سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات گدا

صفحو :5

 

(26)

اهڙو ته ڏسان ڪونه زماني ۾ ڪڏهن يار،
جنهن سان آ ڪريان پنهنجي وڃي درد جي گفتار.
ڇو زاهدِ بي پير چوي مون کي ٿو بيڪار،
سهڻن سان سدائين ته آهي منهنجي سروڪار!
رخسار تي دلدار جي سبزه ٿيو نمودار،
ڏس قدرتِ حق، گل مان اچي خار ٿيو اظهار!
هرجا ٿو ڏسان جاءِ کي، ۽ لاله و گل کي،
لعلن کان به ٿي لال سڄي دامنِ ڪهسار.
قمري ٿي ڪري، سروتي ’ڪوڪو‘ جو ترنّم
'،
بلبل جي تراني تي ڪري وجد ٿي وڻڪار.
هرهنڌ آ عجب رنگ، عجب ڍنگ ڏسان ٿو،
هي گلشنِ گيتي، جو آهي لائق ديدار!
ساقي آهي، ساغر آهي، مينا آهي موجود،
هان، باقي اَٿم يار وضعدار جِي درڪار!
هڪ غمزي سان عارت جو ڪري دين ۽ ايمان،
اُن ڪافرِ بدڪيش جو آ آهيان طلبگار!
اُن جهڙو برهمن ڪڏهن ڪاشيءَ ۾ نه هوندو،
گردن ۾ وِڍو جنهن ته سندس زلف جو زنّار.
مون جهڙو پريشان ڪٿي ڪونه ڪو ڏسبو،
دلدار جي آ زلفِ پريشان جو خريدار.
هي دَور زماني جو ڏسي، عقل ٿيو عنقا،
هِن دور ۾ دوران مان محبت ڪيو شُنقار.
هِن عالمِ امڪان ۾ عجب واءُ لڳو آهه،
مطلق نه تميز آهه رهيو خَلق ۾ زنهار.
اُن کي ٿا چون ”آهه هي اشراف، اڪابر“،
کيسي ۾ اَدا جنهن جي ته اڄ کڙڪن ڪلدار.
سڀڪو ٿو چوي اُن کي ته ”هي آهه مهاراج“،
جي ڍيڍ رکي سر تي کڻي چيرهء زرتار!
ڇڏ گردشِ گردون جي شڪايت جي حڪايت،
هِن ذڪر کي ڇڏ، صبر کي ڪر هاڻ تون اختيار.
سو فخرِ سلاطين
' آهي، جو ’عبدحسين‘ آهه،
آباد سدائين هجي، اُن مير جي سرڪار!
حسنين حمايت هُئي سندس هر دو جهان ۾،
اُن جو هُئي خدايار، ۽ موليٰ هئي مددگار!
اُميد اٿم عفو ڪندو مون کي خداوند،
جيتوڻيڪ مون جهڙو نڪي آهه گنهگار.
مُون پنهنجي ثنا خوان کي، ڪوثر جو ڀري جام،
پياريندو علي شيرِ خدا، حيدرِ ڪرّار.
آ آهيان غلام اُن جو، ”گدا“ اُن جي وصيءَ جو،
محشر ۾ سندم ختم الرسل شال ٿئي مهندار.

 

(27)

مون کان سهڻا پري نه ساعت سِر،
تنهنجي قدمن تي مُون ته گهوريو سِر.
’الڪريم‘ آهِه قولِ پيغمبر،
ٻول جيڪو ڪيوءِ، نه تنهن کان ڦِر.
تنهنجي اکڙين کي مُون چيو آهُو،
ڇو تون مون کان ڀلا ٿئين ٿو بِر؟
قول پنهنجو ڪرين جي تون مُون سان،
ڪين ڪر تنهن ۾ ڪو تفاوت تِر.
منهنجو رهزن رقيب، منهنجي لاءِ،
آهِه شيطان کان وڌيڪ، سو شِر.
حُسن جو چار ڏينهن ڏِس چٽڪو،
ڇڏ تون ميڙو مَتو، هميشه نه هِر.
جي گهرين ٿو ته با ڪمال ٿيان،
ڪاملن جي وڃي تون در تي ڪِر.
شيرِ يزدان جو آ ”گدا“ آهيان،
سَگ- صفت
' ڪر نه اي رقيب تون گِر.
واه حامد جي آهه هي مصرع-
”نينهن آهي ته نانگ وارو ٻِر.“

 

(28)

عشقِ بتان ۾ ناله و آه و فغان نه ڪر،
هِن سوزِ جانگداز جو ڪنهن سان بيان نه ڪر.
حورون پريون هزار جي تنهنجي سوا هجن،
آ ڪين ڪي نگاهه ڪندس، تون گمان نه ڪر.
آهيان قديم يار وفادار تنهنجو، سچ،
مون کي وساري، يار ٻيا تون نَوان نه ڪر.
زيروزبر آ توکي ڪندس، پڪڙي آه سان،
مون کان پري تون يار کي اَي آسمان نه ڪر!
اي آسمان! تون ته آهين پيرِ پارسا،
نامهربان، مُون تي اُهو مهربان نه ڪر.
پهچاءِ هي پيام سندم، تار کان تکو،
دم هڪڙو دير قاصد! تون درميان نه ڪر.
سر سبز جي گهرين ته هجي باغِ زندگي،
گل کان پري تون بلبل، اي باغبان! نه ڪر.
آباد شال تنهنجو هجي مصطبه
' مُدام،
مون کان پري تون جام کي پيرِ مغان! نه ڪر.
ڏيکار مون کي جلد تون جلوو جمال جو،
پيارا پرين! نقاب ۾ رُخ کي نهان نه ڪر.
مُشڪ آهِه سو ته جنهن جي ٿي خوشبو ٿئي خودبخود،
تعريف پنهنجي پاڻ تون پنهنجي زبان نه ڪر.
نقطي جو فرق آهه زبان و زيان ۾،
پنهنجي زبان سان پنهنجو تون ظالم زيان نه ڪر.
آهي سو ڍور، ڍور کي ڪنهن جي نه ڪا خبر،
بيدرد وٽ تون درد کي هرگز عيان نه ڪر.
عشقِ خدا ۾، ڇو نه ڪرين زندگي بسر؟
طالب جي آهين حق جو، ته عشق بُتان نه ڪر.
دو نان جي منت آهي، سنان کان به سخت تر،
دو نان جي تون خوشامد بهر دو نان، نه ڪر.
گوهر، صدف کان نڪري، تڏهن ٿو ٿئيس قدر،
جي آبرو گهرين ته وطن ۾ مڪان نه ڪر.
اي ’مجتبائي!‘ توکي ”گدا“ آفرين چوي-
”ذڪرِ خدا کان بند تون پنهنجي زبان نه ڪر.“

 

(29)

آ اڱڻ منهنجي، مٺا محبوب، مہ رخسار يار!
حال مون مهجور جو، ڏس تون اچي يڪبار، يار!
منهنجي دل جي آرزو آهي اها، آهي اها:
آ، اچي ڏيکار پنهنجو جلوهء ديدار يار!
جان جند صدقي ڪريان، تنهنجي نگاهِ ناز تان،
تنهنجي قدمن تي ڪريان، قربان سر صدبار، يار!
شيفتو
' ڪيو مون کي تنهنجي دلربا، دلدار، يار!
تو سِوا منهنجو نه ڪوئي دلربا، دلدار، يار!
تنهنجي دُوريءَ ۾ دل و جان و جگر هردم جلن،
تنهنجي فرقت ۾ سدائين چشم دريا بار، يار!
زلف پيچان تنهنجا منهنجي دل کي ٿا پائين پيچ،
ور ڏيو واسينگ وانگر، ور وجهن ٿا وار، يار!
مشڪ، تنهنجي زلفِ عنبر بار جو همسر نه ٿئي،
خال تنهنجي کان خجل ٿيو نافہء تاتار، يار!
مُون ”گدا“ جو شان، شاهن کان به افزون ڇونه ٿئي،
ساهِ مردان شير يزدان جو آهيان پينار، يار!

 

 

 

 

****


 

رديف ”ز“

 

(30)

عقل درّاج'، عشق آهي باز،
برهه جو آ ته آهيان محرمِ راز.
سِڪ سهڻن جي مون کي آهه سدا،
آ نه هن مشغلي کان ايندس باز.
تيغِ ابرو جو آ شهيد آهيان،
ڪونه مُون جهڙو ٻيو آهي جانباز.
اُن کي ٻيا سڀ ڪتاب ويا وسري،
برهه جو باب جنهن تي ٿئي ٿو باز.
آ مليحن جو اصل کان عاشق،
سانورو يار مُون سان ٿيندو ساز.
سر جو سانگو اُهو ٿو لاهي ڇڏي،
عاشقن ساڻ جو ٿئي اَنباز.
هم بغل مُون سان منهنجو ٿيو محبوب،
مہ لقا يار مُون سان ٿيو ممتاز.
ميڪدو تنهنجو هُئي سَدا آباد،
ساقيا! مون کي ڏي مَيء شيراز.
اُن کي هردم سندس ڪشش آهي،
جنهن ڪيو آهه سيرِ ملڪِ حجاز.
تون غنيمت سمجهه مجازي عشق،
”فرد جانِ حقيقت است مجاز
'“.
اَي ”گدا“ توکي ڪهڙو خوف و خطر،
تنهنجو موليٰ ته آهه بنده نواز!

 

****
رديف ”س“

 

(31)

جهڙي تهڙي سان، لنؤ نه لائيندس،
من- موهن ساڻ، مَن مِلائيندس.
لنؤ لُڏڻ يار ساڻ لائيندس،
توڙ تائين نينهڙو نڀائيندس.
جنهن جو عاشق اَلست کان آهيان،
اُن سوا ڪين ڪنهن کي ڀائيندس.
قصّہء جانگدازِ
' حضرتِ عشق،
جي ٻڌو. يار! آ ٻڌائيندس.
پنهنجي پياري کي، هٿ ادب جا ٻَڌي،
حال احوال سڀ سُڻائيندس.
تنهنجي فرقت ۾ اي قمر طلعت!
آهَ بر آسمان رسائيندس.
مهربان يار مون کي چيو مُرڪي:
”توکي گهورن سان آ ته گهائيندس.“
”قرب سان توکي آ ڪندس قابو،
”پِرت جا پيچ توکي پائيندس!“
مُون چيو مانس، ”اي شہِ خوبان!
”تنهنجي در جو ’گدا‘ سڏائيندس!“

 

(32)

رات آ پنهنجي يار سان مليس،
ناز پرور نگار سان مليس.
مون تي قربان قمري و بلبل،
سروقد گلعذار سان مليس.
”غنچہء دل برنگِ گل بشگفت
'“،
رَشڪِ باغ و بهار سان مليس.
بخت باري سندم بلاشڪ ٿيو،
واه وا! وضعدار سان مليس.
صبحدم منهنجي مُنهن پيو اغيار،
گل عوض آ خار سان مليس.
آيو مون ڏي ٿي، ويو وري دلبر،
اڄ ته آ انتظار سان مليس.
اي ”گدا“ منهنجو اڄ ڍريو ڍارو،
پنهنجي اُن دوستدار سان مليس.

 

(33)

ترڪ ڪر ڪبر، ڪبريائي ڏس،
خود نمائي نه ڪر، خدائي ڏس.
جي ڪڙائي ڏِسين، مٺائي ڏس،
جي مٺائي ڏسين، ڪَڙائي ڏس.
باهه پاهڻ ۾ جئن آهي پنهان،
لنؤ ائين يار مون سان لائي، ڏس!
ائين وڃي يار سان ٿيان يڪذات،
جنهن طرح کير ۾ مَلائي ڏس.
شمس شرمندگي کؤن ٿيو لرزان،
عارضِ يار جي صفائي ڏس!
رُخ تي دلبر جي زلف پاتا پيچ،
گل سان سنبل جي ٿي لڙائي، ڏس!
مرغِ دل منهنجي کي ڪيئين پابند،
يار جي زلف جي رَسائي ڏِس!
جئن ڪري ناز، تئن نياز ڪريان،
منهنجي دلبر جي دلبرائي ڏس!
سرخروئي جو جي آهين خواهان،
يار جو پنجہء حنائي
' ڏس.
حسن کؤن جنهن جي آ ٿيس حيران،
برهه جي باهه تنهن بڇائي ڏس!
جي سڃاڻن نه پاڻ ٿا پنهنجو،
عمر تن جي وئي اَجائي ڏس!
ويا ڀڄي مون کان، ڄڻ هئا بيگانا،
آشنائن جي آشنائي ڏس!
ساقيا! مون کي ڏي ڀري ساغر،
ٿي پري مون کان پارسائي، ڏس!
هر ڪنهين کي ڀَلا، ڀَلو سمجهن،
هي ڀَلارن جي تون ڀلائي ڏس!
ڇڏ هئڻ جي هجڻ جو هار ڇني،
ڇڏ ٻيائي کي، هيڪڙائي ڏس.
عاشقن کي اُهي چريو ٿا چون،
عقل وارن جي هي چَرائي ڏس!
جي هدايت جو آهين تون طالب،
درگہِ حضرتِ ڀٽائي ڏس!
قرب ري ڪينڪي گهران ٿو ڪي،
مون ”گدا“ جي اها گدائي ڏس.
آ ثناخوان سدائين ’سانگيءَ‘ جو،
طبع منهنجي جي نت رسائي ڏس!

 

(34)

سڀڪو مون کي چوي ٿو اڄ شاباش،
”عشق جي اِمتحانٌ ۾ آهين پاس!“
تنهنجي فرقت ۾ مهنجي دلڙي اُداس،
هي سُڻي حال، منهنجو ڪر ڪو قياس!
سَو لڱا توتي آ ڪريان صدقي،
ساهه سر، دل ۽ هڏ چم، ماس!
نازنين! ناز مان نظر ڪر تون،
دوست دلبرِ سندم سُڻي اَرداس
'!
يار جي زلفِ عنبر افشان جي،
مشڪ کان آهه سرس سُرهي باس!
حضرتِ عشق جنهن جي دل ۾ ناهِه،
آدمي ناهِه، آهِه سو نشنَاس!
رِند، لانگوٽ بند کي بيشڪ،
پرنيان کان وڌيڪ آهه پلاس!
ڏس سندس شان، ڏس سندس شوڪت،
دل جي دهليءَ ۾ يار ڪيو اجلاس!
سرخرو ڇو نه ٿئي سڄو عالم،
يار ڪيو اڄ ته آهه سُرخ لباس!
جنهن جي فرقت ۾ آ اُڦٽ ٿو مران،
منهنجو اُن کي ته ڪونه ڪو وسواس!
دل ڏنم نذر نازنين کي،
سر سندم پوءِ ته آهه ڪهري راس؟
آهه هر جاءِ ۾ ”هو الموجود
'“،
چست چالاڪ جي، ڪندو ڪو چڪاس.
ميڪدو تنهنجو هُئي سدا آباد،
ساقيا! ڏي ”گدا“ کي مَي جو گلاس!

 

 

 

 

****


 

رديف ”ش“

 

(35)

اي مُسلمان! صدق سان ڪر نُورِ اِيمان جي تلاش،
رک سدا تون درگہِ ختمِ رسولان
' جي تلاش.
روز و شب، مومن کي گهرجي شاهِ خوبان جي تلاش،
ڇا ڪنديس ڪنهن ٻئي کي؟ رک تون شاهِ مردان جي تلاش.
تون چئين ٿو، ٿو رکان هر روز جانان جي تلاش،
هي رکڻ جو هنڌ هو، يا بيوس ٿي خوبان جي تلاش؟
چور جو، توکي وڻيو ڪئن قافيو آهي ”چڪور“؟
پر صحيح ”چڪوه“ کي آهي ماهِ رخشان جي تلاش.
عرف ۾، اُن جفت کي چَڪوو ۽ چَڪوي ٿا چون،
جنهن کي رهندي آهه هردم ماهِ تاباب جي تلاش.
غزّهء شوّال، مرسوم آهه عيدالفطر سان،
ڪئن ثواب آهي جو چئين ٿو ”عيد رمضان جي تلاش“؟
ڇو ٿو سڀڪنهن گاهه چئين، بل ان طرح سان ٿيو صحيح،
گاه بيگاهه آهه مون کي ڪوي جانان جي تلاش.
اوهو مسڪن، اوها آهي ڪوءِ جانان بيدربغ،
ڇا هي مسڪن گاه اُو، ڇا ڪوي جانان جي تلاش.
گرگِ مانع
'، ڪئن ٿو چئين؟ ٿو گرگِ ناصع معتبر،
پر جي يوسف ٿئين، ته رک چاهِ زنخدان جي تلاش.
جڏ صنم جي ياد ۾ وسري ويو توکان صمد،
تڏ ڇا لازم آهي توکي، ڪفر و ايمان جي تلاش؟
مون کي درڪار آهه خاڪِ درگہِ شاهِ نجف،
ني سڪندر جئن ٿي مون کي آبِ حيوان جي تلاش.
جَڏ تون آدم جئن، بهشتِ وصل کان رهجي وئين،
تڏ خطا آهي رکڻ فردوسِ رضوان جي تلاش.
تون به ڀڃ هن شعر کي، جئن نظم مون تنهنجا ڀڳا،
ٻي نه ڪج ڪنهن طرح سان ٻئي ساز و سامان جي تلاش.
جي نه ڀڃندين شعر، تان مُجرا آ ڏيندس ڪينڪي،
پر آ ڄاڻان ٿو ڪندين تون بغيء طغيان جي تلاش.
مون لکيو توکي ته اي سيّد فصاحت دستگاه!
تو ڪئي بيفائدي ڇو پنهنجي نقصان جي تلاش؟
واه! هي اِنصاف آهي واه! هي آهي لحاظ،
مُون ته واريو صلح، توکي جنگِ ميدان جي تلاش!
جڏ طريقو تنهنجو آهي، عجز باصد اِنڪسار،
تڏ تون ڇڏ هن جنگجو نا خوانده مهمان جي تلاش.
تو مَٽائي ڪيو يقيناً آهِه هڪ نوڙيءَ مان نانگ،
جي پوَئي دل ۾، وڃي ڪر تون ته خسران جي تلاش.
جو سليمان و سڪندر کي چوي ٿو خاڪروب،
اَي ”گدا“ اُن کان نه رک، ڪنهن طرح اِحسان جي تلاش.

 

 

 

 

****


 

رديف ”ص“

 

(36)

آيو مون وٽ عجيب، با اِخلاص،
مون تي ڪيئين پنهنجي مهرباني خاص.
تيغِ ابرو سان، جي ڪُهن عاشق،
دلبرن کي معاف آهه قصاص
'.
مصحفِ رُخ مان يار جي، مون کي،
ياد هر وقت سورہء اِخلاص.
سورڪ ساقي ڏنس ڪا صهبا جي،
شيخ پيو وجد ۾ ٿيو رقّاص.
پاڻ کي ٿو طِلا کان وَڌ سمجهي،
آهه رهزن، رُليو رقيب رصاص.
منهنجو هر شعر، گوهرِ شهوار،
برهه جي بحر جو آهيان غوّاص.
اي ”گدا“! جيڪو الطمع آهي،
آهه سو بادشاهه خاص الخاص.

 

 

 

 

****


 

رديف ”ق“

 

(37)

عشق جو مون جڏهن پڙهيو هو سبق،
عقل جو مون، تڏهن ورايو ورق.
دلپسند آهه، يار جر تقرير،
ٻي وڻي ڪين ڳالهه ٿي مطلق
'.
چشمِ جانان جا نرگسِ شهلا،
بينيء يار، غنچہء زنبق.
آهه ضرب المثل زماني ۾،
غمزهء چشم يار جو چقمق.
دردِ فرقت ۾ ڏس! اِجهو ٿو مران،
ڏس اَچي روح ۾ رهي نه رمق.
عاشقن جي نصيب ۾ آهي،
درد و اندوهه رنج و سوز و قلق.
نيلگون آسمان جو ڏس نيرنگ،
سڀڪو ڀانئي ٿو، آ آهيان تغلق.
يار جي لب کي آ چوان عناب،
انمله کي سندس چوان خندق.
آهه لائق سندم سواريءَ جو،
بور، شہ زور، يا هجي اَبلق.
جو سُڃاڻي ته پاڻ ٿو پنهنجو،
بيوقوف آهه سو، وڏو احمق.
فتح مون کي سو ڏيندو دُشمن تي،
جنهن ڪيو فتح غزوهء خندق
'.
خاتم المرسلين، رسولِ خدا،
معجزي ساڻ جنهن قمر ڪيو شق.
اَي ”گدا“ آهه جو شہِ خوبان،
ساهه سر آهه منهنجو تنهن تان صدق.

 

(38)

عجيبن ڪيو مون سان اَڄ اِتفاق،
وچان ويو وڇوڙو، فنا ٿيو فراق.
اَچي مون سان همدم ٿيو منهنجو حبيب،
ڪندا ڪين اَغيار، اڳتي مذاق.
ٻه ڀيرا ڏِٺو مون ته ملڪِ عرب،
ڏسان شال هاڻي وڃي آ عراق!
عداوت جي وڻ جِي وڍي بيخ ڇڏ،
جي مومن، ته مومن سان ڪر تون وفاق.
شراباً طهورا
' جا طالب اَسين،
مُلن کي ته طهريءَ جو گهرجي طباق.
مددگار منهنجو سو خير البشر،
وٺي آيو جبريل جنهن لءِ بُراق.
”گدا“، شاهِ مردان جر منڪي سان تون،
رکج دل ۾ تا روزِ محسر نفاق.
زهي ذوالڪرم مير بهرام خان،
سلامت سندس شال هُئي طمطراق!

 

 

 

 

****


 

رديف ”ڪ“

 

(39)

دفترِ دردِ دل، لکڻ کان وڌيڪ،
سوز سيني جو، ٿيو سلڻ کان وڌيڪ.
زهر ڄاڻان ٿو، زيست
' فرقت جي،
موت صدبار ٿيو، جيڻ کان وڌيڪ.
آءُ اَي منهنجا دلگهريا دلدار:
سُور ڏي ڪين، تون سَهڻ کان وڌيڪ.
تنهنجي اکڙين تي آ ڇڪن آهيان،
آهه وحشت سندم مرڻ کان وڌيڪ.
سچ چوان ٿو، چوان ٿو سچ، بيشڪ!
نه ڏٺم ڪو ٻيو، سڄڻ کان وڌيڪ.
آهِه پير مغان جي عام سخا،
ڏيندو مَي مون کي سو گُهرڻ کان وڌيڪ.
آهه ضرب المثل لُچائيءَ ۾،
پر نه اِبليس ٿيو ڏڄڻ کان وڌيڪ.
سچ سان ڪچ ڪين ڪي ڪڏهن مَٽ ٿئي،
بهه کي چوندو ڀَلا ڪو کڻ کان وڌيڪ؟
ڪر تواضغ، نه ڪر تڪبّر تون،
سر ۾ نخوت ٿي، دم هڻڻ کان وڌيڪ.
سرس ’سانگي‘ جو هُئي سدا اِقبال!
مدح اُن مِير جي، چوڻ کان وڌيڪ.
هي غزل مون ”گدا“ جو، موم ڪندو،
دلِ دلدار، جا پَهڻ کان وڌيڪ.

 

(40)

مون کي سهڻن جي سرس هُئي نِت سِڪ،
شل ڀڄي ڪين هي، هُيس جي هِڪ.
آهيان سو باده نوش
'، مست، مدام،
نوش جان ڪريان ٿو، هڪڙي تِڪ.
نينهن، لوڏي تي جنهن کي چاڙهي ٿو،
اُن مان لاشڪ، لهي وئي سڀ لِڪ.
منهنجي دل، دوست کي سدا ساري،
گاهه جِي، ڪهربا ڏي ڏس تون ڇِڪ.
نار نيڻن جا ٿا وهن هر وقت،
اَشڪ منهنجي جي چَو طرف ڏس چِڪ.
مدّعي منهنجو ڦوڪجو ڦاٽي،
آهه ظالم ذليل جهڙي زِڪ.
اهلِ دل اُن کي چئبو ڪيئن، جيڪو،
اهلِ دولت جي در تي کائي ڌِڪ؟
اَي ”گدا“ شاهه منهنجو سو آهي،
جنهن کي رهبر رسول پياري پِڪ.

 

(41)

عشق آيو ته عقل ٿي ويو هلاڪ،
        برهه وارن کي پوءِ ته ڪهڙو باڪ
'؟
        ڪنهن سان هي حال آ بيان ڪريان،
(چاق)  درد دوريءَ جي مون کي ڪيو بيچاڪ.
        برق- وش يار جي جدائي ۾،
        اَبر جئَن، منهنجي چشم ٿي نمناڪ.
        وعدهء وصل کي وفا نه ڪَيئين،
        ياد ڪيو پنهنجي يار جا رخسار،
        همچو گل، منهنجي آهِه دل صد چاڪ.
        تيغِ ابرو سان صد هزار ڪُهي.
        منهنجو محبوب آهِه سو سفّاڪ.
        هن زماني ۾ ڏس ڪمينن کي،
        شو ڪجن ڦوڪجن ڪري پوشاڪ.
        آهه ابليس کان وڏو مغرور،
        پاڻ کي جي پليد ڀانئن پاڪ.
        آسمان- مرتبت ٿيا خاڪ نشين،
        گُرد ڪيا گرد، گردشِ افلاڪ.
        صبح جي وقت ڇو نه ٿئين تون سجاڳ،
        خوف خالق جو ڪر نه ٿي بيباڪ.
        شاهه هُئي توڻي هُئي ”گدا“ ڇا ٿيو؟
        هر ڪنهين جو مقام آهي خاڪ.

 

 

 

 

****


 

رديف ”ک“

 

(42)

صبحدم گلزار ۾، دلدار پاتا مون کي ٻَکَ.
آ ڪريان قربان تنهن تي، جي هجن سر منهنجا لَکَ.
آ، اَچي ڏس، حال کان بيحال ٿيا آهيون اَسين،
يار وسري ويا اسان کي تو سوا اَڄ چَک ۽ مَک.
آيو اُڄ منهنجي اڱڻ، محبوب منهنجو مہ لقا،
رُخ پِٽي اَغيار روڳي، مَر ته ويٺو ماري جَکَ.
جنهن کي ساقي جام صهبا جو ڏنو پنهنجي هٿان، مست سي مدهوش چئو، ڪهڙي ڪندا پرهيز رَکَ.
حق جي رحمت جا وسن شل مِينهن ساري مُلڪ تي،
ملڪ ٿئي سرسبز سارو، اَڻ ملهاتا ٿِين ڪَکَ.
عشقبازيءَ جي ته اَڄڪلهه ڪن ٿا دعوا صد هزار،
جي سچا آهين عاشق سي ته عالم ۾ اَلَکَ.
منهنجو خالق، منهنجو مالڪ، منهنجو رازق ربّ تون،
يا اِلاهي، لوڪ کي منهنجي پوي شل ڪانه لَکَ.
قدرتِ قادر کان هرگز ڪين ڪي آهي بعيد
'،
جيڪڏهن طائر اُڏامن اي ”گدا“ ري پَر ۽ پَکَ.

 

(43)

عقل ڪئَن عشق سان ٿئي هم سنگ،
عقل آهُو ۽ عشق آهِه پلنگ.
گرچه آ
آهيان عشق ۾ اڙٻنگ،
پر لڳي ڪين يار سان ٿو ٻنگ.
بخت منهنجو جي مُون سان ٿئي همراهه،
يار مون سان اَچي ٿئي يڪرنگ.
آهِه بيشڪ اُهو، سچو عاشق،
حسن جي شمع تي ٿئي جو پتنگ.
يار جي چشم تي ڇڪن آهيان،
آهيان نروار نينهن ۾ آ
نسنگ'.
شوخ و شنگ آهِه ٿي ڪمان ابرو،

هدف دل تي جو هڻي ٿو خدنگ.
قلب جِي جيٖ گهرين صفائي ٿو،
دل ۾ ڪنهن سان نه رک ذرو تون زنگ.
سبز رنگن جي حسن ڪيو حيران،
عوض مَي جي ٿو گهرجي ڪاسهء بنگ.
ڏس ڪيو نينهن مون کي ڪئَن مشهور،
حيدرآباد کان وٺي تا زنگ.
وصل دلدار جو بهشتِ برين،
فرقتِ يار آهِه قيدِ فرنگ.
آ
اکين سان ڏسان الله ڪري،
يار اَغيار کي ڪري چورنگ.
ڪفر اسلام کان وڌيڪ ويو،
نيلگون آسمانٌ جو ڏس نيرنگ.
جي گهرين ٿيان ز خاصگانِ خدا،
ڪر مطالع تون فڪر جو فرهنگ
'.
حضرتِ دل جي آهِه سان وسعت،
لا مڪان تائين آهِه جنهن جو رنگ.
ري گهُرئي رزق ٿو ڏئي رزاق،
رزق جي فڪر ۾ نه ڪر دل تنگ.
هن کي زر گهرجي، هو خدا ٿو گهري،
سَو مُلي کان، ڀَلو ٿيو هڪڙو ملنگ.
مير الله بخش خان شهواڻي،
مرتبو جنهن جو بر تر از هوشنگ.
”در سخاوت چو ابرِ نيسان است“،
آهِه جوّاد بيمثل سو جنگ.
اي ”گدا“ تون عبث آهين دلگير،
شاه مردان تي، تنهنجو آهي ننگ.

 

 

 

 

****


 

رديف ”ڳ“

 

(44)

عشق ۾ آ اهڙو آهيان مَڳ'،
ڪهڙو پروا، جهلي پلي جي جڳ.
اَٿم اُميد، شال ايندو هتان،
پنهنجي پياري جو اَڄ جهليو مون اَڳ.
هڪڙي غمزي سان مون کي ڪيائين غلام،
ڪونه جهڙس ڏٺم دلين جو ٺڳ.
سر کي صدبار آ
ڪريان صدقي،
جي ڏسان پنهنجي آ
پرينءَ جو پڳ.
سينڌ سهڻي سڄڻ جي زلفن جي،
آبِ حيوان جو آهِه، سُوڌو دڳ.
يار مُون ساڻ بيوفا ٿيندو،
هِن حقيقت کي مُون ٿي ڄاتو اڳ.
ٻيا سڀئي وهم پنهنجي دل تان وسار،
دوست دلبر جي تون طلب ۾ تڳ.
جي گهرين ٿو منزلِ مقصود،
شاهِ مردان جو اي ”گدا“ وٺ دڳ.

 

(45)

ڇڏي خوابِ عفلت کي، تون يار جاڳ،
سمهڻ صبح جي وقت آهي نڀاڳ.
ڪري دل جو گلزار سيراب ٿو،
چيو سچ اَٿن ”روح جو قوت راڳ“.
ٻَڌر دَر ڌڻيءَ جي تون محڪم ڪمر،
لنگهي جئن تون ليلاءِ، وٺ پنهنجو لاڳ
'.
ٻيا غم هزارين هجن جي ته ڇا،
غمِ ساهِ شهدا جو رک دل ۾ داڳ.
تون ساڃاهه ڪر سيّدن جي سدا،
جي ڀانئين ته منهنجو ڀلارو ٿئي ڀاڳ.

 

 

 

 

 

 

 

 

****
رديف ”ل“

 

(46)

ڏِسي دلدار جا پُر پيچ ڪاڪُل،
خجالت کان ٿيو پـ
ژمرده' سنبل.
ڏِسي جي باغ ۾ اُو غيرتِ گل،
ڪري گل کي تصدّق ڪين بلبل.
ڏسي جي جلوهء سروقدِ يار،
ڪري بلبل صفت فرياد صلصل.
سوين سوڌا سهي سرو ۽ صنوبر،
قدِ جانان سان ٿيندا ڪين تل مُل.
ٿيس مدهوش ٿيا ٻئي جڳ فراموش،
پياريو مون کي پياري، ساغر مُل.
ڏٺي معشوق جي عاشق ٿئي بي صبر،
ڏسي گل کي ڪري بلبل ٿي غلغل.
ڪريان صدبار آ
سرساهه صدقو،
ڏسان جي پنهنجي دلبر هو تجمل.
تن بيجان ۾ اُن دم روح ٿو پئي،
سُڻان جنهن دم ٿو آ
مينا جو قلقل.
چيم دلخواه کي توسان هجان گڏ،
چَيئين ٻارو چڪي ٻوليءَ ۾ ”آ ڄُل“
”بيا بنگر که مي ميرم ز هجران
'“،
سڄڻ سهڻا، نه ڪر هرگز تغافل.
سخندان جي تون آهين با تحمّل،
نه چئو هرگز سخن کي، بي تامّل.
ڪنهين ڪم ۾ ڪرڻ گهرجي نه عجلت،
مناسب آهِه مردن کي تامّل.
جي آهين مرد زيرڪ، صاحبِ هوش،
ڪڏهن ڪنهن ساڻ ڪنهن دم ڪينڪي ڇُل.
دُعا اُن جي ڪري مقبول مولا،
ڪري محراب جيڪو نعلِ دُلدل.
”گدا“ شاهِ نجف جي ڪر زيارت،
ڪڍي ڇڏ دل مان شوقِ سيرِ ڪابل.

 

(47)

تنهنجي چشمن کي ڏسي، حيرت ڪري نرگس ڪمال،
تيغ ابرو کي ڏسي، حسرت ڪري تلوار ڍال.
”از خُدا هر لحظه خواهم دولتِ ديدارِ تو“،
آءُ اڱڻ منهنجي، اچي ڪر مون نماڻيءَ کي نهال.
دوستن ڌاران بلاشڪ، زهر آهي زندگي،
هڪڙي ساعت سِڪ ۾ تنهنجي، تو سوا ٿي مون کي سال.
دم بدم، ساعت بساعت، دل اَٿم دلبر! اُداس،
آءُ، اچي ڏس يار جاني! پنهنجي هن عاشق جو حال.
هن غلام محمد ”گدا“ جي آهِه هي هردم اُميد،
مانَ مُون مهجور جو تو سان ڪري والي وصال!

 


 


'                 ترنّم: سريلو آواز. تراني: راڳ- مٺو آواز. گلشن گيتي: زماني يا دُنيا جو باغ. ڪافر بد ڪيش: بڇڙا ڪم ڪندڙ ۽ خدا جو منڪر. عنقا: هڪ خيالي پکي، جو اڃا تائين ڪنهن کي ڏسڻ ۾ نه آيو آهي. شُنقار: عقاب وانگر اڇي رنگ جو پکي. چيرهء زرتار: سونهري پٽڪو.

'                 فخرِ سلطين: بادشاهن جو فخر. خدايار: خدا مدد ڪندڙ (صنعت ويهام) سندس پٽ مير خدا يار خان ڏانهن اِشارو. وصي: وارث- حقدار- اثنا عشري مذهب ۾ حضرت علي کي جناب رسول مقبول صلي الله عليه وسلم جن جو وصي يا وارث ڪري ليکيو ويندو آهي. ---------------------------------- پيغمبرن جي پڄاڻي. الڪريم: ”اڪريم اِذا--------------------ڪڏهن وعدو ڪندو آهي ته پورو ڪري ------------------------- .: ٽهندڙ- بيزار- پري ڀڄندڙ.

'                 سَگ صفت: ڪتي وانگر. گِر: گِر ڪرڻ= هوڏ يا هٺ ڪرڻ. زير و زبر: هيٺ مٿي. پارسا: وڏي عمر وارو پاڪباز.

'                 مصطبه: ميڪدو- ميخانو- شرابخانو. دونان: ٻه مانيون. منت: ٿورو- اِحسان. سنَان: ترار جي نوڪ. مجتبائي: عامريءَ ۾ رهندڙ ”گدا“ جو همعصر شاعر، سيد غلام مجتبيٰ شاهه ”مجتبائي“.

'                 شيفتو: حيران- چريو- سودائي- مٿي ڀريل. دريا بار: درياء وهائيندڙ. عنبر بار: عنبر جهڙي خوشبو وسائيندڙ. نافہء تاتار: تاتار جي هرڻ جو دُن، جنهن منجهان اعليٰ درجي جو مُشڪ نڪرندو آهي.

'                 درّاج: جهرڪي. مليح: لوڻاٺي رنگ وارو، يعني نه اَڇو ۽ نه ڪارو ماڻهو. اَنباز: نه ٺهيل- ناساز- اڻبڻت رکندڙ. حجاز: عربستان جي اُن حصي جو ڀاڱو، جنهن ۾ مڪو ۽ مدينو شريف آهن.

'                 ”فرد جانِ حقيقت است مجاز“: ٻانهن کي نوازيندڙ- غريب پرور- حضرت علي المرتضيٰ ڏانهن اشارو ڪيل آهي.

'                 قصہء جانگداز: ساهه ڳاريندڙ قصو يا احوال. قمر طلعت: اُڀرندڙ چنڊ.

'                 غنچہء دل برنگِ گلِ بشگفت: دل جي مکڙي گل وانگر ٽڙي. ڍريو ڍارو: شطرنج راند ۾ جيڪڏهن ڍارو سڀني ٻارهن خانن تي پوي ته چوندا آهن ته پَؤن ٻارهن، يا ڍارو ڍريو آهي- يعني ڀاڳ ورڻ- بخت بلند ٿيڻ. ڪبر: غرور، هٺ، تڪبر. ڪبريائي: خدا جي وڏائي. خودنمائي: پاڻپڻو- اجائي اَڪڙ.

'                 پنجہء حنائي: مينديءَ سان رڱيل هٿ جو چَنبو. آشنا: واقفڪار- دوست. آشنائي: واقفيت- ڄاڻ- دوستي.

'                 اَرداس. عرض- سوال. عنبر افشان. عنبر ڇنڊيندڙ. نشناش: ناشناس- بي شناخت- بيقدر. پرنيان: هڪ قسم جو ريشمي ڪپڙو. پلاس: سِڻيءَ جو ٿلهو ڪپڙو.

'                 هوالموجود: اُهو موجود يا حاضر- يعني الله تعاليٰ.

'                 درگہِ ختمِ رسولان: رسولن جي پڄاڻي جي درگاهه، يعني رسول الله جو روضو. چڪور: تتر جهڙو هڪڙو پکي- عام طرح هن کي چنڊ جو عاشق ڪري ليکيو ويندو آهي، پر اهو غلط آهي؛ چنڊ جي عاشق پکيءَ کي ”چڪوه“ چئبو آهي. چڪوه: چنڊ جو عاشق پکي. ماهِ رخشان: چمڪندڙ چنڊ. عرف: مشهور- عام چوڻيءَ ۾. جفت: جوڙو. غرّهء شوّال: شوال مهيني جي پهرين تاريخ، يعني رمضان شريف جي عيد جو ڏينهن. موسوم: نالو رکيل- مشهور ٿيل. عيدالفطر: فطري ادا ڪرڻ واري عيد، يعني رمضان شريف جي عيد. بل: بلڪ- مگر.

'                 ڪوي جانان بيدربغ: بيشڪ محبوب جي گهٽي. گرگِ مانع: منع ڪندڙ يا روڪيندڙ بگهڙ. گرگِ ناصح: نصيحت ڪندڙ يا سمجهائيندڙ بگهڙ. چاهِ زنخدان؛ کاڏيءَ جو کوهه. صمد: بي نياز- الله تعاليٰ. فردوسِ رضوان: بهشت جي نگهبان رضوان جو باغ. بغيء طغيان: حد کان وڌيڪ نافرماني سرڪشي. ناخوانده: اڻپڙهيل، جاهل. خِسران: ”خِسر“ جو جمع، رِڇ. خاڪروب: ٻهاريندار.

'                 قصاص: خون جو بدلو يا عوض. مصحف: قرآن مجيد- پاڪ ڪتاب- محبوب جي پاڪ منهن کي قرآن سان تشبيهه ڏيندا آهن. سورهء اخلاص: سچائيءَ جي سورت، يعني سورة قل هو الله. صهبا: شراب. رقاص: ناچ ڪندڙ. طِلا: سون. رصّاص: ٽين ۽ شيهو وڪڻندڙ. گوهرِ شهوار: بادشاهن جي لائق موتي. غوّاص: ٽوٻو- غوطه زن.

'                 مطلق: هرگز- اصل نه. غنچہء زنبق: هڪ نهايت مست خوشبودار گل- چنبيليءَ جي گل کي به چوندا آهن. رمق: ڊوڙ- خون جي رواني يا درورو. قلق: ڪهڪاءُ. نيلگون: نيري رنگ جو. نيرنگ: جادو- سحر- فريب- ٺڳي. تغلق: افغان حڪمرانن جو هڪ قبيلو، جن هندوستان تي حڪومت ڪئي. عناب: ٻير جي قسم وانگر ڳاڙها داڻا. انمله: هٿ جي آڱر. خندق: کڏ- کاهي.

'                 غزوهء خندق: خندق جي لڙائي- حضرت عليءَ ڏانهن اشارو. انهيءَ لڙائيءَ ۾ مديني جي اڳيان هڪ خندق يا کڏ کوٽائي ويئي هئي. شق ڪرڻ: ٻه اڌ ڪرڻ- ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏڻ. بيخ: پاڙ. وفاق: دوستي- صلح.

'                 شراباً طهورا: پاڪ شراب جو بهشت ۾ هوندو. طهري: مِٺا چانور. طباق: ٿالهه. مير بهرام خان: مير حاجي بجار خان شهيد جو فرزند. طمطراق: شان و شوڪت- جاه و جلال.

'                 زيست: حياتي- زندگي. ابليس: شيطان. ڏڄڻ: دشمن- رقيب. بهه: بهه چير- سنهڙي نانگ جهڙو هڪڙو جيت، جو نرم زمين کي چيري اندر گهڙي ويندو آهي. کڻ: هڻ کڻ- سنهڙي نانگ جو هڪ قسم، جنهن جي ڏنگ سان ماڻهو اتي جو اتي مري ويندو آهي. نخوت: غرور- خودي.

'                 باده نوش: شراب جو پيالو پيئندڙ. ڪهربا: هڪڙي قسم جو پٿر، جو پنهنجي ڪشش سان ڪک کي هڪدم کڻي وٺندو آهي. زِڪ: رڱيل چمڙي جي مشڪ، جنهن ۾ گيهه وجهبو آهي.

'                 باڪ: ڀَو- خوڪ- ڊپ. برق وش: وڄ وانگر چمڪندڙ. نمناڪ: آلي- روئندڙ. ڪساڪ: بيوفائي- دعا- ٺڳي. همچو گل: گل وانگر. صد چاڪ: سوَ ٽڪرا. آسمان مرتبت: آسمان جيڏو مرتبو رکندڙ. گُرد: بهادر- پهلوان. گرد: دَز- مٽي- خاڪ.

'                 بعيد: پري- وس کان ٻاهر. طائر: پکي. هم سنگ: هم صحبت. پلنگ: چيتو. ٻنگ لڳڻ: حيلو هلڻ- فاءُ يا وجهه لڳڻ.

'                 نسنگ: نسورو- چِٽو- ظاهر ظهور. شوخ و شنگ: تمام تيز طبيعت. هدف: نشان. خدنگ: هڪ قسم جو ننڍو تير. ڪاسهء بنگ: ڀنگ جو پيالو يا جمن. زنگ: زنگبار، آفريڪا جو هڪ علائقو.
                قيدِ فرنگ: فرنگين يا يورپ وارن جو قيد خانو. چورنگ: چورنگ ڪرڻ= ترار جي هڪڙي وار سان چار ٽڪرا ڪرڻ. خاصگانِ خدا: خدا جي خاص پيارن منجهان.

'                 فرهنگ: لغت جو ننڍڙو ڪتاب يا ڪنهن ڪتاب جي پٺيان ان جي ڏکين لفظن جي معنيٰ. هوشنگ: ايران جو هڪ مشهور داناءُ بادشاهه. در سخاوت چو ابر نيسان است: سخاوت ۾ موتي وسائيندڙ ڪڪر وانگر آهي. جواد: تمام گهڻو سخي.

'                 مَڳ: مست- مگن. سيراب: سائو- آباد- سرسبز.

'                 لنگهو: ميراثي- مڱڻهار- ڳائڻو. لاڳ وٺڻ: مڱڻهار جو پنهنجو مقرر ڪيل نذرانو اڳاڙڻ- گهور وٺڻ.

'                 پڙمرده: ڪوماڻل. تصدّق: گهوري- قربان. صلصل: ڳيرو- قمري. تل مُل: مَٽ- برابر. ساغرِ مُل: شراب جو پيالو. غلغل: شور ۽ غوغا. تحمّل: شان شوڪت- رعب ۽ دٻدٻو. مينا: شراب جو گهگهي. قلقل: شراب جي اوتجڻ جو آواز. ٻاروچڪي ٻولي: بلوچن جي ٻولي- ڏکڻ سنڌ جا بلوچ عام طرح سرائڪي ٻولي ڳالهائيندا آهن، انهيءَ ڪري گدا شاهه ان ٻوليءَ کي ٻروچڪي ٻولي سڏي ٿو. آ ڄل: سرائڪي ٻوليءَ جو لفظ، جنهن جي معنيٰ آهي ”اچ هل“.

'                 بيا بنگر که مي ميرم ز هجران: اچي ڏس، جو آ تنهنجي جدائيءَ ۾ مران ٿو. باتحمّل: بردبار. بي تامّل: سوچ ويچار کان سواءِ- موقعي کان سواءِ- بي وقتو. عجلت: تڪڙ. تامّل: سوچ ويچار- صبر ۽ تحمّل. مردِ زيرڪ: سياڻو ماڻهو- دانا مڙس. ڇلڻ: دل جو راز ظاهر ڪرڻ. محراب: اُها ڪمان وانگر وريل جاءِ، جا مسجد ۽ ڪعبته الله شريف جي طرف ڏانهن امام مسجد جي بيهڻ لاءِ تيار ٿيل هوندي آهي. دُلدل: اُنهيءَ اڇي ۽ ٿوري ڪاراڻ ڏانهن مائل گهوڙي جو نالو، جو اسڪندريه جي حاڪم حضور جن ڏانهن نذراني طور موڪليو هو ۽ پاڻ اهو حضرت عليءَ کي بخش فرمايو هئائون- امام حسين جي گهوڙي جو قائم مقام، جو محرم ۾ ڪڍيو ويندو آهي. ”از خدا هو لحظه خواهم دولتِ ديدارِ تو“: خدا کان هر گهڙي تنهنجي ديدار جي دولت گهران ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org