سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات گدا

صفحو :3

        هِن جامع صفات بيت جو مطلب آهي ته بادشاهت هوندي به فقيريءَ جو دامن پنهنجن هٿن مان گرگز نه ڇڏجي، ۽ سڀني فقيري وصفن- نياز ۽ نئڙت، خلق جي خدمت، ايثار، سخا ۽ قربانيءَ کي پنهنجو شيوو بنائي، بادشاهي دل ۽ دماغ، لاطمعي ۽ بي ريائيءَ جي وصفن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏجن.

        گدا شاهه کي فقط هڪ غزل گو شاعر نه سمجهڻ گهرجي، پر هن جتي حسن و عشق جي صحرا ۾ دشت پيمائي ڪئي آهي، اتي نصيحت ۽ هدايت جي گلشن جي به باغباني ڪري، انساني ذهن جي اڳيان اخلاق ۽ بصيرت جو بي بها ذخيرو پيش ڪري ڏيکاريو آهي: ۽ سندس ڪلام جي اها خصوصيت سڀ کان زياده قابل تعريف آهي، جو هو پنهنجن غزلن ۾ به جابجا اخلاق ۽ هدايت جي تعليم ڏئي ٿو.

        هو هميشه فقيراڻي زندگي بسر ڪندو هو ۽ اميراڻي ٺاٺ ۽ عيش و عشرت کان سخت نفرت هوندي هُئس. اهوئي سبب آهي، جو هو ڪٿي به اميراڻي اوج ۽ دنيوي عيش جي ترغيب نٿو ڏئي ۽ نه وري قنوطيت کان ڪم وٺي، مايوسي ۽ ترڪ دنيا لاءِ آماده ڪري ٿو؛ بلڪ انسانيت جي مفهوم جي پوري پوري ترجماني ڪندي، ڪوڙ، گِلا، بهتان، غريب آزاري، بزرگن سان بي ادبي ۽ ٻين ڪيترين براين کان قولي ۽ عملي طرح منع ڪري ٿو. سندس ڪليات ۾ اهڙا اخلاقي بيت به ايتريقدر موجود آهن. جو جيڪڏهن اُنهن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو وڃي، ته هوند هڪ چڱو ڪتاب تيار ٿي پوي. چند مثال پيش ڪجن ٿا:

اُهو مومن مسلمان آهه بيشڪ مرد مولائي،
ادا، ارمان دل ۾ ٿو ڪري جو ٻئي جي نقصان تي.
ڪين ڪنهن ساڻ بي ادب ٿيندس،
مون کي اُلفت آهي اديبن سان.
                *              *              *

نخوت و عجب و تڪبر آهه فرعونن جي ڪار؛
حق تواضح ڪيو عطا بيشڪ اولي الالباب کي.

 

        اهائي گدا شاهه جي قادر الڪلامي آهي جو انهيءَ نڪتي کي اهڙي مؤثر ۽ دلڪش پيرايي ۾ پيش ڪيو اٿس، ورنه هڪ عامي شعر فقط ايتري چوڻ تي اڪتفا ڪري ها ته هٺ ڪرڻ فرعونن جو ڪم آهي، تنهنڪري سياڻن کي نياز نئڙت اختيار ڪرڻ گهرجي؛ پر گدا شاهه تواضع کي هڪ خدائي انعام ڪري ٿو ليکي، ۽ پنهنجي نازڪ خياليءَ جي نازڪ تشبيهه سان پنهنجي انداز بيان ۾ اها خاص ڳالهه پيدا ٿو ڪري، ته ڏاهن ماڻهن کي ئي الله تعاليٰ نياز ۽ نئڙت جي نعمت عطا ڪئي آهي.

جي گهرين ٿو جاءِ بر بالاي چشم،
ڪر تون گردن، صورتِ ابروي خم.
 

        يعني، ماڻهوءَ جا ڀرون اکين کان مٿاهينءَ جاءِ تي آهن ۽ اکين جهڙي پياريءَ شيَ کان به سندن درجو بلند آهي؛ کين اها بلندي سندن خميدگيءَ جي ڪري حاصل ٿي آهي، تنهنڪري اي انسان جيڪڏهن تون اکين کان مٿاهين جڳهه جو طالب آهين، ته ڀرن وانگر پنهنجي گردن به خم ڪري ڏيکار- يعني نياز نئڙت اختيار ڪر.

ڏسو ته گدا شاهه پنهنجي مٿئين شعر ۾ گردم خم ڪرڻ واري ڪهڙي نه غضبناڪ، عجيب ۽ نزاڪت ڀري تشبيهه پيش ڪري ڏيکاري آهي، جا سندس طبع جي جولاني ۽ قادرالڪلاميءَ تي پوري پوري دلالت ڪري ٿي. ساڳيءَ طرح، نياز جي تعريف ۾ به سندس طبيعت جو زور ملاحظه فرمايو؛

نوڙت ڪجي، نياز ڪجي، نفس مارجي،
شاهي هجي تڏهن به گدا ٿي گذارجي.

 

        ڪاوڙ کائي ڇڏڻ جي تلقين:

چِڙ چڱي ڪينڪي چڱا ٿا چون،
ڪين ڪاوڙ ڪجي غريبن سان.

 

        نفساني خواهشون ترڪ ڪرڻ:

ڪري جو يڪ قلم ٿو ترڪ خواهشهاي نفساني،
 اُهو ڄاڻي ٿو بيشڪ مرتبو اعليٰ ملنگيءَ جو.

 

        ڪينو نه رکڻ:

ڪدورت کي ڪڍي ڇڏ قلب مان تون يَڪ قلم ڪوري،
سدائين سعيو ڪر پنهنجي تون سيني جي صفائي جو.
                *              *              *

اي ”گدا“ جيڪو لا طمع آهي،
آهه سو بادشاهه خاص الخاص.

 

        وڏائي نه ڪرڻ:

اجايو شو ڪجين ۽ ڦوڪجين ٿو،
نه رهندي تنهنجي آڪڙ جاو داني.

 

        عارفانه تعليم:

خوف حق جو رک سدائين دل ۾ تون،
ڊڄ ڌڻيءَ جي ڊاءَ کان نت دمبدم.
رازق آهي تنهنجو نت روزي رسان،
رزق جو هرگز نه رک تون دل ۾ غم.
شرع جو حبل المتين مضبوط وٺ،
دين تي هج تون سدا ثابت قدم.
صدق سان چئو، ’يا اِلهيٰ ڪر ڪرم،
عفو ڪر عصيان منهنجا يڪ قلم‘.
صادقين جي وصف پڙهه قرآن ۾،
سر وڃي پر ڪين کڻ ڪوڙو قسم.

 

        تقويٰ ۽ پاڪبازيءَ جي تعليم:

ڇڏ گناهن جي گس کي، ٿي تائب-
ڇو سفيدي ڇڏي سياهه ٿجي؟
ڪونه اُن جهڙو آهه ڪو عادل،
در ڌڻيءَ جي ته داد خواهه ٿجي.

 

        سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جنهن جو بد بنياد، تنهن جو ميرو مِٺو نه ٿئي“- گدا شاهه انهيءَ کي هيٺين ريت نظم ڪري ٿو:

اُن جو ميوو ڪڏهن نه ٿيندو مِٺو،
جن ڪمينن جو آهه بد بنياد.

 

        ”بُک بڇڙي بلا آهي“- انهيءَ چوڻي جو مفهوم، هيٺينءَ ريت ٿو نڀائي:

جي شڪم ٿو سير ٿئي، ڀانيان ٿو جنت ٿي نصيب،
جي لڳي اُڃ بک ته اُن دم روز محشر ٿو ڏسان.

 

        حڪيمن جو خيال آهي ته ڪيميا ڪابه شَي ڪانهي، بلڪ انسان پنهنجي فضيلت جي وسيلي پاڻ ته فاضل بنجي ٿو، پر ٻين کي به فضيلت جي مرتبي سان فيضيات بنائي سگهي ٿو. مرحوم گدا شاهه انهيءَ نُڪتي کي هيٺينءَ ريت بيان فرمائي ٿو:

اي مهوس پاڻ کي ڪُشتو ڪري اڪسير ٿي،
شڪلِ گل صد چاڪ ٿيندو، طالبِ زر ٿو ڏسان.

 

        عشقيه شاعريءَ لاءِ ضروري ڳالهيون. عشقيه شعر گهڻو ڪري اهي ماڻهو چوندا آهن، جي سچ پچ ڪنهن سان عاشقانه محبت رکن ٿا؛ ۽ رزميه شعر اهي ماڻهو پڙهندا هئا، جي سچ پچ جنگ جي ميدان ۾ جنگي جوڌا هئا، ۽ اهڙيءَ طرح جنگ جي موقعي تي فخريه شعرن ۾ فقط اهي واقعا بيان ڪيا ويندا هئا، جي سندن بزرگن يا سندس قبيلي جي ماڻهن وٽان علي الاعلان ظاهر ٿيا هئا، ۽ انهن جي ڪري سندن بهادري، فياضي يا فصاحت ضرب المثل ٿي چڪي هئي. اڳئين زماني جي مرثيه گوئي به فقط تقليدي نه هوندي هئي، بلڪ جنهن شخص جي دل کي ڪنهن دوست، عزيز، بزرگ يا ڪنهن مشهور ماڻهوءَ جي موت جي ڪري ڪو صدمو پهچندو هو، سوئي ان ماڻهوءَ جو مرثيو لکندو هو ۽ پنهنجي دل جي واردات جو صحيح صحيح نقشو ڪڍي ڏيکاريندو هو. محبت، عداوت، همدردي، صبر، استقلال، ڪاوڙ، انتقام، جواني، ٻڍاپو، دنيا جي بي ثباتي، خدا جي عظمت ۽ جلالت، ظالم جي مذمت، مظلوم جي فرياد رسي، رسم جو اُجورو يا رحم کان جواب- مطلب ته جنهن به ڳالهه جو جوش هن جي دل ۾ پيدا ٿيندو هو، تنهن کي بيساخته ڪنهن به تصنع کان سواءِ بيان ڪري ڏيندو هو.

        ملٽن جو چوڻ آهي، ته شاعريءَ لاءِ ٽن شين جي هئڻ نهايت ضروري آهي: سادگي، اصليت، ۽ جوش.

        هاڻي اسين چند شعرن جا مثال پيش ڪريون ٿا، جن ۾ ملٽن جي انهن شرطن منجهان ٽيئي يا ڪوبه هڪ شرط موجود آهي، ۽ يا وري ڪوبه ڪونهي.

        (1) ابن يحيٰ بن زياد، دنيا جي شين کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ جي باري ۾ فرمائي ٿو:

 وَلَمَّا رَاَيٌتُ الَّشٌيٌبَ لاَحَ بَيَضُہ
بِمفُرِقِ رَاٌسِيٌ قُلٌتُ لِلشٌّيبِ مَرٌحبَا
وَلَوٌ خِفٌتُ اَنِّيٌ اِن کَفَفٌتُ خَيَّتِيٌ
تَنٌکُبَ عَنِّيٌ رُمٌتُ اَنٌ يَتَنکٰبًّا
وَلٰکِنٌ اِذامَا حَلَّ کُرٌهَّ فَسَامَحَتٌ
بٍہِ النَّفٌسُ يَوٌماً کانَ لِلکُرٌهِ اَذٌ هَبَا.

 

        ترجمو: مون جڏهن ڏٺو ته ٻڍاپو منهنجي مٿي جي وارن منجهان اچي ظاهر ٿيو، تڏهن سندس آڌر ڀاءُ ڪيم. جيڪڏهن اها اميد هجي ها ته هو ائين نه ڪرڻ سان ٽري ويندو، ته آ سندس ٽارڻ جي ڪوشش ڪريان ها؛ پر ڳالهه هيءَ آهي ته مصيبت دفع ڪرڻ جي تدبير انهيءَ کان بهتر ٻي ڪابه ڪانهي، ته ان کي منهن گهنجائڻ کانسواءِ قبول ڪيو وڃي.

        ساڳيءَ طرح، گدا مرحوم به پيريءَ جي مصيبت کي قبول ڪرڻ بلڪل ضروري ٿو سمجهي ۽ تمام سادن لفظن ۽ ساَدي خيال ۾ انهيءَ مفهوم کي ادا ڪري ٿو:

جڏهن پيري اچي پهتِي، تڏهن ڄاڻج يقين سچ پچ،
نظر بگڙي، اکيون بگڙيون، زبان بگڙي، دهن بگڙيا.

 

        (2) مُتمم بن نويره، پنهنجي ڀاءُ مالڪ جي مرثيي ۾ لکي ٿو:

اَمَّدٌ لاَ مَنِي عِنٌدَالٌقُبُوٌرِ عَلَي الٌبُڪّا
رَفَيِقِيٌ لِتَذٌر اٰفِ الدُّمُوٌعِ السوافِڪ
فَقَالَ اثبکي ڪُلَّ قَبٌرٍ رَاءَ يٌتَہُ
لِقَبٌرٍ ثُوَيَ بَيٌنَ اللَّويٰ وَالدَّ کادَڪ ٖ
 فُقُلٌتَ لَہُ اضنَّ لاسَّجَا يبعث الشّجَا
فَدَعٌنِي فَهٰذا ڪُلُّ قَبٌرٍ مَالِڪ ٖ

 

        ترجمو: آ جو قبرستان کي ڏسي روئڻ لڳس ته منهنجي دوست منهنجا ڳوڙها وهندا ڏسي، مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ چيائين ته ’جا قبر (هتان گهڻو پري) ’لويٰ‘ ۽ ’دڪادڪ‘ نالي هنڌن جي وچ ۾ ٿي ٻڌجي (يعني مالڪ جي قبر)، تون فقط ان جي لاءِ هر قبر کي ڏسي روئي ٿو ڏين؟ ‘مون جواب ڏنو ته ’اي دوست، مصيبت هميشہ مصيبت ياد ڏياريندي آهي؛ مون کي روئڻ ڏي، ڇاڪاڻ ته منهنجي نزديڪ اهي سڀيئي مالڪ جون قبرون آهن!‘

        اسان جي شاعري گهڻو ڪري ٻن قسمن جي مضمونن تي منحصر آهي: هڪ عشقيه ۽ ٻيو مديحيه. عشقيه مضمون اڪثر غزل، مثنوي قصيدن جي تشبيت ۾ ٻڌا ويندا آهن، ۽ مديحيه مضمون فقط قصيدن ۾ استعمال ٿيندا رهن ٿا. انهن ٽنهي صنفن ۾ شاعر جو ڪم اهو سمجهيو وڃي ٿو، جو جيڪي مضمون قديم وقت کان وٺي استعمال ٿيندا آيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، انهن کي ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان وري وري استعمال ڪيو وڃي ۽ منجهن تر جيترو به فرق نه اچي. مثلاً، غزل ۾ هميشہ معشوق کي بي وفا، بيمروت، بي مهر، بيرحم، ظالم، قاتل، صياد، جلاد، هرڌاتي، پاڻ کان نفرت ڪندڙ، غيرن سان ملندڙ، سچيءَ محبت تي يقين نه ڪندڙ، سڌڙين ماڻهن کي سچو عاشق ڪري ڄاڻندڙ، بد گمان، بدعادت، بد زبان، بد چال: مطلب ته فقط حسن و جلال، ناز و ادا ۽ ٿورين ٻاجهه ڀريل خوبين کان سواءِ کيس انهن سڀني براين سان ياد ڪيو ويندو آهي، جي ڪنهن به ماڻهوءَ جي جاني دشمن ۾ هئڻ جڳائن. اهڙيءَ طرح، عاشق کي يعني شاعر پاڻ کي غمزده، مصيبت زده، فلڪ زده، ضعيف، بيمار، بد بخت، آواره، بدنام، ڏيهن جو ڌڪاريل، ڇڙواڳي پسند ڪندڙ، بدناميءَ جو طالب، پنهنجيءَ سونهن سوڀيا کي ڌڪاريندڙ، خوشيءَ ۽ تندرستيءَ کان پاسو ڪندڙ، ميخوار، بدمست، مدهوش، خودفراموش، وفادار، جفا ڪش، ڪٿي آزاد طبيعت ته ڪٿي گرفتاريءَ جو طالب، ڪٿي صبر ڪندڙ ۽ ڪٿي بيقرار، ڪٿي ديوانو ته ڪٿي هوشيار، ڪٿي غيرتمند ته ڪٿي خوشامندي، رشڪ جو پتلو، رقيبن جو دشمن، سڄيءَ دنيا کان بدگمان، آسمان جي شڪايت ڪندڙ، زمين کان بيزار، زماني جي هٿان لاچار- مطلب ته عشق ۽ وفاداريءَ کان سواءِ، پاڻ کي انهن سڀني صفتن سان جهنجي ڦٽي ڪرڻ، جي انسان لاءِ نهايت شرمساري جو باعث آهن، يا مثلاً آسمان ۽ زماني يا نصيب ۽ ستاري جي شڪايت ڪرڻ يا زاهد، واعظن ۽ صوفين کي چِٿ ڏيڻ ۽ باده ڪش ۽ باده فروش ۽ ساقي ۽ خمار جي تعريف ڪرڻ ۽ ساڻن حسنِ عقيدت جو اِظهار ڪرڻ. اِيمان ۽ اِسلام ۽ زهد ۽ عبادت کان نفرت ۽ ڪفر، بيديني، گناهه ۽ معصيت سان رغبت ڏيکارڻ، ۽ ڪڏهن ڪڏهن مال ۽ جاهه ۽ دنيوي منصب کي حقير ڪري ليکڻ ۽ فقر، عشق ۽ آزادي وغيره کي علم، عقل ۽ سلطنت وغيره تي ترجيح ڏيڻ- اهڙيءَ طرح فقط ٻه ٽي مضمون آهن، جي غزل جي لاءِ رُڪن ۽ عناصر جي منزل بنجي چڪا آهن. تنهن کان سواءِ، غزل جي لاءِ جيڪي لفظ مخصوص آهن، تن کي به نهايت تنگ دائري ۾ محدود ڪيو ويو آهي: مثلاً معشوق جي صورت کي حور، پري، سج، چنڊ، گل، لاله، باغ ۽ بهشت وغيره سان؛ سندس اکين کي نرگس، آهو، بادام، ساحر، مست، بيمار، وغيره سان؛ زلفن کي سنبل، مُشڪ، عنبر، ڪافر، جادوگرم رات، ظلمار، دام، زنجير ۽ ڦاسي وغيره سان، نگاهه، پنبڻين، غمزي ۽ اَدا کي تيرن، ڀالن ۽ ترارين وغيره سان؛ آبرو کي ڪامن سان؛ ذقن کي کوهه سان؛ ڏندن کي موتين سان؛ چپن کي لعل، ياقوت، گلبرگ، نبات ۽ آب حيات وغيره سان؛ وات کي غنچي سان؛ ڪمر کي وار سان؛ قد کي سرو، صنوبر، شمشاد، ۽ قيامت وغيره سان- رفتار کي فتني، قيامت، بَلا، آفت ۽ آشوب وغيره سان؛ ۽ اهڙيءَ طرح ٻين عضون کي ٻن ٽن ٻين شين سان تشبيهه ڏيڻ: معشوق جي سينگار جي سامان منجهان ڦڻيءَ، آئيني، مينديءَ، سُرمي، ڪجل، غازي، مسي، پان- ڪڏهن قبا، بد قبا، ٽوپي، پٽڪي ۽ ڪڏهن برقعي، نقاب، چادر، چوٽي ڦل، چوڙين، سڳين ۽ خاص خاص زيورن جو ذڪر ڪرڻ ۽ انهن کي خاص خاص شين سان تشبيهه ڏيڻ.

        ’باغ‘ منجهان فقط ٻه ٽي شيون چونڊي وٺڻ- جهڙوڪ سور، قمري، گل، بلبل، صياد، گلچين، باغبان، آشيانه، قفس، دام، دانه، ياسين، نسرين، نسترن، ارغوان، سوسنم خارم گلبن، وغيره.

        ’صحرا‘ منجهان وادي، چشمه، آبِ روان، سبزه، سيراب، رُڃ يا شراب، صرصر، گردباد، سموم، نخل، چنار، خارِشغلان، رهزن، رهنما، خضر، قافلو، جرس، بانگِ درا، محمل، ليليٰ، مجنون، وحشت، جنون، وغيره.

        ’درياءَ‘ منجهان ڪشتي، ناخدا، موج، گرداب، ساحل، حباب، قطره، ماهي، نهنگ (واگهون)، غوطه، شناوري يا ترڻ، وغيره.

        ’محفل‘ منجهان شمع، پروانو، شراب، ڪباب، پيالو، مينا، صراحي، خم، جرهه، نشو، خمار، صبوحي، ساقي، دَور، نغمو، مطرب، چنگ، ارغنون، مضراب، پرده ساز، رقص، وجد، سماع، وغيره.

        ’غم‘ جي سامان منجهان ناله، آه، فغان، قلق، اِضطراب، درد، رشڪ، ضبط، شوق، جدائي، ياد، تمنا، حسرت، حرمان، رنج، غم، آلم،دوز، داغ، زخم، خلش، تپش، ڪاهش، وغيره- ۽ اهڙي نموني جا ٻه ٽي ٻيا لفظ آهن، جن تي سنڌي غزل گوئيءَ جو دارومدار آهي.

        هاڻي اِنهن مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي اَسين گدا مرحوم جي غزل گوئيءَ تي هڪ تنقيدي نظر وجهڻ گهرون ٿا.

 

غزل گوئي

        سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي غزل جي ابتدائي دور جو سهرو خليفي گل محمد هالائي، آخوند محمد قاسم ۽ سيّد فاضل شاهه وغيره جي سر تي آهي، ۽ ٽنهي جي ڪلام جي طرز قريب قريب بلڪل ساڳي آهي- يعني فقط سنڌي ٻوليءَ جي ڏکين لفظن ۽ معمولي خيالن کي نظم جي صورت ۾ هڪ هنڌ ڪـٺو ڪيو ويو آهي. ڪهڙا به سبب هجن، پر اهو چوڻ شايد بجا آهي ته انهن مٿين برزرگن جي طرز کي ڪابه مقبوليت حاصل نه ٿي سگهي.

        گدا مرحوم جي همعصر شاعرن منجهان حافظ حامہ، مير سانگي ۽ سيد مرتضائيءَ جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

        گدا شاهه پنهنجي غزل گوئيءَ ۾ هڪ اهڙي طرز جو بنياد قائم ڪيو، جو هن وقت موجوده شاعر به سندس نقشِ قدم تي هلي رهيا آهن.

        مشرقي عشقيه شاعريءَ لاءِ جيڪي ڳالهيون ضروري آهن، سي آهن مضمون جي بندش، خيالن جي بلندي، قافين جي چُستي، زبان جي صفائي، طرز ادا جي موزوني، تشبيهه ۽ استعاري جي رنگارنگي: انهن سڀني ڳالهين منجهان اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي، جا گدا مرحوم جي ڪلام ۾ موجود نه هجي. دعوا دليل کان بغير غلط آهي، تنهنڪري، سندس ڪلام کي انهيءَ ڪسوٽي تي هڻي، پرکي ٿا ڏسون:

        عشق هڪ زبردست مصيبت آهي ۽ اُن جهڙي بڇڙي بَلا ٻي ڪابه ڪانهي؛ جنهن به سندس ٻر ۾ پير رکيو سو اوڏيءَ مهل ڪکيو. انهيءَ ڪاري ڪاريهر کان بچڻ ۽ سندس معرفت درپيش ايندڙ مصيبتن کي هڪ هڪ ڪري ڳڻي ٻڌائڻ، هرهڪ داناءَ ماڻهو جو پهريون اخلاقي فرض آهي. گدا مرحوم انهن مصيبتن جو اظهار هيٺين ريت ٿو ڪري:

حضرتِ عشق جي سرڪار مان دولت هي مِليم،
سر ۾ سوداءُ اٿم، پير ۾ چڪّر پيدا.

 

        عشق جي ڇڙاوڳي ۽ گهر جي تباهيءَ لاءِ هڪ اهڙي جملي جي ضرورت هئي، جو انهيءَ ساري مفهوم لاءِ جامع هجي، تنهنڪري گدا مرحوم ان جي ادائگيءَ لاءِ فقط ٻن نج سنڌي محاورن، ’سر ۾ سوداءُ هئڻ‘ ۽ ’پير ۾ چڪر هئڻ‘ کان ڪم ورتو آهي- يعني سر ۾ سوداءُ هئڻ انسان جا هوش و حواس خطا ٿي وڃن ٿا ۽ پير ۾ چڪر هئڻ سبب گهر جي تباهي ٿئي ٿي: مطلب ته مٿئين شعر ۾ ٻنهي محاورن اهڙي قسم جي نزاڪت پيدا ڪئي آهي، جو ڄڻ ته مُنڊيءَ تي ٽڪ جَڙيل آهن.

        عشق ۾ بدگماني پيدا ٿيڻ، سڀ کان پهرين ڳالهه آهي، جو ايشيائي شاعرن جو هڪ دلپسند مضمون آهي ۽ ان کي تمام گهڻي قدر استعمال ڪندا رهن ٿا- جئَن ته فارسي شاعر چيو آهي ته

عشق است و هزار بدگماني،
با سايه تُرا نمي پسندم.
 

        پر مرحوم گدا شاهه انهيءَ مضمون کي هڪ اهڙي دلڪش ۽ نرالي نموني سان ادا ڪيو آهي، جو بيساخته واه واه نڪريو وڃي ٿي- فرمائي ٿو:

نهاريو ٿي اغيار ڏي يار جنهندم،
”گدا“ گذريا ٿي گمان ڪهڙا ڪهڙا.

 

        عاشق جو معشوق کي ڏوراپو ڏيڻ به هڪ دلڪش مضمون آهي. ان جي ادائگيءَ سان گڏ گدا مرحوم جي زبان جي صفائي به مالحظه فرمايو:

مُڪئِي محبوب مون ڏانهن ڪونه هڪڙي جو جواب آخر،
هزارين شوقيا مون شوق مان تو ڏي روانا ڪيا.
مِلين مون سان ته وٺندوسانءِ ساري سربسر ڪسرون،
گهڻائي ڏينهن تو مون سان مِلڻ جا ها بهانا ڪيا.

 

        شاعريءَ جي فن ۾ تضمين هڪ خاص صنعت ڪري ليکي ويندي آهي. تضمين جو مطلب آهي، ڪنهن ٻئي شاعر جي شعر يا مصرعي تي پنهنجو مصرعو اهڙيءَ طرح چسپان ڪرڻ، جو ان کي بلڪل پنهنجو بنائي ڇڏجي ۽ ڌاريو ڪلام هرگز معلوم نه ٿئي پر اهڙي قسم جي بندش لاءِ طبيعت جي رواني ۽ تخيل جي فراواني نهايت ضروري آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ان جو سهرو به گدا مرحوم کي ٿو سونهي- جئَن ته حافظ شيرازيءَ جي هيٺئين فارسي غزل کي هن ريت تضمين ڪيو اٿس:

نظر سان جي نوازي، ڏيانس آ تارن ۾ اوتارا،
’بخال هندوش بخشم سمرقند و بخارا را!.
حسينن غمزهء و ناز و اداؤ وضعداري سان،
’چنان بردند صبر از دل که توکان خوان يغمارا!.
مغنّي غمزه سنجي ڪر، نه ڦورو ڦولهه عالم جو،
’که کس نکشود نکشايد به حکمت اين معمّا را‘.
”گدا“ تعريف ڪر روي عرق آلود جانان جي،
’که بر نظمِ تو آفشاند فلک عقدِ ثريا را‘.

 

        جيڪڏهن ڪنهن شعر جي لفظن ۾ چپ چپن سان نه لڳن، ته علم بديع جي اصطلاح موجب اهڙيءَ صنعت کي ”صنعت واسع الشفتين“ ڪري ڪوٺيندا آهن؛ گدا مرحوم جا اهڙي صنعت ۾ چند اشعار ملاحظه فرمايو:

تنهنجي سهڻي قدّ تي آ سرو کي گهوري ڇڏيان،
تنهنجي عارض تي سڄن صدقي ڪريان آ گل انار.
تنهنجي اکڙين جي اڳيان، نرگس ڪري ٿي صد نياز،
تنهنجي رُخ جي رشڪ کان لالا جي دلڙي داغدار.
عشق وارن لئي سدائين سر ڏيڻ، ڏونگها سهڻ،
عشق جي سرڪار جو هن طرح آهي اِشتهار.

 

        جيڪڏهن ڪنهن شعر ۾ اهڙا هڪجهڙا اکر ڪم آندا ويا هجن، جن ۾ فقط نقطن جو فرق هجي، ته اهڙيءَ صنعت کي ”تجنيس خطي“ ڪري ڪوٺيندا آهن-

نقطي جو فرق آهِه زبان و زيان ۾،
پنهنجي زبان سان پنهنجو تون ظالم زيان نه ڪر.

 

        هن شعر ۾ خاموشيءَ جي تعليم نهايت اعليٰ ۽ عمدي نموني سان ڏني اٿس؛ فرمائي ٿو ته ”زبان“ ۽ ”زيان“ لفظن جي وچ ۾ فقط هڪڙي نقطي جو فرق آهي، يعني جيڪڏهن ”زبان“ جي ’ب‘ کي هڪڙو نقطو وڌيڪ ڏيو ته ”زيان“ ٿي پوندو. مطلب ته انسان لاءِ صبر ۽ استقلال جهڙي مفيد شي ٻي ڪابه ڪانهي: جيڪڏهن هو صبر جو دامن ڇڏي هڪڙو اکر به زبان منجهان اجايو ڪڍندو، ته ان منجهان سندس زندگيءَ ۽ روحانيت کي هر حالت ۾ خطرو آهي.

        جيڪڏهن ڪنهن شعر ۾ ”الف“ جو اکر استعمال نه ڪيو وڃي، ته انهيءَ صنعت کي ”صنعت مقطوعته الالف“ ڪري چوندا آهن. انهيءَ صنعت ۾ گدا مرحوم جو سڄو غزل آهي، جو ’ڪليات گدا‘ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

        درويش لاءِ ضروري آهي ته فقيري جي حالت ۾ به پاڻ کي امري ڪري ڄاڻي- جئن سانگيءَ جو قول آهي ته

ڏيکارجي دُشمن کي مگر لوڏ لکن جي.

 

        گدا مرحوم به انهيءَ صفت کي قولي ۽ عملي صفت ڄاڻي، پنهنجي خيال کي هيٺينءَ ريت ادا ٿو ڪري:

سر سونهيم ٿي ڪلاهِ نمد،
ڪين گهرجي ٿو مون کي تاج طِلا.

 

        ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

اَي “گدا” گودڙيءَ جي مَٽ ۾ ڪريان،
اَطلس و طاس، بخمل و ڪمخواب.

 

        شاعر جي ڪلام ۾ حسن بياني ۽ خوش اسلوبي هڪ خاص قسم جو جوهر ڪري ليکيو وڃي ٿو- گدا جي هيٺئين شعر ۾ حسن ڪلام ملاحظه فرمايو:

منصب ڏِئي دلدار مون کي دربدري جو،
ڏيکاري ٿو ديدار ڪڏهن ڪِٿ ته ڪڏهن ڪِٿ!

 

        عاشق کي هڪ هنڌ ڪڏهن به ٽڪاءُ نٿو اچي ۽ سدائين بيقرار ٿو رهي: محبوب جي جدائيءَ ۾ سندس رات ڪهڙيءَ ريت ٿي گذري، ان حقيقت کي گدا مرحوم هيٺينءَ ريت ٿو اظهار ڪري:

هي حال وڃي توکان سوا ڪنهن کي سُڻايان،
گذري ٿي شبِ تار ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ!

 

        گدا مرحوم جي غزلن ۾ جابجا تشبيهن ۽ استعارن جو رنگ رچيل آهي، ۽ هرهڪ صنعت کي اهڙي نموني سان استعمال ڪري ٿو، جو اُها دل ۽ دماغ تي ڪڏهن به بار نٿي ٿئي- جئن ته فرمائي ٿو:

هُئي سدا برباد شڪلِ گردباد،
جو گهري ٿو ٻئي جي بربادي ادا.

 

        هن بيت ۾ ’برباد‘، ’بربادي‘ ۽ ’گردباد‘ جي لفظن جي تڪرار سبب جيڪو لطف پيدا ٿيو آهي، ان جو داد نٿو ڏيئي سگهجي. استعاري جي خوبي ڏسو ته ڪهڙي نه نازڪ ۽ نادر نموني سان بيان ڪئي ويئي آهي!

        فارسيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”مرد چون پير شود حرص جوان مي گردد“-

        گدا مرحوم انهيءَ پهاڪي جو مفهوم هيٺينءَ ريت ادا ٿو ڪري:

آ آهيان بنت العنب جو آشنا،
ڪانه گهرجي مون کي ٻيٖ شادي ادا.

 

        هن بيت ۾ پاڻ کي ’بنت العنب‘ (انگور جي ڌيءَ) جو يار ثابت ڪري، ٻي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. ظاهري پهلو جاچڻ سان شعر جو مفهوم بلڪل بازاري نظر اچي ٿو، پر تصوف جي رنگ ۽ رندانه شوخيءَ جي ڪري، پنهنجي خيالن جي شوخيءَ ۽ بو قلمونيءَ جي بلنديءَ سان، شعر کي زمين تان کڻي آسمان تي آڻي بيهاريو اٿس.

        سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”زر بسيار ته عشق ٺهه پهه“. سُڃي ۽ ڪنگال عاشق لاءِ عشق جي راڄ ۾ به ڪا جڳهه ڪانهي. هو مفلسيءَ ۽ بيڪسيءَ جي عالم ۾ محبوب جي وصال کان به محروم رهي ٿو، ۽ سندس سمورو وقت آه و فغان ۽ روڄ راڙي ۾ ٿو گذري. گدا مرحوم جيڪو تلازمو اختيار ڪري، رندانه رنگ ۾ انهيءَ مفلسيءَ کي ننديو آهي، سو سندس ئي حق آهي- فرمائي ٿو:

تهي دستيءَ جي مُنهن تي خاڪ، سِر تي ڌوڙ هئي دائم،
ڏسي مفلس
ٖ ”گدا“ کي، ڏس ته ڪئَنٖ سيمين بدن بگڙيا!

 

        اڪثر شاعر محبوب جي چشمن کي آهوءَ سان تشبيهه ڏيندا آهن؛ ۽ اهو يعني هرڻ هميشہ صحرا يا بيابانن ۾ رهندا آهن، تنهنڪري انهن کي ’صحرائي‘ چئي سگهجي ٿو، جنهن جي ٻي معنيٰ آهي رولو يا چريو. انهيءَ ڪري، گدا مرحوم اهڙيءَ تشبيهه کان نفرت ڏيکاريندي، فرمائي ٿو:

يار جيٰ چشمن کي آهوٰ ڪئن چوان،
آ
ته آهيان ڪين صحرائي ادا!

 

        يعني آءُ ته هڪ شهري ۽ داناءُ انسان آهيان، چريو ته ڪين آهيان جو محبوب جي چشمن کي آهوءَ سان تشبيهه ڏيان! ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

ٻيو تماشو مون کي گهرجي ڪينڪي،
يار جو
ٖ آهياٖن تماشائي ادا.

 

        هن شعر ۾ ’تماشو‘ ۽ ’تماشائي‘ جا لفظ مختلف معنيٰ جو تلازمو ۽ نزاڪت پيدا ڪن ٿا؛ ڇاڪاڻ ته ’تماشو‘ بازيگر جي بازي ۽ جادوگر جي جادوگريءَ ۾ به مستعمل آهي، ۽ ’تماشائي‘ ۾ ’ڏسندڙ‘ جي معنيٰ ۾ سمايل آهي.

        اهڙيءَ ريت نياز جي صفت، ۽ غرور ۽ تڪبر جي مذمت بيان ڪندي، ”صنعت تضاد“ ڪم آڻڻ سان، اقبال جي خوديءَ جي رنگ ۾ هيٺينءَ ريت گوهر افشاني ڪري ٿو:

خاڪساري ته آهي باعثِ آرامِ زمين،
سر بلندي
ٖءَ سان ڪريو چرٖخ ۾ چڪّر پيدا.

 

        حسن و عشق جي لذت جي باري ۾ فرمائي ٿو:

چاهه مان چاشني چپن جي چکاءِ،
ڪانه ٻي منهنجي ميهماني ڪر.

 

        رواني ۽ زبان جي صفائي ”گدا“ جي هرهڪ شعر ۾ موجود آهي، ۽ اهائي شاعريءَ جي خاص صنعت شمار ڪئي ويندي آهي. چند مثال ملاحظه فرمايو:

ساقيا پيار مون کي مَي جو مَٽ،
محتسب ٿو اچي ڪري وٺ جهَٽ.

 

اڄ اَڱڻ منهنجي منهنجو يار آيو،
گهر ۾ اغيار جي پيو ڪوڪٽ.

 

گهور سان مون کي ٿو ڏسي اغيار،
اهڙي رهزن جي هوئي ڳچيءَ ۾ ڳٽ!

 

يار گل پيرهن جو مُنهن نه ڏٺم،
هاءِ گذري ويو بهار عبث!

 

نڪي مُرڪي نڪي نهاري ٿو،
مون کي دلبر ڪيو شڪار عبث!

 

        مارئيءَ جي زباني فرمائي ٿو:

لعل لويون ٿيون ياد مون کي پون،
ساڙ سالور، وجهه تون کهنبا کڏ.

 

چاشني دار ڪينڪي چکنديس،
نه وڻن مون کي تنهنجا حلوا هَڏ.

 

        مطلب ته گدا شاهه جو ڪلام روانيءَ، جادوبيانيءَ، فصاحت، بلاغت، سلاست، سادگيءَ، جوش ۽ اصليت جي ڪري پنهنجو مَٽ پاڻ آهي- ڄڻ ته هڪ قسم جو درياهه آهي، جو سنئون سڌو موجون هڻندو هليو ٿو وڃي: شوخيءَ ۽ بلند پروازيءَ ۾ اسپ تيزگام آهي، جو ميدان سخن ۾ پنهنجي جولانيءَ جا جوهر ڏيکاري ميدان سر ڪندو ٿو وڃي.

        آخر ۾ ائين چوڻ به بلڪل بجا ٿيندو ته سندس تخلص ”گدا“ آهي، پر فصاحت ۽ بلاغت جي هفت اقليم جو شهنشاهه آهي. سندس ڪليات منجهان چند اشعار پيش ڪجن ٿا، جي نه فقط مٿين خوبين تي دلالت ڪندڙ آهن، پر گدا جي ’دائيءَ ۾ شهنشاهي‘ به انهن جوهرن منجهان ظاهر ٿئي ٿي- ۽ انهيءَ جو نالو قادر الڪلامي ۽ سحربياني آهي.

چرخ منهنجي بيقراريءَ کان سدا چرخاب کي،
چشم گريان کان سندم شرمندگي سيلاب کي.

 

فرقت جانان ۾ چشمن کان سندم دريا روان.
طوق گردن جو ٿو سمجهان حلقهء گرداب کي.

 

منهن مبارڪ منهنجو مصحف، خال و خط زير و زبر،
ان جي ابرو سان ڏيان تشبيهه آ
محراب کي.

 

يڪ سرِ مُو راز حق جي کان نه سي آگاهه ٿيا،
توڻي يونانين ڪيو ايجاد اصطرلاب کي.
                *              *              *

صف مڙگان کي سندءِ ڇونه چوان آ پلٽڻ،
تنهنجي ابرو جو اشارو ته ’ڪماني‘ جاني!

 

تنهنجي آ عارضِ گلرنگ جو شيدا آهيان،
مون کان بلبل به سکي زمزمه خواني جاني.

 

بعد مُردن جي ٿئي جلوه نما يار ڪڏهن،
قبر مان منهنجي صدا ايندي ته ’جاني! جاني!‘

 

طفل مڪتب به ٿو هن وقت ۾ ڄاڻي، ته آهيان-
’فيضي‘ و ’فطرت‘ و ’فاني‘ و ’فغاني‘، جاني.

 

        هيٺين بيتن منجهان الفاظ جي بندش، رواني ۽ حسن بياني ملاحظه فرمايو:

يار جو حسن يا ڪمال آهي،
سِجِ کي هر روز ڏِس زوال آهي.
يار جي لعل لب تي خال آهي،
حوض ڪوثر تي ڄڻ بلال آهي.
يار مون کان نه ٿي رَميدو تون،
سڀڪو چوندو ته هي غزال آهي.
دهنِ يار، نقطهء مرهوم،
دلنشين منهنجو هي مثال آهي.
ڪئن چوان اُن کي يوسفِ ثاني،
منهنجو محبوب بيمثال آهي!
                *              *              *

وڌم گردن ۾ طوقِ بندگي قمري- صفت هاڻي،
ڪندس آ
سرو کي صدقو قدِ دلجوي جانان تي.

 

دلِ پُر درد، فرقت ۾ ادا شادان نه هرگز ٿئي-
نه سنبل تي، نه سوسن تي، نه لالا تي، نه ريحان تي.

 

سڙي، کامي، پچي ٿي آتش فرقت ۾ جانان جي،
دلِ پُرداغ سبقت ٿي رکي سروِ چراغان تي.
                *              *              *

هزار بار ڪريان آ به سر نثار مٿس،
عجيب منهنجو جي مون وٽ هزار بار اچي.

 

برنگِ زلفِ پريشان فراق کرد مرا،
اچي جي يار ته دل کي سندم قرار اَچي.

 

اِها اُميد اٿم تو ۾ اي ڪمان ابرو،
خدنگِ ناز جو سيني جي آرپار اچي.

 

صفا رهج تون زماني ۾ زنگِ ڪلفت کان،
متان ڪ آئينه دل تي ڪو غبار اَچي.

 

حسب تي ڪين ڪندو سر ڪشي اُهو بيشڪ،
نسب تي جنهن کي ڪڏهن ڪين افتخار اچي.
                *              *              *

يار جي قامت رعنا سان مقابل جي ٿئي،
صدقي شمشاد ڪجي، مرد کي آزاد ڪجي.

 

لعلن کان لعل آهن، لب لعل تنهنجا، مٺڙا،
رنگين تنهنجي لب جو لانه غلام آهي.

 

سروِ سهي کان سُهڻِي، سُهڻيٖ جي آهه قامت،
هنج مور کا
ن هَلڻ ۾ وڌ خوشخرام آهي.

 

        تشبيهه ۾ استعاري جي رنگ ۾ رڱيل اشعار ملاحظه فرمايو:

لبِ جان بخشِ جانان کان خجالت آبِ حيوان کي،
رُخِ دلبر تي آ
قربان ڪريان خورشيد رخشان کي.

 

ڏيان تشبيهه جي خورشيد سان رخسارِ جانان کي،
ته حاصل زرد روئي ٿئي سندم هر فرد ديوان کي.

 

نهوڙيو ناز سان نيڻن جي دلبر نرگسِ شهلا،
ڏسي قامت سندس شرمندگي ٿي سَروِ بُستان کي.

 

برنگ برق بيتاب آهيان آ فرقت ۾ جانان جي،
چوان نب ابر گوهربار پنهنجي چشم گريان کي.

 

سدائين ساقيا تنهنجو هجي آباد ميخانو،
بهار آيو ڀري ڏي جامِ صحبا مَي پرستان کي.
                *              *              *

يار جِي ٿو ڪري قدمبوسي،
زلف جي ڏس ته ڇا رسائي ٿي!
پاڻ ڄاڻي ٿو پنهنجي بيائي،
جنهن جي عينڪ سان آشنائي ٿي!
کاءُ کاراءِ دولتِ دُنيا،
اَڄ تنهنجي ۽ سُڀان پَرائي ٿي.
                *              *              *

خالِ سياهه يار جي ابرو تي بس عجيب،
ڏس زاغ جو نشيمن ڪئن ٿيو ڪمان تي!

 

        مطلب ته گدا شاهه جي ڪلام ۾ ايتريون خوبيون آهن، جيتريون رات جي وقت آسمان ۾ تارا، جن جو شمار ڪرڻ وِت کان ٻاهر آهي. جنهن گدا شاهه جي ڪلام جو لطف حاصل ڪيو هوندو، سو ئي ٻڌائي سگهندو ته گدا شاهه اقليم سخن جو گدا نه پر بادشاهه آهي. ڇا سندس تشبيهن جي تابش، ڇا سندس استعارن جي اُستواري؛ ڇا سندس تخيّل جي تڪميل، ڇا سندس زبان جي صفائيءَ جي زرفشاني؛ ڇا سندس محاورن جي موج، ۽ ڇا سندس صنايع بدائع جو صاف اسلوب! اهي خوبيون نه فقط سندس ڪلام کي متوسط دور ۽ جديد دور جي شعراء جي ڪلام کان ممتاز ڪن ٿيون، پر سندس سر تي قادرالڪلاميءَ جو تاج به ٺاهي جوڙي ٿيون رکن. ”مشنّي نمونه از خراواري“، چند صنعتن جو بيان ڪجي ٿو، جي گدا شاهه مرحوم جي ڪلام م تمام گهڻي ڀاڱي موجود آهن:

        اربع عناصر جو تضاد: جيڪهن ڪنهن شعر ۾ اربع عناصر، يعني چئن عنصرن جو ذڪر ڪجي، ته اُن ۾ به تضاد پيدا ٿي سگهي ٿو- جئن ته گدا شاهه فرمائي ٿو:

حق سوا ڪنهن جي مجال آهي ڪري اضداد جمع،
پاڻ ۾ ڏس آتش و خاڪ و هوا و آب کي.

 

        طباق سلبي.

جيڪي عاشق ادا سچا آهن،
ڏک ۾ سي شاد، سُک ۾ سي ناشاد.

 

        مٿئين مثال ۾ ’شاد‘ ۽ ’ناشاد‘ ۾ حرف نفي، لفظ مثبت تي آڻڻ سان ’صنعت طباق سلبي‘ ٺهي پيئي.

        تضاد.

تنهنجي فرقت ۾ آ رُئان ۽ رڙان-
هي ڏسي حال ڪر خوشي ۽ کل!

 

        ’رُئان‘ ۽ ’خوشيءَ‘، ’رڙان‘ ۽ ’کل‘ ۾ تضاد آهي.

        ايهام مجرده. “ابهام لفظ جي معنيٰ آهي ’وهم ۾ وجهڻ‘. هن کي “توريه” به چئبو آهي، يعني ’لِڪائڻ‘. اصطلاح ۾ ’ابهام‘ اُن صنعت جو نالو آهي، جنهن سان ڪلام ۾ هڪڙي لفظ جون ٻه معنائون ٿي سگهن- هڪڙي ويجهي ۽ ٻي پري. ٻُڌڻ واري جو ڌيان هڪدم ويجهيءَ معنيٰ ڏانهن ڇڪجي، مگر شاعر جي مراد پَري واري معنيٰ هجي، ۽ نه ويجهي. جيڪڏهن اهڙيءَ صنعت ۾ ويجهيءَ معنيٰ جا لاڳاپا ڪين ڄاڻايا وڃن، ته اُن کي “ايهامِ مجرده” چئبو آهي- جئن گدا جو شعر آهي:

حيدرآباد منهنجي دل کي ڪندو-
آهه اسلام جو نظام علي.

 

        مٿئين مثال ۾ ٻڌندڙ جو ڌيان هڪدم حيدرآباد شهر ڏانهن ڊوڙي ٿو، جا ويجهي معنيٰ آهي؛ مگر شاعر جي مراد اها نه آهي، بلڪه هو چوي ٿو ته ”ايهام مرشحه“، يعني حضرت علي المرتضيٰ، اچي منهنجي دل کي آباد ڪندو.

        ايهام مرشحه. اها صنعت، جنهن ۾ ويجهيءَ معنيٰ جا لاڳاپا موجود هجن، تنهن کي ”ايهام مرشحه“ چئبو آهي. گدا مرحوم انهيءَ صنعت کي هيٺينءَ ريت ٿو نڀائي:

جن جي اڳيان هو رستمِ دستان مثالِ زال،
سي صف شڪن بهادرِ صفدر ڪٿي ڪٿي.

 

        ايهام تناسب: شعر ۾ ڪي به اهڙا ٻه لفظ آڻڻ، جو انهن جي معنيٰ ۾ ڪابه مناسب نه هجي- يعني هڪڙي لفظ جو ٻئي لفظ سان ڪنهن به قسم جو لاڳاپو ڏسڻ ۾ نه اچي- پر ساڳئي وقت هڪڙي لفظ جي معنيٰ ٻئي لفظ جي معنيٰ سان مناسب نه ڏيکاري. مثلاً، ڪنهن شعر ۾ ٻه لفظ ”شيرين“ ۽ ”ڪوهڪن“ ٿا اچن: مگر شيرين جي معنيٰ آهي مٺو يا لذيذ، انهيءَ حالت ۾ ٻنهي لفظن جي وچ ۾ ڪوبه لاڳاپو نه رهيو؛ پر ساڳئي قوت ’شيرين‘ لفظ جي ٻي معنيٰ ڪوهڪن يعني فرهاد جي محبوبه آهي، تنهنڪري انهيءَ لفظ جو ’ڪوهڪن‘ لفظ سان خودبخود لاڳاپو پيدا ٿي پيو. جئن ته پهريائين پهريائين ’شيرين‘ لفظ ٻڌڻ سان اهو وهم يا گمان پيدا ٿئي ٿو، ته اها فرهاد جي محبوبه آهي، تنهنڪري سندس نالو ”ايهام تناسب“ رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته منجهس ٻيءَ معنيٰ جي مناسبت جو وهم موجود آهي. اهڙيءَ صنعت کي ”صنعت مراعات النظير“ جو هڪ قسم ڪري ليکيو آهي، جنهن کي سيد گدا شاهه هيٺينءَ ريت ٿو نڀائي:

آهه رُستم زمان اُهو بيشڪ،
جيڪو مومن پوي ٿو سام علي.
                *              *              *

اڪبر کان به وَڌ ان جو هجي بخت همايون،
“سانگي” ٿو ڪري قدر سدا منهنجي سخن جو.

 

        صنعت تجريد: ڪنهن به هڪڙيءَ صفت منجهان ٻي اهڙي صفت يا خوبي پيدا ڪرڻ، جنهن جو مقصد فقط مبالغو هجي، ۽ ان منجهان اهو چٽيءَ طرح معلوم ٿي وڃي ته اها خوبي انهيءَ شي ۾ ڪيتريقدر ڪامل درجو رکي ٿي ۽ ان منجهان ٻي خوبي ڪهڙيءَ شي ۾ ڪيتريقدر ڪامل درجو رکي ٿي ۽ ان منجهان ٻي خوبي ڪهڙيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿي. هن کي ڪيترن ئي نمونن سان استعمال ڪري سگهجي ٿو:

        1- اها شَي جنهن منجهان ٻيءَ صفت واري شيَ ظاهر ڪجي، تنهن ٻيءَ شَي سان گڏ، حرف جر ’سان‘، ’دمان‘، ’کان‘، ’از‘، ’چون‘، وغيره استعمال ڪبو آهي- جئن ته گدا شاهه فرمائي ٿو:

دل ۾ عاشق جي اِئين عشق نمايان ٿو ٿئي،
جنهن طرح سان ٿئي آتش کان سمندر پيدا.

 

        2- اها شَي، جنهن منجهان ٻي ڪا شَي حاصل ٿئي، ان شَي کي حاصل ڪيل شيَ جو ظرف مقرر ڪبو آهي- جئَن ته ”۾“ يا فارسي ”در“. گدا شاهه فرمائي ٿو:

واه زلفن ۾ ڪيو يار جي رخسار ظهور،
شبِ ديجور ۾ جئن ماهِ منور پيدا،

 

        3- ’کي‘ حرف جر منجهان، هڪڙيءَ صفت واريءَ شَي منجهان ٻي ساڳيءَ صفت واري شَي حاصل ڪبي آهي- جئَن ته گدا شاهه جو شعر آهي:

برنگ برق بيتاب آهيان آ فرقت ۾ دلبر جي،
چوان نت ابر گوهر بار پنهنجي چشم گريان کي.

 

        انهيءَ شعر ۾ روئندڙ اکين يعني ڳوڙهن جي لاءِ ايتريقدر مبالغو آندو ويو آهي، جو معلوم ٿو ٿئي ته اکين جا ڳوڙها ڪڪرن وانگر وسي ايڏيءَ منزل تي وڃي پهتا آهن، جو انهن تي سچن موتين يعني گوهرن جو گمان ٿئي ٿو.

        صنعت جمع. جيڪڏهن ڪي به گهڻيون شيون هڪڙي حڪم ۾ گڏ ڪيون وڃن، ته ان کي ”صنعت جمع“ چئبو آهي- جئن ته گدا جو شعر آهي:

ٿيا هجر ۾ منهنجا مونس اي،
دُک، درد، قلق، ارمان، اَلم.

 

        صنعت تفريق. جيڪڏهن هڪجهڙي مشاهبت رکندڙ شين ۾ فرق بيان ڪيو وڃي، ته ان کي ”صنعت تفريق“ چئبو آهي- جئن ته گدا شاهه فرمائي ٿو:

قيس کي ناهه مون سان ڪا تشبيهه،
آ
شهري ۽ هو بياباني.


        صنعت جمع و تفريق. جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ شيون هڪڙي حڪم ۾ داخل ڪري، پوءِ انهن ٻنهي جي وچ ۾ فرق بيان ڪيو وڃي، ته اهڙيءَ صنعت کي ”صنعت جمع و تفريق“ چئبو آهي؛ ڇاڪاڻ ته منجهس جمع ۽ تفريق جون ٻيئي صنعتون گڏ ڪيون وينديون آهن- جئن ته گدا جو شعر آهي:

دل ٿي قابو گيسوي خمدار ۾،
برهمڻ جئن رشتهء زنار ۾.

 

 

        هن شعر ۾ ”دل“ ۽ ”برهمڻ“ جي لفظ کي ”قابو ٿيڻ“ ۾ جمع ڪري، پوءِ اهو فرق ظاهر ڪيو ويو آهي ته دل گيسوي خمدار ۾ ۽ برهمڻ رشتهء زنار ۾ قابو آهي.

        صنعت حسن التعليل. لغت ۾ ان خوبيءَ يا جدت جو نالو آهي، جنهن جي علت يا سبب بيان ڪيو وڃي- يعني هڪڙيءَ شَي کي ٻيءَ شَي لاءِ سبب مقرر ڪرڻ-، پر حقيقت ۾ اها شَي ان جي لاءِ سبب نه هجي. جن جا چار قسم آهن:

        1- اها خوبي يا جدت ثابت هجي، ۽ ذڪر ڪيل علت کان سواءِ ٻي علت به موجود هجي- جئن ته گدا شاهه فرمائي ٿو:

عالم سڄو سياهه تڏهن ٿو نظر اچي،
زلفن ۾ رخ کي يار جڏهن ٿو نهان ڪري.

 

        هن شعر ۾ شاعر سڄي عالم جي سياهه هئڻ جو سبب يار جي رخ جو زلفن ۾ نهان ٿيڻ مقرر ڪيو آهي؛ پر عالم جي سياهه ٿيڻ جو ٻيو سبب اهو به آهي جو سج لهي وڃي ۽ سڄي دنيا رات جي اوندهه سان ڇائجي وڃي.

        2- اها خوبي يا جدت، جا شاعر مقرر ڪئي آهي، سا ثابت هجي ۽ ان لاءِ ٻيو ڪوبه سبب موجود نه هجي- جئن گدا جو شعر آهي:

اصل کان پنهنجي جدا ٿئي ٿو، انهيءَ باعث کان،
هرڪو عالمِ ايجاد ۾ گريان آيو.

 

        هن شعر ۾ انسان جي عالم ايجاد ۾ گريان هئڻ جو ٻيو ڪوبه سبب موجود ڪونهي، پر شاعر ان جو سبب انسان ذات جو پنهنجي اصل کان جدا ٿي، هن دنيا ۾ اچڻ مقرر ڪري ٿو.

 

        3- اها جدت يا خوبي ثابت نه هجي، پر اهو ممڪن هجي ته اها موجود ٿي سگهي ٿي- جئن ته گدا شاه فرمائي ٿو:

وعدو جي مون سان وصل جو او دلستان ڪري،
مون پيرمرد کي ته وري نوجوان ڪري.

 

        ڪوبه پير مرد نوجوان بنجي، ان لاءِ هن شعر ۾ ٻيو ڪوبه سبب ثابت نه آهي، پر شاعر ان دلستان جي وصل جي وعدي کي جيڪو سبب مقرر ڪيو آهي، سو هر حالت ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو.

        4- اها جدت يا خوبي، ثابت نه پر غير ممڪن هجي، پر تنهن هوندي به ان کي ثابت ڪري ڏيکاريو وڃي- جئن ته گدا شاهه جو شعر آهي:

جي منهنجو مهر فزا ماه بي نقاب ٿئي،
ته رات جو ڀي عيان هوند آفتاب ٿئي.

 

        رات جو آفتاب نڪري، سا ڳالهه غير ممڪن آهي، پر معشوق جي چهري تان نقاب دور ٿيڻ تي ان کي مهر فزا سڏي، انهيءَ ڳالهه کي وري ثابت ڪري ڏيکاريو ويو آهي ته اهو ممڪن آهي، جو رات جو آفتاب يعني سج اڀري پوي- ڏس ته ڪيڏي نه نازڪ خيالي آهي!

 

”ڪليات گدا“ جي باري ۾

        اسان جي محترم دوست مرزا گل حسن ”اَحسن“ ڪربلائيءَ جي تحقيق ۽ تاريخ دانيءَ جي مدنظر، هن وقت گدا شاهه مرحوم جي ڪلام جا فقط هيٺيان نسخا موجود آهن:

        پهريون نسخو، گدا شاهه مرحوم جي هٿ جو لکيل، جناب سيد حسام الدين شاهه راشديءَ جي لئبرريءَ ۾ موجود ۽ محفوظ آهي.

        ٻيو نسخو، جناب مير علي احمد خان ٽالپر کي دستياب ٿيو آهي. اهو به گدا مرحوم جي هٿ جو لکيل آهي.

        ٽيون نسخو، جناب مرزا گل حسن ”اَحسن“ ڪربلائيءَ جي وساطت سان، گدا شاهه جي همشيره وٽان، جناب محمد صديق ”مسافر“ جي ديباچه آرائيءَ سميت، جناب خانبهادر الحاج محمد صديق ميمڻ کي حاصل ٿيو، جنهن جي باري ۾ هو صاحب پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌي ادب“ (جدل 2) ۾ تحرير فرمائي ٿو ته

        ”گدا جي ڪلام جو هڪڙو دستخط مجموعو هن وقت هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن تي نالو لکيل آهي ’ديوان گدا‘. هن بياض ۾ الف-ب جي رديف موجب غزل لکيل نه آهن، جئن ديوانن ۾ غزلن لکڻ جو دستور ٿيندو آهي؛ نڪي غزلن، قصيدن، مثنوين، قطعن ۽ رباعين کي الڳ الڳ باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ڀانئجي ٿو ته جئن جئن گدا نظم ٺاهيندو ويو آهي، تئن تئن هن بياض ۾ لکبا ويا آهن. انهن نظمن ۾ سنڌي ڪلام سان گڏ پارسي ۽ اردو غزل، قصيدا، مثنويون ۽ قطعا به گهڻا آهن“.

        چوٿون نسخو، ڪاتب محمد موسيٰ جو لکيل، جو مرزا ”احسن“ ڪربلائيءَ، خانبهادر ميمڻ کي حاصل ٿيل نسخي سان گڏ هٿ ڪيو ۽ مٿين ذڪر ڪيل نسخن کي به مطلع ڪيائين، ۽ بعد ۾ اهو نسخو ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم صاحب ”خليل“ کي تحفي طور پيش ڪيو ويو، جتان وري سندن شفقت ۽ فراخدليءَ جي بدولت هن ناچيز موجوده ”ڪليات گدا“ کي ترتيب هيٺ آندو.

        پنجين هڪ چوپڙي، جا خود گدا مرحوم جي هٿ جي لکيل آهي، جناب مرزا گل حسن صاحب ”احسن“ ڪربلائيءَ هن ناچيز کي عنايت ڪئي ۽ فرمايائين ته ”هن هن ننڍڙيءَ چوپڙيءَ ۾ گدا شاهه جا اڪثر نوان غزل لکيل آهن، جي ٻئي ڪنهن به نسخي ۾ موجود نه آهن“. واقعي حقيقت به ائين هئي. ڪيترن نون غزلن سان گڏ ڪيترا تاريخي مادا به نظر آيا- جئن ته مير علي مراد خان واليء رياست خيرپور جي تاريخ وفات تي لکيل تاريخي مادو ۽ ٻيا، جي ٻين بياضن ۾ بلڪل موجود نه آهن: اهي سڀ ”ڪليات گدا“ ۾ شامل ڪري مرزا احسن کي هزارين دعائون ڏنيون ويون ۽ سندس لکين احسان مڃيا ويا. اها چوپڙي مرزا گل حسن ڪربلائيءَ جي والد مرحوم مرزا دوست محمد ”دوست“ کي خود گدا شاهه وٽان ملي هئي. مرزا ”دوست“ گدا شاهه جو گهرو دوست هو. ڊاڪٽر خليل صاحب وٽان گدا جي ڪلام جو جيڪو قلمي نسخو هن ناچيز کي حاصل ٿيو، سو اهڙي ته زبون حالت ۾ هو، جو اُٿلائڻ سان ورق جا چار ٽڪر ٿِي ٿي ويا، ۽ ان سان گڏ سڄي ڪلام کي باقاعدي ترتيب ڏيڻ لاءِ اهي سڀيئي تڪليفون اکين آڏو موجود هيون، جن جو خانبهادر ميمڻ ذڪر ڪرڻ فرمايو آهي. اهوئي سبب هو، جو ”ڪليات گدا“ جي ترتيب وقت هيٺين ڳالهين کي خاص طرح سان نظر ۾ رکيم:

        1- ڦاٽل ورقن کي نهايت احتياط ۽ خبرداريءَ سان پاڻ ۾ ملائي، عبارت نقل ڪندو رهيس ۽ صحت لفظي جو خاص خيال ٿي رکيم. جيڪڏهن ڪاتب جي غلطيءَ سان ”کي“ يا ”۾“ جهڙو ڪو لفظ رهجي ويو هو، يا هروڀرو زائد هو، ته ان کي پنهنجي ذوق سليم موجب سڌاري ڇڏيم.

        2- سڀ کان اول مثنويءَ جا دعائيه اشعار، ڪتاب جي مهاڳ جي زينت بنايم؛ بعد ۾ سنڌي غزلن کي الف-ب وار ترتيب ڏيندو لکندو رهيس، ۽ آخر ۾ نعت و منقبت کان پوءِ متفرقات سنڌي ڪلام، يعني مثنوي، رباعي ۽ مخمس، وغيره لکيم. اردو ۽ پارسي ڪلام پڇاڙيءَ ۾ جدا جدا بابن ۾ لکي، ڪتاب جو خاتمو ڪيم ۽ ان لاءِ اهو اصول قائم رکيم ته پهريائين نعت ۽ منقبت، پوءِ غزليات، ۽ آخر ۾ قطعات ۽ رباعيات، وغيره.

        3- ڪتاب جي ترتيب ۾ جا اهم ڳالهه هئي، سا هئي حاشيه آرائي. عموماً هرهڪ ديوان جي حاشيه ۾ فقط چند لفظن جون مختصر معنائون لکيل هونديون آهن؛ مگر مون پنهنجي ذاتي ۽ ايترن سالن جي تدريسي مجربي جي بنا تي محسوس ڪيو ته معمولي تعليم يافتا ماڻهو جڏهن اهڙي قسم جو ڪوبه ڪتاب هٿ ۾ کڻندا آهن، تڏهن هرهڪ صفحي ۾ کين ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ شعر ۾ مفهوم دريافت ڪرڻ ۾ حد کان زياده تڪليف ٿيندي آهي. مثلاً، حاشيه نويس ڪنهن هڪڙي لفظ جي معنيٰ ڪنهن هڪڙي صفحي تي ڄاڻائي ڇڏي، ته وري ٻئي صفحي تي لکڻ جي تڪليف ڪڏهن به گوارا نه ڪندو. انهيءَ ڪري، ڪنڊ حافظي وارو ماڻهو هڪڙي صفحي تي معنيٰ معلوم ڪري، وري جڏهن اٺين صفحي تي پهچندو، تڏهن سندس اڳين معلومات بلڪل ٻڙي نظر ايندي ۽ دماغي ڪوفت سبب ڪتاب کڻي ڦٽو ڪندو. اهوئي سبب هو، جو ڪتاب جي هرهڪ صفحي تي ڏکين لفظن جي مفصل سمجهاڻي ڏيئي، ڪتاب کي هرطرح آسان ۽ علم فهم بنائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، جئن ”ڪليات گدا“ نه فقط شاعرن ۽ اديبن لاءِ دلچسپيءَ جو سامان پيدا ڪري، پر معمولي تعليم يافتن لاءِ به هڪ قسم جو ادبي آئينو ثابت ٿئي، ۽ سندس هرهڪ صفحو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هڪ قسم جي لغت هجي. فقط اردو ۽ پارسي ڪلام تي اهڙي قسم جي حاشيه آرائي نه ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ٻولين ۾ هڪ نه پر هزارين لغت جا ڪتاب موجود آهن.

        اميد ته قارئين ڪرام منهنجي هن محنت جو قدر ڪندي، دعا سان ياد فرمائيندا.-

حيدرآباد سنڌ، 28 جولاءِ 1955ع                                      -رشيد احمد لاشاري

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org