سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نکريو آهي نينهن (نارائڻ شيام)

صفحو :5

 

* جواني

 

حسين چهرو، نگهه مست، اُڀرندڙ ڇاتي،

ڪري نگاهه جواني جي جستجو تنجي!

سياه وار ڊگها، ٻانهون گول گول سفيد

رکي ٿي ٻانهن جواني جي آرزو تنجي!

نفيس، سرخ ۽ امرت ڀريل هي چپ تازا

رهي چپن تي جواني جي گفتگو تنجي!

رسي جي سونهن، منائڻ جي لَي هلي حيلا

اها ئي آهه جواني جي واسطي مشڪل!

شراب، ناچ ۽ گاني جي ڌُن ۾ مست رهي

اهائي آهه جواني جي دل، اها ئي دل!

ڀلا ٻي ڪار جواني جي لاءِ ناهي ڇا؟

اهائي ڪار جواني جي آهه ڇا قابل؟

بکن ۾ پاهه رنون زالون ۽ هي بيوائون!

وطن جي قصر جي تعمير ڇا اهي ئي ڪندا؟

نه منهن ۾ رنگ نه طاقت بدن ۾ ٻار ته ڏس!

وطن جي لاءِ ڪا تدبير ڇا اهي ئي ڪندا؟

سگهن سنوان نه ٿي کَنون کَنون کان جسم هي ٻڍڙا

بلند ملڪ جي توقير ڇا اهي ئي ڪندا؟

 

* دعا

 

درد جنهن دل ۾ هجي ان دل جي شل بڻجان دوا!

جي هجي بيمار ڪوئي ان جي لَي بڻجان شفا!

دک ڪنان ڏکندڙ چپن تي شل پوان بڻجي دعا!

 

اُف اکيون سي جن کي بينائي نه حاصل ٿي سگهي

روشني کان نه جي واقف، سُڌ نه جن کي نُور جي

شل انهن اکڙين جي لَي بڻجي پوان نُور ۽ ضيا!

 

جيڪڏهن ڪوئي مسافر راه ۾ ٿڪجي پوي،

دوُر منزل کي ڏسي مايوس ٿي ويهي رهي،

خضر جو مان ڪم ڪريان، ٿيان ان جو همره رهنما!


 

 

* او زرد پن!

 

کڙ کڙ ڪندڙ او زرد پن!

ڀاري وڻن جا زرد پن!

 

وارو وٺي پنهنجو چڪو - ناهي اوهان جو اڄ سمو

سو رنگ اڄ ساڳيو ڪٿي؟

سو ڍنگ اڄ ساڳيو ڪٿي؟

اڄ ڪِي سڀاڻي پر ڪِرو - ڪهڙو اوهان جو ڀروسو؟

کڙ کڙ ڪندڙ او زرد پن!

 

ڳاڙهين پتين جي ٿي تڪي اڄ واٽ هيءَ دنيا سڄي

ڳچ گونچ ڪچڙا ۽ ڪَڪا

ٽارين مٿان ظاهر ٿيا

سواگت ڪندا تن جي وڃو - سونهين نه ٿي ائن بي رُخي!

کڙ کڙ ڪندڙ او زرد پن!

 

دنيا ۾ ايندي ئي بسنتي هير جو جئن سڏ سڻن

ٽپڪي ٿو جيون رس منجهن

لالاڻ ٿي ڊوڙي مٿن

سپنن جي تاڃي پيٽي تي - جوڙي حياتيءَ جي اُڻِن!

کڙ کڙ ڪندڙ او زرد پن!

 

وڏڙن جي سکڻي آهه دل - ننڍن جي ڀاري آهه دل

ننڍن کي ٿيڻو آ وڏو

وڏڙن کي کڻڻو آ لڏو

ننڍن کي رکڻي آهه دل - توڻي وڏن جي ناهه دل!

کڙ کڙ ڪندڙ او زرد پن!

 

مهمان گهڙين جا اوهين - ٿو دَور ننڍن جو هلي

تن کي سري ڪجهه جاءِ ڏيو

۽ روڪ اُسرڻ ۾ نه ٿيو

آسيس ننڍن کي وڃو ڏيندا، لڳائيندا گلي!

کڙ کڙ ڪندڙ او زرد پن!

ڀاري وڻن جا زرد پن!


 

 

* فقط پاڻ واسطي نه

 

”پنهنجي سڳنڌ سان ٿو هوا کي کڻي ڀريان،

هر اک کي خوش ٿو انڊلٺي روپ سان ڪريان،

ماکي جي مک جو آهه فقط مون مٿان گذر،

پوپٽ ۽ ڀونر لاءِ ٿيس مان ورُونهن گهر.“

کولي ٻڌايو سانت ۾ گل دل جي ڳالهه کي

”جڳ ۾ جيان نه آنءُ فقط پاڻ واسطي!“

 

”گل گل ۽ باغ، جهنگ ٿي هردم رلان ڦران،

ٿي پاڻ ماري ماري هتان هت ڦِران گهِران،

ماکيءَ سان پنهنجي لاءِ نه مانارو ٿي ڀريان،

انسان واسطي ئي ٿي امرت ڪٺو ڪريان.“

ماکي جي مک به ٿي چيو ڀُون ڀُون ائين ڪري،

”جڳ ۾ جيان نه آنءُ فقط پاڻ واسطي!“

 

”ريجهايان پنهنجو پاڻ، جي ڳايان ته پنهنجي ڪاڻ،

اَي! مون کي اهڙو پاڻ ۾ پورو ڪري نه ڄاڻ،

چاڙهي نفيس اڏند کٽولي تي لات جي،

دل دردمند کي نيان آنند ڌام ڏي.“

ڳايو پکي ٿي گيت صداقت جي ساز تي

”جڳ ۾ جيان نه آنءُ فقط پاڻ واسطي!“

 

”صحت ۽ زندگي جا ٿي هر هنڌ سٿ سٿيان،

باغن ۾ ۽ ٻنين ۾ حياتي جي ڇَٽ ڇٽيان،

مطلب ڀريل ٿي گيت سان سنسار کي سڏيان،

جيوت ۽ موت جا ڪي لڪل راز ٿي سليان.“

روُن روُن جي راڳ ۾ هي چيو شيام نهر ٿي.

”جڳ ۾ جيان نه آنءُ فقط پاڻ واسطي!“

 

* ڇا، تو پڇيو...؟

 

ڇا، تو پڇيو مان ڪيئَن ڪاٽيندس نيرس ڏينهن کي؟

ڪيئَن ڪندس، ڇا آٿت ڏيندس پيريءَ ۾ من کي؟

جوڀن وارا ڏينهن سنڀاري ساريندس ويٺو

توکي، تنهنجي مکڙي کي ۽ تنهنجن نيڻن کي!

 

ڇا، تو پڇيو مان ڪيئَن ڪاٽيندس هيڪل ڏينهن کي؟

ڪيئَن ڪندس، ڇا آٿت ڏيندس پيريءَ ۾ من کي؟

ماڪ ڀنل گل ڏانهن نهاري ساريندس ويٺو

توکي، تنهنجي مرڪڻ کي ۽ تنهنجن لڙڪن کي!

 

ڇا، تو پڇيو، مان ڪيئَن ڪاٽيندس ڏاهن ڏينهن کي؟

ڪيئَن ڪندس، ڇا آٿت ڏيندس، پيريءَ  ۾ من کي؟

ڏاهپ جا ويچار وساري ساريندس ويٺو

توکي، تنهنجن گيتن کي ۽ تنهنجن سپنن کي!

 

* سُڃي زندگي

 

ڪئَڻ نه گلزار جي جوڀن وانگر

ڪئَن نه جوڀن جي امنگن وانگر

۽ امنگن ڀرئِي سپنن وانگر

هاءِ آئين ۽ وئين پڻ موٽي!

 

باغ جئَن ڦول جي جوڀن کان پوءِ

جئَن من آنند امنگن کان پوءِ

رات جئَن پيار جي سپنن کان پوءِ

زندگي اِئن ئي سُڃي ٿي منهنجي!

 

 

* ڏهاڳ

 

هر هڪ پکيءَ جي چهنب ۾ چهڪيو بهار ٿي،

هر ٻوُر، غنچه، ڦول ۾ مهڪيو بهار ٿي،

شفاف جل ۾ نهر جي ٻهڪيو بهار ٿي،

هرڻن جي جهُنڊ ۾ ڊڪيو، سهڪيو بهار ٿي،

سپني ۾ بڻجي ساوتري، ستيه وان کي

آندو ورائي ڪال کان، جاڳايو ڪنهن سڏي!

 

افسوس، اي بهار جا بادل، مون کي نه ڇيڙ،

مت ماري آهه دک، نه اٿم ڪل، مون کي نه ڇيڙ،

افسوس، هير صبح جي سيتل، مون کي نه ڇيڙ

دل کي ڪا ڄر لڳي وئي، هَل هَل، مون کي  نه ڇيڙ

ڪهڙو ڪيو مون ڏوهه وڌاتا رسي وئي؟

اهڙي ڪيم خطا جو نه ان کي ديا پئي؟

 

ٿورو ئي اڳ کڙيو هو ستارو سڀاڳ جو

ان ساڻ هو وريو سمو سهڻو سهاڳ جو

سهڻو سهاڳ جو سو سمو، سک ۽ چاڳ جو آلاپ پهريون گونجيو ٿي راحت جي راڳ جو

افسوس، اي اڀاڳ ستارو ٽٽي پيو

آلاپ سک جي راڳ جو ورلاپ ٿي پيو!

 

جي گهر ۾ ويٺي ويٺي سندس ڳالهه ڪنهن ڪڍي

ساوڻ جي بجلين ۾ وِيَس هاءِ ويڙهجي

او زندگي! او آگ! اڃا ياد ٿم چِٽي

هن جي مٺين کان پوءِ جهلڪ انگ انگ جي،

جئَن پنکڙين تان ماڪ، ٿي سورج ڪِرَن پئَي

نکري گهڙي لَي سونهن ڪنول جي اُجڙ ٿئَي!...

 

* خزان

 

ٿا اڏامن زرد پن، جت گل ٿي گوناگون ٽڙيا

ٿي جتي مرڪيو بهار، ات خنده زن آهي خزان

جت پرندا ٿي اُڏيا ۽ ڀونر، پوپٽ ٿي مڙيا

ڇا اُتي آهي؟ زمين خاڪي ۽ نيلو آسمان!

 

نرت مورن جي نه آهي، جت ڌرتيءَ نازڪ قدم

اڄ ڪٿي تالاب وٽ آهي اڳوڻي تازگي،

ڪين تنهنجي مرڪ ڌاران ٿا ٽڙن اڳ جئَن پدم

تو بجا اکڙين اڳيان هڪ آهه ڪلپت مورتي!

 

قهقها تنهنجا جتي گونجيا، اداس آهي فضا

نيڻ اڄ هنجون اُتي هارن جتي هئي شيام دل

ها، هميشه لاءِ خاموشي جو عالم ٿيو بپا

جت هيون سوَ سوَ اميدون، خواهشون ناڪام دل!

 

* اي ساجن

 

مکڙيءَ جي دل ڀڃي هِير، خوشبو کڻي اڏامي

باغي ٿي رنگ، گل کان پوپٽ بڻي اڏامي

ٽاريءَ مان گل هوا ۾ ڪڏهين ڇڻي اُڏامي

ٻوٽي کان خود ڇڏائي ٽاري پلاند پنهنجو

توتي نه حرف ساجن! جڳ ۾ نه ڪوئي ڪنهنجو!

 

پربت تي جئن پوي ٿو سورج جو نور نرمل نڪري ملڻ ندي سان ٿو آبشار اوجل

ساگر طرف نديءَ جي ڊوڙي ٿي ڌار بيڪل

ساگر جو جل ڪَڪَر ٿي پربت تي لڙڪ هاري

مون کان پري ٿي. ساجن! سگهنديم ڪئَن وساري؟

 

* ڪڏهن ٿيندو جو...

 

برق ۽ ابر ٿي گڏ رهنداسين

شيام کلنداسين ڪڏهن رئنداسين

پريم وروڌڻ انهي دنيا جي مٿان

کلي کلنداسين وري کلنداسين

 

مُٺي دنيا جون دکايل جي دليون

تن جي دک کان ٿي دکي رئنداسين

هڪ ٻئَي سان ٿي سدا هم آغوش

برق ۽ ابر ٿي گڏ رهنداسين!


 

 

 

 

 

 

* سپردگي

 

ڀل ڇڏايو هُن مَنکان گهر ساهه سيباڻو، جتي

ڪلپنا چندن جي دونهي جئَن مٿي چڙهندي رهي،

ڇا ٿيو جي پيڪو گهر اڄ ناهه منهنجو گهر، جتي

ماءُ جي پاڇي ۾ گهاريم پنهنجي البيلي وَهي.

 

زندگي منهنجي سندس ٻانهن ۾ سوگهي آ جهليل

ڪهڙي چنتا؟ جي مصيبت سان ڀريل دنيا سڄي

شيام، ڪيرائينديون وڄ دنيا جي هر آفت مٿان

منهنجي وارن جون گهٽائون ڪاريون هڪ ٻي سان گسي!

 

چيٽ آهي ڪين آهي پوهه؟ مون کي سُڌ نه ڪا

زندگي يا موت جو ناهي مون کي احساس ڪو

هن جي نازڪ دل سان هم آغوش آهي منهنجي دل

ڌار هنجي ساس کان منهنجو نه آهي ساس ڪو!

 

 

* اها ڀي حياتي

 

اها ڀي حياتي جو ڳهندي گذاريون

اها ناهه فرصت جو بيهي نهاريون!

کڻي پير جئَن نينگري ڇير ڇمڪي

چپن تي اها مرڪ آئي نه سنڀران

سگهان ترسي کن واندڪائي نه سنڀران!

اها ڀي حياتي جا ڳهندي گذاريون

اها ناهه فرصت جو بيهي نهاريون!

 

ڏسان کن ٻه ترسي ڏئي ٽيڪ وڻ کي

جهُڪي گاهه چرندو هوُ گاين جي ڌڻ کي

وڄن گهنڊڻيون جئَن کڻن ڪنڌ گايون

الا دل کي اِئن ڪيستائين سِڪايون!

اها ڀي حياتي، جو ڳهندي گذاريون

اها ناهه فرصت، جو ڪنهن ڏي نهاريون!

 

 

* ليلا جي پشيماني

 

مُڙيس ڄاڻي واڻي ڏسي کيس ايندو

مون سمجهيو ته ڏسندو اچي اڳ جهليندو!

چُنيءَ کي ڪلهن تي ڍلو اِئن ڇڏيو مون

مون سمجهيو ته روڪڻ لَي پڪ هُو ڇِڪيندو!

وڌائي مون وک پاڻ اهڙي نموني

مون سمجهيو اُٻهرو ٿي مون کي سڏيندو!

اڃا ڇو نه منهنجو اچي اڳ جهليائين؟

چُنيءَ کي ڇڪيائين نه مون کي سڏيائين؟

رهيو ٿيو نه مون کان مُڙي مون نهاريو

وٺي ڀر ۾ ”ڪونرو“ ڏٺم کيس ويندو...

مون سمجهيو ٿي ڏسندو اچي اڳ جهليندو...


 

 

* محبت

 

ٿڙڪي، ڦڙڪي، ڪنبي، ڌڙڪي،

کُلي، ڇُلي، ڇُلي، ڪِري

اِئين ڪري جئَن ندي ڇُلي

وڃي سمنڊ سان ملي جُلي!

اُوءَ ٿڙڪي پر انگ نه ٿڙڪيا!

اُوءَ ته ٿڙڪي پر چپ ته نه ڦڙڪيا!

اُوءَ ته ڇُلي پر دل نه ڇُلي!

اُوءَ ته کلي پر اک نه کُلي!

هٿن ڇهڻ کان، اڳيان اچڻ کان

اکئين ڏسڻ کان، ملي سگهڻ کان

دور گهڻو سوچڻ کان دُور

ڄڻڪ آ دِک تاري جو نُور!

دل سان دل جئَن ”شيام“ ملي

هُوءَ کِلي يا کنوڻ کلي؟


 

 

* مدن

 

اوندهه! اوندهه!! ڇاجي دنيا؟

چمڪي پهرين نُور جي ريکا

چمڪي دنيا - ڏسندي اوندهه پير اُکوڙيا!

هيرون جاڳيون، جاڳي ڳائين

ڳائي ”ماڌو“ کي جاڳائين

گل ڦل جاڳيا - مون به انهن سان گڏ ڪَرَ موڙيا!

 

پربت جي اوجل نهرن تي

نهرن جي چنچل لهرن تي

نرت ڪريان مان - ڏينهن سڄا، راتيون، پرڀاتيون!

پنڇي وانگر ويهي وڻ تي

وَس ۾ آڻڻ چاهيم وِس کي

جڳ تي ڇانيون - مٺڙيون مٺڙيون منهنجون لاتيون!

ڪُهسارن تي ڊوڙون پايان

تيز ۽ سنهڙي سيٽ وڄايان

ڪئن نه منجهايان - ڌرتي ۽ آڪاس ٻنهي کي!

باک ڦٽي جهڳمڳ چوڌاري

بس هاڻي پريت هئَڻهاري

پهچي وڃي، جت - منهنجو سنهري جهنڊو ڦڙڪي!

 

هير کي ڌيري جاڳائيندس

اَڌ ٻوٽيل گل وهسائيندس

وڻ ڌوڏيندس - ۽ ماناري کي لوڏيندس

گونجي فضا ۾ اُٿندي ڀوُن ڀوُن

اک کولينديون ماکيءَ مکيون

مک مک کي ڏَسُ - انبن جي جهڳٽي جو ڏيندس!

 

ڍنڍ جي ڀرتي موج مچايان

خوش ٿي گل گل ڦيريون پايان

ڀر ۾ ”رتي“ ڀي - سوني چُني پرڀات جي پائي،

خوب مٺين جو مينهن وَسايان

سونهن وَسايان، نينهن وَسايان

ڍنڍ جي ڀرتان - جئَن ئي اُڏامان پر ڦڙڪائي!

 

اونهاري جي موسم ۾ مان

هلڪي يا گهَري لاليءَ سان

سرخ بڻايان - وڻ کي، ڦل کي، گل کي اُڀ کي!

روپي ڇيڙي تان بادل جي

گيت ڏيان آڻي ڪوئل کي

خوش ٿي اُڏامان - پوپٽ جي رنگينُ پرن تي!

 

ڪومل سرخ ڪنول جي مکڙي

گل ٿي مون ليءِ سيجا بڻجي

ليٽي پوندس - سرد جي ڏسندس دنيا آهي

پريت پيالو جئَن ڇلڪايان

هنجون هاريان، مرڪون وسايان!

مون کي سڃاتو؟ - ڪنهن کي ”مدن“ جي چُو سُڌ ناهي؟

 

* سپنن مندر

 

پنهنجي سڄي نپڻتا ڪم آڻي ”وشو ڪرما“

تو واسطي رچائي مندر ”مَدن ڀَوَن“ سم،

سڀ ڌن ”ڪبير“ چرخي سينگاري ”شيام“ ان کي

موهت ”رتي“ ڏسي ٿي هي تنهنجو انوپم؛

 

ان ۾ رهي سدائين آنند سک جو واسو

هر صبح شام رکيا ڪن انجي، ديوتائون،

کلمک هميشه توکي سنگيت، نرت سان ڪن

هُو ”اندر لوڪ“ واسي گنڌرو ۽ اپسرائون.

 

چاهين جڏهن سمهڻ تون ڏيئي مٺيون اکين تي

هوءَ ننڊ سون ورني توکي اچي سمهاري!

چاهين جڏهن اٿڻ تون ڏيئي مٺيون چپن تي

ڦون جي مرڪ ڪومل توکي اچي اٿاري!

 

* رنگ رتي لهر

 

اُٿ جاڳ سکي! ڇڏ ننڊ هينئر

ڏس نيڻ پٽي ڇا موج متي

سنسار ڦري ٿيو سونهن پُريِ

سنگيت پُريِ، آنند پُرِي!

 

ڪئَن چوڄ وچان گلشن ۾ پکي

هڪ وڻ تان ٽپي ٻئَي وڻ تي ٽپن

ڇا راند رمن، ڇا ناچ نچن

لاتين ۾ سندن آنند اَتيِ!

 

خوشبو جي وهائي لهر هوا

گل ٻوٽا لڏن ڄڻ لهرون لڳن

اُٿ وهه ۾ دليون وهنديون ئي وڃن

جا لهر اُٿي سارنگ رتي!

 

ڪالهوڪي گهڙين جي سار کڻي

نوراني سڀان جا خواب کڻي

هي ننڊ ڀريل ڀاري ۽ جهڪيل

اکڙيون ته مٿي کڻُ روپ وَتي!

 

* جمنا جل ڀرن

 

جوڀن جي بار هيٺ هلي جئَن ڪا سندري

برج بن ۾ هِير صبح جي ڌيري گهلڻ لڳي،

جمنا ڪناري شيام وڄائي ٿي بنسري

هر لهر ۾ امنگ جي گنگا ڇُلڻ لڳي!

 

ڇا ٺار ڇا خمار سندس هر نِهار ۾

گهنشيام جا هي نيڻ نشيلا ڪِ پوئين رات!

سپنن جي سونهن سانت چڙهاو ۽ اُتار ۾

آلاپ بنسري جا رسيلا ڪِ پوئين رات!

 

سنگيت، سونهن، جل جي تربيڻي وهي پئي

گهاگهر ڀرڻ سکيون ويون، آيون اکيون ڀري!

ٻي سرت آهه سرت، ڪو سرجيت ڪئَن ٿئي

ورنن عجيب ڀاوَ جو، چَو، ڪير ڪئَن ڪري؟

 

* پوياڙي

 

وڻن جي سبز ۽ سرهن پنن جي ڇم ڇم ڇم

رهي نه تازگي آخر ڇڻي ٿيا ساڻا،

تريو تلاو ۾ جوڙو سفيد هنسن جو

اکيون ۽ چهنبون ملايائون، پريت پاتائون،

سنجها ٿيڻ تي سميٽيائون جشن جيون جو

رسيلو پويون حياتيءَ جو گيت ڳاتائون،

 

نهار اُڀ ۾ ستارن لڳائي ڇا رم جهم

ڇڻي زمين تي ٿيا ڍير گل جي ڪوماڻا،

فضا ۾ گونججي ماٺي ٿي هنس جي پڻ لات

ڀلي وڄاءِ هينئَر شنک موت جو، اي رات!

 

* پرڪرتي ۽ پرش

 

ماتا، پتني ۽ ڌيءُ بڻجي پر ڪرتي نت پيار لٽائي،

پٽ، پتي ۽ پيءُ بڻجي نت پرش وٽانئَس پيار ئي پائي،

پرڪرتي جو هانءُ اُڪاسي، نيڻ پرش جا پياسا پياسا،

جنم اڳڻ وٺندي ڀي سگهندا، پيار لٽائي، پياس ٻجهائي؟

راڻي جي ٿي مومل پنهنجي، پنهنجو نوريءَ کي ڄام ڪيو

پر حسن کي اَپنائڻ جي، جا هئي عشق کي آس اڃا نه مِٽي!

ڀرپور ڪَلس سينن جا ۽ سرشار پيالا نيڻن جا،

پَئندي پَئندي جُڳ گذري ويا پر عشق جي پياس اڃا نه مٽي!


 

 

* وقت، او جوڳي!

 

وقت، او جوڳي، بين وڄائين

بين وڄائين، رمز اَلائين!

رکي چپن تي بين فنا جي

وقت او جوڳي، سدا وڄائين!

 

ڀري هوا سان مِٽُون ۽ ڇاتي

ڦوُڪي بين وڄائين، سائين!

هيٺ مٿي سُر لاهين چاڙهين

تال ملائي لهرو لائين!

 

هي جڳ آهه وسيهر وانگر

پر نه انهيءَ کان ڪو ڪؤ کائين،

مُرڳو مَنڊُ منڊين سو سر ۾

مست بڻائي جيءُ جهومائين!

 

مستيءَ ۾ جڳ سارو جهولي

سُڌ ٻُڌ پنهنجي تون به ڀُلائين

بين فنا جي رکي چپن تي

وقت، او جوڳي، سدا وڄائين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org