سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نکريو آهي نينهن (نارائڻ شيام)

صفحو :4

 

*

 

سردار ڪري واپار - سهڻي ٿانؤ ٺڪر جا وڪڻي!

 

اکيون ڪنڀارڻ جون اچرج ۾، حسن ڏسي حاڪم جو

لهي چڙهي ڇو ڇاتي تڪڙي، دل ۾ ڇاجو دهڪو؟

سردار پڇي اگهه پار - سهڻي ٿانؤ ٺڪر جا وڪڻي!

 

اُٿي کڙي ٿي سهڻي جهٽ پٽ، چڳون هٽائن منهن تان،

سنهڙي چيلهه سنئَين ڪَئن ٿَئي؟ جهٽ واپس ويٺي لڄ کان

ايڏو جوڀن جو بار - سهڻي ٿانؤ ٺڪر جا وڪڻي!

 

گج تي جي هيءُ ڪاوا، مٽجي، هوند بڻيا آئينو

روشن عڪس گراهڪ جي کان، چمڪي ها پيو سينو!

اسرار عجب اسرار - سهڻي ٿانؤ ٺڪر جا وڪڻي!

 

هوُ ته گهري ٿو دل جو سودو، دل وٺندو دل ڏيندو

سهڻي ويچاري ويچاري، پوءِ هاڻي ڇا ٿيندو؟

انڪار نه ڪو اقرار - سهڻي ٿانؤ ٺڪر جا وڪڻي!


 

 

 

*

 

ڏين ٿي خالي ٿانوَ، ڪنڀارڻ!

ٺلها ٺڪر جا ٿانوَ؟

 

اُونهاري جي ڀانءِ ٻپهري، جوڀن ايڏو تاءُ ڪيو آ

ڪڪرن جان ڪارن وارن جي، ڇاتيءَ تي ڪر ڇانوَ،

ڪنڀارڻِ!...

 

ڪهڙو سودو چاهيان ٿو ۽ ڪهڙي ڀاءِ ڪرڻ ٿو چاهيان

ڪانه اوهان جي ٻولي ڄاڻان، ڪئَن سڀ سمجهايانوَ،

ڪنڀارڻِ!...

 

سون ورن هن چهري تي، لڏي چڳون ڪن البيلايون

سورج سامهون ڄڻ ڪي ڪڪريون، ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ،

ڪنڀارڻِ!...

 

منجهيل منجهيل سؤ ڳالهيون چپ تي، نيڻن ۾ تن جي سمجهاڻي

نظر جهڪيل ۽ ٿانوَ هٿن ۾، واهه ڏيڻ جا ڏانوَ،

ڪنڀارڻِ!...


*

 

سهڻي ميهر جي سچ پچ سهڻي

سهڻي سهڻي قرب ڪَڙِي وو!

 

صاف کير جئَن جوڀن تنهنجو

نرم مکڻ جئن تن من تنهنجو

کيرُ مکڻُ سڀ سهڻي آهي

چنڊ ته آهي ڇاڇ ڇڙِي وو!

چنڊ جي ڪهڙي سونهن ٻِڙي...

 

نينهن نوازيل اکيون نماڻيون

ساهه سيباڻيون سندس رهاڻيون

ڏسڻ ٻڌڻ کان ئي اڳ جنهن سان

ميهر پنهنجي جانِ جڙِي وو!

تنهن کان ڪئَن ٿَئي ڌار گهڙي...

 

 

*

 

هجين ها شيام! تون راڌا هجان ها مان به جيڪر شيام

چڱي توکي ٻڌايان ها!

 

وڇوڙي ۾ سهن دک ڪئَن نه پريمي صبر سان ڏينهن رات

اچان ها پريم - انبر تي وڇوڙي جي بڻي پرڀات

سچيون توکي ڪرايان ها!

 

منوهر بنسريءَ جا سرسندءِ سڌ ٻڌ ڀلائن ها

کلان ها جئَن اکيون تنهنجو اِئين ڳوڙها وهائن ها

لڪي توکي کجايان ها!

 

تڪي راهون جڏهن ٿڪجي ٿين ها بند تنهنجا نيڻ

اُٿاري توکي سپني ۾، سمهڻ جي لاءِ ڏيان ها ويڻ

گهڻو توکي ستايان ها!

 

ٻڌي هٿ پوءِ تون آزيون ڪرين ها اچ کڻي گهنشيام

چوين ها ڇو نه ٿو پاڙين ڪيا جيڪي هيئَه انجام؟

اچي ڇاتيءَ لڳايان ها!

 

هجين ها شيام! تون راڌا هجان مان به جيڪر شيام!


*

 

ڌنڌلو روشن منهنجو جوڀن

سنجها ويلا!

 

سپنيلي رنگن سان رڱيل

هي منهنجو من

سنجها ويلا!

 

ڪيڏي گهري هيءَ خاموشي

سکڻو جيون

سنجها ويلا!

 

ڀرت ڀريل منهنجي پوتيءَ جو

جهرمر دامن

سنجها ويلا!

 

پل پل گهٽجي عمر، ڇڻي جئَن

گل جو پن پن

سنجها ويلا!


*

 

سنڀران اهڙي ساعت ڪانه

جنهن ۾ تنهنجي ياد نه آئي!

 

جنهن ۾ تولاءِ سواس نه سڏڪيا

تڙڦيا تنهنجي ڪاڻ نه پران

ڏينهن نه ٿيو، ٿي رات نه ڪائي!

 

هڪ ئي لفظ وراڻي تنهنجي

ساري عمر مڃان احسان

هاڻي اورڻ آهه اهائي!

 

هير جي جهوٽڪي وانگر هر هر

نرم ڇهاؤ سان تنهنجي ڌيان

مهڪائي منهنجي تنهائي!


 

*

ڦري بانورو سانورو ڀؤنر بن ۾!

 

البيلي هوءَ مکڙي هر هر ايڏو ڇو گهٻرائي؟

جهيڻي خوشبو کان پنهنجي ئي ڪيڏو ٿي شڪ کائي!

گلن جو گهُري ڇانورو ڀؤنر بن ۾!

 

ڪنهنجا چپ ته نه آيا آهن روپ ڀؤنر جو ڌاري؟

هڪڙي گل کي چمندي، ٻَئي ڏي نر لڄ ڪئَن نه نهاري!

ڦري مطلبي بانورو ڀؤنر بن ۾!


 

 *

 شرمائين اِئين ڇو ٿي؟

توکان مون گهريو ئي ڇا؟

 

شرمائجي انڪارين، جئَن زور ڀريان ان تي

انڪار تي شرمائين، پڇتائين ائين ڇو ٿي؟

توکان مون گهريو ئي ڇا؟

 

شرمائجي ويچارين، ڇا هائو ڪريان ان تي

اقرار تي شرمائين، شڪ کائين ائين ڇو ٿي؟

توکان مون گهريو ئي ڇا؟

 

شرمائين ائين ڇو ٿي، توکان مون گهريو ئي ڇا؟

 

 

*

 

ساجن! تولئه هار

پوئان مان گيتن جا ڪي هار!

 

ڪومل مکڙيوُن چنچل تارا، نازڪ آس اُمنگ

صبح اُفڪ جي ڌاڳي ۾ مان پوئندس روشن رنگ،

راڳن جون مالهائون، جن ۾ سپت سُري هٻڪار

پوئان مان گيتن جا ڪي هار!

 

راڄ ڪري مَدُ نيڻن تي ۽ هردي تي سنگيت

مد، سنگيت ٻنهي کان پر ٻل ساجن! تنهنجي پريت،

دل جي تارن کي جئَن ڇيڙي تنهنجي نيڻ نهار

پوئان مان گيتن جا ڪي هار!

 

ٺاڪر - اَرچا پوڄا جي لئه هي جنهن ول جا ڦول

ڪام - ولاسي سيجا جي لاءِ پڻ تنهن ول جا ڦول،

جايون ڌار مگر نه گلن جي خوشبو رنگت ڌار

پوئان مان گيتن جا ڪي هار!


 

 

نظم

 

 

 

 

* هاريءَ جي هٿ جو ڇهاءُ

 

جئن نه ڪا ننڊاکڙي ناري هجي

پرش جو هٿ جئَن ئي ڇاتيءَ تي لڳيس

 مرڪي، ڪَرَ موڙي، اکيون مهٽي، اُٿي،

ننڊ بدلي نازُ نيڻن ۾ بَکيس!

خاڪ جي سيني ۾ ائين جاڳائي ڀاؤ،

شيام هاريِ جي هٿن جو هر ڇهاؤ!


 

* ساگر جي لهر

 

لهر:

گَهري گَهري نيري ساگر جي دلاري نينگري

آءٌ آهيان لاڏلي بادل، کنوڻ، طوفان جي.

چنڊ پنهنجي سايه ۾ منهنجي ڪري ٿو پالنا

۽ ڪري مون تي سدائين ٿو نظر احسان جي.

ننڊ سک جي مان ڇڏي لڏندڙ هندوري مان اُٿيس

پنهنجي سيني ۾ کڻي بيتاب دل سيماب جي

آگ جي ڄر آهه گويا منهنجي ڄيري کي لڳل

منهنجي نس نس ۾ ڀريل آهي جلڻ تيزاب جي

سج لٿو ڪا مهل، تارن جون اکيون ٿيون ٻوٽجن

پر ڌڻي هڪڙو ڏسي ٿو، منهنجي سڪ آهي اَجهل

خودبخود ڇڪجي وڃان مان ڪئن نه ساحل جي طرف

ڪئَن رهان ان کان جدا؟ ڪئَن روڪيان هيءُ من اُڇل؟

فرق پياري ۽ اُڪنڊئي ۾ رهي ڇاجي ڪري؟

بس ملي ساحل سان هاڻي اصل لَي هڪ ٿي وڃان،

دولتون پنهنجي جگر جون گهوري ساحل تان ڇڏيان

پنهنجي سيني ۾ لڪل موتي به واريان ان مٿان.

چهرو چمڪايان مان ساحل جو ۽ چمڪائي چمان

سيني سان ان کي لڳائي سر ڪريان ان تان نثار

پٺتي موٽي ۽ وري موٽي اچي ان کي ڏسي

لپٽجي ان سان وڃان، پنهنجي ٿيان هستي کان ڌار!

 

شاعر:

ڏس، پريان ڪيڏو اُفق جي ٿي اچين نيراڻ مان

ڦڻگون هڻندي، پاڳلن جئَن چاڪ دامن کي ڪندي.

اِئين اچي ساحل ڏي، مٺڙيون کيس ڏين بڻجي اڌير

هيءَ ئي آهي آخري منشا ڇا تنهنجي سڪ سندي؟

پر جڏهن ساحل ئي خود توسان ملي هڪ ٿي وڃي

پو ڪٿي ساحل رهيو ۽ ان جي خودداري ڪٿي؟

۽ ملي ساحل سان جڏهين پاڻ تون خوابيده ٿين

پوءِ ڪٿي تنهنجي محبت، ان جي ناچاري ڪٿي؟

خودبخود آغوش ۾ ڏس تنهنجي ڇڪبو ٿو اچي

تنهنجي مٺڙين جي اَسَهه گرميءَ کان ساحل پگهرجِي

آهه ڇا تنهنجي فراقي راڳ ۾ مستي ڀريل

ٿا جهُڪي آڪاس مان تارا ٻڌن خاموش ٿي!

تنهنجي الفت ۾، رڳو تنهنجي انهي فرقت ڪري

آهه شورش حشر جي ۽ آسماني آهه اوج

دور ساحل کان رهي بجلي تون آهين عشق جي

پر ملينءَ ساحل سان جڏهين آهين هڪ پاڻي جي موج!

تنهنجي ناڪامي ئي آهي ڪامراني قرب جي

تڙڦندي رهه هر گهڙي ۽ داعما مهجور رهه

دور رهه محبوب کان پر کيس هردم پيار ڪر

پيار ڪر محبوب کي پر ان کان هردم دور رهه!

 

* افلاس

 

اجهو ٿي شام، ٿيا رنگينين جا رستي تي جهُرمٽ

اُڏامن چوطرف ڄڻ خوبصورت نوجوان پوپٽ

جواني، حسن سوَ سوَ صورتن ۾ ٿيا اچي پرگهٽ

هوُ جوڀن ڇا، هوُ سوڀيا ڇا! مگر مفلس جي لي ڇاهي؟

 

عجب بازار جو چلتو، هوُ وهندڙ شهر جو رستو

جلي بجلي بتين ۾ ڪئَن نه ٿو افلاس جو نقشو

ٿيو هر شَي جي آرائش ۾ شامل خون غريبيءَ جو

گهڻا سامان عشرت جا مگر مفلس جي لي ڇاهي؟

 

انڌاري رات ۾ بجلي بتين سان چمڪيا ميخانا

نظارا ميز تي مستي جا ۽ ڪرسين تي مستانا

ٻُڌي مينا جي قلقل جهٽ لڳا کڙڪڻ ڪي پيمانا

شراب ۾ ساقي ۽ شيشا! مگر مفلس جي لي ڇاهي؟

 

غريبي جي پهاڙيءَ تي ڌَني ويٺا سُکي بڻجي

ڦُٽي ڦاٽي پوي ٿي ڇو نه سا جوالا مُکي بڻجي

سندس قسمت سندس وس واهه، باقي هئن دکي بڻجي

چوڻ تنهنجو ٿيو بيجا، مگر مفلس جي لي ڇاهي؟


 

* انقلاب زنده آباد

 

خوش ٿيس ٿي ٻُڌي آزاد ٿيو منهنجو وطن!

زندگي هاڻ نئين دَور ۾ داخل ٿيندي

هاڻ ڌارين جي غلامي جو لٿو هر ٻنڌن!

 

جوت جن ۾ نه هئي، هاڻ اهي منهن بَکندا!

هيل تائين جي سڙيا اُس ۾ بيابانن جي

هاڻ ڇٽ گل جو انهن جي ئي مٿي تي رکندا!

 

هر طرف عيش جو سمجهيم ٿي ته هوندو سامان!

پير محنت جا اچي چوڄ مان چمندي دولت

هٿ ۾ افلاس جي، سرمايه جو هوندو دامان!

 

اُف، ڇهڻ ساڻ ئي پوپٽ جو ويو رنگ لهي!

ڪلپنائن جو سجل رنگ محل ٺاهيم جو

هلڪو سپرش به ته ساڀيا جو سگهيو ڪين سهي!

 

منهنجي سپنن کي نه پر مون کي لُٽي ڪوئي ويو!

انقلاب آيو مگر آيو نه آئي جهڙو،

دل ۾ ڇا ڇا نه مون سمجهيو ٿي مگر ڪجهه نه ٿيو!

 

اڄ به غيرت سرِ بازار ٿي بدنام ٿئي!

حسن تي واڪ ملن ۽ ٿي وڪامي عصمت،

زندگي اڄ به ٿي بازار ۾ نيلام ٿئي!

 

ڪوششون، محنتون سڀئي ٿيون پٺتي هٽندڙ!

ڪجهه به آئي نه بکارين جي قطارن ۾ ڪَمي

مفلسن، فاقه ڪشن جو ٿيو لشڪر وڌندڙ!

 

هار همت نه ائين هاري نه همت دانا

درد ۽ غم به حياتي جو جزو آهه، مگر

آهه ۽ دانهه حياتي جي نه ٿيون هم معنيٰ!

 

آئيءَ پائيءَ تي اچي ڳالهه نه ڪر ڊانوان ڊول!

انقلاب آيو مگر دوست نه پورو آيو

باقي هڪ جَست اَٿي ڪرڻي، ڪمر بند نه کول!

 

اچ ته هٿ هٿ ۾ ڏئي پير وڌايون، ساٿي!

ڪيسين ان راه جي ڪنڊن کان بچائيندين قدم؟

خونَ سان تن کي به رنگين بڻايون، ساٿي!

 

ڪجه ٿيڻ کان اڳي امڪان ته ڪرڻو پوندو!

جنهن نئَين بزم، نئَين ساز جي حاجت آهي

پهرين ان بزم جو سامان ته ڪرڻو پوندو!

 

شمع احساس جي هر دل ۾ جلايون پهرين!

دوُر بيچارگي دنيا جي ٿي سگهندي ته سهي

آدمي زاد کي انسان بنايون پهرين!

 

ڪنڊ پاسيرو ٿي پوڄڻ ڪ پيڻ ڇا جو حَل؟

ڪوئي ميخانه ته ناهي نه عبادت گهر آهه،

دوست، سنگرام ۾ دنيا جي کپي ٻَل ۽ عمل!

 

چَو ته دريا ۾ گهڙڻ ڌاران ترڻ ڇا ايندو؟

روئي روئي هوُ رڳو موت گهرڻ وارا ڏس

آيو جن کي نه جيڻ تن کي مرڻ ڇا ايندو؟

 

دل شڪستو تون اجايو نه ائين ٿي، ساٿي!

مون کي پر نُور ڏسڻ ۾ ٿو اچي آئيندو

حال اونداهو گهڻو آهه مگر جي، ساٿي!

 

* اُٿ، ڪجهه ته ڪريون

 

همنشين! اُٿ تا عمل جو شور اڄ برپا ڪريون

ڇا جي لَي ڪاهل ٿي هئَن اڄ ۽ سڀان ويٺا ڪريون؟

اُٿ ته گڏجي ڪم ڪريون، محنت سان ڪجهه جوڙي وٺون

ڪيستائين ويهي هت تقدير جا شڪوا ڪريون؟

ڇا، اها ڀي زندگي جنهنجي پڇاڙي ٿي فنا؟

اچ، ملي اَيام جي گردش کي بي معني ڪريون!

زنده داري جي اگر آهي طلب همت ٻڌون،

زندگي ۾ زندگي هڪڙي نئين پئدا ڪريون!

ڪم سو ڪهڙو ٿي نه جو انسان کان سگهندو ڪڏهن؟

عزم ڪامل ڀي رکون، برباد انديشا ڪريون؟

ڪئن به دريا ڇوهه مان وهندڙ اُڪرڻو آهه نيٺ،

پوءِ ڇو لهرن جي لڙ لوڏن جو ڀوَ بيجا ڪريون؟

ڪم ۾ ٿي مشغول، اُٿ، ڪشتي خدا تي ٿا ڇڏيون

بس بڻي بي فڪر ۽ خوف لنگر تان لڏيون!


 

* طوفان جي نئين لهر

 

تنهنجي سپنن جا محل سونهن ۽ سينگار ڀريا،

منهنجي ساڀيا جا کنڊر هيبتي اسرار ڀريا،

تنهنجي خواهش جا چمن حسن ۽ هٻڪار ڀريا،

منهنجي احساس جا پَٽ خار آزار ڀريا.

اچ طلسمات لڪل کولي ڪريون سڀ ظاهر

دل جو هر پاسو پَلوَ ڳولي ڪريون ظاهر.

 

پيار ڪنهن واسطي، ڪنهن واسطي نفرت ڇا لَي؟

خبط دولت جو ۽ سوادي حڪومت ڇا لَي؟

موت جو فڪر ۽ قسمت جي شڪايت ڇا لَي؟

زندگي راهِه عمل آهه پو ”قسمت!“ ڇا لَي؟

 

زندگي کي نه روايات جي زنجير جڪڙ،

ڀاڳ کي ڀاڳ تي ڇڏ، پنهنجي هلي راه پڪڙ!

 

ويهي تقدير جا شڪوا ڇو ٻڌائيندڙ ٿيون!

بخت جي پوئلڳي ڇو نه گهٽائيندڙ ٿيون؟

ڇو نه هڪڙي نئين دنيا جا بڻائيندڙ ٿيون؟

ان کي آباد ڪري راڄ هلائيندڙ ٿيون!

پير کي چوٽ رسي دل نه ڪري بيخبري

چشم نمناڪ ٿئي، هٿ ڪري چاره گري!

 

ڏس، لڇن بيڪس و مزدور ۽ مسڪين اڃا،

اڌ اگهاڙن ۽ بُکين جي نه ٿي تسڪين اڃا،

رت ڪڍائي به خرابي ته وئي ڪين اڃا،

دردِ دنيا کان رهائي نه ڏني دين اڃا،

آ ته دنيا کي ئي دنيا جو ڪريون هاڻ علاج

پيٽ جو اَن علاج ۽ نه ٻي ڇڪتاڻ علاج!

 

وهم نس نس ۾ اڳي جئن اڃا پيوست آهي،

فڪِر انسان به اڃا ڪهڙي ڪئي جست آهي؟

زندگي عيش ۽ تشويش ۾ ئي پست آهي!

عيش جي پيڙهه پٽيون، رنج کي برباد ڪريون

ڪنهن ٻئي ڊول تي دنيا وري آباد ڪريون!

 

آنڌيوُن ساڻ کڻون، زلزله اڳواڻ ڪريون،

بحر جي دل ۾ بپا گوڙ ۽ گهمسان ڪريون،

ناؤ کي لهر ڪريون، لهر کي طوفان ڪريون،

عين طوفان ۾ نئين زيست جو سامان ڪريون،

جرڪندڙ رنگ محل ٻوڙي ڪريون اونداهي

جهنگ ۾ رنگ رچي پوءِ پٽيون ڪا ساهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org