سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :9

اسان جي ملڪ جي ٻھراڙين ۾ ھن قسم جا فرش عام طرح سان ٺاھيا ويندا آھن. انھن جي ٺاھڻ ۾ تمام خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو آھي ۽ انھن کي تمام سھڻي نموني سنڀالي (Maintain) قائم رکيو ويندو آھي. گرمي توڙي سردي، ٻنھي موسمن ۾ ھن قسم جي فرشن ۾ گرميءَ جو درجو (Temperature) ھڪ ڪرو رھندو آھي ۽ انھيءَ ڪري ھن قسم جا فرش اگھاڙي پيرين ھلندڙ ماڻھن لاءِ تمام عمده رھن ٿا. ھن قسم جا فرش تمام سستا، سولائيءَ سان ٺھيل ۽ مرمت ڪرڻ ۾ پڻ آسان ۽ انھيءَ سبب ڪري ڪجھھ پائيدار رھن ٿا.

پڪن فرشن لاءِ بنياد : (Base for Flooring)

        پڪن فرشن ٺاھڻ لاءِ انھن جي ھيٺان پختي بنياد ٺاھڻ جي ضرورت پوندي آھي جيئن زمين مان نڪرندڙ پوسل، نباتاتي ٻوٽن جي واڌ ۽ ٻين شين کي روڪي سگھجي. انھن بنيادن کي پختو بڻائڻ لاءِ انھن ھيٺان ڪتب آيل مٽيءَ کي چڱيءَ طرح سان گھربل ليول جي حساب سان ڇھن-ڇھن انچن جي مٽيءَ جي تھن ۽ ھر ھڪ تھھ کي چڱيءَ طرح نھرو (Compact)  ڪري ۽ انھيءَ جي مٿاڇري کي چڱيءَ طرح سان سڌو ڪري انھيءَ جي مٿان ڪاري واريءَ (Pit of river Sand) جو ٽن-ٽن انچن جي حساب سان گھربل تھھ ڏيئي ٺاھيو ويندو آھي. انھيءَ حساب سان مذڪورھ فرش جي ھيٺئين لاغر ڪانڪريٽ جي تھھ (Layers of lean concrete)  کي بنياد (Base) ۽ انھيءَ ھيٺان وڇايل واري جيڪا مٽي ۽ بنياد جي وچ ۾ گديلي (Cushion) جو ڪم ڏئي ٿي، انھيءَ کي اندريون تھھ (Under layer) ۽ انھيءَ ھيٺان تيار ڪيل ۽ ھموار ڪيل ڀراءُ کي ھيٺيون بنياد (Sub-base)  چئبو آھي. اڳتي ھلي مختلف فرشن جي بيان ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھر جاءِ تي ھنن لفظن جي تفصيلي بيان ڪرڻ بجاءِ انھن کي ساڳي نالي واري صورت ۾ استعمال ڪيو ويندو. انھيءَ ڪري ھنن لفظن کي چڱيءَ طرح ڌيان ۾ رکيو وڃي.

        مٿي ڄاڻايل واريءَ جي تھن کي ايترو دٻايو وڃي، جيئن انھن جي ٿولھھ ٽن انچن مان ڦري ٻھ انچ بيھي.

        فرش کي گھربل ليول، بنياد (Base) ۾ ڏني وڃي.

        عام گھريلو فرشن ۾ 1:4:8 يا 1:6:12 جي تناسب وارو سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھھ ڏنو وڃي. عام طرح سان انھيءَ بنياد (Base) جي ٿولھھ ٤ انچ رکي ويندي آھي. جيڪڏھن علائقي ۾ تمام گھڻي سم سبب انھيءَ جو مٿي فرشن تائين پھچي نڪري اچڻ جو انديشو ھجي تھ انھيءَ حالت ۾ آزمايل ۽ اعتبار جوڳا سم روڪ مرڪب استعمال ڪجن ۽ گھڻي اڏوھيءَ وارن علائقن ۾ انھيءَ کي مارڻ جون ڪيميائي دوائون ھيٺئين بنياد (Sub-base) جي مٿان پٿاري پوءِ انھيءَ مٿان بنياد ٺاھيو وڃي.

        غسلخاني جا فرش، ڪمرن جي فرشن کان گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ انچ ھيٺ رکڻ گھرجن. ليول ڪرڻ لاءِ پھرين ديوارن تي نشان لڳائڻ گھرجن.

7-2 :3 پڪين سرن يا ٽائيلن جا فرفش

: (Brick or Tile Flooring)

        ھن قسم جي فرشن لاءِ تمام عمديون پھرئين درجي واريون پڪل، چونڊيل سٺي ڳاڙھي رنگ واريون، سخت ۽ لسيون سرون استعمال ڪيون وينديون آھن. سرن لڳائڻ کان اڳ بنيادي سطح Base) کي تارن واري برش سان صاف ڪري ۽ پاڻيءَ سان ڌوئبو آھي. سلئبن جي مٿان، گرائونڊ فلور کان علاوھ ٻن منزلن جي صورت ۾، سلئبن کي تازي صورت واري حالت ۾ تارن واري برش سان کھرو ڪري ۽ پوءِ سرن لڳائڻ جي وقت مذڪورھ سطح کي ڌوئي، انھن مٿان ڪريل ۽ اکڙيل ڳنڍن ڳوڙھن ۽ ٻئي ابور کي مال صاف ڪري پوءِ انھن مٿان سرن يا ٽائيلن جي فرشبندي ڪئي ويندي آھي.

        سرن کي استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ کين چڱيءَ طرح پاڻيءَ ۾ ٻوڙي تر (Soak)  ڪيو ويندو آھي. ٽِيپ (Pointing)  نھ ڪرڻ جي صورت ۾ سرن جا جوڙ 3/16 انچن کان وڌيڪ نھ رکبا آھن ۽ جوڙن مان ٻاھر نڪري آيل مصالحي (Mortar) کي چوناڙي يا ماري (Trowel)  سان ماريو (Struck)  ويندو آھي يا انھيءَ کي آلي ڪپڙي سان اگھي صاف ڪيو ويندو آھي. جڏھن تھ ٽيپ ڪرڻ واري حالت ۾ جوڙ 3/8 انچن کان وڌيڪ ٿلھا نھ رکبا آھن ۽ تازي حالت ۾ جوڙن ۾ ڪم آيل مصالحي کي ھڪ انچ تائين گھرو اکيڙيو (Rake) ويندو آھي، جنھن سطح تي فرشبندي ڪرڻي ھوندي آھي انھيءَ کي ¾ انچن جي ٿولھھ ۾ مصالحو پٿاريو ويندو آھي. ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ ھن قسم جي فرشن کي ٦ ڏينھن تائين آلو رکيو ويندو آھي ۽ ٽيپ ڪرڻ جي حالت ۾ ٽيپ ڪرڻ کان پوءِ کين ١٤ ڏينھن تائين آلو رکڻو ھوندو آھي.

        ھن قسم جي فرشبنديءَ ۾ انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تھ ھر ھڪ جوڙ ۾ خاص طور اڀي جوڙ ۾ مصالحو مٿي تائين چڱيءَ طرح ڀريل ھجي. جيڪڏھن ڪم ھلندڙ ھجي تھ انھيءَ ڪم جي پوري ٿيڻ تائين ھن قسم جي فرشن کي سج، مينھن، پاري يا ٿڌ، گھم ۽ موسم جي ڦرندڙ گھرندڙ اثرن کان بچاءُ ۾ رکجي.

        ھن قسم جي فرشن کي تيار ڪرڻ کان پوءِ کھري ڪاربورنڊم پٿرStone)  (Corborundum سان گسائي لسو ڪري ڌوئي پوءِ استعمال ڪيو ويندو آھي. ھي فرش گھڻو ڪري گھر جي اڱڻن (Courtyard)  جي لاءِ ٺاھيا ويندا آھن.

 

7-2 :4  سيمينٽ ڪانڪريٽ جا فرش

: (Cement Concrete or Conglomerate floors)

        ھن قسم جا فرش عام طرح سان نھايت ئي گھڻو مقبول آھن. ھن قسم جا فرش ڪچي بنياد (Sub-base) جي تيار ڪرڻ کان پوءِ انھيءَ مٿان 1:4:8 يا 1:6:12 جي تناسب وارو سيمينٽ ڪانڪريٽ جو (Base) بنياد وجھي انھيءَ جي مٿان شيشي، ايليومينم (Aluminium) وغيره جي پٽين جا چوڪنڊا خانا ٺاھي انھن ۾ گھربل ٿولھھ (جيڪا اڪثر ڪري ١ انچ کان ٤ انچن تائين ھوندي آھي) مطابق 1:2:4 جي تناسب جو سيمينٽ ڪانڪريٽ استعمال ڪري ٺاھيا ويندا آھن. اھا فرشبندي خانن ذريعي انھيءَ ڪري ورڇي ويندي آھي جو سموري مطلوبھ ايراضي ۾ لاڳيتو فرش وجھڻ سان موسمي اثرن جي تبديليءَ سبب ڪانڪريٽ جي سوس ۽ واڌ سبب فرش ۾ ڏار پئجي ويندا آھن.  شيشي جي پٽين استعمال نھ ڪرڻ جي صورت ۾ گھربل فرش کي لڪيرن جي صورت ۾ سھڻي نموني عليحدھ عليحدھ خانن ۾ ورھائي پوءِ ھڪ ڇڏي ٻيو يعني واري سر Alternate) ڪاٺ جي پٽي ڏيئي مقرر ڪيل ٿولھھ جي حساب سان ڀريو ويندو آھي. ٻنھي صورتن ۾ انھن خانن کي ھڪ ئي انداز ۾ ورھايو ويندو آھي. پٽين استعمال نھ ڪرڻ جي صورت ۾ ھڪ واري سان ڀريل فرش جي خانن کان پوءِ واري سر ڀرڻ وارا خانا ٢٤ ڪلاڪن کان پوءِ ڀريا ويندا آھن. ھر ھڪ خاني جي ايراضي ١٦ مربع فوٽن کان وڌيڪ نھ رکي ويندي آھي ۽ انھن خانن جي ننڍي ۾ ننڍي سائيڊ (پاسو) ٣ فوٽن کان ۽ وڏي ۾ وڏو پاسو ٦.٥ فوٽن کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي.

        ھن قسم جي فرشبندي ٺاھڻ لاءِ مٿي ڄاڻايل ڳالھين سان گڏو گڏ ٻين ھيٺين ڳالھين جو خاص خيال رکيو وڃي.

        (i)  شيشي يا ائليومينم جون پٽيون جيڪي فرش کي مختلف خانن ۾ ۽ ھڪجھڙي انداز (Symmetrical)  ۾ ورھائڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون آھن، اھي 1/8 انچن  (3 mm) ٿلھيون ۽ گھربل انداز جي ٽاپنگ (Topping)  جيتريون اوچيون (Deep)  ھئڻ گھرجن.

        (ii) خانن ۾ ورھائڻ کان اڳ ۾ چوني جي ڪانڪريٽ (Lime Concrete) يا سيمينٽ ڪانڪريٽ جي بنيادي فرش (Base) کي، جيڪو بالڪل ھڪ ڪري (Uniform) تھھ جي صورت ۾، چڱيءَ طرح ڳتي نھرو ڪيل (Compacted)  ۽ گھربل فرش جي حساب ۾ بالڪل صحيح، انھيءَ جي پور وڇوٽ (Parallel) ۽ ھڪ ئي دفعي سان وڌل ھوندو آھي. گھٽ ۾ گھٽ ستن ڏيھن تائين ترائي (Curing)  ڪري، سخت بنائي ۽ بعد ۾ فرش وجھڻ وقت پھريائين انھيءَ کي لوھھ جي تارن واري برش سان صاف ڪري انھيءَ مان مٽي ۽ ابور کي مال  کي ڪڍي ۽ سڪل ھئڻ جي حالت ۾ پاڻيءَ جو ٽيھو ڏيئي بعد ۾ خالص سيمينٽ ۽ پاڻيءَ جي پتري مرڪب جو تمام ھلڪو ٽيھو ڏيئي پوءِ انھيءَ مٿان فرش (Topping) وڇايو وڃي.

        (iii)  زميني سطح کان مٿي تيار ڪيل منزلن واسطي سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ڇتين (Slabs) وجھڻ وقت جلد ئي انھن مٿان ھن قسم جو فرش وڌو وڃي ۽ وقت گذري وڃڻ جي حالت ۾ انھن کي ٿورو گھرو ڪري اٽڪل ڏيڍ انچ ٿلھو، گھٽ مقدار واري سيمينٽ ڪانڪريٽ جھڙوڪ 1:6:12  يا 1:4:8  جي تناسب وارو، تھھ چڙھي پوءِ انھيءَ مٿان ھن قسم جي ٽاپنگ (Topping)  چاڙھي وڃي.

        (iv) بنياد (Base)  کي ڪڏھن بھ لسو نھ ڪيو وڃي تھ جيئن ٽاپنگ انھيءَ سان مضبوطيءَ سان جڪڙجي وڃي.

        (v) سيمينٽ ڪانڪريٽ جو مسالو گھاٽو (Dense) رکيو وڃي، جيئن انھيءَ جو جھڪاءُ (Slump)  ڏيڍ انچ کان نھ وڌي. عام ڪمن لاءِ ھڪ ڪعب فوٽ تي ساڍن چئن کان پنجن گيلن تائين پاڻي استعمال ڪجي. پاڻي ۽ سيمينٽ جو تناسب Water Cement Ratio)  0.04کان نھ وڌڻ گھرجي ۽ چلت (Workability)  کي سيمينٽ ڪانڪريٽ ۾ استعمال ٿيندڙ پٿر جي ٽڪرن ۽ جابلو ريتيءَ (Aggregate)  جي انداز کي ملائي بيھارڻ (Adjustment)  رستي ضابطو ڪيو وڃي.

        (vi) ھڪ خاني (Panel)  جو مال ھڪ ئي دفعي (Lot) سان ملائي، ۽ سيمينٽ ملائڻ کان ٥ منٽن اندر مال ملائڻ واري تختي (Mixing board) تان فرش تي ويھي آھستگيءَ سان لاھي، خانو ڀري، انھيءَ کي ڪرني ۽ سڌي پٽيءَ (Straight edge)  وسيلي پٿاري، سنئون ڪيو وڃي. پٿارڻ بعد انھيءَ کي ٥ کان ١٠ منٽن تائين اٽڪل ٥ پائونڊن جي ڪاٺ جي ٿاڦيءَ سان زور سان ٿڦڪيون ڏيئي سوڙھو ڳتيو وڃي، جيئن انھيءَ ۾ ڄمڻ کان پوءِ سنھن سوراخن پيدا ٿيڻ جو انديشو نھ رھي.

        (vii) سيمينٽ ڪانڪريٽ کي خانن ۾ پٿارڻ کان پوءِ  شروعاتي ٽائيم ۾ انھيءَ کي تمام گھڻو ٿاڦڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اھو جڏھن سخت ٿيڻ لڳي تھ انھيءَ کي تڪڙو تڪڙو لوھھ جي ڪرنيءَ (Trowel)  سان ماريو وڃي. سخت ٿيڻ کان اڳ ۾ سڌيءَ پٽيءَ ذريعي انھيءَ کي چڪاسيو وڃي ۽ جيڪڏھن ڪجھھ ھيٺاھيون مٿاھيون (Undulations) نظر اچن تھ انھن کي ختم ڪرڻ گھرجي. ازانسواءِ ٿاڦيءَ سان ٿڦڪين ڏيڻ بعد جيڪڏھن ڪو فالتو باريڪ مال (Stuff) نظر اچي تھ انھيءَ کي يڪدم خارج ڪيو وڃي.

        (viii) جيڪڏھن ٿڦڪين ڏيڻ سان سطح جي مٿان سيمينٽ جي ڪريم جي پيسٽ نڪري اچي تھ ائين ڄاڻجي تھ مصالحي ۾ تمام گھڻو ۽ ضرورت کان وڌيڪ پاڻي پئجي ويو آھي. اھڙي مال کي خانن مان ڪڍي ۽ ٻئي اھڙي ٺاھيل مال کي خارج ڪيو وڃي.

        (ix) مٿي ڄاڻايل پٿارڻ ۽ دٻائڻ (Ramming) واري سلسلي کي آلي حالت ۾ ملايل (Wet mixing) ڪانڪريٽ جي ٽائيم کان پوءِ ٣٠ منٽن اندر پورو ڪرڻ گھرجي.

        (x) ھڪ ڇڏي ٻئي خاني ڀرڻ جي صورت ۾ ٻئي ڏينھن تي خانن ٺاھڻ وارين رھنمائي پٽين (Screeds) کي خبرداريءَ سان ڪڍيو وڃي ۽ ٺاھيل چونڪن يا خانن (Panels) جي پاسن کي چڪاسيو وڃي ۽ انھن کي ڀڄڻ نھ ڏجي. انھن پاسن تي ڪنھن اڻ جاذب (Non-absorbent)  ڪاغذ کي رکي ۽ مٿي تيار ٿيل چونڪي مٿان ويڙھيو وڃي، جيئن اڳتي ھلي رھيل خانن کي ڀرڻ وقت نئون مال اڳ ۾ ٺھيل چونڪن جي ڪنارن سان چنبڙي نھ پوي ۽ نھ ئي وري ٺھيل چونڪن مٿان پٿارجي وڃي. گھڻي خيال رکڻ کان پوءِ بھ جيڪڏھن ڪجھھ مصالحو انھن مٿان ڪري پوي تھ انھن کي تازي حالت ۾ ئي صاف ڪري ھٽايو وڃي.

        (xi) ٽئين ڏينھن تي ڇڏيل خانا جيڪي ھڪ ڇڏي ٻئي (Alternate) جي اصول تي ڀرڻا آھن، انھن کي پورو ڪيو وڃي ۽ انھن جي ڀرڻ وقت اڳ ۾ ٺھيل چونڪن کي نقصان ٿيڻ نھ ڏجي. ھنن ڇڏيل خانن کي ڀرڻ تائين اڳ ٺاھيل چونڪن جي ڀِڳل سڻيءَ جي ڳوڻ رستي چڱيءَ طرح ترائي ڪرڻ گھرجي ۽ انھن کي ترائيءَ جي مدي تائين ھرگز سڪڻ نھ ڏجي. سموري فرش مڪمل ٿيڻ کان پوءِ انھن مٿان جابلو واريءَ سان ٻارا ٺاھي، انھن اندر مسلسل پاڻيءَ جا دٻا ٺاھي اٽڪل ١٤ ڏينھن تائين ترائي ڪئي وڃي.

        (xii)  ھن قسم جي فرش جي مٿاڇري کي سڪل سيمينٽ يا گھڻي سيمينٽ ۽ واريءَ جي مرڪب کي انھيءَ مٿان ڇڻڪاري ڪڏھن بھ لسو ۽ پختو ڪرڻ نھ ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ تھ خراب سطح کي لڪائڻ لاءِ اھو ھڪ حسين ڌوڪي جي برابر آھي.

سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرشن جا قسم

: (Types of C.C. Floors)

        ھن قسم جي فرشن کي ٺاھڻ وارن طريقن جي لحاظ کان ٻن نمونن ۾ ورھائي سگھجي ٿو. ھڪ غير مفرد (Non-monolithic)  ۽ ٻيو ھڪ جان يا مفرد (Monolithic).

        غير مفرد (Bonded) فرشن ۾ ڪانڪريٽ جو مٿيون تھھ اڪثر ھيٺئين تھھ (Base) جي وجھڻ کان ٽي ڏينھن پوءِ وڌو ويندو آھي، جيئن اھي ٻئي يڪ جان نھ ٿين، پر الڳ الڳ رھن. اھي فرش بھ يا تھ ھڪ تھھ جي صورت ۾ يا ٻن تھن جي صورت ۾ وڇايا ويندا آھن. ھڪ تھھ (Single layer) جي صورت ۾ گھڻو ڪري (4 cm) 1 5/8 ٿلھو تھھ ھڪ ئي وقت وڇايو ويندو آھي. ٻن تھن (Two layers) جي صورت ۾ مٿي ڄاڻايل ٿولھھ کي ٻن حصن ۾ اھڙي نموني ورھايو ويندو آھي، جيئن ھڪ ئي وقت اھي ٻيئي تھھ پاڻ ۾ ملي وڃن. ھن ۾ ھيٺ واري ڪچي تھھ (Base) سان ملندڙ تھھ جي ٿولھھ ١ انچ (2.5 cm)  رکي ويندي آھي ۽ سڀ کان مٿئين تھھ جي ٿولھھ 5/8 انچ (1.5 cm)   رکي ويندي آھي. ازانسواءِ ھيٺئين تھھ ۾ گھڻو ڪري 1:3:6 جي تناسب ۾ ۽ مٿئين تھھ ۾ 1:2:3 جي تناسب ۾ سيمينٽ ڪانڪريٽ استعمال ڪيو ويندو آھي.

        ھڪ جان يا مفرد (Monolithic)  قسم جا فرش اٽڪل ¾ انچ (2 cm)  ٿلھا ۽ ھيٺئين ڪچي ڪانڪريٽ (Base)  سان گڏو گڏ ٺاھيا ويندا آھن، جيئن ٻئي تھھ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان چڱيءَ طرح ملي ۽ سڪڻ کان پوءِ ھڪ ٿي وڃن. ھيٺئين بنياد (Base) ۽ ھن تھھ جي وڇائڻ ۾ ٤٥ منٽن کان ٤ ڪلاڪن تائين وقفو ڇڏيو ويندو آھي ۽ ھن قسم جي فرش ۾ 1:2:4  جي تناسب وارو سيمينٽ ڪانڪريٽ استعمال ڪيو ويندو آھي. عام طرح سان ھي مفرد قسم جا فرش اڄڪلھھ مروج نھ آھن.

فرشن جي مٿاڇري کي سخت بڻائڻ

: (Hardener Treatment)

        سيمينٽ ڪانڪريٽ جي مٿاڇري کي جڳھھ جي ۽ ضرورت جي نوعيت مطابق سخت ڪندڙ مرڪبن جھڙوڪ جست (Zinc) ۽ مئگنيشيم فليوئوسليڪيٽيڊ (Magnesium Fluosilicated)، سوڊيم سليڪيٽ  (Sodium Silicate)  ۽ ٻين اھڙين ڪيميائي دوائن ملائڻ سان مضبوط بڻايو ويندو آھي. ھن ۾ زنڪ يا مئگنيشيم جي فليوئوسليڪيٽ جي اڌ پائونڊ کي ھڪ گئلن پاڻيءَ ۾ ملائي پھريون ليپ ڏنو ويندو آھي، انھيءَ کان پوءِ ضرورت مطابق ھر ٻيو ليپ ھر گئلن پاڻيءَ ۾ ٻن پائونڊن جي حساب سان ڏنو ويندو آھي. انھن ليپن ڏيڻ کان اڳ ۾ فرش کي چڱيءَ طرح سان ڌوئي، ھر ابور کي مال، تيل، رنگ ۽ ٻئي ھر ڌارئي مادي (Foreign substance) کان پاڪ ۽ صاف ڪرڻ گھرجي.

        ھن قسم جو ليپ ھڪ گئلن ۾ ١٣٠ مربع فوٽ والاري (Cover)  ٿو، سڪڻ کان پوءِ ھن فرش کي تمام گھڻي خيال سان ڪپڙي سان اگھڻ گھرجي.

        ھيءُ فرش گھڻو ڪري رستن، گھٽين، فوٽ پاٿن، وڏن سماعت خانن (Auditoriums)، عام ميڙ وارن ھنڌن وغيره لاءِ استعمال ڪيا ويندا آھن.

7-2 :5 مستحڪم سيمينٽ ڪانڪريٽ جا فرش

: (R.C.C Floors)

        ھن قسم جي فرشن ۾ پڻ سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرشن ۾ ڄاڻايل ڳالھين جو خيال ڪيو ويندو آھي. ھنن ۾ ڇتين وانگر ۽ ڊزائن مطابق لوھ جون سيخون استعمال ڪيو وينديون آھن، انھيءَ ڪري ھي فرش سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرشن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا آھن.

        ھنن فرشن ۾ سيمينٽ ڪانڪريٽ جو مٿيون تھھ ٦ انچن (15 cm) کان ٨ انچن (20 cm) تائين وڌو ويندو آھي. ھنن فرشن ۾ بنيادي تھھ گھڻو ڪري اٽڪل ٤ انچ گھرو وڌو ويندو آھي. مٿئين تھھ جي اڌ عمق (Depth)  تي لوھ جو ڄار اھڙي نموني وڇايو ويندو آھي، جيئن اھو ھيٺئين تھھ کان مٿي اڀريل رھي ۽ انھيءَ جي مٿان سيمينٽ ڪانڪريٽ جو گھربل تھھ (Cover) چڙھي.

        ھن قسم جا فرش اھڙن ھنڌن تي ٺاھيا ويندا آھن، جن تي ڳري مشينري، ٽرئفڪ ۽ ٻين اھڙين ڳرين شين جي چرپر ٿيڻي ھوندي آھي، جھڙوڪ؛ ڪارخانا، جديد فيڪٽريون، ھيليڪاپٽرن ۽ جھازن جا رستا (Runways) ۽ لارين ۽ موٽرن بيھارڻ وارا دالان وغيره.

سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرشن جون خاصيتون

: (Characteristics of C.C. Floors)

        (i) ھن قسم جي فرشن کي پنھنجي پسند مطابق گھربل رنگ ملائي خوبصورت بڻائي سگھجي ٿو.

        (ii) ھنن فرشن جي سنڀال سولائيءَ سان ڪري سگھجي ٿي ۽ انھن تي گھٽ خرچ لڳي ٿو.

(iii) ھنن فرشن جي اڏاوت آسان ۽ پائيدار ھئڻ سبب انھن کي عام طرح سان رھائشي، تجارتي ۽ مجلسي عمارتن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

(iv) ھن قسم جي فرشن ۾ باھھ سان مقابلو ڪرڻ جي ڪافي قوت ٿئي ٿي.

(v) ھي فرش غير جاذب (Impervious)  ۽ ٺوس ٿين ٿا.

(vi) ھنن کي آسانيءَ سان ڌوئي صاف ڪري سگھجي ٿو.

 

7-2 :6 موزائيڪ يا ٽيرازو فرش

: (Mosaic orTerrazzo floors)

        ھن قسم جي فرشن لاءِ پڻ بنياد ساڳئي نموني ٺاھيو ويندو آھي جيئن پھرين ڄاڻايو ويو آھي، انھيءَ جي مٿان ھن قسم جي فرشن کي ٻن تھن جي صورت ۾ ٺاھيو ويندو آھي. ھيٺئين تھھ ۾ ١ انچ کان ¾ انچ (٢.٥ کان ٢ سينٽيميٽر) جي عمق ۾ گھربل تناسب (جھڙوڪ؛ 1:2:4  يا 1:2 ½ :3 ½ وغيره) ۾ سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھھ وڌو ويندو آھي ۽ مٿيون تھھ ¼ انچ (6 mm) ٿلھو رکيو ويندو آھي ۽ انھيءَ ۾ بلوري پٿر (Marble chips)  جا ٽڪرا ملايا ويندا آھن. ھن ۾ بلوري پٿر جي ٽڪرن ۽ سيمينٽ جو تناسب عام طرح سان 1:2 يعني ھڪ حصو سيمينٽ ۽ ٻھ حصا بلوري پٿر جا ٽڪرا ھوندو آھي ۽ ٻيو تھھ پھرئين تھھ چاڙھڻ کان پوءِ ٻئي ڏينھن چاڙھيو ويندو آھي. مٿئين تھھ کي گھربل تھھ کان ٿورو وڌيڪ ٿلھو رکيو ويندو آھي جيئن انھيءَ جي ڪٽڻ ۽ گسائڻ کان پوءِ اھو پوريءَ ۽ گھربل ٿولھھ ۾ بيھي. ھن ۾ استعمال ٿيندڙ جابلو ريتي ٿلھي (Coarse) گھربل سائيز  جي ۽ صاف ھئڻ گھرجي. بلوري ٽڪر (Marble chips) مضبوط ۽ 1/16 انچن کان 1/8انچن (1.55 mm کان 3 mm) جي سائيز جا ھئڻ گھرجن. وڏي سائيز جي ڪمرن ۽ ھالن ۾ ¼ انچن جي سائيز تائين بلوري ٽڪر استعمال ڪري سگھجن ٿا. بي ڊبليو ڊيءَ جي اسپيسيفڪيشنس مطابق مٿيون بلوري ٽڪرن جو تھھ 3/8 کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي. جڏھن تھ ھيٺيون سيمينٽ ڪانڪريت جو تھھ ١ انچ کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي ۽ اھي ٻئي تھھ يڪجان (Monolithic) ھئڻ گھرجن جيئن موزائيڪ فلور جي فرش جي ٽاپنگ جي جملي ٿولھھ 1 3/8 کان گھٽ نھ بيھي. انھيءَ کان سواءِ ٻين ھيٺين ڳالھين جو خاص خيال رکيو وڃي.

(i) سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ھيٺئين تھھ ٺاھڻ تائين عليحده خانن ٺاھڻ، سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ملائڻ، انھيءَ کي پٿارڻ، انھيءَ جي گھاٽاڻ ۽ واٽر سيمينٽ رئشو (پاڻيءَ ۽ سيمينٽ جو تناسب) اڳ ۾ ڄاڻايل سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرش مطابق ھئڻ گھرجي.

        (ii) بلوري ٽڪرن کي استعمال ڪرڻ کان اڳ کجيءَ جي ڦرھن جي ڇٻن ۾ وجھي چانورن وانگر پاڻيءَ سان ڌوئي بالڪل صاف ڪري سڪائي پوءِ استعمال ڪرڻ گھرجي.

        (iii) سڀ کان پھرين سيمينٽ ڪانڪريٽ جي بنياد تي، جيڪو سنوت ۾ ۽ کھرو ڇڏيو ويندو آھي، گھربل ٿولھھ جي عمق وارين پتل (Brass)، ٽامي(Copper)، جست (Zinc)، شيشي (Glass)، يا ٻڙي نمبر (Zero Number) جي بلورن جي چوري جي ٺھيل پٽين سان ھڪ ڪرا، سھڻا ۽ گھربل ڊزائن جا خانا ٺاھيا وڃن.

(iv) گھربل تناسب جي حساب سان ماپ وارين پيتين ذريعي سيمينٽ ۽ بلور جي ٽڪرن کي پھرين سڪل حالت ۾ ڪنھن صاف پڪي فرشي ٽڪري تي پر ڪوشش ڪري تغاريءَ يا ٻئي ڪنھن اھڙي ٿانو (Container) ۾ وجھي ٿورو ٿورو پاڻي ملائي ايتري گھاٽاڻ (Workability)  تائين بيھارجي جيتري ۾ اھو استعمال ڪرڻ جي لائق بڻجي، پوءِ انھيءَ کي خانن اندر لاھي ترتيب سان لوھھ جي ڪرنيءَ ذريعي پٿاري ٿڦڪيون ڏيئي ڳتيو وڃي. جيڪڏھن ٿڦڪين ڏيڻ سان انھيءَ مان ڪريم نڪري تھ اھڙي ملاوٽ کي خارج ڪيو وڃي.

        (v) ڪوشش ڪري بلوري ٽڪرن جو تھھ Mosaic topping) ايتري ٽائيم اندر ڏنو وڃي جيتري ۾ ھيٺيون سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھھ لچڪدار (Plastic)  حالت ۾ ھجي. (عام طرح سان اھو ٻئي ڏينھن ڏنو ويندو آھي) پر جيڪڏھن ھيٺيون تھھ بالڪل سڪي وڃي تھ پوءِ انھيءَ مٿان خالص سيمينٽ ۽ پاڻي جو ھلڪو تھھ (Slurry)  ڏيئي پوءِ جلد ئي انھيءَ مٿان موزائيڪ جي داڻي جو تھھ چاڙھجي. انھيءَ تھھ مٿان ھلڪيون ٿڦڪيون ڏيئي انھيءَ کي ڪرني ۽ ليول واري پٽيءَ سان سڌو ڪري ۽ بالڪل صحيح ليول ۾ بيھارجي.

        (vi)  ليول بيھارڻ ۽ ڪرنيءَ سان ٻھ ٽي گھمرا ٿڦڪيون ڏيئي ڳتڻ کان پوءِ اگر مٿاڇري تي ڪرنيءَ جا داغ ٿي بيھن تھ انھن کي ميساڻ جي ڪوشش ھرگز نھ ڪجي ڇاڪاڻ تھ اڳتي ھلي مٿان گسائڻ (Grinding)  کان پوءِ اھي داغ خود بھ خود ميٽجي ويندا.

        (vii) انھيءَ کان پوءِ يڪدم ئي موزائيڪ جي تازي پيل فرش مٿان ڪرنيءَ جي مدد سان خالص سيمينٽ جو تھھ چاڙھي ۽ انھيءَ مٿان ترائيءَ واسطي آليون ڳوڻيون رکجن.

(viii) ٽن ڏينھن بعد انھيءَ فرش جي مٿان تمام کھرن ڪاربورئنڊم بلاڪن رستي خوب طرح سان ھن فرش جي گسائي  ڪئي وڃي. اھا گسائي، مشين استعمال ڪرڻ سان تڪڙي ۽ عمدي رھي ٿي. ڪن خاص حالتن ۾ مشين نھ ھئڻ سبب انھيءَ کي ھٿ رستي انھن بلاڪن سان (جن کي عام طرح سان بٺي ڪوٺيو وڃي ٿو) زور سان رڳڙي لسو بنائي سگھجي ٿو. رڳڙائي يعني گسائي فرش مٿان سنھي ريتي ۽ پاڻي ھاري خوب طرح سان ڪرڻ گھرجي جيستائين داڻو ظاھر ٿي بيھي.

        (ix) پھرين گسائي کان پوءِ فرش جي تھھ مٿان ڪجھھ سوراخ ٿي پون تھ انھن جي خالص سيمينٽ سان مرمت ڪرڻ گھرجي ۽ فرش کي سڪڻ نھ ڏجي.

        (x) ٻي رڳڙائي وري پنجن ڏينھن کان پوءِ وچولي کھرن ڀترن يعني بٺين سان ڪئي وڃي ۽ گشائيءَ دوران جيڪڏھن سوراخ وغيره نظر اچن تھ انھن جي خالص سيمينٽ سان مرمت ڪجي. انھيءَ سموري ڪم دوران فرش کي تر رھڻ ڏنو وڃي.

        (xi) آخر ۾ سنھن بٺين (Fine Sand-blocks)  رستي رڳڙي ۽ تمام گھڻي پاڻي ھارڻ بعد انھيءَ کي بالڪل صاف ۽ چِٽو ڪيو وڃي ۽ اھڙا فرش جن ۾ آخري گسائيءَ کان پوءِ بھ موزائيڪ جو داڻو نظر نھ اچي تھ انھن کي خارج ڪري ٻيھر ٺھرائڻ گھرجي.

(xii) آخري گسائيءَ کان پوءِ ھنن فرشن کي ھلڪي صابڻ (Mild Soap) سان ڌوئي تمام گھڻي پاڻيءَ سان صاف ڪري پوءِ سڪڻ لاءِ ڇڏي ڏنو وڃي ۽ جڏھن اھي بالڪل چڱيءَ طرح سان سڪي وڃن تھ انھن مٿان آغزئيلڪ ائسڊ جو پائوڊر (Oxalic Acid Powder)  ھاري لڪڙن مٿان سڻيءَ جون ٻوريون لپيٽي تمام گھڻي زور سان گٺو وڃي ۽ انھن کي سڪڻ لاءِ ڇڏي ڏنو وڃي. سڪڻ کان پوءِ وري ٻيھر پھرئين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ (Oxalic Acid Powder)  پائوڊر ھاري ڪپڙي جي گدين (Cloth pads) سان انھيءَ کي گسايو وڃي ۽ انھيءَ کي سڪائي پوءِ چڱيءَ طرح صاف ڪجي.

(xiii) انھيءَ بعد فرش کي ڪنھن صاف تيل ۽ ڪاٺ جي ٻوري سان ڍڪي ڇڏجي ۽ رنگ روغن ۽ ٻين جاءِ جي سمورن ڪمن پوري ٿيڻ بعد انھن کي تمام سٺي پالش ڪري، ۽ صاف سٽ (Cotton Waste)  سان زور سان گسائي چمڪندڙ بنايو وڃي.

(xiv) رنگين فرشن ٺاھڻ واسطي سڪو ملائڻ وقت سفيد سيمينٽ ۾ گھربل رنگ سڪل حالت ۾ ملائي، پوءِ مٿي ڄاڻايل ھدايتن مطابق اڳتي وڌجي.

7-2 :7 ٽيرازو ڊئڊو ۽ اسڪرٽنگ

: (Terrazzo Dado and Skirting)

        بلوري پٿر جي داڻي  (Marble Chips) ۾ سيمينٽ ملائي ڀتين مٿان عمق جي صورت ۾ چاڙھي، انھيءَ جي موزائيڪ فلورنگ وانگر گسائي وغيرھ ڪري، داڻي کي ظاھر ڪري، خوبصورت سطح ۾ آڻڻ کي ٽيرازو ڊئڊو يا اسڪرٽنگ سڏيو وڃي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org