سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :17

اندرئين فاصلي مطابق ١٠٠ مربع فوٽن پويان ھيٺ ڄاڻايل گھٽ ۾ گھٽ ڪئنڊل پاور (Candle Power)  جي ضرورت پوندي آھي.

نمبر شمار

S.No

ڪمرن جي نوئيت

(Type of  Room)

بتين اندر ڪئنڊل پاور

(Candle Power in Lamps)

-1

- 2

- 3

- 4

- 5

پڙھائي وارا ڪمرا (Reading Rooms)

ملاقات لاءِ سينگاريل ڪمرا (Drawing Rooms)

کاڌي کائڻ وارا ڪمرا (Dinning Rooms)

ھال ۽ لنگھھ وارا ڪمرا (Halls and Panages)

سمھڻ وارا ڪمرا (Bed Rooms)

٥٠ کان ٦٠

٤٥ کان ٥٥

٣٠ کان ٤٠

٢٠ کان ٣٠

١٥ کان ٢٠

 

٢-١

: (Junction Boxes and Outlets)

        جنڪشن باڪس گھٽ ۾ گھٽ ٤ مربع انچ چورس ھئڻ گھرجن، لائيٽ يا فئن پوائنٽ وٽ استعمال ٿيندڙ گذرگاھھ (Outlet)  گھٽ ۾ گھٽ ٢ قطر جا ھئڻ گھرجن. مختلف قطر جي بجليءَ جي پائيپن واسطي جنڪشن باڪسز جي گھرائي ھيٺئين ريت ھئڻ گھرجي.

ھڪ انچ قطر تائين ڪنڊئٽ پائيپ واسطي

ٻھ انچ

ڏيڍ انچ قطر تائين ڪنڊئٽ پائيپ واسطي

اڍائي انچ

اڍائي انچ قطر تائين ڪنڊئٽ پائيپ واسطي

چار انچ

 

        انسپيڪشن باڪسز (Inspection Boxes)  جي وچ ۾ ٥٠ فوٽن کان وڌيڪ مفاصلو ھرگز نھ رکڻ گھرجي.

        مٿئينءَ منزل جي فرشن ۾ ايندڙ انسپيڪشن باڪسز واسطي انھن ۾ ھميشھ لوھھ جي جزن کان آزاد ڌاتن (Non Ferrous metal)  جي فلور ٽرئيپ لڳائڻ گھرجي. ٽرئيپ جو سوراخ (Aperture Area) ايترو ضرور رکڻ گھرجي، جيئن انسپيڪشن باڪسز جو ڍڪ آسانيءَ سان کولي سگھجي.

٣-

: (Concealed pipes)

        بجليءَ جي پائيپن کي آر.سي.سيءَ جي ڪم ۾ ڍڪڻ واسطي کين ڀرائيءَ کان اڳ ۾ لڳائڻ گھرجي. ھي پائيپ لوھھ جي سيخن (Reinforcement)  جي ڄار جي ھيٺئين تھھ مٿان لڳائڻ گھرجن ۽ کين لوھھ جي سنھي تار سان ڄار جي ھيٺئين تھھ مٿان مضبوطيءَ سان ٻڌڻ گھرجي، جيئن ڀرائيءَ دوران اھي پنھنجي جاءِ تي قائم رھن. ڀرائيءَ بعد ھر پائيپ مٿان ڏيڍ انچ کان ٻن انچن تائين ڪانڪريٽ جو ٿلھو تھھ ضرور ھئڻ گھرجي.

        لوھھ جي ڪنڊئٽ پائيپن جي استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ انھن جي ڇيڙن وٽ پتل جا بُش (Brass Bushes)  لڳائڻ گھرجن، جيئن بجليءَ جي تارن ڇڪڻ دوران انھن جي ڇڄڻ جو امڪان گھٽ رھي.

        اڳ ۾ تيار ٿيل آر.سي.سيءَ جي اسمن ۽ جزن اندر پائيپ ڍڪڻ واسطي انھن منجھھ معقول اوزارن سان جھريون ٺاھڻ گھرجن ۽ اھي جھريون گھربل اونھائيءَ کان وڌيڪ گھريون ھرگز نھ ھئڻ گھرجن. بجليءَ جي پائيپ کي انھن جھرين يا زاوين (Recesses)  منجھھ پختگيءَ سان داخل ڪرڻ گھرجي ۽ پلستر ڪرڻ کان اڳ ۾ پائيپ مٿان گھٽ ۾ گھٽ سوا انچ ٿلھو تھھ ھئڻ گھرجي.

٤-

: (Conduit on Surface)

        ھن صورت ۾ بجليءَ جي پائيپن کي سئڊلس، ڪلئمپس ۽ برئڪيٽن (Saddles, Clamps and Brackets)  ذريعي سطح مٿان مضبوطيءَ سان جڪڙڻ گھرجي ۽ انھن کي رال پلگن (Rawl Plugs)  ۽ فل پلگن (Phil Plugs)  رستي مضبوطيءَ سان قابو ڪرڻ گھرجي، جنھن ھنڌ رال پلگ ۽ فل پلگ استعمال ڪرڻ مناسب نھ سمجھيا وڃن تھ انھيءَ جڳھھ تي ڪاٺ جا پلگ (Wooden Plugs)  استعمال ڪرڻ گھرجن ۽ ھر حالت ۾ اھي بجليءَ جي پائيپن ۽ انھن منجھھ لڳندڙ ھر سامان (Fittings)  جي بار کڻڻ لائق ھئڻ گھرجن. ڪلئمپن جي وچ ۾ ڇڏيل فاصلو بجليءَ جي سائيز ۽ وزن تي منحصر آھي، ليڪن ھر حالت ۾ سڌن يعني افقي (Horizontal) پائيپن واسطي اھو چئن فوٽن ۽ عمودي (Vertical)  يعني اڀن پائيپن واسطي اڍائي فوٽن کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي.

        ڪنڊئٽ پائيپ ڪنھن بھ صورت ۾ ڇتين يا ڀتين جي سطح سان لڳو لڳ نھ لڳائڻ گھرجن ۽ سطح ۽ پائيپ جي وچ ۾ ¼ انچ وٿي ضرور ڇڏڻ گھرجي. ڇتين جي بيمن (Beams)  مٿان پائيپ لڳائڻ جي صورت ۾ انھيءَ کي سادن ڪالب ۾ ڍليل سئڊلس (Plain moulded saddles) رستي کڻي اچڻ گھرجي. گھميل علائقن ۾ پاڻي استعمال ٿيندر جڳھين تي ھميشھ پتل جا اسڪرو استعمال ڪرڻ گھرجن.

        جڏھن سڀيئي بجليءَ جا پائيپ وڇائجي وڃن تھ انھن کي چڱيءَ طرح جانچي ھر ڪنھن قسم جي رنڊڪ کان آجو ڪري پوءِ انھن مجھان بجليءَ جون تارون لنگھايون وڃن.

15-5 بجليءَ جون تارون : (Wires and Cables)

        ھلڪن ۽ روشني مھيا ڪندڙ سرڪٽن (Lighting Circuits) ۽ ننڍن سرڪٽن (Sub-Circuits) واسطي پاڪستان اسٽئنڊرڊ انسٽيٽيوٽ جي مقرر ڪيل معيار جون پي.وي.سيءَ (P.V.C)  جي تھھ چڙھيل ھيڪوڻي ڪور (Single Core)  جون 250/440V  گريڊ جون ٽامي جون تارون (Copper Wires)  استعمال ڪرڻ گھرجن.

        موڙ وارن ھنڌن تي اھي مناسب گولائيءَ تي موڙڻ يا ورائڻ گھرجن ۽ انھن جو نيم قطر (Radius)  تار جي مجموعي قطر (Overall Diameter) جي ڏھوڻ کان ھرگز گھٽ نھ ھئڻ گھرجي. ڇيڙن جي وچ ۾ لڳاتار ھڪ ئي تار ھئڻ گھرجي ۽ انھيءَ جي وچ ۾ ڪنھن بھ قسم جو ڳنڍ يا جوڙ ھرگز نھ ھئڻ گھرجي.

        تار ڇڪڻ واسطي استعمال ٿيندڙ ڇڪڻ واريون دٻيون (Pulling Boxes)  سڌن فاصلن (Straight Runs)  لاءِ ٥٠ فوٽن کان وڌيڪ پري ۽ گوني ڪنڊ تي وريل ھڪ وڪڙ وارن فاصلن (Runs with one 90 bend) لاءِ ٢٠ فوٽن کان وڌيڪ پري ھرگز نھ لڳائڻ گھرجن يا ائين کڻي چئجي تھ انھن جي ڇڪ وارو مفاصلو (Pulling Length)  مٿي ڄاڻايل فاصلي کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي.

        پائيپ مان تارن لنگھائڻ کان پھرين پائيپ جي اندران انھيءَ جي مڪمل طرح سڪل ھئڻ جي پڪ ڪرڻ گھرجي ۽ آلي ھئڻ جي صورت ۾ انھيءَ کي ڪنھن موزون پاڻي چوھيندڙ شيءِ جي پھن (Swabs)  رستي سڪائڻ گھرجي.

        مختلف قطر جي پائيپن منجھان لنگھندڙ تارن جو وڌ ۾ وڌ تعداد ھيٺئين ريت ھئڻ گھرجي.

تار جي سائيز

بجليءَ جي پائيپ جي سائيز (انچن ۾)

3/4

1

11/4

11/2

2

3/0.029

3/0.036

7/0.029

7/0.036

7/0.044

7/0.052

7/0.064

19/0.044

6

5

4

3

2

-

-

-

13

10

9

7

5

4

3

2

20

16

13

10

8

7

5

4

-

-

-

14

11

9

7

6

-

-

-

-

-

-

12

9

        مختلف سرڪٽن واسطي استعمال ٿيندڙ تار ھيٺ ڄاڻايل سائيز کان ھرگز گھٽ نھ ھئڻ گھرجي.

لائيٽنگ سرڪٽ 3/0.029: (Lighting Circuit)

پاور سرڪٽ  7/0.029: (Power Circuit)

مڙندڙ ۽ لچڪدار تارون 23/0.076: (Flexible Cords) يا 0.001 مربع انچ

        لائيٽنگ لوڊس (Lighting Loads)  ۽ ٥ ائمپيرن جي آئوٽ ليٽن (5 Amps. Outlets) واسطي ورڇيندڙ تختن (Distribution Boards)  کان وٺي سئچ بورڊ (Switch Boards) تائين 7/0.029 سائيز جي تار ۽ سئچ بورڊن کان وٺي  آئوٽ ليٽن (Outlets)  جھڙوڪ. لائيٽ پوائنٽس، فئن پوائنٽس، ٽو پن پلگس وغيره، تائين 3/0.029 سائيز جي تار استعمال ڪرڻ گھرجي.

        15 Amp. وارين پاور آئوٽ ليٽن واسطي ھڪ پاور ساڪيٽ پھچائيندڙ سرڪٽن لاءِ 7/0.029 جي تار ۽ ٻھ يا ٽي پاور سرڪٽ پھچائيندر سرڪٽن واسطي 7/0.036 جي تار لڳائڻ گھرجي.

٦-١٥ زمين سان سلسليوار ڳانڍاپو رکندڙ ڪنڊڪٽر يا پرواھڪ

: (Earth Continuity Conductors)

        ارٿ ڪرڻ واسطي ٽامي جي ننگي تار بجليءَ جي ڪرنٽ پھچائيندڙ تار جي سائيز جي اڌ جيتري ھئڻ گھرجي، پر اھا ڪنھن بھ صورت ۾ 14 SWG کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي.

        بجليءَ تي ھلندڙ ڪنھن بھ سامان (Installation) جي پوائنٽ کان وٺي ارٿ اليڪٽروڊ (Earth Electrode)  تائين انھيءَ جي وڌ ۾ وڌ لڳاتار سلسلو رکندڙ رنڊڪ (Continuity Resistance) ھڪ اوھم (1 Ohm)  کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي.

باب سورھون

١٦- اڏوھي روڪڻ

(Termite Control)

١-١٦ تعارف  : (Introduction)

        گھر اڏائڻ وقت سڀ کان پھرين انھيءَ کي اڏوھيءَ روڪ بنائڻ تمام ضروري آھي، ڇاڪاڻ تھ ھڪ وچولي قسم جي گھر ۾ اٽڪل ١٥ کان ٢٠ سيڪڙو ڪاٺ جي ڪم تي خرچ ٿئي ٿو. انھيءَ کان سواءِ گھر مڪمل طور ٺھي تيار ٿيڻ کان پوءِ خاص طرح سان فرنيچر، قيمتي ڪاغذ پٽ، گھر جون ديوارون وغيره اڏوھيءَ جي حوالي ٿيڻ ڪري تمام گھڻو نقصان سھڻو پوي ٿو. گھر جي ڪاٺ جي ڪٻٽن، درين، دروازن ۽ ٻئي ھر قسم جي اڏوھي جي پسنديده کاڄ وارين شين جي ختم ٿيڻ کان علاوھ گھر تمام گھڻو بي زيبائتو بنجي پوي ٿو ۽ انھن جاين تي نوان در دروازا لڳائڻ سان گھر ۾ نھ اھا سونھن رھي ٿي ۽ نھ ئي وري انھيءَ اڏوھيءَ جي نقصان مان نجات ملي سگھي ٿي. مطلب تھ گھر جي ڪم ۾ ھٿ وجھڻ شرط انھيءَ کي اڏوھيءَ مار دوا رستي (Anti-termite treatment)  اڏوھي روڪ بنائڻ ھڪ بنيادي ۽ نھايت ئي اھم ضروري ڪم آھي.

        اڏوھيءَ جا جيوڙا ننڍين ڪالونين جي صورت ۾ زمين اندر يا سڪل ڪاٺ ۾ گھر ٺاھي رھندا آھن. ڪاٺ ۽ ڪاغذ وغيره انھن جو پسنديدھ کاڄ اھي ۽ اڏوھي اھڙي قسم جي شين کي تمام گھڻو شوق سان کائي تباھھ ڪري ڇڏيندي آھي. اھا گرم (Tropical) ۽ نيم گرم (Sub-tropical)  ملڪن ۾ گھڻي انداز ۾ ٿيندي آھي. اڏوھيءَ جي جيوڙن جي عادتن جي لحاظ کان انھن کي ٻن قسمن ۾ ورھائي سگھجي ٿو، ھڪ سڪل ڪاٺ واريون (Dry Wood or Non-subterranean) اڏوھيون ۽ ٻيون زمين واريون (Subterranean) اڏوھيون.

         سڪل ڪاٺ واريون يا Non-subterranean قسم جي اڏوھي گھڻو ڪري سامونڊي علائقن ۾ سڪل ڪاٺ اندر پنھنجيون ڪوٺيون ٺاھي رھندي آھي ۽ انھيءَ جي زمين سان ڪو تعلق نھ رھندو آھي.

        زمين واري اڏوھي (Subterranean Termite) اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ڪري سڀني حصن تي موجود رھي ٿي، جيڪا زمين اندر انھيءَ جي مٿاڇري تي ۽ انھيءَ کان علاوه ڪاٺ جي موزون حصن ۽ زمين تي رکيل ڪاٺ ۾ پنھنجا گھر ٺاھي، انھن کي کائي تباھھ ڪري ڇڏي ٿي. اڏوھين جا اھي گھر ڪافي سالن تائين رھي سگھن ٿا ۽ اھي جڏھن بلڪل ٺھي راس ٿين ٿا، تڏھن انھيءَ ۾ ڪروڙن جي انداز ۾ اڏوھي پيدا ٿي وڃي ٿي.

        انگريزيءَ ۾ اڏوھيءَ کي Termite  کان علاوه White ant  پڻ چيو وڃي ٿو. گھر جي سڀني اسمن کي اڏوھيءَ جي لاءِ جيت مار دوائن کان علاوھ، ڪاٺ جي انھن حصن کي ديوارن ۾ جڪڙيو ويندو آھي، تھ انھن تي عليحدھ طرح سان ڏامر جو تھھ يا سولگنم تيل جو تھھ چاڙھڻ بھ ضروري سمجھيو ويندو آھي. اھڙن اسمن ۾ در، دريون، روشندان، ڪاٺ جا ڪٻٽ وغيره اچي وڃن ٿا ۽ انھن جي صرف اھڙين ٻاھرين سطحن (جھڙوڪ فريم) جي چوڌاري ھن قسم جو عمل  ڪيو ويندو آھي.

٢-١: (Solignum Paiting)

        ھن قسم جي جيت کان بچاءَ واري پينٽ ڪرڻ واسطي ھيٺين ڳالھين جو ڌيان رکڻ گھرجي.

        (i) سولگنم ڪنھن معياري ۽ ڪوشش ڪري ٻاھرينءَ (Imported)  ڪمپنيءَ جو تيار ٿيل استعمال ڪيو وڃي.

        (ii) جنھن ڪاٺ کي تھھ چاڙھڻو ھجي، اھو چڱيءَ طرح سان سڪل ۽ صاف ھئڻ گھرجي.

        (iii) استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ سولگنم کي ٽھڪڻ کان ڪجھھ جھڪو گرم ڪرڻ گھرجي. انھيءَ کي ڪنھن سخت ۽ سڌي (Stiff and Flat) برش سان ھڻڻ گھرجي.

        (iv) ھڪ کان وڌيڪ تھھ چاڙھڻ جي صورت ۾ ھر تھھ، ٻئي تھھ چاڙھڻ کان پھرين چڱيءَ طرح سڪل ھئڻ گھرجي.

٣-

: (Different kinds of Anti-termite Treatment)

        ڪم جي نوعيت جي لحاظ کان اڏوھي روڪ عملن کي ٽن طريقن ۾ ورھائي سگھجي ٿو. ھڪ تعمير کان اڳ ۾ وارا عمل (Pre-constructional treatment)، ٻيو تعمير دوران عمل (Constructional treatment) ۽ ٽيون تعمير کان بعد وارا عمل (Post-constructional treatment). ھنن ٽنھي قسمن جي عملن جو تفصيلوار بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

16-3  :1 تعمير کان اڳ وارا عمل

: (Pre-constructional treatment)

        جڳھھ جي تعمير ڪرڻ کان پھرين انھيءَ کي اڏوھي روڪ بنائڻ نھايت ئي آسان، سستو ۽ ڪارآمد رھي ٿو. انھيءَ عمل جو مقصد زمين ۽ ڪاٺ جي ڪم يا مٿين سطحن جي وچ ۾ ھڪ اھڙو ڪيميائي تھھ ڏيڻو آھي، جيڪو ٻنھي سطحن جي وچ ۾ رنڊڪ بنجي اڏوھيءَ کي زمين کان مٿي اسرڻ نھ ڏئي ۽ انھيءَ کي زمين جي سطح کان ھيٺ ئي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏي.

16-3  :2 گھربل دوائون : (Materials)

        زمين واريءَ اڏوھيءَ کي ختم ڪرڻ واسطيد ڌرتيءَ تي عمل لاءِ صاف سٿري ۽ پيئڻ لائق پاڻيءَ ۾ ڊاءِ ايلڊرين (Dieldrin)  ملائي استعمال ڪجي، جڏھن تھ ڪاٺ واري اڏوھي لاءِ خالص تارپين جي تيل ۾ (Pure Turpentine oil)  اھي جيت مار دوائون ملائي استعمال ڪجن، اھي ڳارا، 0.5% ڊاءِ ايلرڊن يا 0.5% ائلڊرن (Aldrin)  وارا ھئڻ گھرجن.

        اھي جيت مار دوائون (Dieldrin & Aldrin) سرڪار جي زرعي شعبي يا ڪنھن مستند ڪمپنيءَ جون ھئڻ گھرجن ۽ سيل ٿيل ڊرمن ۾ بند ھئڻ گھرجن. انھن دوائن کي ڪم واري ھنڌ (Site)  تي گھربل گھاٽاڻ لاءِ مقرر ڪيل انداز ۾ ملائڻ گھرجي.

        زمين واري عمل (Application to earth)  جي صورت ۾ انھن کي ھڪ مربع انچ تي ١٥٠ پائونڊن (150 p.s.i)  جي داٻ سان مشيني ڦوھاري سان لڳائڻ گھرجي ۽ ڪاٺ تي ڦوھاري ڪرڻ لاءِ ھٿ واري اسپري سان ھڪ مربع انچ تي ٢٠ پائونڊن (20 p.s.i)  جي داٻ سان لڳائڻ گھرجي.

        چرين ۽ کڏن (Trenches pits)  ۾ ڪانڪريٽ ڀرڻ کان اڳ ۾ سوراخدار (Porous)  مٽيءَ واري زمين ۾ اھي جيت مار دوائون گھٽ ۾ گھٽ کاھين (Trenches)  جي تري ھيٺان ھڪ انچ تائين ۽ انھن جي پاسن اندر گھٽ ۾ گھٽ ٢ انچن کان ٣ انچن تائين داخل ٿيڻ گھرجن. چرين ڀرڻ لاءِ انھيءَ مان کوٽيل مٽيءَ جي ڍيرن کي واپس وجھڻ کان اڳ ۾ چڱيءَ طرح سان جيت مار دوائن جو عمل ڪري پوءِ استعمال ڪرڻ گھرجي، چوڪيءَ واريءَ سطح (Plinth Level)  تائين ڀراءُ وجھڻ کان پوءِ انھن کي ٻيھر جيت مار دوائن جو ڦوھارو ھڻجي.

        ڪمرن وغيره ۾ گھربل ليول تائين ڀريل مٽيءَ کي سڌو ڪري چڱيءَ طرح ڌمڪ يا ڄمائڻ واري مشين (Compactor)  رستي پختو ڪري انھن مٿان فرشن ٺاھڻ کان اڳ ۾ جيت مار دوائن جو ڦوھارو اھڙي ريت ڪجي جيئن اھي دوائون ڌرتي اندر گھٽ ۾ گھٽ ½ انچ تائين داخل ٿي وڃن.

        جاءِ ۾ ڪم ايندڙ اھڙن ڪاٺ جي جزن جن کي سولگنم لڳائڻ سان گڏو گڏ جيت مار دوائون (Pesticides)  بھ لڳائڻيون آھن تھ انھن کي پھرين جيت مار دوائون لڳائي پوءِ سولگنم لڳائجي، سولگنم کي عام زبان ۾ ڪارو تيل پڻ چوندا آھن.

        ڪاٺ جي سڀني اسمن، جھڙوڪ درين ۽ دروازن جي فريمن، تاڪن، چؤڪاٺن، تختن، الماڙين ۽ ڪٻٽن وغيره کي لڳائڻ کان پھرين جيت مار دوائون لڳائڻ گھرجن.

        عمارت ٺھي وڃڻ کان پوءِ انھيءَ جي ڪنھن بھ حصي مٿان اڏوھي کي مارڻ واري عمل سبب استعمال ٿيندڙ دوائن جو ڪنھن بھ قسم جو داغ نھ ھئڻ گھرجي ۽ انھيءَ ڳالھھ جي چڱيءَ طرح پڪ ڪرڻ گھرجي تھ ڦوھاري ڪيل جڳھين تي ھن عمل سبب گاھھ، گل ۽ ٻوٽن وغيره جي ڦٽڻ، وڌڻ ۽ ويجھڻ وغيره تي ڪنھن بھ قسم جو خراب اثر يا نقصان نھ پوندو.

16-3  :3 تعمير دوران عمل

: (Constructional Treatment)

        زمين واري اڏوھيءَ (Subterranean termite)  جي خطري کان عمارت کي انھن جي ٻاھرئين ۽ فرش ھيٺان اندرئين حملي کان بچاءَ واسطي جيڪو اڏوھي مار عمل ڪجي ٿو، انھيءَ کي عمارت جي اڏاوت دوران اڏوھي مار عمل چئجي ٿو.

        ھن قسم جي عمل ۾ مٿي ڄاڻايل ھدايتن سان گڏو گڏ ھيٺين ڳالھين جو پڻ خاص خيال رکڻ گھرجي.

        (i) زمين جي اصلي سطح کان ڀراءَ واري سطح تائين اڏوھي روڪ تھھ جو سلسلو رکڻ لاءِ فرشن جي بنيادي تھھ (Sub-grade)  وجھڻ کان پھرين، ديوارن ۽ ڪالمن جي فرش سان ڳانڍاپي وارين جاين تي اٽڪل 1 1/8 انچ 1 1/8 انچ جون ننڍيون ناليون ٺاھي انھن ۾ ھيٺين زمين جي ليول تائين ٦ انچن جي پوروڇوٽ مفاصلي تي سيخن  (Rods) سان سوراخ ڪيا وڃن، بعد ۾ انھن نالين ۾ جيت مار دوائن جو محلول اھڙيءَ ريت وڌو وڃي جيئن ديوار يا ڪالمن تائين ڀريل مٽيءَ کان ھيٺئين زمين جي تھھ تائين زمين  جو حصو عمودي طرح سان چڱيءَ طرح ڀِڄِي (Soak)  اڀي نموني ھڪ ڪيميائي رنڊڪ بنجي پوي.

        (ii) عمارت تيار ٿيڻ بعد انھيءَ جي چؤگرد زمين اندر لوھھ جي سيخن سان سوراخ ڪري انھن ۾ ڇھن انچن جي ھر مفاصلي تي ١٢ انچ گھرا سوراخ ڪري انھن ۾ جيت مار دوائن جو ڳارو وجھڻ گھرجي.

        (iii) گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارن پائيپن، مورين ۽ ڪسين (Conduits)  وغيره واري زمين ۾ داخل ٿيڻ وارين شين جي چوڌاري اٽڪل ٦ انچن تائين زمين کي ابورکو (Loose)  ڪري، انھن ۾ ٣ انچ گھرا سوراخ ڪري جيت مار دوا سان ڀريا وڃن.

        (iv) پسرڻ وارن جوڙن (Expansion joints)  وٽ خاص طرح سان ڌيان ڪري فرش اندر مٽي ڀرڻ کان اڳ جيت مار دوائون وجھڻ گھرجن.

16-3  :4 تعمير کان بعد وارا عمل

: (Post-constructional treatment)

        عمارت جي تياريءَ دوران يا انھيءَ کان اڳ  اڏوھي مار عمل کي نظر انداز ڪرڻ سبب، جڳھھ جي ٺھي وڃڻ کان پوءِ اڏوھيءَ جو پيدا ٿيڻ ھڪ جنجال بنجيو وڃي. انھيءَ لاپرواھيءَ ڪري، سخت محنت سان گڏو گڏ ڳاٽي ڀڳي خرچ ۽ اڏوھيءَ جي چڱيءَ طرح ختم نھ ٿيڻ جي خطري کي پڻ منھن ڏيڻو پوي ٿو. اھڙيءَ حالت ۾ اڏوھي پيدا ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ نقصان پھچڻ کي روڪڻ واسطي اڏوھي مار عمل ڪرڻ تمام ضروري آھي. انھيءَ عمل نھ ڪرڻ سان نھ صرف جاءِ ۾ لڳل ڪاٺ جي جزن جي تباھي ٿئي ٿي، پر انھيءَ کان علاوھ جاءِ ۾ موجود ڪاٺ جون قيمتي شيون، ڪپڙا، ڪاغذ ۽ ٻيو اڏوھيءَ جي پسند واري مال جو ٺھيل سامان کاڄي ناس ٿي وڃي ٿو. نھ صرف ايترو، پر اڏوھيءَ جا جيت فرشن کان مٿي چڙھي، ڀتين مٿان مٽيءَ جون لائينون ٺاھي، انھن کي خراب ڪن ٿا. اھڙي قسم جي حالت ۾ ھيٺ ڄاڻايل ھدايتن تي عمل ڪرڻ ضروري آھي.

        (i) اڏوھي اسرڻ وارن ھنڌن جي سراسري طرح ڄاڻ لڌي وڃي. گھڻ منزلھ عمارتن جي حالت ۾ سڀ کان ھيٺينءَ منزل تي اڏوھيءَ جي جانچ لھڻ کان پوءِ ھر منزل کي چڪاسڻ گھرجي. ڪڏھن ائين بھ ٿيندو آھي جو ڪن منزلن کي ڇڏي، ڪجھھ مٿين منزلن يا منزل کي اڏوھي لڳندي آھي. اھڙي قسم جي اڏوھي گھڻو ڪري لفٽ، ٽيليفون جي تارن، بجليءَ جي وائرنگ ۽ ٻئي ڪنھن قسم جي ڪارج وارن پائيپن (Utility pipes)  رستي لڳندي آھي. انھيءَ کان سواءِ ٻيون ڌاريون شيون، جھڙوڪ، ڪاٺ يا چمڙي جون پيتيون، رانديڪا، ڪاٺ جو فرنيچر، ڪاٺ جي فريمن واريون سينريون يا نظارا، مصنوعي ڇتيون (False Ceilings) ، راڻا استعمال ٿيل گھٽ قيمت وارا ڪتاب وغيره، ھن طريقي رستي اڏوھي پکيڙڻ جو سبب بنجن ٿا.

        (ii) پيدا ٿيل اڏوھيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀتين جي ٻاھران چؤگرد ڪوڏر (Shovel)  جيتريون ويڪريون ۽ اٽڪل ٢٠ انچ اونھيون ناليون کوٽي، اوساريءَ  جون ٻاھريون ڀتيون ۽ بنياد ظاھر ڪري، انھن ۾ لوھھ جي سيخن سان ٦ انچن جي ھر مفاصلي تي سوراخ ڪري، انھيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ جيت مار دوائن جو اڌ مقدار وجھڻ گھرجي ۽ باقي رھيل اڌ دوا واپس ڀرڻ واري مٽيءَ ۾ ملائي ناليون ڀرجن. واپس مٽيءَ ڀرڻ دوران مٽيءَ ۾ اسپري ڪرڻ سان گڏو گڏ اوساريءَ جي کليل پاسن کي پڻ اھو بچائي رکيل دوا وارو ڦوھارو لڳايو وڃي.

        (iii) جيڪڏھن عمارت جي ٻاھران ديوارن سان گڏ ڪانڪريٽ يا اوساريءَ جي داون (Apron)  ھجي تھ ديوارن سان گڏ جيترو ٿي سگھي اوترو ويجھو ھڪ فوٽ جي پور وڇوٽ مفاصلي تي ڊرل مشين رستي اڌ انچ قطر (Diameter)  جا سوراخ ڪري، انھن اندر پمپ وسيلي دٻاءُ سان جيت مار دوا داخل ڪئي وڃي. اھي سوراخ فرش ڪيل داون کان ھيٺينءَ مٽيءَ تائين ھئڻ گھرجن، جيئن عمارت جي چؤگرد ٻاھران ايندڙ اڏوھيءَ کي روڪڻ لاءِ ھڪ قسم جو بند ٻڌجي وڃي.

        (iv) آر-سي-سيءَ جي بوتي واري تعمير جي حالت ۾ ڪوڏر جي بليڊ جيتريون ويڪريون ناليون ٺاھي ڪالمن ۽ پلنٿ بيمن جي ٻاھرين حصن کي ٢٠ انچ اونھو يا پلنٿ جي تري تائين (ٻنھي مان گھٽ ۾ گھٽ ماپ وٺڻ گھرجي) کوٽي انھن ۾ ھن کان اڳ ٻڌايل طريقي وانگر اڏوھيءَ روڪ، عمودي تھھ ٺاھيو وڃي.

        (v) عمارت جي چوڌاري اڏوھي داخل ٿيڻ کان بچاءُ واري رنڊڪ ٺاھڻ بعد ھيٺينءَ منزل تي ٺھيل جاءِ جي ايراضيءَ اندر ڀتين ۽ فرشن ھيٺان موجود اڏوھيءَ کي ختم ڪرڻ واسطي انھن جي جاءِ جي اندر ٺاھيل رستن کي بند ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. عام طرح سان موسمن جي تبديليءَ سبب ڪانڪريٽ وغيره جي پکڙجڻ ۽ سسڻ ڪري ڀتين ۽ فرشن جي ڳانڍاپي وٽ ڏار پئجي ويندا آھن ۽ گھڻو ڪري انھن منجھان فرش جي ھيٺان موجود زمين مان اڏوھي مٿي چڙھي اندر داخل ٿيندي آھي. انھيءَ کي روڪڻ لاءِ فرشن جي سڀني ڇيڙن تي ديوار جي ڳانڍاپي وٽ اٽڪل ١٢ انچن جي ھر مفاصلي تي فرش کان وٺي ھيٺ زمين جي سطح تائين اڌ انچ ڊايا ميٽر جا سوراخ ڪري، ھٿ واري داٻ جي ڦوھاري واري مشين ذريعي انھن اندر جيت مار دوا اھڙيءَ طرح داخل ڪجي، جيئن فرش ھيٺان مٽي پوريءَ طرح آلي ٿي وڃي ۽ وڌيڪ دوا سوراخن مان ٻاھر نڪرڻ لڳي. اھڙو عمل فرش جي ٻئي قسم جي ڏارن وغيره وٽ اڏوھيءَ جي ھر گھٽ بند ڪرڻ واسطي ڪيو وڃي. ھن عمل ۾ ھر سوراخ ۾ وڌ ۾ وڌ ھڪ ليٽر دوا استعمال ٿيندي آھي. انھيءَ عمل بعد انھن سڀني سوراخن کي چڱيءَ طرح بند ڪجي.

        (vi) اوساريءَ جا خال (Voids)  پڻ اڏوھيءَ جا رستا ٺھي سگھن ٿا، انھن مان اڏوھيءَ جي مٿي اسرڻ کي روڪڻ لاءِ پلنٿ وٽ اوساريءَ جي ٻنھي پاسن کان ١٢ انچن جي مفاصلي تي ٤٥ درجن جي ڪنڊ تي فرش جي ليول کان ھيٺ زمين جي ليول تائين سوراخ ڪري انھيءَ منجھھ مٿي ڄاڻايل عمل موجب جيت مار دوا داخل ڪجي، اھڙي قسم جو عمل وچين ديوارن (Intermediate walls)  ۽ پردين (Partition walls)  وٽ بھ ڪرڻ گھرجي، دروازن، درين وغيره وٽ پڻ ديوار يا اوساريءَ سان لڳل ڪاٺ جي اسمن کي چڱيءَ طرح چڪاس ڪري انھن جي فريمن يا چؤڪاٺن جي ڀر ۾ سوراخ ڪڍي انھن ۾ داٻ سان جيت مار دوا ڀري اڏوھيءَ کي ختم ڪجي.

        (vii) اڏوھيءَ سبب ناس ٿيل ڪاٺ جي اسمن جي تبديليءَ واسطي نون ڪاٺ جي شين لڳائڻ کان پھريائين انھن کي گاسليٽ يا تيل اندر ملايل جيت مار دوا اندر ٻوڙي يا انھن مٿان تمام گھڻي انداز ۾ برش رستي دوا جا بھ تھھ ڏيئي بلڪل تر ڪري پوءِ لڳائجي.

        ڪاٺ جا اھڙا اسم، جھڙوڪ ڪامون، پٽيون، تختا، دروازن ۽ درين جا چؤڪاٺا وغيره، جن کي اڏوھي لڳڻ جو انديشو ھجي تھ اھڙي حالت ۾ انھن جي اندر تائين ¼ انچ جي ڊايا ميٽر جا گول سوراخ ڪري (ھر ھڪ ٦٧ انچن جي مفاصلي تي) انھن ۾ جيت مار دوا ڀري بالڪل تار ڪري ڇڏجي. جيڪڏھن ڪاٺ اڃان پينٽ يا وارنش لڳائڻ لاءِ تيار نھ ڪيو ويو آھي تھ انھيءَ جي سموري سطح، سوڙھن خالن (Crevices)  ۽ چيرن ۽ انھن سان لڳل اوساريءَ وٽ ڪاٺ لاءِ تيار ٿيل جت مار دوا لڳائجي. انھيءَ کان علاوه گھر اندر ڪاٺ جي سڀني شين مٿان جيت مار دوا جو ڦوھارو (Spray) ڪجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org