سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات گدا

صفحو :4

 

 

خدا جي درگاهه ۾ التجا

قديما، لطف فرما، فيض بخشا،
ڪريما، قادر و قيوم، يڪتا!
نه تو خواهم ترا اين ذات سرمد،
محمّد را دهم، آلِ محمّد:
پِنان توکان ٿو، اي خلاّق ٖ عالم،

سلامت دوست منهنجا هوئن دائم!
عطا ڪر طبع منهنجهي کي رواني،
ٿيان مشهور در جادوبياني؛
اُهي مضمون ٖ موزون ڪر عنايت،
رسائين دوستن جي دل کي راحت:
رسائِي سان، رَسي فڪر ٖ رَسا کي،
ڪري مجموع هن نظم ٖ جُدا کي!
طبع جي باغ کي سي گل عطا ڪر،
جو بلبل ڀي نه جن کان هوئي مخبر؛
اُهي گل ڏي، جو بس، جنهن کا ن برابر،
مَشام ٖ جان، معطرّ ٿئي سَراسر!
فصاحت سا، رسي نظم ٖ نِڪو کي،
قبولي سڀڪو منهنجي گفتگو کي؛
بالغت سا، جا بلغائن کي منظور،
فصاحت سا، جا فصاحائن کي منظور!

 

 

سنڌي غزل

 

رديف ”الف“

 

(1)

اُهي عاشق سچا، جي نينهن جو ناتو نڀائيندا،
برهه جي باهه ۾ جند جان قُقنُس
' جئن جلائيندا.
در ٖ دلدار تي سي درد جا دونهان دُکائيندا،
وڏا جي وِير ويراڳي، خوديءَ کي اُو ته کائيندا.
اسان جي درد جا دونهان اسان جا يادگار آهن،
اسان جا هي غزل، سهڻا، سرائيندا سُڻائيندا.
اسان ساعت کي ڀانيون سال ٿا، جن جي جُدائي ۾،
اُميد آهي، اسان کي شال سي سهڻا سڏائيندا.
اسان کي سو مِلي محبوب، جو محبوب مولا جو،
گهرون ٿا خير اُن جو، جن کي نوخيزه نچائيندا.
نظر ۾ ناٿ جي آهن مهيسي، مهوسي. مطلق،
برهه جي باهه تي جي پاڻ کي پُختا پچائيندا.
ثمر سِڪ جو نه جن کي آهِه، تن کي آهِه ڇا حاصل؟
اَدا! بيدرد عاشق، پاڻ تان خلقون کِلائيندا.
سچا ڪوڙا سُڃاڻن ڪين، سي صرّاف ڪئن سڏجن؟
ڪبو ڇا تن کي، گهوگهيتن
' تي جي ماڻڪ مَٽائيندا؟
اٿم هيءَ آرزو هردم، ڪرم پنهنجو ڪري ڪامل،
”در ٖ دولتسرا جي، شل وري چانئٺ چمائيندا“.
وڃي پَؤ پيش تن جي، جيڪي آهن آل ٖ پيغمبر،
اُهي فياض فائق توکي مولا سان مِلائيندا.
“گدا” مداح آ حسنين جو آهيان قيامت ۾،
پياري ٻئي پيمبر جا، سي مون کي اُو ڇڏائيندا.

 

(2)

اسان سان بي سبب اڄ ڏس ته ياران ٖ ڪُهن بگڙيا،
ڪڙا جي ڪين ٿا ڪڏهين، اُهي شيرين سخن بگڙيا!
تڏهن آ ڇا ڪندس سرو و گل و لالا و سنبل کي،

جڏهن مُون سان مِٺا منهنجا پرين رشڪ ٖ چمن بگڙيا!
گل و سنبل کي مون سمجهيو، صبا ڪيو برهم ود رهم،
رُخ ٖ دلدار تي جنهن وقت زلف ٖ پُرشڪن بگڙيا.

محبت، مثل عنقا جي، زماني ۾ نٿي ڏسجي،
ڏسان هرجا ٿو سڀڪنهن کان ته آهن مردوزن بگڙيا.
اِهو باعث اَدا آهي، ته هيءَ چوڏهين صدي آهي،
پَروان کي ڏجي ڇو ڏوهه، اڄ پنهنجا وتن بگڙيا.
جڏهن پِيري اچي پهتي، تڏهن ڄاڻج يقين سچ پچ،
نظر بگڙي، اکيون بگڙيون. زبان بگڙي، دهن بگڙيا.
ڏسي منهنجا اَڇا، مون کي چيو هڪ دلبر ٖ هندي،

”اگر سچ پوچهئلآ، تيرا تو هلآ سارا چمن بگڙا!“
هڏي تي هوڏ ڏس آهي، دنيادارن جي در هرجا،

غريبن جي ٻُڌي ڪنهن ڪين، ۽ اهل ٖ وطن بگڙيا!
ڏسي احوال عالم جو چيو سچ حضرت ٖ ’سانگي‘،
”مسلمان و ڪرستان يهود و برهمن بگڙيا.“

 

(3)

دلبرن جي عين بيدادي، ادا!
شائقن جي واسطي شادي، ادا!
ڇو نه اُن مجنون کي عاقل چون،
جنهن وَسائي ورهه جي وادي، ادا!
درد بيشڪ درد جو درمان آهِه،
دربدر ٿئي ڪين فريادي، ادا!
ساقيا صهباي
' گلگون جو اياغ،
ڏي ڀري تا خطّ ٖ بغدادي، ادا!
آ آهيان بنت العنب جو آشنا،
ڪانه گهرجي مون کي ٻي شادي، ادا!
منهنجي دل در دام ٖ زلف ٖ يارباد،

ٻي نه گهرجي اُن کي آزادي، ادا!
تيغ، ابرو جي اِشاري سان ڪُهي،
ڏس سندم دلبر جي جلاّدي، ادا!
ناقصن جو آهه گردون' تي دماغ،
ڪاملن جي آهِه ڪسادي، ادا!

هئي سدا برباد مثل ٖ گرد ٖ باد،
جو گهري ٿو ٻي جي بربادي، ادا!
مون ”گدا“ بيڪس جو آهي دستگير،
غوث ٖ اعظم شاه ٖ بغدادي، ادا!
دين ۽ دنيا ۾ منهنجو شال ٿئي،
واسطي حسنين جي هادي، ادا!
آهِه ”ماتم“ منهنجو مونس باليقين،
هردو آهيون حيدرآبادي، ادا!
واه وا اُن جو غزل، هو بي بدل،
هِن زمين جي اُن ڪئي آبادي، ادا!

 

(4)

عارض ٖ دلبر جي زيبائي، ادا!
ٿيو گل ٖ خورشيد هرجائي، ادا!
قامت ٖ دلجوي جانان جي طفيل،
سرو کي حاصل ٿئي سودائي، ادا!
زلف ۽ رخسار دلبر جا ڏسي،
سنبل ۽ گل ٻئي ٿيا هر جائي، ادا!
ٻيو تماشو مون کي گهرجي ڪين ڪي،
يار جو آهيان تماشائي، ادا!
يار جي چشمن کي آهو ڪئن چوان،
آ ته آهيان ڪين صحرائي، ادا!
سو ملي محبوب مون کي من موهن،
جنهن جي سڪ ۾ آهيان سودائي، ادا!
مون ”گدا“ جو آهه مَولا مرتضيٰ،
آ ازل کان آهيان مولائي، ادا!

 

(5)

لب ٖ جانان تي ٿيو خال ٖ معنبر' پيدا،
حوض ٖ ڪوثر تي ٿيو، حضرت ٖ قمبر پيدا!
واه زلفن ۾ ڪيو يار جي رخسار ظهور،

شب ٖ ديجور ۾ جئن ماه ٖ منوّر پيدا!
لب و دندان مٺي يار جا ڏسندي سان چيم،
’درج ٖ ياقوت ۾ ٿي سِلڪ ٖ جواهر پيدا!‘
يار جي زلف ۽ عارض جو تماشو هي عجيب،
آهه سنبل سان بهم لالهء احمر پيدا!
مون کي درڪار ڀلا ڪهڙي، ڪريان ڪئن گلگشت
'،
جسين منهنجو نه چمن ۾ ٿئي سمن بر پيدا.
حضرت ٖ عشق جي سرڪار مان دولت هي مليم،
سر ۾ سودا ٿيو ۽ پيرن ۾ ٿيو چڪرّ پيدا.
دل ۾ عاشق جي ائين عشق نمايان ٿو ٿئي،
جنهن طرح سان ٿئي آتش کان سمندر پيدا.
خاڪساري ته آهي باعث ٖ آرام ٖ زمين،
سر بلندي ۾ ڪيو چرخ ۾ چڪرّ پيدا.
مرتبو اهڙو مليو، ڪين ڪنهين کي هرگز،
ڪعبة الله ۾ ٿيو حيدر ٖ صفدر پيدا.
اي ”گدا“ حضرت ٖ ’سانگي‘ جو عجب آهه ڪلام،
نه خيالات ۾ جهڙس ڪو سخنور پيدا.

 

(6)

سيّدن جي گدڙ ڪري جو گِلا،
شيرُ حق جو، هڻيس سر ۾ ڪِلا.
دفتر ٖ عشق ۾ عجيبن جي،
نينهن وارن جا آهن نام نِلا.
شيخ جي! شوخ و شنگ ڇوٿو ٿئين،
سڻ ته توکي سڻايان تنهنجا بِلا.
يار عنقا- صفت
' نه هٿ ايندس،
ڪو ڪڍي ڪوهه قاف ۾ جي چِلا.
صاف صهبا مان اڄ ته اي ساقي!
ڏي ڀري مون کي تون دِليون ۽ دِلا.
سر تي سونهيم ٿي ڪلاه ٖ تمد،
ڪين گهرجي ٿو مون کي تاج ٖ طِلا.
قلب مان تون ڪڍج ڪدورت کي،
دل جي هِن آرسيءَ کي ڏي تون جِلا.
عرض هندي زبان ۾ آ ٿو ڪريان،
”ساقيا، ساغر ٖ شراب پلا!“
ماهرو مهربان اڄ اِيندو،
منهنجي دل کي ته آهِه ٿي تسّلا.
هڪڙي پائي پلؤ ۾ ڪين اٿم،
يار سيمين بدن، بدن گهري ٿو طِلا.
ٻاجهريءَ لاءِ جي هئا حيران،
چاشنيءَ وارا، سي چکن ٿا چِلا.
اهڙا ’سنجر‘ نه ’انوري‘ کي دنٌا،
جهڙا ’سانگي‘ ڏئي ٿو مون کي صِلا.
مرد مومن تي اي ”گدا“ بيشڪ،

شاه ٖ مرادان جي واجب آهِه وِ لا.

 

(7)

سڏي محفل ۾ مون کي يار ويهن ٿا، وِهارن ٿا،
ڪري لطف و ڪرم بسيار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
رقيبن جي جلائڻ لاءِ مون کي قرب مان ڪوٺي،
قمر طلعت
' پري رخسار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
ستارو بخت منهنجي جو جڏهن اڄ اوج تي آهي،
تڏهن گڏ دلربا دلدار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
سمن رخسار گلشن ۾ جڏهن تشريف ٿا آڻن،

تڏهن سي غيرت ٖ گلزار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
ڀلائي بخت پنهنجي جي بيان ڪهڙي ڪريان يارو،
نه هڪدم ڌار جاني يار، ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
پڙهيو منتر ۽ جنتر، برهمن جنهن منهنجي گردن ۾،
وِجهو سي زلف جا زنّار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
دلين کي بيدلن جي، پيچ پنهنجي پرت جا پائي،
مٺا محبوب، مہ رخسار ويهن ٿا. وِهارن ٿا.
ڏسيو زار و زبون و عاجز و اندو هگين مون کي،
ڪرم بخشي ڪري غمخوار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
بحمدالله! اڱڻ منهنجي ۾ پِرتان پيرڙا پائي،
بغل ۾ دلگهريا دلدار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
ٿيان قربان ڪلالن
' تان، مَيء شيراز مان مون کي،
پياري ساغر ٖ سرشار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
اُهي صاحب ڪمال آهن، اُهي الله جا طالب،
ڌڻيءَ جي دوست جي دربار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
اُهي تارڪ، اُهي طالب، اُهي صاحب تو ڪّل جا،

لٽائي جيڪي سڀ گهر ٻار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
خيالات ٖ دو عالم يڪ قلم جن کي ويا وسري،
اُهي ئي واقف ٖ اسرار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
سڏي پنهنجي ”گدا“ کي سونهن جا سُلطان لاثاني،
عجب جهڙا ڪريو جنسار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.

 

(8)

جتي گلزار ۾ ٿي بلبلين طرحين ترانا ڪيا،
اُتي زاغ و زغن ڏس اڄ ته آهن آشيانا ڪيا.
خدنگ ٖ ناز پَي در پَي ڀري هڻ اي ڪامن ابرو،

اسان آهن جڏهن جان و جگر پنهنجا نشانا ڪيا.
مُڪئِي محبوب مونهان ڪونه هڪڙي جو جواب آخر،
هزارين شوقيا مون شوق مان توڏي روانا ڪيا.

قدم رنجان ڪري منهنجي اڱڻ منهنجو عجيب آيو،
گهڻا ٿورا اسان سان اڄ ته آهن جان ٖ جانا ڪيا.
عجائب تقويت حاصل ٿئي ٿي عشقبازيءَ ۾،
محبت جي مدد ڏس، ناتوانا سچ توانا ڪيا.
وهڻ جي جاءِ جن کي ڪانه هئي، هئا دربدر حيران،
خدا صاحب جي قدرت تن جا آهن ڪارخانا ڪيا.
اُهي فرعون ۽ قارون کان گهٽ ڪينڪي آهن،
هٿين پنهنجي ادا جن ڌوڙ ۾ داخل خزانا ڪيا.
ڪراڙن
' مان ۽ ڪوڙن مان زماني هڪڙي گردش سان،
سوين ڪيا راءِ صاحب ۽ هزارين خانخانا ڪيا.
عجب هي حضرت ٖ ’سانگي‘ جي مصرع دلفريب آهي،
”اسان سان پيار پيريءَ ۾ آهن شوخن شهانا ڪيا“.
امير المومنين هڪڙي نگاه ٖ فيض سان پنهنجي،

سوين ڀينگيا بکيا مفلس، سکيا سنهنجا سمانا ڪيا.
جڏهن تائيد روح القدس جي ساڻن معاون ٿي،
تڏهن پنهنجا غزل بيشڪ ”گدا“ آهن شهانا ڪيا.

 


 

رديف ”ب“

 

(9)

مُنهن تان محبوب منهنجا لاهِه نقاب،
شمس کي ڇو ڪرين ٿو زير ٖ سحاب
'.
وصل دلبر جو، زندگاني ڄاڻ،

فرقت ٖ يار آهه عين عذاب.
بيخودي ساڻ منهنجي اُلفت آهه،
ساقيا، پيار جلد جام ٖ شراب.

آ عاشق اَلست کان آهيان،
سِڪّ سهڻن جي آهِه مون کي ثواب.
اي ”گدا“ گودڙيءَ جي مٽ نه ڪريان،
اطلس و تاس، بخمل و ڪمخواب.

 

 

 

××××××××


 

رديف ”ت“

 

(10)

سڀڪو ٿو چوي آ آهيان شايان ٖ محبت،
پر سڀ ۾ ٿيس آ نمڪخوان ٖ محبت.
تسخير ۾' منهنجي ٿيا پريزاد هزارين،
هن وقت ۾ آ آهيان سليمان ٖ محبت.

يا رب نه ڪڏهن اُن ۾ ٿئي دخل خزان جو،
دل منهنجي سدا آهه گلستان ٖ محبت.
مون ساڻ محبت جي محبت ته ڪمال آهِه،
آ آهيان دل و جان سان قربان ٖ محبت.

برداشت ڪري ڪين سگهيو ارض و سماوات،
آدم سَٺو سر پنهنجي تي باران ٖ محبت.
وسعت ۾ سماوات کان واڌو آه بلاشڪ،
ڏس چشم ٖ حقيقت سان تون ميدان ٖ محبت.
اُلفت ۾ عجيبن جي سندم شان ٿيو اعليٰ،
مولا ڪري، منهنجي ٿئي نگهبان ٖ محبت.
سهڻن سان سروڪار اٿم روز ٖ ازل کان،
طِفلي ۾ مون ازبر ڪيو ديوان ٖ محبت.
اُن غيرت ٖ ليليٰ جي پٺيان مُون ته شب و روز،
مجنون جي طرح گشت ڪيو ميدان ٖ محبت.
درگاهه ۾ الله جي هي سوال سندم آهه،
آباد سدائين هئي. صفا مان ٖ محبت.
غربال صفت اُن جو سڄو تن ٿو تڇيل ٿئي،
جنهن کي ته ڪري پيڇو ٿي نيشان ٖ محبت.
سر منهنجي تي هئي سايه فگن مثل هما جي،
هٿ منهنجي ۾ محڪم هجي دامان ٖ محبت.
افواج ۾ عشاق جي آفسر نه سڏايان،
محبوب ڪيو مون کي ڪميدان ٖ' محبت.
قابل ٿئي تحسين جي لائق ئي بلاشڪ،
جي ڪو اَچي مون وٽ ٿئي سبق خوان ٖ محبت.
اقليم ٖ محبت ۾ ”گدا“ منهنجي ٿي شاهي،
وه واه وڏو مون تي ٿيو اِحسان ٖ محبت!

 

(11)

هي سوال سندم آهه، ته يا قاضيء حاجات،
محبوب اچي منهنجو ڪري مُون سان ملاقات.
دلدار دلا رام جي تن من ۾ اٿم تات،
اُن تات سوا مون کي اچي ڪينڪي ٻي بات.
آگم ڪيو اندوهه اچن منهنجي ٿا دل تي،
سر منهنجي تي هردم ٿي وسي برهه جي برسات.
بيخواب آهيان سرس ستارن کان سدائين،
اُو ماه لقا شال ڏسان خواب ۾ اڄ رات.
يڪبارگي جنهن يار ڪيو مون کي فراموش،
صدبار ڪريان اُن جي وڇوڙي ۾ ٿو هيهات.
سو ذائقه گر
' آهه محبت جي مزي جو،
سر تي ٿي پوي جنهن جي ادا عشق جي آفات.
ڄاڻي ٿو چڱو پاڻ کي ڀانئي ٿو بهشتي،
زاهد جي اها آهه سڀئي خام خيالات.

خرزهري مان خوشبو ته ڪڏهن گل جي سنگهي ڪو،
اشراف جو همسر نه ڪڏهن آهه ٿيو ڪمذات.
هي عرصهء دنيا ته آهي صورت ٖ شطرنج،
ڏس فيل اَجل جي ته ڪيا ڪيترا شهه مات.
مقبول ڪندو عرض هي الله تعاليٰ،
هن سال وري شال ڏسان آ وڃي عرفات.

يا حيدر ٖ ڪرّار آهيان بسڪ ٖ گنهگار،
هي سوال ”گدا“ جو آهي، تنهن جي ٿئي سڪرات.

 

(12)

فنا ڪيو مون کي جنهن جي آهه فرقٿ،
سوا اُن جي ٿو ڀانيان سال، ساعت.
مِلي جي مون سان منهنجو ماه ٖ طلعت،

ڏيان ڇو ڪين ڪي داد ٖ محبت.
ازل کان نينهن نيو مون کي نهوڙي،
عجيبن ساڻ آهي، منهنجي اُلفت.
چوان سچ ٿو، چوان سچ ٿو، چوان سچ-
محبت ۾ مرڻ آهي شهادت.
سچا عاشق ٿين سُرن ۾ سَنرا
'،
فراق ٖ يار ۾ ٿيو رنج راحت.
نه دل وس ۾، نه وس ۾ منهنجي دل آهه،
ڏسي اُن ناز پرور جي نزاڪت.
ادا مون لاءِ آهي هِن جهان ۾،
مِٺي محبوب جي قامت قيامت.
مسلسل زلف سنبل وار سُرها،
خجل خوشبو کان جنهن جي مُشڪ ٖ تِبّت.

عجيبن جون اکيون ڪاريون ۽ ڪجليون،
وِڌو آهوءَ کي جن در دشت ٖ عبرت.
چوان قند ٖ مڪرّر کان به دَه چند،
لب ٖ جان بخش جانان جي حلاوت.
سندس رفتار تي ٿئي ڪبڪ قربان،
سُڻي گفتار، طوطي کي به حيرت.
ادا قاصد ٻَڌي ٻئي هٿ ادب سان،
وڃي منهنجي سُڻائج هيءَ حقيقت.
سوا تنهنجي سڻايان ڪنهن کي هي حال،
ڪري غمزي سان وئين دل منهنجي غارت.
’شهيد ٖ تيغ ٖ ابروي تو با شم‘،
اها حاصل ٿئي مون کي شهادت.
وندر جا ور اُهي ئي وينديون ور ڏي،
پنهل جي جن جي دل ۾ آهه اُلفت.
اُنهن جهڙو نه ڪنهن جو بخت بازي،
حسنين ساڻ آهي جن جي صحبت.
ڪندو مشڪل مِڙئي آسان منهنجا،
اميرالمؤمنين شاهه ولايت
'.
امير ٖ ذوالڪرم ’عبدالحسين خان‘،
هجي فرزند پنهنجي سان سلامت.
سخن سنج و سخن فهم و سخن دان،
فقيدالمثل سو صاحب فصاحت.
محمد مصطفيٰ اُن جو مددگار،
علي جي اُن کي هُئي هردم حمايت.
”گدا“ اُن جو دعاگو آهيان دل سان،
ڪي ٿو شاهه منهنجو مُون تي شفقت.
”گدا“ جو هيءُ غزل چوندا قصيدو،
سخن سنجان سڀ اهل ٖ بلاغت.

 

****
رديف ”ٿ“

 

(13)

خورشيد- صفت يار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ،
هو مطلع ٖ انوار
'، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
هو يار به گلزار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ،
چون مهر ٖ پُر انوار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.

اَهوي صفت يار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ،
با شوخيءَ رفتار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
منصب ڏئي دلدار، مون کي دربدري جو،
ڏيکاري ٿو ديدار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
گردش ۾ شب و روز آهيان گردون کان زياده،
اي دلبر ٖ دلدار! ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
هي حال وڃي، تنهنجي سوا، ڪنهن کي سڻايان،
گذري ٿي شب تار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
هر ملڪ ۾، هر شهر ۾، مون کي ٿو گهمائي،
هي چرخ ٖ ستمگار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.

گلزار ۾، محفل ۾، مَي ٖ لال جو، ساقيءَ،
ساغر ڏنو سرشار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
دُنيا ۾ ادا آ ٿو اِنهيءَ طرح گذاريان،
جيئن ڪو هجي ميخوار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
”گاهي بسوي ڪوه روم، گاه بصحرا“،

اندر طلب ٖ يار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
فرهاد کي ڪهسر ڏنئِي، قيس کي جهنگل،
ڏس عشق جا اسرار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
ويرانه ۾، يا شهر ۾، يا بحر ۾، منهنجو
مرسل
' ٿيو نگهدار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
”گمنام ’گدا‘ گوشه نشين بود“ مگر هاڻ،
ڪيو نينهن سو نروار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.

 

 

*****

 

رديف ”ٽ“

 

(14)

اهڙي جانيءَ جو، ڪونه ڪو ٻيو مَٽ،
جنهن جو غمزو ٿو مون کي ماري اُڦٽ.
مار مولا جي شال سِر تي پويس!
مون سان اغيار آهه ڪيو ترکٽ.
مون کي ڏسندي، رقيب ڪيون ريهون،
آگ گاڏيءَ جو، ڄڻ ڪ هو گهوگهٽ.
زلف دلبر جا، ماروار
' مدام،
ور ڏيو، ور ڏيو، وجهن ٿا وٽ.
گوهر ٖ شاهوار ڇا آهي-
دانهء اشڪ سان، ڪريان ڪئن مَٽ؟
منهنجي دل، يار، اِئن اُمالڪ نِي،
باز، درّاج کي وجهي جئن جهٽ.
سُر منڊل جو سرود، ڇا سمجهي،
جونه سمجهي ٿو نار جو رينگٽ؟
لعنت الله، برسر  ڪاذب،
ڪينڪي ڪوڙ، ڪين هڻ تون زٽ.
ڪونه اُن جهڙو آهه ٻيو مغرور،
جيڪو هيڻو ڏِسيو چوي ٿو ”هٽ!“
اي ”گدا“، بادشاهه ٖ محي الدّين،

سڀ وَليّن جي آهه سِر جو ڇَٽ.

 

(15)

ساقيا، پيار مون کي مَي جو مَٽ،
محتسب
' ٿو اچي، ڪري وٺ جهٽ.
اڄ اڱڻ منهنجي، منهنجو يار آيو،
گهر ۾ اغيار جي پيو ڪُوڪٽ.
آهه پُرسوز، آه سا منهنجي،
آهه صرصر کان وڌ، منجهس سُوسٽ.
’ماءِ ڊيئر‘، آهه ’فس ڪلاس‘ اُهو،
دلبرائي جو جنهن کي ياد ’گزٽ‘.
ڪئن نه پُيچ مار وار سَٿيان،
يار زلفن کي جي وجهي ٿو وَٽ.
مون کي آهي يقين، ايندو يارُ،
سچُّ سمجهان ٿو، جي هڻي ڪو زٽ.
تنهنجي فرقت ۾، جان بلب آهيان،،
آوَري، آوَري، مَران ٿو اُڦٽ!
سَرو سان، قد کي ٿا ڏين تشبيهه،
شاعرن جو اِهو ته آهي زٽ.
سچ چوان، سچ چوان، چوان ٿو سچ،
خاڪسارن ۾ ڪونه منهنجو مَٽ.
مينڌري لاءِ منهنجي دل ماندي،
ڍول ڍاٽيءَ جي لءِ ڏٺم سڀ ڍٽ.
اُو اَچي منهنجي دام ۾، دلدار،
آ وٺيو ويٺو آهيان جنهن جو گهٽ.
مون سان منهنجو رقيب، ريزالو،
نهرواني
'، ڪري ٿو ناڪس، نٽ.
عشقبازن جو شاهه آ آهيان،
عشقبازي جو منهنجي سر تي ڇٽ.
ميڪدو تنهنجو هُئي سدا آباد!
ساقيا! مون کي ڪو پيارج، پٽ.
نيڪ ۽ بَد جي جو ڪري نه تميز،
توڻي شهزادو ٿئي، ته آهي ڄَٽ.
خر نه تقليد سان ٿئي آدم،
ڪڻڪ کي کائي، توڙي پَهري پٽ.
گهور سان مون کي ٿو ڏسي اَغيارُ،
اهڙي رهزن جي هئي ڳچيءَ ۾ ڳٽ.
جو شريفن سان ٿو خسيس وڙهي،
آل اولاد اُن جو ٿيندو چٽ.
خارجي، جو ڪري ”گدا“ جي گلا،

شاه ٖ مردان، وجهيس سر تي وَٽ.
هِن غزل جو جواب، ’مخلص ٖ من!‘
دير ڪر ڪين، ڏي سِگهو، جهَٽ.

 

 

 

 

 

****


 

رديف ”د“

 

(16)

حضرت ٖ عشق کان ٿيم اِرشاد:
عشقبازن جو آهين تون اُستاد.
آهِه دارين' ۾ اهو آزاد،
جنهن جو گهوتڙ، ٿيو برهه ۾ برباد.
جي هجي هير، وامق و فرهاد،
مون کي ٻئي چون ها اَڄ ”استاد“.
مون نماڻي ڏي مهر مان مُرڪي،
ڪا نظر ڪر، اي ستم ايجاد!
مون کي ماڻن سان يار ٿو ماري،
ڪنهن جي ڪورٽ ۾ آ ڪريان فرياد؟
صبح رُخ، زلف شام، يار جا ٻئي،
ڪين ٿيا باهم، هي پاڻ ۾ آضداد.
ڪونه جهڙس ته نازنين هوندو،
منهنجي جانيءَ جو، ناز ٿيو همزاد.
مون کي اِن طرح، عشق قابو ڪيو،
جنهن طرح صيد کي، وٺي صيّاد.
درد فرقت جو، دشمن آهِه وڏو،
هجر جهڙو، نه ڪو ٻِيو جلاّد.
جيڪي عاشق، ادا! سچا آهن،
ڏک ۾ سي شاد، سک ۾ سي ناشاد.
آيو اَڄ غيرتِ چمن، مُون وٽ،
منهنجو سرسبز، اڄ ٿيو صبحِ مراد
'.
ڪونه اُن جهڙو، آهِه ٻيو اَظلم،
بيگناهن تي، جيڪي ڪن بيداد.
”اُن جو ميوو ڪڏهن نه ٿيندو مِٺو“،
”جن ڪميڻن جو آهِه بد بنياد.“
ذات ۾ گم ٿيو جو صفات ڇڏي،
هردو عالم ۾، آهِه سو آزاد.
جيڪي ٿا ياد، پنهنجي يار کي ڪن،
يار کي، سي سدائين آهن ياد.
غوث الاعظم، جناب جيلاني،
آهي مرشد سندم، شہِ بغداد.
واه وا! سچ چيو ”حضرتِ سانگي“،
”ديس آهي اَسان جو حُسن آباد.“
اي ”گدا“ اڄ ته آ غني آهيان،
مون کي اَلله عشق ڪيو اِمداد!

 

****

 

رديف ”ڏ“

 

(17)

اي عمر! پنهنجي ڇوهه کي تون ڇڏ،
مون کي مارن سان هاڻ نيئي گڏ.
لال لويون، ٿيون مون کي ياد پون،
ساڙ سالور
'، وجهه تون کهنبا کڏ.
چاشني دار، ڪين ڪي چکنديس،
نه وڻن مون کي، تنهنجا حلوا هڏ.
ڪين لاهج الله مان اميد،
پنهنجي صاحب کي تون سدائين سڏ.
توکي موڪل ملي، ملير وڃِي،
هاڻ پنهنجا پکا اُتي تُون اَڏ.
اي ”گدا“ جي گهرين مِلان مارُن،
توکي لازم آهي ته اوڏهن اڏ.

 

 

 

 

****


 

رديف ”ر“

 

(18)

دلبري منهنجي، يار جاني! ڪر،
ايتري مون تي مهرباني ڪر.
چاهه مان چاشني چپن جي چکاءِ،
ڪانه ٻي منهنجي ميهماني ڪر.
آهه زحمت، سندءِ صفت مـ
ژگان'،
غمزهء عشق کي ڪماني ڪر.
شاهه تون، تنهنجا سڀ حَسين، سپاهه،
حُسن وارن تي حڪمراني ڪر.
مون ڏي منهنجا عجيب، هوت، حبيب!
ڪا نشاني ته تون رواني ڪر!
منهنجو سر، منهنجو ساهه توتي فدا،
مهرباني ته جاوداني ڪر.
آئي موسم بسنت جي در باغ،
يار ڪپڙا تون زعفراني ڪر.
ساقيا! ساغرِ بلورين را،
پُر ز صهباي ارغواني ڪر.
آئي پِيري، ته تو مان ڇا ٿيندو؟
عشق ۾ تون بَسر، جواني ڪر.
ڪر مطالع، ته درد جو ديوان،
ڪانه ڪا ٻي تون قصّه خواني
'، ڪر.
جي تون اَڙٻنگ آهين، شير افگن،
نفس سرڪش سان پهلواني ڪر.
جي تون ڀانئين ته سُود مند هجان،
ڪين ڪنهن ٻئي جي تون زِياني ڪر-
جي تون تحقيق ”طالب الموليٰ“،
ملڪ معنيٰ ۾ ڪامراني ڪر.
جي گهرين ”درجہء بقا بالله“،
فڪر ۾ پاڻ کي تون فاني ڪر.
هي غزل بي بدل ”گدا“ جي پڙهي،
مير صاحب! تون قدر داني ڪر.

 

(19)

خورشيد رُخا، مهر فزا، يار! ڪرم ڪر،
بيتاب آهيان، دلبرِ دلدار! ڪرم ڪر.
آزرده تن و خسته دل و جان بلب آهيان،
اي راحتِ جان! بر سرِ بيمار ڪرم ڪر.
بلبل جي صفت، باغ ۾ آ آهيان فغاني،
فرياد سڻي، اي گلِ پُرخار! ڪرم ڪر.
جيتوڻي نهارين به ٿو ناز منجهان تون،
پر آ بِنهه آهيان طالب ديدار، ڪرم ڪر.
غمزي سان ڪرشمي سان، لُٽي منهنجي وئين دلڙي،
آ منهنجي اڱڻ، منهنجا مٺا يار! ڪرم ڪر.
شڪر دهنا
'! ”بوسہء شيرين زلبِ خويش“،
يڪبار گهران تو کان، تون صدبار ڪرم ڪر.
آباد سدائين هجي هي ميڪدو تنهنجو،
ساقي! بڪفم ساغرِ سرشار، ڪرم ڪر.
تون اهڙو ڪريم آهين، ڪمي ڪانه ڪا جنهن وٽ،
آ توکي ڀلا ڪئن چوان ”بسيار ڪرم ڪر“؟
”گر سَر رودازتن، نه رود مهرِ تو از دل“،
منهنجو اهو توسان آهي اقرار، ڪرم ڪر.
جيتوڻيڪ غفلت جي آهيان بحر ۾ مغروق،
هادي! تون آهين ديدهء بيدار، ڪرم ڪر.
سچ آهه ته سچ جهڙي نه ڪا نعمتِ عظميٰ،
ڪاذب نه ٿيان، صدق جي گفتار، ڪرم ڪر.
مُون جهڙو ڪٿي ڪونه ڪو عاصي ٻيو آهي،
آ آهيان گنهگار گِرانبار، ڪرم ڪر.
آ تنهنجي غلامن جو غلام آهيان ازل کان،
يا شاهِه رسل، احمدِ مُختار! ڪرم ڪر.
حسنين ڪريمين
' جي صدقي، مون ”گدا“ تي،
يا شاهِه نجف حيدرِ ڪرّار! ڪرم ڪر.
آ ’مير الله بخش‘ جو هر وقت دعاگو،
پوءِ ڇونه چوان جبہ و دستار، ڪرم ڪر.

 

(20)

دم بدم سو شاهِ خوبان يار ڪر،
زلف اُن جا عنبر افشان ياد ڪر.
نت لبِ جانبخشِ جانان ياد ڪر،
ڪينڪي تون آبِ حيوان ياد ڪر.
ڇا ڪنديس تون سرو کي، شمشاد کي؟
قامتِ دلجوي جانان ياد ڪر.
درد دل جا دُور هڪدم ۾ ٿين،
يار جا لبهاي خندان ياد ڪر.
آهه تنهنجو ڪهڙو ڪم رضوان سان؟
يار جي در جو تون دربان ياد ڪر.
يار جي سيبِ زنخدان
' جي اڳيان،
ڪين تون سيب صفاهان ياد ڪر.
خضر ڄاڻج، جي پَوَئي خط تي نظر،
جي ڏسين لب، آبِ حيوان ياد ڪر.
جي گهرين ٿو، دل کي جمعيّت ٿئي،
يار جو زلفِ پريشان ياد ڪر.
آهه سا شمشيرِ برّان بيدرنگ،
ڪنهن چيُئي ابروي جانان ياد ڪر.
جنهن جي صورت کان خجل خورشيد ٿيو،
هر گهڙي سو جانجانان ياد ڪر.
مُون سان پيماني جو تو اقرار ڪيو،
ساقيا! سو پنهنجو پيمان ياد ڪر.
جي نظر توکي اچي ڪو غمزدو،
پنهنجي تون سُورن جو سامان ياد ڪر.
ٻيا سڀئي دل تان وِساري ڇڏ ڪتاب،
حق تعاليٰ جو تون قرآن ياد ڪر.
يثرب و بطحيٰ اٿئي خلدِ برين،
ڪونه ٻيو تون باغ و بُستان ياد ڪر.
شاهِ مردان جو ”گدا جي آهين تون،
قضيه شاهِ شهيدان ياد ڪر.

 

(21)

کڻ اکيون کِل يار جاني! مُون نماڻي ڏي نهار،
پرچ پيارل، ڇڏ ڏمر، ماڻن سان مون کي ڪين مار.
جان جند، سر ساهه صدقي، تنهنجي قدمن تان ڪريان،
مہ لقا محبوب منهنجا! پنهنجي اقرارن کي پار.
ناز پرور! نيڻ تنهنجا مست متوالا مدام،
عاشقن جي قتل ڌاران ٻي سکيا هرگز نه ڪار.
سر نوايو سروَ، تنهنجي قَدِّ رعنا جي اڳيون،
تنهنجي زلفن کي ڏسي، سنبل جو گل ٿيو تار تار.
تنهنجي سڪ ۾ دمبدم منهنجون اکيون رت ٿيون روئن،
تو سوا، سيماب
' کان وڌ، منهنجي دلڙي بيقرار.
مون ”غلام محمد گل“ جي ڪر صدا مقبول تون،
منهنجا دلبر! جلد تون پنهنجي وطن تي واڳ وار.

 

(22)

دلگهُريا دلدار، خوش ڪردار، جانان جيءُ جيار!
سَو لَڱا، سهڻا سڄڻ! توتي ڪريان سر کي نثار.
تنهنجي سُهڻي قدّ تي، آ سَروَ کي گهوري ڇڏيان،
تنهنجي عارض تي سڄڻ! صدقي ڪريان آ گل انار.
تنهنجي اکڙين جي اڳيان، نرگس ڪري ٿي صد نياز،
تنهنجي رُخ جي رَشڪ کان، لاله جي دلڙي داغدار.
شل سدائين گڏ گذاريون، خوشتر و خندان رهون،
رشڪ کان اغيار جي دل کي ڪريون ساڙي اَڱار!
ڪئن نه آ اُن کي چوان، آهي عدوي عاشقان،
زاهدِ رهزن، ڪري هروقت ٿو حيلا هزار!
عشق وارن ئي سدائين سر ڏيڻ، ڏونگها سهڻ،
عشق جي سرڪار جو، هن طرح آهي اشتهار.
شيرِ حق، شاهِ ولايت، سر گروهِ اهلِ حق،
عاجزن جو آسرو، سو ’هَل اتيٰ‘
' جو تاجدار.
هر گهڙي، هر لحظه دل سان آ ڪريان ٿو هيءَ دُعا،
حضرتِ ”سانگي“ جا يار شل هجن هشت و چهار.
هِن ”گدا“ جي، تنهنجي در آهي سدائين هيءَ صدا،
ساقيء ڪوثر جو صدقو، ساقيا! ساغر ڏيار.

 

(23)

قامتِ يار، سروِ خوش رفتار،
عارضِ يار، رشڪِ باغ و بهار!
زلف تي يار جي ڇڏيان گهوري،
چِين، ماچين، تبت و تاتار.
مون کي ”ڪَميَر“ چوي ٿو ڪين ڪڏهن،
’ماءِ ڊيئَر‘ آهه، منهنجو سو دلدار.
برهه جي باب جو سبق پڙهه تون،
جي گهرين نينهن ۾ ٿيان نروار.
اهڙو ماجسٽريٽ آهه ڪٿي،
جو سُڻي منهنجي عشق جو اظهار؟
حيف، صد حيف تنهن مُلي کي هجي،
عشقبازيءَ کان جو ٿئي بيزار!
عشق ڪيو مون کي ان طرح قابو،
چور کي جئن وٺي ٿو چوڪيدار.
ائن وڻي مون کي يار سيمين تن،
اهلِ دولت کي جئن وڻي دينار
'.
جي گهرين ٿو خدا، خودي کي ڇڏ،
”بندگي کن، ترا بحکم چہ کار؟“
حشر ۾ جي گهرين ته ناجي ٿيان،
تون ضعيفن کي ڪين ڏي آزار.
اي ”گدا“ منهنجو بادشاهه آهي،
سيّد الانبياء، سچو سردار.

 

(24)

جلوه گر بام تي ٿيو منهنجو يار،
صبحدم مُون ڏٺو عجب اسرار.
هر شب و روز آرزو دارم،
آ ڏسان پنهنجو دلربا دلدار!
تنهنجي سڪ ۾ سدا روئان ۽ رڙان،
برهه ۾ تنهنجي آهيان زارو نزار.
توکي ساريان، هنجون ٿو نت هاريان،
مون کي پنهنجو اچي تون مُنهن ڏيکار.
هي ٻئي نعمتون عجيب و غريب،
هڪڙو دلبر، ٻيو اسپِ خوش رفتار!
ٻئي ڪنهين جي مجال ڇا آهي،
آهه سڀڪي الله جي اختيار.

 

(25)

عجائب آهه عجيب جي عشق جو تاثير،
غمِ فراق ۾ جنهن جي ٿيو آهيان آ پير.
نهوڙي مون کي نيو آهه نينهن جي نيڻن،
وڪوڙي مون کي ويو آهه زلف جو زنجير.
هزار دل جي هجي، آ مٿس ڪريان قربان،
ڪري جي نيم نگهه ساڻ مون کي سو نخچير
'.
شعاع اهڙو ڏٺو ڪنهن نه شمس ۾ هوندو،
جو آهه يار جي عارض ۾، جلوہء تنوير.
برنگِ گل آ شگفته ٿيس بوقتِ سحر،
چمن ۾ رشڪِ چمن منهنجو، ٿيو گريبان گير.
مهوّس آهين، ته ٻي ڳالهه کي نه وسهج تون،
غبارِ ڪوچہء جانان اٿئي، بہ از اڪسير.
عمر! آ تنهنجون ڪڏهن ڪين چاشنيون چکنديس،
پيان آ شال پنهوارن سان گڏجي پاڪ پنير!
وطن وڃي آ ڏسان پنهنجي ڍول ڍاٽيءَ کي،
سِڪي ٿو جنهن کي سدائين سندم هي ساهه سرير!
اُهوئي مرد مسلمان، جو ٻئي جو خير گهري،
اُهوئي مرد مسلمان، جو تابعِ تقدير.
دور بار حضرتِ دهلي جو سير ٿيو حاصل؛
ڪريان ٿو هاڻ وڃي سيرِ گلشنِ ڪشمير.
”گدا“ هي ”حضرتِ سنگيءَ“ جي ياد ڪر مصرع،
”جو اصل خاڪ نشين، تنهن کي ڪهڙو صدر سرير
'!“
ڪريم! منهنجو اهو سوال آهه، شال هجي،
”گدا“ جو دست بدامان هجي حضرت شبير!


 


'             ققنس: هڪڙو خيالي پکي، جنهن جي باري ۾ مشهور آهي ته هو هر قسم جو راڳ ڳائي ٿو. سندس چهنب ۾ ٽي سو سٺ سوراخ ٿين ٿا، ۽ جڏهن مرڻ کي ويجهو ٿئي ٿو، تڏهن سُڪل ڪاٺيون ڪَٺيون ڪري، اُنهن ۾ ويهي، ديپڪ راڳ ڳائي ٿو، جنهن جي اثر کان ڪاٺين ۾ باهه لڳي ٿي ۽ هو سڙي رک ٿي ٿو وڃي؛ ۽ جڏهن برسات پوي ٿي، تڏهن اُن رک منجهان هڪڙو آنو ڦٽي ٿو، ۽ اهڙيءَ طرح اُن منجهان هڪڙو ٻيو ققنس پيدا ٿئي ٿو- (”جامع اللغات“ اُردو، ۽ ”غياث اللغار“). سرائيندا: (ف- سرائيندن) ڳائيندا. اُن: مراد، عشق. نوخيزه: نوجوان. ناٿ: جوڳين جو لقب-مالڪ-ڌڻي تعاليٰ. مهيسي: شو جي پوڄا ڪندڙ جوڳي. مهوسي: ڪيمياگر جوڳي.

'             گهوگهيتن: (A Snail Shell؛ اُردو: گهونگا) هڪڙي سامونڊي جيت جو کوپو – (واحد گهوگهيتو). پُرشڪن: وراڪيل- گهنڊيدار. عنقا: ڊگهي ڳچيءَ وارو هڪ فرضي پکي، جنهن کي اَڄ ڏينهن تائين ڪنهن ڪونه ڏٺو آهي. باعث: سبب- ڪارڻ. دهن: وات.

'             سيمين بدن: چانديءَ جو جسم- تمام سهڻو. صهباي: شراب. گلگون: گلاب جي گل جهڙو ڳاڙهو رنگ. اياغ: ساغر- پيالو. خطّ ٖ بغدادي: جمشيد بادشاهه جي ٺهرايل پيالي جي ٻيءَ لڪير جو نالو- (هي ڪل ست لڪيرون هيون: 1.خط جور، 2. خط بغدادي، 3. خط بصره، 4. خط سياه، 5. خط اشڪ، 6. خط ڪاشغر، ۽ 7. خط وتم). بنت العنب: انگور جي ڌيءَ، يعني شراب.

'                 گردون: آسمان. ڪسادي: وڪرو ٿيڻ- غير ضروري هجڻ. گرد باد: هوا ۾ اُڏاڻل مٽي- دز. ”ماتم“: گدا مرحوم جو همعصر شاعر فضل محمد ”ماتم“ حيدرآبادي. مونس: غمخوار. عارض: ڳل- ڳٽا- رخسار. گل ٖ خورشيد: هڪ قسم جو گل، جو انهاري ۾ سج جي گرميءَ جي ڪري ٽڙندو آهي؛ مراد، محبوب جو سج جهڙو روشن منهن، جو عشق جي آتش سان اڃا دوبالا ٿئي ٿو.

'                 معنبر: خوشبودار. حضرت قمبر: ڪوثر جو ساقي حضرت علي ٿيندو، تنهنڪري ’خال‘ سان ’قمبر‘ جي مناسبت نهايت موزون آهي. شب ٖ ديجور: اونداهي رات. لالهء احمر: هڪ قسم جو ڳاڙهو گل، جنهن جي اندر ڪارو داغ ٿئي ٿو.

'                 گلگشت: باغ جو سير. سمن بر: چنبيليءَ جي گل کان وڌيڪ، يعني محبوب. سمندر: وڏي ڪُئي جي شڪل جهڙو هڪ خيالي جانور، جنهن جي باري ۾ مشهور آهي ته باهه ۾ پيدا ٿئي ٿو، ۽ اُن مان ٻاهر نڪرڻ تي هڪدم مري ٿو وڃي- اهو گمان پارسين جي آتشڪدن تي ڪيو وڃي ٿو، جتي رات ڏينهن باهه ٻرندي رهي ٿي. صفدر: لشڪر جون صفون چيريندڙ- حضرت علي جو لقب. نِلا: چِٽا- ظاهر- فقط. شوخ و شنگ: اجايو ڪاوڙجڻ- پاڻيءَ مان نڪرڻ؛ هي لفظ خاص ڪري معشوق جي تعريف ۾ استعمال ڪبو آهي. بِلا: حوالا ڪارناما.

'               عنقا- صفت: خيالي پکيءَ جهڙو- اڻ لڀ. صهبا: ڳڙهو شراب. ڪلاهِ نمد: اُن مان ٺهيل ٽوپي. جِلا: چمڪو- چِٽائِي. سنجر: ابو الحارث احمد بن ملڪ شاهه ناصر الدين جو لقب، جنهن سن 1119ع ۾ خراسان ۾ آزاد سلطنت قائم ڪئي هئي؛ شاعرن جو سندس درٻار ۾ ڏاڍو قدر هو. انوري: اَشهد الدين علي نالو، ”انوري“ تخلص، سلطان سنجر جو درباري شاعر هو؛ کيس فارسي قصيدي جو پيغمبر ڪري مڃيو ويو آهي؛ خراسان ۾ پيدا ٿيو ۽ سن 1190 ۾ بلخ ۾ وفات ڪيائين. گدا مرحوم پاڻ کي ’انوري‘ ۽ مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ کي ’سنجر‘ سان ڀيٽيو آهي. صِلا: اُجورا- انعام- تحفا.

'                 وِلا: محبت. قمر طلعت: اُڀرندڙ چنڊ. سمن رخسار: چنبيلي جي گل جهڙو منهن. غيرت ٖ گلزار: باغ کي شرمائيندڙ. زنّار: هِندن جي مالها.

'                 ڪلالن: شراب و ڪڻندڙ. مَي شيراز: شيراز شهر جو ٺهيل شراب، جي نهايت تلخ ۽ عمدو ٿيندو آهي. خدنگ ٖ ناز: ناز ڀريو ننڍڙو تير. پَي در پَي: هڪ ٻئي پٺيان. مونهان: مون ڏانهن. شوقيا: محبت جا خط. تقويت: سگهه- طاقت. ناتوانا: هيڻا- اڻ پهچ.

'               ڪِراڙ: واڻيا- واپاري- هندو. راءِ صاحب: هندن ۽ ڪڇ جي حاڪم جو لقب. خانخانا: خانن جو خان- مسلمان نواب. اميرالمونين: مومنن جو امير، يعني حضرت علي عليه السلام. سمانا: سکيا سمانا- تمام آسودا يا خوشحال. تائيد: ٽيڪو- مدد- پٺڀرائي. روح القدس: اُهو روح، جيڪو حضرت عيسيٰ عليہ السلام تي نازل ٿيو هو.

'                 زير ٖ سحاب (ڪڪرن هيٺيان): زير ڪرڻ- هيسائڻ- مڃائڻ- شرمندو  ڪرڻ. تاس: ڪپڙي جو قسم.

'                 تسخير ۾: قابو ۾- فرمانبرداري ۾. پريزاد: پَرين جا ڄاول- خوبصورت اِنسان. سليمان محبت: محبت جو سليمان- حضرت سليمان عليہ السلام ڏانهن اِشارو، جنهن جي هٿ ۾ ديو پَريون هيون. دخل: داخلا- آمد- اچڻ. ارض و سماوات: زمين ۽ آسمان- عام محاورو ”ارض و سما“. طفلي: ننڍپڻ. از بر ڪرڻ: بر زبان ياد ڪرڻ.

'                 صفاهان: اصفهان- ايران جو مشهور شهر. ڪميدان: فوج جي ڪمان کڻندڙ- ڪماني. هيهات: هاءِ هاءِ- افسوس.

'                 ذائقه گر: سوارو وٺندڙ- جنهن لذت حاصل ڪئي هجي. خام خيالات: اجايا يا ڪوڙا خيال. خرزهري: هڪڙو ڪڙو ۽ بدبودار ٻوٽو. عرصهء دنيا: دنيا جو ميدان (عرصه=ميدان). بسڪه: بس ته- ايترو گهڻو، جو- مطلب ته.

'                 سَنرا: خوش- سَرها، مسلسل: سلسليوار- ڳُتيل. تبت: ٿٻيٽ- هماليه جبل کان مٿيون علائقو. قند ٖ مڪرّر: تمام گهڻو مِٺي کنڊ. حلاوت: ميٺاج. ڪبڪ: ڊيل پکي، جنهن جي هلڻ جو نمونو ڏاڍو وڻندڙ ۽ عجيب ٿيندو آهي. غمزو: نخرو- نازو ادا. غارت: لٽڻ- برباد ڪرڻ.

'                 شاه ٖ ولايت: بزرگي يا ڪرامت جو بادشاه. فقيدالمثل: بي نظير- بيمثال- ناياب. اهل ٖ بلاغت: ٻڌندڙن جي اندازي موجب ڪلام ڪرڻ جو مالڪ.

'                 مطلع ٖ انوار: اُڀرندڙ نور يا روشني. آهوي صفت: هرڻ جهڙو. گاهي بسوي ڪوه رَوم گاه بصحرا: ڪڏهن جبل ڏانهن ته ڪڏهن رڻ پَٽ ڏانهن وڃان ٿو.

'                 مرسل: رسول- پيغمبر- مراد حضرت محمد مصطفيٰ. گمنام ’گدا‘ گوشه نشين بود: گدا هڪڙو گمنام ۽ ڪنڊ پاسي ۾ گذاريندڙ هو.

'                 ماروار: ننگ وانگر وڪڙيل. گوهر ٖ شاهوار: بادشاهن جي لائق موتي. دانهء اشڪ: اک جي ڳوڙهي جو داڻو- مراد، ڳوڙهو- لڙڪ. درّاج: جهرڪي. ڪاذب: ڪوڙو- ڪوڙي جي مٿان الله جي لعنت آهي- (”لعنة الله علي الڪاذبين“ جو ترجمو). محي الدين: دين کي جياريندڙ- حضرت پير دستگير سيد عبدالقادر جيلانيءَ جو لقب.

'                 محتسب: قصاص وٺندڙ- شريعت جي برخلاف ڪم ڪرڻ ڪري، اِسلامي حڪومت جي پاران اُن ڏوهه جي سزا ڏيندڙ. صرصر: تِکي هوا- لُکَ- جهولو. ماءِ ڊيئر: (انگ) منهنجو پيارو. گزٽ: اَخبار. پُريچ: وروڪڙ کاڌل نانگ: جي کائر ڀائر وارن ڀاڱن جي وچئين حصي کي ”ڍٽ“ چئبو آهي.

'                 نهرواني: (ڪاوڙ سان ڀَريل). پَٽ: پَٽ پيارڻ=کليل مَٽ مان دل وٽان شراب پيارڻ- تيز شراب جو پيالو ڏيڻ. خارجي: حضرت علي جو دُشمن- امير معاويي سان صلح ڪرڻ ڪري، حضرت عليءَ کان باغي ٿيل ماڻهو، انهيءَ ٽوليءَ جي پيروي ڪندڙ. مخلص ٖ من: منهنجا اخلاص وارا، يعني پيارا دوست- گدا جي پياري شاگرد محمد هاشم ولد حافظ حامد ٽکڙائيءَ جو تخلص.

'                 دارين: ٻيو جهان يعني دُنيا ۽ آخرت. هير: پنجاب جي مشهور عاشق ’رانجهو‘ جي معشوقه. وامق: ’عَذرا‘ جي عاشق جو نالو. فرهاد: خسرو پرويز جي راڻي ’شيرين‘ جو عاشق. آضداد: ’ضد‘ جو جمع- مخالف- اُبتڙ. همزاد: گڏ ڄاول، جاڙا ٻار- مشهور آهي ته جنهن وقت ڪوبه ماڻهو پيدا ٿيندو آهي، ته ان وقت ان جي شڪل جهڙو هڪڙو جن به پيدا ٿيندو آهي؛ ڪيترا نجوم ۽ رمل جا ماهر پنهنجي عمل جي وسيلي ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيندا آهن. صيد: شڪار. صياد: شڪاري- شڪار ڪندڙ.

'                 صبح مراد: مرادن يا اُميدن جو صبح يا باغ. اظلم: تمام وڏو ظالم.. ذات: هيڪڙائي، خدا جي توحيد. صفات: خوبيون- ذات جو ضد. هڪڙي شَي جا جدا جدا رنگ. غوث الاعظم: وڏي ۾ وڏو غوث يعني پير دستگير سيد عبدالقادر جيلاني. شہِ بغداد: بغداد جو بادشاهه.

'                 سالور: شالون- قيمتي لويون. چاشني دار: زردو- مٺا چانور.

'                 مـژگان: پنبڻيون. ڪماني: لشڪر جو اڳواڻ- سپهه سالار. جاوداني: هميشہ- سدائين قائم رهندڙ. زعفراني: زعفران جي سائي رنگ جهڙا ڪپڙا- ڇاڪاڻ ته بهار جي اچڻ ڪري باغ ۾ ساوڪ ٿيندي آهي. ”ساقيا! ساغرِ بلورين را“: اي ساقي: بلور جي شيشي منجهان ٺهيل گلاس کي، ”پُر ز صهباي ارغواني ڪر“: ڳاڙهي رنگ جي شراب سان ڀَري ڇڏ.

'                 قصه خواني ڪرڻ: قصو يا آکاڻي ٻڌائڻ. شير افگن: شينهن کي چيريندڙ يا ماريندڙ- بهادر جوان. سودمند: نفعو حاصل ڪندڙ- ڪارائتو- ڪامياب. درجہء بقا بالله: الله سان هميشہ لاءِ هڪ ٿي وڃن جو درجو. صوفين جا چار درجا آهن: 1- فنا في الشيخ 2- فنا في الرسول 3- فنا في الله 4- بقا بالله. خورشيد رُخا: اي سج جي مُنهن جهڙا. مهر فزا: سج کان وڌيڪ سهڻو. آزرده تن: آزاريل جسم. خسته دل: سڙيل دل. جان بلب هئڻ= ساهه چپن تي هئڻ- لُڪيءَ ۾ ساهه هئڻ. فغاني: فغان يا فرياد ڪندڙ. اي گلِ پُرخار: اي ڪنڊن سان ڀريل گل.

'                 شَڪر دهنا: مِٺي وات وارا. بوسہء شيرين زلبِ خويش: پنهنجي چَپ جي مِٺي چُمي. ساقي! بيڪفم ساغر سرشار: اي ساقي! منهنجي هٿ ۾ شراب جو ٽمٽار پيالو عنايت ڪر. بسيار: گهڻو- زياده. گر سَر رود از تن، نه رود مهرِ تو از دل: جيڪڏهن منهنجو سِر ڌڙ کان ڌار ٿيندو، پر دل منجهان تنهنجي محبت نه ويندي. مغروق: ٻڏل- غرق ٿيل. ديدهء بيدار: سجاڳ اک. نعمتِ عظميٰ: وڏي ۾ وڏي نعمت يا بخشش. گنهگارِ گِرانبار: گناهن جو رڳو بار کڻندڙ گنهگار.

'                 حسنين ڪريمين: ٻه سخي، امام حسن ۽ امام حسين. مير الله بخش: آنبربل مير الله بخش خان، ٽنڊي محمد خان وارو، جو مير غلام شاهه جو پوٽو هو. عنبر افشان: عنبر جي خوشبو هاريندڙ. آب حيوان: آبِ حيات يا آب خضر، اُهو پاڻيءَ جو چشمو، جنهن جي پيئڻ سان انسان ڪڏهن به نٿو مري- خدا تعالي حضرت خضر کي اهو چشمو عنايت ڪيو ۽ هو اڃا تائين زنده آهي: پر سڪندر ذوالقرنين ان جي تلاش ۾ ويو ۽ محروم واپس آيو. قامت دلجوي جانان ياد ڪر: محبوب جو دل کي آٿت ڏيندڙ قد ياد ڪر. لبهاي خندان: محبوب جا کلندڙ چپ.

'                 سيبِ زنخدان: کاڏي  جو صوف. سيبِ صفاهان: اِصفهان جا صوف- اصفهان، ايران ۾ آهي. خضر: فارس جي هڪ قديم بادشاهه جي وزير جو نالو، جنهن آب حيات ڳولي هٿ ڪيو، ۽ اُن جي پيئڻ سان قيامت تائين زنده رهندو. خط: ڳٽن جا وار. جمعيّت: آرام- سڪون- ٿت. شمشيرِ برّان: وڍندڙ ترار. بيدرنگ: بيد جي لڪڻ جهڙي سنهڙي ۽ تکي ترار. خجل: شرمندو- لڄي. پيمان: وعدو- انجام- اقرار. يثرب: مديني شريف جو اڳوڻو نالو. بطحيٰ: مديني شريف جو ڀرسان هڪڙي واديءَ جو نالو. خلد بربن: مٿاهون بهشت. قضيہ: تنازعو، جهڳڙو، يعني حق ۽ باطل جي ويڙهه. شاهِ شهيدان: شهيدن جو بادساهه، يعني امام حسين عليہ السلام.

'                 سيماب: پارو. گل انار: ڏاڙهونءَ جو گل.

'                 ”هَل اتيٰ“: قرآن جي آيت جو ٽڪرو، جنهن ۾ حضرت عليءَ جي شان ڏانهن اشارو آهي. باور: مددگار. هشت وچهار: اَٺ ۽ چار، يعني ٻارهن امام. ماچين: چين جي ويجهو ملڪ، جو هينئر نه رهيو آهي. تبت: ٿٻيٽ جو علائقو. تاتار: ترڪستان جو علائقو. ڪَميَر: ڪم هِيئَر (Come here) جي بگڙيل صورت.

'                 يار سيمين بدن: چانديءَ جي بدن جهڙو محبوب. دينار: روپيا- عربستان جو سڪو. ”بندگي کن، ترابحڪم چہ کار!“: عبادت ڪر، تنهنجو حڪومت سان ڪهڙو ڪم؟ ناجي: ڇٽل- آزاد. سيد الانبياء: نبين جو سردار، هر شب و روز آرزو دارم: هر رات ڏينهن اُميد رکان ٿو. زارو نزار: حيران ۽ پريشان.

'                 نخچير: تيرن سان ڦٽيل. تنوير: نور جو جلوو. برنگِ گل: گل وانگر- گل جي نموني. شگفته: ٽڙيل- خوش. بوقتِ سحر: صبح جي وقت. گريبان گير: دامن يا پلاند کان جهليندڙ. مهوّس: ڪيميا جو هنر ڄاڻندڙ- مرڪب ڌاتن يا دوائن منجهان سون تيار ڪندڙ. غبارِ ڪوچہء جانان: محبوب جي گهٽيءَ جي اُڏاڻل دَز يا خاڪ. ’بہ از اڪسير‘: سون جي نسخي تيار ڪرڻ کان وڌيڪ.

'                 صدر سرير: مٿاهون تخت. ”گدا“ جو دست بدامان هجي حضرتِ شبير: گدا جو هٿ امام حسين جي پلاند ۾ هجي. سبزه: خط- نوان ڦُٽل وار. دامنِ ڪهسار: جبلن جي ماٿري.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org