٽنگ ٿي پون تھ انھن کي ڏامر يا ٻئي ڪنھن اھڙي مرڪب سان بند ڪري سگھجي ٿو بشرطيڪ انھن مان پاڻي ٽمي نھ سگھي.

ھتي صفحو نمبر ٨١ تي موجود تصوير لڳندي

شڪل نمبر ١٩

(اسبيسٽاس سيمينٽ جي چادرن جو ڇتيون)

        ھن قسم جي ڇتين ۾ استعمال ٿيندڙ ائسبيسٽاس سيمينٽ جي چادرن جا ٽي قسم ٿيندا آھن جن جو ڪجھھ تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو.

(i)  ايورائيٽ بگسڪس : (Everite Bigsix)

        ھن قسم جون چادرون 2.758  فوٽ (7 cm) ويڪريون ١.٣١٢ فوٽن کان ٨٤.٩ فوٽ (٤.٠ ميٽر کان ٣ ميٽرن تائين) ڊگھيون ۽ ¼ انچ (6 mm)  ٿلھيون ٿينديون آھن. انھن ۾ مجموعي طرح سان ٥.٧ وڪڙ ٿيندا آھن ۽ ھڪ کان ٻئي وڪڙ تائين اٽڪل  5 ¾ انچن جو مفاصلو ٿيندو آھي، جڏھن تھ وڪڙ جي چوٽيءَ ۽ تري يعني ھيٺ تائين اوچائي ١٣.٢ انچ (5.4 cm)  ٿيندي آھي.

(ii) ايورائٽ اسٽئنڊرڊ : (Everite Standard)

        ھي چادرون ٻن قسمن جون ٿينديون آھن.، ھڪڙيون ننڍيون چادرون ۽ ٻيون وڏيون. ننڍيون چادرون ٥.٢ فوٽ (76 cm)  ويڪريون 3 ½ فوٽن (1.07 mm)  کان  12 ½ فوٽن (3.9 m) تائين ڊگھيون ۽ ¼  انچ (6 mm)  ٿلھيون ٿينديون آھن. ھن ۾ وڪڙن جي اوچائي ھڪ انچ (2.54 cm)  کان  1.13"  (2.86 cm) تائين ۽ ٻن وڪڙن جي وچ ۾ درمياني مفاصلو ٠٩.٢ انچ (5.3 cm) ٿيندو آھي ۽ ھر چادر ۾ ٥.١٠ وڪڙ (Corrugations)  ٿيندا آھن. وڏيون چادرون 3 3/8 فوٽن کان  3 ½ فوٽن تائين (٠٥.١ ميٽرن کان ١.١٠ ميٽرن تائين) ويڪريون، 3 3/8 فوٽن کان ١٠ فوٽن تائين ( ٠٤.١ ميٽرن کان ٠٥.٣ ميٽرن تائين) ڊگھيون ۽ ¼ انچ (6 mm) ٿلھيون ٿينديون آھن. ور وڪڙن جي اوچائي 3/16" (اٽڪل ٥ سينٽيميٽرن کان ٥.٤ سينٽيميٽرن تائين) ۽ ان وڪڙن جي وچ وارو مفاصلو 5 ¾ انچ (146 cm) ٿيندو آھي.

(iii) ٽرنال ٽريفورڊ : (Turnal Trafford)

        ھي چادرون اٽڪل 3 5/8 فوٽ (١٣.١ ميٽر) ويڪريون، ٤ فوٽن (١.٢٢ ميٽر) کان ١٠ فوٽن (3.05 m) تائين ڊگھيون ھونديون آھن ۽ ھنن شيٽن ۾ ور وڪڙن جو تسلسل نھ ھوندو آھي، بلڪ ھر وڪڙ کان پوءِ ھموار سطح ھوندي آھي. ھر چادر ۾ اٽڪل چار وڪڙ ٿيندا آھن. ھن قسم جون چادرون وڏين عمارتن جھڙوڪ گودامن، سينيما گھرن ۽ ڪارخانن ۾ استعمال ٿينديون آھن.

(ت) لوھھ جي جستي ۽ ناليدر چادرن جون ڇتيون

: (Galvanised Corrugated Iron Sheet Roofing)

        ھن قسم جي ڇتين ۾ ١٦ گيج کان وٺي ٢٤ گيج جون لوھھ جون جستي ۽ ناليدار چادرون استعمال ڪيون وينديون آھن. استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ انھن ڳالھين جو خاص خيال رکيو وڃي تھ ھن قسم جي ڇت ۾ ڪم ايندڙ شيٽون چڱيءَ طرح ۽ بلڪل پختيءَ طرح جستي ملمعي چڙھيل آھن. جيڪڏھن انھن پڙ ڇن ۾ ڪٽ، سفيد پائوڊر جھڙا ٽڪرا، گاٺ ۽ ڦوٽ نظر اچي تھ اھڙن پڙڇن (Sheets) کي ھرگز استعمال نھ ڪجي.

        ھيءُ پڙڇ ھميشھ ڪاٺ يا لوھھ جي گرڊرن ۽ ڪامن (Purlins) مٿان ڇھن انچن (15 cm) جو ڇيڙن وارو چڙھاڪو (End Overlap) ۽ ٻين وڪڙن (Corrugations) جو ھر سائيڊ کان سائيڊ وارو چڙھاڪو (Side lap) ڏيئي رکيا ويندا آھن. پڙڇن کي قابو رکڻ لاءِ ڪامن مٿان چاڙھڻ کان اڳ ۾ کين زمين تي رکي گھربل ھنڌن تي ڪنھن تکي اوزار سان ٽنگ ڪڍي، انھيءَ بعد مٿي چاڙھي کين بولٽن، اسڪرن، ڪلين ۽ ڪوڪن (Rivets) وغيره سان قابو ڪرڻ گھرجي ۽ اھي سوراخ ھنن چادرن ۾ ھيٺان کان مٿي پار ڪرڻ جي حساب سان ۽ ھميشھ وڪڙن جي چوٽيءَ وٽ ڪڍڻ گھرجن. انھن شيٽن کي ھميشھ ملمعي وارن نٽن، بولٽن، ڏامر جي وائيسرن (Washers)  ۽ جستي ملمعي وارن وائيسرن وسيلي ڪامن (Purlins) سان مضبوط ڪري جڪڙيو وڃي. اھي ڪنڍا ۽ بولٽ 5/16 يا ٨ ملي ميٽر جي قطر جا ۽ L يا J جي شبيھھ جا ٿيندا آھن. پيچن ھيٺان واشر مضبوطي حاصل ڪرڻ لاءِ لڳايا ويندا آھن. ھنن پڙڇن کي لڳائڻ وقت انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال ڪيو وڃي تھ پلون وٽ انھيءَ چادر جي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ نالي (Corrugation) ٻيءَ ناليءَ جي مٿان چڙھيل ھجي ۽ ڊگھا پاسا ٣ انچن کان ٥ انچن تائين (يعني ٧.٥ سينٽيميٽرن کان ١٤ سينٽيميٽرن تائين) ھڪ ٻئي مٿان چڙھيل ھئڻ گھرجن. ھن قسم جي ڇت ۾ ڪم ايندڙ چادرون ٢ فوٽ ٣ انچن کان ٤ فوٽ ٤ انچن ( 65 cm کان 126 cm) تائين ويڪريون، ٥ فوٽن کان ١٥ فوٽن (٥.١ ميٽر کان ٥.٣ ميٽرن) تائين ڊگھيون 1/16 انچن کان ¼ انچ (1.66 mm کان 6.56 cm) تائين ٿلھيون اٺن (٨) وڪڙن سان ۽ ھر ھڪ وڪڙ جي وچ کان ٻئي وڪڙ (pitch) جي وچ تائين ٣ انچن (7.6 cm) جي مفاصلي واريون ٿينديون آھن. ھيءُ پڙڇ تور ۾ ھلڪا ۽ لڳائڻ (Fixing) ۾ سولا ٿين ٿا. البتھ موسمي اثرن کي روڪڻ لاءِ ٺيڪ نٿا رھن ۽ انھن منجھان گرمي توڙي سردي آسانيءَ سان لنگھي (To transmit) سگھي ٿي. بھرحال ھيءُ پڙڇ پائيدار ۽ باھ جو مقابلو ڪرڻ جي لائق آھي.

        ھن قسم جون ڇتيون 1:5 جي تناسب کان وڌيڪ سڌيون نھ رکڻ گھرجن ۽ عام طور 1:2 جي تناسب واريون ڇتيون بھتر رھن ٿيون. 1:2 ½ جي تناسب وارين نصب ڪيل (Pitched) ڇتين جي صورت ۾ ڇيڙي وارو چڙھاڪو (End overlap) ٩ انچن (23 cm) کان گھٽ ھئڻ نھ گھرجي.

         ھن قسم جون ڇتيون ڇاپرن (Sheds) ۽ ڪارخانن وغيره لاءِ استعمال ڪيون وينديون آھن. ھن قسم جي ڇتين جو مٿاڇرو ھڪ ڪرو ھئڻ گھرجي ۽ انھن شيٽن جا ور وڪڙ (Corrugations) سڌا ۽ ھموار ھئڻ گھرجن.

 

باب ستون

٧- فرش  (Floors)

١-٧ تعارف  : (Introduction)

                فرش  عمارت جي انھيءَ حصي کي چئجي ٿو جيڪو عمارت کي مختلف طبقن ۾ تقسيم ڪري ٿو جھڙوڪ زميني فرش يا گرائونڊ فلور (Ground Floor)، فرسٽ فلور، سيڪنڊ فلور وغيره. ھيءُ عمارت جو اھو حصو آھي جنھن جي مٿان انسان سولائيءَ ۽ بنا خطري چرپر ڪري سگھي ٿو. عمارت جي معيار جو اندازو انھيءَ ۾ لڳايل فرش سان ڪيو وڃي ٿو.

        فرش ھميشھ صاف ۽ سٿرو، لسو ۽ سوراخن کان پاڪ ۽ اھڙو ھئڻ گھرجي جنھن منجھھ ڪا بھ پاڻيٺ وغيره جذب ٿي نھ سگھي. ٻين لفطن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو تھ اھو بنا سوراخن جي ۽ اڻ سمندڙ (Impervious)  ھئڻ گھرجي. ھيٺئين منزل کان علاوه يا مٿاھين منزلن جا فرش تمام مضبوط ۽ پختا ھئڻ گھرجن. جيئن ماڻھو انھن مٿان بنا خوف خطري۽ سلامتيءَ سان رھي سگھن. زميني فرش (Ground Floor) جيئن تھ سنئون سڌو ڌرتيءَ جي مٿان ٺاھيو وڃي ٿو انھيءَ جي ڪري انھيءَ جي ھيٺ واري ڌرتي ڌمڪ سان چڱيءَ طرح دٻيل، سوڙھي ۽ نھري (compact)  ھئڻ گھرجي ۽ انھيءَ ڌرتي ۽ فرش جي وچ ۾ نوعيت ۽ ضرورت مطابق اھڙو تھھ ڏنو وڃي جيئن انھيءَ منجھان پوسل (Moisture) لنگھي نھ سگھي. اھڙي قسم جا تھھ (Sub-floors)  فرشن کي پاڻيءَ روڪ (Water proof)، آواز روڪ (Sound proof) ۽ نباتات اڀري اچڻ کي روڪڻ ۾ تمام گھڻي مدد ڪن ٿا.

 

٢-٧  فرشن جا قسم : (Types of Floors)

        فرش جا قسم جو دارومدار انھن ۾ استعمال ڪيل مال (Material) جي نوعيت تي رکي ٿو، انھيءَ حساب سان فرشن جا ھيٺيان قسم ٿين ٿا ؛

(i)

مٽيءَ جا فرش

(Earth floors)

(ii)

گادي جا فرش

(Mud floors)

(iii)

سرن جا فرش

(Brick floors)

(iv)

سرن جي ٽائيلن جا فرش

(Brick tile floors)

(v)

سيمينٽ جي ٽائيلن جا فرش

(Cement tile floors)

(vi)

پٿر جا فرش

(Marble floors)

(vii)

سيمينٽ ڪانڪريٽ جا فرش

(Cement concrete floors)

(viii)

مستحڪم ڪانڪريٽ جا فرش

(R.C.C floors)

(ix)

موزئڪ جا فرش

(Mosaic floors)

(x)

ڪاٺ جا فرش

Wooden floors)

(xi)

رٻڙ جا فرش

(Rubber floors)

(xii)

پي-وي-سيءَ جا فرش

(P.V.C floors)

(xiii)

ٻوچ جھڙي شيءِ جا فرش

(Cork floors)

(xiv)

شيشي جا فرش

(Glass floors)

(xv)

ائسفالٽ جا فرش

Asphalt floors)

(xvi)

لنوليم جا فرش

Linoleum floors)

 

        انھن سڀني قسمن مان سيمينٽ ڪانڪريٽ جا فرش تمام گھڻو استعمال ۾ اچن ٿا، انھيءَ کان علاوه ٻيا بھ چند قسمن جا فرش ڪافي ڪتب اچن ٿا جن جو تفصيلوار بيان ھيٺ ڪجي ٿو.

7-2 :1  مٽيءَ جا فرش : (Earth floors)

        ھيءُ فرش ڪلر کان پاڪ ۽ تمام سٺي قسم جي مٽيءَ سان ٺاھيا وڃن ٿا. انھن ۾ مٽيءَ کي گھربل ليول تائين ڇھن ڇھن انچن جي تھن جي صورت ۾ ۽ ھر ھڪ تھھ کي چڱيءَ طرح پاڻيءَ جو ٽيھو ڏيئي ڌمڪ يا ٻي ڪنھن اھڙي شيءِ جھڙو (Compactors) وغيره سان دٻائي ۽ ڳتي ٺاھيا وڃن ٿا. ھن قسم جي فرشن جي سطح اھڙي ڳتيل (Consolidated) ھئڻ گھرجي جو انھيءَ جي مٿان بوٽ جي کڙيءَ ھڻڻ سان صرف ھلڪو نشان ٿئي.

        ھن قسم جا فرش گھوڙن جي طنبيلي ۽ چوپائي مال جي ڇاپرن ۾ استعمال ڪيا ويندا آھن.

7-2 :2  مٽيءَ جي گادي جي ليپي جا فرش

: (Mud Floors)

        ھن قسم جي فرشن ۾ گاري جي ليپي ھيٺان مٿي ڄاڻايل فرشن مطابق تياري ڪئي ويندي آھي ۽ پوءِ انھن مٽيءَ جي فرشن مٿان مٽيءَ جي ليپي جو تھھ ڏئي ۽ انھيءَ مٿان اٽڪل ھڪ ڀاڱي اٺ انچ ٿلھو ڇيڻي جو ليپو ڏيئي فرش کي ھڪ ڪرو ڪري ٺاھيو ويندو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org