سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :15

باب تيرھون

١٣- چند ڪارائتا نسخا ۽ ترڪيبون

(Few Useful Recipes))

        موجوده ترقيءَ جي دور ۾ اسان جي ملڪ اندر عمارت سازيءَ جو ھنر پڻ ڪافي اڳتي وڌي چڪو آھي ۽ ھر ڪنھن قسم جا ٺھيل ٺڪيل رنگ، روغن ۽ ڪيميائي مرڪب آسانيءَ سان دستياب آھن. ليڪن وڏن شھرن کان سواءِ ٻھراڙيءَ ۽ ننڍن شھرن ۾ ماھر ڪاريگرن جي کوٽ ۽ عمارت سازيءَ جي جديد ايجادن جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ نتيجي ۾ اڻ ھوند سبب ڪجھھ ڪارائتا نسخا ھيٺ پيش ڪجن ٿا، جيئن عمارت سازيءَ جي علم جي ڄاڻ رکندڙن سان گڏو گڏ عام ماڻھون پڻ فائدو وٺي سگھن.

١-١ :

        چيل جي وڻ جو کؤنر، جنھن کي رال (Rasin)  چوندا آھن، ٣ ائونس، ماکيءَ جي ميڻ (Bees wax)  ٦ آئونس ۽ السيءَ جو تيل (Linseed oil) ¼ پنٽ.

        انھن ٽنھي شين کي ڪڙاھيءَ (Saucepan)  ۾ وجھي، چڱيءَ طرح ملائي، باھھ تان لاھي وٺو. بعد ۾ انھيءَ ۾ نيٽس  فوٽ آئل يا انھيءَ جو نعم البدل تيل (Neat’s foot oil)  ١ پنٽ، تارپين (Turpentine) اڌ پنٽ ۽ ڪافور (Camphor) ھڪ آئونس ملائي، شيشن ۽ ٻين اھڙن ٿانون ۾ محفوظ بند ڪري رکو ۽ ضرورت وقت ڪم آڻيو.

٢-١ :

        ايرنڊيءَ يعني ھيرڻ جو تيل (Castor oil) ڪم آڻيو. انھيءَ جي استعمال ڪرڻ سان ڪوئا پڻ چمڙي کي کائي نھ سگھندا.

٣-١(Zinc)  مٿان لکڻ واسطي ؛

        ڪلڪ (Quill pen)  ۽ نيري توتئي (Copper sulphate or Blue vitriol) جو ڳارو استعمال ڪجن.

٤-١ :

        جھجھي تارپين جي عرق (Spirits of turpentine)  استعمال ڪرڻ سان پيچ (Screw)  ۽ ٻاٽلين جا ٻوچ (Bottle Stoppers)  جلدي ڍرا ٿي وڃن ٿا.

٥-١(Alloy)  ٺاھڻ لاءِ :

        ھيٺيون شيون استعمال ڪجن :

شيھو (Lead)          : ٩ حصا

سرمو (Antimony)     : ٢ حصا

بيسمٿ (Bismuth)   : ١ حصو

        انھن شين جي ملائڻ سان پسرندڙ  (Expanding)  مٺ ٺاھي سگھجي ٿي.

٦-١

سوڍا جو باءِ ڪاربونيٽ (Bicarbonate of Soda) ؛ ٢ حصا

ڪرنڊ پٿر (Pumice stone)  جو پائوڊر                     : ١ حصو

تمام سنھو پيٺل چاڪ (Finely pulverized chalk)            : ١ حصو

        انھن سڀني کي تمام گھڻو سنھي ڄاريءَ مان ڇاڻي، پٿر مٿان رھنڊن ۽ نشانن وجھڻ قابل ڇاڻ الڳ ڪري، تمام سنھي نڪتل پائوڊر ۾ پاڻي ملائي، پيسٽ ٺاھي انھيءَ سان سنگمرمر (Marble)  کي تمام گھڻي زور سان گسائجي ۽ لسي ڪرڻ بعد انھيءَ کي صابڻ ۽ صاف پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏجي.

٧-١(Glues)  ٺاھڻ :

        (الف) پوسل جو مقابلو ڪرڻ لاءِ : ملائيءَ نڪتل کير جي اڌ گئلن (2 Quarts)  ۾ ھڪ پائونڊ گلو رجائجي. مضبوط گلو ٺاھڻ واسطي عام گلوءَ ۽ چاڪ جو پائوڊر ملائي استعمال ڪجي.

        (ب) جلدي سڪندڙ گلو : (i) ڪنھن بھ قسم جي اسپرٽ (Spirit)  يا عام وسڪيءَ (Whisky)  ۾ گلوءَ جا ذرا ملائي، شيشن يا موزون سائيز جي ٽين جي دٻن ۾ چڱيءَ طرح ڍڪ ڏيئي بند ڪري رکڻ سان ھن قسم جا گلو سالن تائين محفوظ ڪري رکي سگھجن ٿا.

      (ii) ميٿائيليٽيد اسپرٽن (Methylated spirits)  ۾ لاک (Shellac)  ملائڻ يا سرڪي واري تيزاب  (acetic acid)  ۾ فرينچ گلو (French Glue)  ملائڻ سان پڻ جلدي سڪندڙ گلو ٺاھي سگھجن ٿا.

        (ت) پاڻياٺا گلو (Liquid glue) : تور جي حساب سان ١٢ حصا پاڻيءَ ۾ چار حصا ڳڙ يا مستي (Treacle)  ملائي، انھيءَ ۾ ھڪ حصو چونو (Quicklime)  ملائي 150o F تائين انھيءَ کي گرم ڪريو. بعد ۾ ھن ڳاري کي ٻن کان ٽن ڏينھن تائين تڪڙن تڪڙن وقفن سان يعني جلدي جلدي ولوڙيندا رھو. انھيءَ کان پوءِ انھيءَ کي آٺرائي ۽ اڻ ڳرندڙ چن کي ڪڍي اڇلائي ڇڏڻ لاءِ اوتي، لعاب جي گھاٽاڻ جھڙي لڳلڳدار ڳاري (Solution)  حاصل ڪرڻ کان پوءِ تور جي حساب سان (By weight)  انھيءَ جي چوٿين حصي جيترو گلو ۽ انھيءَ جو 3% گلسرين (Glycerin)  ملايو. انھيءَ طرح سان ھڪ عمدي قسم جو مضبوط ۽ پاڻياٺو گلو ٺھي ملندو.

(ث) آئل سيمينٽ : (Oil cement)  ٺڪر جي پائيپ (Earthenware pipes)  وڇائڻ واسطي ٥ پائونڊ سڪل ماٺي چن (Slaked lime)  ۾ تور جي حساب سان ھڪ پائونڊ تيل ملائي، انھيءَ کي پٿر جي مسالي (Stone mortar)  جيان لوھھ جي ڏنڊي سان اٽڪل ٦ ڪلاڪ چڱيءَ طرح ڳوھي ۽ گھوٽي گھاٽي پيسٽ ٺاھي استعمال ڪجي.

        (ج) پائيدار سيمينٽ : (Durable Cement)  ٻاڦ ۽ پاڻيءَ اندر ڪم کي جوڙڻ واسطي ١٠ پائونڊ بيٺل مرداسنگ (Litharge)، چار پائونڊ پيٺل پئرش وائيٽ (Parish white) ، اڌ پائونڊ پيلو گيڙو (Yellow Ochre)، ٻھ پائونڊ ڳاڙھو شيھو(Red Lead)، ½ آئونس ½ انچ ڊگھا سڻيءَ جا ٽڪرا اڀرندڙ السي جي تيل Linseed oil)  ۾ ملائي سخت گھاٽاڻ جي لاپي (Putty)  ٺاھي جوڙن لاءِ استعمال ڪريو.

        (ح) ڪارائتو ڳنڍيندڙ مرڪب يا سيمينٽ : (Useful Cement)  ٽانڪين، حوضن ۽ تلائن وغيره واسطي ٩٠ حصا چڱيءَ طرح پڪل سرون (Well-burnt or fire bricks) ، ١٠ حصا مرداسنگ (Litharge) ، پاڻ ۾ چڱيءَ طرح پيھين ملائي اٻرندڙ السيءَ جي تيل سان مسالي جي گھاٽاڻ جھڙو مسالو ٺاھي پاڻيءَ اندر استعمال ٿيندڙ جرن کي آلو ڪري انھيءَ مٿان چاڙھي استعمال ڪجي. ٻن يا ٽن ڏينھن اندر ھن قسم جو ڳنڍيندڙ مرڪب چڱيءَ طرح سخت ٿي ويندو.

(خ) ڳاڙھي شيھي جو ڳنڍيندڙ مرڪب : (Red Lead Cement)  سامھن جوڙن (Face joints)  ڳنڍڻ واسطي ھڪ آئونس اڇو شيھو (White Lead)  ۽ ھڪ آئونس ڳاڙھو شيھو (Red Lead)  السي جي تيل سان ملائي موزون گھاٽاڻ جو مسالو ٺاھي استعمال ڪيو وڃي.

٨-: (Rust-joint Cement)

        (i) جلد ڳنڍڻ واسطي، تور جي حساب سان ھڪ حصو نوشادر (Salt-ammoniac)  جو پائوڊر، ٢ حصا گندڪ (Sulphur) جو اٽو ۽ ٨٠ حصا آئرن فلنگس (Iron boring or fillings) پاڻيءَ سان ملائي پيسٽ ٺاھي استعمال ڪجي.

        (ii) آھستي ڄمندڙ (Slow setting)  يعني ٽائيم سان ڳنڍيندڙ مسالي واسطي ٢ حصا نوشادر جوپائوڊر، ھڪ حصو گندڪ جو اٽو ۽ ٢٠٠ حصا آئرن فلنگس (Iron boring or fillings)  پاڻيءَ سان ملائي پيسٽ ٺاھي استعمال ڪرڻ سان ٽائيم گذرڻ سان عمدا ۽ مطمئن جوڙ ٺاھي سگھجن ٿا.

٩-

: (Joining china and glass)

        تور جي حساب سان ھڪ جيتري انداز ۾ گندڪ (Sulphur) ماکيءَ جي ميڻ ۽ روزن (Rosin)  کڻو. سڀ کان پھرين ماکيءَ جي ميڻ کي تتل واريءَ (Sand bath)  رستي پگھاريو ۽ انھيءَ ۾ (Rosin)  جو پائوڊر ۽ گندڪ ملايو. ايتري دير تائين جيستائين اھي تتل واريءَ رستي ٽيئي شيون پاڻ ۾ چڱيءَ طرح ملي ھڪ جھڙيون ٿي وڃن. شيشي يا چينيءَ جي شين کي جوڙڻ وقت انھن کي پڻ تتل واريءَ رستي گرم ڪريو.

١٠-

: (Preparing water-proof mortar)

        عام طرح سان پاڻيءَ جي ٽانڪين ۽ ٻين اھڙي مقصد وارين تعميرن کي سمڻ کان روڪڻ واسطي ھڪ حصي عام پورٽلئنڊ سيمينٽ ۾ ٻھ حصا جابلو ريتي (Hill sand)  ۽ ريتيءَ جي ھر مڪعب پٺيان ¾ پائونڊ پيٺل ڦٽڪي (Alum)  سڪل حالت ۾ چڱيءَ طرح سان گڏي انھيءَ ۾ ھر گئلن پويان ¾ پائونڊ ھلڪو صابڻ (Soft Soap)  مليل پاڻي موزون انداز ۾ ملايو. صحيح نموني ۾ ملي وڃڻ ۽ گھربل گھاٽاڻ جي مال تيار ٿيڻ کان پوءِ ١ انچ ٿلھي پلستر چڙھڻ سان پاڻي سمڻ يا ٽِمڻ ۽ ڦلي (Efflorescense)  روڪڻ ۾ مدد ملي ٿي.

١١-١: (Removing putty)

        پٽِيءَ مٿان شوري يا ھئڊرو ڪلورڪ جي تيزاب (Nitric or Hydrochloric acid) جو تھھ چاڙھي ھڪ ڪلاڪ بعد پٽِيءَ کي آسانيءَ سان لاھي سگھجي ٿو.

١٢-

: (To render glass opaque or frosted)

        شيشي جي چادر کي چڱيءَ طرح صاف ڪجي ۽ اھي حصا جن کي غير شفاف نھ ڪرڻو آھي ڪنھن آسان ترڪيب سان بچائجن. غير شفاف ڪرڻ واسطي (Flour Spar)  کي تمام گھڻو باريڪ پيھين انھيءَ ۾ گندڪ جو تيزاب ملائي ھلڪي لئي (Thin paste)  ٺاھي گھربل حصن مٿان چاڙھي شيھي جي ٽڪر (Piece of Lead) سان چڱيءَ طرح رڳڙجي يا گسائجي. ھن عمل کي ”ھيڊرو فلورڪ ائسڊ سان نقاشي ڪرڻ“ (Etching on glass by hydro fluoric acid) سڏيندا آھن.

١٣-

: (To remove old paint or varnish)

ترڪيب : (i)  اڌ حصو ھلڪو صابڻ (Soft soap) ، ھڪ حصو کار (Potash)  ۽ ½ کان 1/3 حصي تائين چن (Quicklime)  کڻو. سڀ کان پھريائين صابڻ  ۽ کار کي اٻرندڙ پاڻيءَ ۾ ملايو. بعد ۾ انھيءَ ۾ چن ملائي پراڻي پينٽ يا پراڻي وارنش جي مٿاڇري مٿان گرم حالت ۾ ھن ڳاري جو برش سان تھھ چاڙھيو. ١٢ کان ٢٤ ڪلاڪن تائين ڇڏي ڏيڻ کان پوءِ انھيءَ کي گرم پاڻيءَ سان ڌوئڻ رستي لاھيو.

ترڪيب : (ii)  ھڪ حصو  سوڍا کار (Caustic soda)  ۽ ھڪ حصو چن کي ٿڌي پاڻيءَ ۾ چڱيءَ طرح ملائي پتري قسم جي پينٽ ٺاھي بعد ۾ انھيءَ کي اوٻاري گرم حالت ۾ ٻھ يا ٽي دفعا استعمال ڪرڻ سان پينٽ يا وارنش چڱيءَ طرح لاھي بعد ۾ انھيءَ کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏجي.

١٤

: (To prepare paint for Black-board)

        95% ميٿائيليٽيڊ اسپرٽ (Methylated spirit 95 %) جي ھڪ گئلن ۾ ھڪ پائونڊ لاک (Shellac)  حل ڪريو ۽ انھيءَ ۾ اڌ پائونڊ اووري بلئڪ (Ivory black) تمام عمدي قسم جو،  2 ½  آئونس ڪرنڊ پٿر جو تمام سنھو پيٺل اٽو(Finest flour) emery)  ۽ ¼ پائونڊ سٺي قسم جو نيرو رنگ (Ultramarine blue)  ملايو. جڏھن اھي سڀ شيون پاڻ ۾ چڱيءَ طرح ملي وڃن تھ انھيءَ تيار ٿيل پينٽ کي بوتلن ۾ چڱيءَ طرح ڀري ۽ ٻوچ ڏيئي رکو ۽ ضرورت وقت ڪم آڻيو.

١٥-

: (Red paint for Boundary stones)

سنڌور : (Red oxide    ١ پائونڊ

السيءَ جو تيل : (Linseed oil)   ½ پائونڊ

تارپين جو جوھر : (Spirit of turpentine) 1/6 پائونڊ

چندرس : (Copal Varnish)   ¼ پائونڊ

رال : (Resin)       ½ تولا

        انھن سڀني کي ملائي پينٽ ٺاھي استعمال ڪريو.

 

١٦-

: (Solution for coating pipes)

 

ڪول تار : (Coaltar)

٣٠ گئلن

تازو ٺريل چن : (Fresh slaked Lime)

٣٠ پائونڊ

وھھ يا چرٻي: (Tallow)

٦ پائونڊ

پتيءَ جي ڪارنھن : (Lamp Black)

٣ پائونڊ

رال : (Resin)

1 ½ پائونڊ

        انھن سڀني کي پاڻ ۾ ملائي اوٻاري گرم حالت ۾ لوھھ جي پائيپن مٿان تھھ چاڙھبو.

١٧-

: (Paint for preventing Iron from rust)

        1 cwt لوھھ جي آڪسائيڊ جو پائوڊر، ست حصا اٻريل السيءَ جو تيل (Boiled Linseed oil)  ۽ ھڪ حصو تارپين استعمال ڪرڻ کان چند ڪلاڪ اڳ ۾ پاڻ ۾ ملائي ھڪ جھڙو ڳارو ٺاھي، لوھھ جي ڪنھن بھ شيءِ کي ڪٽ يا زنگ لڳڻ کان بچاءُ واسطي چڱيءَ طرح لڳايو ۽ لڳائڻ دوران انھن ٽنھي شين کي ملائيندا رھو. انھيءَ پينٽ جي ٻن تھن لڳائڻ سان لوھھ کي ڪٽ نھ لڳندي بشرطيڪ انھيءَ جي سطح سڻڀ، ڏامر ۽ مٽي وغيره کان پاڪ ھجي.

 

١٨-

: (To prepare Varnish for Name boards, etc.)

        نالي وارين تختين، ٻورين، ليبلن وغيره مٿان عمدي قسم جو لسو، بي رنگ ۽ چمڪندڙ وارنش چاڙھڻ لاءِ ھيٺين شين جو ڳارو (Solution) ٺاھڻ گھرجي.

: (Sandarach)

٥٣ حصا

: (Mastic)

٢٠ حصا

ڪافور : (Camphor)

١ حصو

لوينڊر جو تيل يا عطر : (Oil of Lavender)

٨ حصا

وينس جو تارپين : (Venice turpentine)

٤ حصا

ايٿر : (Ether)

٦ حصا

الڪوھل : (Alcohol)

٤٠ حصا

 

١٩-

: (Destroying roots and vegetation in masonary)

 

: (Asafoetida)

1/16 کان 1/8 تولا

ڳڙ يا مستي : (Raw Sugar)

¼ کان ½ تولو

اڻ ٺاريل چن : (Unslaked Lime)

١ تولو

 

        مٿئين ٽنھي قسمن جي شين جي ھڪ جھڙي ملاوٽ ٺاھي ۽ ڪوشش ڪري ٿڌيءَ موسم (اٽڪل ڊسمبر) دوران اوساريءَ مان ٻوٽا ۽ ھر قسم جي نباتات ڪڍي پاڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ لڳايو. ھر ڀيري سان تازي ملاوٽ ٺاھي وڃي.

٢٠

: (Mixture for welding steel)

: (Sal-ammoniac)

١ حصو

: (Borax)

١٠ حصا

        ھنن ٻنھي کي پاڻ ۾ چڱيءَ طرح گھوٽي، ڳاري ۽ ملائي ٿڌو ٿيڻ ڏيو. ٿڌي ٿيڻ بعد پائوڊر ٺاھي جوڙڻ وارن حصن مٿان ٻرڪيو.

٢١

: (Wash to remove white or yellow blotches)

ھئڊرو ڪلورڪ ائسڊ : (Hydrochloric acid)

١ حصو

پاڻي : (Water)

٥ حصا

        ھنن ٻنھي شين جي ڳاري کي برش رستي زور سان رڳڙي انھيءَ دوران پائيپ رستي لڳاتار پاڻي زور سان ھڻبو رھجي، جيئن تيزاب سطح اندر داخل نھ ٿي سگھي. ھيءُ ٽوٽڪو فرشن مٿان ڪلر ختم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪارائتو اھي.

٢٢-(Thatches)  کي باھھ روڪ (Fireproof) بنائڻ :

        ترڪيب (i)  سرن يا ٽوئن کي چڱيءَ طرح سڪل ۽ پراڻي  حالت ۾ چوني جي پوچي (White wash)  ڪرڻ سان ڪنھن حد تائين باھھ روڪ بنائي سگھجي ٿو.

        ترڪيب (ii)  نون سرن يا ٽوئن کي ڪنھن حد تائين باھھ روڪ بنائڻ واسطي کين ھيٺ ڄاڻايل ڳاري (Solution)  ۾ چڱيءَ طرح ٻوڙي انھن مٿان ھڪ يا ٻن ڏينھن تائين موزون بار رکو، جيئن اھي چڱيءَ طرح ٻڌل رھن. پوءِ انھن کي سڪائي استعمال ڪيو.

ڦٽڪي : (Alum)

¾ پائونڊ

نيرو توتيو : (Copper Sulphate)

¾ پائونڊ

پاڻي : (Water)

٥٠ گئلن

        مٿي ڄاڻايل ٻنھي قسمن جا عمل ڪجھھ سالن جي عرصي بعد دھرائبا رھجن.

 

باب چوڏھون

 

١٤- ”پاڻيءَ جي رسد، حفظان صحت ۽ گندي پاڻيءَ جو نيڪال“

(Water supply, Sanitation and Drainage)

١-١٤ پاڻيءَ جي اندرين رسد

: (Internal Water supply)

        پاڻيءَ جي اندرين رسد واسطي لوھھ جا جستي پائيپ (Galvanised iron pipes) استعمال ڪيا ويندا آھن. ھي پائيپ منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿولھھ، قطر ۽ ٻاھرين سطح جي لحاظ کان ھڪ جھڙا ۽ لسا ھئڻ گھرجن. انھن کي موڙڻ سان انھن جو جوڙ نھ کلڻ گھرجي. جاءِ جي مٿينءَ پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ مان مناسب پاڻيءَ جي پھچ واسطي ضرورت مطابق پاڻيءَ جون لائينون ڪڍڻ گھرجن ۽ انھن کي عمارت جي مختلف حصن تائين پھچائڻ واسطي ڀتين سان گڏ ڪڍڻ گھرجن. عام طرح سان پاڻيءَ جي ورڇ واسطي ¾ انچ قطر ( ¾ Diam) جون ٿلھيون ناليون استعمال ٿينديون آھن، جن منجھان ھر غسلخاني ۾ اڌ انچ جا ٽي يا چار ڪنيڪشن ڏيئي سگھجن ٿا. پائيپن کي اھڙيءَ طرح ڊگھين چوڙين سان ڳنڍيو وڃي، جيئن اھي کلي يا ڀڄي نھ سگھن. چوڙين جڪڙڻ وقت انھن مٿان سفيدو، سٽ ۽ سوتلي لڳائي وڃي، جيئن جوڙن وٽان پاڻي ٽمڻ جو انديشو بلڪل نھ رھي. جيستائين ممڪن ٿي سگھي، پائيپ فرش ھيٺان يا ڇت ۾ نھ پورڻ گھرجي. ڀتين اندر پائيپ ڍڪڻ واسطي جھري ڪڍي، انھيءَ ۾ ديوار جي سطح کان اٽڪل ھڪ انچ اندر ڪلئمپن رستي کين جڪڙڻ گھرجي  ۽ جڪڙڻ کان پھرين انھن مٿان ڪنھن عمدي رنگ روڪڻ واري پينٽ جو تھھ چاڙھيو وڃي يا ڏامر چڙھيل ٽيپ (Tape)  ويڙھڻ گھرجي.

        ھر پائيپ لائين ۾ جا ڪنھن ٽانڪيءَ مان نڪري يا ٽانڪيءَ منجھھ داخل ٿئي گيٽ والو (Gate valve)  لڳائڻ تمام ضروري آھي ۽ ڪوشش ڪري ھميشھ سٺي قسم جا ۽ آزمايل گيٽ والوز لڳائڻ گھرجن. انھن کي زنگ نھ لڳڻ گھرجي ۽ آسانيءَ سان کلي ۽ بند ٿي سگھڻ لائق ھجن، ھر پائيپ لائن جي ٽانڪيءَ سان ڪنيڪشن مٿان ھوا پھچائڻ وارو پائيپ (Air pipe)  لڳائڻ گھرجي، جنھن جو کليل ڇيڙو مٿين ٽانڪيءَ جي پاسي مٿان انھيءَ جي اوچائيءَ کان ڪجھھ ٻاھر نڪتل ھئڻ گھرجي.

        گھر ۾ زمين کان ھيٺ واري ٽانڪي (Under ground water tank) گھٽ ۾ گھٽ ايتري سائيز جي ھئڻ گھرجي جيئن ٽن ڏيھن تائين استعمال ڪرڻ جيترو پاڻيءَ جو ذخيرو ڪٺو ڪري سگھجي. پاڻيءَ جي روز مرھھ جي ضرورت جو دارومدار رھائش جي نموني، موسم ۽ گھر اندر ٺاھيل باغ جي نوعيت وغيره تي ٻڌل آھي. ھڪ عام درجي جي ١٠ ماڻھن واسطي گھٽ ۾ گھٽ اٽڪل ١٨٠٠ گئلن جي زمين اندوز ٽانڪي (Under ground water tank)  ۽ ٦٠٠ گئلن جي مٿين ٽانڪي (Overhead water tank)  ٺاھڻ گھرجي.

        ٽانڪيءَ جي ديوارون ۽ تري منجھان پاڻيءَ جي سمڻ يا وھڻ کان بچاءَ واسطي عام طرح سان ١ حصو سيمينٽ، 1 ½ حصو ريتي ۽ ٣ حصا بجريءَ جو مليل ڪانڪريٽ استعمال ڪيو وڃي ۽ ڀرائيءَ وقت انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال رکيو وڃي تھ سنھي کان سنھو خال بھ نھ رھجي وڃي. ٽانڪيءَ جي ڪنڊن کي پلستر سان اندر گول رکيو وڃي ۽ ٻن تھن ۾ پلستر ڪرڻ واسطي ھر ھڪ تھھ ۾ 1:3 جي تناسب سان پڊلو (Puddlo)  يا اھڙو ڪو ٻيو پاڻيءَ روڪ مرڪب استعمال ڪيو وڃي. پلستر نھايت ئي لسو ھئڻ گھرجي ۽ زمين اندر ٺاھيل حوض ۾ تري کي کڏي (Sump)  طرف سلامي يعني لاھاندي ڏيڻ گھرجي، مٿين ٽانڪيءَ (Overhead tank)  جي تري کي صفائيءَ واري پائيپ طرف ڪجھھ لاھاندي ڏيڻ گھرجي. ڪوشش ڪري پاڻي پھچائڻ ۽ پاڻي نيڪال ڪرڻ وارا سڀيئي پائيپ مٿين ٽانڪيءَ جي ڀتين ٺاھڻ وقت اوساري يا سيمينٽ ڪانڪريٽ اندر لڳائڻ گھرجن، ائين ڪرڻ سان پائيپ ھميشھ لاءِ ڀتين ۾ چڱيءَ طرح کتل رھندا ۽ پاڻي ٽمڻ جو انديشو گھٽ رھندو. ٽانڪيءَ جي ڇت منجھھ گھٽ ۾ گھٽ ١٨ انچ ويڪرو ھم چؤرس يا ١٨ انچ قطر جو مئن ھول ڇڏڻ گھرجي، جيئن ضرورت وقت ٽانڪيءَ اندر ماڻھو گھڙي چڱيءَ طرح سان صفائي ڪري سگھي. زمين اندر ٺاھيل ٽانڪي (Under ground tank)  جي صفائيءَ واسطي لوھھ جي سيخن کي ڀت منجھھ مضبوط ڪري ڏاڪا ٺاھڻ گھرجن.

        ھيٺين ٽانڪيءَ کان مٿين ٽانڪيءَ تائين پاڻي پھچائڻ واسطي ٻن منزلن واري عمارت واسطي ٥٠ فوٽن کان ٥٥ فوٽن جي ھيڊ (Head) تائين پاڻي ڇڪڻ وارن مختلف قسم جي پمپن، جھڙوڪ ڊانڪي پمپ (Donkey Pump)  يا سينٽريفيوگل پمپ (Centrifugal Pumps) لڳائڻ جي ضرورت پوندي آھي. سينٽريفيوگل پمپن جي ڀيٽ ۾ ڊانڪي پمپ وڌيڪ گھرائيءَ کان پاڻي ڇڪي سگھندا آھن. سينٽريفيوگل پمپن واسطي پاڻيءَ جي سطح ١٥ فوٽن کان وڌيڪ ھيٺ نھ ھئڻ گھرجي. پمپ اھڙيءَ طرح لڳايا وڃن جيئن انھن جي پائيپن ۾ گھٽ ۾ گھٽ وڪڙ رھن. پمپن جا داخلي (Inlet)  ۽ خارجي (Outlet)  پائيپ ڊزائن ڪيل سائيز مطابق ھئڻ گھرجن. داخلي پائيپن واري لائين (Inlet pipes)  ھيٺان فٽ والو (Foot Valve)  لڳائڻ ضروري آھي جڏھن تھ ھيٺئين حوض جي پوري ڀرجڻ واري سطح وٽ فلوٽ والو (Float Valve)  لڳائڻ پڻ ضروري آھي، جيئن وڌيڪ پاڻي ٻاھر ڇلڪندو ۽ وھندو نھ رھي. پمپ کي پھريون ڀيرو ھلائڻ وقت سڀ کان پھرين انھيءَ ۾ پاڻيءَ جي تري ۽ ڀتين جي اندرئين پاسي ايسفلٽين (Asphaltene)  يا ڪنھن ٻي اھڙي جيوڙن مارڻ ۽ پاڻيءَ کي بدبوءِ روڪڻ واري دوا جو تھھ چاڙھيو وڃي.

        ھيٺين زمين دوز ٽانڪي (Under ground water tank)  منجھھ پاڻي پھچائڻ واسطي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ انچ قطر وارو پائيپ استعمال ڪرڻ گھرجي. پاڻي ڇڪڻ وارو سڪشن پائيپ “Suction pipe” ٽانڪيءَ جي تري کان کنيو وڃي ۽ اوور فلو پائيپ (Over flow pipe)  وٽ ھيٺين ٽانڪيءَ جي ڇت ۾ مئن ھول ڇڏڻ گھرجي. انھيءَ سان گڏ انھيءَ ۾ ٽانڪيءَ جي ٻاھران گلن ۽ ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ واسطي چڪريءَ وارو والو لڳائجي تھ ڪو حرج ڪونھي. ٽانڪيءَ جي ڇت ۾ وتر (Diagonal)  وارن ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون وارن ٻن ڇيڙن تي گھٽ ۾ گھٽ ٢ انچ ڊاياميٽر جا ھوادار پائيپ ائين لڳائڻ گھرجن جيئن انھن جو ھيٺيون ڇيڙو ٽانڪيءَ جي ڇت جي تري سان برابر (Flush)  رھي ۽ ٻيو ڇيڙو ڇت جي مٿاڇري کان اٽڪل ١ فوٽ ٦ انچ مٿي رکڻ گھرجي ۽ انھيءَ جي ٻاھرئين ڇيڙي کي موڙي انھيءَ ۾ پتل يا ڪنھن ٻئي اھڙي ڪٽ نھ لڳندڙ ڌاتوءَ جي ڄاري لڳائڻ گھرجي.

٢-: (Overhead Tank)

        شروع ۾ ڄاڻايل ڳالھين سان گڏ ڪم ھلڻ دوران ھيٺين ڳالھين جو پڻ خيال رکڻ گھرجي.

     (i) صفائيءَ وارو پائيپ : (Clean out pipe)  ھيءُ گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ انچ ڊايا ميٽر جو ھئڻ گھرجي. جيترو ٿي سگھي ٽانڪيءَ جي تري مٿان لڳو لڳ لڳائڻ گھرجي. ٻاھريون ڇيڙو تري ٻاھران کليل ڇڏجي، پر جي اھو ھيٺ زمين تائين کڻي اچجي تھ بھتر آھي. انھيءَ ۾ سلوس والو (Sluce valve)  لڳائڻ ضروري آھي.

 

        (ii) پاڻي پھچائن وارو پائيپ : (Inlet pipe)  ڊزائن ڪيل پمپ جي سائيز مطابق ھئڻ گھرجي ۽ اھو تانڪيءَ جي ڇت جي مٿاڇري کان اٽڪل ٽي انچ ھيٺ ھئڻ گھرجي.

        (iii) اوور فلو پائيپ : (Over flow pipe)  رسد واري پائيپ (Inlet)  کان ٿلھو يعني وڌيڪ ڊايا ميٽر جو ھئڻ گھرجي. انھيءَ جو ٻاھريون ڇيڙو نيسارن (Rain Water Drains)  وٽ کڻي اچجي يا زمين جي ليول (Ground level)  کان ڇھھ فوٽ مٿي کڻي اچجي. ھيءُ ٽانڪيءَ جي ڇت جي مٿاڇري کان چار انچ ھيٺ لڳائڻ گھرجي.

        (iv) ھوا پھچائيندڙ پائيپ : (Ventilating pipe)  زمين دوز ٽانڪين وانگر ھئڻ گھرجي.

     (v) خارجي پائيپ : (Outlets)  ھيءُ پائيپ ٽانڪيءَ ۾ ٻھ انچ اندر تائين کڻي اچجن ۽ ٽانڪيءَ ٻاھران ھنن ۾ گيٽ والوز (Gate valves)  لڳائڻ گھرجن. ڪم ھلڻ دوران ھر پائيپ ۾ سيمينٽ، ريتي، مٽي، سوتلي ۽ ٻيو ڪنھن بھ قسم جو گند ڪچرو داخل ٿيڻ نھ ڏجي ۽ ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ سڀيئي پائيپ اندران بلڪل صاف ھئڻ گھرجن.

: (Sanitary wares and Fitting)

 

        (i) واش بئسن يا چلمچي : (Wash Basin)  عام طرح چينيءَ جون لسيون چلمچيون ھٿ منھن ڌوئڻ ۽ ڏندڻ وغيره ڪرڻ واسطي استعمال ڪيون وينديون آھن. ھي ڪمپنين جون ٺھيل، مختلف شبيھن جون ۽ مختلف ماپن جون ٿين ٿيون. عام طرح سان 22x16 ۽ 25x18 سائيز جون گينڊيون (Basins)  استعمال ڪيون وڃن ٿيون. ھي ايتري اوچائيءَ تائين لڳائڻ گھرجن جيئن انھن کي آسانيءَ سان استعمال ڪري سگھجي. موزون اوچائيءَ واسطي معياري ڪمپنين جا ٺھيل ٺڪيل پيڊيسٽل (Pedestals)  پڻ گينڊين سان گڏ ملندا آھن. عام رواجي گينڊين واسطي ٣١ انچن کان ٣٣ انچن جي اوچائي بھتر سمجھي ويندي آھي.

        ھاسٽلن ۽ ٻين اھڙين عوامي جاين واسطي لاڳيتين گينڊين لڳائڻ دوران ٻن گينڊين جي وچ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي انچ وٿي ڇڏڻ بھتر آھي.

        (ii) پائخاني جا چلھا : (Water closets)  ھي ٻن قسمن جا ٿيندا آھن. ھڪ پاڪستاني يا انڊين نموني ۽ ٻيا انگريزي (English Type) يا يورپين نموني (European Type) . انگريزي چلھن مٿان لسي، اڻ چوھيندڙ پلاسٽڪ جھڙي شيءِ جي سيٽ لڳل ھوندي آھي، جنھن مٿان ڪرسيءَ وانگر ويھي ڪاڪوس ڪبو آھي. ٻنھي قسم جي چلھن ھيٺان اھڙيءَ طرح ٽرئيپ لڳائي ويندي آھي، جيئن انھيءَ ۾ اٽڪل ٽي انچ پاڻيءَ جي سيل (Water seal)  رھندي اچي. پاڪستاني چلھن جا پڻ ٻھ قسم ٿيندا آھن. ھڪ بنان پيرن جي ۽ ٻيا پيرن وارا (Squanting type). پائيدانن وارا چلھا اھڙيءَ طرح لڳائڻ گھرجن، جيئن پائيدانن جي ليول فرش جي ليول سان ملي اچي. عليحدھ پائيدانن لڳائڻ جي صورت ۾ پڻ انھيءَ ڳالھھ جو ڌيان رکڻ گھرجي تھ اھي فرش مٿان اڀريل نھ ھئڻ گھرجن، پر انھيءَ جي ليول ۽ سنوت ۾ لڳل ھئڻ گھرجن. واٽر سيل سبب ٻاھرين ڪسيءَ جي بدبوءَ اندر داخل نھ ٿي سگھندي آھي. چلھي جي اندرين ڊيگھھ ٢٣ انچن کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي.

        WC’S يعني پائخاني جا چلھا ڪوشش ڪري ٻاھرئين کليل گھٽيءَ طرف واري ديوار اندران لڳائڻ گھرجن، جيئن گند جو نيڪال آسان ۽ اثرائتي نموني سان ٿئي.

        (iii) فلش ٽئنڪس : (Flush Tanks) ڪاڪوس جي چلھن منجھان پاڻيءَ جي وسڪاري سان گند کي خارج ڪرڻ لاءِ (To Flush) ٻن قسمن جون ٽانڪيون لڳايون وينديون آھن. ھڪ مٿين ليول واريون ٽانڪيون (High level flushing Cisterns) ۽ ٻيون ھيٺين ليول واريون ٽانڪيون (Low level flushing Cisterns). مٿين ليول واريون ٽانڪيون بِير (Cast Iron)  جون ٺھيون ھونديون آھن ۽ اھي اڪثر ڪري پاڪستاني چلھن مان گند خارج ڪرڻ لاءِ لڳايون وينديون آھن. گھڻي ۽ بي احتياطيءَ سان استعمال ٿيندڙ جاين تي، جھڙوڪ ھاسٽلون، ڪارخانھ، اسپتالون، سرڪاري دفتر ۽ عوامي جايون وغيره، ھميشھ ھن قسم جي ٽانڪين جي استعمال کي ترجيح ڏني ويندي آھي. ٽانڪيءَ جي تري ۽ چلھي جي مٿاڇري جي وچ ۾ اڪثر طور ساڍن ڇھن فوٽن جي اوچائي رکي ويندي آھي.

        ھيٺين ليول واريون ٽانڪيون اڪثر ڪري ڪموڊن (English type) يعني انگريزي نموني جي چلھن مٿان سيٽ کان ٿورو مٿي لڳايون وينديون آھن ۽ معياري عمارتن واسطي چينيءَ جون ۽ ھڪ ئي سيٽ (Set)  واري چينيءَ جي قسم ۽ رنگ جون ھونديون آھن. انھيءَ کان علاوه رواجي ڪمن واسطي گھٽ معيار واري چيني (Porcelain) سٺي قسم جي پينٽ جي تھھ چڙھيل ٽين ۽ پلاسٽڪ جون ٽانڪيون (Low Level Cisterns)  پڻ استعمال ڪيون وينديون آھن. اسان وٽ ٻنھي قسمن جي ٽانڪين ۾ ٢ کان ٣ گيلن پاڻيءَ جي گنجائش ھوندي آھي.

        پيشابدانن (Urinals)  کي صاف رکڻ واسطي ھر پيالي مٿان ھڪ گئلن واري ٽانڪي استعمال ڪئي ويندي آھي. گھڻي استعمال ٿيندڙ ۽ عام پبلڪ وارين جاين تي پيشابدانن جي قطار واسطي ھڪ کان ٽن گئلن پاڻيءَ جي گنجائش واريون آٽوميٽڪ ٽانڪيون بھتر رھن ٿيون جن ۾ ھڪ منٽ اندر ½ گئلن پاڻيءَ جي رسد جي گنجائش رکي ويندي آھي ۽ انھن ۾ بال والو (Ball valve) ۽ پاڻيءَ جي اٿل (Overflow) جي ضرورت نھ پوندي آھي.

        (iv) پيشابدان : (Urinals)  پيشابدانن جا ٽي قسم ٿيندا آھن، جھڙوڪ :

        (a) پيالي نموني                      (Bowl type)

        (b) اسٽال نموني                      (Stall type)

        (c) ويھي پيشاب ڪرڻ نموني        (Sitting type)

        پيالي نموني پيشابدان خاص طور تي گھرن ۽ عام طرح سان ھر ھنڌ استعمال ڪري سگھجن ٿا. اسٽال نموني پيشابدان گھڻين آفيسن وارين جڳھين، ريلوي اسٽيشن ۽ سينمائن وغيره ۾ لڳائي سگھجن ٿا. ويھي پيشاب ڪرڻ وارا (Sitting type)  پيشابدان عورتن لاءِ استعمال ٿيندا آھن. ھنن ٽنھي قسمن جا پيشابدان چينيءَ جا ۽ اندران لسا ۽ چمڪندڙ ٿيندا آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org