سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :1

ارمغان حجاز

علامه اقبال رحه جي آخري تصنيف جو ترجمو

فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“

بسم الله الرحمٰن الرحيم

تمهيد

”ارمغان حجاز“ علامہ محمد اقبال رحمة الله عليہ جي آخري تصنيف آهي، جنهن ۾ سندس سڄي زندگي جي اسلامي افڪار جي مطالعي جو نچوڙ موجود آهي، جن حقيقتن کي بنيادي طرح جدا جدا تصنيفن ۾ بيان ڪيو اٿس، انهن سڀني کي مجمل طور تي، هن آخري ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو آهي. الاهيات کي هڪ طرف ۽ اسلامي مسائل کي ٻي طرف بيان ڪيو ويو آهي.

سنه 1936ع ۾ جڏهن علامہ، ”ضرب ڪليم“ جي تڪميل کان فارغ ٿي چڪو هو، تڏهن سندس ارادو هو ته ضرور حرمين شريفن جي زيارت لاءِ ويندو. حضور ﷺ جي چائنٺ چمڻ جو شوق هؤن ته ڪيتري عرصي کان موجود هوس، ”رموز بيخودي“ جي آخر ۾ فرمايو اٿس:

خاک يثرب ازدو عالم خوشتراست

اي خنک شهري کہ آنجا دلبراست

هست شان رحمت گيتي نواز

آرزو دارم کہ ميرم در حجاز

(يثرب جي مٽي، مونکي ٻنهي جهانن کان مٿي آهي. اُهو ڪهڙو نه ٿڌو شهر آهي، جتي منهنجو دلبر موجود آهي. تنهنجي رحمت جو شان جهانن کي نوازيندڙ آهي، خواهش اٿم ته منهنجو موت حجاز ۾ ٿئي.)

ان ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ، علامہ پنهنجو سڄو توجهه اُن بابرڪت سفر جي طرف ڏنو، ۽ حضور ﷺ جي سنگ آستان تي پهچي، ”ارمغان حجاز“ جي افڪار جي سوکڙي پيش ڪرڻ گهري. مگر افسوس جو سنسد هيءَ آرزو پوري ٿي نه سگهي، سندس صحت ڏينهون ڏينهن ڪرندي وئي، جنهن ڪري حجاز جو سفر ناممڪن بڻجي پيو. هن خواهش جي پوري نه ٿيڻ جو افسوس کيس ڪيتري قدر هيو، ان جو نقش سندس هڪ خط مان معلوم ٿئي ٿو، جو هن سيد ميران شاه رئيس اعظم جمال ده والي (رياست بهاولپور) کي لکيو هو:

”اوهان جو خط مليو. الحمدالله جو اوهان خيريت سان  آهيو ۽ حج جي تيارين ۾ مصروف، خدا تعالى اوهان کي هي سفر مبارڪ ڪري ۽ اُنجي فرشتن جون رحمتون اوهان سان شريڪ حال رهن، جيڪر مان به اوهان سان هلي سگهان ۽ اوهان جي صحبت جي برڪت کان مستفيض ٿيان، پر افسوس جو جدائي جا ڏينهن اڃا باقي آهن.“

هن آرزو جي ناڪامي، سندس دل ۾ شوق جي آگ کي تيز ڪندي رهي. حضور ﷺ سان جا کيس والهانه محبت هئي، اها شعر جي صورت وٺي ڪاغذ تي ايندي رهي. اُهي اشعار ”ارمغان حجاز“ جي صورت وٺندا رهيا. هي ڪتاب 1937ع جي آخر ۾ جمع ڪيو ويو. منهنجي نظر ۾ فارسي حصي جي اڃا به تڪميل ٿي نه سگهي. علامہ مرحوم کي وڌيڪ ڪجهه چوڻو هو، پر موت، اسان کان هو ناياب گوهر کسي ورتو. هيءُ ڪتاب ڪهڙي مقصد سان لکيو ويو، اُن لاءِ علامه رحمة الله عليہ پاڻ فرمائي ٿو:

بيان ساقي نه پيماني جو لکيم

حديث عشق بيباڪانه لکيم

ٻڌايو مونکي جو اُمت جي پاڪن

اُنهيءَ کي صاف ۽ رندانه لکيم

انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هن تصنيف ۾ هر جا حديث عشق بيباڪانه لکيل نظر اچي ٿي، جا فڪر انساني جي انتها آهي، هيءَ قبوليت ته ”الله کانسواءِ ٻي ڪنهن به شئي جو وجود نه آهي،“ ارمغان حجاز ۾ اهو نقش برقرار نظر اچي ٿو.

ارمغان حجاز رباعيات جي صورت ۾ آهي، اگرچه اهل عجم، هنن رباعين کي قطعات ئي چوندو، ڇو ته وٽن رباعي مخصوص آهي. مگر علامہ انهن قطعن کي رباعي ئي ڪري سڏيو آهي. ايران جي شاعرن مان فقط بابا طاهر همداني، ساڳي بحر ۽ وزن ۾ چار بيتي چيا آهن، اُنهن کي خود اهل عجم وارن رباعيات ڪري لکيو آهي. بهرحال علامہ انهن قطعن کي ”رباعيات“ ڪري لکيو آهي. هي رباعيون ئي اصل ڪتاب جي جان آهن. ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ علامہ جون اُهي اردو زبان ۾ نظمون آهن، جي هن پنهنجي اخير عمر جي حصي ۾ لکيون هيون.

”ارمغان حجاز“ جي فارسي حصي کي هيٺين حصن ۾ ورهايو ويو آهي:

پهريون – بحضور حق

ٻيو – حضور رسالت ﷺ

ٽيون – ملت جي حضور ۾.

چوٿون – حضور عالم انساني.

پنجون – ياران طريق سان.

پهرئين باب ۾، علامہ موصوف، حق تعالى جي بارگاه ۾، پنهنجي سوالن کي پيش ڪيو آهي، انهن سوالن ۾ ڪٿي دعائون آهن ته ڪٿي التجائون، ڪٿي شڪوه شڪايت آهي ته ڪٿي شاعراڻي شوخي، ڪٿي عاجزي آهي ته ڪٿي انساني خود داري جو ظهور ٿو نظر اچي. هي رباعيون، گويا ڪتاب جي حمد جو حصو آهن. مگر علامہ حمد جي اندر به جدت پيدا ڪري وڌي آهي، جو سندس تخيل جي تخليق جو بهترين مثال آهي، انهي ۾ شڪ نه آهي ته رباعي، نظم، قطعه يا غزل جي نسبت ۾، نهايت تنگ ميدان رکندڙ آهي، اُن ڪري شاعر مجبور ٿيندو آهي ته بلاغت ۽ ايجاز کان ڪم وٺي، ٿورن کان ٿورن لفظن ۾، زياده کان زياده مطلب کي اُن ۾ آڻي سگهي. تنقيد نگارن وٽ، رباعي جو ڪمال، بلاغت جي شان اندر شمار ٿئي ٿو.

حمد جي ابتدا، ڪيڏي نه عجيب انداز سان ڪئي وئي آهي، جو علامہ جي غير معمولي تخيل جو ڪارنامو ٿي سگهي ٿو. فرمائي ٿو:

اسان بيدل جي دلين کي کسي ويا

اُجهايل شعلي جان، چمڪي جهڪي ويا

هلي اچ عام سان گڏجي گهڙي رهه

چڱا ميخانه مان مٽ مئي جو پي ويا

بيدل جي معنى اڪثر عاشق جي حيثيت ۾ ورتي ويندي آهي، پر اُنجي ٻي معنى، ناڪام ۽ مايوس به آهي. علامہ اُن جي ٻي معنى کي وٺي، خداوند تعالى جي حضور ۾ التجا ڪئي آهي ته اُهي جي اسان، ناڪام انسانن جي دلين کي کسي ويا هئا، اڄ اُنهن اولي العزم شخصيتن جي چمڪ گويا گهٽجي وٺي آهي. هاڻي جڏهن ته اُهي خاص رهيائي نه آهن ته ”هلي اچ عام سان گڏجي گهڙي رهه“، ڇو ته اُهي خاص هاڻي حاصل ٿيڻ ئي مشڪل آهن. اُمت مسلمه جي هيءَ اُها نوحه خواني آهي، جنهن کي پڙهندي، ندامت کان گردن جهڪي ٿي وڃي ٿي، واقعي جيڪڏهن اسين پنهنجي عصر جو محاسبو ڪري ڏسنداسين ته اسان کي صاف معلوم ٿيندو ته اسان وٽ صراط المستقيم جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه سربلندي نه رهي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو علامہ پنهنجي عصر جي تهيدستي کان متاثر ٿي، خلق کي التجا ڪئي آهي ته انهيءَ کانسواءِ ٻيو چارو ئي نه آهي ته تون عاملن سان ئي گذارو ڪن. ”جواب شڪوه“ ۾ هن ساڳي ڪمزوري کي، هئن سادگي سان بيان ڪيو اٿس:

ره گئي رسم اذان، روح بلالي نه رهي

فلسفه ره گيا، تلقين غزالي نه رهي

ساڳي تصور کي هڪ ٻئي رباعي ۾ زياده وضاحت سان بيان ڪيو اٿس، معلوم ائين ٿئي ٿو ته هو گويا ڪعبہ جي اندر وڃي پهتو آهي. بارگاهه ايزدي مان خطاب ٿئي ٿو ته، ”مسلمان زنده به آهي؟“ جڏهن علامہ پنهنجي بي بضاعتي جو اظهار هيئن ٿو فرمائي:

سخن آ هئڻ ۽ ناهئڻ پنهنجو

ندامت کان ٽڙڻ منهنجو آ اهنجو

سڃاڻي زنده مردن جو ٿو سجدو

سندم سجدي کان پرکج حال دل جو

”اُها حقيقت جا مان عرض ڪري رهيو آهيان، اُن ۾ ئي تذبذب موجود آهي، ان ڪري ندامت کان مون ۾ شگفتگي اچي ڏاڍو مشڪل آهي. منهنجي حالت کي منهنجي سجدي مان چڱي ريت سڃاڻي سگهين ٿو، ڇو ته زنده مردن جي سجدن کان تون غير واقف نه آهين.“ هن عصر جي مسلمانن تي ڪيڏي نه ڪڙي نڪته چيني آهي. سجدو ته ڪيو ٿو وڃي پر اهو سجدو، جنهن کان زمين جو روح لرزي ٿي اُٿيو، هاڻي موجود نه آهي، مولانا رومي به انهيءَ قبيل ۾ فرمايو آهي:

بر زبان الله در دل گاوخر

اين چنين تسبيح ڪي دارد اثر

علامہ جي پيغامي شاعري جو هي اعجاز آهي، جو هو پنهنجي هر هڪ لفظ سان خفته دلين جي احساس کي بيدار ڪندو ٿو وڃي. ڪيڏو نه بصيرت افروز دليل آهي ته جڏهن اسان جي سجدن ۾، جو ٻانهي جي عبوديت جو تنها اقرار آهي، اُن ۾ خلوص نه هجي ته اُنجي ايمان جي تڪميل ڪيئن ٿي سگهي ٿي، ۽ هو اُن مرتبي تي ڪيئن پهچي سگهي ٿو، جنهن کي مومن خطاب ڪيو وڃي ٿو. سچ فرمايو آهي، مولانا رومي:

گبر هڪ هو در زمان بايزيد

هئن چيو اُن کي مسلمان سعيد

آڻ ايمان تان مليئي برتري

هٿ اچي توکي نجات ۽ سروري

اُن چيو جي آ، اهو ايمان مريد

جو رکي ٿو شيخ عالم بايزيد

مونکي اُنجي ناهه طاقت ۽ توان

جي کڻي ڪوشش ڪجي اُنجي بجان

خاصن جو اهو قحط ڪيڏو نه اسان جي دور تي بدنما داغ آهي. خاصن جي ڪيميابي کان متاثر ٿي اسان جو مفڪر التجا ڪري ٿو ته:

ڪيءِ پيدا جهان هي پاڻ کان ڇو

جمال اُنجي جو جلوه هي عيان ڇو؟

چوين ٿو مون کي شيطان کان حذرڪر

مگر پالي ڪيءِ اُن کي جوان ڇو؟

هي جهان حقيقت ۾ پاڻ ڪابه شئي نه آهي، مگر خدا تعالى جي صفات جو اظهار  آهي. هن جي هر ذري مان سندس جمال ئي عيان آهي، اهڙي جميل شئي ۾ ڪنهن به فتني جي ضرورت نه هئي، مگر هڪ فتني جو وجود به آندو ويو. اُن کان پوءِ، اُن کان پاسي ڪرڻ جو حڪم، ڪيتري قدر نه پريشان ڪندڙ آهي. هن باري ۾ شاعرانہ شوخي سان گڏ، ڪيڏو نه عجز جو اظهار آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، جيڪڏهن خدا جو فضل شامل حال نه رهي ته انسان دنيا جي هن فتني کان ڪٿي ٿو پاڻ بچائي سگهي. شاهه ڀٽائي هن قبيل ۾ فرمايو آهي:

مون کي مون پرين ٻڌي اُڇليو ٻار ۾

مٿون ٿا چون، ته متان پاند پسائين

علامہ پنهنجي زندگي جي آخري دور ۾، وحدت الوجود جو قائل بڻجي ويو هو، جيئن جيئن غور ۽ فڪر وڌندو رهيو، هي رنگ به پختو ٿيندو ويو. هو مولانا رومي جي پوئلڳن مان هو، اُن ڪري وحدت الوجود جي رنگ کان، ڪڏهن به آزاد ٿي نه ٿي سگهيو. اڪثر صوفي وحدت الوجود کي، حلول ۽ اتحاد جي حالت ۾ ڏسندا رهيا آهن، مگر علامہ انهن خيالن کان مٿي هو. هو عينيت جي فڪر کان به آزاد هو. شيخ محي الدين اڪبر، جنهن وحدت الوجود جي مسئلي کي وضاحت سان پيش ڪيو آهي، اُهو فرمائي ٿو ته ”وجود حقيقي فقط الله تعالى جو آهي، عالم جو ڪو به وجود نه آهي“. پوئين زماني ۾، جناب مجدد رحمة الله عليہ، شيخ اڪبر جي ڪن نظرين سان اختلاف ڪيو آهي. هن ٻه وجود قائم ڪيا آهن – هڪ ”حقيقت عالم“ ۽ ٻيو ”حقيقت معلوم“. پر جيڪڏهن غور سان ڏسبو ته عالم ۽ معلوم ۾ ڪو وڏو فرق نظر نه ايندو. مان هن بحث ۾ وڃڻ نٿو گهران، مگر هي ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته علامہ ”لا موجود الاالله“ جو دل سان قائل هو، اُن ڪري هن مسلڪ ۾ دل آزاري وڏو گناهه ليکيو ويندو آهي. علامہ اُنجو اظهار هيئن ٿو فرمائي:

نه رنجايم دل ابليس بي مون

خطا منهنجي ڪڏهن ڪار ثواب آ

محبت الاهي جو نقش، جو هر مفڪر شاعر جو سرمايہء حيات آهي، علامہ جي شعر ۾ جا بجا نظر اچي ٿو. هو سراپا درد بڻجي هڪ هنڌ فرمائي ٿو:

ڏکويل بند ۾ دلجي رهن ٿا

سڄائي سور ڦڪيون نا مڱن ٿا

مون کان سجدو گهرين پر شاهه ڪاٿي

زمين، ويران مان ڍل کي وٺن ٿا

محبت وارن جو گروهه، هميشه دل جي گرفت ۾ رهڻ سبب، دنيا جي طرف توجهه ڏيئي نه سگهندو آهي. هو سراپا درد بڻجي ويندا آهن، ان ڪري وٽن درمان جي ڪا اهميت ئي نه رهندي آهي. شاه ڀٽائي هن حقيقت کي هيئن ٿو بيان فرمائي:

اُٿياري اُٿي ويا، منجهان مون آزار

حبيب ئي هڻي ويا، پيڙا جي پچار

طبيبن تنوار، هڏ نه وڻي هاڻ مون

علامہ، اسان کي، درد جي بيخودي جي انتها هيئن ٿو ٻڌائي ته اُهي جي تنهنجي محبت جي اندر فنا ٿي چڪا آهن، اُنهن کان سجدي جي ڪهڙي طلب آهي. بادشاه ويران زمين کان ڍل ئي نه وٺند اآهن. هن ساڳي مضمون کي ٻئي هنڌ هيئن ٿو فرمائي:

مرد درويش کا سرمايہ هي آزادي و مرگ

هي کسي اور کي خاطريہ نصاب زروسيم

دل جي ڪيفيت جي ذڪر کانپوءِ مسلمانن جي تنزل جي حقيقت نهايت درد انگيز پيرايه ۾ ڏني وئي آهي. علامہ اُن مسلمان قوم کي ڏسڻ جو تمنائي آهي، جا پنهنجي اوضاع ۽ اطوار کان ايڏي بلند هجي، جو دو عالم کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏي، اڃا به مٿي، اُنجي رتبي جو هيئن ٿو نقش ڪڍي:

کپي اُو قوم، ذڪر لاالہ سان

ڪري دل رات جي مان صبح پيدا

سڃاڻي سج اُن جي منزلن کي

ٻهاري ڪهڪشان رستا اُنهيءَ جا

پر جڏهن ته ڪهڪشان سوار مسلمان کيس نظر نٿا اچن، تڏهن سندس تصور اُن مصلح اعظم صلي الله عليہ وسلم ڏي منتقل ٿي وڃي ٿو، جنهن جي اُمت کي ”اڪرم“ هئڻ جو شرف عطا ڪيو ويو هو. شاعر جي گردن، اُمت جي خود فروشي، اک ۽ ڪن جي طلسم جي گرفتاري کي ڏسي، ندامت کان جهڪي وڃي ٿي ۽ هو لرزي اُٿي ٿو ته متان اسان جي بي بسي ۽ بيهودگي جو ڄاڻ، خدا جي محبوب تائين پهچايو وڃي. اُن ڪري خالق کي التجا ٿو ڪري ته:

جڏهن اتمام تي پهچي جهان هي

ٿئي تقدير هر مخفي عيان هي

حضور خواجہ ڪج رسوا نه مونکي

عمل جاچج سندم، اُن کان نهان هي

هن کان وڌيڪ بي بسي جو، ڪو اظهار ٿي نٿو سگهي. آقا جي سامهون، هڪ بنده جو ذليل ٿيڻ محبت جي فطرت جي خلاف آهي. هن عجز ۽ بيچارگي کان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته علامہ کي حضور سرور ڪائنات سان ڪيڏي نه محبت هئي. اهڙي ريت هي حمد جو باب، محبت نبوي صلعم جي جذبي تي وڃي پورو ٿئي ٿو، جنهن لاءِ فرمائي ٿو:

بدن هت، جان آهي، ڊوڙ ڊڪ ۾

هلي اُن شهر ڏي بطحا کان گذري

هتي هج تون ۽ خاصن ساڻ گڏ رهه

نه مون کان منزل محبوب وسري

”رموز بيخودي“ ۾ علامہ جا ٻه شعر آهن:

معني حرفم کني تحقيق گر     بنگري باديدهء صديق گر

قوت قلب و جگر گرددنبي          از خدا محبوب تر گرددنبي

”جيڪڏهن منهنجي حرف جي معنى سوچيندي ۽ حضرت صديق جي اکين سان ڏسندين، ته تنهنجي قلب ۽ جگر جي لاءِ نبي (صلعم) قوت بڻجي ويندو ۽ خدا کان وڌيڪ اُهوئي محبوب نظر ايندو“.

عشق ۽ محبت جو ڪمال اهوئي ٿئي ٿو. علامہ کان هڪ ڀيري مٿئين شعر جو مطلب پڇيو ويو هو، پاڻ فرمايو هئائين ته ”مان سرڪار دو عالم صلي الله عليہ وسلم کي هن ڪري محبوب سمجهان ٿو ته اسان، سندس ئي وسيلي سان الله تعالى کي ڄاتو، راهبر مقصود ۽ منزل کان زياده پيارو هوندو آهي.“

بهرهال حمد جي فصيح ۽ بليغ باب کان گذرڻ بعد، علامہ محبوب جي منزل ڏانهن هليو آهي. معلوم ائين ٿو ٿئي ته هو وڏي سرور ۽ ڪيف سان اُن سفر ڏي هلڻ ٿو گهري. ڪيڏي نه هيج مان قافلي وارن کي عرض ٿو ڪري:

اُٿي خيمہ نشين، خيمو ڇڏي ڏي

ڪئي ٻاهر وڃي سونهين آ منزل

ڪجائي کي هلائي عقل مشڪل

ڌيان ٿو واڳ پنهنجي توکي اي دل

قافلو جڏهن پنهنجي منزل تي هلندو آهي ته اُنجو رهبر، اُن کان وڌي، ٿورو اڳتي وڃي ترسندو آهي. علامہ تصور ۾ دوست جي منزل ڏانهن هلندڙ قافلي جي سونهين کي تيار ڏسي، عقل کي هٿ کان ڇڏي، عشق جي هٿن ۾ پنهنجي واڳ ڏئي ٿو. هيءَ آهي محبت جي انتها.

شاعر شهر ۽ ڳوٺاڻي هوا کان منهن مٽائي، ميدان ۾ نڪري پيو آهي. ديار حبيب ڏانهن گويا سفر شروع ٿي ويو آهي. ميدان جي هوا لاءِ سندس دل ڇو ايڏي مضطرب آهي. اُنجو سبب هيءُ آهي ته، سندس تربيت ۽ ترقي، خلوت ۽ آزاد فضا ۾ ئي ٿي سگهي ٿي، قافلي جو گهنڊ وڄي ٿو، جلوه مستن جي دل جو ڪاروان اُن آواز کي ٻڌي، ائين لرزي اٿيو آهي،  جيئن هوا تي ڪانن جا پن لڏندا آهن. مسافر پوڙهو آهي، کيس اُن پکي وانگر جو شام جو پنهنجي آکيري ڏي موٽي ٿو، پنهنجي اصل وطن جي ياد آئي آهي ۽ هو پنهنجي محبوب جي آرامگاه ڏي موٽي پيو آهي.

پيريءُ جي ڪمزوري ۽ طبيعت جي افتادگي کان اُٺ جي لوڏي کي سهي نه ٿو سگهي، اُن ڪيفيت جو هيئن ٿو ذڪر ڪري:

چيم اُٺ کي صبح آهسته ڪجهه هل

جو توتي خسته ۽ بيمار پير آ

قدم مستانه هڻ، ڀل جيئن وڻيئي

سندءِ پيرن ۾ واري جي حرير آ

اُٺ کي آهسته هلڻ لاءِ عرض ڪري ٿو، مگر اُٺ مستي جي حالت ۾ تيز هلڻ لڳو آهي، ڇو ته هو خود حبيب جي ملڪ جو متوالو آهي. هو ايترو ته تيز ٿي ويو آهي، جو ائين معلوم ٿو ٿئي ته سندس پيرن جي هيٺان واري نه آهي، پر ريشم وڇايل آهي، اهڙي اُٺ کي مهار ئي نا موزون آهي. هو ايترو ئي دانا آهي، جيترو سندس سوار. هو ايتروئي محبت ۾ گرفتار آهي، جيترو سندس سوار. اُٺ جي هن حساس طبيعت جو ذڪر، اسان کي شاه ڀٽائي جي ڪلام مان به حاصل ٿئي ٿو:

اُٺ نه وڃي وڳ سين، چري نه چانگو

لڳيس نائڪ نينهن جي، نهوڙيو نانگو

ڇڏي سر سانگو، رڙهي رند پرين جي

هان ته اقبال جو چانگو به سر جو سانگو ڇڏي محبوب جي ملڪ ۾ پهچڻ لاءِ تيز ڊوڙندو ٿو وڃي. سندس اوسيئڙي جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:

سندس ڪارين اکين ۾ لڙڪ آهن

جلائي اُنجي آه صبحگاهي

اها مي جا جيئاري قلب منهنجو

ڏي ساندهه سندس تازه نگاهي

اُٺ جي ڪجلين اکين ۾ لڙڪ آهن. آه صبحگاهي جو واقف آهي. اِهي اُهي نشانيون آهن، جي هڪ عاشق جون ٿي سگهن ٿيون.

شاهه ڀٽائي جو ڀور (ڀورو اُٺ) به ڪجهه انهي رنگ ۾ نظر اچي ٿو:

ڀور نه چري ٻور، ڇڏئو تور تڪون ڪري

مونين هڻي موٽيو، ڪرهو رات ڪپور

ميو ٿيو معمور، چندن چکي آيو

اهڙي محبت جي تير خورده اُٺ جي سواري، خود سوار کي مشتاق بڻائي ڇڏيو آهي. مسافر هاڻي حجاز جي صحرا کان گذري ٿو. هي اُهو صحرا آهي، جتان جي رهگذر لاءِ ضروري آهي ته سندس زبان تي درود ۽ سلام هجي. اُن شرف ڀري واري کي سج جي گرمي، گرم ڪري ڇڏيو آهي. پر گذرڻ واري جي پيشاني، اُن تتل واري تي پوي ٿي. هو ان داغ کي وڏي هيج سان، پيشاني تي قبول ڪري ٿو، ڇو ته کيس خبر آهي ته اُن بابرڪت صحرا مان کيس وري گذرڻ به نصيب ٿيندو يا نه؟ اُنڪري اُهو داغ جو سندس نرڙ تي پوي ٿو، اهو ديار حبيب جي هڪ غير فاني نشاني تصور ڪري ٿو:

عجب صحرا آ، جنهن ۾ قافلو ٿو

پڙهي صلواة ۽ محمل هلائي

سندس واري تتي تي سجدو ڏيئي

جلائج نرڙ کي تان داغ پائي

علامہ جي سرور ڪائنات صلعم سان والهانه محبت جو هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو، جو محبوب جي ديس جي تتل واري تي سجدو به پنهنجي لاءِ عزت ۽ افتخار جو سبب ٿو سمجهي، جنهن تخيل کي هن سادگي سان پيش ڪيو آهي، اُنجو نظير اسان کي مشرق جي شاعري ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي. هو نه فقط تتل واري کان پيشاني تي داغ وٺڻ ٿو گهري، پر هو اُٺ وانگر ان زمين کي به عشق نبوي سان سرشار ۽ درد مند ٿو ڏسي:

عجب اُو شام صحرا صبح خند آ

ننڍي آ رات، ڏينهن اُنجو بلند آ

قدم اُت راهرو آهسته رکجان

زمين اُنجي اسان جان دردمند آ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org