سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :11

(الف) مفرد يا ھيڪوٽا فرش

: (Single Floors)

        ھن قسم جي حالت ۾ ھڪ ئي طريقي  سان ڪامون يا شھتير (Bridging joists)  کوڙي انھيءَ مٿان ڪاٺ جا تختا لڳايا ويندا آھن. اھي ڪامون ھر پاسي کان ديوار جي ڪڙين (Wall plates) مٿان رکيون وينديون آھن. اھي ڪامون اھڙيون تھ سخت ھئڻ گھرجن جو انھن مٿان ڪاٺ جي تختن کي ڪوڪن رستي ٺوڪڻ ۾ ڪا بھ تڪليف محسوس نھ ٿئي. انھن ڪامن جي اصلي ۽ بنيادي گھرج اھا آھي تھ اھي بالڪل سخت ۽ مضبوط ھئڻ گھرجن تھ جيئن اھي گھڻي کان گھڻو بار جھلي سگھن. انھيءَ مقصد واسطي اھي حساب ڪيل قوت کان وڌيڪ سخت قوت واري ڪاٺ مان ٺاھيون وينديون آھن. انھن شھتيرن جي ويڪر گھڻو ڪري ٢ انچن کان گھٽ نھ رکي ويندي آھي ۽ اھي ھڪ شھتير جي مرڪز کان ٻئي شھتير جي مرڪز تائين ھڪ فوٽ جي مفاصلي جي حساب سان رکيا ويندا آھن. وڌيڪ مفاصلي رکڻ سان انھن جي مڙڻ جو انديشو رھندو آھي ۽ اھو مڙڻ (Deflection)  ھر ٻن شھتيرن جي مرڪزي مفاصلي جي 1/333 حصي کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي.

        ھنن ڪامن کي تازي گاري (Green mortar)  يا اوساريءَ سان لڳڻ نھ ڏنو وڃي، نھ تھ انھن جو ڪاٺ ڳرڻ لڳندو، جيئن تھ ھن قسم جي فرشن کي ھر حالت ۾ سڪل رکڻو آھي انھيءَ ڪري شھتيرن ۽ ڀتين جي ڇيڙن جي وچ ۾ ھوا جي پوري گذر واسطي وٿي ڇڏي ويندي آھي.

 

شڪل نمبر ٢٠

(مفرد يا ھيڪوٽا فرش)
 

شڪل نمبر ٢١

(مفرد فرشن جا مختلف حصا)

        ڊزائن ڪرڻ بعد شھتيرن کي صحيح ماپ ۽ جاءِ تي کوڙي، انھيءَ مٿان ١ انچ کان 1 ½ انچ ٿلھا ڪاٺ جا تختا لڳائي ڪاٺ جا فرش تيار ڪيا ويندا آھن. مختلف فاصلن لاءِ شھتيرن جي ماپ ھيٺ ڏيکاريل چارٽ مطابق ڪري سگھجي ٿي.

 

صاف مفاصلو

(فوٽن ۾)

شھتير جي ماپ

(انچن ۾)

صاف مفاصلو

(فوٽن ۾)

شھتير جي ماپ

(انچن ۾)

٤.٠٠

3.00x2.00

١١.٠٠

7.88x2.00

٥.٠٠

4.00x2.00

١٢.٠٠

9.06x2.00

٦.٠٠

4.75x2.00

١٣.٠٠

11.00x2.00

٧.٠٠

5.09x2.00

١٤.٠٠

11.00x2.00

٨.٠٠

5.91x2.00

١٥.٠٠

11.00x2.00

٩.٠٠

7.00x2.00

١٦.٠٠

11.00x2.76

١٠.٠٠

7.00x2.00

١٧.٠٠

11.00x3.15

 

     (ب)  ٻٽا فرش : (Double Floors)

        ھن قسم جي فرشن ۾ سڄي ڪمري جي فاصلي مطابق شھتير (Bridging joists)  نھ کوڙيا ويندا اھن ۽ انھيءَ جي برعڪس اھي ٻين شھتيرن جن کي ٻڌندڙ شھتير يا صرف ٻڌندڙ (Binding joists or Binders) ۽ ٽيڪنيڪي ٻوليءَ ۾ ”بائينڊرس“ سڏيو ويندو آھي، انھن مٿان رکيا ويندا آھن. ھي بائينڊرس، مٿان رکيل شھتيرن ھيٺان ٩٠ ڊگريءَ جي سڌي ڪنڊ تي کوڙيا ويندا آھن ۽ انھن ٻڌندڙ شھتيرن کي ديوارن مٿان ٦ کان ٨ فوٽن جي فاصلي تي رکيو ويندو آھي. ڪوشش ڪري ھي فرش درن کان ڪجھھ ھٽائي رکيا ويندا آھن. ھن قسم جا فرش ھڪ تھھ وارن فرشن کان وڌيڪ مضبوط ٿيندا آھن ۽ اھي آواز کي ٻاھر وڃڻ کان بھتر نموني ۾ روڪي سگھندا آھن. ليڪن ھيٺ وارين ديوارن تي ڪن نڪتن وٽ ھنن جو بار اچي ڪٺو ٿيندو آھي. ھنن فرشن جي عمق، اوچائي وڌڻ سان گڏو گڏ وڌي ٿي، انھيءَ سبب جاءِ جي اوچائي پڻ وڌائڻي پوي ٿي ۽ نتيجي ۾ ھي فرش نھايت ئي مھانگا پون ٿا. انھيءَ ڪري ھي فرش گھڻو ڪري ڇتين ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا.

        ھن قسم جا فرش ١٢ فوٽن کان مٿي واري مفاصلي لاءِ ٺاھيا وڃن ٿا ۽ انھن ۾ ”بائينڊرس“ جا ڇيڙا ڀتين ۾ نھ کوڙيا ويندا آھن پر اھي کليل ڇڏيا ويندا آھن تھ جيئن انھن کي ھوا لڳي سگھي.

 

شڪل نمبر ٢٢

(ٻٽا فرش)
 

شڪل نمبر ٢٣

(ٻٽن فرشن جا مختلف حصا)

(ج‌) ڪاٺ جي پڃري يا ٽِيڻن شھتِيرن وارا فرش

: (Triple joist or framed wooden floors)

        جيڪڏھن ڪنھن ڪمري يا وڏي ھال جو ننڍي ۾ ننڍو فاصلو (Short span)  اٽڪل ٢٥ فوٽ يا انھيءَ کان وڌي وڃي تھ ھن طريقي جا ڪاٺ جا فرش ٺاھيا وڃن. ھر فرش گرڊرن، بائينڊرس، شھتيرن (Bridging joists) ۽ ڪاٺ جي تختن رستي ٺاھيا وڃن ٿا. ھن قسم جي فرشن ۾ سڀ کان پھرين، ڪمري جي ننڍي فاصلي جي رخ ۾ ١٣ کان ٢٠ فوٽن جي وٿيءَ تي گرڊر رکيا ويندا آھن. اھي وٿيون بائينڊرس رستي، جيڪي گرڊرن جي گوني ڪنڊ (Right angles) جي طرف رکيون وينديون آھن، ڀريون وينديون آھن. فرش جي گھٽ ۾ گھٽ ٿولھھ رکڻ لاءِ بائينڊرس کي گرڊرن اندر ٽسڪ ۽ ٽينن جوائنٽس (Tusk and Tennon joints) رستي قابو ڪيو ويندو آھي. گرڊرن جي ڇيڙن ۽ ديوارن جي وچ ۾ ھوا جي گذر واسطي وٿي ڇڏي ويندي آھي جيئن ڪاٺ ڳرڻ کان محفوظ رھي. جيئن تھ ھن قسم جي فرشن ۾ ھڪ وڌيڪ ڪاٺ جي گرڊر جو اضافو ڪجي ٿو ۽ ٻڌندڙ شھتيرن (Binding joists) کي انھيءَ سان جوڙي ڪاٺ جو پڃرو ٺاھيو وڃي ٿو، انھيءَ سبب ڪري گرڊرن جي ڪمزور ٿيڻ جو انديشو رھي ٿو. انھيءَ انديشي کي روڪڻ لاءِ ٻڌندر  شھتيرن جي ڇيڙن کي لوھھ جي پٽين (Iron Stirrups)  ذريعي عليحدھ رکيو وڃي ٿو. مکيھ گرڊرن ۽ ٻڌندر شھتيرن کي ايتري حد تائين اونھو رکيو ويندو آھي جيتري ۾ ڇت ۾ ڏار پوڻ نھ ڏنا وڃن.

        شھتير (Bridging joists)  ٻڌندڙ شھتيرن کان ترڇا (Across) رکيا ويندا آھن ۽ انھن کي يا تھ ٻڌندڙ شھتيرن جي مٿان رکيو ويندو آھي يا تھ انھن کي مضبوطيءَ سان جڪڙي فريم ٺاھيو ويندو آھي. شھتيرن جي ھڪ وچ کان ٻئي وچ تائين ١ فوٽ کان 1 ½ فوٽ تائين مفاصلو ڇڏيو ويندو آھي ۽ آخر ۾ ڪاٺ جي تختن کي انھن مٿان رکي فرش ٺاھيو ويندو آھي. بائينڊرس کي گرڊرن سان اھڙي نموني ۾ جڪڙيو ويندو آھي جيئن انھن جو مٿاڇرو ڪاٺ جي گرڊرن جي مٿاڇري کان بالڪل ٿورڙو رھي. ليڪن، شھتير (Bridging joists) بائينڊرس مٿان ائين رکيا ويندا آھن، جيئن انھن جو مٿاڇرو گرڊرن جي مٿاڇري کان بالڪل ٿورڙو مٿي بيھي. انھيءَ طريقي سان ھن قسم جي فرشن جي ٿولھھ گھٽائي سگھجي ٿي.

 

شڪل نمبر ٢٤

(ڪاٺ جي پڃري جا فرش)
 

 

شڪل نمبر ٢٥

(ڪاٺ جي پڃري جي فرشن جا مختلف حصا)

        (ث) زميني يا ھيٺيان فرش : (Ground Floors)

        ھنن فرشن کي پڻ ڪاٺ جي ڳرڻ جي انديشي واسطي پوسل کان روڪڻ لاءِ خاص اپاءُ ورتا ويندا آھن، انھيءَ ڪري ھنن جي ھيٺا سيمينٽ جا ٻھ تھھ ڏنا ويندا آھن. عام طرح سان ھيٺيون تھھ گھٽ ملاوث جھڙوڪ 1:6:12  جي تناسب واري گاري سان ۽ مٿيون تھھ 1:2:4  جي تناسب واري گاري سان ڏنو ويندو آھي. ھر ھڪ تھھ جي ٿولھھ  سراسري طور ٣ انچ رکي ويندي آھي ۽ انھيءَ طرح سان پوري تھھ جي مجموعي ٿولھھ ٦ انچ رکي ويندي آھي. فني (ٽيڪنيڪي) لحاظ کان انھيءَ کي ”سائيٽ“ يا ”اوور سائيٽ“ (Site or Oversite)  سڏيو ويندو آھي. انھيءَ تھھ جي مٿان ٦ فوٽ ۽ ٥ انچ جي ھر ھڪ مرڪزي مفاصلي کان ٻئي مرڪزي مفاصلي جي حساب سان ٤ انچ ٿلھيون ڪاٺ جي تختن (Sleepers) يا پٿر جي بلاڪن يا پڪسري اوساريءَ رستي ننڍيون ديوارون ٺاھي، جن کي (Dwarf walls) چئبو آھي، انھن مٿان ڪاٺ جون وال پليٽون (Walls plates)  لڳايون وينديون آھن. اھي ديوارون ڪمرن جي ٻنھي طرفن يعني ويڪر ۽ ڊيگھھ جي رخ ۾ ۽ ھڪ جھڙي انداز جي وڇوٽيءَ تي ٺاھيون وينديون آھن. شھتير جن کي (Bridging joists) سڏيو وڃي ٿو ۽ عام طرح سان ٤ انچ x ٤ انچ جي سائيز جا ٿين ٿا، انھن کي پليٽن جي مٿان چاڙھي ڪلن ڪوڪن ۽ پيچن وارن اسڪرن ذريعي قابو ڪيو وڃي ٿو. آخر ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ انچ ۽ وڌ ۾ وڌ ڏيڍ انچ ٿولھھ وارا ڪاٺ جا تختا شھتيرن مٿان جوڙي ھن قسم جا فرش ٺاھيا ڃن ٿا.

شڪل نمبر ٢٦

(زميني يا ھيٺيان فرش)

        ڪاٺ جي تختن ھيٺان کليل حصي مان ھوا جي بالڪل پوري گذر واسطي ھيٺ ڏنل ديوارن ۾ ٽنگ ڇڏيا ويندا آھن ۽ انھيءَ کان سواءِ چوڪيءَ جي ليول (Plinth level)  ھيٺان پڻ سوراخن وارن بلاڪن جون ديوارون ٺاھيون وينديون آھن. وال پليٽن لڳائڻ کان اڳ ۾ ھيٺ وارين ننڍين ديوارن ۽ پاسي وارين ڀِتين مٿان 1 ½ انچ ٿلھو پوسل روڪڻ وارو سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھھ (D.P.C)  چاڙھيو ويندو آھي. ھن قسم جي فرشن ۾ عام طرح سان، شھتيرن ۽ تختن لاءِ ديال جو ڪاٺ استعمال ڪيو ويندو آھي. تمام اھم عمارتن لاءِ ڪنھن خاص سبب لاءِ ساڳ جو ڪاٺ (Teak wood)  پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ ڪڏھن وري ساڳ جي ڪاٺ جا تختا ۽ ديال جي ڪاٺ جا شھتير استعمال ڪيا ويندا آھن. ڪن حالتن ۾ شيشم جي صحيح تيار ٿيل ڪاٺ جا تختا پڻ لڳايا ويندا آھن.

7-2 :14 رٻڙ جا فرش : (Rubber Flooring)

        ھن قسمن جي فرشبنديءَ واسطي گندڪ ملايل رٻڙ جا مرڪب، جيڪي رٻڙ ۾ اھڙي طريقي سان ملائي ٺاھيا ويندا آھن تھ جيئن انھيءَ جي مضبوطي ۽ لچڪ وڌي وڃي، سي استعمال ڪيا ويندا آھن. انھن جي شڪل بالڪل سڌي ۽ پلين چادر جھڙي، يا چادرن ۾ خانا ٺاھي پلين يا چٽسالي ڪيل چؤنڪن جي نموني ۾، ۽ يا تھ عليحده عليحده چؤنڪن جي صورت ۾ ٿيندي آھي.

        اھي فرش سيمينٽ ڪانڪريٽ يا اھڙي ڪنھن ٻئي ٺوس ۽ سخت بنيادي تھھ (Base)  مٿان ٺاھيا ويندا آھن. فرش چاڙھڻ کان پھرين بنياد کي ھر ڪنھن قسم جي دز (Dust)  ۽ ٻين اھڙين شين جھڙوڪ پوسل، چڪنائيءَ وغيرھ کان پاڪ ۽ صاف ڪيو ويندو آھي. انھيءَ کان سواءِ بنيادي تھھ ۾ جيڪي بھ ھيٺاھيون ۽ مٿاھيون ھونديون آھن، انھن کي بالڪل چڱيءَ طرح سان صحيح ڪري ليول ڪيو ويندو آھي. استعمال ٿيندڙ رٻڙ 1/8  انچن کان ½  انچن جي معيادي ٿولھھ جو ٿيندو آھي ۽ ھميشھ گندڪ (Suphur)، ٽمڻ ۽ کھراڻ کان پاڪ قسم جو رٻڙ استعمال ڪيو ويندو آھي. انھيءَ کان سواءِ انھيءَ ڳالھھ جو چڱيءَ طرح خيال ڪيو ويندو آھي تھ انھيءَ جو مٿاڇرو لسو ھجي ۽ پاڻيءَ ۽ ڪنھن سٺي معيار واري صابڻ يا ڪنھن اھڙيءَ ٻيءَ شيءِ سان ڌوئڻ يا پالش ڪرڻ سان انھيءَ جي رنگ تي ڪو اثر نھ پوي.

        رٻڙ چاڙھڻ لاءِ انھيءَ جي ھيٺئين پاسي کي کھرو ڪيو ويندو آھي ۽ ھڪ ئي وقت ٢٥ مربع فوٽن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي نھ چاڙھبو آھي. رٻڙ چاڙھڻ کان پھرين بنيادي فرس مٿان ڪنھن سٺي چنبڙائيندڙ (Adhesive)  مرڪب جو ھڪ جھڙو تھھ چاڙھي انھيءَ کي ڏھن کان پندرنھن منٽن تائين کليل ڇڏي ڏبو آھي تھ جيئن انھيءَ کي ھوا لڳي. بعد ۾ انھيءَ مٿان گھربل قسم ۽ ڊزائن جي رٻڙ جو پوش چاڙھي انھيءَ مٿان سھڻي نموني زور ڏيئي چنبڙايو ويندو آھي تھ جيئن فرش جي بنيادي تھھ ۽ رٻڙ جي چادر جي وچ ۾ ھوا نھ رھي ۽ رٻڙ فرش سان بالڪل چڱيءَ طرح ۽ سڌائيءَ ۾ چنبڙي. انھيءَ لاءِ عام طرح سان ننڍو لوھھ جو رولر استعمال ڪيو ويندو آھي.

        انھيءَ کان پوءِ رٻڙ جي فرش کي گھٽ ۾ گھٽ ٽن ڏينھن تائين آزاد ڇڏيو ويندو آھي ۽ انھيءَ کي ڪنھن سٺي صابڻ سان ڌوئي استعمال ڪيو ويندو آھي.

        ھن قسم جا فرش اھم جاين، آفيسن، اسپتالن، سينيمائن ۽ ھوٽلن وغيره ۾ استعمال ڪيا ويندا آھن. معياري تعليمي درسگاھن ۽ آڊيٽوريم اندر پڻ ھن قسم جا فرش پسند ڪيا ويندا آھن، ڇاڪاڻ تھ ھنن مٿان ھلن سان آواز نٿو ٿئي ۽ سانت رھي ٿي.

7-2 :15  لينوليم جا فرش : (Linoleum Floors)

        ھنن فرشن کي پڻ رٻڙ جي فرشن وانگر سيمينٽ ڪانڪريٽ يا ڪاٺ وغيره جي بنياد مٿان لينوليم جو پلاسٽڪ جھڙو پوش چاڙھي ٺاھيو ويندو آھي. ڪيميا جي خيال کان لينوليم السيءَ جي تيل (Linseed oil)، ڪارڪ جي دز، ڪاٺ جي ٻوري ۽ رنگ وغيره جو مرڪب آھي، جنھن کي ڪنھن مناسب تھھ جھڙوڪ ڪنوس (Convas)  مٿان پٿاري فرش جو پوش ٺاھيو ويندو آھي. اھو پوش خوشنما نمونن ۾ ٺاھي، بنيادي فرش مٿان چاڙھي، ھن قسم جا دلڪش فرش ٺاھيا ويندا آھن. لينوليم جا رٻڙ جي فرش وانگر الڳ الڳ چؤنڪ پڻ ٺاھيا ويندا آھن، انھن کي لينوليم جا چؤنڪا سڏيو ويندو آھي.

        ھي فرش رٻڙ جي فرشن جي ڀيٽ ۾ سستا ٿيندا آھن ۽ انھن کي وقفي وقفي سان وارنش ۽ ميڻ (Wax)  لڳائڻ سان ھن قسم جي فرشن جي سنڀال ڪري انھن کي پائيدار بڻائي سگھبو آھي. لينوليم عام طرح سان رولن وانگر ويڙھيل ٿانن جي صورت ۾ ملندي آھي، جنھن کي ڪنھن مناسب ڳنڍيندڙ مرڪب (Adhesive) رستي چنبڙايو ويندو آھي. انھيءَ بعد انھيءَ تھھ مٿان وارنش لڳائي، کين چمڪايو ويندو آھي.

        موٽر ڪارن، لارين، جھازن ۽ ريل گاڏين وغيره جا فرش، پڻ لينوليم سان ٺاھيا ويندا آھن ۽ ھن قسم جا فرش رھائشي گھرن، اسپتالن، آفيسن ۽ ريسٽورانن لاءِ بھ نھايت موزون رھن ٿا.

7-2 :16 ڪارڪ جا فرش : (Cork Floors)

        ھن قسم جا فرش اھڙين جاين يا جاين جي انھن حصن لاءِ ڪارآمد آھن، جن کي سانت وارو يعني بنا گوڙ وارو (Noiseless)  ٺاھڻو ھوندو آھي، جھڙوڪ آڊيٽوريم، پبلڪ لئبرريون، ٿئيٽر ۽ چرچون (گرجائون) وغيره.

        ھي فرش ڪارڪن جي چادرن يا ڪارڪ جي ٽائيلن جي صورت ۾ دستياب ھوندا آھن. ڪارڪ جي شيٽن يعني چادرن جي تياري ڪارڪ جي ٽائيلن کان مختلف نموني جي ٿيندي آھي، ڇاڪاڻ تھ ٽائيلن ۾ صرف ڪارڪن استعمال ٿيندو آھي ۽ چادرن ۾ ڪارڪ جا ڇلڪا ۽ ٻورو، السيءَ جو تيل، ڪاٺ جو ٻورو ۽ رنگ وغيره استعمال ٿيندا آھن. ٻنھي قسمن جي فرشن جو ڪجھھ بيان ھيٺ پيش ڪجي ٿو.

     (i) ڪارڪ جي ٽائيلن جا فرش

: (Cork tiles Floors)

        ھن قسم جي فرش ۾ ڪارڪ جا چؤنڪا استعمال ڪيا ويندا آھن ۽ اھي چؤنڪا مختلف ماپن ۾ دستياب ھوندا آھن. داونن يعني بارڊرن (Borders)  لاءِ ١ کان ٣ فوٽن تائين ويڪريون ۽ ٦ فوٽ ڊگھيون ڪارڪ جون پٽيون پڻ ٺھنديون آھن. انھن ٽائيلن جي ٿولھھ ¼ انچن کان 5/8  انچن تائين ٿيندي آھي. اھڙين  ٽائيلن جو ترو سڌو يا جھريءَ وارو ٿيندو آھي. ھي ٽائيلون سيمينٽ ڪانڪريٽ يا ڪاٺ جي ھيٺئين تھھ (Sub base) مٿان لڳايون وينديون آھن. جيڪڏھن ھيٺيون تھھ ڪاٺ جو آھي تھ انھيءَ کي نرم ھئڻ گھرجي يا تھ ٻي صورت ۾ انھيءَ مٿان پِلاءِ (Ply)  لڳائي وڃي. ٽائيلن لڳائڻ کان پھرين ھيٺيون تھھ بالڪل صاف ۽ ھڪ جھڙو ھئڻ گھرجي، جنھن مٿان نرم گديءَ جو پترو تھھ چاڙھيو وڃي، جيئن ڪاٺ جي لڏڻ سان ٽائيلن جي تھھ کي ڪو نقصان نھ پھچي. انھن ٽائيلن کي خاص قسم جي ڏامر ذريعي نرم گديءَ سان چنبڙايو ويندو آھي ۽ آخري حصي يا ڪنڊن وارن چؤنڪن کي ڪوڪن ذريعي قابو ڪيو ويندو آھي.

        جيڪڏھن ھيٺيون تھھ (Base)  سيمينٽ ڪانڪريٽ جو ھوندو آھي تھ انھيءَ مٿان 1:3  جي تناسب وارو سيمينٽ ۽ گاري جو تھھ چاڙھي ۽ مٿاڇري کي بلڪل سنوت ۾ آڻي، سڪڻ ڇڏي ڏنو ويندو آھي. سڪڻ کان پوءِ انھيءَ کي تمام چڱيءَ طرح صاف ڪري انھيءَ مٿان ڏامر (Bitumen)  جو ھڪ جھڙو تھھ چاڙھي، انھيءَ مٿان ٽائيلون وڇايون وينديون آھن.

        ڪارڪ اوڪ (Oak)  يعني شاھھ بلوط جي سدا بھار وڻن جي کل مان تيار ڪيو ويندو آھي. ھيءُ وڻ بحريھ روم جي قريبي ملڪن ۾ ٿيندا آھن، جنھن جي کل تمام گھڻي ٿلھي ٿيندي آھي. انھيءَ کل کي ھر اٺن يا ڏھن سالن کان پوءِ لاٿو ويندو آھي، جنھن کي اٻاري، ٿورڙو آلو ڪيو ويندو آھي ۽ پوءِ انھن کي ڇلي ۽ خوب طرح سان گسائي، گرم ويلڻن مان ايتري وقت تائين لنگھائبو رھبو آھي جيستائين انھيءَ کل مان شيري جھڙي گھاٽي شيءِ ٻاھر نڪري اچي. انھيءَ گھاٽي شيءِ نڪرڻ سان ڪارڪ جي اندر سنھا سوراخ نھ رھندا آھن ۽ اھو وڌيڪ سخت ۽ ٺوس ٿي ويندو  آھي. ھيءُ شيري جھڙو مادو ڪارڪ جي ذرن کي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان چنبڙائي رکندو آھي ۽ انھيءَ کان پوءِ انھيءَ ڪارڪ کي گھربل ماپ جي چؤنڪن جي صورت ۾ ڪاٽي وٺبو آھي.

     (ii) ڪارڪ جي چادرن جا فرش

: (Cork Sheet Floors)

        ھن قسم جي فرشن ۾ ڪارڪ جي ٽائيلن بدران ڪارڪ جون شيٽون استعمال ڪيون وينديون آھن. ھن قسم جون چادرون مختلف ماپن ۽ رنگن ۾ دستياب ھونديون آھن. ھنن چادرن کي پڻ ٽائيلن وانگر ھيٺئين سيمينٽ ڪانڪريٽ يا ڪاٺ جي سخت ۽ ٺوس تھھ مٿان چنبڙائي استعمال ڪيو ويندو آھي.

7-2 :17 پي-وي-سيءَ جا فرش

: ( Polyvinyl Chloride i.e. P.V.C Floors)

        ھن قسم جا فرش گھريلو جاين، ريل گاڏيءَ جي دٻن، دفترن، آڊيٽوريم جي ھالن ۽ ٿئيٽرن وغيره لاءِ موزون رھندا آھن. ھي فرش پڻ رٻڙ يا لينوليم جي فرشن وانگر ٺاھيا ويندا آھن ۽ ھن قسم جا فرش گھڻو ڪري زيبائش لاءِ ئي ٺاھيا ويندا آھن. ھنن فرشي چادرن ۽ چؤنڪن جي ٿولھھ 1/16  انچن کان ¼ انچن تائين ٿيندي آھي.

        ھيءُ پي-وي-سيءَ جو مرڪب جديد دور جي ايجاد آھي جيڪو ٿرموپلاسٽڪ بائينڊرس، فلرس ۽ رنگن مان ٺاھيو وڃي ٿو. ھن قسم جون چادرون ٣ فوٽن، 3 ½ فوٽن ۽ ٦ فوٽن جي ويڪرائيءَ ۾ ۽ چؤنڪا ١ فوٽ، ٢ فوٽن ۽ ٣ فوٽن جي سائيز ۾ دستياب ھوندا آھن ۽ اھي ھڪ قسم جو لچڪدار ۽ اڻ ٽمندر مٿاڇرو مھيا ڪنديون آھن.

7-2 :18 شيشي جا فرش : (Glass Floors)

        ھن قسم جا فرش گرائونڊ فلور ۾ اھڙن حصن تي ٺاھيا ويندا آھن، جن جي ھيٺان تھھ خانا ھجن ۽ انھن تھھ خانن ۾ روشني پھچائڻ جي ضرورت ھجي.

        ھن قسم جا فرش مختلف نمونن ۾ ڪاٺ جا مضبوط فريم ٺاھي انھن ۾ عمارتي شيشي جون شيٽون يا چؤنڪا وجھي تيار ڪيا ويندا آھن. عمارتي شيشو عمدي قسم جو ۽ مضبوط استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ انھيءَ جي ٿولھھ ¼ انچن کان 5/8 انچن تائين ٿيندي آھي.

7-2 :19 ائسفالٽ جا فرش : (Asphalt Floors)

        ھن قسم جي فرشن جا ٻھ نمونا ٿيندا آھن، ھڪ ائسفالٽ ٽائيلن جا فرش ۽ ٻيا ائسفالٽ ماسٽڪ فرش. ھنن ٻنھي نمونن جا فرش سستا، لچڪدار (Resilient)، اڻ جاذب (Non absorbent) ، پوسل روڪ (Moisture proof) ، تيزاب روڪ (Acid proof)، تيل (Oil) ۽ گريس (Greese) سان مقابلو ڪندڙ ٿيندا آھن. انھن خاصيتن سبب ائسفالٽ ٽائيلن وارا فرش سرڪاري آفيسن ۽ اسڪولن وغيره جھڙين عمارتن ۽ ائسفالٽ ماسٽڪ قسم جا فرش گودامن، ڀانڊن، ڪارخانن ۽ ٻين اھڙي نوعيت جي عمارتن لاءِ استعمال ڪيا ويندا آھن.

        ائسفالٽ جون ٽائيون ڏامر جي ھڪ قسم جنھن کي ائسفالٽ چئجي ٿو، ايسبيسٽاس جي ڌاڳي (Asbestos Fibre) ، معدني رنگ (Mineral pigment)  ۽ ٻين شامل ٿيل مادن (Inert Materials) مان دٻاءَ جي ذريعي ٺاھيون وينديون آھن. اھي ٽائيون گھڻو ڪري چؤڪور ۽ ١٠ انچن کان ٢٠ انچن جي ماپ تائين ٿينديون آھن ۽ انھن جي ٿولھھ 1/8 انچن کان ¼ انچن تائين ٿيندي آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org