سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :6

 

ملت جي حضور ۾

نه ڏس مون ۾ ڪلام عارفانہ

جو منهنجي آ طبيعت عاشقانہ

اٿم لالہ جان ڳوڙها باغ اندر

ڇنڊيان ٿو ماڪ وانگر دانہ دانہ

 

ملت جي حضور ۾

1

رکي دل حق سان راهِ مصطفى هل

 

*              *

 

قدم منزل مٿي هڻ ماه نو جان

مٿي نيري فضا ۾ هل سدا هل

مقام اندر جهان، جي پنهنجو چاهين

رکي دل حق سان راه مصطفى هل

 

اُٿيس مان بحر پنهنجي مان لهر جان

ٿيس گوهر جئن پيچده خود سان

ڀڳس نمرود کان ٿي تنگ آخر

ٿيس تعمير ۾ ڪعبه جي ڪوشان

 

*              *

 

پيالي کي وري ڦيراءِ ساقي

دو گيتي تان پري ڪر آستين کي

ڪيائون رند تي ظاهر حقيقت

جو ملا گهٽ سڃاڻي رمز دين کي[1]

 

اُٿي ساقي پري ڪر رخ تان پردو

سندم اکين مان رت دل جو چڪي ٿو

اُهو آواز نه شرقي نه غربي

اُنهي مان آڻ نغمو لاتخف جو

 

*              *

 

اُٿي سيني مان ڏي تڪبير پنهنجي

بڻائج تون مٽي اڪسير پنهنجي

خودي کي وٺ ڪري محڪم ۽ خوش رهه

نه ڏي ڪنهن ٻي جي هٿ تقدير پنهنجي[2]

 

 

خودي کان مرد مومن آهه ڪامل

خودي اُنجي مٽي ۾ مئي غلام آ

متاع بي بها ڄاڻين جي خود کي

ڏسڻ پوءِ پاڻ ري ٻي کي حرام آ

 

*              *

 

مسلمان جن نهاريو ڪين ٻي ڏي

ٿيا دريا ۾ گوهر جان مقامي

مگر جي پاڻ کان پرتي ٿيا هت

خريديو پاڻ تن مرگ دوامي [3]


 

 

کنيم تقدير جي چهري تان پردو

رکي اُميد راه مصطفى وٺ

چوڻ تي منهنجي باورجي نه توکي

ڇڏي ڏي دين ڪافر جي قضا وٺ

 

*              *

 

کليو در بند ترڪن لاءِ آهي

بنا مصرين جي محڪم ٿي ڏٺي تو

خودي جي تون به وٺ دامن کي چنبڙي

سوا اِنجي نه ملڪ ۽ دين ملي ٿو[4]

 

وئي جنهن قوم کان اُنجي بهار آ

فرار اُن کان ڪري ٿي بوءِ گل جي

مٽي مان اُنجي لالہ ٿي ته پيدا

مگر رنگين قبا ۾ ناهه شوخي

 

*              *

 

خدا اُن قوم کي ڏي سروري ٿو

لکي تقدير جنهن جي پاڻ هٿ سان

نه اُن ملت سان اُنجو آ سروڪار

زمين ٻي ليءِ ٿو پوکي جنهنجو دهقان

 

وڃي رازي کان سک قرآن جي حڪمت

ڏيئي کان اُنجي ڀل ڪر دل منور

مگر مون کان به هي نڪتو ٻڌي ڇڏ

جيڻ ري سوز جي بيڪار يڪسر

 

2

خودي

هنيو جنهن آ خودي تي لااِلہ کي

ڪري پيدا مٽي کان ٿو نگهه کي

نه ڇڏ اُن مرد جي دامن کي هرگز

وٺي جو دام ۾ ٿو مهرومه کي

 

*              *

 

اُٿي نادان دل آگاه کي ڳول

وڏن جي مثل پنهنجي راه کي ڳول

ڪري مومن ٿو مخفي راز کي فاش

تو لا موجود اِلالله کي ڳول[5]

 

 

سندءِ دل ۾ ڪٿي آ داغ لڪيل

اُهو تاب مسلماني نه آهي

خودي جي باغ کي اُن مان ڏي پاڻي

جو دريا تيز طوفاني نه آهي.

 

3

اناالحق

اناالحق ري مقام ڪبريا ناهه

صليب اُنجي سزا بي آهه يا ناهه

چوي هي فرد اُنجي ليءِ سزا آ

چوي جي قوم اُن کي نا روا ناهه

 

*              *

 

اناالحق قوم اُن ليءِ سازگاز آ

رڱي رت ساڻ جنهنجي شاخسار آ

جلال اندر، سندس مخفي جمال آ

سندس هر آسمان آئينه دار آ[6]

 

گهڻو قومن ۾ هي والا مقام آ

اِها اُمت دوگيتي لي اِمام آ

نه آهي آفرينش کان ٿڪايل

جو خواب ۽ خستگي اُن تي حرام آ

 

*              *

 

بت انجو شعله آ سوز درون کان

جهان اُن وٽ ڪکن کان بي زبون آ

اناالحق جي شرح آ، اُنجي همت

چوي هر ڪن جي پويان جو يڪون آ[7]


 

 

ڪشادي آسمان ۾ اُڏري تنها

نظر ۾ اُنجي شاخ آشيانہ

ستارا، چنڊ اُنجي دام اندر

هٿن ۾ اُنجي تقدير زمانہ

 

*              *

 

مٺو ٻولي ٿو باغن ۾ ٿي بلبل

مگر جهنگل ۾ جره زود گير آ

امير اُنجو اميري ۾ فقير آ

فقير اُنجو فقيري ۾ امير آ[8]

 

پيالي نو ۾ ڪهنوڪيف اوتي

تجلي پنهنجي ڏي هرڪاخ ڪوکي

گهرين جي شاخ منصوري مان ميوو

ته دل لا غالب اِلا الله کي ڏي[9]


 

 

4

صوفي ۽ ملّا

مڃان ٿو ترش رو ملا اسان جو

نظر اُنجي نه آهي مغزه کل تي

مگر پنهنجي مسلماني ڏسي اُو

ڌڪي جي ڪعبہ مان حق آهه اُن کي

 

*              *

 

فرنگي ماريو آ، ڪعبہ ۽ دير

نه حڪمت ساڻ قرآن جي قرين تون

سندءِ ڪم آيتن ۾ هي رڳو آ

جئن ”ياسين“ سان آسان مرين تون[10]


 

 

رکج آئينهء قرآن سامهن

دگرگون جي ٿئين ڀڄ پاڻ کان پاڻ

ترازو پنهنجو رک ڪردار وارو

اڳين واري قيامت کي وري آڻ

 

*              *

 

سلامت شل رهن صوفي ۽ ملا

ڏنو جن آهه پيغام خدا کي

ڏئي حيرت مگر تاويل تنجي

خدا ۽ جبرئيل ۽ مصطفى کي[11]

 

 

چئي دوزخ جي، واعظ ڪافر گر

ڪئي ڪافر انهيءَ کان ڳالهه خوشتر

”نه ڄاڻي جو غلام احوال پنهنجو

چوي دوزخ ٻين جي لاءِ آ گهر“

 

*              *

 

اِرادتمند ڄاڻو پخته ايمان

چيو ٿي حرف اُگرو پير کي هي

مرڻ بيوقت اُن کان آهه بهتر

ملي جي قبر جي مٽي کان روزي[12]

 

 

چيو هئن پير خرقه باز پٽ کي

ته هي نڪتو رکج دل سان هنڊائي

”وڃي هن دور جي نمرود سان رهه

ته ابراهيم توکي هو بڻائي“[13]

 

5

رومي

پراڻي مي کي مرضي ساڻ اوتج

نه پرويزي حڪومت جنهن سان مٽ ٿي

تون اشعار جلال الدين رومي

حريم دل جي ڀتين تي هڻي ڏي

 

*              *

 

وٺج او جام لاله رنگ اُن کان

ٿئي پٿر مان پيدا لعل جنهن سان

هرڻ کي شير جي بخشي ٿو دل او

مٽائي داغ کي چيتي جي پٺ تان

 

نصيب اُنجي مان تاب و تب کان ورتم

سندس تارن کان منهنجي رات چمڪي

بيابان حرم ۾ ڏس هرڻ کي

چپن مان اُنجي هاري کير مشڪي

 

*              *

 

سڄو آ درد، سوز آشنائي

وصال اُنجو ٻڌائي ٿو جدائي

جمال عشق و مستي نڙ مان ظاهر

نصيب اُن کي جلال ڪبريائي

 

ڪڙي بيڪار جي خواهش جي ٽوڙئين

غبار رهه گذر آ ڪيميا ٿيو

اِنهيءَ ئي پاڪباز ۽ نڙ جي مالڪ

محبت جي تپش سان آشنا ڪيو

 

*              *

 

در دل کوليائين مون مٿاهون

جهان پيدا مٽي مان منهنجي ڪيائين

ڪيم مان اعتبار اُن کان ئي حاصل

جو مون سان ماه و انجم گڏ رکيائين.[14]

 

خيال اُنجو مہ و انجم سان همدم

نظر اُنجي ٿي پروين کي نهاري

کڻي وڃ تون دل بيتاب اُن وٽ

جو پاري ۾ ٿو رعشي کي اُٿاري

 

*              *

 

وٺج رومي کان اسرار فقيري

اِهوئي فقر محسود اميري

پري ڀڄ فقر اُن کان جو ڏيکاري

مقام خاڪساري ۽ حقيري [15]

 

خودي بڻجي جي مهجور خدائي

ڏئي ٿي فقر کي عادت گدائي

ڏٺم رومي جي چشم مست اندر

منازل ۽ مقام ڪبريائي

 

*              *

 

سندم انگور کان وٺ مي مصفا

ڀلو اُو جنهن کي دامان منهنجو حاصل

سندم حصي ۾ آئي آگ جنهن کان

سنائي ٿي اُٿاري رومي جي دل[16]

 

6

فاروق ؓ جو پيغام

عرب کان هل وري اي باد صحرا

مصر جي نيل ۾ لهرون لڳائي

چئج فاروق کي پيغام فاروق

ته خود سان فقر و سلطاني ملائي

 

*              *

 

خلافت، فقر، تاج و تخت سان گڏ

سونهي دولت اِها جنهن کي نه پايان

جوان بختا نه ڏي هي فقر هٿ کان

جو اُن ري بادشاهي ناهه شايان[17]

 

جوان مرد آ، ڏسي جو فاش خود کي

ڪري پيدا وري ڪهني جهان کي

هزارين انجمن گرد اُنجي آهن

جڏهن هو پاڻ سان خلوت ۾ويهي

 

*              *

 

طريقهء عقل و دل سان کول هر در

وٺج هر پير ميخانه کان ساغر

نياز سينہ پرور سان عمل ڪر

جو دامن پاڪ ٿي ۽ آستين تر[18]

 

ڀلي اُمت اُها جا خودشناس آ

رهي ڳولها ۾ ٿي آشفته خاطر

چمڪ اُنجي آ نيري آسمان هيٺ

مياڻون جئن اچي تلوار ٻاهر

 

*              *

 

وڄايو ساز دلڪش ترڪ ملاح

سندس رخ سرخ، اکيون سرمي هاڻيون

”پئي درياه ۾ جي ڪار مشڪل

سوا طوفان جي حل ٻيو ڪين آڻيون[19]

 

جهانگيري اسان جي خاڪ ۾ آ

امامت کي جبين اندر لکيائون

جهان کي پنهنجي اندر ڏس جو اُنجو

دل فاروق ۾ ٻج پوکيائون

 

*              *

 

اُهو جو ڄاڻي ٿو راز يقين کي

ڪري ٿو هڪ ڇڏي چشم دوبين کي

جڏهن ٿو نور مشعل ٻن جو گڏجي

جدا هرگز نه ڏسندين ملڪ و دين کي[20]


 

 

مسلمان امتحان جنهن پنهنجو ورتو

ٿئي گردون غبار راه اُنجو

شرار شوق ڌارين جي نگهدار

انهيءَ مان ئي ته سج بڻجي سگهي ٿو.[21]

 

7

عرب جا شاعر

چئج مون کان نوا خوان عرب کي

بها گهٽ مون ڏني آ لعل لب کي

اُهو قرآن کان جو نور ورتم

اُنهي سان صبح ڪيم صد ساله شب کي

 

*              *

 

ڪيم سينن ۾ پيدا هاءِ هؤ کي

تري مٽي جي سمجهيم ڪاخ وڪوکي

وڃي ڪنهن ڏينهن حريف بحر ٿيندو

ڏنو آشوب جو مان آب جو کي


 

 

 

ڇڏي ڏي تون به هو صورت نگاري

نه ڳولهج پنهنجي دل ري ٻي ۾ ياري

اسان جي باغ مان ٿيا پر توکي حاصل

مسلمان کي به ڏي دل سوز واري

 

*              *

 

مٽيءَ ۾ منهنجي دل ۽ دل ۾ غم آ

پراڻي شاخ اندر ڪجهه ته نم آ

اکين کي کول ڏس اُنجي هنر کي

جو اُنجو هر مسلمان ۾ قدم آ

 

مسلمان بنده مولا صفات آ

سندس دل سر هڪ اسرار ذات آ

جمال اُنجو نه ڏس ري نور حق جي

بنا اُنجي ضمير ڪائنات آ

 

*              *

 

اُٿي هن خاڪ کي بي تاب وتب ڏي

ٿئي سج اُنجي مٽي مان هويدا

نوا اُو هڻ، جو تنهنجو فيض اُن ۾

ڪري جئن انقلابي ذوق پيدا[22]

 

مسلماني غم دل جو ڳنهڻ آ

تپ ياري کان پاري جان تپڻ آ

ڇڏڻ خود کي آ، ملت جي حضوري

مٿان بانگ انالملت ڏيڻ آ

 

*              *

 

ڏٺو جنهن فاش آ اسرار جان کي

ڏسي پنهنجي اکين سان هو جهان کي

نوا کي پنهنجي سيني ۾ اُٿارج

بهاري ساڻ بدلائج خزان کي[23]


 

 

نظر ۾ رک تون پنهنجي آب و گل کي

سرور و سوز، مستي تنهنجو حاصل

ڏٺم خالي ٻين جو مٽ، ليڪن

اڃا پر آهه پنهنجو شيشہء دل

 

*              *

 

سندس دشت و جبل جي رات ڪاري

نه اُن ۾ ڪو پکي يا موج آب آ

نه ٿي قنديل رهباني کان روشن

هتي لازم هئڻ خود آفتاب آ[24]

 

پڙهج دل سان خط سيمايءِ پنهنجو

سڀاڻي جي جهلج رڳ پختگي سان

رکج مون جان قدم دشت حرم ۾

ته وسعت کي ڏسين هر هڪ ذري مان[25]

 

8

اي فرزندِ صحرا

ڪيو روشن سحر دم دشت در کي

صدا آئي کجورين مان پکي جي

”ڇڏي خيمي کي هل فرزند صحرا

سفر جي ذوق ري جيئڻ ڏکيو ٿي“

 

*              *

 

عرب کي حق دليل ڪاروان ڪيو

جو پنهنجي فقر سان اُن امتحان ڪيو

غيور آ فقر جي خالي هٿن جو

ته اُن سان اُن تہ و بالا جهان ڪيو

 

اُنهن راتين ۾ سوز صبح فردا

ڏني جن کي تجلي آهه سينا

هوا رڻ پٽ جي محڪم ڪيو تن وجان

اُڀاري اُمتن کي ڪوه و صحرا

 

9

 

تون نه ڄاڻي ٿو غبار اندر سورا آ

اُٿي آئين تسليم و رضا وٺ

طريق صدق، اخلاص و وفا وٺ

نه چؤ منهنجو شعر اهڙو ڪ اهڙو

جنون عقل کي مونکان سدا وٺ

 

*              *

 

چمن اهڙي جنون کان بڻجي ويران

جو هنگامن کان ٿو بيگانہ بڻجي

اُهو لڙ جو وڌم هن شهر اندر

جنون هوندي به ٿو فرزانہ بڻجي[26]

 

ٿيس مان لالہ صبح بهاري

اٿم جو داغ اُن کان پيو جلان ٿو

اڪيلائي نه ڏس تحقير سان هي

سوين مان ڪاروان گل رکان ٿو

 

*              *

 

پريشان و غبار راه آهيان

هوا جي دوش تي منهنجو قرار آ

وڏي خوش قسمتي ۽ ڀاڳ سمجهان

ٿيو پيدا جي مون کان شهسوار آ[27]

 

اُها رنجور قوم آ ڪيتري خوش

ضمير اُنجي ڏنو جي پخته ڪار آ

ظهورو آ سندس اسرار غيبي

غبار اندر ڪٿي هردم سوار آ

 

*              *

 

تپيس مان بحر پنهنجي ۾ لهر جان

وڃي طوفان سان ٽپندي گڏيس مان

ڏٺم ڪو رنگ خوشتر ڪين اُن کان

ڪڍان تصوير اُنجي خون دل سان

 

ڀري اُنجي نظر خالي سبو کي

ڏئي مي اُنجي شوق آرزو کي

اُهو طوفان جو آڻي ٿو تباهي

حريف بحر ٺاهي آب جو کي

 

*              *

 

وٺي واڳون جڏهن ٿو ڪاروان جون

ڏئي ذوق تجلي هر نهان کي

ڪري ظاهر فلڪ وارن کي ايڏو

جو پيرن ۾ ٿو آڻي آسمان کي

 

مبارڪباد ڏي اُن پاڪ جان کي

ڄڻي ٿي جا امير ڪاروان کي

اها جهولي مبارڪ ماءُ جي آ

خجالت ٿي ڏئي حور جنان کي

 

*              *

 

چوي دل سينه ۾ دلبر رکان ٿي

متاع آفرين ۽ دل لٽيندڙ

مرڻ جي وقت گردون هيئن چيو  مون

ڪري مکڙي ٿئي ٿي ڦل ڏيندڙ


[1] دو گيتي – ٻئي جهان.

آستين – ٺونٺ.

[2] لاتخف – قرآن شريف جي تلميح ڏانهن اِشارو – لاتخف اِنک انت الاعلى.

[3] خريديو- خريد ڪيو. (خريدڻ مصدر مون اختيار ڪيو آهي.)

مرگ دوامي – هميشه جو موت.

[4] قضا – موت (قضا، سنڌي زبان ۾ موت جي مفهوم ۾ به ايندي آهي.

[5] لاموجود الاالله – خدا کانسواءِ ٻيو موجود نه آهي.

[6] آئينه دار – آئينو رکندڙ (جنهن ۾ پاڻ نظر اچي).

[7] ”خواب“ – قرآن جو فرمان، لاتاخذه سنة ولانوم ط

”خستگي“ – قرآن جو فرمان، وما مسنا من لغوب

”ڪن“ – قران جو فرمان، ڪن فيڪون.

[8] جره- باز.

زودگير – جلد وٺندڙ

[9] نو- نئون.

ڪيف – شراب.

ڪاخ و ڪو – ماڙي ۽ گهٽي.

لاغالب اِلاالله – خدا کانسواءِ ٻيو طاقت وارو نه آهي.

[10] دير – مڙهي.

قرين – ويجهو.

[11] تاويل – قرآن پاڪ جي آيتن جي پنهنجي مطلب سان معنى ڪرڻ.

[12] ڪافر گر – ڪفر جي فتوى ڏيندڙ.

[13] خرقه باز – گودڙي وارو

نمرود- عراق جو بادشاهه، جنهن خدائي جي دعوى ٿي ڪئي، حضرت ابراهيم، سندس ئي حڪم سان باهه ۾ اڇلايو ويو هو.

[14] ڪڙي – زنجير جو گر.

[15] پروين – ڪتي جا تارا.

محسود – جنهن سان حسد ڪيو وڃي.

[16] مصفا – صاف ڪيل.

[17] پايان - پڄاڻي

[18] فاش – ظاهر.

گرد – چوڌاري

آستين - ٻانهن.

[19] خود شناس – پاڻ کي سڃاڻيندڙ.

مياڻون – مياڻ کان

[20] دويين – ٻه ڏسندڙ.

مشعل – فانوس.

[21] شرار – چڻنگ.

[22] صفات – صفت جو جمع.

بنا – بنياد.

[23] ان الملت – مان ملت آهيان.

فاش – ظاهر.

[24] قنديل – فانوس

رهباني – راهب وارو. (راهب عيسائي گوشہ نشين عابد کي سڏيو آهي. قنديل رهباني کان مطلب آهي، عابد جو فانوس يا ڏيئو.)

[25] خط سيميائي – پيشاني جي داغ جا ليڪا (تقدير).

[26] فرزانہ- سياڻو.

[27] دوش - ڪلهو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org