سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نکريو آهي نينهن (نارائڻ شيام)

صفحو :8

 

* ڪلپنا ساڪار ٿي آئي

 

وسي ٿي دل ۾ هڪ مورت سپيءَ ۾ جئَن وسي موتي

مگر سا جنهنجو سندر روپ خود مون ئي بڻايو هو،

رهي هر وقت ٿي سامهون انهيءَ ئي روپ جي جوتِي

منش جي ڪلپنا ۾ جو ڪڏهن اڳ ۾ نه آيو هو؛

 

هٽايو سونهن جئَن پردو نظر آئين يڪايڪ تون

منهنجن سپنن جي سوڀيا کِن ۾ ڪنهن ساڀيا ۾ بدلائي؟

جهلڪ ڏسندي ئي سچ جي راهه تي آيون ڀُلل نظرون،

تون آئين ڪين منهنجي ڪلپنا ساڪار ٿي آئي؟

 

تنهنجي ان روپ درشن سان وئي مَٽجي منهنجي دنيا

سمايل ڀاوَ ها منهنجا تنهنجن دلڪش ادائن ۾،

ڏٺم ساکيات پنهنجي شاعريءَ جي شيام سندرتا

اڳڻ ڪوتائون جهلڪيون پئَي تنهنجن روشن نگاهن ۾!

 

نگاهن ۾ هئم جا سونهن آخر ڪنهنجي صورت ٿي،

هئم جا دل ۾ ڌنڌلي آرزو، نکري محبت ٿي!

* خواب

 

تنهنجي مستاني انوکي رفتار

ڄڻڪ بادل جي رواني آهي!

ڪارا ڪارا هي ڇُڙيل تنهنجا وار

صدقي ساوڻ جي جواني آهي!

 

اَڌ کليل نيڻ نشيلا تنهنجا

ڀانءِ سپنن ۾ سمايل سپنا!

هي مڌر ٻول رسيلا تنهنجا

ڀانءِ گيتن ۾ سجايل سپنا!

 

جند سان توکي جڙڻ لاءِ بيتاب

تنهنجي دُوريءَ کان ٿيس درماندو

سونهن خود خواب، ادائون ڀي خواب

خواب ڀاڪر ۾ ڪڏهن ڪنهن آندو؟

 

اڄ به خالي ته سندُم ڀاڪر آهه

خال سيني ۾ جُڳن لاڪر آهه!


 

 

* ڄاڻ اڻڄاڻ

 

سنڌو ٻنڌن کان ڇٽڻ ڪاڻ ڪنارا تياڳيا

سمنڊ ۾ پاڻ کي آزاد ڪرڻ لاءِ پيئي،

سمنڊ ۾ پيئِي رهيا پوءِ به ڪنارا ساڳيا

ٻنڌنن کان نه سگهي پاڻ کي مڪتي ڏيئي!

 

ٻنڌنن کان مون ڇٽڻ لاءِ پتوڙيو ڪيڏو

جي لٿا پيد پراڻا ته نوان پيد پيا،

راهه آسان، سفر سهل بڻيو بس جيڏو

پير ڇڪبا ئي هليا، ڪين ڪٿي ٿانءِ ٿيا!

 

پاپ ۽ پڃ جي معنيٰ نه سگهيس مان سمجهي

هر زماني ۾ نه ساڳيو رهيو مطلب تن جو،

ڪالهه جو سچ ٿي سڏيو اڄ نه حقيقت اُنجي

سچ اَڄوڪو ڇو نه پوءِ ڪوُڙ سڀاڻي سڏبو؟

 

زندگيءَ جي نه ڪڏهن ٺيڪ حقيقت ڄاتم،

ڄاڻ جا پيئَي انهي ۾ نه سچائي پاتم!

 

 

*  سو ڪهڙو جهان آهي؟

 

توکي ڏسي ٽڙي جڳ رئندو رهين مگر تون

ڇاکون وڻي نه توکي ٿي کل خوشي هتان جي؟

ڏسندي به ڪينڪي ٿو ڪنهن ڏي ڪرين نظر تون

دل تي تري اچئَي ٿي ڇا ياد ڪا ڪٿان جي؟

 

پنهنجا نه پر پراوا چئني طرف ڏسين ٿو

حيرت وچان سڀن جي منهن ڏانهن پيو نهارين،

ٻولي هتان جي ٻي ۽ تون ڪجهه چوڻ گهرين ٿو

ڳالهائين ڪئَن ۽ ڪنهن سان، ان لاءِ لڙڪ هارين؟

 

تنهنجي نظر ۾ جنهن جا سپنا مٺا وسن ٿا

ڪهڙو جهان آهي سو صلح سانت وارو؟

روشن اُتي جي آهن سي سج ۽ چنڊ ڪهڙا

چهري ۾ تنهنجي جن جو ٻهڪي ٿو نُور نيارو؟

 

تنهنجن اکين ۾ ڪهڙن تارن جي جڳمڳاهٽ

تنهنجن چپن تي ڪهڙين مکڙين جي مسڪراهٽ؟

 

* گهڙين ٻن لئه سهي

 

رات ڪيڏي شانت ميه آنند ميه ٿي، راڌڪا،

ننڊ ڇڏ، اُٿ ڏس ته ڪئن جهرمر ڪري بيٺا مٿان

ٽمڪندڙ ديپڪ ستارن جا وشال آڪاش مان

پرٿويءَ روشن ڪيا ڳچ کڙکٻيتن جا ڏئا؛

موتئَي جا ڦول جيتوڻيڪ ڏسجن ڪين ٿا

پر فضا مهڪي رهي تن جي تکي سرهاڻ سان

رات جي هيءَ شانت پڻ ڀاسي ٿي مٺڙي گيت جان

اچ، مٺين سُرهين گهڙين ۾ اچ، رچايون راس ڪا!

 

جا به حاصل ٿي سگهي آهي خوشيءَ جي سا گهڙي

ڏينهن جو فرصت جي ناهي، رات جا چورايون پل

پير کڻ ڇمڪاءِ پايل، مان وڄايان، بنسري!

بنسريءَ جي ڌن، جهنن پايل جي ۽ من جي اُڇل،

هيءَ گهڙين ٻن جي سهي، پر پوءِ ڀي آهي خوشي

آهه هر اهڙي خوشي، ابدي خوشيءَ جي ئي اُٿل!

 

* مان وساريل ئي چڱي

 

ساهه جا سينگار! توکان موڪلائي ٿي وڃان

بس وڃان اوڏانهن ٿي ورنديس جتان مشڪل وري

سڪ ڀريون ٿينديون رهاڻيون ڪينڪي حاصل وري

هڪ ٻئَي کي ٿيو ڏسڻ اوکو، نه دل تان لاهجان!

اُٺسٺا آئندي جا ٺاهي نه سگهنداسين وري

تنهنجي نيڻن ۾ سندم سپنن مڙهيل راتيون رهيون

منهنجي نيڻن ۾ سندءِ رنگين پرڀاتيون رهيون،

ڪين سي نظرون ملائي خواب لهنداسين وري!

 

جيڪڏهن ڪجهه وقت لاءِ مون کي وساري تون ڇڏين

۽ وري جي خواب ۾ پڻ ياد مان موٽي پوانءِ

پنهنجي ان ويسر تي ڀلجي ڀي نه هرگز غم ڪجانءِ

پاڻ کي ان لئه متان ڪنهن ريت گوُندر ۾ گڏين؛

ڪئَن سَٺو ويندو مون کان، ساري مون کي تون دک سهين

مان وساريل ئي چڱي، شل تون سدا سرهو رهين!

 

ترائيل

 

سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان

سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هتي، سنڌ هُتي!

ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان

سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان!

 

ڄاڻ ماڻهن جي پوي صاف سندن ٻوليءَ مان

شيام، ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي سنڌ اُتي!

سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان

سنڌ سنڌين ۾ وسي سنڌ هتي، سنڌ هُتي!

*

پنهنجي ڪوشش ۾ وسان ڪين گهٽائيندس مان

چاهي تقدير مون کي ساٿ ڏئي يا نه ڏئي!

مشڪلاتن ۾ اِرادو نه مٽائيندس مان

پنهنجي ڪوشش ۾ وسان ڪين گهٽائيندس مان!

 

سج لهڻ بعد به وک اڳتي وڌائيندس مان

راهه روشن ڀلي تارن کان ٿئي يا نه ٿئي!

پنهنجي ڪوشش ۾ وسان ڪين گهٽائيندس مان

چاهي تقدير مون کي ساٿ ڏئي يا نه ڏئي!

 

تنهنجي قسمت جو ستارو نه هو اُن ۾ روشن

آيو آڪاس نظر ميروئي ميرو توکي!

ڇا نجوميءَ هو ڏٺو جاچي جتن ساڻ گگن

تنهنجي قسمت جو ستارو نه هو اُن ۾ روشن!

 

روشنيءَ ساڻ ڀريو سج ته اُفق جو دامن

نظر آيو رڳو رنگين انڌيرو توکي!

تنهنجي قسمت جو ستارو نه هو اُن ۾ روشن!

آيو آڪاس نظر ميروئي ميرو توکي!

*

سائين! جئريءَ جندڙيءَ جي سُور جون سؤ صورتُون

زندگيءَ ۾ چين جي ڪا کِن ملي، ممڪن نه آهه!

اُون ايندڙ جي، وئي جا پُور، ڳڻتيون حال جُون

سائين! جئريءَ جندڙيءَ جي سور جون سؤ صورتون!

 

يا چريو ڪوئي کلي، يا جنهن کي ڏين توفيق تون

ورنه دنيا ۾ رهي ڪوئي کلي، ممڪن نه آهه!

سائين! جئريءَ جندڙيءَ جي سُور جون سؤ صورتون

زندگيءَ ۾ چين جي ڪا کِن ملي، ممڪن نه آهه!

 

ڦاڳ آيو، ڳاءِ هوليون، رنگ سان هولي رچاءِ

آهه هر موسم کي پنهنجو راڳ ۽ پنهنجي ورونهن!

جئن، جڏهن، جيڪو ملي سو تئن، تڏهن موقع مناءِ

ڦاڳ آيو، ڳاءِ هوليون، رنگ سان هولي رچاءِ!

 

ڇو گلابي رنگ تون چاهين سدا رابيل لاءِ

پنهنجي پنهنجي جاءِ هر گل کي چڱي سرهاڻ سونهن!

ڦاڳ آيو، ڳاءِ هوليون، رنگ سان هولي رچاءِ

آهه هر موسم کي پنهنجو راڳ ۽ پنهنجي ورونهن!

*

دک ڀرئي گيت ۾ پڻ آهه ڀريل ڪوئي مٺاس

چوڄ جا گيت ئي آهن نه فقط گيت مٺا!

آس جان آهه نراشا ۾ به مٺڙو احساس

دک ڀرئي گيت ۾ پڻ آهه ڀريل ڪوئي مٺاس!

 

مَر ڦري دؤر زماني جو مگر ٿيءُ نه اُداس

شيام، هي ڏينهن به ڏس هُو به ته تو ڏينهن ڏٺا!

دک ڀرئي گيت ۾ پڻ آهه ڀريل ڪوئي مٺاس

چوڄ جا گيت ئي آهن نه فقط گيت مٺا!

 

مان اڃا تائين اهو ڪين سگهيس ويچاري

آهه ان چنڊ جي ڪاراڻ جو ڪهڙو ڪارڻ!

چنڊ کي داغ ڏئي، سونهن ڇڏيس ڪنهن کاري

مان اڃا تائين اهو ڪين سگهيس ويچاري!

 

جنهن کي گنگا جي ومل ڌار سدا وهنجاري

جنهن کي مستڪ تي مهاديو ڪري نت  ڌارڻ

مان اڃا تائين اهو ڪين سگهيس ويچاري

آهه ان چنڊ جي ڪاراڻ جو ڪهڙو ڪارڻ!

*

اڃا روشني ڏي، اڃا روشني ڏي

اڃا تائين دنيا اسانجي انڌاري!

سُجهي ڪونه چارو اڃا روح ڀٽڪي

اڃا روشني ڏي، اڃا روشني ڏي!

 

انهيءَ سج، انهن چنڊ تارن جي هوندي

اڃا ٻاٽ ڪاري، اڃا ٻاٽ ڪاري!

اڃا روشني ڏي، اڃا روشني ڏي

اڃا تائين دنيا اسانجي انڌاري!

 

ڪنهن تصور ۾ مسڪرايو پئي

دل سمائي نه ٿي خوشيءَ ۾ شيام!

ڪنهن تخيل ۾ گنگنايو پئي؟

ڪنهن تصور ۾ مسڪرايو پئي؟

 

ڌيري ڌيري ڪوئي ته آيو پئي

شرد پونم جي خامشيءَ ۾ شيام!

ڪنهن تصور ۾ مسڪرايو پئي

دل سمائِي نه ٿي خوشيءَ ۾ شيام!

*

زندگي تو بنان اُداس اُداس

جيئن سنسان شام هوليءَ جي!

آس مان آس پاڻ آهه نراس

زندگي تو بنان اُداس اُداس!

 

رنگ ۾ رنگ جو نه ڪو احساس

ايئن ويران شام هوليءَ جي!

زندگي تو بنان اُداس اُداس

جيئن سنسان شام هوليءَ جي!

 

جهلمل ڪندڙ حسين ستارن جي ميڙ ڏي

ڏسندي مٿي تان ڪنهنجي رئو بي ڪِري پيو!

نالو نکٽ جو ٻڌي شوق مان تڪي

جهلمل ڪندڙ حسين ستارن جي ميڙ ڏي!

 

اُڀ ڏانهن هيءَ ڏسي ۽ ڪو ڏانهنس پيو ڏسي

نظرن کي سڪ ۽ سونهن جو، مرڪز ملي ويو!

جهلمل ڪندڙ حسين ستارن جي ميڙ ڏي

ڏسندي مٿي تان ڪنهنجي رئو بي ڪِري پيو!

*

ليءِ هجان ها جيڪڏهن تنهنجي مڌر آواز جي

منهنجي دل جو گيت ٿئي ها هوند تنهنجي دل جو گيت!

رُوپ جي هر تان ۾ وسعت هجي ها راز جي

ليءِ هجان ها جيڪڏهن تنهنجي مڌر آواز جي!

 

شيام جيڪر ٿي پوان ها تار تنهنجي ساز جي

تنهنجون نازڪ آڱريون ڇيڙن ها منهنجي دل جو گيت!

ليءِ هجان ها جيڪڏهن تنهنجي مڌر آواز جي

منهنجي دل جو گيت ٿئي ها هوند تنهنجي دل جو گيت!

 

ڀر منجهان لنگهي وڃين جيڪڏهن هڳاءَ جان

زندگي گلاب جان هوند جهٽ ٽڙي پوي!

پراڻ واسجي وڃن هڪ مٺي ڇهاءَ سان

ڀر منجهان لنگهي وڃين جيڪڏهن هڳاءَ جان!

 

پنکڙيون پٽي اگر سڏ ڪرينم پيار مان

سُرت ڪنهن ستار جي سُر جيان ڇڙي پوي!

ڀر منجهان لنگهي وڃين جيڪڏهن هڳاءَ جان

زندگي گلاب جان هوند جهٽ ٽڙي پوي!

*

وقت ايندو جو ملڻ کان ئي پري هوندس مان

منهنجو ڀلجي به ڪڏهن ڪونه تو ويچار ڪيو!

منهنجي گيتن جا پنا ئي پيا هوندءِ ڀرسان

وقت ايندو جو ملڻ کان ئي پري هوندس مان!

 

گيت ڪجهه پاڻ پڙهي بعضي ٻڌي ڪنهن واتان

روئي چوندينءَ: مون کي ڪيڏو نه ٿي هن پيار ڪيو!

وقت ايندو جو ملڻ کان ئي پري هوندس مان

منهنجو ڀلجي به ڪڏهن ڪونه تو ويچار ڪيو!

 

تارا نه چُرن ٿا نه وري رات کٽي ٿي

جاڳڻ ته نه چاهيان ٿو مگر ننڊ اچي ڀي!

ڇا بيهي ويو وقت نه جو باک ڦُٽي ٿي

تارا نه چُرن ٿا نه وري رات کٽي ٿي!

 

دهڪو به نه ٿئَي بند ٿو، دل ڀي نه ٽُٽي ٿي

اُف غم کان ڇٽڻ واسطي ڪا راهه هجي ڀي

تارا نه چُرن ٿا نه وري رات کُٽي ٿي

جاڳڻ ته نه چاهيان ٿو مگر ننڊ اچي ڀي!

*

هاءِ سنسار، هتي سک نه مليو سک پائي

نانءُ ٿيو اصل جو، هٿ آيو مگر عڪس رڳو!

ڪئَن نه دل درد ڀري، شيام! اَڃا واجهائي

هاءِ سنسار، هتي سک نه مليو سک پائي!

 

چنڊ لاءِ ٻارُ رڙي ٻانهون مٿي ڦهلائي

آرسي ڏيئَي چون کيس ته وٺ چنڊ اِجهو!

هاءِ سنسار، هِتي سک نه مليو سک پائي

نانءُ ٿيو اصل جو، هٿ آيو مگر عڪس رڳو!

 

هُو ته خود تند ڪانه سوريندو

ڀر ۾ وينا اِئين رکي هوندي!

اڄ چُري واءُ اُن کي چوريندو

هُو ته خود تند ڪانه سوريندو!

 

سانت ۾ ئي سرن سان اوريندو

جنهنجي لنءُ لنءُ ۾ ليء ڀري هوندي،

هُو ته خود تند ڪانه سوريندو

ڀر ۾ وينا اِئين رکي هوندي!

*

سونهن تنهنجي جو سهي تاءُ سگهن نيڻ نه ٿا

هُوند وارن جي ٿڌي ڇانو اُنهن تي نه ڪرين؟

دل ڏسڻ توکي گهڻو ئي ٿي گهري پوءِ به ڇا،

سونهن تنهنجي جو سهي تاءُ سگهن نيڻ نه ٿا؟

 

ڳائي ڳائي ٿي پيا خشڪ نٻل چپ منهنجا

هڪ مٺي ڏيئَي وري تازو انهن کي نه ڪرين؟

سونهن تنهنجي جو سهي تاءُ سگهن نيڻ نه ٿا

هُوند وارن جي ٿي ڇانؤ اُنهن تي نه ڪرين؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org