سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :16

پيالي نموني پيشابدان پير جي ليول کان اٽڪل 2-6 مٿي لڳايا ويندا آھن ۽ انھن ھيٺان ٢ انچ ڊايا ميٽر جا ويسٽ پائيپ (Waste pipes) لڳايا ويندا آھن. پيشاب جي اثر کي نظر ۾ رکندي شيھي جي پائيپن کي ترجيح ڏني ويندي آھي، ليڪن عام رواجي طرح خرچ جي بچاءَ واسطي پي-وي-سيءَ (P.V.C)  جا ويسٽ پائيپ استعمال ڪيا ويندا آھن. تمام گھڻو استعمال ٿيندڙ ۽ گھڻن ماڻھن وارين جڳھين واسطي قطار ۾ لڳل پيشابدانن واسطي ٧ پيشابدانن يا ١٤ فوٽ چينيءَ جي ڊگھي ناليءَ (Channel)  پويان ھڪ نالي واري موري (Outlet) لڳائڻ گھرجي ۽ نالي اھڙي لاھانديءَ سان ٺاھي وڃي جيئن پيشاب تيزيءَ سان خارج ٿي وڃي. قطار ۾ لڳل پيشابدانن واسطي ھر ٻن پيشابدانن جي وچ ۾ ٻھ فوٽ مفاصلو ڇڏڻ گھرجي ۽ انھن ۾ پيشاب نيڪال ڪرڻ وارن سوراخن مٿان بندوقن ٺاھڻ واسطي استعمال ٿيندڙ ڌاتوءَ (Gun-metal)  جي ڄاري لڳائڻ گھرجي. پيشابدانن کي تقسيم ڪندڙ وچ واريون ۽ انھيءَ کان سواءِ ساڄي ۽ کاٻي طرف واريون ڀتيون سرن ۽ سيمينٽ جي پلستر سان ھرگز نھ ٺاھيون وڃن ۽ ٻئي ڪنھن اڻ چوھيندر روغن جي تھھ چڙھيل چينيءَ جي ٽائيلن (Glazed Tiles)  يا بلوري پٿر (Marble Tiles)  جي ٽائيلن ڳنڍڻ واسطي تمام سنھا جوڙ ڇڏيا وڃن، جيئن انھن منجھھ پيشاب جذب ٿي نھ سگھي.

        (v) ٿانون ڌوئڻ واريون گينڊيون : (Kitchen Sinks)  ٿانون ڌوئڻ واسطي اڄ ڪلھھ عام طرح سان اسٽين ليس اسٽيل جون ھڪ يا ٻن پيالن واريون گينڊيون استعمال ڪيون وينديون آھن، جن سان گڏو گڏ کاٻي پاسي ساڳئي ئي ڌاتوءَ جو تختو (Board)  پن ڳنڍيل ھوندو آھي. ھڪ پيالي واري گينڊي کي (Single drain)  ۽ ٻن پيالن واري گينڊيءَ کي (Double drain)  چيو ويندو آھي. چينيءَ واريون گينڊيون گھڻو ڪري تجربيگاھن (Laboratories)  لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. ھي مختلف ماپن جون ٿين ٿيون. گھرن اندر استعمال ٿيندڙ گينڊيون 40x20، 18x18، 24x24، 16x24 ۽ 20x30 وغيره ماپن جون ٿين ٿيون ۽ انھن جو پيالو 10 اونھون ٿئي ٿو. ھوٽلن جي بورچيخانن ۾ 63x16 جي سائيز تائين پڻ گينڊيون ڪتب آنديون وڃن ٿيون. ٻن پيالن واريون گھرن ۾ استعمال ٿيندڙ گينڊيون 5-6 تائين ڊگھيون ٿين ٿيون. سڻڀن ٿانون صاف ڪرڻ سبب گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري موريءَ مٿان ڪاڪروچ يعني ڳاڙھن تڏن ۽ ٻين جيتن جڻين جي روڪڻ واسطي گريس ٽريپ (Grease Trap) لڳائڻ نھايت ئي ضروري آھي.

        (vi) وھنجڻ واسطي ٽب : (Bath Tub)  ھيءُ گھڻو ڪري عمدھ ۽ وڏن گھرن جي غسلخانن ۾ لڳايو ويندو آھي ۽ قيمت ۽ لڳائڻ جي خرچ جي لحاظ کان نھايت ئي مھانگو پوندو آھي. ھيءُ اٽڪل 5-6 کان 6-0 ڊگھو ٿيندو آھي ۽ 1-8 کان 2-4 ويڪرو ٿيندو آھي. فرش جي ليول کان ٽب جي ڪني (Rim) تائين ٽب جي اوچائي اٽڪل ٢ فوٽ ٿيندي آھي ۽ اھو اندران ١٧ انچن کان ١٨ انچن تائين اونھون ھوندو آھي.


 


 

        (vii) ٽوال ٽنگڻي : (Towel Rail)  ٽوال ٽنگڻ واريون پٽيون اڪثر ڪري 2-0 کان 2-6 ڊگھيون استعمال ڪيون وينديون آھن. اھي ڪاٺ، جست يا ڪٽ نھ لڳڻ واري ملمعي چڙھيل ۽ پختي ڌاتوءَ جون استعمال ڪيون وڃن، جيئن انھن کي زنگ نھ لڳي. اھي ڀتين اندر ڪاٺ جون گٽيون لڳائي پتل (Brass) جي پيچن (Screws)  سان مضبوطيءَ سان لڳائڻ گھرجن. ھنن جو قطر گھٽ ۾ گھٽ ¾ انچ ھئڻ گھرجي ۽ اسڪرو ھڪ انچ کان گھٽ ڊگھا نھ ھئڻ گھرجن.

        (viii) آئينو : (Mirror) عام طرح سان پي.ڊبليو.ڊيءَ جي معيار مطابق 24x18  سائيز جو آئينو استعمال ڪيو ويندو آھي. جڏھن تھ خانگي جاين ۾ مختلف ماپن ۽ مختلف شبيھن جا آئينا لڳايا ويندا آھن، عام طرح سان خانگي جاين واسطي پڻ 24x18 ماپ جا آئينا موزون رھن ٿا. آئيني لاءِ بيلجم جي شيشي جا صاف، پختا ۽ بنا لھرن جا شيشا استعمال ڪرڻ گھرجن.

        (xi) ڦوھارا : (Showers)  ڦوھارا گھڻو ڪري ڪروميم (Chromium)  جي ملمعي يا ڪنھن ٻئي ڪٽ نھ لڳندر ڌاتوءَ جا استعمال ڪيا ويندا آھن ۽ عام طرح سان ٤ انچ قطر جا ٧٠ سوراخن وارا ھڪ ھنڌ کتل يا ڦري سگھندڙ ڦوھارا ڪتب آڻبا آھن. ھي فرش جي ليول کان گھٽ ۾ گھٽ 6 ½ فوٽ مٿي لڳائڻ گھرجن.

٤-١: (House drainage)

        رھائشي گھرن مان مينھن جي پاڻيءَ، استعمال ٿيل ڪني پاڻيءَ (Waste water)  ۽ ٻئي گند ڪچري جي نيڪال کي ڊرينيج سڏيو وڃي ٿو.

        فرشن ھيٺان گندي پاڻيءَ جي نيڪال واسطي بير (Cast Iron) جا پائيپ استعمال ڪيا ويندا آھن ۽ انھن کي ڪنھن بھ ھنڌ ھرگز نھ موڙبو آھي ۽ طرف بدلائڻ واسطي اسپيشل فٽنگس استعمال ڪيون وينديون آھن. غلسخاني جي فرش ھيٺان گندي پاڻيءَ جي نيڪال واسطي ٣ انچ قطر جا ۽ فضلي خارج ڪرڻ واسطي ٤ انچ قطر جا بير جا پائيپ بھتر رھن ٿا.

14-4  :1 پائيپن جو ميلاپ ۽ موڙ

: (Bends and Junctions)

        سڀيئي ميلاپ (Junctions) ٽيڏا (Oblique) ھئڻ گھرجن ۽ انھن جي ملندڙ ڪنڊ ٤٥ درجن کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي. جنھن ھنڌ رخ بدلائڻ واري ڪنڊ ٤٥ ڊگرين کان وڌي وڃي يا گندي پاڻيءَ جي رڪجڻ جو خطرو ھجي تھ اھڙي حالت ۾ موڙ (Bends)  پھچ جوڳا ھئڻ گھرجن. ھوا وارن پائيپن (Vent pipes)  جي کتل ڇيڙي (Foot)  کي ڇڏي ٻئي ڪنھن بھ ھنڌ ڪوارٽر بينڊس (Quarter bends, circle-90o) ¼ ھرگز استعمال نھ ڪيا وڃن. سڀيئي ميلاپ وھڪري جي رخ ۾ ھئڻ گھرجن.

        لاھاندي : (Gradient) ڊزائن موجود نھ ھئڻ جي حالت ۾ استعمال ٿيندڙ پائيپ جي انچن واري ايڪي کي ١٠ سان ضرب ڏيئي، فوٽن واري ايڪي ۾ لاھاندي ڏيڻ جو قائدو ياد ڪري ڇڏڻ گھرجي، يعني :

Diameter of pipe (Inches) X 10 gives fall in feet

 

جھڙوڪ :

پائيپ جو قطر (انچ)

Diameter of pipe (Ins.)

لاھاندي (فوٽ)

Fall (ft.)

وڌ ۾ وڌ رفتار، ھڪ منٽ اندر (فوٽ)

Max. Velocity per minute in feet

ھڪ منٽ اندر وڌ ۾ وڌ نيڪال (گئلن)

Max. Discharge per minute in gallons

٤

٦

٩

١٢

٤٠ تي ١

٦٠ تي ١

٩٠ تي ١

١٢٠ تي ١

284 ft/sec

232    

284    

285    

146 gal/min

120     

742     

1,318

        آزمودي موجب ٤ انچ قطر واري پائيپ واسطي ٥٠ تي ھڪ فوٽ واري لاھاندي بھتر رھي ٿي.

14-4  :2 غسلخانن منجھان نيڪال وارا پائيپ

: (Drainage pipes)

        غسلخانن، پائيخانن، بورچيخانن ۽ ٻين اھڙين جڳھين جي نيڪال وارن پائيپن کي فرش ھيٺان پوريو وڃي ٿو، بير جا پائيپ فائديمند رھن ٿا ۽ اھي عام طرح سان ٦ فوٽ ڊگھا ٿين ٿا جن کي گھرج مطابق ڪاٽي ننڍو ڪري سگھجي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح وڌي ڊيگھھ جي صورت ۾ صحيح طريقي سان پاڻ ۾ ڳنڍي ڪم آڻي سگھجي ٿو. ٩ فوٽن جي ڊيگھھ وارن پائيپن ميسر ھئڻ جي حالت ۾ ٦ فوٽن کان وڌيڪ ڊيگھھ وارن پائيپن جو استعمال بھتر رھي ٿو، ڇاڪاڻ تھ جيترا گھٽ جوڙ ھوندا اوترو وھڻ يا سمڻ (Leakage)  جو خطرو گھٽ رھندو ۽ جوڙڻ جي اڻانگي محنت ۽ خرچ جو بچاءُ ٿيندو. 3/16 انچن کان گھٽ ٿولھھ وارا بير جا پائيپ (Cast Iron pipe)  استعمال نھ ڪرڻگھرجن ۽ انھن مٿان گرم ڏامر (Coal tar) يا ڊاڪٽر ائنگس سمٿ سوليوشن (Dr. Angus Smith’s Solution) جو تھھ چاڙھڻ تمام ضروري آھي جيڪو کين ڳرڻ کان روڪي ٿو. مينھن جي نيڪال واسطي استعمال ٿيندڙ کليل ۽ ظاھر پائيپن واسطي انھن مٿان سنڌور جو تھھ (Lead Oxide or Ironoxide)  لڳائڻ ڪافي آھي. ابتي (Inverted)  ۽ ٻين اھڙين مشڪل بيھڪن (Positions)  جي صورت ۾ پگھاريل شيھي (Melted lead) بجاءِ شيھي جي تند واري پشم (Lead wool)  استعمال ڪرڻ  گھرجي جن کي وٿين جي صورت ۾ (Caulked)  ۾ ڪتب آڻجي. ڏارن وارن پائيپن کي ڪنھن بھ حالت ۾ استعمال نھ ڪرڻ گھرجي ۽ نھ ئي انھن جي مرمت جي اجازت ڏيڻ گھرجي. پائيپ ڀتين منجھان گھٽ ۾ گھٽ ١ انچ ٻاھر تي کڻي وڃڻ گھرجن ۽ اھي ¾ انچ ٿلھي ملمعي چڙھيل لوھھ (Galvanised Iron)  جي ننڍن ٽڪرن ۽ مضبوط ڪوڪن (Stout nails)  سان چڱيءَ طرح ۽ مضبوطيءَ سان کوڙڻ گھرجن. فرشن ھيٺان A ڪلاس جا پائيپ لڳائڻ گھرجن ۽ اھي 3، 4،  5 ۽ 6 قطر جي صورت ۾ سلسليوار 5/16، 3/8 ، 3/8  ۽ 3/8  ٿلھا ھئڻ گھرجن.

14-4  :3 پائيپ جوڙڻ : (Jointing pipes)

        بير جي پائيپن لاءِ شيھي جي پشم جون وٽيون (Caulked Lead-wool)، سڻي يا پگھاريل شيھو (Molten Lead) استعمال ڪيا وڃن.

        لوھھ جي پائيپن کي  شيشي وانگيان چمڪندڙ چينيءَ (Vitrified) جي پائيپن سان جوڙڻ واسطي خالص سيمينٽ استعمال ڪرڻ گھرجي.

        گھاڙو لوھھ (Wrought Iron)  جي پائيپن کي پاڻ ۾ يا گھاڙو لوھھ جي ڪنھن ٻئي سامان سان جوڙڻ واسطي معياري ماپ (Standard Gauge)  جون چوڙيون (Threads)  استعمال ڪيون وڃن ۽ انھن مٿان جوڙڻ واسطي اڇي ۽ ڳاڙھي شيھي (White and Red Lead)  جي مليل پيسٽ لڳائي وڃي.

        پتل (Brass) جا پائيپ ۽ ٻيو سامان (Fittings)  پڻ چوڙيون ڪڍي ڳنڍيو وڃي، پائيپن مٿان انھن سان ڳنڍڻ واري سامان اندر ٺھيل چوڙيون جي ڊيگھھ مطابق چوڙيون ڪڍڻ گھرجن ۽ پائيپن جي کليل حصي يا ملمعي چڙھيل لوھھ مٿان ڪنھن بھ قسم جون چوڙيون ظاھر نھ ھئن گھرجن.

        شيھي (Lead)  جي پائيپن کي موزون پگھاريل شيھي جي ٽانڪي وسيلي (Solder wiped)  ڳنڍيو وڃي ۽ شيھي سان پتل ڳنڍڻ واسطي پڻ پگھاريل شيھو يا پلمبر جا سولڊر (Plumbers Solders)  ۽ ائسبيسٽاس جي گدي استعمال ڪرڻ گھرجن. ھنن جوڙن کي (Wiped joints) سڏجي ٿو. پلمبر جي سولڊر ۾ ٻھ حصا شيھو ۽ ھڪ حصو قلعي (Tin) مليل مرڪب ۽ انھيءَ قسمجا ٻيا ڪيئي مرڪب اچي وڃن ٿا.

        شيھي جي پائيپن کي گھاڙو لوھھ (Wrought Iron) جي سامان سان ڳنڍڻ واسطي تمام ڳرا پتل جا فيرول (Heavy brass ferrules) استعمال ڪيا ويندا آھن، جن کي چوڙيون وسيلي ڳنڍيو ويندو آھي. سروس ڪنيڪشن واسطي ٽن انچن جي لائين واسطي اڌ انچ، چئن انچن جي لائين واسطي منو انچ ۽ ڇھن انچن جي پائيپ لائين واسطي ھڪ انچ قطر جو فيرول استعمال ڪيو ويندو آھي.

14-4  :4 ٽرئيپ : (Traps)

عام طرح سان ٽن شبيھن ۽ قسمن جون ٽرئيپ  استعمال ڪيون وينديون آھن، جھڙوڪ  Q, P ۽  S (شڪل نمبر ٥٠). انھن جي  لڳائڻ سان ٻن کان ٽي انچ جي پاڻيءَ جي سيل ٺھي بيھندي آھي، جنھن سبب ٻاھرين بدبوءِ ھيٺان کان مٿي داخل نھ ٿي سگھندي آھي. ھيءَ لسي ۽ چمڪندڙ چينيءَ، چمڪندڙ ۽ لسي ڪاشيءَ (Earthen ware or stone ware)، شيھي (Lead)، گھاڙو لوھھ (Cast Iron)  ۽ ائسبيسٽاس سيمينٽ وغيره جون ٺھيل ھونديون آھن۽ استعمال جي نوعيت مطابق گھربل قسم جي ٽرئيپ (Trap)  لڳائي ويندي آھي.

        ھيءُ بلڪل صحيح طريقي سان ۽ صحيح ليول ۾ لڳائڻ گھرجن ۽ لڳائڻ وقت ھر قسم جي مٽيءَ، سيمينٽ ۽ ٻئي گند ڪچري کان پاڪ ۽ صاف رھڻ گھرجن. ڪنھن بھ سامان (Fixture)  کي ھڪ کان وڌيڪ ٽرئيپ نھ ھئڻ گھرجي.

        مختلف سامان واسطي ھيٺ ڄاڻايل ماپ جون ٽرئيپون لڳائڻ گھرجن.

پائخاني جي چلھن (W.C’s) واسطي

3 ½ انچن کان ٤ انچ

بورچيخانن (Kitchen) واسطي

٢ انچ

وھنجڻ وارن تبن (Bath tubs)  واسطي

٢ انچ

پيشابدانن (Urinals)  واسطي

٢ انچ

ھٿ منھن ڌوئڻ وارين گينڊين، الڳ ڳل ڦوھارن ۽ نلڪن واسطي

(For wash basins, showers and taps)

1 ½ انچ

 

باب پندرھون

 

١٥- بجليءَ جو اندروني ڪم

(Internal Electification)

١-١٥ مجموعي بيان

: (General Discussion)

        جاين اندر بجليءَ جي تارن وڇائڻ (Wiring)  جا مختلف نمونا آھن، جھڙوڪ: ڪاٺ جي پٽيءَ مٿان پختي رٻڙ جي گول تھھ اندر بند ٿيل تارن لڳائڻ وارو طريقو جنھن کي فني ٻوليءَ ۾ “Tough Rubber Sheeted (T.R.S system”  چئجي ٿو. ڪاٺ جي ڊگھي دٻيءَ اندر گندڪ مليل مضبوط رٻِڙ جو تھھ چڙھيل گرمي ۽ سرديءَ جي پسرڻ جو مقابلو ڪندڙ لڪل تارن جو طريقو جنھن کي “Vulcanised Insulated Rubber (V.I.R) in casing” چئجي ٿو يا ڀتين اندر جھريون ٺاھي، انھيءَ ۾ بجليءَ سان مقابلو ڪندڙ مرڪب جي تھھ چڙھيل لوھھ جي پائيپ يا پي.وي.سي (P.V.C) پائيپ اندر تار ڇڪي بجلي پھچائڻ جو طريقو وغيره.

        انھن ٽنھي طريقن مان پي.وي.سي  پائيپ اندران تارون لنگھائي بجلي پھچائڻ جو طريقو گھڻي قدر پسند ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تھ ساڳ جي ڪاٺ جي پٽين وارو طريقو مھانگو پوي ٿو ۽ انھيءَ کان علاوه سٺي قسم جون ڪاٺ جون پٽيون مارڪيٽ اندر آسانيءَ سان مھيا نھ ڪيون وڃن ٿيون. نتيجي ۾ خراب قسم جي پٽين (Batten) کي اڏوھي تمام جلد ختم ڪري ڇڏي ٿي. ڪاٺ جي دٻين اندران بجليءَ جي تارن رستي ڪرنٽ پھچائڻ واري طريقي ۾ پڻ ساڳئي قسم جون دشواريون رھن ٿيون.

        عمارت اندر ڪمرن جي ڀتين ۽ ڇتين کي صاف رکڻ لاءِ جھريون کوٽي، انھن ۾ پائيپ ڦاسائي ۽ انھن اندران تارون ڇڪي ڪرنٽ پھچائڻ وارو طريقو معياري عمارتن کي سھڻو ۽ دلڪش بنائڻ لاءِ نھايت ئي بھتر رھي ٿو ۽ ھن قسم جي طريقي کي ڳجھين تارن وارو طريقو (Concealed wiring system)  چيو وڃي ٿو. ڇت منجھان تارن پھچائڻ لاءِ انھيءَ ۾ جھري ڀلجي بھ نھ ڪڍجي، ائين ڪرڻ سان ھڪ تھ آر.سي.سيءَ جي ڇت ڪمزور ٿي ويندي ۽ جھرين وارن ھنڌن مان برسات جو پاڻي وھي، بجليءَ جي تارن رستي ڪرنٽ لڳڻ جي نقصان سان گڏو گڏ ڇتين منجھان ٽمي پوري جاءِ جو خراب ڪري ڇڏيندو. ھميشھ ڇت جي ڀرائيءَ کان اڳ ۾ سٽيل رٿا مطابق ڇت منجھھ پائيپ وڇائي، ڪانڪريٽ جي ڀرائي ڪرائي، ھن قسم واسطي پائيپن کي لڪائڻ گھرجي.

        مين سوچ (Main Switch)  کان سب مين (Sub-main)  تائين پھچندڙ وائرنگ رستي سرڪٽ ٺھندو آھي ۽ انھن سرڪٽن کي اھڙي نموني ورھايو ويندو آھي جيئن ڪنھن بھ سرڪٽ تي ٦٠٠ واٽن کان وڌيڪ بار نھ پوي. اھڙيءَ طرح سان تقريبا ھر ھڪ سرڪٽ پويان ست يا اٺ پوائنٽون (Points) رکيون وينديون آھن. ھر ايئرڪنڊيشنر ۽ پاور پوائنٽ لاءِ الڳ الڳ سرڪٽ ٺاھيا ويندا آھن. مين لائين منجھان سرڪٽ ٺاھڻ واسطي تقسيمي تختو (Distribution Board)  ٺاھيو ويندو آھي ۽ ھر سرڪٽ تي بار (Load) کان ڏيڍ جيترو فيوز لڳايو ويندو آھي. انھيءَ حساب سان ھر لائٽ سرڪٽ تي ٥ ايمپيئرن جو فيوز موزون رھندو آھي.

        مين سوچ جي ٻنھي تارن تي فيوز لڳائڻ تمام گھڻو ضروري آھي. فيوز سان گڏ ڪاٺ، ڪاغذ يا اھڙو ڪو ٻيو جلدي باھھ وٺڻ وارو مٽيريل استعمال نھ ڪرڻ گھرجي ۽ اھي چينيءَ جي گٽڪن مٿان لڳايا وڃن.

        گھرن واسطي عام طرح سان ¾ انچ قطر جو پائيپ (Conduct)  استعمال ڪيو ويندو آھي. گھنٽي (Bell)  يا گارڊن لائيٽ واسطي اڌ انچ قطر جو پائيپ استعمال ڪرڻ گھرجي. بجليءَ جو پائيپ پاڻيءَ جي لائين ۽ گرم ھنڌ کان پري رکڻ گھرجي ۽ جيستائين ٿي سگھي، انھيءَ کي فرش اندر دٻائڻ نھ گھرجي. فرش اندر ۽ ٻاھر کليل ھنڌن تي پي.وي.سيءَ بجاءِ اسٽيل جو پائيپ (Steel conduct)  استعمال ڪرڻ گھرجي. پائيپ افقي (Horizontal)  يا عمودي (Vertical)  نموني سڌا لڳائڻ گھرجن ۽ انھن جي ورڇ ڪوشش ڪري ائين وٺي وڃي جيئن گھٽ ۾ گھٽ موڙ (Bends)  استعمال ٿين. ڀرائيءَ کان پھرين پائيپ سان استعمال ٿيندڙ ٻئي سامان (جھڙوڪ دٻيون وغيره) جي کليل حصن وٽ ڪاغذ يا اھڙي ڪا ٻي شيءِ استعمال ڪرڻ گھرجي جيئن انھن اندر ڪانڪريٽ نھ ڀرجي وڃي.

        لائيٽ سرڪٽ واسطي 3/.029 جي تار ۽ سرڪٽ واسطي 7/.029 جي تار استعمال ڪئي وڃي ۽ تار خريد ڪرڻ وقت انھيءَ جي حفاظتي تھھ (Insulation)، ٽامي جي تارن جي ڌاتوءَ جي ڪوائلٽي ۽ ٿولھھ وغيره چڱيءَ طرح جانچي وڃي. تار ھميشھ ڪنھن مستند ڪمپنيءَ جي استعمال ڪرڻ گھرجي. گھٽ قسم جي سستي ۽ جعلي قسم جي تار ھرگز نھ واپرائڻ گھرجي، ھر ڳنڍ وٽ سٺي قسم جي انسوليشن ٽيپ (Insulation Tape)  چڱيءَ طرح لڳائڻ گھرجي. تارن جي آخري ڇيڙن وٽ فٽنگ لڳائڻ وقت معقول فالتو تار ڇڏڻ گھرجي.

        ھر پاور پوائنٽ ۽ مين سوچ کي ارٿ (Earth)  ڪرڻ تمام گھڻو ضروري آھي. ائين ڪرڻ سان ڪرنٽ جي ليڪ (Leak)  ھئڻ جي صورت ۾ انساني جان کي خطري پيش اچڻ جو امڪان گھٽ رھندو. ارٿ ٺاھڻ وقت زمين جي پوسل واري تھھ تائين يا ميداني علائقن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٨ فوٽن تائين اونھو کڏو ٺاھيو ويندو آھي، جنھن ۾ لوھھ جو اٽڪل ½ انچ قطر جو پائيپ لڳايو ويندو آھي ۽ پائيپ جي چئني طرفن کان مٽيءَ سان گڏ ڪوئلي ۽ لوڻ جا ڪيئي تھھ مٿي تائين وڇايا ويندا آھن تھ جيئن انھن ۾ پوسل برقرار رھي. خشڪ ۽ وارياسن علائقن ۾ ارٿ پائيپ کي پسل رکڻ لاءِ ٣ يا ٤ مھينن جي عرصي جي وقفي سان پاڻي ڏنو ويندو آھي تھ جيئن مٽيءَ ۾ پوسل برقرار رھي ۽ ارٿ صحيح طرح سان ڪم ڪري. پائيپ ۾ ١٤ نمبر (SWG)  جي ٽامي جي تار استعمال ڪئي ويندي آھي جيڪا سڀني مين سوچن سب مينس ۽ ٻئي ڌاتوءَ واري سامان سان لڳاتار ڳانڍاپو رکي، انھن کي زمين تائين ارٿ ڪرڻ واسطي پھچائيندي آھي. ارٿ پليٽ (Earth plate)  واسطي ٢ فوٽ 2x فوٽ 1/4x انچ سائيز جي جست جي تھھ چڙھيل لوھھ جي تختي (G. I. Plate)  ڀروسي واري رھندي آھي، جنھن کي کڏي جي تري ۾ پوري ٨ نمبر (8 SWG)  جي ٽامي جي اگھاڙي تار ڳنڍي ارٿ ڪيو ويندو آھي.

        پکن جي سائيز ۽ تعداد، بجليءَ ۽ پلگن جي قسم جو تعداد ڪمري جي سائيز ۽ استعمال ڪرڻ جي نوعيت تي مدار رکي ٿو.

        مينس (Mains)  جي وائرنگ واسطي ١ انچ قطر جو پائيپ ۽ 2.7/.036 جي تار استعمال ڪرڻ گھرجي.

        دونھين ۽ ڌپ گڏ ٿيندڙ جاين تي ايگزاسٽ پنکا (Exhaust  Fans) لڳائڻ گھرجن.

        جن ڪمرن ۾ ھڪ کان وڌيڪ لائيٽ يا پکن جون پوائنٽون ھجن تھ کين مختلف سرڪٽن (Circuits)  تي رکڻ گھرجي، جيئن ھڪ سرڪٽ فيل ٿيڻ تي ٻئي سرڪٽ واري پٽي استعمال ڪري سگھجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org