سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:9 

ڪلاسيڪي سنڌي دوهو

ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ سڀ کان پهريان تحريري صورت ۾ قاضي قادن (1463ع-1551ع) جا دوها ملن ٿا، اُنهيءَ ڪري کيس ’ڪلاسيڪي سنڌي دوهي‘ جو موجد چئجي ته ڪو مبالغو نه ٿيندو. قاضي قادن سنڌي ٻوليءَ جو اُهو شاعر آهي، جنهن جو ڪلام چڱي مقدار ۽ وثوق جوڳي حيثيت ۾ مِليو آهي. هُن جا سنڌ ۾ سَت بيت مليا آهن ۽ اُن بعد هيري ٺَڪر انڊيا جي علائقي هرياڻا مان سندس 112 بيت (جيڪي دوهي ۽ سورٺي سٽاءَ تي آهن) هٿ ڪيا آهن.

قاضي قادن نه رڳو دوهي جي حوالي سان اهم ۽ سگهارو شاعر آهي، پر مجموعي فني ۽ فڪري لحاظ سان سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو امام ۽ پيشرو ڪوي آهي. هُن ڪٿائي، قصيده گوئي ۽ درٻاري شاعريءَ مان سنڌي شاعريءَ جي جان ڇڏائي، نه فقط اُن کي فڪر ۽ فن جا نوان بنياد فراهم ڪيا، پر روايتي مذهبي شاعريءَ کي پڻ صوفياڻو مزاج ۽ ماحول بخشي، سنڌي شاعريءَ کي نئون تخليقي ۽ ادبي معيار عطا ڪيو آهي.

”قاضي قادن جي شاعريءَ ۾، ڪيترا اهڙا موضوع آهن، جن جي روايت هِن وٽان ئي شروع ٿي آهي ۽ اُهي موضوع اڳتي هلي، سنڌي شاعريءَ جا پسنديده موضوع ٿي پيا آهن.“(33)

قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ ڪمال جي منظر نگاري، فڪري گهرائي ۽ فلسفياڻي حُسناڪي مِلي ٿي، سندس اُنهيءَ سُرت، سوچ، فلسفياڻي گهرائي، مائدار محاوري ۽ محاڪات کان متاثر ٿي، ڪيترن ئي شاعرن سندس فني ۽ فڪري واٽ اَپنائي آهي. هُن کان متاثر ٿيندڙ شاعرن ۾، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، شاهه لطيف ۽ ٻيا ڪئي شاعر شامل آهن.

قاضي قادن جي دوهن جي مجموعي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته، اُهي فني طرح هندي ڇند تي آڌاريل، ۽ دوها _ سورٺا، وڏا دوها ۽ تڻويري دوها ڇندن تي رَچيل آهن. الياس عشقي پنهنجن دوهن جي مجموعي، ’دوها هزاري‘ ۾، دوهن جي ڄاڻايل 23 قِسمن کان علاوه اُن جي ٻين ٽن قِسمن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي، جيڪي هِي آهن. پهريون وڏو دوهو، ٻيو تونبيري/ تڻويري دوهو ۽ ٽيون کرو دوهو. هُو بيت جي قديم سٽاءَ کي ’وڏو دوهو‘ ڪوٺي ٿو، جنهن جو پهريون ۽ چوٿون پَدُ هم قافيا هوندا آهن. مثال:

 

سڄڻ منجهه هئام، مون اُٿي ويا اوٺيا،
هيڏان هوڏان هٿڙا، هيئين جاڙ وڌام.

                                  (قاضي قادن)

**

ڌَڪين ڌات پئو، هينئڙو لوهه سنداڻ جئن،
سنڀاري کي سڄڻين، وِرچي تان نه وِئو.

                                    (شاهه ڪريم)

 

جڏهن ته سنڌي/ ڪلاسيڪي بيت کي ’تونبيري/ تڻويري دوهو‘ سڏي ٿو، جنهن جو ٻيو ۽ ٽيون پد هم قافيا هوندا آهن. جيئن مٿين بيت جو ٻيو پد پهرين ۾، ۽ چوٿون پد ٽين ۾ مٽا ڪنداسين ته، سنڌي بيت / تونبيري/ تڻويري دوهو بڻجي پوندو.

 

مون اُٿي ويا اوٺيا، سڄڻ منجهه هئام،
هيئين جاڙ وڌام، هيڏان هوڏان هٿڙا.

                                  (قاضي قادن)

پاڻياريءَ سر ٻَهڙو، جَر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.

                                   (شاهه ڪريم(

**

مُلهه مَهانگو قطرو، سِڪڻ شهادت،
اسان عِبادت، نظر نازُ پرينءَ جو.

                             
    (شاهه لطيف)

 

قاضي قادن جو ڪلام، جيڪو جملي 119 بيتن تي محيط آهي، اُن جي گهري مطالعي مان پرک پوي ٿي ته، قاضي صاحب اُن ۾ فني حوالي سان مختلف ۽ منفرد تجربا ڪيا آهن. هُن جي دوهن مان 5 وڏا دوها، 65 عام دوها، 2 تڻويري/ تونبيري دوها ۽ 45 سورٺا ڇند تي مشتمل آهن. قاضي قادن جي دوهن جي وڏي خوبي اُها آهي ته، اُهي هڪ طرف عام دوهي جي مقرر ماترائن (13 +11 = 24) جو پورائو ڪن ٿا ته، ٻي طرف اُنهن ۾ فڪري گهرائي، احساساتي اُڇل، خيال جي اَڇوتائي ۽ من کي موهيندڙ رچاءُ ۽ رنگ پڻ موجود مِلي ٿو. سندس چند دوها نموني طور پيش ڪجن ٿا.  

 

ڪنزُ قدوري ڪافيا، ڪي ڪين پڙهيام،
سو ڏيهه ئي ڪو ٻيو، جان ئي پرين لڌام.

             
        **

لائي لام الف سان، ڪاتب لکن جيئن،
مون هنيئڙو پريان سان، لڳو آهي تيئن.

             
        **

نه سو لاهو نه سِرو، نه اُرِ نه وار نه پار،
موڙهو وتين تن کي، سو من منجهه نهار.

             
        **

پريان سندي ڳالهڙي، مَرِ مُنجهين ئي هوءِ،
ٻُڌائين ٻين کي، ڪِيهو ڪاج سَريوءِ.

                                 (قاضي قادن)

 

شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري (1538ع-1622ع) جو ڪلام پڻ تاريخي، فني ۽ فڪري لحاظ سان وڏي اهميت جو حامل آهي. هُن جي شاعريءَ جي ادبي ۽ تخليقي خوبين ڪري کيس ’سنڌ جو چاسر‘ ۽ سنڌي شاعريءَ جو ’وِهائو تارو‘ به چيو ويندو آهي. قاضي قادن کان پوءِ شاهه ڪريم جو ڪلام ئي آهي، جيڪو نه فقط تحريري صورت ۾ چڱي تعداد ۾ مِليو آهي، پر اُن ادبي تاريخ جا ڪيئي اَڻ چِٽا رُخ عيان ڪري، سنڌي شاعريءَ کي نوان ۽ تخليقي بنياد پڻ عطا ڪيا آهن.

ڪريم جي ملفوظات، جيڪا ’بيان العارفين‘ جي نالي سان مشهور آهي، اُن ۾ هُن جا ڪجهه قول، ڏاهپ جا مختلف نقطا ۽ 92 بيت مِلن ٿا. هُن جا بيت، جيڪي ڪجهه دوها ڇند تي ۽ ڪجهه وري دوها- سورٺا جي مِيلَ تي مبني آهن. شاهه ڪريم جي اظهار جو موضوع ۽ مضمون توڙي جو تصوف آهي، پر اُن ۾ هُن نه رڳو سماجي تمثيلن کي شامل رکيو آهي، پر ٻوليءَ جي تخليقي پهلوئن، لوڪ چوڻين، پهاڪن، صنعتن ۽ ترڪيبن کي پڻ ڏاڍي سِيبتائي ۽ سُندرتا سان استعمال ڪيو آهي. هُن جو شعر گهڻو ڪري لاڙي لهجي ۾ آهي، پر اُن ۾ سنڌ جي ٻين لهجن جي پڻ ٿوري گهڻي سُڳنڌ محسوس ٿئي ٿي.

 

نينهن نياپي نه ٿئي، سَڌين سيڻ نه هُوَن،
ڪاري راتين رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻ نه رُوَن.

             
        **

مورک مُورُ نه ٻُجهڻا، هيڏان هوڏان ڪَن،
ڪَٽر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پَسن.

                               (شاهه ڪريم)

 

شاهه ڪريم جي دوهي جو فني ۽ فڪري رنگ گهڻو ڪري ساڳيو قاضي قادن وارو آهي، پر اُن ۾ هُن پنهنجي ڪجهه جدت ۽ احساساتي حُسناڪي پڻ پيدا ڪئي آهي. ٻنهي ۾ ڪيئي هم آهنگيون به آهن ته، منجهن ڪي جزوي فرق به آهن. قاضي قادن جي دوهن ۾ فلسفياڻي ۽ اهڃاڻوي اظهاريت ملي ٿي، جڏهن ته شاهه ڪريم جو ڪلام گهڻو تڻو ناصحاڻو آهي. هِنن ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ جو فڪر ۽ سندن فني جامعيت ايتري ته جاندار ۽ جوت ڀري آهي، جو اُن کي نه صرف شاهه لطيف جهڙي شاعر پنهنجو سرچشمو بڻايو آهي، پر سموري سنڌي شاعريءَ جي عمارت اُنهن شاعرن جي فڪري ۽ فني بنيادن تي آڌاريل آهي.

شاهه ڪريم جا دوها گھڻو ڪري روايتي دوهي جي فني سٽاءَ جو پورائو ڪن ٿا، پر منهنجو ذاتي خيال آهي ته، اُهي ڇند کان وڌيڪ ترنم، صوتي آهنگ ۽ لفظي موسيقيءَ تي آڌارڪ آهن، (توڙي جو اُنهن مان ڪيترائي ئي ماترڪ ڇند جو پورائو به ڪن ٿا.) اُنهيءَ ڪري اُهي دوهي جي مخصوص ماترائن جو مڪمل اَحاطو ڪرڻ بدران دوهي جي ترنمي سانچي جون تقاضائون پوريون ڪن ٿا.

 

مُٺِ ڀيڙيا ئي ڀلي، جه اُپٽي ته واءُ،
جو پڌر وڌي ڳالهڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ.

                     
**

ڪنز قدوري ڪافيا، ڪِ ڪين پڙهيوم،
سو پار ئي ڪو ٻئو، جئان پِري لڌوم.

                     
**

ڪنز قدوري ڪافيا، جي پڙهي پروڙئين سڀ،
ته ڪر مَنڊي ماڪوڙي، کوهه ۾ پيئي ڪَڇي اُڀ.

                               (شاهه ڪريم)

 

ميين شاهه عنات رضويءَ پڻ ڪجهه دوها لِکيا آهن. هُن جي دوهن جي، نه رڳو ٻولي مُترنم ۽ رَسيلي آهي، پر اُهي فڪري گهرائي ۽ فني پختگيءَ سان مالا مال آهن.  

 

تو نه سُئيو سپرينّ، نينهن اڳئي شينهن،
ٻوليو ته ٻهر پِئيو، سَٽيو ساوڻ مينهن.

                     
**    

کامي کوريءَ وچ ۾، پتنگ ويا پَچي،
آئي وَٽ آتش جي، سڀ ڪا سُڌ سَچي
.
                                     (شاهه عنات)

مٿين شاعرن کان علاوه لطف الله قادري، ”شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سامي اهڙا نالا آهن، جن سڌي توڙي اڻ سڌي طرح دوهي سان وابستگي ڏيکاري آهي. ڪجهه شاعرن سڌا دوها لِکيا آهن ته، ڪجهه شاعرن بيت، سورٺا، دوهيڙا ۽ ٻين دوهي سان ملندڙ يا اُن مان جنم وٺندڙ يا اُن جي اثر هيٺ رهندڙ صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جيئن شاهه لطيف جا گهڻا بيت دوهي پَد ۾ لِکيل ملندا.“(34)

دوها _ سورٺا مِيلَ جا مثال:

اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سُڄاڻ،
لاهيندا مورياڻ، رُڪ ڪريندا پڌرو.

                    (يمن ڪلياڻ، د ــ 3، بيت ــ 16)

**

اونچو اتاهون گهڻو، جيئڻ کي جبل،
مرڻ مون سين هل، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.

                       (معذوري، د ــ 4، ب ــ 5)

سورٺي جا مثال:

اُڀيون تڙ پوڄين، وَهون وڻجارن جون،
آڻيو اَکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي.

                          (سامونڊي، د ــ 1، ب ــ 9)

**

اَگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مَران.

                       (سريراڳ، د ــ 4، ب ــ 8)

 

شاهه لطيف جي دوهن تي هند جي راجستاني ’ڍولا مارو‘ دوهن جو اثر پڻ نمايان نظر اچي ٿو. ’ڍولا مارو‘ راجستان جو هڪ قديمي عشقيه داستان آهي، جنهن کي مختلف اوائلي سُگهڙن، ڀَٽن ۽ خانه بدوش شاعرن دوهن جي صورت ۾ منظوم ڪيو آهي، ”شاهه جي شاعريءَ جي، هڪ خاص ڳالهه اُها آهي ته، اُن ۾ پنهنجي هڪ جدت طرازي آهي . . . شاهه لطيف وٽ هيئت ۽ اسلوب جا اهڙا ڪيئي تجربا مِلن ٿا، جيڪي سندس دوهن کي ڍولا مارو دوهن کان ممتاز بڻائين ٿا.“(35)

شاهه تي اَوائلي ٿري دوهن جا اثر پڻ محسوس ٿين ٿا. ٿري دوهن جي هڪ خوبي ۽ خوبصورتي اُها آهي ته، اُنهن ۾ ٿر واسين جي جيوت ۽ جذبن جو زندهه عڪس ۽ احساس ملي ٿو.

 

گهڻ گاجي، ٻيجل کِوي، برسي بادلو ٻار،
ساجن بن لاگي سکي، انگ پر بوند انگار.

(بادل گرجي ۽ کنوڻ کِوي رهي آهي. ڪڪر زور سان وَسي پيا آهن، پر پرينءَ بنا هر بوند مون کي ٽانڊي جيان ٿي لڳي.)

برسڻ لاگيو بادليو، ڍولو آيو چت،
اَبر ري رُت آپري، نيڻ مانرا نت
.36

(مينهن وسڻ لڳو ته مون کي سڄڻ ياد پيو. مينهن جي ته هڪ موسم آهي، پر منهنجا نيڻ ته سدائين وسندا ٿا رهن.)

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ پڻ ساڳي بادلن جي گجگوڙ، کنوڻ جا کجڪا، بارش جون بوندون، عاشقن جون اَرداسون، محبوبن سان ميل ملاقاتين جون ڳالهيون، پرينءَ جي وِڇوڙي جا وَرلاپ ۽ اُنهن وڇوڙن جي گهڙين ۾، اَذيت ۽ اُداسيءَ جون ڪيفيتون، ڀِٽ ڌڻيءَ جي شاعريءَ ۾ جابجا نظر اچن ٿيون. اُن حوالي سان سندس چند دوها نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.

 

ويٺلن ڪونهي وراڪو، سُتن ڪونهي سنگ،
هوت هلندي کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ.

             
        **

ڪانهي جاءِ جلڻ جي، جان جيين تان جل،
ڪانهي ويل ويهڻ جي، تتيءَ ٿڌيءَ هل.

             
        **

ٻَهَرِ رِلا رِليون، اندر پَٽوالا،
اِنَ پَرِ ڪاپڙي، خدا جا ڳولا.

                        (رامڪلي، د ــ 9، ب ــ 26)

سوئي راهه رد ڪري، سو ئي رهنماءُ،
وَتُعِزُ مَن تَشَاءُ، وَ تَذِل مَن تَشَاءُ.

                             (ڪلياڻ، د ــ 3، ب ــ 5)

 

لطيف جي وڏي فنڪارانه خوبي ۽ خوبصورتي اُها آهي ته، هُن پنهنجي شاعريءَ ۾، ماضيءَ جي مثبت فڪري ۽ فني روايتن کي ڪشاده دليءَ سان نه صرف اَپنايو آهي، پر اُنهن ۾ تخليقي اضافا ڪري، اُنهن کي وڌيڪ حسين ۽ موهيندڙ بڻايو آهي. ڀٽائي دوهي کي به جيئن جو تئين اَپنائڻ بدران اُن جي هيئت کي پنهنجي منشا موجب پنهنجي شعري اظهار ۾ ڀِچايو آهي، جيڪو سونهندڙ ۽ سِيبائتو محسوس ٿئي ٿو.

سچل سرمست، سامي ۽ صوفي دلپت پڻ دوهي جي صنف تي چڱي طبع آزمائي ڪئي آهي. هِنن صوفي ۽ سنت شاعرن دوهي ۾، پنهنجي فڪر ۽ فن جي اهڙي اثرائتي پالوٽ ڪئي آهي، جو پڙهڻ سان ماڻهوءَ جو من مختلف ڪيفيتن جي لهرن ۾ ٻُڏڻ ۽ اُپڙڻ سان گڏوگڏ هڪ انوکي سرمستي ۽ سرمدي محسوس ڪرڻ لڳي ٿو.

 

مُلان اُنهيءَ مڌ جو، چُڪو جي چَکن،
ڪارنهن کڻي ڪُنڊ ۾، ويٺا مُنهن مَکن

                             
         (سچل)

**

سامي سمجهي ڪينڪي، مورک مايا ڇل،
شانت نه ڀائي مِرگهه جان، ڏسي مرگهي جل
.
                                      (سامي)

                      **

رستو هن وَچن جو، سمجهي ڪو سچيار،
ويدن جي واڻيءَ ۾، هوندو جو هوتيار
.
                                       (دلپت)

لطيف کان علاوه ٻين ڪيترن ڪلاسيڪي شاعرن پڻ دوهي سٽاءَ جي شاعري ڪئي آهي، پر طوالت جي اَنديشي سبب هِتي اُنهن مِڙني جو ذڪر نه ٿا ڪريون. ڪلاسيڪي دوهي ۾ جيڪا فن ۽ فڪر جي جدت ۽ جوت مِلي ٿي، اُن بابت پوري وثوق سان اُهو چئي سگهجي ٿو ته، اُنهن مِڙني اَساسي سِرجڻهارن جي تخليقي پورهئي جي نتيجي ۾ ئي، دوهي جو قديم دؤر کان جديد دؤر تائين تخليقي ۽ تعميري سفر جاري رهي سگهيو آهي. 

 

جديد سنڌي دوهو

جديد سنڌي شاعرن جتي نئين شعري صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، اُتي اُنهن قديم ۽ ڪلاسيڪي هيئتن ۾ لِکڻ جي مَشق پڻ جاري رکي آهي. جديد دوهو انگريزن جي دؤر ۾، ڪشنچند بيوس متعارف ڪرايو. هُن پنهنجي شعري مجموعي، ’شيرين شعر‘ (1929ع) ۾ پهريون ڀيرو ٻين صنفن سان گڏ دوها به شامل ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي فڪر، خيال ۽ موضوعن جي نُدرت سبب نه رڳو نوان ۽ نرالا آهن، پر ٻولي، منظرنگاري، احساس ۽ اظهار جي لحاظ کان پڻ پنهنجي انفرادي نفاست ۽ نزاڪت رکندڙ آهن.

 

روپ نه مالڪ ٿو ڏِسي، ڏِسي دل جا طاق،
اَندر اُجالو ٿو کَپي، نه بيوس رنگ پوشاڪ.
                     
        (ڪشنچند بيوس)

 

جديد دوهي ۾، شاعرن نه رڳو ماترڪ سٽاءَ ۾ ڪيئي تبديليون ڪيون آهن، پر اُنهن اُن ۾ وڏي موضوعاتي وسعت پڻ پيدا ڪئي آهي. خاص طرح سان جديد شاعرن مان جن سرجڻهارن دوهي جي صنف ۾، پنهنجي اندر جو اظهار اوريو ۽ اوتيو آهي، اُنهن ۾ کيئل داس فاني، هري دلگير، نارائڻ شيام، موتي پرڪاش، سروپچندر شاد، بردو سنڌي، نياز همايوني، ابراهيم منشي، عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي ۽ بشير مورياڻيءَ کان وٺي، ارجن حاسد، عبدالرزاق راز، استاد بخاري، تاجل بيوس، قمر شهباز، امداد حسيني، سحر امداد، سرويچ سجاولي، مير محمد پيرزادو، مقصود گل، تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل، سعيد ميمڻ، علي دوست عاجز، حليم باغي، وسيم سومرو، اسحاق سميجو، علي آڪاش، روبينه ابڙو، بخشل باغي، مشتاق گبول، سعيد سومرو، حفيظ باغي ۽ رفيق سيال تائين، تخليقڪارن جي هڪ وڏي ڪهڪشان آهي، پر پاڻ هِتي صرف چند جديد سنڌي دوها نگارن جي دوهن جو مختصر جائزو وٺنداسين، جنهن بعد شيخ اياز جي دوهن جو تفصيلي اڀياس ڪنداسين، جيڪو اسان جو مُک موضوع آهي.

جديد دوها نگارن ۾، بشير مورياڻي، اُهو قلمڪار آهي، جنهن ورهاڱي کان پوءِ دوهي جي صنف ۾، نه رڳو جدت پيدا ڪئي، پر اُن ۾ نوان فني تجربا ڪري، اُن کي نئون ساهس عطا ڪيو آهي. بشير جي دوهن ۾، ٻوليءَ جي سَلاست ۽ سادگيءَ سان گڏوگڏ ترنم ۽ لهجي جي نرملتا به ڪمال جي مِلي ٿي.

 

جڏهن تنهنجو نانءُ ڳِڌوسي، پَڳ پَڳ گُل ٽِڙيا،
چانڊوڪي ٿي وئي چؤڏس، ڏُک جا بند ٽٽا.

             
        **

چانڊوڪيءَ جي ساز تي ويٺي، رات گيت ٿي ڳائي،
انگ انگ ۾ ڀري اُمنگون، جادو ٿي ڦهلائي.

                               (بشير مورياڻي)

 

دوهي جي حوالي سان سروپچندر شاد جو نالو چند اُنهن اهم شاعرن ۾، بنا ڪنهن ججهڪ جي شامل ڪري سگهجي ٿو، جن نه رڳو دوهي کي دل سان اَپنايو آهي، پر اُنهن اُن ۾، انيڪ فڪري ۽ فني تجربا ڪري، دوهي کي موضوعاتي وسعت ۽ ڪمال جي تخليقي تازگي بخشي آهي. شاد جي دوهن جو مجموعو، ’دوها سون سريکا‘ اُن سلسلي ۾ هڪ سهڻو ۽ سيبائتو حوالو آهي. هُن جي دوهن ۾، هڪ طرف سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا اَصلي رنگ مِلن ٿا، ته ٻي طرف اُنهن ۾ سندس ذاتي تجربن، تخيل، مشاهدي، مطالعي ۽ تخليقي حُسناڪيءَ جو روح پڻ مؤجزن محسوس ٿئي ٿو.

هُن جا اڪثر دوها فني حوالي سان (13 + 11 = 24) ماترائن، (16 + 11 = 27) ماترائن، ۽ (13 + 9 = 22) ماترائن يا وري (13 + 15 = 28) ماترائن تي سِرجيل آهن. شاد پنهنجي شعري ڳٽڪي، جنهن ۾ ڪُل 855 دوها آهن، جن مان 765 سنڌي ۽ 47 ڍاٽڪي زبان ۾ آهن، جن تي هُن مختلف عنوان ڏنا آهن. جيئن ’آڌيءَ ويلي اُڀ، ڌرتيءَ جو شان، ڌرتي جيجل ماءُ، ٿر سُندر سُرڳ کان، ماڻڪ ۽ موتي، اندر جو آواز،‘ وغيره. سندس اُنهن عنوانن تي سِرجيل دوهن ۾، هڪ پاسي نرالي نغمگيءَ جو ساءُ مِلي ٿو ته، ٻي پاسي نظماڻي تسلسل، تخليقي رنگيني، فڪري نرملتا ۽ بي ساخته احساساتي اُڇل جو حسين امتزاج محسوس ٿئي ٿو، جيڪو نه فقط دل ۽ دماغ کي هڪ ئي وقت لُڀائي ۽ لطف اندوز ڪري ٿو، پر پڙهندڙ کي احساس جي هڪ اَڇوتي ۽ نئين دنيا سان آشنا پڻ ڪري ٿو.

سروپچندر جي ’آڌيءَ ويلي اُڀ‘ عنوان سان سِرجيل دوهن مان ڪجهه مثال طور هيٺ پيش ڪجن ٿا، جن ۾ تفڪر سان گڏوگڏ تخيل، ترنم ۽ منظرنگاريءَ جو هڪ حَسين مانڊاڻ موجود مِلي ٿو.

 

آڌيءَ ويلي تارن ڇانيل اُڀ لڳي ٿو ائين،
رازن ڀريو ڪوئي پُستڪ کُليو پيو آ جيئن

             
        **

آڌيءَ ويلي اُڀ ۾ ٽِمڪن تارا لک هزار،
کيج منجهان ٿيون کِلي کِلي ڪن کنوڻيون ڄڻ کيڪار.
             
        **

آڌيءَ ويلي تارن جو ايئن، جرڪي نور ٿو نِجُ،
ڌرتيءَ تي ڄڻ هارين آهي هيج مان ڇَٽيو ٻِجُ
.
                  (دوها سون سريکا، ص25، 26)   

 

جديد دوهي ۾ فني حوالي سان جيترا تجربا نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز ڪيا آهن، ايترا ٻي ڪنهن جديد سنڌي شاعر ورلي ڪيا هوندا. نارائڻ شيام جي دوهن ۾ مقرر قافين کان علاوه اندروني قافين جا ڪيئي تجربا پڻ مِلن ٿا، جيڪي ردم توڙي خيال جي بي ساختگيءَ جي خوبين ۽ خوبصورتين سان مالا مال آهن.

 

سج جا سادا ترورا، نِکري ٿيا ست رنگ،
بادل جي آڏو پيا، رهجي ويا سي دنگ!

                     (نِکريو آهي نينهن، ص44)

                      **

سارو ڏينهن ڪندا رهيا، ٻار نديءَ ڀر راند،
سانجههءَ مَهل ڇَنڊي اُٿيا، واريءَ ڀريل پلاند.

                      (نِکريو آهي نينهن، ص.49)

 

هُن جي دوهن ۾، فن جي نُدرت سان گڏ فڪر ۽ فلسفياڻي جماليات جي حُسناڪي پڻ جَهجهي مِلي ٿي.

 

چنڊ، ستارا، ماڪ، گل، ڏين اها ئي ساک،
سهڻي آهي راتڙي، سهڻي آهي باک!
.
                     (نِکريو آهي نينهن، ص48)

 

نارايڻ شيام، دوهي جي مختلف قِسمن ۽ ڇَندن تي مَشق ڪئي آهي، جن مان ڪن تي ٻين جديد سنڌي شاعرن پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي، پر هُن جو فن، احساس، تخيل ۽ فڪري انداز پنهنجو ۽ منفرد آهي. شيام’کرو دوهو‘ لِکڻ جو تجربو پڻ ڪيو آهي. فني لحاظ سان هُن دوهي جو پهريون ۽ ٽيون چَرن هم قافيا هجڻ سان گڏوگڏ اُن جو ٻيو ۽ چوٿون پَد پڻ هم قافيا هوندا آهن. هِن دوهي جي سٽاءَ ۾، شيام ٻٽا قافيا استعمال ڪيا آهن. ”قافين جي ترتيب اهڙي نموني رکي وئي آهي، جو اُهو سورٺو به لڳي ٿو ته، دوهو به، فرق رڳو ايترو آهي، جو سورٺي ۾ قافين وارن چَرنن ۾، يارنهن يارنهن ماترائون هونديون آهن، پر دوهي جي هِن قسم ۾ پهرين ۽ ٽين چرن ۾، تيرنهن تيرنهن ماترائون آهن.“(37) کرو دوهو جا مثال:

 

ڪڏهن ته سمجهان شيام مان، سپنو هي سنسار،
پنهنجي ڪم فهميءَ مٿان، کِليو به ٿم سؤ وار.

             
        **

هڪ اَڻ ڄاتل ڦول جي، جهيڻي خوشبو جيئن،
تنهنجي مُرڪ سرل سهي، اُڻ تُڻ لائي ايئن.

 

شيام جيترو غزل ۽ هائيڪي جو سگهارو ۽ سُندر شاعر آهي، هُو ايترو ئي دوهي جو پُختو ۽ حسين سِرجڻهار آهي. هُن جي دوهي ۾، ڪلاسيڪي دوهي جي سُڳنڌ ۽ سُندرتا پڻ مِلي ٿي. خاص ڪري هُن ڪلاسيڪي بيت ۾، مختلف شاعرن جي ’وراڻ‘ يا ’تڪرار‘ واري روايت کي پنهنجن دوهن ۾ نهايت ئي شاعراڻي نزاڪت، نفاست ۽ فني حُسناڪيءَ سان نِڀايو آهي.

شاعريءَ ۾، ’وَراڻ يا لفظي تڪرار‘ اهڙو فني انداز آهي، جنهن ۾ شاعر ڪي لفظ، ڪي فقرا يا ڪنهن سِٽَ جو هڪ پَد بار بار وَرجائي، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا آهن. جيئن شاهه لطيف جي بيتن ۾ وراڻ جو هيءُ نمونو ڏسو:

 

جان جان هُئي جئري، وِرچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، سِڪندي کي سڄڻين.

             
        **

جان جان هُئي جئري، ويٺي نه ويساند،
لُڙهي لهرن پاند، مُيائي ميهار ڏي.

                       (سُر سهڻي، د ــ 9، بيت 6)

 

عام طرح سان ”وراڻ يا تڪرار جون ٻه صورتون هونديون آهن. هڪ بيت جي بلڪل شروع واري وراڻ ۽ ٻي اُن جي بلڪل آخري سِٽ واري وراڻ.“(38) پر جڏهن شيام جي دوهن جو اڀياس ڪجي ٿو ته، اُنهن ۾ ٽن قِسمن جي وَراڻ مِلي ٿي. هڪ دوهي جي پهرين پَد کي هُن وراڻ طور استعمال ڪيو آهي. ٻي ۾، هُن دوهي جي ٻي پَد کي وراڻ طور دُهرايو آهي ۽ ٽين ۾، هُن دوهي جي چئن چَرنن مان صرف ٽين چَرن کي تبديل ڪيو آهي، باقي ٻيا پَد ساڳيا قائم رکيا آهن. هيٺ ٽنهي جا ترتيبوار مثال ڏجن ٿا ۽ وراڻ واري حصي کي انڊر لائن ڪجي ٿو.

ڀيڄ ڀِني، دل، دُک ڀِني، ماڪ ڀني سُرهاڻ،
پاند ڀِڄايان ڪانڌ جو، جيڪر لُڙڪن ساڻ.

             
        **

ڀيڄ ڀِني، دل، دُک ڀِني، ماڪ ڀنا رابيل،
شيام،
اکيون ڳوڙهن ڀنيون، سرس سڪڻ جي ويل.
             
        **

ڳالهائڻ پاٻوهه مان، مُنهن تي مُرڪ هميش،
محبوبي موجودگي، ڏئي نينهن کي نيش.

             
        **

مُنهن تي مُرڪ هميش، ۽ نيڻن ۾ پاٻوهه،
محبوبي صورت ڏسي، من ۾ جاڳي موهه.

             
        **

بيهڪ آهي ڪا نه، آهي حياتي هَلُ هَلان،
لڳن، رُڪن طوفان، دريا وَهندو ئي رهي.

             
        **

بيهڪ آهي ڪا نه، آهي حياتي هَلُ هَلان،
ڇا بر، ڇا بُستان، دريا وَهندو ئي رهي.
39

 

جديد سنڌي دوها نگارن ۾، امداد حسينيءَ جو نالو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي. هُن دوهي ۾، نه رڳو فني حوالي سان تخليقي تجربا ڪيا آهن، پر هُن جي اظهار جو انداز، ٻوليءَ جو استعمال، لهجي جي نفاست، ترنم، ترڪيبن ۽ تجنيس جا وَکر پڻ اهڙا وڻندڙ آهن، جو اُنهن کي پڙهڻ سان، اُنهن جي تاثر ۽ تازگي جو احساس، روح کي تازو ۽ رنگين ڪري ڇڏي ٿو.

 

تون به ته وِکَ وڌاءِ رَکُ، مُور مَ ٿيءُ مَلُورُ،
مارڳ کان شَهَه رَڳَ کان، ماڳُ نه آهي ڏُورُ.

             
          **

ٻيلا ٻوڙي ويندو آهي، موج ڀريو مهراڻ،
مُنڌ وئي مهراڻ به ٻوڙي، ڄاڻي ڇا اَڻڄاڻ!
.
      
                                          (امداد حسيني)

هُن روايتي دوهن سان گڏوگڏ غير روايتي ۽ آزاد دوها لِکڻ جا تجربا پڻ ڪيا آهن. دوهي جي اهم شناخت ٻن مصراعن جي آخر ۾ قافين جو هُجڻ آهي، پر امداد حسيني بي قافيا دوها لِکڻ جو تجربو پڻ ڪيو آهي، جيڪو شاعريءَ ۾ پنهنجي ڪيتري جاءِ جوڙي سگهي ٿو، اُهو ته وقت تي ڇڏيل آهي، پر ايترو سو ضرور چئي سگهجي ٿو ته، اگر شاعر وٽ ڏات ۽ ڏانءَ جي سگهه آهي ته، هُو پنهنجي هر سِٽَ کي شاعراڻي وجدان سان پيش ڪري، اُن ۾ جذبات ۽ احساس جي جوت جرڪائي سگهي ٿو. امداد جي آزاد دوهي جا مثال:

 

چڻنگون چڻنگون ٿي ويو، اُڇلايل سِگريٽ،
دونهون ڇڏي وئي پوئتان، آلي ٿي وئي اک.

                               **

بس کان ٻاهر ڏيک هو، سائو سائو گاهه،
لهندڙ سج جا تِرورا، ٽلندي ٽلندي شام.

                             
 (امداد حسيني)

 

عام طرح سان سنڌي شاعريءَ ۾، مير محمد پيرزادي جي شناخت گيت جي حوالي سان آهي، جيڪو پنهنجي لوڪ رچاءُ، مڌر ترنم ۽ ٻوليءَ جي نِج نِرمل لهجي سبب موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي، پر هُن ٻين صنفن ۾ پڻ سگهاري، سُچيت ۽ سُندر انداز سان پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي، خاص ڪري هُن جو دوهو، ٻولي، تخيل، تفڪر ۽ ترنم جي لحاظ سان پنهنجو مَٽَ پاڻ آهي. هُن جي دوهن ۾ فني تجربن سان گڏوگڏ خيال جي اَڇوتائي ۽ تاثر جي موهيندڙ تازگي پڻ مِلي ٿي.

 

پنهنجي هستي ڪجهه به نه آهي، آهي سڀ ڪجهه تو ئي ساڻ،
واس به تنهنجو، ونُ به تنهنجو، تنهنجو آهي مون ۾ پاڻ.

                                               (مير محمد پيرزادو)

 

ساڳيءَ ريت سنڌي شاعريءَ ۾، بردي سنڌيءَ جي شناخت جو وڏو حوالو گيت آهي، پر هُن ٻين ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي سان گڏ دوها پڻ سِرجيا آهن، جن ۾ سندس گيت وانگر پنهنجو انفرادي رَچاءُ، رنگ ۽ روح آهي.

 

مِٺڙي مِٺڙي مَهل اَسر جي، ٿڌڙي ٿڌڙي هِيرَ،
مَس مَس ساهه سُتو آ ٿَڪجي، جهاڳي جهاڳي سِيرَ.

                               (بردو سنڌي)

 

علمي ۽ ادبي حلقن ۾، گهڻو ڪري قمر شهباز جي سڃاڻپ جو حاوي حوالو ’فِڪشن رائيٽر‘ وارو آهي، پر هُن جي شاعر وارو حوالو پڻ مُنفرد ۽ ڌيان ڇِڪائيندڙ آهي. هُن سنڌي شاعريءَ ۾، مُروج اڪثر صنفن تي لِکيو آهي، پر منهنجي ذاتي راءِ آهي ته، هُو گيت، غزل ۽ خاص ڪري ڪلاسيڪي صنفن ۾، پنهنجو اظهار ڀرپوريت سان ڪري سگهيو آهي. دوهي ۾ هُن جو نِرمل لهجو ۽ رومانوي انداز، نه رڳو مَن کي موهيندڙ آهي، پر اُن ۾ موجود خيال جي سادگي، لفظي چونڊ، روان ترنم ۽ احساس جي تازگي پڻ پُرتاثير آهي.

 

تنهنجون يادون موتيءَ داڻا، خوابن جي خوشبو،
رات اوهان جي ياد جو آئي، هِيرَ گُهلي هرسُو.

                                    (قمر شهباز)

 

هري دلگير، نياز همايوني، تنوير عباسي، استاد بخاري، عبدالحڪيم ارشد ۽ سرمد چانڊيي پڻ دوها سِرجيا آهن، جن ۾ اُنهن جو پنهنجو انفرادي رَسُ، چَسُ ۽ احساساتي رنگ ۽ فڪري روح پنهنجي پوري تاثريت ۽ تازگيءَ سان موجود مِلي ٿو.

 

هِن ڌرتيءَ سان دل اَٿم، هِت موهيندڙ منڊَ،
اُڀ ۾ هِڪڙو چنڊُ آ، پر هِت سؤ سؤ چنڊَ
.
                             
    (هري دلگير)

**

سيج مٿي يا سوريءَ تي، وَسندي يا وِيراني ۾،
سچ ۽ سونهن ــ ورونهن اسان جي، دنيا جي بُتخاني ۾.

                                        (نياز همايوني)

ننگري ننگري پاپ جو پاڇو، شهر شهر اَنياءُ؟
اهڙي پاپي جَڳ سان پنهنجو، ڪيئن ٿئي سَرچاءُ؟

                           (عبدالڪريم گدائي)

تو ۽ تنهنجي دنيا مون سان ڪيئي وِيل وِهايا،
موٽ ۾ ڏِس مون تنهنجي جَڳ کي مِٺڙا گيت ٻُڌايا.
                                  (تنوير عباسي)

***

مذهب جيڪو ٻاري ويٺا، نفرت وارو مَچُ،
انسانيت ساڻ اُجهايون، آڳ اُنهيءَ کي اَچُ.

                                  (مقصود گل)

**

دل جي وَستي جاڳي پيئي، هِيل جو دل کي ڌَڪ لڳو،
گِرجا ۾ جيئن گِهنڊ وِڄي ٿو، مون ۾ منهنجو روح وَڳو!

                                   (عبدالحڪيم ارشد)

**

لوڙائو ۽ لولي آهي، جَتن جي جهونگار،
ڪوئي وِيٺو ٻيلڻ ٻولي، رات ڀِني ٻيهار.

                                (سرمد چانڊيو)

 

دوهو ٻن مصراعن تي محيط مختصر ۽ محدود پيرايي جي صنف ضرور آهي، پر اُن ۾ سچ ته، جديد شاعرن پنهنجي ڪمال شاعراڻي ڏات ۽ ڏانءَ سان پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو سمنڊ سَمايو آهي. سعيد ميمڻ غزل، وائي ۽ نظم جو نهايت سگهارو ۽ سِيبتو شاعر آهي، پر هُن جا بيت ۽ دوها پڻ تخليقي نُدرتن ۽ فني، فڪري حُسناڪين سان مالامال آهن. هُن دوهن تي چڱي طبع آزمائي ڪئي آهي، جو سندس هڪ دوهن جو مجموعو، ’آنءُ لهر سمونڊ جي‘ جي نالي سان ڇپيو آهي، جيڪو سندس ڏات ۽ ڏانءَ جو حسين سنگم محسوس ٿئي ٿو.

سعيد جي دوهن ۾، داخلي ڪيفيتن ۽ احساسن کان علاوه دوهي جو ڪلاسيڪي رنگ ۽ آهنگ پڻ نظر اچي ٿو، پر سندس دوهي جي خاص ڳالهه اُها آهي ته، اُن ۾ جذبي، احساس ۽ خيال جو هڪ خوبصورت، متوازن ۽ موهيندڙ ماحول پنهنجي پوري تخليقي جوت ۽ جمال سان موجود مِلي ٿو، جنهن کي پَسڻ ۽ پُرجهڻ کان پوءِ ماڻهو پنهنجي ئي وجود جي حصار ۾، پاڻ کي لمحي ڳولڻ ۽ ڳولي وِڃائڻ لڳي ٿو.

آءٌ اُماڙي وانگيان، اُوري ڪَر رُخسار،
ڏِسُ ته اُجهاميو ٿو وڃان، ٻيهر مون کي ٻارِ

                             
        (ص37)

**

اونداهيءَ تي پاڻ کي، اي دل! نه هِيراءِ،
جي ناهي ڪا روشني، ڏيئي وَٽِ جَلاءِ
.
             
                         (ص54)

**

تنهنجي دل ڪاپائتي، منهنجو مَنُ ڪاتار،
هي آ آتڻ نينهن جو، پاڻ ڪَتيون ٿا پيار
.
                           (آنءُ لهر سمونڊ جي، ص100)

 

جديد سنڌي شاعرن دوهي ۾، نه صرف خارجي منظرن ۽ مظهرن جو موهيندڙ چِٽُ چِٽيو آهي، پر اُن ۾ پنهنجن داخلي ڪيفيتن ۽ احساسن جي اَنيڪ رنگن کي اوتيو ۽ اظهاريو آهي. جديد دوهي ۾، هڪ طرف موضوعاتي لحاظ سان وڏي وسعت ۽ ڪشادگي مِلي ٿي، ته ٻي طرف اُهو فني حوالي سان گهڻ تجرباتي ۽ تخليقي محسوس ٿئي ٿو. چند جديد سنڌي ڪوتاڪارن جي دوهن جا مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا، جن مان سندن فني تجربن، موضوعاتي وسعت ۽ تخليقي سگهه جو آسانيءَ سان اندازو ڪري سگهجي ٿو.

 

اُڻي اُماڻيو تو جو آهي، سوئيٽر پيار منجهان،
اُن کي تنهنجن هٿڙن جو مان، سپنو ٿو سمجهان.

                             
    (ادل سومرو)

**

ديپ ته ڪوئي ناهيان مان، پر مان آهيان ٽانڊاڻو،
تيز هوائن ۾ ڀي جيڪو، ڪڏهين ڪين اُجھاڻو.

                                    (اياز گل)

**

سوچ ته شاعر! درد هي تنهنجا، هوءَ سنڀالي سگهندي؟
هُن جي پوتي ليڙون ليڙون، ڳوڙها ڇا سان اُگهندي!.
                                               (حليم باغي)

**

جسين وِهنجي وارڙا، ڇوڙي، وار ڇَنڊي،
تيسين واءُ به وائڙا، ڪهڙا واسَ وَنڊي.
 
                            (علي دوست عاجز)

**

پيار ڪري ڏک پاتم ميران! پو به چوان ٿو آنءُ،
لوڪو
جنهن به نه پيار ڪيو آ، ڪوڙو، ڪانئر، ڪانءُ.
     
                       (اسحاق سميجو)

**

جاڳي سورج جاڳندو، گهر گهر هو سنگيت،
اڄ ڇو ننڊ مان جاڳيو ناهي، ڪنهن به پکيءَ جو گيت.

                                 (وسيم سومرو)

**

گهر جي ڪُنڊ ۾ رک تون مون کي، ڀيلي وانگي ڀانءِ،
او ڪنڀارڻ! آنءُ دعائون، دل سان ڏيندو سانءِ.

                         
                  (علي آڪاش)

**

ڳيريلي جي ڳلين مان اڄ، مون وٽ پهتو مِينهنُ،
منهنجي من تي سارنگ بَرسيو، سرلو سارو ڏِينهنُ.

                         
                   (روبينه ابڙو)

**

مون ۾ ننڊ نه ٿي سمهي، ڪيسين جاڳي جيءُ،
ڇوري ڇني آس جي نه ڪا ماءُ نه پيءُ.

                             
  (رفيق سيال)

**

چانڊوڪيءَ ۾ جهوپا جَرڪن، چانديءَ تي چانڊاڻ،
کيت خزانو آهن سارا، سُون سڄو مهراڻ.

             
                         (بخشل باغي)

 

مٿين دوهن ۾، يَڪرنگيءَ بدران زندگيءَ جي گهڻ پهلوئي حُسناڪي ۽ حقيقت مِلي ٿي. ڪنهن ۾ سنڌ جي روايتي ثقافت ۽ تهذيب جو هُڳاءُ محسوس ٿئي ٿو ته، ڪنهن ۾ پيار جي نفاست ۽ رومانوي رنگيني نظر اچي ٿي. ڪنهن ۾ سنڌ جي سماجي حالتن، عصري ماحول، پَرمارن ۽ ڏاڍن جي دهشت ۽ وحشت جو بَکُ بڻيل هراسيل ماڻهن جي اُجھاڻل چهرن جو چِٽو عڪس مِلي ٿو ته، ڪنهن ۾ اُميد ۽ آس جو ديپ جَلندي محسوس ٿئي ٿو. ڪن دوهن ۾ خارجي منظرن جي عڪاسي ۽ عڪسيت نظر اچي ٿي ته، ڪي اندر جي مختلف ڪيفيتن، ڪرب، قرار ۽ تخيل جي انيڪ تخليقي حُسناڪين کي پَسائين ٿا. مطلب ته هر دوهي ۾، پنهنجي هڪ فڪري ۽ احساساتي بي ساختگي آهي. اُن سان گڏوگڏ اُنهن ۾ فني تجربن جي ڪمال انفرادي نواڻ ۽ نُدرت پڻ نظر اچي ٿي، جيڪا هر طرح سان موهيندڙ، متاثر ڪندڙ ۽ مثالي آهي.

 

شيخ اياز جا دوها 

شيخ اياز بيت سان گڏوگڏ دوها پڻ هڪ ڌار صنف طور چڱي تعداد ۾ لِکيا آهن. هڪ اندازي موجب هُن 640 دوها سِرجيا آهن، جيڪي سندس پنجن مختلف شعري مجموعن ۾ ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ مِلن ٿا، جن جو تفصيل، وِچور ۽ تعداد هِن ريت آهي: ’ڀونر ڀري آڪاس‘ ۾ 170 دوها، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۾ 19 دوها، ’وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ 30 دوها، ’ڪونجون ڪرڪن روهه تي‘ ۾، 42 دوها ۽ ’سانجهي سمنڊ سپنون‘ ۾، 379 دوها موجود آهن.

شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ کي، نه فقط نئين فڪر، اَڇوتي خيال، نرمل احساس ۽ گهڻ طرفي جماليات ۽ جدت سان مالا مال ڪيو، پر هُن شاعريءَ ۾ انيڪ فني تجربا ڪري، اُن کي تخليقي ۽ صنفي لحاظ کان گهڻو سگهارو ۽ سُندر پڻ بڻايو آهي.

”جديد سنڌي شاعريءَ ۾، هيئت ۽ موضوعن جا جيترا تجربا شيخ اياز ڪيا آهن، هِن صديءَ ۾ ايترا تجربا، ڪنهن ٻئي شاعر نه ڪيا آهن. اياز جا تجربا، تهذيبي روايت، مطالعي ۽ مشاهدي جي بَٺيءَ ۾ رَچي پَچي رِيٽا ٿيا آهن ۽ تخليق جي سِراڻ تي چڙهي سون- ورن سونهن جا جيئرا جاڳندا نمونا بنجي پيا آهن.“(40)

اياز جو هڪ وڏو ڪمال اُهو به آهي ته، هُن نه رڳو سنڌي شاعريءَ جي زمين کي نئين سِري سان کيڙي، اُن ۾ پنهنجي فڪر، تخيل، تصور، خوابن ۽ خوبصورتين جو ٻج پوکيو، پر اُن کي پنهنجي تهذيب، ڪلچر، لوڪ ۽ ڪلاسيڪي روايتن سان ڳنڍي، نئون رنگ ۽ روح به عطا ڪيو آهي. هُن نه رڳو گيت کي نئين گونج، وائي کي نئون ورلاپ ۽ بيت، سورٺي/ دوهي کي نئين نُدرت بخشي، پر مجموعي طرح پنهنجي شاعريءَ کي جديد شعور سان سلهاڙي، اهڙي اثرائتي احساس ۽ انداز سان پيش ڪيو، جو اُها ماڻهن جي وڏي اڪثريت جي دلين جي ترجمان بڻجي پئي آهي. سچ ته، هُن جي شعر ٻئي ڪم سرانجام ڏنا آهن. اُن پنهنجي جمالياتي جوت سان ماڻهن جا مَن موهيا به آهن ته، اُنهن جي اندر ۾ رقص جون ڪيفيتون به پيدا ڪيون آهن، ساڳي وقت پنهنجي مزاحمتي ۽ انقلابي فڪر ذريعي سماج ۾ سُرت ۽ بيداري به پيدا ڪئي آهي، اُهو ئي سبب آهي، جو اياز جو سهيوڳي سِرجڻهار نارايڻ شيام سندس شعر کي ’اوجل پونم رات‘ ٿو ڪوٺي.

 

آهي شعر اياز جو، اوجل پونم رات....

 (نِکريو آهي نينهن، ص49)

 

يقيناً اياز جو شعر مڌماتي ۽ اوجل پونم رات جهڙو اُجرو، حسين ۽ موهيندڙ آهي، جيڪو نه رڳو ماڻهوءَ کي پنهنجي سحر ۽ سُرور ۾ مُنڊي ڇڏي ٿو، پر اُهو چڪور جي بي چين ۽ بيقرار روح جي صدا جهڙو به آهي، جيڪو ماڻهوءَ جون ننڊون ڦِٽائي کيس ازل جا اوجاڳا اَرپي ٿو. 

 

شيخ اياز جي دوهن ۾ جمالياتي نُدرتون

شيخ اياز سچ پڇ ته هڪ پورهيت ۽ سَپورنج سِرجڻهار هو. هُن پنهنجي ادبي، سماجي، ثقافتي، تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي، جنهن پيار، محبت ۽ سُندر سليقي سان پنهنجن تخليقن ۾ سمايو ۽ اُنهن کي همعصر دؤر جي حالتن سان هم آهنگ بڻائي پيش ڪيو آهي، اُهو نهايت قابلِ قدر ۽ تحسين لائق آهي. هُن هڪ فرض شناس ۽ محنت ڪش هاريءَ وانگر سنڌي شاعريءَ جي نه رڳو سار، سنڀال ۽ سيوا ڪئي آهي، پر اُن جي ٽِڙيل پکڙيل تهذيبي، ثقافتي ۽ فڪري قدرن ۽ روايتن جي ڪَک پن کي مِيڙي، ’کِرَ‘ مان ’کَرو‘ بڻايو آهي.

شيخ اياز ماضيءَ جي صحتمند تخليقي روايتن جو امين ۽ جديد سماجي، فڪري ۽ فني قدرن جو نقيب شاعر آهي. هُن نه صرف پنهنجي شاعريءَ جي ڌرتيءَ ۾، نين صنفن جو ٻج پوکيو آهي، پر پراڻي ۽ مَتروڪ صنفن جي آبياري ڪري، اُنهن کي نئين انداز سان جيئاريو ۽ واهپي ۾ آندو آهي.

اُهو گيت/ لوڪ گيت هجي يا وائي، بيت/ سورٺو هُجي يا دوهو، جن کي روايتي شاعرن گهڻو ڪري پُراڻيون ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن جون صنفون قرار ڏئي، بنهه رَدِ ڪري ڇڏيو هو، اياز اُنهن مِڙني صنفن کي، نه رڳو اَپنايو ۽ سَرهائيءَ سان پنهنجي شاعريءَ جو حصو بڻايو، پر اُنهن ۾ انيڪ نوان فني ۽ فڪري تجربا ڪري، اُنهن کي اهڙو همه گير، موثر ۽ موهيندڙ بڻايو آهي، جو اُهي صنفون روايت ۽ جِدت جو حسين سنگم بڻجي پيون آهن ۽ اُنهن صنفن کي اڪثريتي جديد شاعرن نه فقط پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي، پر اُنهن ۾ ڪيئي تخليقي تجربا پڻ ڪيا آهن.

”اياز شاعريءَ ۾ جيڪي تجربا ڪيا آهن، سي سنڌي شاعريءَ ۾، اڳ ۾ خال خال نظر اچن ٿا. اياز جا هيئتي تجربا منفرد اُن لحاظ کان به آهن ته، هُن انهن ۾ روايت جي تسلسل کي برقرار رکندي، اُنهن تجربن کي متعارف ڪرايو آهي.“(41)

ڪجهه ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن بيت سان گڏ دوها پڻ سِرجيا آهن، پر جديد دؤر ۾ سڀ کان وڌيڪ دوها اياز لِکيا ۽ اُنهن ۾ گهڻ رُخا موضوعي ۽ فني تجربا پڻ هُن ئي ڪيا آهن. ”اياز جنهن به شعري صنف کي ڇُهيو ته، اُها سندس پارس قلم جي سَڃَ سان سُون بڻجي پئي. اياز شعري صنفن جا اهڙا ته مستقل ۽ مستعمل گهاڙيٽا ۽ فارم گهڙيا ۽ هيئت جون اهڙيون ته خوش رنگيون ۽ خوش پوشاڪون تخليق ڪيون، جيڪي سون جي ريکائن وانگر نظرن ۽ چپن کي محسوس ٿيڻ لڳيون. اهي سموريون هيئتون ۽ سمورا گهاڙيٽا، اڳتي هلي سنڌي شاعريءَ جي کيتر ۾، مُستند ۽ مُستقل بڻجي ويا.“(42)

حقيقت ۾ شيخ اياز دوهي ۾، جَمال ۽ جِدت جو هڪ نئون جهان تخليق ڪيو آهي، جنهن کي سمجهڻ ۽ ساڃاهڻ لاءِ هيٺين نقطن کي اڀياس هيٺ آڻي، پرکڻ ۽ پروڙڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.

 

شيخ اياز جا دوهي ۾ فني تجربا

اياز پنهنجن دوهن ۾ فني حوالي سان مختلف ۽ اَنيڪ منفرد تجربا ڪيا آهن. هُن دوهي جي عام، اَساسي ۽ روايتي وزن (13 + 11 = 24) تي طبع آزمائي به ڪئي آهي ته، اُن ۾ ڪجهه ماترائن جي گهٽ وڌائي ڪري، نت نئين وزنن تي دوها لِکڻ جا تخليقي تجربا پڻ ڪيا آهن. هُن جا دوهي جي روايتي وزن تي لِکيل ڪجهه دوها رڳو سٽاءَ ۾ روايتي آهن، پر پنهنجي تخليقي اُڻت، احساساتي رنگ ۽ فڪري روح ۾، اُهي بنهه نت نوان ۽ نِرمل محسوس ٿين ٿا. مثال لاءِ چند دوها ملاحظه ڪريو:

 

بَن بَن ڀٽڪي، تن من تڙڦي، هَٺ هاري انسان،
دؤر دؤر ۾ پهتو آخر، تنهنجي دَرِ نادان.

                      **

تون ئي منهنجي ننڊ آن، تون ئي منهنجي جاڳ،
مان آهيان تنهنجي ڄِڀي، تون آن منهنجي آڳ.

                      **

نيڻن مان جو نئن ڇُلي، ڪَک پن ٿي ويا رنج،
نڪتيون تنهنجون ڳالهڙيون، جئن پاڻيءَ تي هنج.

                             
         (ص29)

                      **

جَڳ جي پوئين پهر ۾، مان جُگنوءَ جي جاڳ،
جرڪيا منهنجي راڳ ۾، ماڻهوئڙن جا ماڳ.

                      **

بُک تي نڪتي باک ۽ ڏک ۾ گذريو ڏينهن،
ڇڏ هي سُک جون ڳالهڙيون، پنهنجو ڪهڙو نينهن!
.
                   (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص35)

 

مٿيان پنج ئي دوها سٽاءَ ۽ هيئت جي لحاظ کان روايتي وزن تي آڌاريل آهن، پر اُنهن مان پهرين ٻن دوهن ۾، اياز سَرل ۽ سُندر لفظن جي واهپي سان تخيل ۽ تخليق جي نئين نُدرت اُجاگر ڪئي آهي، جڏهن ته آخري ٽن دوهن ۾، اسم تصغير (ڳالهڙيون ۽ ماڻهوئڙن) جو هُنر ڪتب آڻي، اندروني قافين (بُک، ڏک ۽ سُک) جي استعمال سان، هُن ڪمال جي فني حُسناڪي پيدا ڪئي آهي. روايت ۾ جدت ۽ جدت ۾ روايت جي روح کي پنهنجي اصلي جوهر سان سمائڻ جو جهڙو سُندر سليقو ۽ سگهاري ڏات اياز وٽ آهي، اهڙي پوري برصغير ۾ تمام گهٽ سِرجڻهارن وٽ نظر اچي ٿي.

اياز جا دوهي ۾، فني تجربا نت نوان ۽ نرالا آهن. هُو سِٽن جي مالها ۾، نه رڳو لفظن کي اهڙي تخليقي ۽ فنڪاراڻي انداز سان پِروئي ٿو، جو اُهي موتين جيان موهيندڙ لڳن ٿا، پر اُنهن ۾ صوتي آهنگ، ڇند جي ترتيب ۽ توازن جو مانڊاڻ پڻ اهڙي فطري ۽ سڀاويڪ طريقي سان مَنڊي ٿو، جو هر ماڻهو اُن جي رڌم ۽ روانيءَ مان محظوظ ٿيڻ سان گڏوگڏ اُن جي فني نواڻ ۽ تازگيءَ مان وڏو آٿت، آسيس ۽ اُتساهه ماڻي ٿو.

اياز جي دوهن ۾، فڪري وسعت کان علاوه گهڻ پهلوئي فني تجربن جي نواڻ ۽ نُدرت به ڪثرت سان مِلي ٿي. ”موسيقي، اُڇل ۽ وَرجاءُ، اياز جا اهم فني انداز آهن، ننڍڙيون ننڍڙيون سِٽون، ويجها ويجها قافيا ۽ هم وزن لفظ اهڙو ته جادوءَ جو وايومنڊل پيدا ڪن ٿا، جنهن ۾ ماڻهو جيئن پوءِ تيئن وڃي ٿو سُڌ ٻُڌ وڃائيندو ۽ گُم ٿيندو.“(43)

سندس دوهي ۾، فني حوالي سان هيءُ تخليقي تجربو ڏسو، جنهن ۾ هِن روايتي دوهي جي برعڪس اُن جي پهرين مصرع جي پهرين پَد ۾، ٽن ماترائن جو اضافو ڪري، اُن جي ٻي پَد مان هڪ ماترا گهٽائي، اُن جي ترتيب (16+ 10= 26) بيهاري آهي، جنهن جي ٻنهي مصرعن جو ماترڪ انگ 52 جُڙي ٿو. اياز وٽ 150 کن اهڙي سٽاءَ جا دوها مِلن ٿا، جن ۾ ترنم، تخيل، ٻولي ۽ ٻين فني نُدرتن سان گڏوگڏ ڪمال جي فڪري حُسناڪي ۽ حسيت مِلي ٿي. نموني طور ڪجهه دوها پيش ڪجن ٿا. 

پري هلي ڪجهه پريت وِرهايون، جيءُ لڳايون جَهٽَ،
هلو
ته سائين ڪنهن ڪَڪريءَ تي کڻي هلون هيءَ کَٽَ.
                     **

ڏِسُ هو ڀڪشُو سَنکُ وَڄائي، پوڄا لَيءِ آيا،
تو وٽ ڇا هن؟ گيت اَڌورا! تون آڇيندين ڇا؟
.
                        **

تو وٽ دُک جي دينَ نه ڪائي، سُکَ جا سانگ سَوين،
چَو چَو، ڇا کي ٿو تون پنهنجي تن جي تانگهه چَوين؟
.
                        **

مرڻو آهين، ورڻو ناهين، پو به نه ٿو سمجهين!
پوءِ به ريتيءَ مان رانديڪا، تون ويٺو ٺاهين!
.
                        **

وَڃڻو مَڃڻو ناهي، اچڻو ناهي وقت وري،
جان جيئين تان جهونگاري وٺُ، موٽيو ڪير مَري!
.
                (وڄون وسڻ آئيون، 1989ع، ص29)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org