سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :5

 

ڏنيءَ جي پر اُنهن سان ٿو اُڏامان

پنهنجي نغمي جي سوزش ۾ تپان مان

مسلمان، موت جنهن کان لرزيو ٿي

ڦريس دنيا ۾، اُن کي نا ڏسان مان

 

 

خدا وٽ مان رنس هڪ رات تنها

مسلمان ڇو خوار و زار آهي

ندا آئي نه ٿو ڄاڻي ته هي قوم

رکي دل ٿي، مگر بي يار آهي

 

*              *

 

ٻڌايان ڇا، فروفال آ جو گذريو

ڪريان ڇا شرح احوال آ جو گذريو

ڏيو سيني ۾ رکيم ٿي، جهڪو ٿيو

تنزل ۾ ٻه سؤ سال آ جو گذريو [1]

 

 

نگهبان حرم معمار دير آ

يقين مرده اکين ۾ انجي غير آ

سندس طور نگهه کان صاف ڏسجي

وٽس باقي نه ڪجهه اسباب خير آ

 

*              *

 

فقير ره نشين جي سوز دل کان

ضمير ان جي کي ڏي آتش نوائي

سندس دل روشن و پابنده ڪر تون

يقين انجي کي ڏي اُميد ڪائي


 

 

ڪران ٿو جي ته مستانه اُٿان ٿو

بنا تلوار جي رت ڪئن وهايان

نظر ٿي مهر جي جو برسر بام

زماني پنهنجي سان جنگ آزمايان

 

*              *

 

چڱو تنهائي سان گڏ آه و فغان آ

سفر بي ڪاروان يثرب ڀلو آ

ڪٿي مڪتب ڪٿي ميخانه شوق

چئو، هي شوق يا مڪتب ڀلو آ

 

فضا دلڪش ۾ ان جي مان اڏاميس

پرن تي مينهن جي آلاڻ آئيم

حرم اندر ۾ منهنجي جاءِ ورتي

هيو اندر ۾ اُنجي جو سرايم

 

*              *

 

ٻڌايم راز جو تن کي نه ڄاڻن

ثمر منهنجي کجي مان ڪين کائن

گهران انصاف توکان مير اُمت

مونکي پنهنجا غزل خوان ٿا ٻڌائن

 

نه هي شعر آهه جنهن سان دل لڳايم

مگر معنى جي ڳنڍين کي ڇڏايم

انهيءَ اميد تي آ عشق اڪسير

سڃن جي مان پتل کي زر بڻايم

 

*              *

 

چوين ٿو ڇا حيات جاودان؟ چؤ

ڪنن ۾ مئل جي پيغام جان چؤ

هنن ناحق شناسن جو چوڻ آ

ته تاريخ وفات مردگان چؤ [2]


 

اٿم ڪنهن درد کان رخ زعفراني

وهاين خون اکيون ارغواني

سخن منهنجي ڳلي ۾ آه اٽڪيو

چوڻ ري حال جي ڄاڻين زباني

 

*              *

 

غريبن کي زبان بدران نگاه آ

ڏکوين جي حقيقت اشڪ و آه آ

اکيون کوليم، چپن پنهنجي کي ٻوٽيم

سخن پنهنجي طريقي ۾ گناه آ

 

 

خودي اُن کي ڏنم، جو دور خود کان

سندس مٽي ۾ کوليم زمزمن کي

اُها دانهن ۾ گرمي ڏي جو ان کان

غم دين ريء جلايان سڀ غمن کي

 

*              *

 

نفس جي دود ري مون وٽ نه ٻيو آ

سندءِ هٿ ري اسان کي دسترس ناهه

چوان افسانهء غم هيءُ ڪنهن سان

سندم سيني ۾ تو ري ٻيو نفس ناهه

 

 

غريب آ، درد مند آ، ني نواز آ

پنهنجي ئي سوز نغمه کان گداز آ

تون ڄاڻي ٿو ته ڇا چاهيان ۽ ڳوليان

دو عالم کان سندم دل بي نياز آ

 

*              *

 

هوا کان ڪين رنگ و نم گهران ٿو

مگر تو سج کان پرتو وٺان ٿو

نظر چنڊ ۽ ڪتي کان بي مٿي آ

سخن ٻي جي نه مرضي سان چوان ٿو


 

 

 

انهي دريا ۾ جنهن کي ناهه ساحل

عشاقن جو دليل آهي نه ري دل

تو فرمايو ره بطحا کي ورتم

وگر آ، تو بنا ٻي ڪين منزل

 

*              *

 

نه هي تڙ در کان، مشتاق حضور آ

ڏنئي جو درد اُن کا نا صبور آ

گهرين جيڪي ڏيان ري صبر توکي

جو هي اُن کان هزارين ڪوهه دور آ

 

 

فرنگي لعبتن سان دل لڳايم

مڙهي جي آگ ۾ خود کي جلايم

ٿيس مان پاڻ کان بيگانه ايڏو

ڏٺم خود کي نظر ڪجهه ڪين آيم

 

*              *

 

چکيم ميخانهء مغرب مان مي کي

ڳنهيم هٿ ساڻ پنهنجي درد سر کي

فرنگي حسن وارن ساڻ ويٺس

ڏٺم اهڙي نه ڏينهن بي سوز ترکي[3]

 

فقير آهيان گهران توکان جو چاهيان

جبل کي چير منهنجي دل دکيل سان

ڏنو آ درد سر حڪمت جي سبقن

جو پاليل هان سندءِ ئي فيض جو مان

 

*              *

 

نه ملا سان نه صوفي ساڻ صحبت

تون ڄاڻين ٿو نه هي آهيان نه هو هان

لکو”الله“ منهنجي لوح دل تي

ڏسان خود کي ۽ اُن کي روبرو مان


 

 

 

نه دل ملا جي غم ۾ آ گرفتار

نگهه آ، پر نه اک ۾ ڪا تري آ

انهيءَ باعث ڀڳس مڪتب مان اُنجي

سندس ليءِ ۾ نه ڪائي دلبري آ

 

*              *

 

سر منبر فصاحت نيشدار آ

وٽس هرڪو ڪتاب اندر ڪنار آ

چيم شرمندگي کان ڪين توکي

جو او لڪيل اسان وٽ آشڪار آ[4]

 

 

کسيو صاحبدلن جي دل کي ڪنهن آ

پيام شوق ڄاتو هن يا مون آ

بٿي ۾ مان ۽ ملا تير آهيون

چئو نيشان پاتو هن يا مون آ

 

*              *

 

ٿيس مان پنهنجي ئي محفل ۾ تنها

چئو ڪنهن کي هي مشڪل مان ٻڌايان

ڊڄان ٿو هي متان ٿي راز ظاهر

پيو دل کان به پنهنجو غم لڪايان

 

 

ڏنم دل ڪين پنهنجي ٻي جي هٿ ۾

ڏکي مان ڪار پوري پاڻ ڪئي ٿي

ڪيم يڪبار غير الله تي تڪيو

ڪريم سؤ بار منزل کان مان پنهنجي

 

*              *

 

اهو ئي آ جنون، جو سوز سر ۾

اهو ئي شور ڀاڪر ۾ آ منهنجي

اڃا اُن جوش طوفان کان جو گذريو

پريشان موج اندر ۾ آ منهنجي


 

 

 

اڃا هن خاڪ ۾ مخفي شرر آ

اڃا هن سيني ۾ آه سحر آ

تجلي وجهه اکين تي منهنجي ۽ ڏس

مونکي پيري ۾ بي تاب نظر آ

 

*              *

 

نظر منظر کان منهنجي بي نياز آ

دل اندر سوز پنهان کان گداز آ

عجب هي عصر بي اخلاص ۽ مان

ٻڌايو ڪجهه ته ڇا هي نيٺ راز آ

 

دم بي سوز ۾ پيدا ڪيائون

مٽي ۾ جان شوريده وڌائون

پئي گردن ۾ منهنجي زندگاني

حقيقت ۾ مٿي سوري ڏنائون

 

*              *

 

نه ورتو لاله مون کان رنگ و بو آ

مري وئي سيني ۾ هر آرزو آ

لڪل غم ڪين اندر حرف ماپي

ٻڌايان ڇا ڪٺن هي گفتگو آ

 

اڪيلو مشرق و مغرب ۾ آهيان

پري ياران محرم کان گذاريان

ٻڌايان پنهنجي دل کي درد پنهنجو

پيو غربت کي ٺڳيان ۽ نهاريان

 

*              *

 

طلسم علم حاضر کي مان ٽوڙي

کسيم داڻو، ڇڏيم ڦاهي کي ڊاهي

خدا ڄاڻي ٿو ابراهيم وانگر

ويس اُن آگ ۾ بيخوف ڪاهي

 

منهنجي اک کي ڏني تو ئي نظر آ

فروغ لاالہ تنهنجو اثر  آ

مونکي بي بخش صبح من رآني

ڏنو تو رات کي تاب قمر آ

 

*              *

 

جڏهن خود کي کنيم ڀاڪر ۾ پنهنجي

اوهانجي نور سان حاصل ٿي هستي

نوائي صبحگاهي سان جهان ۾

ڪم پيدا جهان عشق و مستي[5]

 

 

جهان هن ۾ خوشي جي آهه جنت

سندم لڙڪن کان پر اُن ۾ نمي آ

اڃا ڪا هاءِ هو اُن وٽ نه آهي

جو اُن کي انتظار آدمي آ

 

*              *

 

جوان پاڪباز اُن کي عطا ڪر

شراب خانه ساز اُن کي عطا ڪر

قوي حيدر جان بازو بخش اُن کي

صفا دل بي نياز اُن کي عطا ڪر

 

 

وري ساقي کڻي اچ جام مي کي

انهي مي کان جلائج سوز ني کي

سندم سيني ۾ رک ٻي دل ته ان سان

مروڙيان پنجهءِ ڪائوس ڪي کي

 

*              *

 

سندم هي سوز تنهنجي فيض کان آ

ڏني آ موج مي کي تنهنجي زمزم

خجل ڪيو ملڪ جم منهنجي فقيري

جو دل سيني ۾ تنهنجي آهه محرم[6]


 

 

نه هن بتخانه ۾ ڪنهن کي ڏنم دل

مگر منزل کان پنهنجي پيس پرتي

طلب سجدي جي مونکان اڄ ڪري ٿو

خدا هو، جنهنکي هٿ سان ڪلهه ڀڳم ٿي

 

*              *

 

ڦٽو اُو مٺ مٽي مان لالہ آهي

ٽمي رت منهنجي پاسي مان ٿي جنهنکان

قبول ان کي ڪريو جي دلنوازي

جو دل ري شي نه ڪائي ٻي رکان مان

 

 

تپيس مان ملت روشن جي سامهن

ڪئي پيدا صدا مون سوز واري

ادب چئي ٿو سخن کي مختصر چؤ

”تپيس، پيدا ڪيم، وئي انتظاري“

 

*              *

 

سندم رندانه فطرت جي مهابي

سندم بيتاب فطرت سان، جي ڄاڻي

بهاري جو ڪڪر ڏي هن مٽي کي

جو منهنجي داڻي کي ڀاڪر ۾ آڻي

 

 

تري تي دل ته آ، دلبر نه آهي

اٿم دولت، لٽيندڙ، ها نه آهي

سندم سيني ۾ اچ ڪر پنهنجي منزل

مسلمان مون کان وڌ تنها نه آهي

 

*              *

 

حرم ۾ مثل رومي ڏيان اذان مان

سکيم اُن کان ئي هي اسرار جان مان

پراڻي فتنه واري دور ۾ هو هو

مقابل فتنئه عصر روان مان [7]

 

 

گلستان خاڪ مان ڪر منهنجي پيدا

اکين جا لڙڪ، خون لالہ سان ڏي

اگر لائق نه هان تيغ علي (رضه) جو

نظر تيغ علي (رضه) جان تيز تر ٿي

 

*              *

 

مسلمان ڪئي ڪناري تي اقامت

خجل پاڻي کان پاڻون نااُميد آ

فقير ۽ دردمند آهيان وليڪن

لڪل زخمن تي اُنجي منهنجي ديد آ

 

 

چيو ڪنهن ان کي ايندي بوءِ دلبر

ڏني ڪنهن ان کي اُميد بهار آ

جڏهن ان کان پراڻو سوز گم ٿيو

هنيو ڪنهن اُنجي ڪانن ۾ شرار آ

 

*              *

 

سپي هان بحر پنهنجي مان گهر ڏي

ڏيو موڙي سندم ڪوه و ڪمر کي

کلي دل ڪين هن طوفان کان منهنجي

مونکي لڙ ڪنهن ٻئي طوفان جو گهرجي.

 

 

اچي جلوت ۾ ڏس هيءَ ني نوازي

۽  خلوت ۾ سندم هي دل گدازي

سکيو مان فقر جو نڪتو وڏن کان

تڏهن سلطان کان آهي بي نيازي

 

*              *

 

رهي هر حال ۾ بي خوش سرايان

لڪل معنى تان پردي کي کڻان ٿو

نه پڇ منهنجي پريشاني پرين سان

ڪڏهن ڌار ۽ ڪڏهن گڏجي رهان ٿو

 

 

شريڪ درد و سوز لاله آهيان

ضمير زندگي ظاهر ڪريان مان

چيم ڪنهن کي نه ڄاڻان نڪتهء شوق

اڪيلو هيس، اڪيلو ئي سرايان

 

*              *

 

وڌايان نور تنهنجي سان نگہ کي

ڏسان اندر ۾ جئن مان مهر و مہ کي

مسلمان پاڻ کي چوندي ڏڪان ٿو

جو ڄاڻان مشڪلات لاالہ کي

 

 

گهٽي ۾ تنهنجي هڪ غمگين نوا بس

مون کي هي ابتدا ۽ انتها بس

ٿيس ان رند جي جرات تي حيران

خدا کي جو چئي آ مصطفى بس

 

12

 

سکيو مان شوق کان اُنھن هاءِ هو کي

جو پٿر مان ٿو آڻي آب جو کي

اٿم هي آرزو مونکي ته جاويد

وٺي الفت کان تنهنجي رنگ وبو کي[8]

 

 

ذرا هو ڏس فرنگي ڪجڪلاهي

ڏسڻ ۾ چنڊ ۽ سج کان به اڳتي

سندم سادو جوان آ گرم رت سان

بچائج ديده ڪافر کان اُن کي

 

*              *

 

ڏيو هٿ تن کي جي ڪمزور آهن

ڏني جن ڪين غير الله کي دل

لڳي جا آگ اندر ۾ انهي مان

مسلمان کي به بخشيو اُنجو حاصل[9]

 

پيالي مان پرين جي تون به مي وٺ

رهين جئن تا ابد اندر بر دوست

نه هي عبدالعزيز آ سجدو منهنجو

ٻهاريان پنبڙين سان مان در دوست

 

*              *

 

فقير آهيان ۽ تون شاه حجازي

امير ملڪ معني هان وليڪن

جهان جنهن کان ويو ٻج لاالہ جو

اچي ڏسي منهنجي اندر آهه ساڪن[10]

 

سراسر درد مان، درمان نه گهرجي

نه ڄاڻج مان زبون ۽ پير آهيان

اڃا بي ٿو ڪمان کي ڇڪيان مان

بٿي ملت جو ڪريل تير آهيان

 

*              *

 

هلي اچ گڏ ٿيون ۽ رقص کيڏيون

زمين کي دل کان ڍاريون رقص کيڏيون

حريم دوست جي ڪنهن بي ڳلي ۾

اکين مان لڙڪ هاريون رقص کيڏيون

 

بيابان ۾ سندءِ سادو مقام آ

مگر ڇا شام اُنجي سحر فام آ!

جتي چاهين اُتي خيمي کي کوڙج

رسي ٻي کان وٺڻ ڪار حرام آ

 

*              *

 

مڪان جي قيد کان آجو مسلمان

مٿي آ حلقهء نو آسمان کان

سيکاريائون اُهو سجدو اسان کي

ڪٿيون قيمت خداوندن جي جنهن سان


 

فرنگي بت کان بيزاري ڏيکارج

سندس وعدي جي قيمت ڪين هڪ جو

نگاهن لاءِ آڻج چشم فاروق

قدم بيباڪ رک در عالم نو[11]


[1] فروفال – شوڪت، دٻدٻو.

ٻه سؤ سال – اورنگزيب عالمگير جي وفات سن 1707ع کان هندستان ۾ جو تنزل شروع ٿي چڪو هو.

[2] مرگان – مرده جو جمع (مئل ماڻهو)

[3] لعبت- گڏي (راند کيڏڻ واري).

[4] نيشدار - ڏنگيندڙ

[5] من رآني، مشهور حديث ”من رآني فقدر آ الله“ ڏانهن تلميح آهي،  جنهن جي معنى آهي – ”جنهن مونکي ڏٺو، اُن خدا کي ڏٺو.“

[6] ڪائوس ڪي – قديم ايران جي بادشاهن جا نالا – ڪيڪائوس ۽ انجوپوٽو ڪيقباد.

جم – جم کان مراد آهي، قديم ايران جو بادشاه جمشيد، جو عرب جي بادشاهه ضحاڪ جي هٿ کان ماريو ويو.

[7] عصر روان – موجوده دور

[8] آب جو – نهر.

جاويد – اشارو آهي، علامہ جي فرزند جاويد اقبال ڏانهن

[9] ڪج ڪلاهي – ڏنگي ٽوپي.

[10] عبدالعزيز ابن سعود.

[11] جو – ان جو قسم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org