سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :7

انھيءَ کان علاوه ڪانڪريٽ پٿارڻ کان اڳ تھھ اندران دٻايل ۽ لڪل تارن (Concealed Wiring)  جي صورت ۾ انھيءَ ڳالھھ جو ڌيان رکڻ گھرجي تھ بجليءَ جا پائيپ (Electric Conduits)  صحيح طرح لڳل آھن. بجليءَ جي پکن جا ڪنڍا (Fan hooks) پڻ ڀرائيءَ کان اڳ ۾ لڳائڻ گھرجن، جيئن بعد ۾ ڇت کي کوٽڻو نھ پوي.

        سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ٻاھرين تھن کي شٽرنگ لاھڻ بعد، جلد ئي پاڻي ڏيئي آلو ڪري صاف ۽ خالص سيمينٽ جو ھلڪو تھھ (Neru) ڏيئي بعد ۾ سيمينٽ ڪانڪريٽ جو پلستر چاڙھي لسو ڪرڻ گھرجي.

٩-٥  لوھھ جي سيخن جي ڊزائن

: (Design of reinforcement)

        لوھھ جي سيخن جي ڊزائن ڪنھن قابل ماھر انجنيئر يا ڪنھن سند يافتھ اداري کان ڪرائڻ گھرجي. ڪجھھ سادن ۽ ننڍن ڪمن لاءِ ڪجھھ لنٽيلن (Lintels)  ۽ ڇتين (Slabs)  جي ڊزائن اندازي مطابق ھيٺ ڏجي ٿي.

5-9 :1 لنٽيلن جي ڊزائين

(DESIGN OF LINTELS)


 

5-9 :2 آر. سي. سي ڇت جي ڊزائين

DESIGN OF R.C.C SLABS

 

باب ڇھون

٦- ڇتيون (Roofs)

١-٦ تعارف  : (Introduction)

                انسان، جاندارن ۽ قيمتي سامان وغيرھ کي اس، مينھن ۽ ٻين موسمي اثرن کان بچائڻ لاءِ ڪنھن وٿاڻ (Enclosure)  يا چؤديواريءَ مٿان مھيا ڪيل ڪنھن بھ قسم جي ڍڪ کي ڇت چئجي ٿو، يا ٻئي نموني ائين بھ چئي سگھجي ٿو تھ ڇت جڳھھ جو اھو اھم حصو آھي جيڪو اس، مينھن ۽ ٻين موسمي اثرن ۽ چوري چڪاريءَ کان محفوظ رکي ٿو.

٢-٦  ڇتين جا قسم : (Kinds of Roofs)

        ڇتين جا ڪيترائي قسم آھن، جھڙوڪ؛

(i)                سڌيون ڇتيون (Flat Roofs)

(ii)             سلاميءَ واريون ڇتيون (Sloped Roofs)

(iii)           ھڪ طرف سلاميءَ واريون ڇتيون

(iv)            ٻئي طرف سلاميءَ واريون نوڪدار ڇتيون

(v)              ھپ روف (Hip Roof)

(vi)            گئمبريل روف (Gambrel Roof)

(vii)         مانسرڊ روف (Mansard Roof)

(viii)       ڊيڪ روف (Deck Roof)

(ix)            ڪارائيءَ جي ڏندن وانگر ”سا ٽٿ روف“ (Saw Tooth Roof)

ڇتين جي ڪن مختلف قسمن جو تفصيلوار بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

 

6-2 :1 سڌيون ڇتيون  (Flat Roofs)

 

        عام طرح سان اڄ ڪلھھ رھائشي جاين لاءِ سڌين ڇتين کي وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تھ ھن قسم جي ڇتين کي سولائيءَ سان باھھ روڪ (Fire Proof)  بڻائي سگھجي ٿو. ازنسواءِ ھن قسم جي ڇتين کي مٽيءَ جو تھھ ڏيئي سولائيءَ سان ٿڌو رکي سگھجي ٿو.

        تعميراتي طريقن جي لحاظ کان ھن قسم جي ڇتين کي ترتيب وار ھيٺئين ريت ورھائي سگھجي ٿو.

(i)                آر-سي-سيءَ جون ڇتيون (R.C.C Flat Roofs)

(ii)             درجھ اول ٽائيل ڇتيون (First class tile roofing)

(iii)           رينفورسڊ برڪ جون ڇتيون (Reinforced Brick Roofs)

(iv)            درجھ دوم ٽائيل ڇتيون (Second class tile roofing)

(v)              جئڪ ڪمان ڇتيون (Jack Arch Roofing)

(vi)            ڪاٺ جي تختن جون سڌيون ڇتيون (Wooden flat Roofs)

مٿي ڄاڻايل قسم جي ڇتين مان ڪن خاص ۽ گھڻو استعمال ٿيندڙ ڇتين جو تفصيلوار بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

6-2 :2  آر-سي-سيءَ جون سڌيون ڇتيون

(Reinforced cement concrete flat roofs) :

        ھن قسم جي ڇتين جو استعمال اڄڪلھھ عام ۽ مقبول ٿي چڪو آھي ۽ گھڻ منزلھ عمارتن لاءِ ڪارآمد پڻ آھي. ھن قسم جي ڇت کي ٿڌو رکڻ لاءِ عام طرح سان گرم علائقن ۾ ٽن انچن کان چئن انچن تائين مٽيءَ جو تھھ ڏيئي انھيءَ جي مٿان گاري جو پلستر (Mud Pluster) يا سيمينٽ ۽ ريتيءَ جي مسالي سان سرن جون ٽائيلون مضبوطيءَ سان لڳايون وينديون آھن ۽ انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تھ ھر جوڙ ۾ مسالو چڱيءَ طرح لڳايو وڃي جيئن برسات ۽ موسمي اثرن سبب کلي نھ وڃي. جوڙن بعد درزون چڱيءَ طرح ورتيون وينديون آھن. انھيءَ ڳالھھ جو پڻ خيال ڪيو ويندو آھي تھ پاڻي ڪھڙي بھ ريت ڇت تي بيٺل نھ رھي. ڇت جي سلامي احتياط سان رکي ويندي آھي ۽ فالتو مسالو، سرن جا
 

شڪل نمبر ١٧

ڇتين جا قسم

ٽڪرا ۽ ٻيو اھڙي قسم جو گند ۽ ڪچرو صاف ڪري اڇليو ويندو آھي. جيڪڏھن ڇت تمام وڏي آھي تھ انھيءَ کي مختلف حصن ۾ ورھائي سلامي ڏني ويندي آھي. تقريبا 1:60  کان 1:40  جي تناسب جي سلامي مناسب سمجھي ويندي آھي.

ڇتين کي پاڻيءَ روڪ بڻائڻ

(Water proofing flat roofs)

        ڇتين کي پاڻيءَ روڪ بڻائڻ لاءِ انھيءَ جي مٿين سطح (Surface) کي عام طرح سان صاف ڪري انھيءَ کي چڱيءَ طرح سڪايو ويندو آھي، انھيءَ کان پوءِ ڏامر (Bitumen) کي (190.56o C) 375o F ۽ (204.44o C) 400o F گرمي جي درجي تائين پگھاري سطح جي مٿان ٻن عليحده تھن جي صورت ۾ پوريءَ طرح پٿاريون ويندو آھي، جيئن ٻنھي تھن جي مجموعي ٿولھھ 1/16 انچ بيھي. اھڙيءَ صورت ۾ ١٠٠ مربع فوٽن تي ٣٤ پائونڊ ڏامر استعمال ٿيندو آھي. انھيءَ بعد ڏامر جي مٿان جابلو ريتيءَ جو ھلڪو تھھ ڏنو ويندو آھي، اھڙي طرح جيئن ١٠٠ مربع فوٽن تي ھڪ مڪعب فوٽ جابلو ريتي استعمال ٿئي، انھيءَ بعد گھربل اوچائي٤ ۾ مٽي ڀري انھيءَ مٿان مٽيءَ جي گاري جو پلستر يا سرن جي ٽائيلن جو تھھ ڏنو ويندو آھي. ڏامر جي مٿان جابلو ريتيءَ جو ڇڻڪار انھيءَ ڪري ڪيو ويندو آھي، جيئن اھو ڏامر جي تھھ کي مٽيءَ جي تھھ کان جدا رکي.

        درجھ اول ٽائيل ڇتين (First class tile roofing)  ۽ درجھ دوم ٽائيل ڇتين (Second class tile roofing) جي صورت ۾ ڏامر جو تھھ سرن يا ٽائيل مٿان لڳايل سيمينٽ پلستر جي مڪمل ترائيءَ ۽ انھيءَ جي چڱيءَ طرح سڪڻ بعد ڏنو ويندو آھي ۽ آر-سي-سيءَ جي سلئب جي صورت ۾ پڻ انھيءَ جي مڪمل ترائي ۽ چڱيءَ طرح سڪڻ بعد ڏنو ويندو آھي.

        انھيءَ کان علاوھ ڇتين کي پاڻيءَ روڪ بڻائڻ لاءِ ٻيو اھو بھ طريقو آھي تھ ڏامر جي بجاءِ ٠٤ يا ٠٥ گيج جي شفاف پلاسٽڪ يا پاليٿين چادر (04/05 Guage polythene sheet) استعمال ڪجي. انھيءَ صورت ۾ انھيءَ ڳالھھ جو چڱيءَ طرح خيال رکڻو آھي تھ اھا پاليٿين جي چادر ڪنھن بھ ھنڌان ڦاٽل نھ ھجي ۽ گھڻي ايراضيءَ جي حالت ۾ سلاميءَ جي طرف اھي شيٽون يا چادرون ھڪ ٻئي مٿان چڱيءَ طرح چڙھيل (Over-laped) ھئڻ کپن. اھي شيٽون ڇت جي مٿان تيڪي (Parapet wall) جي ھيٺ تائين ھئڻ گھرجن ٻيءَ صورت ۾ جيڪڏھن شيٽ کي صرف تيڪي تائين ڇڏيو ويندو تھ برسات جو پاڻي تيڪي جي ھيٺان لنگھڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ڇت کي نقصان پھچائيندو، پاليٿين پلاسٽڪ ھڪ ھڪ نباتاتي مرڪب آھي ۽ انھيءَ ۾ عمر ڀر جٽاءُ ۽ پائيداريءَ جي خاصيت آھي. ھن تي تيزابيت (Acid) ۽ چانيھي يا کار (Alkali) جو اثر نھ ٿو ٿئي.

        پاڻيءَ کي ٽمڻ (Water proofing) کان روڪڻ لاءِ ڏامر جي ٺھيل ٺڪيل چادر جنھن کي بٽومين فيلٽ (Bitumen felt) سڏيو وڃي ٿو، انھيءَ جو بھ استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ اھا ڪنھن بھ شڪل يا ڊؤل جي ڇت ۽ بناوت لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿي. ھيٺ ڏنل فھرست ۾ مختلف قسمن جي بٽومين فيلٽ ۽ انھيءَ جي گھٽ ۾ گھٽ تور ڄاڻايل آھي.

 

جريان نمبر

S.No

بٽومين فيلٽ جو قسم

(Types of felt)

١٢ والن جي تور

(٣٦ انچ ويڪري ويڙھن جي صورت ۾)

(Min. Weight per 12 yards rolls 36 inches wide)

(i)

(ii)

(iii)

(iv)

(v)

(vi)

Sanded Bitumen felt

Self finished Bitumen felt

Coated and sanded bitumen felt

Saturated bitumen asbestos felt

Self finished bitumen asbestos felt

Bitumen glass fibre felt

٤٥ پائونڊ

٣٠ پائونڊ

٤٥ پائونڊ

٢٥ پائونڊ

٣٠ پائونڊ

٣٠ پائونڊ

 

6-2 :3 درجھ اول ٽائيل ڇتيون

: (First class tile roofing)

        ھن قسم جون ڇتيون آر-سي-سي، ڪاٺ يا لوھھ جي ڪامن،، پٽين، ٽيئرن ۽ گرڊرن مٿان 12"x6"x1 1/4" جي سائيز جي سرن جي ٽائيلن جا ٻھ تھھ ڏيئي ٺاھيون وينديون آھن. ھن قسم جي ڇتين جي تعمير ھيٺئين ريت ڪئي ويندي آھي؛

        (i) سرن جي ٽائيلن جو پھريون تھھ، پٽين مٿان جيڪي 12" جي پور وڇوٽيءَ تي ڪامن مٿان (يا لوھھ جي گرڊرن مٿان ٽيئر رکي) رکيون وينديون آھن، 1:6 جي تناسب ۾ سيمينٽ ۽ جابلو ريتيءَ جي مسالي سان يا 1:2 جي تناسب ۾ چن ۽ سرخيءَ جي گچ سان لڳايو ويندو آھي. انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تھ ھر ھڪ جوڙ ۾ مسالو چڱيءَ طرح لڳل ھجي.

        (ii) سرن جي پھرئين تھھ مٿان اڌ انچ جي ٿولھھ ۾ 1:6  جي تناسب جو سيمينٽ پلستر چاڙھي انھيءَ بعد ٽائيلن جو ٻيو تھھ مٿي ڄاڻايل طريقي سان چاڙھيو ويندو آھي پر خاص طرح سان اھو خيال ڪيو ويندو آھي تھ سرن جي ٻئي تھھ جا جوڙ پھرئين تھھ جي جوڙن سان نھ ملن بلڪ انھن جوڙن جي ابتڙ ھجن. ائين ڪرڻ سان مٿئين تھھ جا جوڙ ھيٺئين تھھ جي جوڙن سان نھ ملندا ۽ ڇت ٽمڻ (Leakage) جو امڪان گھٽ رھندو.

        (iii) ٽائيلن جي ٻئي تھھ مٿان اڌ انچ جو 1:6 جي تناسب وارو سيمينٽ پلستر چاڙھيو ويندو آھي.

        (iv) بعد ۾ سيمينٽ پلستر جي مٿان ڏامر جو تھھ  (مٿي ڄاڻايل طريقي سان) چاڙھي، انھيءَ جي مٿان جابلو ريتي ڇٽي ويندي آھي، جيئن ڇت پاڻيءَ روڪ ٿي.

        (v) انھيءَ بعد ڇت کي ٿڌو رکڻ لاءِ ٽن کان چئن انچن جي ٿولھھ ۾ مٽيءَ (جيڪا ڪلر ۽ ٻئي گند ڪچري کان پاڪ ۽ صاف ھجي) جو تھھ ڀري، انھيءَ مٿان ھڪ انچ جو مٽيءَ جي گادي جو پلستر ڪري، انھيءَ جي مٿان ڇيڻي جي ليپائي ڪبي آھي.

        سرن جي ڀتين جي مٿان ۽ گرڊرن جي ھيٺان لوھھ جي بيڊ پليٽ ڏيڻ تمام ضروري آھي، جيئن گرڊرن جي بار سبب ڀتين جا گرڊر سان ملندڙ حصا ڪمزور ٿي، ٽائيم گذرڻ سان جھڪاءُ آڻي، نقصان نھ پھچائين. گرڊرن ۽ ٽيئرن جي صورت ۾ کين ڇت تي چاڙھڻ کان پھرين سنڌور (Red Oxide)  جي پينٽ جو تھھ ڏيئي، سڪائي پوءِ انھيءَ مٿان انئمل پينٽ جا ٻھ تھھ چاڙھي پوءِ ڀتين مٿان چاڙھجن، جيئن انھن مٿان ڪٽ (Rust) سولائيءَ سان نھ چڙھي. جيڪڏھن ائين نھ ڪبو تھ ٽائيلن چاڙھڻ بعد گرڊرن ۽ ٽيئرن جا صرف ھيٺيان حصا پينٽ ڪري سگھبا ۽ ٻيا دٻيل حصا پينٽ بنا رھجي وڃڻ جي حالت ۾ وقت گذرڻ سان ڪٽبا ويندا ۽ نتيجي ۾ اھي تمام گھٽ ٽائيم ھلندا. نتيجي ۾ ڇت تي ڪيل سمورو ڪم ايترو پائيدار نھ ٿيندو ۽ ٺھيل ڇت پنھنجي ٽائيم کان اڳ ۾ بدلائڻي پوندي.

        ڇيڙن وارين ديوارن جي اندرين حصن ۽ پٽين يا ٽيئرن جي وچ ۾ ٣ انچن کان ٩ انچن جو مفاصلو ھئڻ گھرجي. ڇت جي ٽيڪي جي ديوار مٿان گولو (Drip Course)  ڏيڻ ضروري آھي، جيئن مينھن جو پاڻي انھيءَ کي نقصان نھ پھچائي.

6-2 :4 درجھ دوم ٽائيلن جون ڇتيون

: (Second class tile roofing)

        ھن قسم جي ڇت جي تعمير پڻ درجھ اول ڇت جي تعمير وانگرگ ٿيندي آھي. فرق صرف اھو آھي تھ ھن قسم جي ڇت ۾ ٽائيلن جو صرف ھڪ تھھ چاڙھيو ويندو آھي ۽ ڊرپ ڪورس جي بجاءِ سيمينٽ ڪانڪريٽ جو گولو (C.C. Coping)  ڏنو ويندو آھي.

6-2 :5 جئڪ آرچ ڇتيون : (Jack Arch Roofing)

        ھن قسم جي ڇت ۾ سرن يا سيمينٽ ڪانڪريٽ جون ڪمانيون  (Arches) تعمير ڪيون وينديون آھن ۽ انھن ڪمانن جا ڇيڙا پالتو لوھھ (Mild Steel)  جي ڪامن (Joists) مٿان رکيا ويندا آھن ۽ جئائسٽ وري ديوارن يا بيمن تي ٽڪيل ھوندا آھن.
 

شڪل نمبر ١٨

(درجھ اول ۽ درجھ دوئم ٽائيل ڇتيون)

جئائسٽ ٣٠ انچن کان ٤٥ انچن جي مفاصلي تي رکيل ھوندا آھن. ڪانڪريٽ جي ٿولھھ ڪمانيءَ جي چوٽيءَ (Crown) وٽ گھٽ ۾ گھٽ ٦ انچ ھئڻ گھرجي ۽ ڪمانيءَ جي بلندي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org