سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات گدا

صفحو :10

 (154)

دلربا مون سان هَم بغل آهي،
اَڄ ته اَغيار جو اَجل آهي.
خال کي زاغ سان ڏين تشبيهه،
شاعرن جو اِهو زٽل آهي.
جگرِ عاشقان بسوزِ فراق،
برهه جي باهه تي ڀُڳل آهي.
حال ڀائي اُهو سندم ٿيندو،
دردِ فرقت جو، جو ڏَڌل آهي.
حضرتِ عشق جي عنايت سان،
دل ۾ سودا جگر ۾ جَل آهي.
يا غمِ دوست، يا غمِ دُشمن،
ڪونه ڪو درد کان ڇُٽل آهي.
اُن جي اِقبال سان ڪندو ڪو ريس،
دَر تي دلبر جي جو رَتل آهي.
اهڙيون ڪجليون اکيون عجيبن جون،
بيقدر جن اڳيان ڪجل آهي.
منهنجي دلبر جي وصف ۾ بيشڪ!
منهنجو هر شعر بي بدل آهي.
يار جي خال مون کي ڪيو بي حال،
منهنجو نڪتو
' هي بر محل آهي.
تنهنجي فرقت ۾ منهنجا جاني يار!
زندگاني مَٿم خجل آهي.
آهِه ڪُلفت بجاءِ اُلفت جي،
جا بجا خَلق ۾ خلل آهي.
دورِ دُنيا تي دل نهاد نه ٿيءُ،
جي پروڙين ته هڪڙو پَلُ آهي.
خَلق ۾ خُلق جي عِوض هَر جا،
خرف آهه يا خلل آهي.
اِن حياتيءَ جو ڀَروسو ڪهڙو!
ڏِس ته جنهن جي پُٺيان اَجل آهي.
محل ماڙيون هتي ڇڏي ويندين،
تنهنجو زيرِ زمين ته محل آهي.
اُن کان جاهل هزار بار ڀَلو،
جيڪو عالم ته بي عمل آهي.
جاءِ اَمن و امان دُنيا ۾،
گوشهء فقر بي خلل آهي.
شالِ شاهي سان شال آءُ نه مَٽيان،
دوش منهنجي تي جو ڪمل آهي.
مرگ اُن کي اَچي ڪندو بيدار،
خوابِ غفلت ۾ جو ستل آهي.
خوب فرمايو ”حضرتِ سانگي“
زلفِ پيچان ۾ دِل ٻَڌل آهي.
ملخصا! ڏي ”گدا“ جو جلدي جواب،
بي بدل منهنجو هي غزل آهي.

 

 

****

 

متفرقات
عقيدي جو اظهار

 

(1)

هر دم ڪريان ٿو شڪر خدا ذوالجلال جو،
مدّاح مون کي جنهن ڪيو محمّد جي آل جو.
الحق خدا کان ناهِه رسولِ خدا جدا،
سمجهي اُهو ئي راز جو صاحب ڪمال جو.
روشن ٿيا اُن جي نور کان ذرّاتِ ڪائنات،
نرمل نجيب نور اهو  لايزال جو.
سرتاج انبيا جو خدا مصطفيٰ کي ڪيو،
سچ ٿو چوان آءٌ مون کي قسم ذوالجلال جو.
ساراهه ڪر رسول جي ٻيا وهم سڀ وسار،
آهي خيال خام مڙئي خطّ و خال جو.
توڻي هزار آهن هر جا جميل پر،
مشتاق آءُ ته آهيان نبيءَ جي جمال جو.
جي اُمتي سچا اوهين آهيو رسول جا،
دل ۾ خيال آڻيو نه مطلق ملال جو.
خورشيدِ روزِ حشر جو اُن کي نه ڪو هِراس،
ڇٽ جنهن جي سر تي هوندو نبيءَ جي ظلال جو.
مون کي رسولِ پاڪ جو ديدار ٿئي نصيب،
خواهان نه آهيان زر جو نه مال و منال جو.
اي مؤمنو جي آهيو محمّد جا اُمّتي،
لازم اَدب اوهان تي ٿيو اُن جي آل جو.
جنهن کي ته بغض آهه محمّد جي آل سان،
سو سر گروه ڄاڻ تون اهلِ ضلال جو.
آلِ نبي سان جيڪي ولها وير ٿا رکن،
گردن ۾ تن جي طوق وڌو حق و بال جو.
مخمور آهيان بادهِ خَمِ غدير کان،
شاهد خدا ٿيو منهنجي سَچي هن مقال جو.
يا رب بحقّ آلِ نبي اهڙو ٿيان غني،
ڪنهن کي سڻايان حرف نه هرگز سوال جو.
بي حبّ اهل بيت جي مشتاق سچ چيو،
”هر گز هلي نه چرخ ڪرامت ڪمال جو“.
مولا محابي مير محمّد جي ڪر عطا،
سائل ”گدا“ سدا ٿيو رزقِ حلال جو.

 

_______
شان رسول

 

(2)

خدا ڪيو خلق جو سرور محمّد،
پيارو پاڪ پيغمبر محمّد.
شفيع المذنبين
' خير الخلائق،
رسول الله دين پرور محمّد.
”ظهورش باعثِ ايجاد عالم“،
اَڙين جو آسرو آڌر محمّد.
ڪريم و ڪار سازِ جمله عالم،
اَمين و اَشرف و اَطهر محمّد.
”زنورش هر دو عالم گشت روشن“،
مہ و خورشيد کان اَنور محمّد.
”ڪلام الله نازل شد بشانش“،
رئوف و راحم و رهبر محمّد.
اَحد احمد جي وچ ۾ ميم ويڇو،
ٻيو سڀ عرض ۽ جوهر محمّد.
اول آدم کان اُن جو نور انور،
اگرچه ڪيو ظهور آخر محمد.
نبيَّ، هاشميءَ، ابطحيَّ،
نبوّت جو صحيح مظهر محمّد.
حبيبِ حق شفيعِ روزِ محشر،
خدا جي گنج جو گوهر محمّد.
پيمبر پاڪ پرور جو پيارو،
اَزل کان تا اَبد اَطهر
' محمّد.
خدا جا انبيا جي توڻي مرسل،
سڀن جي سر جو ٿيو اَفسر محمّد.
شفاعت جو ڌڻي لولاڪ لائق،
ڌئل الله جو اَظهر محمّد.
قسيم النّار و الجنّته بلاشڪ،
شہِ دينٌ مالڪِ ڪوثر محمّد.
سقيمن جون ليه سارون سنڀارون،
ڏِئي بي پرکي بال و پر محمّد.
نبيّن ۾ نظير اُن جو نه ڪوئي،
ڀَلو سڀني کان ٿيو برتر محمّد.
گناهن جي آهيان دريا ۾ غرقاب،
اُڪاري مون کي ٿئي ياور محمّد.
”گدا“ جي آهه اي اُميد دل جي،
وري ڏيکاري پنهنجو دَر محمّد.

 

(2)

خدا سڀني جو ڪيو سردار احمد،
نبيّن جو سپہ سالار احمد.
محمّد مصطفيٰ خيرالبريّه،
ڪيو اِسلام کي اِظهار احمد.
وڏو طالع اُنهن جو بخت بالا،
ڌڻي جنهن جو ڪيو مهندار احمد.
منوّر منهن سندس نور عليٰ نور،
'
سڄي جڳ جو ٿيو جنسار احمد.
قيامت جو اسان کي خوف ڪهڙو،
شفاعت جو ڪيو اِقرار احمد.
اَسان عاصين جو آهي آسرو سو،
شفيع المذنبين مختار احمد.
رسالت جي فلڪ جو نيّر اعظم،
منوّر مطلع الانوار احمد.
رسول الله پيغمبر خدا جو،
سچو سو سيّد الابرار احمد.
اِلٰهي! منهنجو ڪر هي عرض مقبول،
اَچي اوکي ۾ ٿئي آڌار احمد.
غلامن جون لهي سارون سنڀارون،
غريبن جو سدا غمخوار احمد.
خدا جي در سدا جنهن جي صدا هيءَ،
ڏسان شل دوست جو ديدار احمد!
”گدا“ سو شاهه شاهنشاهه آهي،
وڃي ڏس تون وري دربار احمد.

 

(3)

خدا ڪيو شان شايانِ محمّد،
”بلند از عرش ايوانِ محمّد“
'،
”اِمام المرسلينٌ خير الخلائق“،
زهي شوڪت زهي شانِ محمّد.
اُهوئي عارفِ الله آهي،
ڏنو حق جنهن کي عرفانِ محمّد.
سندس عزّت تي منهنجو سر تصدّق،
دل و جان منهنجي قربانِ محمّد.
سدائين ٿو گهران ۽ مون کي گھرجي،
خدا جو فضل و اِحسانِ محمّد.
حسن حامي حسين آهي حمايت،
ٻئي لختِ دل و جانِ محمّد.
اِهو مطلب اِهو مقصود منهنجو،
هجي هٿ منهنجو دامانِ محمّد.
مڃيو جنهن مصطفيٰ کي تنهن مڃيو حق،
خدا جو ڪفر ڪفرانِ محمّد.
مڃيو جن صدق سان سي مرد مؤمن،
سراسر فيض فرمانِ محمّد.
سندس روضو منوّر رشڪِ فردوس،
چوان رضوان کي دربانِ محمّد.
خدا راضي مٿس هر وقت آهي،
سدائين خوش ثنا خوانِ محمّد.
”گدا“ شاهي کان بهتر آهِه بيشڪ،
غلاميِ غلامانِ محمّد.

 

(4)

غلام آهيان غلامانِ محمّد،
دل و جانٌ منهنجي قربانِ محمّد.
اِمام المرسلين خير الخلائق،
'
زهي شوڪت زهي شانِ محمّد.
اِهو مطلب اِهو مقصود منهنجو،
”بود دستم بد امانِ محمّد.“
حسن سرور حسين آهي عجائب،
ٻئي لختِ دل و جانِ محمّد.
خدا راضي مٿس هر وقت آهي،
سدائين خوش ثنا خوانِ محمّد.
”گدا“ دارين ۾ درڪار مون کي،
خدا جو فضل، اِحسانِ محمّد.

 

_______
اِلتجا بدرگاه شفيع المذنبين

يا محمّد ڪر مدد منهنجي خدا جي واسطي!
خالقِ لوح و قلم اَرض و سما جي واسطي!
ڪيم ڪر ڪنهن شخص جو محتاج مون کي جُز خدا،
ساقي ڪوثر علي مشڪل ڪشا جي واسطي.
يا شفيع المذنبين سردار عالم جا اَجها،
پرده پوشي منهنجي ڪر خيرالنسا جي واسطي.
سيّدا، رک منهنجو سالم دين و ايمان تا قيام،
شبّر و شبّير
' شاهِ ڪربلا جي واسطي.
پيش پا کان روزِ محشر ڪيم ڪج مون کي خجل،
سر گروهِ صابرين زين العبا جي واسطي.
دور ڪر سڀ درد هِن درويش دامن گير جا،
باقر و جعفر اِمامِ ڪبريا جي واسطي.
دُشمنن جي دُشمني کان مون کي ڏي پنهنجي پناه،
موسيٰءِ ڪاظم مہِ اوجِ عطا جي واسطي.
رک رضا تي سڀ جي راضي مون کي تا يوم النّشور،
قبله اهلِ يقين موسيٰ رضا جي واسطي.
رزق روزي مون کي بي رنج و آلم رب ڪا ڏيار،
صاحبِ تقويٰ تفُّي المقتديٰ جي واسطي.
پنهنجي فضل و لطف ۽ جودو عطا جي دائما،
ڪر نظر مون تي نقّي رهنما جي واسطي.
ڪر مِٽن مائٽن سان سرهو سرورا پنهنجو ”گدا“،
عسڪري و مهديءِ صاحب لِوا جي واسطي.
رک سلامت تون بچل شاهه منهنجي مرشد پير کي،
جڳ جي مرشد غوثِ اعظم اوليا جي واسطي.

 


 

شان علي

 

(1)

بلبل چوي مدام چمن ۾ ”علي علي“،
قمري جي نت صفير
' صحن ۾ ”علي علي“.
شاهِ نجف جي وصف ۽ واکاڻ ٿو ڪريان،
تاج الڪلام آهه سخن ۾ ”علي علي“.
سُرمو ڪريان آءُ خاڪ ڪفِ پاي بو تراب،
آهي سدائين منهنجي ته تن ۾ ”علي علي“.
بادِ خزان کان اُن جو نه گل ٿئي ڪڏهن چراغ،
مرقوم هئي جي برگِ سمن ۾ ”علي علي“.
اِقبال اُن جي در جو سلامي سَدا ٿِئي،
جيڪو چوي سفر ۽ وطن ۾ ”علي علي“.
صورت محن جي اُو ته ڏسي خواب ۾ به ڪين،
يڪبار جي چوي ڪو محن ۾ ”علي علي“.
آءٌ محو آهيان ذڪر ۾ موليٰ جي مستدام،
منهنجي زبان ۾ منهنجي ذهن ۾ ”علي علي“.
جي خير ساڻ منهنجو ڪري خاتمو خدا،
موليٰ ڪري چوان آءٌ ڪفن ۾ ”علي علي“.
جنگِ اُحد ۽ بدر ۾ حملا سندس ڏسي،
جبريل چيو ٿي چرخِ ڪهن ۾ ”علي علي“.
روشن ڪيو دين حق جو ۽ اِسلام آشڪار،
خورشيد وار اهلِ زمن
' ۾ ”علي علي“.
آهي ”گدا“ کي روزِ ازل کون نصيب ٿيو،
سيني ۾ سر ۾ ساهه ۾ تن ۾ ”علي علي“.

 

(2)

لطف سان پنهنجي خدا خالقِ اڪبر مون کي،
ڪئي عطا حبِ علي حيدر صفدر مون کي.
حّبِ حيدر جي ڏسي منهنجي، ها بوذر مون کي،
ڇو نه سو پنهجو ڀَلا سمجھي ها همسر مون کي.
هن کان ٻيو ڪهڙو ڀلا هوندو ڀَلو ڪو رُتبو،
ڪيو خدا ساقيء ڪوثر جو ثناگر مون کي.
اُن جي عترت جي قدم تي آءُ ڪريان سر کي نثار،
رهنما راهِ خدا ۾ ٿيو حيدر مون کي.
گرچه درويش آهيان پر نه گھران ٿو ته مِلي،
حّب حيدر جي سوا زر ۽ جواهر مون کي.
منهنجو هر وقت مددگار علي حق جو ولي،
دُشمنن تي ڪندو منصور و مظفّر مون کي.
ڪاڻ دُنيا جي ڪڍان ڪاڻ ڀَلا آءُ ڪنهن جي،
شاهِ مردان جي محبّت ڪيو تونگر مون کي.
نه ڪريان لولويء لاله جي طرف نيم نگاه،
شاهه جي سڪ ۾ وڻي اَشڪ جو گوهر مون کي.
آب ڪوثر جو ڪندو جام عطا پنهنجي هٿان،
اسد الله علي ساقيء ڪوثر مون کي.
در حيدر جي اِها آهِه صدا منهنجي سدا،
داخلِ زمرهِ
' خدّام سڏي ڪر مون کي.
پنهنجي لطف و ڪرم جود سان خوشنود ڪري،
سرورِ عالم و آدم جو برادر مون کي.
يا علي، شيرِ خدا منهنجي اَچي ڪر تون مدد،
چرخِ بي پير ستائي ٿو ستمگر مون کي.
آرزو منهنجي اِها آهِه ته مرسل جو وَصّي
'،
روز محشر جو سڏيندو لبِ ڪوثر مون کي.
آهِه صد بار هما کان به سعادت ۾ وڌيڪ،
روضهءِ شاههِ ولايت جو ڪبوتر مون کي.
ڪو چوي حضرتِ موليٰ جو مدح خوان آهي،
ڪو چوي آلِ پيمبر جو ثناگر مون کي.
پنهنجي درگاهِه معليٰ جو ڪري خادم شال،
شيرِ حق شاهِه نجف اَخّ پيمبر مون کي.
وقت سختي جي ڇڏائيندو اَچي دُشمن کان،
صاحبِ تيغِ دوسر حق جو غضنفر مون کي.
آءُ ”گدا“ آهيان علي جو ۽ علي منهنجو شاهه،
دربدر ڪين ڪندو در طلبِ زر مون کي.

 

(3)

نوازش جي ڪر ڪا نظر يا علي!
ڪريان عرض شام و سحر يا علي!
سدا تو کان راضي خدا ۽ رسول،
تون هر ڪنهن کان آهين ڪَثر يا علي!
محمّد جو آهين بلاشڪ وصّي،
خدا جو ولي نامور يا علي!
قسم مون کي تنهنجي محبّت مدام،
محبّن کي آهي سپر يا علي!
سر اَفراز ڪرمون کي دارين ۾،
بحقِ شير و شبر يا علي!
سوا تنهنجي ٻيو ڪير ڏئي ري گُهرئي،
ثنا خوان کي سيم و زر يا علي!
سوالي سندُءِ ڪونه خالي ٿئي،
نڪو تن کي لنج ۽ لهر يا علي!
خداوند عالم جي آهي ڪيو،
سندءِ اَمر ۾ بحر و بر يا علي!
”غلامِ محمّد گدا“ جي مدد،
محابي محمّد جي ڪر يا علي!
تنهنجو آهيان مان ثنا خوان يا علي!
ڪر تون منهنجي مشڪل آسان يا علي!
توکي موليٰ المؤمنين چيو مصطفيٰ،
تنهنجا تابع جِنّ و اِنسان يا علي!

 

(4)

”اسرار حق نمود عيان مرتضيٰ علي“،
”داند همه رموزِ نهان مرتضيٰ علي“.
هر وقت منهنجو وردِ زبان ”مرتضيٰ علي“،
هر صبحدم بصدق چوان ”مرتضيٰ علي“.
حق جو ولي وصي نبي شاهِه بُو تراب
'،
مشڪل ڪشائيءَ پير و جوان مرتضيٰ علي.
يمنِ قدم کان اُن جي زمين زيب ناڪ ٿي،
رونق فزاي باغِ زمان مرتضيٰ علي.
سر سبز يڪ قلم چمنِ روزگار ٿيو،
درياي فيض کي ڪيو روان مرتضيٰ علي.
سڀ سِلسلا ٿيا شير اِلٰهي کان آشڪار،
سڀ واسطا ڪيا جڳَ ۾ عيان مرتضيٰ علي.
محتاج مون کي ڪنهن جو ڪندو ڪين سو ڪريم،
مون ناتوان کي ڏيندو توان مرتضيٰ علي.
اُميّد وار آهيان ته پياريندو مون کي جام،
ڪوثر جو آب پنهنجي هٿان مرتضيٰ علي.
مدّاح اُن جي عترتِ اطهار جو آهيان،
مون کي صله ۾ ڏيندو جنان مرتضيٰ علي.
هر بينوا جو آهه مددگار ۽ معين،
دارين جو اَجهو ۽ اَمان مرتضيٰ علي.
ڪلمو پڙهان جناب محمّد ڪريم تي،
سڪرات ويل شال ڏسان مرتضيٰ علي.
منڪر جو مدّعي ٿيو محمّد جي آل جو،
سيني ۾ اُن جي هڻندو سِنان مرتضيٰ علي.
فخر الملوڪ مير محمّد حسن علي،
جنهن کي عطا ڪيو شوڪت و شان مرتضيٰ علي.
صاحب اُهو سلامت ۽ سر سبز شل هجي!
اُن کي رکي باَمن و امان مرتضيٰ علي.
مقبول مرثيا ۽ مناقب سندس ٿيا،
ڪيو زيرِ حڪم اُن جي زمان مرتضيٰ علي.
سڻندو صدا ”گدا“ جي سو حضرت شاههِ نجف،
فيّاض فيض بخش شهان مرتضيٰ علي.

 

______
در شان علي

جي خدا جا خاص بندا سي محبّانِ علي،
بعد پيغمبر جي سڀني کان ڪثر شانِ علي،
عرش ڪرسيءَ تي خدا ڪيو آهه فرمانِ علي،
”اي دلا خوش باش دستِ مابدامانِ علي“
'

 

_______

هر دو جڳ ۾ دستگر بيڪسان موليٰ علي،
هر دو جڳ ۾ حامي اُفتادگان موليٰ علي.

مصطفيٰ ”مَن ڪنت موليٰ“ چيو عليءَ جي شان ۾،
سجداً ساراهه اُن جي ڏس پڙهي قرآن ۾،
جي ڪري دعويٰ صفت جي تاب ڇا اِنسان ۾،
اي دِلا خوش باش دست مابدامانِ علي.

آهه ”اسدالله غالب ڪلّ غالب“ کان علي.

بي وسيلن جو وسيلو آهه سو واهر علي،
فڪر ڪهڙو تن کي جن هت شير جي دامن جھلي،
اي دلا خوش باش دست مابدامانِ علي.

شافع محشر محمّد مصطفيٰ عالي جناب،
ساقيء ڪوثر ولي الله حيدر بُو تراب،

سويَد الله
' اُن جي هٿ کان آهِه هر ڪو فيض ياب،
اي دِلا خوش باش دستِ ما بدامانِ علي.
ابنِ عّمِ مصطفيٰ موليٰ علي شيرِ خداٰ.
قلزمِ جودو عطاؤ هاديء راهِ هدا.
عالمِ علمِ لدني مرشدِ شاهه و ”گدا“،
اي دِلا خوش باش دستِ ما بدامانِ علي.

 

_______
مثلث در شان علي

واصفِ ذاتِ شريفت ربّ اڪبر يا عليٰ،
مدح گو هين آپ کلآ پير و پيمبر يا علي.
آءٌ نه هڪ پر هر بشر تنهنجو ثناگر يا علي.
”اي زنورِ رو شده روشن زمين و آسمان“،
ساکنانِ عرش و کرسي آپ کلآ هين مدح خوان،
ڇا چئي چوندو ثنا تنهنجي هي ڪمتر يا علي.
”’انت مني‘ گفت درشانِ تو ختم المرسلين“،
اسطرح کا مرتبه جز آپ کلآ کِسکا نهين،
توکي ڪيو خيرالبشر سڀ ڪنهن جو سرور يا علي.
”اي بنامِ تو شده قائم به جودِ فلکِ نوح“،
آپ تهلآ جسدم نه تها اُسدم اَبهي شام و صبوح،
ڪينڪي هو تڏهن تون هئين جڳ جو رهبر، يا علي.
”گفت  پيغمبر که آصحابانِ من مثلِ نجوم“،
رهروان کلآ واسطلآ هين، شمع شيطان کلآ رخوم،
مصطفيٰ سج چنڊ تون اصحاب اختر يا علي.
”اسم پاکِ تو مسّميٰ هست با اِسم خدا،
تم خدا سلآ اور خدا تم سلآ نهين هرگز جدا،
تون خدا کان ۽ خدا توکان نه ٻاهر يا علي.
”لافتيٰ اِلاّ علي لا سيف اِلاّ ذوالفقار“،
شان مين تيري هلآ نازل از جنابِ کردگار،
ٻيو نه تو جهڙو خدا خلقيو بهادر يا علي.
”وردِ من نامِ مبارک تُست اي نور الهديٰ“،
نامِ نامي آپکا ميرا وظيفه هلآ سدا،
ورد منهنجو نام تنهنجو آهِه هر هر يا علي.
”عرض اين دارم بدرگاهِ تو اي عالي جناب“،
'
جامِ کوثر ديجئلآ بهر کر مجهلآ روزِ حساب،
مون کي ڏج تون جامِ ڪوثر روزِ محشر يا علي.
”از جفاي گردشِ گردون دونِ هستم خراب“،
گردشِ گردونِ دون نلآ هلآ کيا مجھ پر غذاب،
واسطي الله جي منهنجي مدد ڪر يا علي.
”مشکلم بکشاي بالله يا علي مشکل کشا“،
داد مانگون کس سلآ اپني جا کلآ مين تيرلآ سوا،
داد ڪر فرياد رس! اي دين داور، يا علي.
”اندرين درد و غم و اند وه و حرمان و آلم“،
کون هلآ حامي مِرا تيرلآ سوا الآ ذوالکرم،
ڪو نه ڪو تنهنجي سوا منهنجو مددگر يا علي.
”دشمنم را دفع کن يا سّرِ سبحان المدد“،
دفع کر دشمن مِرا يا شيرِ يزدان المدد،
منهنجي دُشمن کي دَسي هڻ ڪُک ۾ خنجر، ياعلي.
”يا شِه هردو سرا کن اين ”گدا“ ناشاد شاد،
حل کرو هر مشکل اُسکي اور دو دل کي مُراد،
دين ۽ دُنيا ۾ ڪر تون منهنجي واهر يا علي.

 

منهنجو الله ڪيو اِمام علي،
دمبدم آءُ چوان ٿو نامِ علي.
ڪامل و اڪمل و مڪّمل سو،
جو سچائي سان ٿيو غلامِ علي.
ڏس ”علي العظيم“ مُصحف ۾،
حق جو همنام آهِه نامِ علي.
ذرّه پرور، اَو آفتاب آهي،
مهر مون تي ڪندو مُدام علي.
جنهن جي برڪت سان ٿئي خدا حاصل،
متبرّڪ سو آهِه نام علي.
آدم و نوح ٻئي گواه سندس،
رشڪِ خلدِ برين مقامِ علي.
لامڪانٌ تي رسي پڙهي جيڪو،
آهِه ڪامل عجب ڪلامِ علي.
تن ته فردوس جا مزا ماڻيا،
جن ٻڌو ڪن ڏئي پيامِ علي.
اهِه رستم زمانٌ اُهو بيشڪ،
جيڪو مؤمن پوي ٿو سام علي.
حيدر آباد منهجي دل کي ڪندو،
آهِه اسلام جو نظام علي.
منهنجي دُشمن کي ڪيو خدا خارج،
منهنجو آهي مدد مُدام علي.
اُن جا مشڪل مڙئي ٿين آسان،
جو چوي دل سان صبح و شام ”علي“.
واه اِسلام کي مسلّم ڪيئين،
مرد مسلم ٿا ڪن سلام علي.
حشر ۾ مون کي جام پنهنجي هٿان،
آبِ ڪوثر جو ڏيندو جام علي.
پنهنجي درويش کي اَمير ڪري،
شاه ذي جاه ذوالڪرام علي.
”هَل اَتيٰ“
' شان ۾ سندس نازل،
حبّذا عزّ و اِحترام علي.
ڪفر جي بيخ ڪنهن ڪئي برباد،
اوّل و آخر انتظامِ علي.
مير عبدالحسين خان صاحب،
اُن جو حامي سدا اِمام علي.
هُئي خدا يار اُن جو عالم ۾،
اُن کي ڏئي عزّو اَحتشام علي.
آءُ ”گدا“ اُن جو منهنجو اُو سلطان،
مُون ت نِت آهِه فيضِ عام علي.

 

______
شان حسين

 

(1)

مون کي موليٰ شال ڏيکاري ديارِ ڪربلا،
آءُ ڪرايان سُرمو اکين جو نت غبارِ ڪربلا.
زائرن
' کي خوش تراز گل آهِه خارِ ڪربلا،
بهتر از اڪيسر سي سمجھن غبارِ ڪربلا.
روضهءِ شاهِ شهيدان غيرتِ قصرِ بهشت،
ڪوثر و تسنيم آهي آبشارِ ڪربلا.
سيّد الشهديٰ جي درگاهِ معلّٰي کي ڏسي،
صد دل و جان سان ڪريان سر کي نثارِ ڪربلا.
منهنجو سرور منهنجو صاحب منهنجو آقا منهنجو شاه،
منهنجو هادي منهنجو حامي شهر يار ڪربلا.
قيصر و فغفور کي هرگز نه آڻي در نظر،
آهِه جو ادنيٰ غلامِ داغدارِ ڪربلا.
روح منهنجي جي سدائين شال هُئي فرحت فزا،
هِت هُتي هر جا هواي مشڪبارِ ڪربلا.
هي اٿم هر لحظه هر دم اشتياق ۽ آرزو،
سايه گستر منهنجي سر تي ٿئي چنارِ ڪربلا.
اُن جي سر تي دمبد باران رحمت جو وسي،
خوبيءَ قسمت کان جو ٿئي هم ڪنارِ ڪربلا.
معتبر سو مرد مؤمن آهِه هفت اقليم ۾،
جنهن جي دل ۾ اعتقاد ۽ اعتبارِ ڪربلا.
سيد الشهديٰ جو غم جنهن کي نه آهي نيش زن
'،
ٿِئي نصيب ان کي هميشہ زهرِ مارِ ڪربلا.
دين ۽ دُنيا ۾ سو بي شبه هوندو سرخرو،
دل سان جو آهي مسلمان دوستدارِ ڪربلا.
شاهه جو مدفن ٿيو تڏهن چند اُن جو ٿيو شرف،
گلشنِ فردوس کان باغ و بهارِ ڪربلا.
باليقين گنجِ شهيدان جي شرافت جي سبب،
واه واه آهي بجا سڀ افتخارِ ڪربلا.
ياد ٿا ڪن حضرتِ شبيّر جو سي واقعو،
مؤمنن جي دل ڪري خون لاله زارِ ڪربلا.
عالمِ بالا کان ٿئي ان جو دوبالا عزّ و جاه،
جيڪو مؤمن ٿي وڃي ٿو خاڪسارِ ڪربلا.
رستمِ دستان کان ڄاڻي زال کان ڪمزور ٿو،
قوت ۽ جراءت ۾ طفلِ نَو سوارِ ڪربلا.
حبّذا اُن مرد مؤمن کي مليو باغ و بهار،
جنهن جو مدفن ٿئي ٿو در داراقرارِ ڪربلا.
ڪئن نه تَڏ مون کي چون مؤمن مسلمان متّقي،
منهنجي مرقد جڏ ٿئي اندر ڪنارِ ڪربلا.
مون ”گدا“ جو دست هردم اُنجي هُئي فتراڪ ۾،
منهنجو حامي آهِه بيشڪ شهسوارِ ڪربلا.

 

(2)

سيّدِ شهدا اِمام، توتي صلواة و سلام،
سرورِ هر خاص و عام، توتي صلواة و سلام.
روي تو بدرِ منير موي تو موشڪ و عبير،
نام تو حضرت شبير، توتي صلواة و سلام.
قتل ڪيوءِ ڪافرن، ترس نه ڪيو ڪو مُٺن،
لعنت حق جي مٿن، توتي صلواة و سلام.
رحمتِ حق جي جَزيل
'، توتي اي صاحبِ جميل،
خدمتيء تو جبرئيل، توتي صلواة و سلام.
جدِّ تو حضرت رسول، اُمِّ تو حضرت بتول،
ڪئي تو شهادت قبول، توتي صلواة و سلام.
تون ئي خدا جو امير، ڪونه ڪو تنهنجو نظير،
آ تنهنجو خادم و فقير، توتي صلواة و سلام.
تو لئي ملڪ رت روئن، حورون مٿو ۽ منهن پٽن،
خلق سڀئي غم و محن، توتي صلواة و سلام.
تنهنجو آ غم ڪئن لکان، طاقت مون ۾ ڪٿان،
دائم تو لئي سڪان، توتي صلواة و سلام.
ڪوٺي ڪهايو ڪٺن، خوف نه ڪيو خارجين،
رڻ ۾ رهئين بي ڪفن، توتي صلواة و سلام.
اَي منهنجا سرورِ اِمام، ماتمِ تو مصر و شام،
صثرب و بطحيٰ مدام، توتي صلواة و سلام،
حضرتِ اصغر سلام ۽ علي اڪبر سلام،
۽ علي اوسط سلام، توتي صلواة و سلام.
از غمِ تويا اِمام، گريه ڪندا خاص و عام،
سوزِ تو دردل مدا، توتي صلواة و سلام.
خون فشانم مدام، در غمِ تو يا اِمام،
ورد کنم
' صبح و شام، توتي صلواة و سلام.
دائم تو در شها، آهِه ”گدا“ جي صدا،
سُڻ تون سا بهرِ خدا، توتي صلواة و سلام.
عزتِ دارين ۾، حرمتِ ڪونين ۾،
آبرو ثلقين ۾، توتي صلواة و سلام.
سيّدا عالي مقام، شافعِ هر خاص و عام،
تنهنجو ”گدا“ آ غلام، توتي صلواة و سلام.

 

 

 

 

 

****
مدح در شان حضرت سيد عبدالقادر جيلاني

اي بَنامِ ڪبريا، يا غوثِ اعظم دستگير!
اي بحقِّ مصطفيٰ، يا غوثِ اعظم دستگير!
تون رسول الله جي گلزار جو نوري نهال،
تون وليّ حق نما، يا غوث اعظم دستگير!
تون عليّ المرضيٰ، شيرِ خدا جو جسم و جان،
تون گلِ باغِ سخا، يا غوثِ اعظم دستگير!
سيّد الشباب
' حسن المجبتيٰ جو تون پسر،
مظهرِ رازِ خدا، يا غوثِ اعظم دستگير!
پنهنجي هن مداح تي ڪر مهر تون مرشد مدام،
رهبرِ راهِ هدا، يا غوثِ اعظم دستگير!
واقفِ اَسرارِ حق، محبوبِ سبحاني توئي،
گوهرِ بحرِ سخا، يا غوثِ اعظم دستگير!
واسطي الله جي ڪر يا ولي الله جا،
درد منهنجي جي دوا، يا غوثِ اعظم دستگير!

 

 

 

 

 

****
مدح جناب حضرت مخدوم لعل شهباز قلندر
پادشاهه حسيني مروندي قدس الله سره العزيز

يا سخي شهباز مروندي خدا جي واسطي،
عرض توکي ٿو ڪريان تنهنجي لقا جي واسطي.
دين و دُنيا ۾ هجي شل منهنجي دائم آبرو،
خاتمِ پيغمبران خيرالوريٰ جي واسطي.
معرفت الله جي ڪرمير تون مون کي نصيب،
صاحبِ گنج سلوني
' مرتضيٰ جي واسطي.
پرده پوشي منهنجي ڪر ڪامل قلندر پادشاه،
بضعتر خير الوريٰ خيرالنسا جي واسطي.
خاتمو بالخير ٿئي منهنجو هجان با اهلِ بيت،
شبر و شبير شاهِ ڪربلا جي واسطي.
زين عابد جي محابي مير ڪر منهنجي مدد،
باقر و جعفر اِمام الاوليا جي واسطي.
موسيء ڪاظم علي موسيٰ رضا عاليجناب،
متقي حضرت تقي المقتديٰ جي واسطي.
نامور حضرت نقي و عسڪري ميرِ اُمم،
مهديء هادي شير هردو سرا جي واسطي.
صاف ڪر زنگِ هوس کان منهنجي دل جو آئنو،
غوث الاعظم قطبِ عالم اوليا جي واسطي.
هِن غلام محمد ”گدا“ مداح کي سيّد سچا،
ڪر عطا عرفان تون پنهنجي عطا جي واسطي.

 

 

****

 


 


ظلال: پاڇو- سايو يعني اِحسان يا ٻاجھه. مال و منال: مال – مَڏي. ضلال: گُمراهي وارا.

' شفيع المذنبين: گنهگارن جي شفاعت ڪندڙ. خير الخلائق: سڄي مخلوقات کان ڀلارو. ”ظهورش باعثِ ايجاد عالم“: سندس ظهورو جهان جي پيدا ٿيڻ جو سبب آهي. ”ز نورش هر دو عالم گشت روشن“: اُن جي نور کان ٻيئي جهان روشن ٿيا. ”ڪلام الله نازل شد بشانش“: قرآن مجيد اُن جي شان ۾ نازل ٿيو. عرض: وجود لاءِ سبب گهرندڙ شي. جوهر: پنهنجي ذات سان قائم شي. ابطحي: بطحيٰ جي وادي ۾ رهندڙ.

' اَطهر: ڏاڍو پاڪ. لولاڪ لائق: لولاڪ جو لائق- مشهور حديث ته ”وما خلقت الافلاڪ لولاڪ لما، يعني مان جيڪڏهن توکي پيدا نه ڪريان ها، ته زمين آسمان پيدا نه ڪريان ها“. قسيم النار و الجنته: دوزخ ۽ بهشت جو ورهائيندڙ. خير البريه: اُمت جو ڀلارو.

' نور عليٰ نور: نور جي مٿان نور- تمام گهڻو روشن. نيّر اعظم: وڏو تارو يعني سج. مطلع الانوار: سڀني نورن جي اُڀرڻ جو هنڌ- سيد الابرار: پاڪ ماڻهن جو سردار.

' ”بلند از عرش ايوانِ محمد“: محمد جو اڱڻ آسمان کان به مٿاهون آهي. ”اِمام المرسلينٌ خير الخلائق“: رسولن جو اِمام ۽ سڄي مخلوق کان ڀلارو. زهي: واه واه. رضوان: بهشت جو داراغو.

'                 اِمام المرسلين خير الخلائق: نبين جو اِمام ۽ سڄي مخلوق يا سڀني جهانن کان بهتر. زهي: واه واه. ”بود رستم بد امانِ محمد“: منهنجو هٿ محمد جي پلاند ۾ هجي.

اهلِ زمن: زمين وارا يعني اِنسان. صفدر: لشڪر جون صفون چيريندڙ يعني حضرت علي. بوذر: رسول الله جو صحابي ۽ حضرت علي جو جان نثار دوست. همسر: برابر- هڪ جهڙو. ساقيء ڪوثر: بهشت جي مشهور نهر ڪوثر جو ورهائيندڙ يعني حضرت علي. عترت: آل اولاد. حق جو ولي: خدا جو دوست. لولويء لاله: قيمتي موتي.

زمره: ٽولو- جماعت. جود: سخاوت. وَصي: وارث. شاهه نجف آخ پيمبر: پيغمبر جو ڀاءُ يعني حضرت علي. تيغِ دوسر: ٻن منهن واري ترار جو ڌڻي يعني ذوالفقار جو مالڪ حضرت علي. غضنفر: ٻيلائي شينهن.

”اي دلا خوش باش دستِ ما بد امانِ علي“:اي دل خوش ٿي جو اسان جو هٿ علي جي دامن ۾ آهي. ”مَن ڪنت موليٰ“: من ڪنت موليٰ فهو علي موليٰ يعني جنهن جو مان موليٰ آهيان تنهن جو علي موليٰ آهي- رسول الله جو فرمان.

قلزم: سمنڊ. عالمِ علم لدني: الله تعاليٰ جي ڳجهي علم جو ڄاڻو.

”واصف ذاتِ شريفت رب اڪبر يا علي“: يا علي تنهنجي پاڪ ذات جي تعريف ڪندڙ خود الله تعاليٰ آهي. ”اي زنورِ تو شده روشن زمين و آسمان.“: تنهنجي نور کان زمين ۽ آسمان روشن ٿيا. ”’انت مني‘ گفت درشانِ تو ختم المرسلين“: تنهنجي شان ۾ نبين جي خاتمي آڻيندڙ ”تون مون منجھان آهين“ چيو آهي. ”اي بنامِ تو شده قائم به جودِ فلکِ نوح“: تنهنجي نالي سان حضرت نوح جو ٻيڙو جودي جبل سان اچي ٽڪريو. ”گفت پيغمبر که اصحابانِ من مثلِ نجوم“: پيغمبر چيو ته منهنجا اصحاب تارن جي مثل آهن. ”اسمِ پاکِ تو مسميٰ هست با اسمِ خدا“: تنهنجو پاڪ نالو خدا جي نالي منجھان نڪتل آهي.

”لا فتيٰ اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار“: ڪوبه مڙس ڪونهي مگر علي آهي. ڪابه ترار ڪانهي مگر ذوالفقار آهي. ذوالفقار حضرت علي جي ترار جو نالو هو جا کين حضور صلي الله عليه وسلم وٽان عنايت ٿي هئي. ”وردِ من نام مبارک تُست امي نور الهديٰ“ اي هدايت جا نور تنهنجو مبارڪ نالو منهنجو ورد آهي.

عرض اين دارن بدرگاه تو اي عالي جناب“: اي جناب! تنهنجي درگاهه ۾ مان هي عرض ڪريان ٿو. ”اي جفاي گردش گردونِ دون هتم خراب“: مون کي بڇڙي آسمان جي گردش جي ظلم خراب ڪيو آهي. ”مشکلم بکشاي بالله يا علي مشکل کشا“: يا علي مشڪل ڪشا! الله جي واسطي منهنجو مشڪل آسان ڪر. ”اندرين درد و غم و اندوه و حرمان و الم“: درد، غم، رنج، رڏ ۽ مصيبت ۾. دشمنم را دفع کن، يا سِر سبحان المدد“: اي سُبحان جو ڳجهه ڄاڻندڙ، مدد ڪر ۽ منهنجا دشمن دفع ڪر. ”يا شهِ هر دو سراکن ”گدا“ ناشاد“: اي ٻنهي جهانن جا بادشاهه! هن ناتاگدا کي شادڪر“. ”علي العظيم“: اهو اعليٰ ۽ بلند آهي. آيته الڪرسي جي پوئين آيت.

            زائرن: زيادتي- ڪربلاء معليّ جي زيارت ڪري ايندڙ مؤمن مسلمان کي زائر يا زوار چئبو آهي. ڪوثر و تسنيم: بهشت جي ٻن نهرن جو نالو. قيصر: روم جي اڳوڻن بادشاهن جو لقب. فخفور: چين جي اگوئي بادشاهه جو لقب. سايه گستر: پاڇو پکيريندڙ- ڇانو ڪندڙ. ڇنان ٻٻر جو وڻ.

'                 نيش زن: ڏنگ هڻندڙ- دل ۾ چڀندڙ. زهرِ مار: نانگ جو زهر. رستمِ دستان: ايران جو مشهور پهلوان. زال: رستم پهلوان جي پيءُ جو نالو، جو پڻ هڪ زبردست پهلوان هو. جّذا: واهه واهه- ڏاڍو چڱو- بلاش. دارافرارِ: آرام جي جاءِ- جنّت- بهشت. فتراڪ: شڪاربند- زين سان ٻڌل ٿيلهو.

'                 جَزيل: محڪم- مضَبوط. خارجين: حضرت علي جي لشڪر مان باغي ٿيل مسلمان يثرب: مديني شريف جو اڳوڻو نالو. بطحيٰ: عربستان ۾ هڪ واديءَ جو نالو. علي اوسطه: امام حسين جي وچين پٽ امام زين العابدين جو نالو، جنهن کي شام جو قيدي بنايو ويو.

'                 ورد کنم: ورد ڪريان ٿو. حرمتِ ڪونين: ٻنهي جهانن جي بزرگي.

'                 سيّدالشبّاب: نوجوانن جو سردار. حسن المجتبيٰ: امام حسن عليہ السلام. توئي: تون آهين.

'                 گنج سلوني: سيلون جي سون جو خانو. بضعتِه: اُمت جي ڀلاري جي پياري دولت. زين عابد: اِمام زين العابدين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org