سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نکريو آهي نينهن (نارائڻ شيام)

صفحو :10

 

*

ڪُرلائيندي ڪونج؛

نڪري ويئي دوُر، پر

اڃا فضا ۾ گوُنج!

*

 

روٽي ڏيڻ ثواب؛

ڪُتا اٽڪيا پاڻ ۾

سهڪي سهن عذاب!

*

 

ڪوئل! لنوندي جيءُ؛

جنهن کي پُٽ نه ڌيءُ ڪا

جنهن وٽ ماءُ نه پيءُ!

*

 

ڪوريئڙي جا ٻار،

پنهنجي پنهنجي ڪُنڊڙي

پنهنجي پنهنجي ڄار!

*

 

سورج جو پرڪاش،

لڙهندو ويو پئي واهه ۾

هڪ ڪُتي جو لاش!

*

ڪانوَن جي ڪان ڪان،

نوريئڙو چچري وئي

موٽر تيزي سان!

*

 

پيرن جو آواز،

ڌيري دروازو کُليو

ويو بند ٿي ساز!

*

 

ڪيڏو لنبو ڏينهن؛

ٻيڙي ساحل ساڻ اڄ

اوري ويٺي نينهن!

*

 

ترس ته ٿوري دير؛

ساوا ساوا چهچ پن

پيلا ڦول ڪَنير!

*

 

پئي اچانڪ اَکِ؛

پيلي ڦول ڪنير مان

نڪتي ماکيءَ مک!

*

هيءُ ته صرف ٻه نيڻ؛

هڪ هڪ پوپٽ پوئتان

سهسين سهندا ويڻ!

*

 

نور ڀري نيراڻ،

ڪوئل جو ڪو ڪو سنهي

سَرهي هيءَ ساواڻ!

*

 

ڳاڙها ڳاڙها ٻير؛

ٿورائي ڇاڻي وٺون

ڦٽجن ڀل هٿ پير!

*

 

هيءَ جمنا جي ڌار،

ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون

ٽالهيون ڪري قطار!

*

 

ٽڙڪو ڏيئي ٽار؛

جئن ئي ٿڙ کان ڌار ٿي

بوندون ٽپڪيون چار!

*

هڪ ننڍڙو واهڻ؛

کڏ جي ڀرتي هڪ مڙهي

بڙ جو قديم وڻ!

*

 

هلڪي هلڪي ڇاٽ؛

ڪوئل جي ڪو ڪو سنهي

وڻن منجهان هيءَ واٽ!

*

 

هيڏو سارو جهنگ؛

ڇا ٿئي جي نه ملي وڃي

ڪنهن رانجهُو جو سنگ!

*

 

مور مور ئي مور؛

هتي هتي اوري پري

شور شور ئي شور!

*

 

بارش بس ٿي هاڻ؛

چمڪي ڪيڏي ڀت مٿان

سينور جي ساواڻ!

*

پورا ٿي ويا مينهن؛

ڪانگ لنوڻ ڌاران لنگهيو

شراڌن وارا ڏينهن!

*

 

ٽانڊاڻي جي لاٽ؛

پويان پوندڙ کي به هئن

وڃي ڏسيندو واٽ!

*

 

وڻ کي لوڏيو واءُ؛

سرسر ڪندڙ پنن وڃان

جگنوءَ ڪيو اُهاءُ!

*

 

ڪونج اڙي او ڪونج؛

ڪڏهن تنهنجي لات جي

ٿي پهريائين گونج؟

*

 

چمڪي چوڏس چنڊ؛

هنڌ مٿان چادر اَڇي

اُن تي وڻ جو منڊ!

*

تُلسين جي سرهاڻ؛

ويٺو هوس آڳنڌ ۾

شعر لکڻ جي ڪاڻ!

*

 

نالو نامعلوم؛

ليڪن هن وڻ ۾ ٽڙيل

هيءُ ٻه گل معصوم!

*

 

اَلبيلو ٽانگر؛

سورنهن سال اَڳي به هو

سهڻو اَڄ وانگر!

*

 

نم ورائي ٻانهن؛

ڪيڏي ڪروڻا مان ڪئي

رتن جوت تي ڇانهن!

*

 

انبر نيل - ورڻ؛

لال قلعي جي پوئتان

املتاس جو وڻ!

*

اَننت جو احساس؛

بڙ جو وڻ مندر اڳيان

مٿان کليل آڪاس!

*

 

شام، سڙڪ ڀڙ ڀانگ؛

سامهون سُرندو پئي ويو

هڪ چٽڪمرو نانگ!

*

 

پٽ تي ٿيو ڦهڪو؛

ڇت تان هڪ ڪِرڙي ڪِري

هانوَ اَندر دهڪو!

*

 

رات، سڙڪ سنسان؛

پاسن کان بنگلا اُڀا

روشن روشندان!

*

 

ڇورو ڏاڱا ڏار؛

سُئي به لڀجي ڪانه ٿي

هڪ ولهه، ٻيو اَنڌڪار!

*

ايڏو سيءُ نسنگ؛

سامهون ڏئو جلي رهيو

ڌونڪي ڪونه پتنگ!

*

 

تِڏ ته آهي جيت؛

پوءِ به اڄ چين چين سندس

ڀاسي ڄڻ سنگيت!

*

 

ڪيڏي سوڙهي جاءِ؛

ڪيڏي رات وڏي هئي

مڇر ڀي تولاءِ!

*

 

تيز اُٿيو طوفان؛

وڻن اَندر پيهي ويو

جهنگل ۾ سنسان!

*

 

گندو نالو، بُوءِ؛

بيٺل پاڻيءَ ۾ بکي

سج جي روشن روءِ!

*

سانت اَڏول پهاڙ؛

پهڻن ۾ پيهي وئي

ڦٽيل شينهن جي راڙ!

*

 

صبح سويري چاءِ؛

ياد مهانڊو ڪو پيو

کلمک سهج سُڀاءِ!

*

 

باک ڦُٽيءَ جي وار؛

سج چِٽڻ آسان، پر

شفق چِٽڻ دشوار!

*

 

اَمرت ڀني نهارَ؛

سونو سونو رُوپ ۽

روپا روپا وار!

*

 

سنجها جي ٽاڻي؛

مرڪي پڇڻ لڳي: ڀلا

بتي رکان آڻي؟

*

بتي جلايم جيئَن؛

گملي منجهه گلاب جو

ڇڻي ڪريو گل تيئَن!

*

 

بس لاءِ لنبي قطار؛

ڪنهنجي ويڻيءَ جي اَچي

رکي رکي هٻڪار!

*

 

مَر مَر جهڙي ٻانهن؛

مون نه ڏٺو ڪي هن کنئي

آڱر پئي ڪيڏانهن!
*

 

سنهڙي سنهڙي سينڍ؛

اُجلي اُجلي چاندني

ڪنهن کي ڪنهنجي نينڍ؟

*

 

پڪڙيم هن جي ٻانهن؛

سَمهون چتر ”سيتا هَرَن“

نڪري ويئي دانهن!

*

الکو سرخ هڳاءُ،

لُڏن چنبيليءَ جون وليون

نم جو سبز ڇُهاءُ!

*

 

اي گل ائن نه سِڪاءِ؛

پوپٽ جا رنگين پَر

هرکي تون ته نه پاءِ!

*

 

تنهنجي موٽر ڪار؛

نظرن کان نڪري وئي

ڪوئل جي ڪونجار!

*

 

دل تي هُئي مون کي به؛

مهڪي چانڊوڪي به پئي

ليڪن ان هوندي به...!

*

 

رات سهائي، ڪاڪ؛

هاڻ اُڏامي هئن هتي

چانڊوڪيءَ جي خاڪ!

*

رات ٿڪل سنسان؛

چانڊوڪيءَ جي بار کان

وجهلي ريگستان!

*

 

ڪليءَ ڪڍي سرهاڻ؛

ڪيڏي ڏورانهين لڳي

چنڊَ چِٽي نيراڻ!

*

 

سازن جو آواز؛

سُر سان شامل ٽهڪڙا...

منزل دور دراز!

*

 

موٽي ڀاڳ سندن،

سون ورنيون سوڍيون

رُپي رانديون ڪن!

*

 

ڪيڏي ننڍڙي رات!

باقي آهه گهڻي رهي

منهنجي، شيام، حيات؟

*

اَڇڙو اَڇڙو چنڊ؛

باک ڦٽڻ سان ئي ٽُٽو

چانڊوڪيءَ جو منڊ!

*

 

سنڌو لوڇ لڙاٽ؛

منجهند، سج جو اولڙو؛

لهر لهر چمڪاٽ!

*

 

لهرون، ڪُن، وچ سير؛

ساڳي ئي گنڀير اَڄ

سنڌوءَ جي تصوير!

*

 

بجليءَ جو چمڪاٽ؛

اوندهه وهندي پئي وئي

سنڌو لُڙ لُڙاٽ!

*

 

سن گگن ۽ ٻاٽ؛

ڪيڏي تيزيءَ سان ڪڍي

ڪرندڙ تاري لاٽ!

*

اُڏي عرش ڏي ڪونج؛

ڪوئل جي ڪونجار جي

رَسي اُفق تي گونج!

*

 

ساڳي هيءَ سڳنڌ؛

ڪالهه آرتيءَ جي سمي

ويٺو هوس جنهن هنڌ!

*

 

چوڏس چانڊاڻو؛

اڳيان رسالو شاهه جو

سُر مومل راڻو!

*

 

رِڌ سِڌ جهڙا ٿوڪ؛

ويهي سمجهايا مون کي

ساميءَ رات سلوڪ!

*

 

ڀونءِ ڀلايو ڀال!

رهندا هئن پيرا پُٺيان

هوم نه خواب خيال!

*

وهنجي اَمرت ويل

نڪتس جپ صاحب پڙهي

مُک اوجل رابيل!

*

 

لپ ۾ ورتم ڏات؛

تلسيءَ جو پاڇو پيو

ست نارايڻ رات!

*

 

پوئين پهر سڪوت؛

ٻوٽي نيڻ ٻُڌي رهيو

سُن شبد اوڌوت!

*

 

اکيون اَڌوريون بند!

اَهڙي ڪائي ڪلپنا!

اَهڙو ڪو آنند!
*

 

نازڪ نرم نهار!

آهه سڀان جي ڪلپنا؟

يا ڪا ڪلهه جي سار؟

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org