سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :9

 

حضور عالمِ انساني

آدميت احترام آدمي

رک خبر ڇا آ مقام آدمي

- جاويد نامہ

 

حضور عالمِ انساني

تمهيد

1

اُٿي ساقي پراڻو مي وري آڻ

بهار آڻي جواني ڏي سرءُ کي

نواڏي، جنهنجي دم جي فيض کان جئن

ڏيئي جان نڙ جو ڪانو روشني ڏي

 

*              *

 

اُٿي حجري جي خلوت کي ڇڏي ڏي

پرهه جي هير سيني ساڻ لائج

مقام رنگ و بو جي هن صدا کي

پکيءَ جي نالہء غم سان وڌائج

 

2

زمانو شر وڌائي ۽ ٿو گذري

خسيسن کي نپائي ۽ ٿو گذري

سوين بغداد اُو چنگيز بڻجي

تباهي سان ملائي ۽ ٿو گذري

 

*              *

 

سڀاڻي جو گهڻن ئي غم ڪيو آ

مري ويا پر سڀان کي نا ڏسن ٿا

اُهي خوش مرد جي دامن ۾ اُنجي

هزارين تازه هنگاما ڏسن ٿا.

 

3

نه بلبل جان اٿيئي آه زاري

نه بت ۾ جان آ بيدار توکي

هتي گلشن ۾ گل چيني حلال آ

مگر نا زخم نوڪ خار توکي

 

*              *

 

اُٿي سک پاڻ سان خود پاڻ جوڙڻ

نهن سان پنهنجو سينو سک اُڊيڙڻ

گهرين ٿو جي ڏسين ظاهر خدا کي

خودي کي پنهنجي اندر سک سهيڙڻ[1]

 

 

گلا ڇڏ سختي ايام واري

ڏٺي جنهن ڪين سختي ڪٿ سوار آ

نه ٿو ڄاڻين ته پاڻي نهرين جو

پٿر تان جي ٿو گذري خوشگوار آ

 

*              *

 

ڪبوتر پنهنجي ٻچي کي چيو ٿي

جياري ڪين عادت عيش واري

اگر ”يا هو“ پڙهين جي شوق مان تون

کسين شاهين جي سر کان تاجداري

 

ويو توکان مقام ڪبريائي

خسيسن وٺ ڪرين ٿو چهره سائي

تون شاهين آنهن پنهنجي دام ۾ اچ

ته حاصل ٿي وري توکي وڏائي

 

*              *

 

خوشا او ڏينهن سڃاڻي پاڻ کي تون

اِهوئي فقر بخشي ٿو اميري

حيات جاودان اندر يقين آ

گمان آ موت شڪ آهي زهيري[2]

 

حجاب اندر رهين ٿو تون به مون جان

ٿئي اُو ڏينهن مليئي بي حجابي

مونکي ڪافر ڪري انديشہء رزق

توکي ڪافر ڪري علم ڪتابي

 

*              *

 

چيو اُٺ پنهنجي گوري کي، چڱو اُو

جو ڄاڻي ٿو نظام ڪار پنهنجو

پراڻي ريت صحراين جي آهي

کڻن ٿا پٺ تي پنهنجي بار پنهنجو

 

 

مونکي ياد آ چيا مرد فرنگي

گهڻيئي راز حاضر ۽ عدم جا

مگر توکي ٻڌايان لفظ ٿورا

اٿم جي ياد هڪ پير عجم جا

 

*              *

 

اڙي نامحرمن جا ماريا ڇو؟

وٺين هڪ دل جي خاطر ايترو غم

چڱو ملن جي تاويلن کان آهي

ويهين ڪنهن مرد خود آگاهه سان دم[3]

 

5

ڏسين ٿو جو وجود آ يا نمود آ

حڪيم اُنجي ڪري ٿو حل مشڪل

لکي ٽوٻن جي فن تي اُو رسالو

مگر دريا جي دل کان آهه غافل

 

*              *

 

هڻي تيشو ڀڃي ڇڏ بيستون کي

جو فرصت گهٽ ۽ گردون دون رنگ آ

حڪيمن کي ڇڏي ڏي فڪر هن ۾

ته پٿر يا ڪ تيشي جي چڻنگ آ[4]

 

نه ڇڏ مٺ کان چراغ آرزو کي

وٺج هٿ ۾ مقام هاءِ هو کي

جهان جي چئن طرفن ۾ نه ٿي گم

هلي اچ پاڻ ڏي ڀڄ چار سو کي

 

*              *

 

کسين درياهه جي دل کان سڪون کي

سندس اندر در يڪدانہ تنهنجو

نظر ۾ پنهنجي بي تابي رکج موج

جو دريا آ متاع خانہ تنهنجو [5]

 

دو عالم کي ڇڪي ۽ آڻ خود ڏي

پري خود کان وڃڻ توکي نه گهرجي

سڀان  جي نور ۾ اڄ پاڻ کي ڏس

سڀان کان اڄ کسڻ توکي نه گهرجي

 

*              *

 

ڪري لالہ اسان تي خودي کي ظاهر

رخ زيبا کان پردي کي کنيائين

جڏهن پيدا ٿيو لالہ چيائون

ته شاخ اندر هيو ڇا؟ ڇا ڪيائين

 

6

نه روئي مرد رنج و غم کان ڪڏهن

زماني کان سندس دل تي نه آگرد

قياس اُنجو نه ڪر پنهنجي رئڻ سان

جو آهي سوز و مستي گريہء مرد

 

*              *

 

نه ڄاڻج هئن ته مرد امتحان مو

مري نا گرچہ زير آسمان مو

اهوئي موت شايان توکي آ، نه ته

مرين جنهن موت سان تنهنجو نشان مو[6]

 

اگر مٽي نه تنهنجي محرم جان

ڪڪر کان بي نه توکي ڪا ملي نم

ڇڏي غم کي ۽ پنهنجو دم سنڀالج

جو اندر سينہء پردم نه آ غم

 

*              *

 

اسان جو دم پريشان جي ڏکن کان

ته نامحرم شريڪ آهي اُنهن جو

سڀان جو رک مگر بنياد پختو

اگر چاهين ٿو رتبو هن دمن جو

 

جوان مرد آ، رکي جنهن پاڻ سان دل

وڃي بي خوف ٿي بحر ۽ ندي تي

نظر کي جلوهء مستي حلال آ

نگهه ۾ پر سدا رک دل ۽ هٿ کي

 

*              *

 

آنهي غم کان سندم دل درد مند آ

بنا هن خاڪ جي زار و نزند آ

نه تون مان اُن مٺي غم کي ٿا ڄاڻون

جو اُنجو اصل افنڪار بلند آ[7]

 

نه چؤ مونکي اسان جي هئن خدا ڪيو

سندس دامن تان ڌوئي ٿو سگهان گرد

تهه و بالا جهان ڪر هي جو اُن ۾

جوئا ۾ مرد کي جيتي ٿو نامرد

 

*              *

 

ڪڍي ڇڏ ڪيني کي سيني مان پنهنجي

چڱو آهي ته نڪري گهر مان دونهون

نه ڏي دل جي زمين جي ڍل ڪنهن کي

نه ٿي غارتگرده، دهه جو سونهون

 

سحر دامان شب ۾ آهه اُن وٽ

سندس تارو دو عالم کي چمڪ ڏي

نشاني مرد مومن جي ٻڌايان

مرڻ جي وقت کل اُنجي چپن تي

 

*              *

 

7

 

رني ٿي هير سان شبنم سحر دم

نظر اُميد جي ٿي تو ۾ ڌاريان

سندم دل صحبت گل کان پريشان

هلي اچ گاهه تي من پاڻ هاريان

 

8

دل

ڪناري کان پري دل بحر وانگر

ڊڄي واڳو سندس هيبت کان هردم

سندس سيلاب سؤ ميدان تي ڊوڙي

فلڪ اُنجي نه ڦوٽي سان هڻي دم

 

*              *

 

اسانجي دل آ آتش، جسم دونهون

تپش اُنجي کان هي ساز وجود آ

لهي آرام ذڪر نيم شب کان

سندس سيماب جان هر چوب عود آ[8]


 

زمانو ڪار اُنجي کي سنڀالي

جو مرد خود نگهدار آهه درويش

اِهوئي فقر سلطاني جو دل کي

رکي دريا جئن موتي پاڻ وٽ پيش

 

*              *

 

خودي جي زور کي نا آزمائين

نه پنهنجا پير هٿ جهل کان ڇڏائين

ٿئي ها عقل انسان ليءِ رڪاوٽ

نه ٿي جي پاڻ وٽ دل کي رکيائين

 

جهان مهر و مہ زنار اُنجو

کلي هر ڳنڍ ٿي زاري کان اُنجي

نياپو ڏج مون کان هندستان کي

غلام آزاد بيداري کان اُنجي

 

*              *

 

خدا جي پوک تون مان ۽ هو حاصل

عروس زندگي جو آهه محمل

غبار راه ٿيو داِناءُ اسرار

نه ڄاڻج عقل آ، هيءَ آهه پر دل[9]

 

ڪڏهن ڳولهي ٿو حسن و دلفريبي

خطيب آ، اُنجو منبر خود صليب آ

ڪڏهن سلطان سپاه ۽ فوج وارو

مگر دولت کان پنهنجي بي نصيب آ

 

*              *

 

جهان دل جهان رنگ و بو ناهه

منجهس پست و بلند ڪا خ و ڪو ناهه

زمين و آسمان و چار سو ناهه

وٽس دنيا ۾ ري الله هو ناهه

 

نظر ديد ۽ خرد پيمانہ آندو

ته ماپي جئن جهان چار سو کي

شرابي، جنهن جو نالو دل چون ٿا

ڇڪيو اندر ۾ آ، هن رنگ بو کي

 

*              *

 

محبت ڇاهه، تاثير نظر آ

مٺو شيرين ڦٽ تير نظر آ

ڦٽي ترڪش کي ڪر دل جا شڪاري

جو هي نخچير، نخچير نظر آ


[1] اُڊيڙڻ – کولڻ.

[2] چهره سائي – جهڪڻ

زهيري – بربادي.

[3] تاويل – پنهنجي خواهش سان مطلب ٻڌائڻ.

[4] بيستون – ايران ۾ هڪ جبل، جنهن کي ايران جي راڻي شيرين جي محبت ۾ فرهاد ٽڪڻ ٿي گهريو.

[5] متاع خانه – ملڪيت.

دريڪدانه – قيمتي موتي.

[6] گرد – غبار.

گريه – روڄ.

[7] نڙند – خوار.

[8] چوب – ڪاٺي.

عود – عربي ساز جو نالو

[9] زنار- جڻيو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org