سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :12

 

نظمون

پوڙهي ٻروچ جي پٽ کي نصيحت

ٿي تنهنجي بيابان جي هوا توکي گوارا

هن دشت کان بهتر نه آ دهلي نه بخارا

جنهن طرف به چاهين صفت سيل روان هل

وادي هي اسان جي آ ۽ صحرا جا نظارا

غيرت ئي وڏي ڳالهه آ دنيا ۽ عمل ۾

پهرائي ٿي درويش کي تاج سر دارا

حاصل ڪنهين ڪامل کان هي پوشيده هنرڪر

ٻڌجي ٿو ته شيشي کي بڻائن اُهي خارا

افراد جي قبضي ۾ اٿي قوم جي تقدير

افراد ٿيا ملت جي مقدر جا ستارا

محروم ٿيا دولت دريا کان سي غواض

ڄاڻن نه ڪناري جي هوا، آه! ويچارا

دين پاڻ هٿن سان ڏئي آجي ٿي جي ملت

آ اهڙي تجارت ۾ مسلمان دو پارا

آ دنيا کي وري معرڪہ روح و بدن پيش

تهذيب ڪري ٿي وري وحشت کي ونگارا[1]

الله کي مومن جي ارادي تي يقين آ

ابليس کي يورپ جي مشينن جا سهارا

تقدير اُمم ڇاهه، ڪوئي ڪونه ٿو سمجهي

مومن جي فراست جا ڪافي هي اِشارا

اخلاص عمل آڻ نياگان ڪهن جو

شاهان چہ عجب گر بنوازند گدارا

 

تصوير ۽ مصور

تصوير

چيو تصوير  هئن تصوير گر کي

نمايش منهنجي آ، تنهنجي هنر سان

مگر هي ڪيتري نا منصفي آ

جو تون لڪيل رهين منهنجي نظر کان

 

مصور

ڏکيو آ چشم روشن ديده ور تي

جهان بيني کان جو گذري شرر تي

نظر آ درد، سوز ۽ غم، تب و تاب

تون اي نادان قناعت ڪر خبر تي

 

 

تصوير

خبر، عقل و خرد جي ناتواني

نظر، دل جي حيات جاوداني

ڪٿي هن دور جي هيءَ ڊوڙ ۽ ڊڪ

ٿئي لائق حديث لن تراني

 

مصور

تون منهنجي ئي ڪمالات هنر کان

نه لاهج آس پنهنجي نقش گر کان

سندم ديدار جو هي شرط آهي

نه هرگز تون لڪج پنهنجي نظر کان.


 

 

عالمِ برزخ

(مرده پنهنجي قبرستان)

چؤ ته ڪهڙي اڄ جي فردا کي قيامت ٿي چوين؟

ڇا قيامت آهه، اي منهجي شبستان جي زمين؟

 

قبر

مردهء صد سالہ توکي ڪينڪي معلوم آ

آهه هر هڪ موت جي اندر قيامت باليقين

 

مرده

موت جنهنجي اندورن آهي قيامت جي طلب

موت اهڙي جي نه چنبي ۾ گرفتار آهيان

گرچہ سؤ سالن جي مرده آهيان، پر ياد رک

هن اُنداهي خاڪ جي گهر کان نه بيزار آهيان

روح هڪ ڀيرو بدن تي جي ٿئي موٽي سوار

مان ڪٿي اهڙي قيامت جو خريدار آهيان[2]


 

 

 

غيب جي صدا

نانگ وچون نا نصيبن ۾ نڪي مڪرو فريب

آ فقط محڪوم قومن لاءِ ئي مرگ ابد

بانگ اسرافيل بي، اُن کي نه جيئرو ٿي ڪري

زندگي ۾ روح کان خالي رهيو جنهن جو جسد

آمري جيئرو ٿيڻ آزاد مردن جو ئي ڪم

گرچه هر ذي روح جي منزل آ آغوش لحد

 

قبر

پنهنجي مردي سان

آه! ظالم تون جهان ۾ بندهء محڪوم هئين

مان نه ٿي سمجهيو ته تنهنجي خاڪ ڇو آ سوز ناڪ

تنهنجي ميت کان سندم اونداهيون وڌجي ويون

تنهنجي ميت کان زمين جي آهه عزت چاڪ چاڪ

الامان محڪوم جي ميت کان آهي الامان

اي سرافيل! اي خدائي ڪائنات! اي جان پاڪ[3]


 

 

 

 

غيب جي صدا

گرچه ابتر آ قيامت کان نظام هست و بود

آ اِنهي ئي خوف کان بي پرده اسرار وجود

زلزلي کان ڪوه ودر اُڏرن ٿا ڪڪرن جي سمان

زلزلي کان وادين ۾ تازه چشمن جي نمود

هر نئين تعمير لاءِ لازم آ تخريب ڪهن

آ انهي ۾ مشڪلات زندگاني جي ڪشود

 

زمين

آه هي مرگ دوام ۽ آه هي رزم حيات!

ختم بي ٿيندي سندءِ هي ڪشمڪش اي ڪائنات

عقل کي حاصل نه ٿي پنهنجي بتن کان ڪا نجات

عارف و عامي سڀيئي بندهء لات و منات

ڪيترو رسوا ٿيو آ، آدم يزدان صفات

آڳرو قلب و نظر تي اِهڙي دنيا جو ثبات

صبح کان بي بهره ڇو آ حضرت انسان جي رات؟

 

معزول شاهنشاه

آ مبارڪ اُن شهنشاه نڪو انجام کي

جنهن جي قرباني سان اسرار ملوڪيت جو فاش

شاهه آ برطانوي مندر ۾ هڪ مٽي جو بت

جنهن کي پوڄاري جڏهن چاهين ٿا ڪن پاش پاش

هي غلامن واسطي آفيم آهي عنبرين

ساحر انگلش اسان ليءِ ڪر نئون مالڪ تلاش

 

دوزخي جي مناجات

هن دير پراڻي جا غرض مند پڄاري

رنجيده بتن کان، ته آڻين خدا ياد

پوڄا به آ بي سود ۽ بي سود نمازون

قسمت ۾ غريبن جي مگر نالہ و فرياد

هي گرچہ بلندي ۾ عمارات فلڪ بوس

هر شهر حقيقت ۾ آ ويرانہء آباد

تيشي جي عجب گردش تقدير بڻي آ

سيراب آ پرويز، جگر تشنہ فرهاد

هي علم، هي حڪمت، هي سياست هي تجارت

جو ڪجهه آ اُهو، فڪر ملوڪانہ جي ايجاد

الله سندءِ شڪر جو هي خطہء پر سوز

سوداگر يورپ جي غلامي کان آ آزاد

 

مسعود مرحوم

هي مهرومہ، ستارا، هي آسمان ڪبود

نه آ خبر ته هي عالم عدم آ ياڪ وجود

خيال جاده و منزل فسانه و افسون

جو زندگي آ سراپا رحيل بي مقصود

رهيو نه آهه زماني جي تاڙ کان باقي

هو يادگار ڪمالات، احمد و محمود

زوال علم و هنر، مرگ ناگهان اُنجو

هو ڪاروان جو متاع گران بها مسعود

مون کي رئاري ٿي اهل جهان جي بيدردي

فغان مرغ سحر خوان کي ٿا چون جي سرود

نه چؤ ته صبر ۾ لڪيل آ چاره غم دوست

نه چؤ ته صبر ۾ معمائي موت جي آڪشود

دلي ڪه عاشق و صابر بود مگر سنگ است

ز عشق تابہ صبوري هزار فرسنگ است [4]

 

2

نه مون کان پڇج ته عمر گريز پا ڇا آ؟

نه آ خبر هي نيرنگ و سيميا ڇا آ

ٿيو جو خاڪ کان پيدا، آ خاڪ ۾ مستور

مگر هي غيبت صغرا آ يا فنا ڇا آ؟

غبار راه کي بخشيو ويو آ ذوق جمال

جو خود ڏسي نه آ سگهيو ته مدعا ڇا آ؟

دل و نظربي اِنهيءَ آب و گل جا سڀ اعجاز

نه جي، ته حضرت انسان جي انتها ڇا آ؟

جهان جي روح روان لااِلہ اِلا هو

مسيح و ميخ و چليپا هي ماجرا ڇا آ؟

قصاص خون تمنا جو آهه هي ڪنهن تي

گناهگار آ ڪير چؤ ته خون بها ڇا آ؟

غمين مشو کہ بہ بند جهان گرفتاريم

طلسمها شکند آن دلي کہ ما داريم[5]


 

 

3

خودي آ زنده ته آ موت هڪ مقام حيات

جو عشق موت جوئي آهه امتحان ثبات

خودي آ زنده ته دريا بيڪرانه سندءِ

سندءِ فراق ۾ مضطر آ موج نيل فرات

خودي آ مرده ته هي آهي گاه پيش نسيم

خودي آ زنده ته سلطان جملہ موجودات

نگاه آهه تجلي کان هي اگر محروم

ته هزار تجلي تلافي مافات

مقام بندهء مومن جو آسمان وسيع

زمين کان تا به ثريا تمام لات و منات

حريم ذات آ آنجو نشيمن ابدي

نه تيره خاڪ لحد آ نه جلوه گاه صفات

خود آ گهان کہ ازين خاڪ دان برون جستند

طلسم سهر و سپهر و ستاره بشکتند[6]

 

غيب جو آواز

آئي هي دم صبح صدا عرش برين کان

ڪئن تو کان ويو آهه سندءِ جوهر ادراڪ؟

ڪئن تنهنجو ٿيو ڪند ڀلا نشتر تحقيق

ڇو تو کان ٿئي ڪين ٿو تارن جو جگر چاڪ؟

تون ظاهر و باطن جي خلافت جو سزا وار

ڇا شعله ٿيو آهه غلام خس و خاشاڪ؟

مهرومہ و انجم نه آ محڪوم سندءِ ڇو؟

ڇو تنهنجي نگاهن کان لرزن نه ٿا افلاڪ؟

هن وقت به روان آهه لهو تنهنجي رڳن ۾

ناگر مئ افڪار، نه انديشهء بيباڪ

روشن ته اِها آهه، جهان بين نه آهي

جنهن اک جي نه پردن ۾ رهي آهه نظر پاڪ

باقي نه رهي تنهنجي آ آئينہ ضميري

اي ڪشتہ سلطاني و ميري و پيري[7]

 

 

سر اڪبر حيدري صدر اعظم حيدرآباد دکن جي نالي

يوم اقبال جي موقعي تي حضور نظام جي طرف کان تو شاخاني مان جو صدر اعظم جي ماتحت آهي، هڪ هزار رپيا جي چيڪ بطور تواضع وصول هئڻ تي.

حڪم هو الله جو پرويز جي شوڪت ڏيو

اُن قلندر کي، اٿس جنهن ۾ ملوڪانہ صفات

هئين چيائين مونکي وٺ ۽ ڪر شهنشاهي وڃي

حسن تدبير آهه توکي ڏيج فاني کي ثبات

مان ته هن بار امانت کي کنيو ٿي سر مٿي

ڪار درويشي ۾ بڻجي تلخ بي شهد و نبات

فقر جي غيرت مگر اُن کي قبوليو ڪينڪي

جيئن چيائين: آهه هي منهنجي خدائي جي زڪات


 

 

 

حسين احمد

عجم ڄاڻي رموز دين کي ٿو ڪينڪي ورنه

حسين احمد ڏئي ٿو ديوبند اُن تي عجب آهي

سرود آهي مٿي منبر، چوي ملت وطن سان آ

نه ڄاڻي ڇا، مقام و منزل مير عرب آهي

رساڻج مصطفى سان پاڻ کي جو دين اِهو آهي

نه پهتو جو اُتي بيشڪ اُهوئي بولهب آهي

 

حضرت اِنسان

جهان ۾ دانش و بينش جي ڪيڏي آهه ارزاني

ڇپي ڪاٿي سگهي ڪاشي جو هي عالم آ نوراني

ڏسي جي ڪو ته آ باريڪ فطرت جو حجاب ايڏو

فرشتن جو نمايان، اُن کان مرڪڻ آهه پنهاني

جهان هي دعوت ديدار آهي، ابن آدم ليءِ

جو هر مستور کي بخشيو ويو آ ذوق عرياني

اِهوئي فرزند آدم آ، جنهن جي اشڪ خونين کان

بڻايو حضرت يزدان آ دريائن کي طوفاني

فلڪ کي ڇا خبر هي خاڪدان ڪنهن جو نشيمن آ

غرض تاري کان ڪنهنجي آ شبستان جي نگهباني

اگر مقصود ڪل مان هان ته مون کان ماورا ڇا آ؟

سندم هر شور نئين نئين جي ٻڌائج انتها ڇا آ؟.


[1] ونگارا – ونگار ڪرڻ، مدد لاءِ سڏ ڪرڻ.

نياگان – وڏا.

[2] شبستان جي زمين – قبر.

[3] جسد  - بدن.

سرافيل – اسرافيل عليہ السلام.

[4]  اُها دل جا عاشق هوندي صابر هجي، پٿر جي ئي ٿي سگهي ٿي. عشق کان صبر تائين هزار ڪوهن جو مفاصلو آهي.

[5] گريزپا – تيز ڊوڙندڙ.

مستور- لڪيل.

چليپا – صليب.

(1)    غم گين نه ٿي ته اسان جهان جي قيد ۾ گرفتار آهيون.

اها دل جا طلسمن کي ٽوڙي ٿي، اُهائي اسان وٽ آهي.

نيرنگ – جادو

سيميا – لڪيل خزانا

[6] ثبات – باقي رهڻ.

بيڪرانه – جنهن کي ڪنارو نه هجي

تلافي مافات – جو ڪجهه ڪيو ويو آهي، اُنجو عيوض.

تيره – اونداهو.

(1) جن پاڻ کي سڃاتو، اُهي هن زمين کان ٻاهر ٽپي ويا.

سج، آسمان ۽ ستاري جي طلسم کي ڀڃي ڇڏيائون.

[7] خس و خاشاڪ – ڪک ۽ پن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org