سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نکريو آهي نينهن (نارائڻ شيام)

صفحو :10

 

قطعا

 

بند ڪمري ۾ هيس، مان، ڌوپ جو جهيڻو اُهاءُ

ڌوپ کامي رک بڻيو، بس هاڻ هو هلڪو هڳاءُ

واس جو احساس پڻ ويندو رهيو، اوندهه رهي

پوءِ پوئين رات کڙندڙ چنڊ جو ڌنڌلو لقاءُ!

*

 

ڍنڍ اهڙي نه هئي جنهن ۾ ٽڙيل هو نه ڪنول

ڪو ڪنول اهڙو نه هو جنهن ۾ نه هو ڀؤنر لڪل

ڀؤنر ڪو اهڙو نه هو جنهن نه ٿي گنجار ڪئي

اهڙي گنجار نه ڪا جنهن نه ڪئي دل بيڪل!

*


 

چنڊ ڦهلائي چوطرف چانڊاڻ

جنهن ۾ سنگيت ميه سمايل شانت

شانت جي سونهن من کي موهيندڙ

سونهن جي رات، رات جي ايڪانت!

*

 

صبح جو ماڪ ڀنل هير گهلڻ جو آواز

هير کان ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي ڇُلڻ جو آواز

شيام پاڻي ئي ڇُليو، ڦول ڪنول جو ئي کُليو

نرم ڪيڏو نه هيو اُن جي کُلڻ جو آواز!

*

 

چنڊ تارا ۽ سانورا بادل

رات جي اڄ ڏسي ڪو جهلمل جوت

جوت ڌنڌلي ۽ ڇانوري روشن

دل ۾ خواهش، دماغ ۽ ڳڻ ڳوت!

*

 

اُڀ آهه پري جي ته ڇا، ڌرتي ته پري ناهه

جهرمر جي نه تارن جي ته ٿا ديپ سجايون

جيون جو اُجالو نه مٿينءَ جوت ڪري صرف

گڏجي نه سگهيا روح ته اچ چپ ئي ملايون!

*

 

ٿي ڀري سنگيت سان دل کي سندءِ موجودگي

ان مڌر احساس تان قربان دل، اکڙيون نثار

تنهنجي ڪومل جسم ۾ ننڊاکڙيون سؤ راڳڻيون

جنهنجي ڇيڙڻ لاءِ نظر گهرجي تون آهين سا ستار!

*

 

وک کڻڻ سان ڪئَن نه ڇمڪي ڇير، ڇمڪن گهنگُرو

ان مٺي ڇم ڇم تان صدقي پرٿويءَ وارن جو گيت

ديوتائون پڻ ٻڌن پيرن جي آهٽ ڪن ڏئي

چال تنهنجي ڀانءِ چنچل چمڪندڙ تارن جو گيت!

*

 

نينهن مجبور بڻيو سونهن جي سامهون ڪيڏو

سر جهڪائڻ نه گهري، اک به ملائي نه سگهي

ڪشمڪش سونهن جي دل ۾ به هئي ڇا نه عجيب

اک ملائڻ نه گهري، سر به جهڪائي نه سگهي!

*

 

اَلا ڪنهن ائين ڳائي سسڪي ڀري

پڙاڏي جون لهرون لڇائي ويون

مُڙي دور تائين ڏٺو مون، مگر

هيون اُڃ ۽ رُڃ جون وسعتون!

*

 

تنهنجو ڪوتا - ڪٺ کولي اڄ

شعر شعر ۾ مون پئي ڳولِي

لولي، جنهن جي ٻڌندي ٻڌندي

تو هن دنيا ۾ اک کولي!

*

 

مهني ۾ هڪ ئي رات ته آهي اُماس جي

ڪهڙي سبب نراس ٿي گوندر ۾ دل گڏيون؟

اڄ شعر جي زمين ۾ تارن جي ڇٽ ڇٽي

سنڌيءَ جي اِئن سڀان اسين روشن ڪري ڇڏيون!

*

 

نيرو پاڻي، اَڇڙي واري، سائو سينور ڀي

پوءِ به خالي ڍنڍ ڪري اڄ هنج اُڏاڻا ڇو؟

يڪتاري تي جي ڳائي ڪو ڪافي قرب ڀري

آهي ڪو امڪان ڀلا پوءِ تن جي موٽڻ جو؟

*

 

جا ڇڏي وڏڙا ويا ڪنهن کي ته سا دولت ڏجي

پر ڪو وارث ٿي وڌي اڳتان اچي ڀي هڪ ٻه پير

شاهه سامي ۽ سچل، دلپت سڃاڻڻ ٿيا پري

شيام جي ٻارن کي سڌ ناهي ته آهي شيام ڪير!

*

 

چنڊ جا ننڊاکڙا ڪرڻا دريءَ جي ڪاچ مان

هنڌ تي لڇندو مون کي گهوُرين پيا ڳچ دير کان

ڪئَن چوان مان کين: اي خوش قسمتو ڇا ٿا ڏسو

ننڊ سک آدميءَ جي ڀاڳ ۾ آئي ڪٿان؟

*

 

سڀ گل ڇڻن سرءُ ۾ ۽ مکڙي نه ڪا ڦٽي

مرجهائجن نه، صرف ٽڙن گل بهار ۾

ساراهه هن جي، هن جي شڪايت ڪندڙ، ٻڌاءِ

توکي اچي ٿي ڳالهه اِها اعتبار ۾؟

*

 

ميڙي چونڊي سڀ لٽائي پئي گلن

چنڊ تارن پئي مٿان چؤ پؤ ڪئي

هير پئي سرهاڻ جون ڳٺڙيون ڀريون

رات اوڍي چاندني ليٽي پئي!

*

 

ڪوڪا لڳل ڀتين تي ۽ ڄاري ڀريل ڪنڊون

ڪيڏا نه تهه مٽيءَ جا ڄميل، شيام، فرش تي

مسواڙ تي مڪان هي ورتو اٿم، مگر

رهندو هو پهرين ڪير ۽ نڪتو ڪڏهن ڇڏي؟

*

 

آنڌي ته آئي سخت مگر هاڻ ماٺ آهه

ان هوندي پڻ وڻن مان ڇڻن پن هِتي هُتي

سهميل پکين جي لات ٿي ٻڌجي رکي رکي

چرپر ذرا به ٿئي ٿي ته هيسائي ٿي ڇڏي!

*

 

ڀت تي وراٽ روپ جي تصوير فريم ۾

سڀ جيوَ جهنجي مک ۾ ٿي پاڻهي اچي پيا

ڪرڙي به ڪئَن نه ڇپ هڻي ويٺي هئي پٺيان

مڇر مکيون اڳيان اچي جنهنجو ٿي بک ٿيا!

*

 

ڌوءُ من تان شهر جا پاڇا به ڌوءُ

شهر جي دز جا بدن تي، سا به ڌوءُ

[1] آءُ بندرا بن ۾، ڪالي - دهه تي ويهه

ڪال سان پنهنجا مڙئي رشتا به ڌوءُ!

*

 

[2] نگم ٻوڌ ۾ هي وڻن جو قطارون

۽ ڪيڏي نه گهاٽي ٿڌي ڇانوَ تن جي

انهيءَ ڇانوَ سان ئي ملي بيٺي بيٺي

اَلائي گهڻن جا ويا پاڇا هڪ ٿي!

*

نه ڪو اُهاءُ نه دونهون ڏسڻ ۾ آيو ٿي

ڪنن تي ڀڻڪ نه پيئي، ٿي ڪنهن رنو نه کليو

جتي فقير جي آواز تي کليو در ٿي

اُتي سڄڻ جي سڏن تي نه ڪو جواب مليو!

*

 

آدمي آدميءَ کي سمجهي سگهي

آدمي آدمي کي پيار ڪري

سمجهه پنهنجيءَ تي ڇو نه فخر وٺي

ڇو نه هن واسطي ڪو هام ڀري!

*

 

جهل ڪيل ميوو ڇنئَه جنهن سان عدن جي باغ ۾

هٿ اهو تنهنجو جهلي هٿ ۾ ڀڪوڙيان ڇو نه مان؟

جن کي چوري تو ڏنو مون کي هئي اُبتي صلاح

چپ اهي تنهنجا چپن سان اڄ نپوڙيان ڇو نه مان؟

*

 

ٻاهر وسي ٿو مينهن تون ڪيڏانهن ٿو وڃين

بادل گجن ۽ ؤنڪ وراڪا ڏين وڄون

چمڪي اکين ۾ چاهه ۽ دل ڌڙڪي شيام، ويهه

 جڳ مينهن ۾ ڀِڄي ۽ اسين نينهن ۾ ڀڄون!

*

 

مون کي ڏسي، چپن ۾ تو هلڪو هلڪو مرڪيو

تو صرف هلڪو مرڪيو چوريو نه پر چپن کي

ان وقت دل ۾ ٿي ڪا محسوس ڪتڪتائي

ايءَ ئي ته ڳالهه آهي جنهن واسطي سڪيس ٿي!

*

 

ويهه هن هانو جي هندوري ۾

آءُ، لوڏيانءِ پراڻ - ڏوريءَ سان

شيام سنسار ۾ جيان جيسين

ڌار دم لاءِ ٿيان نه مان توکان!

*

 

رات، گهر ۾ خاموشي، ميز تي بتي روشن

۽ بتيءَ جي چوڌاري روشنيءَ جو گهيرو هي

هڪ ڪتاب گهيري ۾ تون اڳيان ويٺل هو

اک پٽيندي پُوريندي ٿيو اچي سويرو ڀي!

*

 

هيءَ جواني مٺي چيٽ جي راتڙي

آئي آئي اکين ۾ ئي نبري وئي

يا هئي خواب جي رس ڀني باتڙي

اک کلڻ ساڻ دل تان وسري وئي!

*

 

ياد ماضيءَ جي، شام جو منظر

دل ۾ هڪ گهري حال جو احساس

آيون ڪونجون قطار ۾ اڏنديون

ويُون، خالي ڇڏي ويُون آڪاس!

*

 

آئي ان ريت رنگ نُور کڻي

منهنجي مايوس دل ۾ تنهنجي سار

[3] ٻاري جئَن گهر جي ڏيوري ۾ ڏئو

شام ويلي نئين نويلي ڪنوار!

*

 

مورتي مندر ۾ شو ڀڳوان جي

هٿ کڄيل اَسيس لاءِ ان جو هيو

يا گهريائين ٿي هٽائڻ ”ڪين“ کي

”ڪين“ هيڏيءَ کي ڌڪي سگهندو به سو؟

*

 

بس ۾ ويٺي اچي ڪا پاسي ۾

ڀرجي سرهاڻ سان ويا سڀ سوانس

جئَن بس اسٽاپ کان هلي ڪي اڳيان

گندي نالي جي ويڙهي ويئي بانس!

*

 

بس جي کڙڪين منجهان نهاريم پئي

رستو ساون وڻن هو ٻهڪايو

بس ۾ تو ڀيڙ ڀاڙ ۾ اُلجهي

پنهنجي دل کي اجايو ايذايو!

*

 

پسيني ڀريل ڀيڙ ۾ بس جي بيٺي

ٿي ڪنهن سينٽ جي ڇاٽ محسوس ٿئي اِئن

رکيل گهر اڳيان گند جي ٽوڪري مان

ڪماڻل گلن جي به خوشبو اچي جئَن!

*

 

مُورتي مشڪندي رهي تنها

ڪوئي سامهون نه هو نه ويجهو هو

سنگ مرمر جو يادگار حسين

ڪو اسانجو هو پنهنجو، جنهنجو هو!

*

 

موٽرن، اسڪُوٽرن، ڀاري بسن جي شور ۾

چؤ ته ڪنهن وڻ جي پنن جي سرسراهٽ تو ٻڌي؟

روڊ تي ڪنهن ڏينهن بيهي وڻ جي گهاٽي ڇانوَ ۾

ڪنهن ڪبوتر جي پرن جي ڦر ڦراهٽ تو ٻڌي؟

*

 

هوس وڻ هيٺ بيٺو منجهند جو،

لُڪ لڳئي ٽار ٽار ائن ٿي لڏيو

ڇانو هيڏي سري ٿي هوڏي سري

ڪڍي رومال مون مٿي تي رکيو!
*

 

هيون ڏسڻ ۾ ته ٻاريون گلن جون هڪجهڙيون

رکي رکي مگر آيو هوا جو جهونڪو جو

کڻي ٿي پاڻ سان آيو اُنهنجي خوشبو جئن

ٿيو ٿي دل تي اثر هر دفعي نيارو، ڇو؟

*

 

پاڻ پسائڻ لئه هر کائين

پاڻ پڏائڻ لئه هرکائين

واندي ويهي ويهي بر ٿين

من هر کائڻ لاءِ هرکائين!

*

 

ڪجهه ته چٽو ڪجهه ڌنڌلو ڌنڌلو

ڪجهه ته لڪل ڪجهه دور نظر کان

پورن روپ ڏٺو ڪنهن تنهنجو؟

ناري! تون تارا منڊل جان!

*

 

توکي ڏٺو مون جيترا ڀيرا، الائي ڇو

توکي ڏسڻ تي دل ٿي ٿيم تئَن وري وري

جئَن جئَن ٿي راڳڻيءَ جون مون سمجهيون نزاڪتون

اُن جي ٻڌڻ تي دل ٿي ٿيم تئَن وري وري!

*

 

وئينءَ صبح مندر ۾ درسن ڪرڻ پئي

هيئه وهنجي سهنجي نئين ڊريس پاتي

چني ٺاهي ڇاتيءَ تي، هر هر ڏٺئه پئَي

اِئين هانو ۾ ڇا تو پاتي ٿي جهاتي؟

*

 

پنن منجهان منهن ڦول ڪڍي اڄ

رکي رکي پئَي ڪئَن نه نهاريو

ڀر ۾ اچي پر ڀيري ڀيري

ڀؤنري هڪ نه ٻئي گُونجاريو!

*

 

ٻارن جي وچ ۾ ٻار ڪٿي ٿي لڳينءَ هينئَر

چهري جو رنگ اور ادا اور پئَي لڳي

ٻن آڱرين ۾ هوءِ جهليل گل گلاب جو

ائن پئَي لڳو ڪليءَ منجهان نڪتو هو گل ڦٽي!

*

 

اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي جو

پاڻ ۾ ڦولي ئي نه سمائينءَ؟

منهن تي مرڪ، اکين ۾ هُر کُر

ساڄي سينڌ ڪڍي اڄ آئينءَ!

*

 

بيٺس مان موڪلائي ته ڀاڀيءَ چيو کلي:

”هوندين هتي اڃا به ته، ڀيرو ڪجانءِ پيو.“

در تائين ساڻ ساڻ ڇڏڻ واسطي هلينءَ،

ويجهو اچي چپن ۾ چيو تو: ”وڃين به ٿو!“

*

 

مرڪي ويٺين کلي ڪيئَه ڳالهيون

مون ته سمجهيو ته ڪا گهڙي وهندين

ڳالهه اهڙي ته ڪنهن به ڪانه ڪڍي

جو گهڙيءَ ۾ ڏسي اُٿي بيٺين!

*

 

آئينءَ اُٿي تون ننڊ منجهان اِئن به ته ناهي

هن مهل ڪو وهنجي به ته تون ڪانه اچين ٿي

ڪمري ۾ هئَينءَ پنهنجي سڄو وقت اڪيلي

پر پوءِ به ڳاڙهيون ڇو اکيون؟ ڇو نه ڏسين ٿي؟

*

 

سهاڳ رات جي راڻي ڏسي ڏسي درپن

سليس سونهن کي هڪ رات ڪئَن سجائي وئي

کڄي نه پيئي رتيءَ رات بعد اک، ليڪن

کڄي کڄڻ سان ئي ڳالهيون نيون ٻڌائي وئي!

*

 

سهاڳ رات جي سوڀيا سمائي نيڻن ۾

اُٿي سويل، ڇڏي سيج، مسڪرائي هلي

اِجهو هي آڱريون منهنجون اڃا پيون ڪنبن

هٿن مان منهنجي چُني پنهنجي ائن ڇڏائي هلي!

*

 

گهوٽ کي سمجهي سمهيل نئَڙي ڏسڻ منهنڙو لڳيس

ڳل سندس ڳل تي رکي چپ چاپ ۾ ليٽي پئي

هُو به چپ سمجهيائين جي چرندس ته جهٽ ويندي اُٿي

شانت رس، شرنگار رس ماڻن ٻئي چپ چپ ٻئي!

*

 

کن مٿي کن هيٺ تو نظرون ڪري

ڪجهه چپن ۾ ئي چئي چرچا ڪيا

ڳالهه جي ورندي ڏنَئَه شرمائجي

پوءِ ڀي تنهنجا گلابي ٽهڪڙا!

*

 

پُريءَ جي ياترا جو پڃ تو پاتو

وڃي ور سان، اتان سک ساڻ آئينءَ ٿي

مگر اهڙو ڪٿي هو رُوپ اڳ تنهنجو

لڳين ٿي مورتي ’ڪوڻارڪ‘ مندر جي!

*

 

ڪري آئي اشنان، چوٽي ڪيائين

کلي مڙس کي تلڪ جي لاءِ سڏيائين

ڌڏيو مڙس جو هٿ، ڦِڏو تلڪ ٿي پيو

وٺي هٿ چميائين ۽ دل تي رکيائين!

*

 

ٿيو هلڪو آواز ۽ در کليو

چيائين ته هيٺان ڏسي ٿي اچان

دريءَ مان ڏٺو ڀي هئَائين، مگر

ڇڏي ڪم لهي آئي جهٽ پٽ مٿان!

*

 

ڀلا نانءُ گل جو پڇي ڇا ڪندين؟

اِجهو وٺ، چئي گل ڏئي تو کليو

وڌايو مون هٿ ۽ تون آئين وڌي

مون کي دل گهريو ري گهريو ئي مليو!

*

 

گهڙيءَ ڏي نهاري تو در ڏي نهاريو

اچي آرسيءَ جي اڳيان چوٽو کوليو

ڪڍڻ سينڌ ويٺينءَ ته ٿيو در تي کڙڪو

جهلي وار هٿ ۾ اٿي در تو کوليو!

*

 

اڄ ته ڪا ٻي ئي هئي تنهنجي چهري تي چمڪ

۽ هئي ان تي نه ڪا ڌنڌلاهٽ اڳ جيان

ڪين شڪجي ئي ڏٺئَه ۽ نه ڪي هٻڪينءَ ذرا

پر ملائي اک ملينءَ ڪيتري وشواس سان!

*

 

نه ڪجهه توئي ڳالهايو نه ڪجهه مون ئي ڳالهايو

ٻنهي رات هڪ ٻئي جي چپن تي رکيا چپ ها

جئين پاڻ ۾ چهنبون ملائن ٻه پاريهل

اِئين بلند پلڪون ٿيون ڏسڻ لاءِ هو ڀي ڇا؟

*

 

حواسن سان مون تنهنجو سنگ ماڻيو

جدا ٿيندين مون ڪڏهين ڪونه سوچيو

رهئَين پر روح ۾ ائن، توکي اڄ ڀي

ڇهان پيو، مان ڏسان پيو ۽ ٻڌان پيو!

*

 

ياتري هردوار ۾ بس هر جي پوڙين تي اسين

هٿ جهلي منهنجو، ڏنئَه ڪيڏي نه شرڌا مان ٽٻي

منهن ڪڍي تو ڪئَن نه جئه گنگي چئي مون ڏي ڏٺو

پاڻ ڏي مون کي ڇڪي مون سان ٽٻي ٻيهر ڏني!

*

 

تاريم گلن جي ٻيڙي ٻاري ڏئو انهيءَ ۾

گنگا جي وهڪري ۾ ڪيڏي نه سا وڻي پئي

اوجهل اڃا اکين کان اُوءَ ڪانه ٿي هئي جو

ڪنهن کن هوا جي جهوٽي ٺاري ڇڏيو انهيءَ کي!

*

 

هئي پيڪن ۾ ڪلهه آئي لڳي پئَي ڪئَن نه مرجهايل

پڇيس ور ور ڪري سڀني: ڀلا ڪئَن ساهرا اَٿئي؟

چيائين نيٺ ڪاوڙجي: لکان ٿي خط وڃي ”هن“ کي

وٺي مون کي وڃو جلدي جو ڪن ٿا تنگ هت سڀئي!

*

 

ٻڙي! ڌيئَڙي تنهنجي ڪيڏي نه سهڻي

نِياڻو وتو سانورو ئي اٿيئي!

امان ڪجهه چيو ٿي، رهيو ٿيو نه مون کان

چيم: سانورو پر ڏٺو ڀي اَٿيئي؟

*

 

ڳل ۽ ڇاتيءَ تي، تريءَ تي کاٻي هٿ جي، ان طرح

ساڄي هٿ جي آڱرين سان ڪهڙا چٽ ٺاهين پئَي؟

هئَن نميل نظرون، نهارين ڄڻڪ پنهنجي پاڻ ۾

ڇو نه ڳالهائين سکي! ڪنهن لاءِ ائن سوچين پئي؟

*

 

[4] گيت جو پتي هن جو هن لاءِ آهه جاڳندو

آرسي ڏسي رمڻي گنگنايو ٿي سر سان

ڀانءِ ڀؤنر کي ڏيئي جاءِ جيءَ ۾ پنهنجي

شيام، گنگنائي پيو پاڻ ئي ڪنول اُن جان!

*

 

ليٽيل هئينءَ سويرو دريءَ ڏانهن منهن ڪري

مُورت ٽنگيل هئي گرو بابا جي اُن مٿان

مورت ڏسي ڏسي ٿي تو مشڪيو رکي رکي

منهن تي پيئَه ٿي ترورا سج جا دريءَ منجهان!

*

 

صبح چڙهايو تو جل جنهن تي

۽ سنجها جو جوت جلائي

ڪونڊيءَ ۾ اڄ ڪاريون ڏانڊيون

هاڻ ڪٿي سا تلسي سائي؟

*

 

خواب تنهنجو هئَڙي جاءِ هجي

جاءِ اهڙي ٺهي ته تون ناهين

اڄ اسين تنهنجي خواب ۾ آهيون

خواب ۾ پر اسانجي تون آهين!

*

 

منهن موهه ڀريو تنهنجو ڏسي رات سمهيس مان

منهن مرڪ ڀريو صبح اُٿڻ ساڻ ڏٺو مون،

سورج مکي سج لاءِ ته اڃا آهه اڳي جان

مون ڪاڻ مگر هاڻ ائين آهين ڪٿي تون؟

*

 

ان ڏينهن جڏهن هوندس به نه مان ۽ ياد پوان نه پوان توکي

منهنجي کنڊهر اسٽوڊيو ۾ اچجانءِ اگر مان ياد پوانءِ

ڪي پرنٽ ٿيل ڪي نيگيٽِو الماريءَ ۾ فوٽا هوندءِ

بس لاهي انهن تان تهه دز جا ڏسجانءِ ڏسي ڪجهه ياد ڪجانءِ!

*

 

پرهه ۾ سانجهيءَ سمي توسان ملڻ آيو هيس

مس ٻه تارا ها کڙيا، اوندهه اڃا ايڏي نه هئي

تو وٽان جئَن موڪلائي شيام نڪتس، واٽ تي

ٿڌ ته هئي، تارن جي جهرمر پڻ مٿان ڪيڏي نه هئي!

*

 

تو سان ڪرڻ صلاح جو سوچي هميشه جان

سنڀري سگهوئي شام جو نڪري هليس گهران

گهر تائين تنهنجي پهچندي ٿمجي قدم ويا

تون اڄ ڪٿي هُئين جو ڪريان ڪا صلاح مان!

*

 

وار ڀنل، منهن سرهو، گهري شرڌا نين ۾،

چپ به چُريئَه پَئي ٻاهر نڪتينءَ جئَن اشنان ڪري

نيڻ کڻي ور ڏانهن ڏسي، جل تلسيءَ تي چاڙهي

تلڪ ڏنئَه آليءَ مٽيءَ مان ساڄي ٻاچ ڀري!

*

 

زندگيءَ جي لاءِ عزت ڪو اچي توکان سکي

پوري سوري حال ۾ ڀي زندگي سمجهيهءِ دعا

ماءُ سمجهي تو ته ننهن کي ڀي نه بخشيو ڪنهن طرح

جي ڪڏهن پنهنجي ڄڻئَي کي پڻ سڏيائين، ”او مئا“

*

 

گهمي صبح آيس کڻي گل ٻه ٽي

رکيو ميز تي ٺاهي گلدان مون،

هيون شام جو ميز وٽ پنکڙيون

مٿان ميز جي بس بصر جون کلون!

*

 

ها ڏينهن ڊسمبر جا، هيو سيءُ به ڪيڏو

کڙڪيا ٿي سندم ڏند، هئم ڏڪڻي لڱن ۾،

فوٽو ٿي ڏسي تنهنجي ٿيس ڪئن نه شڪي مان

موجود نه هوندي به کليو پئي تو چپن ۾!

*

 

گيٽ وٽ انب جو وڻ ٻوڪيل هو

کسڪي نڪتو هو گلابي گل ڀي

نڪتي بنگلي مان ننڍي نيٽي پئي

شاخ نئڙائي سنگهڻ گل بيٺي!

*

 

جڏهن ڏس تڏهن در تي بيٺي هئينءَ

اچانڪ ٿي توکي ويو ڇا سکي؟

لڳي ٿو ته آيو اٿيئي ڪو گهر

اڱڻ تائين ٻاهر جو نڪرين نه ٿي؟

*

 

هياسين جدا پر جڏهن پريت مُرڪي

گڏياسين، نه لڄ ٿي نه ئي ڪجهه شڪياسين

مون ڏيندي ٿي ورتي، تو وٺندي ڏني ٿي

خوشي مرڪ جي ائن به ماڻي سگهياسين!

*

 

ڪير ٻڌائي اک اُلٽي

ڇا ڇا هاڻ ڏسي پيئي

رات ڀني جئَن، هيءَ تئَن ئي

تارا چنڊ ٽپي ويئي!

*

 

اڇي لباس ۾ ڪاليجي ڇوڪريون ٽي پريان

ڪلهو ملائي اُڀيون ٻانهن ٻانهن ۾ ڏيئي

مڙي ڏٺائون ٿي ڪاليج جي نئين بلڊنگ

لڳيون ٿي وسري ويل سهڻي خواب جان ٽيئَي!

*

 

اڄ پنهنجي ئي ماضيءَ ۾ ليو پائي نهاريم

مون پاڻ کي ڪهڙو ۽ الائي ڇا ڏٺو پئي

جئَن چير منجهان در جي ڏٺم پنهنجو ئي ڪمرو

ساڳيو ئي هئَو پوءِ به ساڳيو نه لڳو پئَي؟

*

 

ٻيڄ جي چنڊ وانگي ڪير اِئين

ڪنڊ ۾ ٿي ڪرؤنڊڙو ويٺو

ڌنڌ ڇانيل هو چئني پاسن کان

چنڊ ڪيڏو نه ٿي اُداس لڳو!

*

 

هئَا ميز تي ئي پيا سڀ ڪتاب

هئَا پين ۽ نوٽبوڪ ڀي کليل

گهٽيءَ ۾ ڪئَي راند پئَي ٻارڙن

لڳم، هوس گهر ۾ ئي ڀٽڪيل ڀليل!

*

 

دير تائين گهر جي پورهئي ۾ هئي

ڇا ته ڦٿڪي رات، ننڍڙي نائڪا

گيت جي گُن گُن ٻڌي جهٽ ڪم ڇڏي

ويئي ڀڄندي گهوٽ جي اَڀسار ڪا!

*

 

هار سينگار ڪنواري ڪري اڄ

پاڻ ڏسڻ ۾ مگڌ ٿي ويئي

اک آئيني منجهه، چيائين:

”مومل! اڄ ته وڻين اِئن پيئي!“

*

 

لهر تي لهر وري ٿي ۽ هٽي ٿي

رنگ هي من ۾ ويو موج اُٿاري

ڪامڻي ڪئَن نه ٿي جذبات وهيڻي

ڏسي لهرن کي وري ور ڏي نهاري!

*

 

آلسي! سست چال! ويهي رهينءَ؟

ٻُڌي، ور ڏي ڏسي فقط مشڪي

هٿ وڌائي سندس هٿن کي جهلي

موهه وس پيٽ تي رکي ليٽي!

*

 

گهوٽ سان گڏجي وئي مندر ۾ درشن واسطي

ديو چرنن ۾ رکي گل هن مٿو ٽيڪيو جهڪي

هوس وارن ۾ پيل جو گل اڇو رابيل جو

ڀر۾ بيٺل ور جي پيرن ۾ ڪريس، جئَن ئي اُٿي!

*

 

[5] پنهنجي پيشانيءَ جي اجلي عڪس تي بندي هڻي

ڪلهه ڏسي درپن تو خوش ٿي گنگنايو ڪئَن نه پئَي

بندي هڻندي پنهنجي پيشانيءَ تي اڄ ان جي اڳيان

عڪس تو بنديءَ جو بنديءَ سان ملايو ڪئَن نه پئي!

*

 

اڄ اوچتو آئيني اڳيان بيهي

اِن ريت انهيءَ ۾ ڇو ڏٺو پئَي تو؟

۽ مشڪي چپن ۾ ئي، گهمايئَه هٿ

اهڙو به ڇا محسوس ڪئَو پئي تو؟

*

 

اُهائي هجي ڀي اُهائي نه آهين

الائي ڇو اڄ تون ته ڪا ٻي لڳين ٿي

نه ڪو ڳهه ڳٺو، صرف بندي مٿي ٿي

سهاڳڻ، مگر سرس سهڻي لڳين ٿي!

*

 

آرسيءَ آڏو بيهي تو ڪيو سينگار پئَي

هيڪلي هوندي به تو پئَي مڙي هر هر ڏٺو

گهر ۾ ڪوئي ڀي نه هو توڻي جو ان مهل تي

توکي ليڪن پڪ هئي ”هُو“ اتي موجود هو!

*

 

پين چپ تي، نگاهه ڪاغذ تي

ويٺي سوچي چٺي لکڻ جي لاءِ
ڇا اٿم دل ۾، سُڌ اٿس ساري

ڇا لکان، ڇا اٿم ڏسڻ جي لاءِ؟

*

 

پيڪن ۾ وڃي پهچ لکڻ ڪين ڀلينءَ

اڄ آيو ٽپالي اهو خط تنهنجو کڻي!

تنهنجي پيشانيءَ کي ڇهيم جئَن ورتم

تو بند لفافو هو ڪيو تلڪ هڻي!

*

 

پيڪن ۾ رهڻ جيترا ڀيرا به وئينءَ

مون واسطي آئينءَ تون مٺو موهه کڻي

هن ڀيري ٽڪينءَ ڀي نه گهڻو ماڻ ڀري

موٽينءَ ته کڻي موهه نه پر موهه بڻي!

*

 

توڻي جو ور چيس ته وڃڻ جي تڪڙ نه ڪر

ٻانهن مان هن جي پاڻ ڇڏائڻ جي هن ڪئي

اٽڪيس بٽڻ قميص جو وارن ۾، جهٽڪندي

ڇڪ کائي، سيني سان لڳي بيٺي ’آئي‘... چئي!

*

 

جي چڳون منهن تي ڪرن، تن کي ته ٿي پاسي ڪري

پر اکين مان هئَن ڪرن جي لڙڪ ڇا تن کي ڪري

اڻبڻت ور ساڻ ٿي آهيس، دل ڀرجيو اَچيس

ڪين ڪجهه اُڪليس منهن مان ڏک ۽ ڪاوڙجي ڪري!


[1]  ڪالي - دهه: بندرابن ۾ هڪ گهاٽ.

[2]  نگم ٻوڌ: دهليءَ ۾ شمشان گهاٽ.

[3]  ڏيوري: ڏيڍي

[4]  پتي: مڙس، ورُ.

[5]  بندي = بنديا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org