سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :10

 

شيطان جي صلاح ڪار مجلس

 

1936ع

ابليس

هي عناصر جو پراڻو کيل! هي دنيايءِ دون

ساڪنان عرش اعظم جي تمنائن جو خون

انجي بربادي تي اڄ تيار آ، هو ڪارساز

جنهن مٿس نالو رکيو آهي جهان ڪاف نون

مون ئي ڏيکاريو فرنگي کي ملوڪيت جو خواب

مون ئي ٽوڙيو مسجد و دير و ڪليسا جو فسون

مون ئي نادارن کي سيکاريو سبق تقدير جو

مون ئي منعم کي ڏنو سرمايہ داري جو جنون

ڪنهن کي طاقت جو ڪري اُن آگ سوزان کي ٿڌو

جنهن جي هنگامن ۾ آ، ابليس جو سوز درون

جنهن جون ٽاريون ٿيون اسانجي آبياري کان بلند

ڪنهن کي طاقت جو پراڻو وڻ ڪري زيروزبون[1]


 

 

 

پهريون مشير

شڪ نه آ، هن ۾ ته محڪم آهه ابليسي نظام

آ پڪو هن کان ٿيو خوئ غلامي ۾ عوام

آ ازل کان هن غريبن جي مقدر ۾ سجود

هن جي فطرت جي تقاضا آ نماز بي قيام

آرزو اول ته پيدا ٿي نه ٿي هرگز سگهي

جيڪڏهن پيدا به ٿي ويندي مري يا رهندي خام

هي اسان جي ڪوششن جي آ ڪرامت اڄ ڏسو

صوفي ۽ ملا ملوڪيت جي حلقي ۾ غلام

طبع مشرق واسطي آفيم هي موزون ٿيو

ورنه قوالي کان ڪجهه گهٽ نه آ علم ڪلام

آ طواف و حج جو هنگامو هي باقي ته ڇا؟

آ مڏي رهجي وئي، مومن جي تيغ بي نيام

ڪنهن جي نو ميدي تي حجت آهه فرمان جديد

دور هن ۾ ٿيو جهاد آهي مسلمان تي حرام[2]


 

 

 

ٻيو مشير

خير آ سلطانيء جمهور جو لڙ يا آهه شر؟

تون جهان جي تازه فتنن کان نه آهين باخبر!

 

پهريون مشير

هان! مگر منهنجي جهان بيني ٻڌائي ٿي مونکي

جي ملوڪيت جو پردو آهه اُن کان ڇا خطر

مان ئي خود شاهي کي پهرايو آ جمهوري لباس

ڇو ته آدم آ ٿيو ڪجهه، خودشناس و خود نگر

ڪاروبار، شهرياري جي حقيقت آه ٻي

هي وجود مير و سلطان تي نه آهي منحصر

مجلس ملت آ يا پرويز جي دربار آ

آ اهو شيطان ٻنهي تي غير جي جنهنجي نظر

تو ڏٺو آ ڪين ڇا مغرب جو جمهوري نظام

چهرو روشن آهه، دل چنگيز کان تاريڪ تر

 

ٽيون مشير

روح سلطاني رهيو باقي ته ڇا جو اضطراب

آ مگر ڇا هن يهودي جي شرارت جو جواب؟

هو ڪليم بي تجلي، هو مسيح بي صليب

ناهه پيغمبر، مگر اُنجي بغل ۾ آ ڪتاب

ڇا ٻڌايان ڇاهه ڪافر جي نگاه پرده سوز

مشرق و مغرب جي قومن واسطي روز حساب

هن کان زياده ڇا طبيعت جو ٻيو  آهي فساد

پنهنجي آقائن جي خيمن جي ڇني ٻانهن طناب

 

چوٿون مشير

ٽوڙ اُنجو رومة الڪبرا جي ايوانن ۾ ڏس

آل سيزر کي ڏيکاريو، مون وري سيزر جو خواب

ڪير بحر روم جي موجن سان ٽڪريو ٿو رهي

گاه اُڀري جئن صنوبر، گاه روئي جيئن رباب

 

ٽيون مشير

مان ته اُنجي عاقبت بيني جو ڪجهه قائل نه هان

جنهن ڪئي افرنگ جي آهي سياست بي نقاب[3]


 

 

پنجون مشير

 

(ابليس کي خطاب ڪري)

اي سندءِ سوز نفس کان ڪار عالم استوار

تو جڏهن چاهيو ڪيو هر پردي کي آ آشڪار

آب و گل تنهنجي حرارت کان جهان سوزو ساز

ابلئه جنت سندءِ تعليم کان داناءِ ڪار

فطرت آدم جو محرم تو بنا هو بي نه آهه

ساده دل ٻانهن ۾ جو مشهور آ پروردگار

ڪم هيو جن جو فقط تقديس، تسبيح و طواف

تنهنجي غيرت کان سدائين آ خوار و شرمسار

گرچہ هي افرنگ جا ساحر سڀي تنهنجا مريد

اڄ نه پر تنجي فراست تي اٿم ڪو اعتبار

هي يهودي فتنہ نگر آ روح مزدڪ جو ڪمال

هر قبا اُنجي جنون کان ڄاڻ ٿي پئي تار تار

ڪانءُ صحرا جو بڻيو آ همسر شاهين باز

ڪيترو جلدي بدلجي ٿو مزاج روزگار[4]

 

ڇائنجي ويو هو بگڙجي وسعت افلاڪ تي

جنهن کي ناداني کان سمجهو ٿي اسان مشت غبار

ڪالهه جي فتني جي هيبت جو نمونو اڄ نهار

ٿا ڏڪن ڪئن ڪوهسار و مرغزار و جوئبار

منهنجا آقا هو جهان پهتو تباهي تي اچي

جنهن جهان جو آ فقط تنهنجي وڏائي تي مدار

 

ابليس

(پنهنجي مشيرن سان)

آ سندم دست تصرف ۾ جهان رنگ و بو

ڇا زمين، ڇا مهرومہ، ڇا آسمان توبتو

پنهنجي اکين سان ڏسندين تون تماشہ شوق و غرب

گرم ٿيو مون کان جڏهن اقوام مغرب جو لهو

رهنمايان سياست، ڇا ڪليسا ڇا رئيس

سڀ کي مفتون ٿو بڻائي منهنجو هڪ آواز هو

جنهن کي تو سمجهيو آ نادان شيشہ بازي جو مثال

ڏس ڀڃي هيڪر ته هن تهذيب جو جام وسبو [5]

 

دست فطرت آ ڪيو جنهنجي گريبانن کي چاڪ

مزدڪي منطق جي سوزن ڪٿ ڪري اُن کي رفو

مونکي ڊيڄاري سگهي ڪٿ اشتراڪي ڪوچہ گرد

هي پريشان روزگار آ شفته سر،  آشفته خو

خوف مون کي آهه اُن امت کان ٻي کان ناهه ڪي

جنهن جي رک اندر اڃا آهي، شرار آرزو

ٿو اچي هن قوم ۾ ڪو ڪو اڃا تائين نظر

صبح جي لڙڪن سان ظالم جو ڪري پنهنجو وضو

ڄاڻ بي ڪجهه، جنهن تي روشن باطن ايام آ

مزدڪيت شر سڀاڻي جو نه اُو، اسلام آ

 

2

هي به ڄاڻان، هيءَ امت حامل قرآن نه آ

آ اها سرمايہ داري بندهء مومن جو دين

هي به ڄاڻان ٿو ته مشرق جي اونداهي رات ۾

بي يد بيضا حرم جي رهندڙن جو آستين

عصر حاضر جي تقاضائن کان آهي خوف هي

ٿي نه پئي ظاهر پيغمبر جي وري شرع مبين[6]

الحذر آئين پيغمبر کان سؤ بار الحذر

حافظ ناموس زن، مرد آزما، مرد آفرين

موت جو پيغام آ، نوع غلامي واسطي

آ جدا اُن وٽ نه خاقان يا فقير رهه نشين

پنهنجي دولت سڀ براين کان ڪري ٿو پاڪ صاف

مال دولت جو بڻائي منعمن کي ٿو آمين

هن کان وڌيڪ ڪهڙو ڀلا فڪر و عمل جو انقلاب

بادشاهن جي نه آ، الله جي آهي زمين

چشم عالم کان رهي، آئين هي مخفي چڱو

هي غنيمت آهه جو مومن آ محروم يقين

آهه هي بهتر الاهيات ۾ اٽڪيو رهي

هي ڪتاب الله جي تاويلات ۾ اٽڪيو رهي

 

3

آهه ٽوڙيو جنهن جي تڪبيرن طلسم شش جهات

ٿي نه روشن اُن خدا انديش جي تاريڪ رات[7]


 

ابن مريم آ مئو يا زندهء جاويد آهه؟

آ صفات ذات حق، حق کان جدا يا عين ذات؟

ڇا اچڻ واري جو مقصود آ مسيح ناصري؟

يا مجدد جو رکي فرزند مريم جون صفات؟

هي ڪلام الله جا الفاظ حادث يا قديم

اُمت مرحوم جي ڪهڙي عقيدي ۾ نجات؟

ڇا مسلمان لاءِ آهن ڪين بس هن دور ۾

هي الاهيات جا عمدا ٺهيل لات و منات؟

مان رکيو بيگانہ تن کي عالم ڪردار کان

جيئن بساط زندگي تي ٿي سندن مهرن جي مات

خير آهي جي قيامت تائين ٿي مومن غلام

هو ٻين جي ليءِ ڇڏي ڏي هي جهان بي ثبات

آ اهو شعر و تصوف اُنجي حق ۾ خوب تر

جو لڪائي اُنجي اکين کان تماشائي حيات

ٿو ڊڄان هر لحظ هن اُمت جي بيداري کان مان

آ حقيقت جنهن جي دين جي احتساب ڪائنات

مست رکجو ذڪر و فڪر صبح گاهي ۾ اِهو

هان پڪو ٿي، جيئن مزاج خانقاهي ۾ اهو[8]


[1] ساڪنان – رهندڙ (ساڪن جو جمع)

ڪاف و نون – (ڪن) ٿي پؤ.

[2] علم ڪلام – تقرير ۽ مباحثي جو علم.

بي نيام – مياڻ کانسواءِ

نوميدي – نااُميدي.

[3] طناب – رسي نوڙي

صنوبر- هڪ وڻ جو قسم، جو سڌو ئي سڌو اڀري ٿو. اڪثر سرد ملڪن جي پيدائش آهي.

[4] استوار- مضبوط.

تقديس- پاڪائي. همسر – مقابل.

[5] شيشہ بازي – شيشي جي شئي.

سبو - مٽ

[6] ڪوچہ گرد – گهٽين ۾ ڦرندڙ (آواره).

[7] الاهيات – فلسفہ جي اُها شاخ، جنهن ۾ خالق ۽ خلقت جي بابت غور ڪيو ويو هجي.

تاويلات – اُها راءِ جا انفرادي غور تي رکي وئي هجي.

شش جهات- چار طرف، هيٺ ۽ مٿي.

منعم – شاهوڪار.

[8] حادث – جي ٺاهيا وڃن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org