سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :2

 

اُن زمين تان گذرڻ وارن کي هدايت ٿو ڪري ته آهستي گذرو، ڇو ته هن صحرا جو ذرو ذرو، عشق ۽ محبت جي ڪيفيت کان سرشار آهي. اُٺ ۽ صحرا جي زمين ڇا، مگر، هر منزل اتانجي، سوز ۽ ساز سان معمور آهي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته صحرا کي تقسيم ڪري، هر محبت واري دل ۾ ورهايو ويو آهي. مسافر فراق ۽ مستي جون ڳالهيون، جامي ۽ عراقي جي نغمن ۾ ڳائيندي پنهنجي سفر کي جاري رکي ٿو. ڊگهي راهه کي، اهڙي ريت پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو:

غم راهي نشاط آميز تر ڪر

فغان اُنجي جنون انگيز تر ڪر

ڊگهي آ واٽ، اُن کي وٺ اي اوٺي

سندم سوز جدائي تيز تر ڪر

آخر راهي منزل تي پهچي ٿو. دوست جي در تي پهچڻ سان ڪيڏو نه ڪيف ۽ سرور ٿو حاصل ڪري. فرمائي ٿو:

انهيءَ وادي ۾ وقت آ جاوداني

سندس مٽي مان پيدا ٿي معاني

حڪيمن سان  ڪليمن جو آ ميڙو

هتي ڪير آ، هڻي جو لن تراني

هن شرف ۽ سعادت، حاصل ڪرڻ کانپوءِ، سندس زبان تي ”عزت بخاري“ جو شعر اچي ٿو، جو باب جي شروع ۾ ڏنو ويو آهي. حرم نبوي ۾ پهچندي، محبت واري، پنهنجي سموري، جذبي ۽ احساس کي گڏ ڪري، اُمت جي ڳالهين کي هڪ هڪ ڪري بيان ڪرڻ شروع ڪيو آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ڪوئي عاشق، پنهنجي محبوب جي اڳيان دل جي ڪيفيت بيان ڪري رهيو آهي. هڪ حصي ۾ هو مسلمانن جي تنزل ۽ ادبار جو نقشو ٿو ڪڍي، فرمائي ٿو:

ٻڌايان ڇا فقير آ، هي ڏکايل

مسلمان پاڪ گوهر آ ستايل

خدا يا ڪرمدد هن سخت جان جي

ڪري جو آ، مٿان کان هيٺ آيل

مسلمانن جي پستي جو نقش ڪڍندي، حضور کي هيءُ به عرض ڪري ٿو ته هن قوم وٽ پنهنجي ناصحن لاءِ ڪا عزت نه رهي آهي، پنهنجي طرف کان شڪوه هيئن پيش ڪري ٿو:

ٻڌايم راز جو تن کي نه ڄاڻن

ثمر منهنجي کجي مان ڪين کائن

گهران انصاف توکان مير اُمت

مونکي پنهنجا غزل خوان ٿا ٻڌائين

قوم جي هن غلط فيصلي کان تنگ ٿي، شاعر پنهنجي اصلي مقام کي مجبور ٿي ظاهر ڪري ٿو:

نه هي شعر آهه، جنهن سان دل لڳايم

مگر معنى جي ڳنڍين کي ڇڏايم

انهيءَ اُميد تي، آ عشق اڪسير

سڃن جي مان پتل کي زر بڻايم

هي شاعرانہ تعلي نه آهي، پر حقيقت آهي. علامہ جي سڄي حياتي جو عرصو، قوم جي محبت ۾ ڦتڪندي گذريو، مگر کيس افسوس هو ته ڪو به سندس محرم راز، رفيق ۽ غمگسار نه هو، دنيا جي اندر جي تحريڪون اُڀرنديون ٿي رهيون، اُنهن کي هو انتظار جي نگاه سان ڏسندو ٿي رهيو ته هو سادي مسلمان کي پنهنجي پيچ ۽ خم ۾ ڦاسائي برباد نه ڪري ڇڏين. اُنهن لاتعداد تحريڪن تي غور ڪرڻ سان ئي خبر پوندي ته هو ڪيتري قدر نه اسلامي تعليم جي خلاف آهن.

ماديت، هن ۾ دهريت، الحاد ۽ بيديني اچي ٿا وڃن.

هيومينيزم، سڪولرازم وغيره وغيره

اشتراڪيت، هن ۾ سوشلزم ۽ سائينٽيفڪ ميٽريلزم جهڙا عقيدا اچي ٿا وڃن.

وطنيت، جا خدا جي بجا، وطن کي زندگي جو مقصد ٿو سمجهي.

مٿيون تحريڪون ڏسڻ ۾ بيحد جاذب آهن. سندن نظام ظاهر ۾ ايڏو ته چمڪندڙ آهي، جو هر ڏسندڙ کي ڪشش ڪري ٿو وٺي، مگر جيئن جيئن اُنهن جي گهراين ۾ وڃبو ته معلوم ٿيندو ته هر اها شئي جا چمڪندڙ آهي، سا سون ٿي نه ٿي سگهي. تصنع ۾ به ته ڪا ڪاريگري ۽ هنر آهي، جو اکين کي پنهنجي طرف راغب ٿو ڪري ڇڏي. وقت گذرڻ سان جڏهن اهو ملمع جدا ٿي وڃي ٿو، تڏهن پڇتائڻ کانسواءِ ٻيو پاند ۾ اچي نه ٿو سگهي، اِهوئي سبب هو، جو علامہ قدم قدم تي پنهنجي قوم کي اهڙن خطرن کان واقف پئي ڪيو آهي:

ٿيس مان پنهنجي ئي محفل ۾ تنها

چئو ڪنهن کي هي مشڪل مان ٻڌايان

ڊڄان ٿو هي متان تي راز ظاهر

پيو دل کان به پنهنجو غم لڪايان

اُن هوندي به هو پنهنجي قوم کان نااُميد نه آهي، فرمائي ٿو:

اڃا هن خاڪ ۾ مخفي شرر آ

اڃا هن سيني ۾ آه سحر آ

هن موقعي تي سندس نگاه سلطان عبدالعزيز ڏانهن اُٿي وڃي ٿي ۽ هو کيس خطاب ڪري ٿو:

فقير آهيان ۽ تون شاه حجاري

امير ملڪ معني مان وليڪن

جهان، جنهن کان ويو ٻج لااِلہ جو

اچي ڏس منهنجي اندر آه ساڪن

لااِلہ جي اندرئي، سڀ، خدا، اُنجو رسول ۽ اُن جو ڪتاب سمايل آهي. انهن ٽنهي حقيقتن کي ڄاڻڻ کانپوءِ مسلمان، زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد ٿي، آفاقي بڻجي وڃي ٿو.

درويش خدا مست نه شرق هي نه غربي

اهڙي ريت پنهنجي عرض ۽ دعائن کي پوري ڪرڻ کانپوءِ حبيب جي حريم کان ٻاهر اچي، پوري مستعدي سان، ملت کي خطاب ڪري ٿو.

هن باب جو عنوان، جو علامہ انتخاب ڪيو آهي، اُهو ڪنهن به وضاحت جو محتاج نه آهي، فرمائي ٿو:

نه ڏس مون ۾ ڪلام عارفانه

جو منهنجي آ طبيعت عاشقانه

اٿم لالہ جان ڳوڙها باغ اندر

ڇنڊيان ٿو ماڪ وانگر دانه دانه

هن تمهيد ۾ علامہ صاف ٻڌائي ٿو ته منهنجي طبيعت عاشقانه آهي، اُنڪري مون ۾ ڪنهن به عارفانه (فلسفيانه) ڪلام جي اُميد نه رک. منهنجو طريقو جيئن ته عاشقانه آهي، ان ڪري مان عشق ۽ محبت جو پيغام ئي ڏئي سگهان ٿو، جنهن پيغام جو مقصد آهي، روحانيت ۽ اسلام سان عشق. مگر افسوس جو هن، لالہ جو گل بڻجي، جي ڳوڙها ڇنڊيا اُنهن کي ڪنهن به پنهنجي لاءِ انتخاب نه ڪيو. مگر هن نااُميدي ۾ به کيس يقين آهي ته قوم مان ڪو مرد مومن ضرور پيدا ٿيندو، جو اُن کي سربلندو ڏيندي. فرمائي ٿو:

پريشان و غبار راه آهيان

هوا جي دوش تي منهنجو قرار آ

وڏي خوش قسمت تي ۽ ڀاڳ سمجهان

ٿيو پيدا جو مون کان شهسوار آ

ملت کي جدا جدا عنوانن سان خطاب ڪيو ويو آهي. اُهي عنوان اهڙا آهن، جن جي تشريح ۾، جامع تصنيفون تيار ٿي سگهن، اُهي عنوان هيٺين ريت آهن:

خلافت ۽ بادشاهي

ملت جون نياڻيون

عصر حاضر

تعليم

رزق جي تلاش

ملت جي خطاب کانپوءِ، ”حضور عالم انساني“ جو عنوان اچي ٿو، جنهن جو بنيادي تصور آهي ته – انساني ڪمال جي حد اِها آهي ته منجهس آدميت هجي. هيءُ انسانيت جي برتري آهي، جو کيس فضيلت بخشي اشرف المخلوقات بڻايو ويو. کيس خليفة الله بڻائي، سندس بزرگي ثابت ڪئي وئي. هن سڄي باب ۾، عالم انساني کي محبت ۽ اُخوت جو پيغام آهي، جيئن ته اسلام ئي رنگ و بو جي امتياز کي مٽائي، مساوات جي برڪت کي آندو، اُنڪري علامہ، هن حقيقت جو اظهار ڪيو آهي ته ساري دنيا کي اسلام جي پيغام کان واقف ڪيو وڃي. اُن پيغام جي اهميت کي هيئن ٿو ظاهر ڪري:

ويو توکان مقام ڪبريائي

خسيسن وٽ ڪرين ٿو چهره سائي

تون شاهين آنهه پنهنجي دام ۾ اچ

ته حاصل ٿي وري توکي وڏائي

علامہ هن باب ۾، ”ابليس خاڪي ۽ ابليس ناري“ جي عنوان سان ڪجهه لکيو آهي، سو بيحد عبرت ڏيندڙ آهي، منهنجي نظر ۾، ايڏي ڪڙي نڪته چيني، علامہ جهڙي مفڪر جو ئي فڪر ٿي سگهي ٿو. ڇا عصر حاضر جا شيطان، اسان کي هر شهر ۽ هر سوسائٽي ۾ نٿا ملن، جيڪر اسان انهن کي سمجهون  ۽ انهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪريون.

خسيسن کان گهڻو هي ڄاڻ دور آ

مگر نڪتو ٻڌائڻ هي ضرور آ

پري رهندو، نئين ابليس کان جو

گنهگار آهه، پر طبع غيور آ

هن نڪتي کي پست فطرت انسان ڪٿي ٿو سمجهي سگهي. پر علامہ اسان کي ٻڌائي ٿو ته جنهن انسان ۾ شرافت هوندي، اُهو گنهگار ڇو نه هجي پر ڪنهن به ابليس خاڪي جي صحبت ۾ نه ڦاسندو.

آخري باب ”ياران طريق“ کي خطاب آهي. هن باب ۾ علامہ پنهنجي دوستن ۽ هم خيالن کي خطاب ڪيو آهي، جنهن ۾ هن کين پنهنجي حقيقي منصب ۽ مقام کان آگاه فرمايو آهي ۽ نصيحت ڪئي آهي ته سندس پيغام کي عام ڪيو وڃي. فرمائي ٿو:

سوين داناءَ محفل ۾ چئي ويا

سخن نازڪ سندن برگ سمن کان

مگر اُو ديده ور ڪهڙو ڀلا آ

ڏسي ڪنڊو ڪري واقف چمن کان

هو قوم جو بي توجهي ۽ سرد مهري کان تنگ ٿي، پنهنجي دوستن کي هيئن چئي ٿو اُڀاري:

هلي اچ ڪار اُمت جي بڻايون

حياتي جي ڪڏون مردانه چوسر

ائين هن شهر جي مسجد ۾ روئون

جو دل ملا جي ڳاريون سينه اندر

هن باب جي آخر ۾، هو ”حقيقت محمدي“ تي عالمانه بحث ڪري، هر مسلمان کي فنا في الرسول جي تلقين ڪري ٿو. مومن جي عرفان جي به ته انتها اهائي آهي ته هو فنا في الرسول ٿي، هن حقيقت کي پروڙي ته جيڪڏهن ”حقيقت محمديہ“ جو واسطو نه هجي ها ته هيءَ ڪائنات ئي ظهور ۾ نه اچي ها، جنهن لاءِ خود حضور صلي الله عليہ وسلم فرمايو آهي ته ”اول ما خلق الله نوري“ – ”سڀ کان اڳ ۾ جا شي الله تعالى پيدا ڪئي، اُهو منهنجو نور هو.“ اُنڪري ئي روحانيت جي باڪمال صاحبن، حقيقت محمديه کي خالق ۽ مخلوق جي درميان واسطو ورتو آهي.

مسلمان ليءِ اِهو عرفان و ادراڪ

ڏسي جو پنهنجي اندر رمز لولاڪ

قياس اندر، ڪٿي ماپي خدا ٿو

سڃاڻج، جو چوي ٿو ما عرفناڪ

حقيقت محمدي جي بيان ڪرڻ کانپوءِ، مسلمان جي رتبي ۽ درجي جو ذڪر ٿو اچي. علامہ فرمائي ٿو ته:

سندس قراءت صلا آ دو جهان جي

مسلمان، لايموت آ رڪعت اندر

ڪٿي هن دور جو ڄاڻي ٿو ماريو

قيامت جا سندس قد قامت اندر

ياران طريق، جي خطاب کانپوءِ، فارسي ڪلام پورو ٿي وڃي ٿو. ”ارمغان حجاز“ جي فارسي حصي جو هر لفظ ۽ هر سٽ، بيحد حسين ۽ دل نشين آهي، خيال ايڏو ته عميق ۽ دلڪشا آهي، جو ائين معلوم ٿو ٿئي ته اسان جي مفڪر، پنهنجي فڪر جي بي بها موتين کي، مومن جي قلب جي گهرائين مان آڻي گڏ ڪيو آهي، جنهن جي نور حيات ۽ قوت حيات بخش کي زماني جي گردش ڪڏهن به مات نه ڪري سگهندي. سندس خوديءَ جي حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ، اسان کي بيخودي جي ضرورت آهي، جنهن سان اسان يقين ۽ ايمان کي سمجهي سگهون ۽ مسلمان بڻجڻ جي سعادت حاصل ڪريون. اُهو مسلمان بڻجي وڃون، جنهن جي تشريح علامہ موصوف هيئن ٿو فرمائي:

مسلمان امتحان جنهن پنهنجو ورتو

ٿئي گردون غبار راه اُنجو

شرار شوق جي ڌارين نگهدار

انهيءَ مان ئي ته سج بڻجي سگهي ٿو

2

”ارمغان حجاز“ جي اُردو حصي ۾، اُهي نظمون ڏنيون ويون آهن، جي علامہ وقتاً بوقتاً پئي لکيون آهن. اُردو حصي جي شروع ۾ هڪ تمثيلي نظم آهي، جا پنهنجي نوعيت ۽ اُسلوب بيان جي سبب، اُردو شاعري ۾ غير فاني مقام رکي ٿي، جيڪڏهن ائين قبول ڪجي ته نظم کي نثر کان زياده مقبوليت حاصل آهي ته اُن جو بهترين مثال ”شيطان جي صلاح ڪار مجلس،“ واري عنوان جي هيءَ نظم آهي. تمثيلي نظم کان مراد آهي ته شاعر پنهنجي خيالن کي استعارن ۽ اشارن سان بيان ڪندو آهي. هن نظم کان مراد آهي ته دنيا جي اندر، ابليسي نظام، هميشہ انساني نظام سان ٽڪر کائيندو رهندو آهي. اُن مقابلي ۾ جيڪڏهن کيس فتح حاصل ٿيندي آهي ته ابليس خاڪي پنهنجي صورت وٺندو آهي. اُنجي نشونما سان، دنيا فتني ۽ فساد جو گهر بڻجي ويندو آهي، جنهن ۾، لاديني، اخلاق جي تباهي ۽ خدا ڄاڻي ڪهڙيون ڪهڙيون بديون ظهور ۾ اچي وينديون آهن. پر جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو افضل نظام حيات قائم هوندو آهي ته اهو ابليسي نظام جي لاءِ وڏي روڪ ثابت ٿيندو آهي. علامہ موجوده دنيا جي غير اخلاقي ۽ لاديني حقيقتن کي ڏسي، هن نتيجي تي پهتو آهي ته، درپرده ابليسي نظام پنهنجي ڪاررواين تي بيحد خوش آهي، مگر مسلمان کي پنهنجي راه ۾ هڪ وڏي روڪ ٿو سمجهي، علامہ جي هيءَ نظم پنهنجي بي مثال تخيل جي باعث، دنيا جي بهترين نظمن ۾ شمار ٿي سگهي ٿي. هن سلسلي ۾، اسان ملٽن (1) جي مشهور تصنيف ”وڃايل بهشت“ (Paradise Lost) کي آڻي سگهون ٿا. ملٽن پنهنجي هن تصنيف ۾، شيطان جو ڪردار پيش ڪيو آهي، جنهن جو اهم جزو آهي ته شيطان انسانيت جو وڏي ۾ وڏو دشمن آهي. هو انساني آزادي ۽ خوشحالي کي ڪڏهن به ڦرندو ۽ ڦلندو ڏسڻ نٿو سهي. هيءَ دائمي بدي جي بغاوت، نه فقط ملائڪن سان هئي پر نئين پيدا ٿيل انسان سان به هئي، جنهن کي نيڪي جي دولت کان آگاه ڪري، پنهنجي فعل جو مختيار بڻايو ويو هو. يونان جي غير فاني فلسفي ارسطو جي هن نظريه کي وڏي اهميت حاصل آهي ته ”بدي سدائين، نيڪي جي دشمن ٿي رهندي، پوءِ هوءَ ڪهڙو به رنگ اختيار ڪري.“ رسڪن، جو وڏو انگريزي نقاد ٿي گذريو آهي، ”وڃايل بهشت“، تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته ”شيطان پنهنجي بدي تي ڪيڏو نه مضبوطيءَ سان قائم آهي، هوڏانهن انسان، نيڪي کي افضل ڄاڻندي به اُن تي قائم.[1]

’او عميق دوزخ‘

نئين اچڻ واري جي مرحبا ڪر.

هو پاڻ سان گڏ، پنهنجي دل به آڻي رهيو آهي، جا مڪان ۽ زمان کان به بدلجي نه سگهي آهي.

دل کي پنهنجو مقام آهي ۽ اُها بهشت کي دوزخ بڻائي سگهي ٿي ۽ دوزخ کي بهشت.

علامہ به اسان کي ساڳي حقيقت هن تمثيلي نظم ۾ ٻڌائي ٿو، جنهن کي گهڻو اڳ ’بانگ دار‘ ۾ لکيو هئائين:

عمل سي زندگي بنتي هي، جنت بهي جهنم بهي

يہ خاکي اپني فطرت مين نہ ناري هي نہ نوري هي

جهڙي ريت ملٽن، شيطان کي عالم ۽ ڄاڻو ڏيکاري ٿو ۽ سندس گفتگو کي خطيبانه انداز ۾ پيش ڪري ٿو. اهڙي ريت علامہ به کيس هڪ عالم ۽ خطيب ڪري پيش ڪري ٿو. مان هن نظم جي خصوصيتن کي هڪ هڪ ڪري ٻڌائڻ کان قاصر آهيان، مگر هن چوڻ کان رهي نه ٿو سگهان ته ملٽن جي عظيم ڪتاب جو ڊرامائي انداز آهي، جنهن ۾ ان کي فقط افسانوي حيثيت حاصل آهي، مگر علامہ جي نظم حقيقت تي رکيل آهي ۽ اُن ۾، اصلاحي انداز آهي، هو قوم کي خير ۽ شر جي قوتن کان آگاه ڪري ٿو. شيطان جي زبان کان هڪ مسلمان جي عظمت جو اعتراف هيئن ٿو ڪرائي:

هي پريشان روزگار آشفته سر، آشفته خو

خوف مونکي آهه اُن اُمت کان ٻي کان ناهه ڪي

جنهن جي رک اندر اڃا آهي شرار آرزو

ٿو اچي هن قوم ۾ ڪو ڪو اڃا تائين نظر

صبح جي لڙڪن سان ظالم جو ڪري پنهنجو وضو

ڄاڻ بي ڪجهه، جنهن تي روشن باطن ايام آ

مزدڪيت شر سڀاڻي جو نه، اُ اسلام آ

ڪاش اسان، علامہ جي هن، تمثيلي نظم مان استفاده ڪري، وڃايل عظمت کي هٿ ڪري سگهون. ان شر جي بيخ ڪني ڪريون، جو پنهنجي دوستي جي پردي ۾ دشمني ڪندو رهي ٿو. مولانا روميءَ مثنوي ۾ هڪ روايت ڏني آهي، جنهن کي مان ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان:

”هڪ ڀيري، منجهند جي وقت حضرت معاويہ کي ننڊ اچي وئي، سندس ظهر جي نماز قضا ٿيڻ تي آئي، شيطان کيس ننڊ مان بيدار ڪيو. شيطان جي هن نيڪيءَ جي عمل تي هو حيران ٿي ويو. کانئس پڇيائين ته ’اُميد جي خلاف، تنهنجو هي عمل مونکي حيران ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، آخر هن نيڪي ڪرڻ جو ڪهڙو سبب هو؟‘

شيطان جواب ڏنو ته ’صاحب، مونکي خبر هئي ته جيڪڏهن تنهنجي نماز قضا ٿي ويندي ته تون ايترو ته خضوع ۽ خشوع سان روئندين، جو توکي اُن جي عيوض ۾، ڪيترين نمازين جو ثواب ملي ويندو. مان هن معاوضي کي سهي نه سگهندس. توکي ننڊ مان اٿارڻ سان هيءَ ته تسلي ٿي وئي ته توکي فقط هڪ ئي نماز جو ثواب ملندو“

هن کان وڌيڪ سندس دشمني جي ٻي ڪهڙي وضاحت ٿي سگهي.

هن اردو نظمن ۾، ”ملازاده ضيغم لولابي ڪشميري جو بياض“، وڏي اهميت ٿو رکي. هن مجموعي ۾ 19 نظمون آهن، جي بيحد دلڪش ۽ دل گداز آهن. ملا زاده ضيغم هڪ فرضي نالو آهي، جنهن کي علامہ اختيار ڪيو آهي، بلڪل اهڙي ريت، جيئن ”ضرب ڪليم“ ۾، ”محراب گل افغان“ جي نالي سان، پنهنجي افڪار کي قلمبند ڪيو اٿس. لولاب ۽ سرينگر ۽ باره مولا جي وچ ۾ هڪ وادي آهي، جتي علامہ سيد انور شاه جهڙو بزرگ پيدا ٿيو، جنهن کي حديث ۽ فقه ۾ امام ڪري سڏيو ويو آهي. هنن نظمن لکڻ کان علامہ جو مقصد هو، ڪشميرين کي حريت جو پيغام ڏيڻ، سندس عمر جي آخري دور ۾ ڪشميرين جي اندر، آزادي جو ذوق پيدا ٿي چڪو هو. علامه وٽ سندن ذوق جو قدر هو ۽ ان شريف قوم سان پنهنجي محبت جو ثبوت پيش ڪيو اٿس. علامہ هنن نظمن جي اندر، ملوڪيت جي خلاف جهاد جو جهنڊو پيش ڪيو آهي. غلامي کي هو بدترين چيز شمار ڪري ٿو. طبعي موت کان وٽس ڳرو موت اِهو آهي، جو محڪوم جو روح بدن جي اندر مري وڃي. ملوڪيت، ظاهر ۾ ته نهايت جاذب آهي، هو سرمايه دارن، جاگيردارن، ملن، پيرن ۽ فنڪارن جي، سرپرست آهي. مگر هنن سڀني طبقن جو روح سلطاني چنبي ۾ ڦاسي بيڪار بڻجي وڃي ٿو:

موت آ هڪ سخت تر، جنهن جو غلامي آهه نانءُ

خواجگي جي مڪروفن کي، ڪاش سمجهي ها غلام؟

غلام جي اصليت کانپوءِ آزادي جي تحريڪ جي تعريف، علامہ هيئن ٿو فرمائي:

گرم جنهن دم ٿو ٿئي، محڪوم قومن جو لهو

ٿو ڏڪي، اُن کان جهان چارسو ۽ رنگ بو

فرانس جو انقلاب ۽ روس جو انقلاب دنيا کان وسري نٿو سگهي. تيونس جي آزادي جو جدوجهد، ڇا اسان جي اکين کان اوجهل ٿي سگهي ٿو؟ مرد حر، استبداد جي سامهون پنهنجو سينو کولي ڏئي ٿو. هو ڪڏهن به سلطاني تير ۽ تفنگ کان مرعوب ٿي نٿو سگهي. روح جي هن بي مثال جذبي کي علامہ هن نظمن ۾ هر هنڌ جاڳايو آهي:

سندءِ دين و ادب اندر ڏسان ٿو پوءِ رهباني

اِهوئي مرڻ وارن اُمتن جو عالم پيري

شياطين ملوڪيت جي اکين ۾ اُهو جادو

جوخود نخچير جي دل ۾ ٿي پيدا ذوق نخچيري

ملوڪيت جي زمانه ساز حامين کان اسان جو مفڪر بيحد بيزار نظر ٿو اچي. حقيقت ۾ زندگي جو هيءُ طريقو ڪڏهن به اسلامي ٿي نٿو سگهي پر منافقانه آهي، جنهن کان متاٿر ٿي ”بال جبريل“ ۾ فرمايو اٿس:

حديث بيخبران هي تو با زمانہ بساز

زمانہ با تو نسازد ”با زمانہ بستيز“

ڪيڏو نه بنيادي فرق آهي. خدا جي قانون تي عمل ڪرڻ سان جيڪڏهن جان وڃي ٿي ته وڃي. ڇو ته مسلمان خدا پرست آهي، حياتي جو مقصد قانون الاهي جي متابعت آهي، نه حڪومت يا فتحيابي. اِها حقيقت اسان کي تڏهن معلوم ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسان جي اندر خودي پيدا ٿي سگهي ٿي:

شڪوه عيد جو انڪار، مونکي ڪين آهي، پر

قبول حق فقط دنيا ۾، مرد حر جون تڪبيرون

”پدرم سلطان بود“ جي بجا اسان علامہ جي هنن ٻن سٽن کي سمجهي سگهون،

عزم بلند سان گڏ، سوز جگر کي آڻج

شمشير پيءُ جي چاهين، بازو پدر کي آڻج

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته، علامہ ازلي پروگرام کي يقين ۽ ايمان جي مضبوط بنيادن تي قائم ڪيو آهي. هن فطري ذوق ۽ مستقل جذب کي هو عشق ٿو سڏي ۽ اُن عشق سان ئي، حياتي جي مقصدن کي تعين ڪري ٿو.

”عشق سي نور حيات، عشق سي نار حيات“

خدا ڪري ته اسان هن عظيم مفڪر جي ڪلام کي سمجهون ۽ يقين ۽ ايمان کي پيدا ڪري، صراط المستقيم جي طرف گامزن ٿيون. اُها حرارت ايماني ۽ خلوص جو سلف صالحين جو ڏاج هو، اسان کي به نصيب ٿئي؛

شايد ته – ”پاڻ کي تون پاڻ مان پيدا ڪرين“


 

3

سنه 1959ع ۾ جڏهن ”جاويد نامه“ جي سنڌي ترجمي کان فارغ ٿيو هوس، تڏهن ’اقبال ايڪڊمي ڪراچي، جي طرف کان مون کي ”ارمغان حجاز“ جي ترجمي جي دعوت ڏني وئي. ڪم بيحد همت شڪن هو. رباعي جو رباعي جي صورت ۾ ترجمو، ائين مشڪل چيز آهي، مگر فارسي جي همه گير مطالب کي سنڌي ۾ آڻڻ، سو به ساڳي بحر ۾ بيحد ڏکيو هو. منهنجي نظر کان ”ارمغان حجاز“ جو ترجمو اُردو زبان ۾ گذريو، مگر اُنجو بحر ئي تبديل ٿيل هو. بحر رمل مثمن سالم ڪم آندل هو. باوجود انساني ڪوشش جي، مون کي پنهنجي تهيد ستي جو اعتراف آهي. مگر مونکي هيءَ خوشي آهي ته اُها آرزو جا منهنجي اندر ڦتڪندي رهي، سا پوري ٿي چڪي آهي. علامہ جي شعر ۽ فڪر سان، جا محبت اٿم، اُها ئي هنن مشڪل مرحلن ۾ رهنمائي ڪندي رهي آهي. خدا ڪري ته هي، منهنجو پورهيو، جو خلوص نيت تي رکيو ويو آهي، منهنجي وطن وارن وٽ قبول پوي.

مان پنهنجي دوست لعل محمد ”لعل“ جو ٿورائتو آهيان، جنهن مسوده جي ڀيٽڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي آهي.

 

 

   يوم ميلاد النبي            - لطف الله بدوي

24- آگسٽ 1961ع


1- [1]  ملٽن انگريزي زبان جو وڏو شاعر، سترهين صدي عيسوي جي پيداوار هو. هو مذهب ۽ آزادي جو علمبردار هو. شاهي جي خلاف، هو ڪرامويل جو ساٿي بڻيو. پڇاڙي جي وقت ۾ اهو انڌو ٿي پيو. نابينائي واير زماني ۾ هن هيءَ مشهور تصنيف لکي. رهي نه سگهيو آهي.“ اُن کانپوءِ ملٽن جون هي سٽون آڻي ٿو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org