سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نکريو آهي نينهن (نارائڻ شيام)

صفحو :3

 

سورٺا

*

 

ساجن! تون آڪاس - آءُ کيرڌارا بڻيس،

منهنجو هر هڪ سواس - تنهنجي سيني ۾ کڄي!

 

ايئَن پسايئه پاڻ - راول! رمز رکي ڪري،

دل جي ساکن ساڻ - اکيون اَويساهيون رهيون!

 

پربت تي ايڪانت - ويٺي اوچائي تڪي،

سرور اندر سانت - جاچي گهرائي پئي!

 

چنڊ لڳو ٿي ايئَن - اُڀ ۾ آڌيءَ رات جو،

جر تي هوريان جئَن - تري هنس ننڊاکڙو!

 

ڏسندو رهيس ڄمار - نيڻ نه ڍاوا سونهن سان،

جئَن جئَن پئي نهار - تئن تئن سڪ وڌندي وئي!

 

سندر ڪونه وڌيڪ - ڏسجي ڄڃ ۾ ڪنوار کان،

چنڊ ٻيج جو ليڪ - ته به ڪو تارا مٽ پون!

 

روئي لڙڪن ساڻ - پاند پسايم رات جو،

مون پئي سمجهيو هاڻ - وسريون گذريون ڳالهڙيون!

 

مومل! ماکيءَ ميٺ! مون سان چار اکيون ڪري،

ڪيئه نگاهون هيٺ - ويئي ڀت تان اُس لهي!

 

تنهنجي ناز نهار - سينگاريون ڪجهه ساعتون،

تنجي سار سنڀار - شيام سنواري زندگي!

 

دک سان ڪبو نباهه - جيسين ساهه کڄي رهيو،

جيڏو گهرو ساهه - ايڏي لمبي آهه ٿئي!

 

برسي بادل بوند - دل ۾ جاڳيا ڀاؤ ڳچ،

وڇونءَ جان اڻهوند - ڏنگ هڻي ماندو ڪيو!

 

آيو گهر محبوب - گهر مان نڪتاسين اسين،

هي به زماني خوب - آندو فرق فراق ۾!

 

سڏجن سائنسدان - ڳاڻ ڳڻيا نادان جي،

سارو جڳ حيران - تنجي نادانيءَ ڪيو!

 

بيهڪ آهي ڪانه - آهه حيات هل هلان،

لڳن، رُڪن طوفان - دريا وهندو ئي رهي!

 

بيهڪ آهي ڪانه - آهه حيات هل هلان،

ڇا بَر، ڇا بُستان - دريا وهندو ئي رهي!

 

چتيون لڳل رنگين - ڪيڏيون اُن تي آس جون،

هيءَ دل آهي ڪين - ڪا گودڙي فقير جي!

 

جڳ سمجهي بيڪار - جا ڌوڙ لتاڙي پئي،

اوندهه ۾ آڌار - ديپ بڻي جڳ کي ڏئي!

 

پوپٽ ماڻي سونهن - ڪيون سجايون ساعتون،

ڀوري! ويئه ورونهن - واجهائيندي وقت لاءِ!

 

سونهن ڀريو جنسار - مايا جو سنسار ۾،

ڀرت ڀريو ڪنهن نار - ڪوريئڙي جي ڄار تي!

 

رئندي رئندي رات - ڪيڏو شيام وڌي پئي،

هيڏي وڏي حيات - کِلندي کِلندي جهٽ  کٽي!

 

تنهنجي دل تي اُدار - نيڻن ۾ هئن لوڀ ڇو؟

هيءَ ٿئي خود به نثار - هو سڀ چاهن پاڻ لاءِ!

 

هيڏو وڏو تلاءُ - مگر منجهس هڪ ئي ڪنول،

هڪ جو حُسن سهاءُ - جهِرمِر جرڪي جر پيو!

 

چمِي ننڊ جا نيڻ - آهسته پاٻوهه مان،

رات، موت جي ڀيڻ - وئي وهائوءَ کي ڇڏي!

 

مرڪي ڪيءِ نهار - ڪنهن ڪنهن مهل اکيون کڻي،

رکي رکي هٻڪار - آئي پئي جئن هير ۾!

 

نينهن ڀريا سي نيڻ - ڳالهين ساڻ ڳراٽڙيون،

وَر وَر ڏيئي ڀيڻ! - ساريان سهڻيون صحبتون!

 

ڏٺو پوهه جو چنڊ - ڪنهن سان اَکڙيون چار ٿيون،

کڙيو موهه جو چنڊ - ٿيندي پوُنهن پيار جي!

 

گل خوشبُو جي ڏور - ٻڌي سهائي رات کي،

تون به تند ڪا تور - سُرَ ۾ ٻَڌ سُرهيون گهڙيون!

 

لنون پکيئڙا لات - هير گهُلي، اک ٻوُٽجي،

مون کي ساري رات - چنڊ نه ننڊ ڪرڻ ڏني!

 

تنهنجي منهنجي پريت - جئن ٻه تُڪون، هڪ دوهرو،

توبن ڪهڙيءَ ريت - سَرتا، ڪا معنيٰ مون کي؟

 

جنهن سان سنگ سهاڳ - پوري پنهنجي پاڻ ۾،

پاتو جنهن نه ڏهاڳ - تنهن نه پڇاڻيو پريت کي!

 

دنيا ڪينجهر روُءِ - نُوري ماڇين ۾ جتي،

تکي ککيءَ جي بوُءِ - نرم ڪنول جو واسُ ڀي!

 

پڌرو ٿي پڻ پيار - رهيو هميشه راز ٿي،

ڪنهن تي ڪير نثار - لکا نه پيئي لوڪ کي!

 

توکي توکان دوُر - شوق ڇڪي ڪيڏانهن ويو،

تنهنجو ويسهه موُر - اچي نه تنهنجي شڪل تي!

 

گذري ويئي رات - ڏکن سکن جي اور ۾،

پرهه ڦٽي پرڀات - جاڳڻ وارا پيا سمهي!

 

موتي بڻجي هوُند - پاڻ نه کوهي ها اِئين،

شال هجي ها بوُند - بحر کِڻي نه ته لهر ڪا!

 

سورج لعلن ساڻ - ڀري ڪڪر جو پاند ويو،

چنڊ اچي پهراڻ - پهرايس نج سون جو!

 

شيام، پکين جي لات - هوُ پيهو ۽ نارُ هي،

نيڻن مان جذبات - نيسر پاڻي وهي!

 

روئي روئي هاءِ - مون جا چانڊوڪي ڇڏي،

تون ئي چنڊ! ٻڌاءِ - اَڃُ ڀي آهي سنڌ ۾؟

 

پوُرن لاٿا پوُر - پڇ نه حقيقت حال جي،

سپنن کان ئي دوُر - آنءُ سڪان جنهن ڏينهن کي!

 

ڳائي تنهنجا گيت - نالو پاتم لوڪ ۾،

تنهنجو نالو، ميت! - گونجيو ڪنهن به نه گيت ۾!

 

ڏيئي هلڪي تانَ - ماٺ ڪئي جئن ڳائڻي،

ڌيري ڌيري پرانَ - پيهي ويا پڙلاوَ ۾!

 

چونڊيندي رابيل - سارُن سان جهولي ڀري،

روُح مٿان ڪنهن ويل - هئن سُرها سايا پيا!

 

 

گيت

*

 

آس ۾ جيون راس، پکئَڙا،

آس ۾ جيون راس!

 

ڀڃي ڪيو تو تيليون پڃرو، توکي ڀرايو ڀاڳ،

ٿَئين غلامي کان تون آجو، ڳاءِ ستنتر راڳ،

پاڻ ۾ رک وشواس پکئَڙا،

آس ۾ جيون راس!

 

توڻي گل جون نسوُن ملائي، تنهن مان ٺاهن دام،

ناهه چمن بي جوکي، پوڇا؟ سمجهي پکي! اُڏام،

ڪڏهن ٿي نه اداس، پکئڙا،

آس ۾ جيون راس!

 

هي ٿورو سک وٺندو آخر گهرو؟ آنند روپ،

ننڍڙي مُکڙي بڻجي جئَن ٿي آخر ڦول انوپ،

ڀُلجي ٿي نه نراس پکئَڙا،

آس ۾ جيون راس!

 

*

 

سنڌو پياري، پياري سنڌو! ديس جي آس اجاري سنڌو!

گيت جو آيو بکاري، سنڌو!

پريت جو گيت ٻڌاءِ، سنڌو! پريت جو گيت ٻڌاءِ.

 

تان ڪا ڇيڙي آزاديءَ جي، فضا مٽائج ناشاديءَ جي

ناشاديءَ جي برباديءَ جي

 

وير جي آگ ٻجهاءِ، سنڌو! پريت جو گيت ٻڌاءِ.

سک، عيسائي، مسلم، هندوُ - ڇا لي نفرت، ڇا لي ڇو ڇوُ؟

دڙڳ دوئي جا ڌوئج سنڌو!

پريم جو جل ڇلڪاءِ سنڌو، پريت جو گيت ٻڌاءِ.

 

لات ڪنن تي جن جي پيئي - تو وٽ آيا مڙي مڙيئي

قرب جون ڪافيون تو وٽ ڪيئي

موج جي ساز تي ڳاءِ، سنڌو، پريت جو گيت ٻڌاءِ.

 

تون ئي آهين، شاهه جي هستي - سامي جي تون لات الستي

تون ئي سچل جي موج ۽ مستي

پريت جي وين وڄاءِ، سنڌو پريت جو گيت ٻڌاءِ.

 

نهر نهر ۾ رنگ جون لهرون، لهر لهر ۾ نور جون نهرون

صبح شام جون سهڻيون پهرون

سنڌ سڄي چمڪاءِ، سنڌو، پريت جو گيت ٻڌاءِ.


 

 

*

 

ڪومل مکڙيون، چنچل تارا

مهڪن مهڪن، چمڪن چمڪن

منهنجي پريم ڀري دنيا ۾، نرمل سندرتا جا پيارا

ڪومل مکڙيون چنچل تارا.

 

ان مکڙين جي ڪوملتا ۾ ان تارن جي چنچلتا ۾

ڇلڪي ڇلڪي، مرڪي مرڪي

نرمل موجيون، جهرڻي جي هلڪي ڪومل اوجل تارا

ڪومل مکڙيون چنچل تارا.

 

جيون برکش جون ٽاريون ڌوڏي - آشا، پينگهه سنهري لوڏي

آءُ سرلتا، بخش امرتا

تنهنجي راهه نهارن ويٺا - مدت کان رمڻيڪ نظارا

ڪومل مکڙيون چنچل تارا.


 

 

*

شرمائجي

مکڙي وئي شيام شرمائجي!

 

ڀونوري جا ڀيرا

پوپٽ جا ڦيرا

۽ مک جا گهيرا

ڏسندي وئي ڪئن نه گهٻرائجي...

شرمائجي...

 

شبنم جي رِم جهِم

هيرن جي ڇِم ڇِم

ڪرڻ جي چِم چِم

ڀوري وئي هاءِ للچائجي...

شرمائجي...

 

ڇا نانءُ اُن جو؟

ڇا ٿانءُ اُن جو؟

ڇا گانءُ اُن جو؟

آئي ڪٿان آهه ڀرمائجي...

شرمائجي...

 

*

 

ڦاڳ آيو بسنتي هير گهُلي،

ڇوڪين کُلي هيءَ دل جي ڪَلي؟

 

گيت زبان تي، پريت اندر ۾، مُهر چپن تي خاموشيءَ جي

سانڍيل سوَ سوَ سورن جا اڄ لڙڪ اکين ۾ آيا ڀرجي

سي شال ڇُلي ٻاهر نه پوَن

سنسار جا ماڻهو جئَن نه کلن

دنيا کي کلڻ جو وجهه ڇو ملي؟

تون چاهين کلڻ کل شيام ڀلي.

 

موتي تنهنجي مک مان ڪِريا جي، پريم سان چونڊي سانڍيم من ۾

دل ۾ اڀريو درد اچانڪ، هاءِ وهي وياسي لڙڪن ۾

ڇا پريت جي آهي ريت اها؟

ڇا آهي پاپڻ پريت اها؟

بي سمجهه کي سمجهاءِ اچي

جي هُئَن نه اچين هِئَن آءُ هلي!

 

 

*

 

زندگيءَ جي راهه ۾ ڊوڙي جڏهن ٿڪجي پوان!

ياد توکي ٿو ڪريان!

 

هي به ماڻيان، هو به ماڻيان، دل گهري ڇا ڇا نه ٿي

چنڊ تارا لاهي آڻيان، دل گهري ڇا ڇا نه ٿي

پر چڙهي پهچڻ بجا جڏهين ڪِري ڦٽجي پوان

ياد توکي ٿو ڪريان!

 

هنجي چاهت، هُنجي چاهت، دل جي هيءَ حالت بڻي

ناهه راحت ۾ به راحت، دل جي هيءَ حالت بڻي

مُرڪندي ڀي ڪين جي مرڪي سگهان، روئي پوان

ياد توکي ٿو ڪريان!

 

هي بڻي مان هُو بڻان، ٿي دل جي خواهش نت نئين

هي کڻي مان هو کڻان، ٿي دل جي خواهش نت نئين

پائي پڻ ڪجهه ڀي نه پايان، پاڻ مان ورچي پوان

ياد توکي ٿو ڪريان!

 

*

 

راڻا! او جادوگر راڻا،

خاڪ طلسمي ڪاڪ محل ٿئي ڇا جي تو لاءِ پريکيا

ٻنڌن تولاءِ نه هي ٿيا

 

او مومل ڪارڻ ويڳاڻا،

ڪاريون چار شيون ڪهڙيون ڀي نالي پائي هاڻ ٻڌاءِ

تون مومل جو هوءَ تولاءِ!

”بن جي ڪويل ڪاري، ساوڻ ۾ ڪڪرن جي قطار

پر گهرا ڪارا نيڻ اهي ۽ گهاٽا ڪارا اِهي وار!“

 

راڻا! او جادوگر راڻا،

خاڪ طلسمي ڪاڪ محل ٿئي ڇا جي تو لاءِ پريکيا

ٻنڌن تولاءِ نه هي ٿيا

 

او مومل ڪارڻ ويڳاڻا

ڳاڙهيون چار شيون ڪهڙيون ڀي نالي پائي هاڻ ٻڌاءِ

تون مومل جو هوءَ تولاءِ!

”ڳاڙها ڳاڙها لعل يمن جا، اُڀري جئَن سج رنگ رتول

ڳاڙهو تلڪ هي پيشانيءَ تي، ۽ هي ڳاڙها چپ انمول!“

 

راڻا! او جادوگر راڻا،

خاڪ طلسمي ڪاڪ محل ٿئي ڇا جي تو لاءِ پريکيا

ٻنڌن تولاءِ نه هي ٿيا

 

اومومل ڪارڻ ويڳاڻا،

سُرهيون چار شيون ڪهڙيون ڀي نالي پائي هاڻ ٻڌاءِ

تون مومل جو هوءَ تولاءِ!

”سرهي چندن جي ڇايا ۽ سرهي آهه کٿوري خاص

ڀر ۾ هئَڻ پرينءَ جو سرهو، سرهو سرس پرينءَ جو سواس!“

 

راڻا! او جادوگر راڻا،

خاڪ طلسمي ڪاڪ محل ٿئي ڇا جي تو لاءِ پريکيا

ٻنڌن تولاءِ نه هي ٿيا

 

او مومل ڪارڻ ويڳاڻا

اڇتيون چار شيون ڪهڙيون ڀي نالي پائي هاڻ ٻڌاءِ

تون مومل جو هوءَ تولاءِ!

”رات جو پويون پهر به اَڇتو ، اَڇتي آهه صبح جي هير

اَڇتو تنهنجو جوڀن راڻي! اَڇتي تنهنجي مُرڪ سڌير!“

 

راڻا! او جادوگر راڻا،

خاڪ طلسمي ڪاڪ محل ٿئي ڇا جي تو لاءِ پريکيا

ٻنڌڻ تولاءِ نه هي ٿيا

 

مٺڙيون چار شيون ڪهڙيون ڀي نالي پائي هاڻ ٻڌاءِ

تون مومل جو هوءَ تولاءِ!

”مٺڙي چيٽ ۾ ميڙيل ماکي، ساوڻ ۾ ڪويل جي لات

مٺڙي آهه هميشہ مومل ۽ مومل جي ڪومل بات!“

راڻا!  مومل جا ور وراڻا!

راڻا! او جادوگر راڻا!

 

راڻا! او جادوگر راڻا،

خاڪ طلسمي ڪاڪ محل ٿئي ڇا جي تو لاءِ پريکيا

ٻنڌن تولاءِ نه هي ٿيا

 

او مومل ڪارڻ ويڳاڻا!

سيتل چار شيون ڪهڙيون ڀي نالي پائي هاڻ ٻڌاءِ

تون مومل جو هوءَ تولاءِ!

[1]”رات جو ڪ، سيتل آهي صبح جي هير

سيتل تنهنجو هردو راڻي! سيتل تنهنجو ساهه سڌير!“

 

*

 

چانگا چاڳ نه ڪر، هل جلدي، ماڻيون مٺڙو ماڳ

مٺڙو ماڳ محبت وارو، جو مومل جو ماڳ!

 

وڻ وڻ تي پکين جو ڏس ميڙو

چِين چِين چُڻ چُڻ گوڙ بکيڙو

اولهه ڏِس ڏي ڏِس سج آخر

ڍرڪي ڍرڪي ٿيو ڀٽ ڀيڙو

سعيي ۾ سنسار سمهڻ جي، پر تون ساٿي جاڳ!

 

’وڌندا وڌندا گم ٿيا پاڇا

اوندهه جا هيسايل ها ڇا؟‘

اوسيڙي ۾ اوجاڳي ۾

مومل سوچي ويٺي ڇا ڇا!

واٽ تڪي جا مومل ويٺي، تون ئي تَنهنجو ڀاڳ!

 

ٻانهي وئي جئَن جوت جڳائي

وئي طلسمي ڄار وڇائي

اوندهه  سان هي روشني گڏجي

ڀنڀلائيندڙ شڪليون بڻائي

پاڇو چُري جئَن، سمجهي ڀوري، پهتو ڄاڻ سُهاڳ!

 

ٻانهي وئي جئَن جوت جڳائي

وئي طلسمي ڄار وڇائي

اوندهه سان هي روشني گڏجي

ڀنڀلائيندڙ شڪليون بڻائي

پاڇو چُري جئَن، سمجهي ڀوري، پهتو ڄاڻ سُهاڳ!

 

ڦڻي هٿن ۾ کڻي نهاري

ويٺي هر هر وار سنواري

ٺاهي سينڌ، ڇڏي سا کاري

کاري ٺاهي، ٺاهي کاري

البيلي ڏس اوسيڙي ۾، ڀڻڪي ڪوئي راڳ!

 

بس ٻي وائي وات نه ڪائي

اکڙين کي ٻي تات نه ڪائي

ڪاڪ محل جي ڪمل ڪماري

اُن بِن ڀائي بات نه ڪائي!

مومل مُکڙي ٽڙيل اڌوري، ٻڌل اڌورو راڳ!

 

*

 

ڪوڙي دنيا ۽ سندس مايا ڇڏي، ساجن سان گڏ!

سهڻي سپنن جي وڃي دنيا وسائينديس، سَکِي!

 

جنهن سڀاڳي راهه تان هوُ پاڻ ايندو منهنجي گهر،

اُن سڄي شهراهه تي گل ڦل وڇائينديس، سَکِي!

 

چنڊ جي ڪرڻن ۾ پوئي ماڪ جا موتي نفيس،

پيار مان پريتم کي سندر هار پائينديس، سَکِي!

 

دل گهُرئي کي سانت مَي آڪاس ساگر تي وٺي،

چنڊ جي روپي بتيلي ۾ گهمائينديس، سَکِي!

 

چوطرف پيدا ٿي ”گنڌرو لوڪ“ جي ويندي فضا،

هوُ وڄائيندو ستار ۽ آنءُ ڳائينديس، سَکِي!

 

ان جي اکڙين ساڻ اکڙيون ۽ سندس دل ساڻ دل،

مان ملائينديس، سَکِي! سُڌ ٻُڌ ڀلائينديس سَکِي!

 

جي مري وينديس، نه وينديس ان جي سپنن مان مگر،

نينهن جو ناتو مرڻ تي ڀي نڀائينديس، سَکِي!

 

*

 

تنهنجو سهج سڀاءُ، ائين ئي پاڻ لڪائين، ليئڙا پائين!

 

پن پن مان جئن ڇڻي چاندني - وڻ کي لوڏي واءُ.

ائين ئي پاڻ لڪائين، دل تڙپائين!

 

لنءَ لنءَ لرزي چانڊوڪيءَ ۾ - ڇا ته نفيس ڇهاءُ.

ائين ئي پاڻ لڪائين، ڇاتيءَ لائين!

 

ول جئن دل کي ويڙهي ويٺو - اُجلو نرم هڳاءُ.

ائين ئي پاڻ لڪائين، پيچ اَڙائين!

 

اوسيڙو ئي اوسيڙو هو - انبر جو ڦهلاءُ.

ائين ئي پاڻ لڪائين ۽ واجهائين!

 

رڻ جي واري مٿان چندرما - ڪڻ ڪڻ جوت جڙاءُ.

ائين ئي پاڻ لڪائين، پاڻ لکائين!

 

*

ٽانڊاڻي جي لاٽ - رات انڌاري، پنڌ گهڻو!

 

هڪ وک کڻندي روشني

ٻي وک کڻندي ٻاٽ،

ٽانڊاڻي جي لاٽ - رات انڌاري، پنڌ گهڻو!

 

ڪنهن ڪنهن مهل هِتان هُتان

رکي رکي چمڪاٽ،

ٽانڊاڻي جي لاٽ - رات انڌاري، پنڌ گهڻو!

 

بُوند بُوند هيءَ روشني

اونده نجي اُساٽ،

ٽانڊاڻي جي لاٽ - رات انڌاري، پنڌ گهڻو!

 

ڏسندي ٻري ٺري وڃي

ويتر ڪاري واٽ،

ٽانڊاڻي جي لاٽ - رات انڌاري، پنڌ گهڻو!

 

جيڪس ائن پوري ڪجي

هيءَ جيون جي جاٽ،

ٽانڊاڻي جي لاٽ - رات انڌاري، پنڌ گهڻو!

 

*

 

ويٺو ڪوئي نهاري - منهنجن نيڻن پٺتان!

ڍيرَ سِپُن جا سامهون، ويٺو سِپ سِپ کولي،

اَهڙا ڪهڙا موتي، سپ سپ کولي ڳولي؟

سار سمنڊ ڪناري - ويٺو ڪوئي نهاري

منهنجن نيڻ پٺتان!

 

ڏسندي ڪنهنجو منهڙو، نيڻن جي گهرائي،

نظرن ۾ ائن نکري، جنمن جي پنهنجائي،

ساري، ساريو ساري - ويٺو ڪوئي نهاري

منهنجن نيڻ پٺتان!

 

پيڙا پيڙا جيون، جيون جيون پيڙا،

اوسيڙا گڏجاڻيون، گڏجاڻيون اوسيڙا،

گونگا ڳوڙها ڳاڙي - ويٺو ڪوئي نهاري

منهنجن نيڻ پٺتان!

 

*

تنهنجن نيڻن ۾ اي راڌا - ڪنهنجي تات ۽ ڪنهنجو نينهن؟

 

گهرا گهرا سندر سپنا

جهلمل جهلمل ڪومل ڪرڻا

تنهنجن نيڻن ۾ اي راڌا - ڪنهنجي تات ۽ ڪنهنجو نينهن؟

 

نظر نظر هڪ وياڪل ريکا

آنسوُ آنسوُ گهري ممتا

تنهنجن نيڻن ۾ اي راڌا - ڪنهنجي تات ۽ ڪنهنجو نينهن؟

 

هي اوسيڙا، هي اوجاڳا

باک ڦُٽي هوُ تارا نڪتا

تنهنجن نيڻن ۾ اي راڌا - ڪنهنجي تات ۽ ڪنهنجو نينهن؟

 

*

پُونهن جو هي چنڊ منوهر

نيري نڀ کي چمڪائي پيو!

 

نرم ڇهاوَ سان روپن ڪرڻن

سانوري رات جو روپ نکاريو!

واءُ گلن جي خوشبُو مهٽي

اُنجو انگ انگ هٻڪاريو!

البيلي ۽ سندر ويلا،

ليڪن دل کي اَترويلا!

ننڊ ڀريل پلڪن پويان ڪو

جهاتي پائي واجهائي پيو!

 

دل جو پاند ڇهي جئن وييون

واءُ جون سرهيون اُجليون لهريون،

اکڙين جي آڪاس ۾ ڇانيون

سپنن جون ڪڪريون سونهريون

ڪلپت سکَ جي لار لڳي مان

جيون جي منزل تي پهچان

ڪير مگر هئَن جڏهين تڏهين

راهه ۾ ڪنڊا اُڇلائي پيو؟

پُونهن جو هي چنڊ منوهر

نيري نڀ کي چمڪائي پيو!

 

*

 

ڪم ۾ رهين غلطان، ڪوري!

ڪر ڪو وقت جو ڌيان!

 

ڪم تي ويٺين ڀيڄ ڀنيءَ کان،

مرڪين هر هر ڪهڙي سببان؟

ڪهڙي ڪم ۾ ايندو تنهنجو

باک ڦٽيءَ جان کهنبو ڪپڙو؟

 

”هن مان ٺهندي سهڻي سڦري

چولي ٻار کي پهرائڻ لئه،

وقت جو ڪنهن کي ڌيان؟

ڪم ۾ رهين غلطان، ڪوري!

 

ڪم جي ڌُن ۽ راڳ جي روُن روُن،

سج به لهي ويو ڪم نه ڇڏين تون،

ڪهڙي ڪم ۾ ايندو تنهنجو

ڪنگُو وانگر کهنبو ڪپڙو؟

 

”اورنگيون ان مان ٺاهيندا

گهوٽ ڪنوار کي اوڍائڻ لاءِ،

وقت جو ڪنهن کي ڌيان؟“

ڪم ۾ رهين غلطان، ڪوري!

 

چنڊ جي ڪَسُ جهڙي چانڊوڪي

رات گهِميل پر توکي ڪم جي،

ڪهڙي ڪم ۾ ايندو تنهنجو

گلال وانگر کهنبو ڪپڙو؟

 

”ڪم ۾ ايندو منهنجو ڪپڙو

ڪنهن جي مئٿ کي ڪفنائڻ لئه.

وقت جو ڪنهن کي ڌيان؟

ڪم ۾ رهين غلطان، ڪوري!

 

*

 

مِٺي مرڪ ڳالهين ۾ جادو ڀري ٿي

مِٺيءَ جي مِٺي چال جادو ڪري ٿي!

 

سينڌ سنڌر سان، سرخيءَ سان چپ، مينديءَ سان هٿ پير،

لڄ کان ڳل ڀي لال، اچي ٿي مرم جي ماري ڪير؟

مِٺي ڪنهن ڏٺي ٻي

ڏٺي ڪنهن مٺي ٻي

انهيءَ کان پري ٿي نه منهنجي سري ٿي!

 

ڏسندي ڪٽجي فلم ۽ ٻڌندي رڪجي اڌ ۾ راڳ

بيخود ڏسندڙ ٻڌندڙ ٿئَي ٿو تڙڦي ڪئَن نه سجاڳ

نه ٿي تات پوري

نه ٿي رات پوري

الا ائن پري ٿي نه منهنجي سري ٿي!

 

*

 

سگهڙ سکر سوداگر ڪيچي!

ڪهڙا تو وٽ وڻج وکر؟

 

مشڪ جي خوشبو پکڙي ڪيڏو! اهڙي مشڪ ته ڏيکارينم،

آهي عمدي پر ڏين ڪئَن ٿو؟ ”وارن ساڻ ڇهائڻ ڏينم!“

متان ڪا ڌوُتِي ٻڌي اکر.

او سگهڙ سکر سوداگر!

 

جهڙي کير، اڇي هيءَ ٻانهين! ”سانئڻ! گهرجي؟“ ڏيکارينم،

وٺڻي آهي پر ڏين ڪئَن ٿو؟ ”ٻانهن وڌائي پائڻ ڏينم!“

متان ڪا ڌوُتِي ٻڌي اکر.

او سگهڙ سکر سوداگر!

 

ڀرت جا ڪاوا چمڪن ڪيڏو! ڳاڙهو گج ايءُ ڏيکارينم،

سهڻو آهي پر ڏين ڪئَن ٿو؟ ”اک ۾ روپ سمائڻ ڏينم!“

متان ڪا ڌوُتِي ٻڌي اکر.

او سگهڙ سکر سوداگر!


[1]  فوٽ نوٽ: هري دلگير ۽ نارايڻ شيام جي گڏيل پهرئين مجموعي ۾ سندس هي ساڳيو گيت شامل آهي، پر هن گيت ۾ فقط آخري بند واڌو شامل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org