سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:12 

اياز جي دوهن ۾ مزاحمت، انقلاب ۽ حب الوطني

 

”اياز جديد سنڌ جو هڪ اهڙو ڀرپور، بي مثال، گهرو ۽ گهڻ طرفو شاعر آهي، جنهن کي اسان نه فقط سنڌ جي شاعر جي حيثيت ۾، پر پوري ننڍي کنڊ جي نمائنده عالمي شاعر طور آسانيءَ سان پيش ڪري سگهون ٿا. فني گهاڙيٽن ۽ موضوعن ۾ جيتري وسعت، گوناگوني، همه گيري ۽ فنڪارانه ڪمال، اياز جي ڪلام ۾ ملي ٿو، ايترو جديد دؤر ۾، ننڍي کنڊ جي شاعرن مان ورلي ڪنهن شاعر ۾ ملندو. اياز هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ همعصر عالمي شعور، تاريخي ۽ سماجي حالتن جي فلسفيانه گهرائي، گهڻ نظرياتي سوجهه ٻوجهه، لوڪ، ڪلاسيڪل، جدت ۽ شاندار روايتن جو تخليقي امتزاج، فني تجربن جا بي مثال نمونا، نئين کان نوان شعري ڪارب ئي نه، بلڪ فطرت پسندي، سماجي حقيقت نگاري، رومانيت ۽ ٻين ڪيترين ويچار ڌارائن ۽ فڪري تحريڪن جا مٿس چِٽا ۽ واضح اَثر ملن ٿا.“(56)   

شيخ اياز جي شاعريءَ جي اثر انگيزيءَ جو هڪ وڏو سبب اُهو به آهي ته، اُها محبت جي حُسناڪي، مزاحمت جي جرئت، انقلاب جي صدا ۽ حب الوطنيءَ جي عشق ۽ احساس سان سرشار آهي، اُنهيءَ ڪري اُها ماڻهن ۾ ولولو ۽ جوش پيدا ڪري، اُنهن کي ٽَڪَر سان ٽَڪرائڻ جو حوصلو ۽ همت به ڏئي ٿي ته، محبت جي راهن ۽ ٻانهن ۾، ميڻ جيان ڦُڙو ڦُڙو ٿي رِجڻ ۽ رَچڻ جو روح به پيدا ڪري ٿي. 

اياز جا دوها دل ۽ ڌرتيءَ جي اهڙي دانهن آهن، جن ۾ هڪ ئي وقت درد ۽ دلڪشيءَ جا عڪس ۽ احساسَ پنهنجي پوري جمالياتي جوت ۽ جدت سان موجود ملن ٿا، اُهو ئي سبب آهي، جو خود اياز پنهنجي هڪ خط ۾ لِکي ٿو ته: ”دوهي ۾ هِن براعظم جي قديم تهذيب جون ساريون رعنايون موجود آهن ۽ اُن ۾ جا موسيقي آهي، سا هند و پاڪ جي ٻيءَ شاعريءَ ۾ شايد ملي. دوهي ۽ بيت کي سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي مخصوص جاءِ ڏئي، اسين سنڌي شاعريءَ ۾، نئين زندگي پيدا ڪري سگهنداسين.“(57)

بلاشبه اياز دوهي کي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏئي، سنڌي شاعريءَ ۾، نه رڳو نئين جان پيدا ڪئي آهي، پر دوهي ۾ نئين جوت، جدت ۽ نج نبار زندگيءَ جو روح پڻ اوتيو آهي.

دوهي جي صنف جو مزاج، گُل جي پنکڙين وانگر نفيس ۽ نازڪ آهي، جيڪو نرم ڇُهاءُ ئي مشڪل سان برداشت ڪري سگهندو آهي، پر حيرت جي ڳالهه اُها آهي ته، اياز پنهنجي ڪمال ڏات سان اُن ۾، نه فقط مزاحمت ۽ انقلاب جا ڀاري ۽ ڀڙڪيدار موضوع کڻي آيو آهي، پر اُن ۾ دوهي جي روايتي دلڪشي ۽ تازگي ڀريو ترنم پڻ برقرار رکي سگهيو آهي.

اياز جي دوهن ۾، ڪٿي مڌ جي خمارن جي مستي ۽ ريٽي رنگن جي رنگيني آهي ته، ڪٿي انقلاب ۽ آزاديءَ لاءِ جهيڙيندڙ جهونجهارن جا ويرين مٿان تلوارن جا وار آهن، ڪٿي جياپي جي جستجو آهي ته، ڪٿي مزاحمت جون للڪارون آهن، پر اُن باوجود اياز جي پيشڪش جو انداز اهڙو فنڪاراڻو آهي، جو اُهي اُڪتاهڻ بدران اُتساهيندڙ ۽ حُسناڪ ٿا لڳن.

 

جيئنداسين ته ائين ئي رهندو سُندرتا جو سَنگُ،
پنهنجي مُنهن تان مور نه لهندو، مڌُ جو ريٽو رنگ.
                                                      (ص38) 

**

گھَڙي گھَڙي گلدان، اُنهيءَ ۾ رنگ برنگي پاپَ،
ڀَونر ڀَونر ٿي اُڏريا، جن مان اڄ منهنجا آلاپَ.
                    (ڪلهي پاتم ڪينرو، 1987ع، ص37)

**

شايد تو نه ڏٺو آ منهنجي سُپني جو سوراجُ،
جنهن جي اڳيان ڪجهه به نه آهي هي جمنا ۽ تاجُ.
                             **

شايد تو نه ڏٺو آ مون ۾،  آڌيءَ رات اَروڙ،
جنهن تي چَنڊُ ڪِروڙين ڪِرڻن جو وِجهندو آ موڙ.
                                                     (ص35)

**

مان سنڌوءَ جي ڌار، نه روڪيو آ جنهن کي ڪنهن گهاٽَ،
لَهرَ لَهرَ تلوارَ، ڪندي وئي ڪُنَ ڪُنَ ۾ ڪَڙڪاٽَ.
                              **

جڏهن به مون کي قابو رکندا ڪيئي ڪوٽَ ڪَڙا،
ايندي تنهنجي سار، ته وَڄندا چوڏهينءَ چنگَ چَڙا.
                           **

جڏهن نه ايندا اوڏا جيڏا، ٿيندو سوريءَ سَڏُّ،
تنهنجو پاڇو هلندو رهندو مُرڪي مون سان گڏُّ.
                             (وڄون وسڻ آئيون، 2008ع، ص36)

منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي، سنڌڙي، منهنجي ماءُ،
ڪيئن مڃان مان، تنهنجي ڪُک مان سِڪَ ڇڏي وئي ساءُ.
                              (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص38)

**

سنڌي آ سَوَ رنگ، اُنهيءَ کي سئربين جئن ڏِسُ!
آهه تقدس پنهنجي ٻوليءَ، اُها دين جئن ڏِسُ!.
                                 (سانجهي سمنڊ سپون، ص137)

 

مٿين دوهن ۾، توڙي جو موضوع ڳَرا ۽ جذبن ۾ ولولو ۽ جوش پيدا ڪرائيندڙ آهن، پر پوءِ به اُنهن ۾، اجائي نعري بازي وارو هُل ۽ هنگامو ناهي، فڪر ۽ سُرت سان لبريز هڪ آواز ۽ صدا آهي، جيڪا نه صرف ناانصافي خلاف نشانبر ٿي بيهڻ ۽ جهيڙڻ لاءِ انسان کي آماده ڪري ٿي، پر پنهنجي وطن ۽ ٻوليءَ کي دين ڌرم جيان عزيز سمجهڻ جي آشنائي پڻ عطا ڪري ٿي.

اياز جي دوهن ۾ تاريخي، سياسي ۽ سماجي فڪر

شيخ اياز دوهي ۾، نه رڳو موضوعن جو هڪ وڏو ۽ جاندار جهان ساڻ کڻي آيو آهي، پر فني طرح هُن اُن ۾ انيڪ تخليقي تجربا ڪري، دوهي ۾ ڪمال جي نُدرت ۽ دلڪشي پيدا ڪئي آهي. ڪلاسيڪل دوهو گهڻو ڪري تصوف جي گيڙوءَ رتي رنگن ۾ رڱيل آهي، اُن ۾ ٻين ڪجهه داخلي ڪيفيتن جي اُپٽار سان گڏوگڏ خارجي حقيقتون ۽ فطرت جون حُسناڪيون پڻ نظر اچن ٿيون، پر اياز دوهي ۾ ايتري موضوعاتي ڪُشادگي ۽ فڪري گهرائي پيدا ڪئي آهي، جو سندس دوهن ۾، دنيا ۽ دل ٻنهي جو عڪس ۽ نقش  چِٽو نظر اچي ٿو. جديد سنڌي شاعريءَ ۾، اياز جي دوهي جي صنف ۾، طبع آزمائي نه رڳو دوهي کي گهڻ رُخي رنگ ۽ ترنگ عطا ڪيا آهن، پر اياز جو اُهو عمل سچ ته، خود جديد سنڌي شاعريءَ لاءِ ڀاڳ سُڀاڳ سمان آهي.

اياز پنهنجن دوهن ۾، جتي احساساتي ڪيفيتن، فطري مظهرن، ثقافتي ٽاڻن، تهذيبي روايتن، تاريخي سچائين، سياسي حقيقتن ۽ سماجي صداقتن جي اُپٽار ڪندي، نج نبار ۽ نِرمل ٻوليءَ جو سيبائتو ۽ سونهندڙ استعمال ڪيو آهي، اُتي هُن اُنهن ۾، موضوعي وسعت، فني نُدرت ۽ فڪري حُسناڪي پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هُو گهڻي حد تائين سوڀارو رهيو آهي.

اياز لاءِ ڪو به موضوع اوپرو ۽ اجنبي نه آهي. هُو سياست جي المين توڙي سماج جي ڪُهنه ناسورن کي پنهنجن دوهن ۾، ساڳي ڀرپوريت ۽ تاثريت سان پيش ڪري ٿو. هُن جي دوهن جو مطالعو ڪندي، تاريخ جا الميه ۽ سماج جا درد اکين اڳيان اُڀري اچن ٿا ۽ پُراڻا چاڪ چِڪي پون ٿا.

 

اڄ تائين مون ياد اچي ٿو، ڇو نارائڻ شيام؟
ڪِن جي لاءِ سَٺوسين ڪيڏو، آخر ڇا انجام؟.
                                                 (ص115)

**

اکين اڳيان ڇو هي هر هر ٿو، منهنجي ڏيکُ اچي،
دونهون دونهون ديسُ اُنهيءَ ۾، ڪاليءَ ــ ناچ نچي.
                                                  (ص137)

**

هي ڪوڙا نعري باز اَٿِي، جي ڪُڻڪن ٿا سي قاز اَٿِي!
ڀل تن جا چنبا تيز هجن، تون سمجهه نه اِئن ڪي باز اَٿِي!.
                                      **

هي ڪهڙي ڳِجههَ اُڏامي ٿي، جنهن سنڌ سموري تاڙي آ،
هڪ پاسي دودو دفنايل، ٻي پاسي روپا ماڙي آ!.
                                                   (ص138)

**

ايوب خان سان ٽَڪر، قيدي ڀُٽو، ساهيوال،
ايئن اچي ٿو ياد، ٿيو هو سڀ ڪجهه پَرُ سال.
                                                 (ص115)

**

ڪوئي نه رهيو هن ڌرتيءَ تي، دارا نه سڪندر باقي آ،
ڇا اهڙو ڪوئي آ جنهن وٽ، موت نه ٿيو اوطاقي آ؟.
                                  (سانجهي سمنڊ سپون، ص136)

اياز جي دوهن ۾، حقيقت نگاريءَ جو حُسن به آهي ته،  تاريخي شعور، سياسي ۽ سماجي سُرت جي عڪاسي به. هُو ڄاڻي ٿو ته، جابر جي چوٽي چار ڏيهاڙا هوندي آهي. ڏُک ۽ سُک، زندگيءَ جو حصو آهن. وقت سدائين هڪ جهڙو نه رهندو آهي. بَدي ۽ بُرائيءَ جو اَنت بُرو ئي ٿيندو آهي. اَمرتا ۽ آجپو فقط سچ کي آهي.

اياز جستجو ۽ جدوجهد ۾ يقين رکندڙ سِرجڻهار آهي، اُنهيءَ ڪري اُميد ۽ آشا، هُن جو وڏو وشواس آهن. هُن کي ’ڀوڏيسر جي ڀونءِ‘ تي رنگن ۽ رونقن جي وَرڻ ۽ ’وِيرا واهه‘ جي وري آباد ٿيڻ جي پوري پَڪ اُنهيءَ ڪري به آهي، ڇو ته رات ڪيڏي به اَنڌاري ۽ سياهه هجي، پر سج اُن جو اَنت اَوس آڻيندو آهي، تڏهن ئي ته هُو ايڏي اعتماد سان چوي ٿو:     

 

’ويرا واههُ‘ وري وَسڻو آ، اي ڀوڏيسر ــ ڀُون،
ٿوري دير ته پوندي ليڪن، هانءُ نه هارج تون!.
                                                  (ص137)

                             **

هي جهيڙا جھٽا صديءَ جا، ٿي ويندا ڪاغذ رَديءَ جا،
سڀ پوندا تنهنجي ڳَٽَ ڳچيءَ، جيڪي به تصور بَديءَ جا.
                                                    (ص138)

                             **

ٿو سورج پنهنجا تير چُٽي، ۽ رات ٽُٽي آئيني جئن،
ڏس ڏينهن اُجالو آندو آ، هِن جَڳ ۾ منهنجي سيني جئن.
                             **

رات ٿئي ٿي ديپ هزارين، ڏينهن ٿئي هڪ ديپ،
ڀيٽ ڪجي سڀني کان بهتر، جوت ڏئي هڪ ديپ.
                               (سانجهي سمنڊ سپون، ص146)

 

شيخ اياز جو اُهو پڪو وِيساهه آهي ته، رات ڪيتري به اَنڌاري هُجي، ظالم ۽ اِستبدادي ڪيترو به سگهارو هجي، پر آخر جيت حق ۽ سچ جي ٿيڻي آهي. سج اُڀرڻو آهي، اُجالو ٿيڻو آهي، ۽ اُنهيءَ ’سج ۽ اُجالي‘ جا تِرورا، اياز جي سموري شاعريءَ ۾ نه رڳو مِلن ٿا، پر سندس دوهن ۾ پڻ اُهي دلڪش انداز سان نظر اچن ٿا.  

 

اياز جي دوهن ۾ تصوف، فلسفو ۽ نفسياتي احساسَ

شيخ اياز جي دوهن ۾، خارجي مظهرن ۽ انسان جي داخلي ڪيفيتن جي اُور ۽ اُپٽار سان گڏوگڏ اُنهن ۾، تصوف، نفسيات ۽ فلسفي جا موضوع پڻ پنهنجي پوري سُرت ۽ سُندرتا سان بحث هيٺ اچن ٿا. خدا جي اِسرارن ۽ زندگيءَ جي فلسفياڻي پهلوئن تي غور ۽ فڪر کان علاوه اياز جي دوهن ۾، موت جي معروضي ۽ نفسياتي نقطن تي، جنهن باريڪ بينيءَ ۽ گهرائيءَ سان هُن پنهنجن تصورن، مطالعي ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي، اُهو هر لحاظ کان متوجهه ۽ متاثر ڪندڙ آهي.

هُن جا خدا ۽ زندگيءَ بابت مختلف دورن ۾ مختلف وِيچار رهيا آهن، پر سندس مجموعي تصور صوفياڻو ۽ وحدت الوجودي آهي، جيڪو سندس پهرين شعري مجموعي، ”ڀونر ڀري آڪاس“ کان وٺي ”سانجهي سمنڊ سپون“ تائين جي مختلف شعري صنفن ۾ چڱيءَ ريت پَسي سگهجي ٿو. اُهو ساڳيو رنگ ۽ روح سندس دوهن ۾ پڻ چِٽيءَ طرح نظر اچي ٿو.

 

ويجهو آهين، وَس ۾ ناهين، پري نه آهين پاڻان،
رنگ رنگ ۾، روپ روپ ۾، تو کي آءٌ سُڃاڻان.
                             **

ڪَهي ڪَتين تان آئين سائين! پهتين منهنجي ديس،
ڏِسُ ته سهين ڪهڙو سونهين ٿو، تو کي منهنجو ويس.
                             **

تون ئي منهنجي ننڊ آن، تون ئي منهنجي جاڳ،
مان آهيان تنهنجي ڄِڀي، تون آن منهنجي آڳ.
                             **

تون ئي منهنجو راز آن، تون ئي منهنجو ساز،
آهي تنهنجيءَ تار جو، منهنجو من آواز.
                             **

ساري جڳ تي تون وَسين، جيئن ساوڻ جو مِينهن،
منهنجي من جي بوند جو، آهي توسان نينهن.
                             (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص35)

 

ساڳيءَ ريت موت جي حقيقت ۽ اُن جي نفسياتي ڊپ، وَهمن ۽ گُمانن جي حوالي سان اياز جي شاعريءَ ۾، گهڻ رُخا وِيچار مِلن ٿا. شيخ اياز موت جي فلسفي بابت وجودي ڏاهن، جان پال سارتري (Jean-Paul Sartre)، سورين ڪرڪيگارڊ (Soren Kierkegaard) ۽ مارٽن هيڊگر (Martin Heidegger) جي خيالن کان به واقف آهي ته، سگمنڊ فرائڊ (Sigmund Freud) ۽ ڪارل يونگ (Carl Jung) جي فڪر ۽ فلسفي جي به کيس سُٺي ڄاڻ آهي. هُو ايپيڪيورس (Epicurus) جي مسرت پسنديءَ (Hedonism) ۽ فريڊرڪ نٽشي (Friedrich Nietzsche) جي (Nihilism) کان به آشنا آهي ته، مابعد الطبعياتي فلسفين آرٿر شوپنهار (Arthur Schopenhauer)، اسپنوزا (Spinoza) ۽ رابندرناٿ ٽئگور (Rabindranath Tagore) جي سوچ ۽ سُرت جي به کيس چڱي آگهي آهي، اُهو ئي سبب آهي، جو سندس شاعريءَ ۾ اُنهن مِڙني جي ويچارن جي سُڳنڌ مِلي ٿي، پر هُو اُنهن مِڙني اثرن باوجود، موت جي صداقت تي، نه رڳو انفرادي ۽ احساساتي طرح گهرائيءَ سان سوچي ۽ ويچاري ٿو، پر پنهنجو نقطه نظر پنهنجن دوهن ۾ پڻ هِن ريت پيش ڪري ٿو:

 

موت ته آهي ننڊ جيان، ها، جاڳڻ آهي جند،
جيءُ سڄي سنسار سان پنهنجو، واڳڻ آهي جند.
                                                 (ص106)

**

آهي هاڻي پوري ٿي وئي، هِي جا وَٽ ڏِيئي،
ڪيسين ڀَڙڪا ڏيندي آخر، ڪيسين نيٺ جِيئي؟
                    (ڪونجون ڪرڪن روهه تي، 1997ع، ص108)

**

ڪيڏانهن وڃي ٿي وَڻجارا! هيءَ واٽ ڪٿي تون ڄاڻين ٿو؟
ڇا لاءِ کِلي ٿو گُل ۽ روئي ماٽَ، ڪٿي تون ڄاڻين ٿو!.
                               (سانجهي سمنڊ سپون، ص135)

 

اياز موت کي مفروضو نه ٿو سمجهي، پر زندگيءَ وانگر هڪ سچائي قبول ڪري ٿو، جنهن کي پڻ جيون جيان وقعت ۽ حيثيت آهي. هُو موت کي زندگيءَ سان سلهاڙيل ۽ سنجوڳي تصور ڪري ٿو. موت توڙي جو هُن لاءِ به معمو آهي ۽ اُن جا مٿس انيڪ نفسياتي اثر به نمايان محسوس ٿين ٿا، پر پوءِ به احساساتي ۽ فڪري طرح هُو موت کي ڀٽائيءَ وانگر اهڙي تخليقي ۽ رومانوي رنگ ۾ ’پوئٽريٽ‘ ڪري ٿو، جو سندس شاعريءَ ۾، موت جو تصور خوفائتو ۽ دهشت ناڪ نه ٿو لڳي، پر رومانوي ۽ فطري ڀاسي ٿو.

 

اياز جي دوهن ۾ ترقي پسندي، روشن خيالي ۽ انسان دوستي

شيخ اياز جا دوها تفڪر، تصور، تخيل، ترنم ۽ خيال جي تازگيءَ جو حَسين اِمتزاج آهن. اياز دوهي کي موضوعاتي تازگي بخشي، نه رڳو اُن جي مزاج کي تبديل ڪيو آهي، پر اُن جي داخلي ماحول، ترنم، ٻولي، احساس، محاڪات، موضوعن ۽ مجموعي آهنگ کي بدلائي، هڪ نئين رنگ ۽ حُسناڪيءَ سان پيش ڪيو آهي، جيڪو سندس وڏو ڪارنامو ۽ ڪمال آهي.

اياز جي دوهي ۾، روايتي دوهي جي ڪجهه رنگن کان علاوه سمورو ماحول، موضوعي مانڊاڻ، فني سِٽاءَ ۽ فڪري حُسناڪيون انفرادي ۽ پنهنجون آهن. روايتي دوهي جو، نه فقط موضوع ۽ لسانياتي لب و لهجو مخصوص ۽ محدود هو، پر اسلوب ۽ آهنگ به انفرادي نوع جو هو، جنهن ۾ اياز انيڪ فني، فڪري ۽ تخليقي تبديليون آڻي، اُن کي نئون روپ ۽ روح عطا ڪيو آهي. اياز دوهي جي روايتي ڪالب ۾، نه رڳو پنهنجن ڳوڙهن سان ڳوهيل مِٽي وجهي، احساس جون نِراليون مورتيون تخليق ڪيون آهن، پر اُنهن ۾ پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو روح ڦوڪي، پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي دردن ۽ سورن جون صدائون به سمايون آهن.   

”اياز، سياسي، سماجي ۽ فلسفياڻن موضوعن تي دوهي جو ڪلچر ۽ مزاج قائم رکيو آهي. سندس دوها، ڪهڙي به موضوع تي ڇو نه هجن، پر اُهي مقامي ڪلچر، تهذيب ۽ مقامي ماحول سان ڳانڍاپو رکن ٿا ۽ اُنهن ۾ پنهنجي سماج جا مسئلا، مونجهارا، پريشانيون، حادثا، واقعا، غُربت، بُکَ، ۽ ڏُکَ جهڙا موضوع خاص اهميت رکن ٿا.“(58)

 

بُکَ تي نڪتي باک ۽ ڏک ۾ گذريو ڏينهن
ڇڏ هي سُک جون ڳالهڙيون، پنهنجو ڪهڙو نينهن!.
                                                     (ص29)

                             **

سانوري سانوري صورت هُن جي، سُهڻو هُن جو ساهه،
هاءِ، هُيو پر بُکَ جو هُن جي اکڙين ۾ اُوڙاهه!.
                                                 (ص43)

                             **

نه ڪي هوا ۾ هِيج اُٺي جي، نه ڪا گھٽا گھنگھور،
پيو پُڪاري، ٿر کي ڏاري، ڪٿي ڪٿي ڪو مور
.
                                                     (ص38)

                                      **

وڍي ڇڏي ڪنهن نِڙي نَڙي جي، گھُٽجي ويا آواز،
ساڻا ۽ ويڳاڻا ٿي پيا، سُڏڪي سُڏڪي ساز.
                             (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص38)

 

اياز پنهنجي ڌرتيءَ جي فطري حُسن ۽ جمال کي پَسي، مَهڪي ۽ ٻَهڪي پوي ٿو، پر اِستحصالي ۽ پرمار طبقي پاران ڏيهه ۾ پيدا ڪيل بُک ۽ بَدحالي، ظُلم ۽ زيادتي، بي چيني ۽ ناانصافي، ماڻهن جي بيوسي ۽ مجبورين کي ڏِسي، سندس اندر جُهري ۽ جِهڄي پوي ٿو. سانوري ۽ موهيندڙ صورتن، جن جي نيڻن ۾، بُک ۽ بدحاليءَ جو اُوڙاهه ڀڙڪي رهيو آهي، مور جي پُر درد صدائن، جيڪي صحرائن کي به سوڳوار بڻائي ڇڏن ٿيون ۽ پنهنجي وطن، جنهن جو صبح سورن سان گڏ اُڀري ۽ ڏينهن ڏکن ۾ گُذري ٿو، جڏهن اياز اُنهن حالتن جو مشاهدو ڪري ۽ ماڻهن جي درد جي دوزخ کي محسوس ڪري ٿو، تڏهن نه رڳو ذاتي ۽ اِنفرادي سُکَ، موهه ۽ محبت جون ڳالهيون کيس زهر ٿيون لڳن، پر سيني ۾ موجود گيت، ڪُٺل ڪونج جي صدا وانگر سندس ڳلي ۾ تڙپڻ لڳن ٿا.

شيخ اياز زندگي ۽ سماجي صداقتن جو شاعر آهي. هُن وٽ جيون ۽ اُن جي جياپي جو فڪر ۽ فلسفو تخيلي ۽ تصوراتي نه آهي، پر عملي ۽ احساساتي آهي. هُو هِن سنسار کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي ٿو، اُن جون رونقون ۽ راحتون کيس موهن به ٿيون ته متاثر به ڪن ٿيون، اڳتي کي ’اَنڌڪار‘ ڪوٺڻ سان گڏوگڏ هُو هِن سنسار کي ئي اَمن ۽ محبت جو مَسڪن بڻائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.

سندس خيال موجب، هِن ڌرتيءَ کي ئي انسان پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ’بهشت‘ بڻائي سگهي ٿو. اُن لاءِ ضرورت رڳو اُن ڳالهه جي آهي ته، انسان فقط ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ جي اصول تي عمل ڪري. ڪنهن کي ڏُکائڻ، ڪنهن جي حق تلفي ڪرڻ ۽ ڪنهن جو خون وَهائڻ بدران هِن ڌرتيءَ تي وَهايل رت کي ڌوئڻ ۽ مَن کي پکين وانگر معصوم بنائڻ سان، هيءَ مِٽي وري اَمن ۽ آشتيءَ جي سُڳنڌ سان مَهڪي سگهي ٿي. ماڻهو جيڪڏهن ڌرتيءَ تي موجود هر جيوَ تي ڪَهل ڪري، اُن کي آزاديءَ سان زندهه رهڻ جو حَق ڏئي ته، هيءَ دنيا ’جنت‘ بڻجي سگهي ٿي ۽ اُهي احساس اياز پنهنجن دوهن ۾ ڀرپور نمونيءَ سان اظهاريا آهن.    

 

ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهي، سرتيون هي سنسار،
ساري جڳ مڳ جيون سان آ، اڳتي آ اَنڌڪار.
                            (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص48)

**

کانڀاڻيءَ مان ڳوڙهو نِڪتو، پنڇي واريءَ تي،
ڪَهل جيان ڪو جذبو ناهي، ڄاڻَ نه ماريءَ کي.
                            **

الله اُنهيءَ ۾ خوش آ جي، پَرگهور لهين بيمارن جي،
ڇو هر ڪنهن کي ايذائين ٿو تون، ڳالهه نه ڪر تڪرارن جي.
                                                    (ص116)

**

تو پاڻ ته بدلايو ناهي، ٿو دنيا بدلائڻ چاهين؟
تون دنيا ڇا سمجهي سگهندين، تو پاڻ نه ڄاتو آ ڇاهين؟.
                                                  (ص117)

**

ڄنگهه پيو مَنڊڪائي ڦاڙهو، ڪيڏو آ لاچارُ،
ڪامورو ڪنهن کُڏڻيءَ تان، ٿو کيڏي هيٺ شڪارُ.
                                                (ص117)

**

ڪير سڀاڻي جو سوچي ٿو، هاڻي ڏس ڇا ٿيڻو آهي،
جيڪي آهي ڪَئي جو ڪِيتو، سو هاڻي ئي ڏيڻو آهي.
                           **

ڌرتي ڌوئو، اُڀُ به ڌوئو، هر شيءِ جنهن تي رَتُ آ ڌوئو،
اَمن چڱي شيءِ آهي يارو! ديس سڄو لت پَتُ آ ڌوئو!.
                                (سانجهي سمنڊ سپون، ص137)

 

اياز جي دوهن ۾ ڪردار نگاري

شيخ اياز فني طور تي دوهي ۾ ڪيئي نوان تجربا ڪري، اُن کي نه رڳو نئون، نرمل ۽ تخليقي بڻايو آهي، پر موضوعاتي لحاظ سان پڻ اُن کي نيون وُسعتون ۽ نُدرتون بخشي، دوهي ۾ وڌيڪ دلفريبي ۽ دلڪشي پيدا ڪئي آهي. نيون ترڪيبون، نوان استعارا، تشبيهون، تمثيلون، نئين لُغت ۽ مَتروڪ لفظن جو استعمال، پهاڪن، چوڻين، ڪيترن ئي شاعرن جي سِٽن ۽ لوڪ دانش جي نقطن کي تضمين طور ڪَتب آڻڻ کان علاوه هُن انيڪ لوڪ، ڪلاسيڪي ۽ جديد دؤر جي ڪردارن کي پنهنجن دوهن ۾، نه فقط نئين انداز ۽ احساس سان پيش ڪيو آهي، پر ڪيترن ئي تاريخي ماڳن، مڪانن ۽ جاين کي پنهنجن دوهن ۾، اهڙي فنائتي نموني سمايو ۽ اُنهن سان وابسته پنهنجن حسين يادن کي اظهاريو آهي، جو اُهي ماڳ ۽ مڪان هڪ نئين زاويي سان زنده ٿي پيا آهن.

تاريخ ۾، ’روهڙي، ٺٽو، مڪلي، سکر ۽ اَروڙ‘ جو نالو ۽ حوالو ته گهڻو ڪري رَتُ سان رڱيو پيو آهي. سنڌ جي سورهيَن ۽ سپوتن جي خون جي خوشبو سان اُن جو ون ۽ واس واسيو پيو آهي، پر ڌارين ۽ غاصبن جي گهوڙن جي سُنبن سان، اُن جو سينو اڄ به ڄڻ ته چچريل محسوس پيو ٿئي ۽ اُن جون دانهون ۽ صدائون ڪَنين پيون سُڻجن، اُنهن المين ۽ تاريخي صداقتن کي اياز پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ سانڍيو آهي، پر هُن پنهنجن دوهن کي نوَن حوالن ۽ حُسناڪين سان آراسته ڪري، اُنهن ۾ نيون معنائون ۽ مسرتون پڻ ڀريون آهن. سندس هيٺيان دوها، نه فقط اِتهاس ۽ احساسَ جا نوان حوالا کڻي اچن ٿا، پر نوان مَفهوم ۽ فڪر جون نيون ڏَسائون پڻ پيش ڪن ٿيون. 

 

هُو روهڙيءَ ۾ روح رهاڻيون، هو راتيون، هوءَ ريت،
چُڀي پئي اڄ تائين مون کي، ڇاتيءَ ۾ ڪا ڇيت.
                             **

ٺٽي نگر جي رات اسان کان وِسري ناهي يار،
ڪيئن مَڪليءَ جي ماٺ مٿان ٿي چنڊُ ڦِريو چوڌار!.
                             **

گھاٽ گھاٽ ٿو توکي ساري، سکر نه ايندين يار!
ڪڏهن پتڻ تي پريت ڪنداسي، ڪڏهن نديءَ جي پار.
                         (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص31)

**

شايد تو نه ڏٺو آ مون ۾،  آڌيءَ رات اَروڙ،
جنهن تي چَنڊُ ڪِروڙين ڪِرڻن جو وِجهندو آ موڙ.
                           (وڄون وسڻ آئيون، 2008ع، ص35)

 

شيخ اياز جي شاعريءَ جو دامن ايترو ته وسيع ۽ ڪشادو آهي، جو اُها پنهنجي وجود ۾ خود هڪ الڳ ڪائنات ٿي ڀاسي، جنهن ۾ نه رڳو پنهنجا تخليقي، فني، احساساتي، فڪري ۽ فلسفياڻا رنگَ آهن، پر اُها سماجي، سياسي، تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن سان پڻ مالامال آهي. اُن ۾، محبت، اَمن، آشتي، جستجو، آزادي، ڌرتي، فطرت، حُسن، قدرت، مذهب، انسانيت، مساوات، خدا، موت، مطلب ته زندگي ۽ جياپي جون سموريون حيات بخش حقيقتون ۽ حُسناڪيون موجود مِلن ٿيون.

اياز جي هڪ وڏي خوبي اُها به آهي ته، هُن پنهنجي وسيع مشاهدي، مطالعي، تجربن ۽ محسوسات کي، نه رڳو پنهنجي شاعريءَ جو حصو بڻايو آهي، پر اُنهن کي پنهنجي ادراڪ ۽ تخليقي احساس سان سَلهاڙي، انتهائي فنائتي انداز سان پيش ڪيو آهي.

هُن لوڪ ۽ ڪلاسيڪي ڪهاڻين ۽ اُنهن جي ڪردارن کي پنهنجي شاعريءَ ۾، نئين انداز، نئين احساس ۽ عصري تقاضائن موافق، نئين علامتي ۽ فڪري مفهومن سان پيش ڪيو آهي، پر اُنهيءَ سان گڏوگڏ هُو پنهنجي شاعريءَ ۾، شاعرن، اديبن، عالمن، آرٽسٽن، عارفن ۽ عشاقن جي هڪ وڏي ڪهڪشان کڻي آيو آهي ۽ اُنهن کي هِن جَڳ سان، هُو پنهنجي نموني ۽ انداز سان متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪيترائي ڪردار اسان جا اڳ به ٻُڌل ۽ ڏِٺل وائٺل آهن، پر جڏهن اياز پنهنجن ڪوتائن ۾، اُنهن جا حوالا ڏئي ۽ سندن تعارف ڪرائي ٿو، تڏهن سچ پچ اُنهن سان فڪري ۽ احساساتي طرح وڌيڪ اُنسيت ۽ محبت پيدا ٿي پوي ٿي.

اياز پنهنجن هيٺين دوهن ۾، جهڙي نمونيءَ سان، ’وِديا پتي، مِيران، ڪاليداس، هِيرَ، رانجهي، وَارث شاهه، بَنسي، ڀٽائي، سچل، سامي، اَدل، بُلا شاهه، ڪوي جسيم الدين، ٽئگور، ڪَبير، راڌا، شيام، باجو باورا، باهو ۽ بابا فريد‘ جي ڪردارن کي پيش ڪري، اُنهن سان پنهنجي محبت، عقيدت ۽ اَٿاهه اُنسيت جو اظهار ڪيو آهي، اُهو بي مثال آهي. هِن کان اڳ اُنهن مَهان هَستين ۽ ڪلاڪارن کي اهڙو منظوم ۽ موهيندڙ خراج ورلي ڪنهن شاعر پيش ڪيو هوندو. اوهان خود اياز جي هِيٺين دوهن جو مطالعو ڪري ڏسو، اوهان کي اُنهن ۾، نه فقط فڪري نواڻ ۽ نُدرت محسوس ٿيندي، پر تخاطب ۽ تخليقي حِسيت جو ڪمال ۽ نرالو حُسن پڻ نظر ايندو.

 

رات ڏيئي جي وَٽِ ۾ جَرڪي، گُذري جَڳ جي جيت،
پڙهيا پئي مون روئي روئي، ’وِديا پتيءَ‘ جا گيت.
                             **

ماڻهوءَ جي مَنوَرتي بدلي، ننهن کان وِڇڙيو ماس،
ڪنهن جي من ۾ ’ميران‘ ايندي، ڪنهن جو ’ڪاليداس‘.
                             **

کاڻي هير، وِساڻو رانجهو، سارو ’جهنگ‘ تباهه،
رَک ۾ پنهنجون ڪافيون ڳولي، ويٺو وارث شاهه.
                             **

من من بن آ، جنهن ۾ ناهي ڪنهن ’بنسيءَ‘ جي تانَ،
آءٌ به ٽوڙيان وِينا، ڪيڏو ڦِري ويا انسانَ!.
                                                 (ص36)

**

آڻ پَڻيءَ تي پنهنجون پنبڻيون، کِههَ ۾ اکڙيون کول،
ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀرسان ويهي، پنهنجي ڳُجهَه کي ڳول.
                                                  (ص37)

**

’پيءُ پُراڻو مَڌ هِن مَٽَ مان، اوري آءُ اَدل!‘
’هِن مان ساميءَ پياس ٻُجهائي، پيتي سُرڪ سَچل‘.
                                                   (ص40)

**

ڪَوي ’جسيم الدين‘، اسان جون دليون کَسيون هن ديس،
چوٽي چوٽي جنهن جي چمپا، ون ون جنهن جو ويس.
                             **

پورنماسي ’پوري گنگا‘ ٿڌڙي ٿڌڙي واءُ،
ٽِلي پيو ٽئگور ڪنڌيءَ تي، اچي پيو پَڙلاءُ.
                                                     (ص41)

**

سانجهيءَ ويلي پَنڇي موٽيا، روئي ڏنو ڪَبير،
پنهنجي پنهنجي آکيريءَ سان، سڀ جي آهه اُڪير.
                                                    (ص42)

**

مان بن هان، مان ئي بنسي، مان راڌا، مان شيام،
مان جمنا جون لهريون، جن تي چنڊ ڪري آرام.
                           (ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص47)

**

تون به بيجو باورا، جاڳَ منجهاران جاڳُ،
ديپڪ ۾ ئي ٿو رهي، اڳ ئي ديپڪ راڳُ.
                                                    (ص105)

**

مان ڪاڻيارو تون ڪَرلاهو، ٻاجهارا ڪر ٻاجهه!
جئن چوندو هو بُلهو، باهو، ٻاجهارا ڪر ٻاجهه!.
                              **

جهڙي ڳالهه فريد ڪئي آ، اهڙي ڳالهه نه ٻي،
’نه ڏيک پَرائي جهوپڙي، نه ترسا اَپنا جي.‘
                  (ڪونجون ڪَرڪن روهه تي، 1997ع، ص106)

 

شيخ اياز جي دوهن جو مجموعي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ اُها سُڌ پوي ٿي ته، جهڙيءَ ريت هُو شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾، فڪري ۽ موضوعاتي طرح هڪ نئون جهان ۽ نيون نُدرتون ساڻ کڻي آيو آهي، ساڳيءَ ريت هُن پنهنجن دوهن ۾، اَنيڪ فني تجربن سان گڏوگڏ موضوعن جي نت نئين ۽ نرالي دنيا سمائي آهي، جيڪا نه فقط احساساتي لحاظ کان موهيندڙ آهي، پر اُن ۾ تخيل ۽ تخليق جي ڪمال حُسناڪي پڻ موجود مِلي ٿي.

اياز جي دوهن جي هِن مطالعي مان، اُميد ته عام پڙهندڙن سان گڏوگڏ شاگرد، عالم، اديب، شاعر ۽ محقق پڻ سُٺو لاڀ حاصل ڪري سگهندا. جيڪڏهن ڪنهن به پياسي ۽ مطلوب جي، منهنجي هِن پيار جي پورهئي مان قطري جيتري پياس به اُجهي ۽ اُن کي تِر جيتري تسڪين ملي ٿي ته، آءٌ پنهنجي هِن محنت ۽ محبت جي مزدوريءَ کي سَجايو ۽ سَڦل سمجهندس.

حوالا

 

1.      بلوچ، نبي بخش، خان، ڊاڪٽر، ’جامع سنڌي لغات ــ جلد 3‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1984ع.

2.     The Oxford English Dictionary, Dehli, 1977.

3.     John. Plats, Classical Urdu Hindi and English Dictionary, new Dehli, 1997

4.     https://en.wikipedia.org/wiki/Doha_ poetry.

5.     مخدوم, الطاف حسين، ماهنامه ادبِ لطيف.

6.     آغا سليم، ’بابا فريد جا دوها‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو،1990ع، ص26.

7.     محرم خان، پروفيسر، ’سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري ــ آڳاٽو دور‘،  سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع، ص173.

8.     ظهير، کنول، ’پاکستان ميں اردو دوهي کي روايت‘، انجمن ترقي اردو، کراچي،2005ع، ص125.

9.     سنڌي، ميمڻ، عبدالمجيد، ”شاهه ڪريم جو ڪلام“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1995ع، ص45، 46.

10. ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر،’بيت ــ سٽا ۽ اوسر‘، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2002ع، ص50.

11.  ظهير، کنول، ’پاکستان ميں اردو دوهي کي روايت‘، انجمن ترقي اردو، کراچي،2005ع، ص125.

12. محمد آصف خان، پروفيسر، ’آکھيا بابا فريد نے‘، پاکستاني پنجابي ادبي بورد، لاهور، 1997ع.

13. محرم خان، پروفيسر، ’سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري ــ آڳاٽو دور‘،  سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع، ص147.

14. ظهير، کنول، ’پاکستان ميں اردو دوهي کي روايت‘، انجمن ترقي اردو، کراچي،2005ع، ص125.

15. ايضا، ص125.

16. فتح پوري، فرمان، ڈاکٹر، مدير، ’نگار ــ هندي شاعري نمبر‘، فروري، مارچ 1984ع، ص161.

17. شيخ، اياز، ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘، ساهت سڀا پبليڪشن، الهاس نگر، (ڀارت) 1987ع، ص 8.

18. ظهير، کنول، ’پاکستان ميں اردو دوهي کي روايت‘، انجمن ترقي اردو، کراچي،2005ع، ص125.

19. حسرت، چراغ حسن، (پيش لفظ): ’پيت کي ريت‘، خواجه دل محمد، ص14,

20.            صديقي، عرش، ’پاکستان ميں اردو دوهے کا ارتقا اور کملي ميں بارات‘، ص17، 18.

21.  پاني پتي، جمال،’ادب اور روايت‘،المدثر اکيدمي، کراچي،1994ع،ص74.

22. ايضا،ص113.

23.  ايضا، ص71.

24. جميل الدين عالي کا مضمون، ’ميں اور ميرا فن‘، مطبوعه ’شعور‘، حيدرآباد، سندھ، شماره ــ 43

25.  اسماعيل، رضيه، ’خوشبو اُڑتي پھرے‘، بُک هوم، لاهور، 2016ع.

26. ظفر، ثروت، ’دوها جل‘،  جونا گڑھ  پبليکيشنز، کراچي، 2007ع، ص12.

27.            بلوچ، ڊاڪٽر، نبي بخش، (مرتب) ”بيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1971ع، ص6

28.            ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر، ’بيت ــ سٽا ۽ اوسر‘،2002ع، ص63.

29.            مٽلاڻي، منوهر بختراءِ، ڊاڪٽر، ’اساسي سنڌي شاعري‘، ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف ممبئي، 2002ع، ص11.

30. عشقي، الياس (مضمون)، ’سورٺا ۽ دوها‘، ٽه ماهي ’مهراڻ‘ــ ¾، 1991ع، سنڌي ادبي بورڊ، ص45.

31. عشقي، الياس، (خط)، ٽه ماهي ’مهراڻ‘ــ ¾، 1991ع، سنڌي ادبي بورڊ، ص186.

32.            محرم خان، پروفيسر، ’سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري ــ آڳاٽو دور‘،2007ع، ص86.

33. ٺَڪر، هيرو، ”قاضي قادن جو ڪلام“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1996ع، ص217.

34.            علي، زاهد، (مهاڳ) ’آءٌ لهر سمونڊ جي‘، سعيد ميمڻ، ڪنول پبليڪيشن، قنبر، 2014ع، ص12.

35. شيخ اياز (مقدمہ)، ’رساله شاه عبداللطيف بھٹا‎‎‎ئي‘، روشني پبليکيشن، 2010ع، ص87.

 

36.            اَمراڻي ڀارومل، ’ڌرتي ڳائي ٿي‘، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2017ع، ص208.

37.            گبول، مشتاق، (مقالو:’نارائڻ شيام جي دوهن جو فني ڇيد‘) ايڊيٽر: پروفيسر سليم ميمڻ، ’ڪلاچي‘، جلد: 20، شمارو: 1، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، جون 2017ع، ص94.

38. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام‘، سنڌالاجي، ڄام شورو، 1968ع، ص24..

39.            شيام، نارائڻ، ’نِکريو آهي نينهن‘، (مرتب: مصطفى نانگراج)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1999ع، ص50، 51.

40.            جويو، تاج، ’رابيل رُت مايا نگر، روشني پبليڪيشن، 2017ع، ص84.

41. ستار، (مرتب) ’ويا جي هنگلور‘، سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي،1999ع، ص205.

42.            جويو، تاج، ’رابيل رُت مايا نگر‘، روشني پبليڪيشن، 2017ع، ص85، 86.

43.            شهباز، قمر، (مقالو) ’اياز لفظن جو جادوگر‘، ڪتاب ــ ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي‘، (ايڊيٽر: ڊاڪٽر ملڪ نديم) ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، ميرس، 2001ع، ص69.

44. سومرو، ادل، ڊاڪٽر، (مرتب) ”ڳالهيون شيخ اياز جون“، (مضمون: شمس الدين عرساڻي)، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي، خيرپور،2010ع، ص40.

45.  سومرو، غلام قادر، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻِٽن لفظن جي لغت“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومتِ سنڌ، ڪراچي، 1996ع، ص13، 15.

46.            بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ’شاهه لطف الله جو ڪلام‘، 1968ع، ص24.

47.            شهباز، قمر، (مقالو) ’اياز لفظن جو جادوگر‘، ڪتاب ــ ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي‘، (ايڊيٽر: ڊاڪٽر ملڪ نديم)، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، ميرس، 2001ع، ص69.

48.            افسر، حامد الله، ’تنقيدی  اصول اور نظريۓ‘، انجمن ترقي اردو پاکستان، کراچي، ص50.

49.            عباسي، ظفر، ’سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون‘، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2007ع، ص457.

50.  شيخ، اياز، ’چنڊ چنبيليءَ ول‘، (مهاڳ ــ سراج)، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1985ع، ص10.

51.   ايضا، ص10.

52.  شيخ، اياز، ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘، (مهاڳ ــ محمد ابراهيم، جويو)، ابن حيات پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1970ع، ص28.

53.  علي، آڪاش، ’نئين ڪوتا جو بحث‘، ڪنول پبليڪيشن، قنبر، 2018ع، ص55.

54.  شيخ، اياز، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘، نيو فيلڊس پبليڪشن 1989ع، ص2، 3.

55.  نفيس احمد ناشاد، (ايڊيٽر) ’مهراڻ‘، ’شيخ اياز نمبر‘ ــ اياز جا ابراهيم جويي ڏانهن خَطَ، ڇاپو ــ 3، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2005ع، ص50.

56.  سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، ”شيخ اياز جي شاعري“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2020ع، صxvi

57.  شيخ، اياز، ’نثر ــ 3‘، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2010ع، ص257، 258.

58.  گبول، مشتاق، (ايم.فل ٿيسز ــ اڻ ڇپيل)، ”سنڌي شاعريءَ ۾ دوهي جي روايت ۽ پسمنظر“، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 2019ع، ص166.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org