سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:5 

ٿرين کي ’مور، مينهن ۽ پنهنجي مٽيءَ‘ سان انوکو عشق آهي. ٿري وَس ڪَئي پنهنجا پَکا ۽ پَٽَ نه ڇڏيندا آهن، پر ڪنهن سانگ سبب، جيڪڏهن هو ڏور هوندا آهن ۽ ٿر تي جڏهن بادل ڀَرجي ايندا ۽ وِڄون وَراڪا ڪنديون آهن، تڏهن ازخود ڪوهين ڏور هجڻ باوجود ٿرين کي مينهوڳيءَ جي مُند پنهنجي ڏيهه اُڏائي کڻي ايندي آهي ۽ هُو مٽيءَ جي مَهڪ سان پنهنجن ساهن کي تازو ڪري، صحرا جي گل وانگر ٽِڙي ۽ ٻهڪي پوندا آهن. ٿري، مور سان اولاد ۽ محبوب جهڙي محبت ڪندا آهن ۽ مور به ٿرين لاءِ پنهنجي سونهن جا سارا سانگ سَجائي ۽ رنگ رَچائي جيئندو آهي. مينهوڳيءَ جي موسم ۾ جڏهن مور، سرمست بڻجي ٽهوڪا ڏيندو ۽ حسين پنک پکيڙي رقص ڪندو آهي، تڏهن ڏکن ڏڌيل ٿاريلن جا اداس مُکڙا ته ٽانگر جي گل جيان ٽِڙي پوندا آهن، پر سچ ته صحرا جي سُڃي واري به سُون ٿي پوندي آهي ۽ ڀِٽون هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري سالن جا درد سور به وساري ويهنديون آهن. ٿر ۾ ’موريو‘ مقبول لوڪ گيت آهي، جيڪو ٿريا مور سان محبت جو اظهار ڪندي، وڏي سَرهائي ۽ هِيجَ مان ڳائيندا آهن.

 

اري موريا ري موريا ميٺو تون ٻوليو گڙتي رات نون،

           اَڇو تون ٻوليو گڙتي رات نون.

ٿاني پَرڻاوان اَکاٽيج رو چوٿ رو،

ٿانرا پانچم را ڦيرا ڪهجين چار ري،

ميٺو تون ٻوليو گڙتي رات نون،

اري موريا موريا ري.......

(اڙي مور! گَجندڙ رات ۾ تون ڪهڙا نه مِٺا ۽ موهيندڙ ٻول ٻولين ٿو. توکي چنڊ جي چوڏهين پرڻايان ۽ تون پنچم جا پورا چار ڦيرا ڏين. اڙي مور ڙي مور! تون گجندڙ رات ۾ ڪهڙا نه رَسيلا ۽ سُندر سُر آلاپين ٿو.)

ٿَرُ گلن ۽ گيتن جي سرزمين آهي. هِن صحرائي خِطي ۾، جيئن ڀانت ڀانت جا خودرو گُلَ ملن ٿا، ائين ئي ’سُر، گيت ۽ سنگيت‘ وارياسي جي سانت مان سُرٻاٽن جي سرگوشي بڻجي اُڀرن ٿا ۽ پوءِ ساري صحرا جي ٻاٽ ۾ سُرن جي ٽِم ٽِم ٽانڊاڻي جهڙي لاٽ ٽِمڪي ۽ چمڪي پوي ٿي. اياز ٿري لوڪ گيتن جو حُسن ۽ هڳاءُ خوب ماڻيو آهي. ’پڻياري، ڪجليَو، ڍاٽيئڙو، سائٻو (مڙس)، ڀئييو، ساوڻ ٽيج، لِيالو، جوڌاڻو، ڪيوڙو، امرائو، مڱريو، پيئو (پرين)، ڍولو، مهندي، ڪونجل، پڌارو، راسوڙا، همرچو ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي لوڪ گيت آهن، جن اياز کي موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي ۽ هُن اُنهن گيتن مان ڪيترن ئي ٿري لوڪ گيتن جي تضمين ۾، نئين انداز، ترنم ۽ احساس سان نوان لوڪ گيت سِرجيا آهن، جيڪي پنهنجي وَن ۽ واسَ ۾ منفرد ۽ موهيندڙ به آهن ته، اُنهن ۾ ٿري ثقافت جي روح ۽ رَچاءَ جي رنگيني به آهي.

”اياز ’سانوڻ ٽيج، لڪميان ڙي لو، مڻهيارو، ڪرهو ۽ ڇيڄ‘ جهڙا اَملهه لوڪ گيت نئين سِري سان تخليق ڪيا آهن، جن جو بنيادي خيال ته ساڳيو آهي، پر اُنهن ۾ شيخ اياز عصري تقاضائن کي ڀرپور نموني سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي....لوڪ گيت مڻهيار لکندي، هو اُن ۾ جدت پيدا ڪري ٿو ۽  موزون ترنم ڏيئي، علامتي رنگ ۾ رڱي ٿو....اڳوڻي لوڪ گيت ’مڻهيار‘ جو مُکُ ڪردار واپاري آهي، جنهن کي منافعي سان مقصد آهي، پر اياز جو ’مڻهيار‘ قرباني ڏيندڙ آهي، جيڪو پنهنجا وسيلا پنهنجن ماڻهن تي لُٽائي ٿو ۽ سنڌي سماج جي سنسار کي سَجائي ٿو. اهڙي مڻهيار کي ڳائي، اياز لوڪ گيت کي هڪڙو نئون دڳ ڏنو آهي“ (24).

حقيقت ۾،”سنڌي لوڪ گيتُ، دنيا جي لوڪ فن جي بي مثل حاصلات آهي ۽ سنڌي عوام جي اُجري اندر جو آئينو آهي....سنڌ جو لوڪ ادب پڙهي يقين ٿي وڃي ٿو ته، سنڌي ثقافت هر قيمت ڏيئي بچائڻ جهڙي شيءِ آهي“(25).

لوڪ گيتَ اصل ۾، سينا به سينا ۽ نسل در نسل منتقل ٿيندا رهيا آهن، تنهن ڪري اُنهن جي سنڀال ۽ رڪارڊ جو حقيقي دفتر ماڻهن جا سينا ۽ اُنهن جو حافظو رهيا آهن. سنڌ ۾ هر خطي جي مخصوص ماحول، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي عڪاسي ڪندڙ لوڪ گيت ملن ٿا. سري، لاڙ، وچولي، اتر، ٿر، بر، بحر، ڪاڇي، ڪچي توڙي ڪوهستان جا پنهنجا پنهنجا لوڪ گيت آهن، جيڪي نه صرف پنهنجي پنهنجي علائقي جي ٻوليءَ جي رس، لَئي، ترنم، تازگي، ڀاوَ ۽ سُڀاءَ جي رنگ ۽ روح سان سرشار آهن، پر اُنهن ۾ لوڪ چوڻين، پهاڪن، اصطلاحن ۽ لفظن جو وڏو ذخيرو پڻ موجود ملي ٿو. لاڙ جا لوڪ گيت پنهنجي ٻوليءَ جي مِٺاس، ترنم جي تاثير ۽ احساس جي اَڇوتائي جي لحاظ کان انتهائي اَنمول آهن. ”لاڙ جي لوڪ گيتن ۾ اهڙو ته لطف ۽ سوز سمايل هوندو آهي ۽ اهڙو ته رس ڀريل هوندو آهي، جو ٻُڌڻ واري جا دل ۽ دماغ، تاثر جي انتهائي گهراين ۾ گم ٿيو وڃن، ۽ هو پاڻ کي انهيءَ گهڙيءَ اهڙي ماحول ۾ تصور ڪرڻ لڳندو آهي، جتي فطرت پنهنجي حقيقي ۽ لافاني لباس ۾ ڳائيندي ۽ نچندي نظر ايندي آهي، انهيءَ جو ڪارڻ هي آهي ته، انهن ۾ هڪ عجيب رس، انوکي لَئي، ۽ دل ۾ اُمنگ اُٿاريندڙ تڙپ موجزن هوندي آهي، جنهن سان هر انسان بي اختيار ٿي، ماحول ۽ فضا سان گڏ تحرڪ ۾ ايندو آهي“(26).

لاڙ جي لوڪ گيتن ۾ خاص ڪري ’مانجهيئڙو، ليالو، گولاڙو، لولي، جمالو‘ ۽ ٻيا ڪيئي لوڪ گيت آهن، جن جا ٻول ۽ ترنم، روح کي پنهنجي رنگ ۾ رنڱي ڇڏن ٿا. ليالو، وڇوڙي ۽ جدائيءَ جو لوڪ گيت آهي، جنهن جي ٻولن ۾ اهڙو ته غم ۽ گداز هوندو آهي، جو اُن جي ٻُڌڻ سان من جا ڦَٽَ اُکلي پون ٿا. ڍاٽيئڙو پڻ ڏک ۽ غم جو گيت آهي، جنهن جا ورلاپ، نه فقط من ۾ وَڍَ وجهن ٿا، پر اُن جا ٻول پڻ دل کي پنهنجي لهرن ۾ ٻوڙن ۽ تارن ٿا.

سارو تان سيارو، مون گَنديءَ ۾ گُذاريو،

رِليءَ جي رولاڪي، ماريو، ڙي، ماريو،

ڍاٽيئڙا! هيلوڪو وري آ.

ٻيون تان پاڻياريون، پاڻي ٿيون ڀرن،

هڪڙي تان پاڻياري، ڳوڙها ٿي ڳاري،

هنجون ٿي هاري......

 

گولاڙو، خوشيءَ ۽ سَرهائيءَ جو لوڪ گيت آهي، جيڪو جهمريون هڻندي ۽ ڏوڪين تي ناچ ڪندي ڳايو ويندو آهي. اُن جي لفظ لفظ ۾،کِيجَ ۽ خوشيءَ جو احساس جهلڪي ٿو. اُن جا ڪجهه ٻول ملاحظه ڪريو. 

 

گولاڙو ڙي، ٻئي ڄڻا ٿا ٻيلهه چڙهون، گولاڙو ڙي،

گولاڙو ڙي، لڪ چڙهيو پئي پڪ وٺان، گولاڙو ڙي،

گولاڙو ڙي، هي منهنجن پرين جا، گولاڙو ڙي،

گولاڙو ڙي، ريٽو ٺاهيان رانجهن جو، گولاڙو ڙي،

گولاڙو ، ڙي، گولاڙو، ڙي، گولاڙو .........

 

اترادي گيتن ۾، ڇَلڙو، موهيندڙ  ۽ محبت جو گيت آهي. هِن گيت ۾، عاشق ۽ معشوق هڪ ٻئي کي يادگيري ۽ پيار جي نشاني طور ڇلو ڏيندا آهن، جيڪو هُو چيچ ۾ پائي محبت جي پيچ ۾، پاڻ کي سلهاڙيل محسوس ڪندا آهن. اُهو ڇَلو، نه رڳو محبت جي علامت هوندو آهي، پر جدائي جي لمحن ۾، عاشق ۽ معشوق اُن کي وڏو ڏڍ ۽ آٿت ڀائيندا آهن. اُن ڇَلڙي کي پيار ڪندڙ، نه صرف ساهه وانگر سانڍيندا آهن، پر لوڪ کان لِڪائي، اُن سان پرينءَ جون سارون پَچارون پڻ اوريندا ۽ اظهاريندا آهن، جيئن هِن لوڪ گيت ۾، ناري پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار هِن ريت ڪري ٿي.

ڇلو چيچ پايان، لوڪئون آءٌ  لِڪايان،

ڳڻ تنهنجا ڳايان،

ڏنو يار جاني، ڪري مهرباني.

ڇلو چيچ پاتم، وري ڇاتيءَ لاتم،

سهي سو سڃاتم،

آهي منهنجي يار جو، ڀورل قربدار جو.

ڇلو رنگا رنگي، ڏنو يار ننگي،

دل جنهين ٻنگي،

ويٺي تنهن کي ساريان، هنجون هُن لئه هاريان.....

 

ٿر جا لوڪ گيت هر لحاظ کان انوکا ۽ گھڻ رخي حُسناڪي سان معمور آهن. اُنهن جي ٻولي ۽ محاورو ته موهيندڙ آهي ئي آهي، پر اُهي لئي ۽ ترنم جي حوالي سان پڻ انتهائي نِرالا ۽ نِرمل آهن. ٿر جا اڪثريتي لوڪ گيت برسات ۽ ان سان لاڳاپيل ٽاڻن بابت آهن. ”راڻو، بادليئو، رائڌڻور، ورسارو، چوماسو، سانوڻ ٽيج، هچڪي، للرياڙي لو وغيره پهرين وسڪاري بعد ڳائجن. ڀئيئو وسڪاري جي مُند ۾، پهرين گُڏ ۽ پوءِ لاباري وقت ڳائجي. هَمرچو گُڏ يا لاباري وقت گڏجي ڳائين. پڻهاري ۽ هينڍامڻي عورتون پاڻي ڀرڻ وقت ڳائين. لڪميان ڙي لو ڏُٿ چونڊڻ وقت ڳائين، ولاڙو ۽ ڍاٽيئڙو  ڌنار مال چارڻ وقت ڳائين. لولي، ٻيلڻ، گامن، ڪَرهو جت پنهنجي سفر وقت ڳائين. لولي شادي مُرادي وقت پڻ ڳائين ۽ ٻيلڻ اَسر جو پيرن چونڊڻ مهل آلاپين. ڏهوڪو اُٺن تي سفر ڪرڻ وقت توڙي ٻنين ۾ ڪم ڪندي گڏجي ڳائين. ڍولو، رومال، جلالو، ڪانگلڙو يا ڪاڳڙو ۽ اوڏڻ خوشيءَ جي موقعن تي خوش طبعي خاطر ڳائين. مڻهيارو محفلن ۾، مرد اجتماعي توڙي اڪيلي سِر پڻ ڳائين“ (27).

ٿر جو هڪ حوالو بُکَ، بَدحالي ۽ غُربت آهي، پر اُن جو ٻيو حوالو تهذيب ۽ ثقافت جي اميري، ۽  فن، فڪر جي آسودگي آهي. ٿر غمن سان گڏ گيتن ۽ محبتن جي سرزمين آهي. هِن ڌرتيءَ جي ماڻهن جي دلين مان گيت ائين ڦٽي نڪتا آهن، جيئن مينهوڳيءَ کان پوءِ ٿر جي واريءَ مان گُل ڦُل ڦُٽي نڪرندا آهن. ٿر جي گُلن ڦُلن ۽ گاهن وانگر اُن جا لوڪ گيت به اَڻ ڳڻيا آهن، جن مان هڪ گيت ’راسوڙا‘ نموني طور هيٺ پيش ڪجي ٿو، جنهن لاءِ ڀارومَل اَمراڻي پنهنجي ڪتاب، ’گيت سانوڻ من ڀاوڻ جا‘ ۾ لکي ٿو، ”راسوڙا لفظ راسو مان نڪتل آهي، جنهن کي راجستان ۾، ’راسو‘، ٿرپارڪر ۽ گجرات ۾ ’راسوڙا‘ چيو وڃي ٿو. لفظ ’راسو‘ يا ’راسوڙا‘ بنيادي طرح لفظ رَسُ ۽ نِرتيا مان نڪتو آهي، جنهن جي معنى آهي ناچ. هي گيت ڳائيندي مخصوص ناچ ڪيو ويندو آهي....ٿر ۾ راسوڙا ڪانهوڙي جي ڏينهن ۽ خاص طور سانوڻ رُت ۾ ڳايا ويندا آهن...راسوڙا ڳائڻ مهل عورتون گول دائري ۾ نَچنديون هڪ ٻي سان تاڙيون مِلائينديون آهن ۽ مَرد ڏنڊيون مِلائي رقص ڪندا آهن. ٿر ۾ ڪولهين جا راسوڙا مشهور آهن“ (28).

چُنڙي مُو لاوان تو مُلهه گھڻو ڇي، پاوا گڍري چنڙي،

منگاوو مانرا هاٺيلا بنڙا چنڙي، پاوا گڍري چنڙي،

(منهنجا پرين! مون کي پاوا گڍ جي چُنري آڻائي ڏي. اُن جو مُلهه کڻي ڪيترو به هجي، پر مان اُها پائڻ ٿي چاهيان.)

هون تو چنڙي اودان، بن چنڙي ڪُڙيا لاج کاوي، پاوا گڍري چنڙي،

هون تو چنڙي ڌوئان، دريا اُلٽ جاوي، پاوا گڍري چنڙي، 

(آءٌ اها چُنري ضرور اوڍينديس، اُن بنا آءٌ لڄي پئي ٿيان. مون اُن چُنريءَ کي جڏهن به درياءَ تي ڌوتو آهي، ته اهو به ان جي سونهن پَسي اُٿلي پيو آهي.)

سنڌ ۾ لوڪ گيتن جا آثار عربن جي دؤر ۾ پڻ ملن ٿا، پر سڀ کان پهريان تحريري صورت ۾، لوڪ گيتَ سومرن جي دؤر (1050 ــ 1350ع) ۾ ’مرکان شيخڻ‘ جا مِليا آهن، جيڪي سهري ۽ لاڏي جي سٽاءَ ۾ آهن. نموني طور سندس هڪ گيت هيٺ ڏجي ٿو.

 

سونهن سماع وچ،
جنين جو شاني، نه ڪو تُل،
مُريد منهنجي قرهيل جا،
            
       قلبان وڃان.

اچن وچينءَ ويل،
جنين جو  شاني، نڪو تُل،
دُهل منهنجي پير جا،
     
                     قلبان وڃان.

پيار، وڇوڙي، خوشي ۽ دردن جي گيتن سان گڏوگڏ ٻين انيڪ سماجي معاملن ۽ موضوعن تي لوڪ گيتَ ملن ٿا. جهڙوڪ: شادين مُرادين جي رسمن سان لاڳاپيل، مَڱڻي، وَنواهه، ميندي، لانئن ۽ ڪنوار جي رُخصتيءَ جا لوڪ گيت وغيره. اُن کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ڏِڻن جي نسبت سان اڪيچار لوڪ گيت آهن، جيڪي سنڌ جي سماجي جيوت ۽ ثقافتي حُسناڪي جو چِٽو پِٽو عڪس پيش ڪن ٿا. لوڪ گيتن جي اُن سموري خزاني مان، شيخ اياز نه صرف گھڻو اِستفادو حاصل ڪيو آهي، پر لوڪ گيت کي نوان تخليقي رنگ ۽ حسين روپ پڻ عطا ڪيا آهن.

 

جديد سنڌي لوڪ گيت

لوڪ گيت جو سفر به، انسان جي شعوري سفر سان گڏ اُسريو، نِسريو ۽ اڳتي وڌيو آهي. جيئن زندگي مختلف مرحلن مان گذري اڄوڪي جديد دؤر تائين پهتي آهي، ائين لوڪ گيتَ به پنهنجو احساساتي ۽ فني سفر جاري رکيو آهي، پر لوڪ گيت جي هڪ خوبي، جيڪا صدين جي سفر باوجود يڪتا ۽ يڪسان رهي آهي، اها آهي، اُن جي سادگي، سچائي ۽ بي ساختگي. ”گيتن ۾ گهري فڪر جي پرٽ، گيت کي گيت نه، پر فلسفو بنائي ڇڏي ٿي. گيت جي سادي هيئت ۾، گهرو فڪري پسمنظر ڏيڻ سان اُن جي معصوميت متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ پوءِ اهو گيت نه، پر نظم بنجي پوي ٿو. گيت ۾ ڪيفيت ڪهڙي به هجي، پر ان جو اظهار سادو، سلوڻو ۽ سُريلو هئڻ کپي ۽ ان ۾ صرف احساساتي پهلو نمايان هجي ته، اهڙو گيت من تي گهرو اثر ڪندو آهي“ (29).

ڪيترن ئي جديد شاعرن لوڪ گيت جي ان سادي سٽاءَ، لوڪ رنگَ، رَسُ ڀرئي احساساتي لهجي، ترنم جي تازگي ۽ تُرنگ کي اَپنائي، اُنهن ۾ پنهنجن خيالن، نئين تشبيهن، استعارن، علامتن، فني تجربن ۽ فڪري نُدرتن جا نوان رنگ ڀري، اُنهن کي وقت ۽ حالتن پٽاندر نئين فڪري ۽ فني روح سان پيش ڪيو آهي. جديد دؤر جي سنڌي شاعرن مان، جن سرموڙ شاعرن لوڪ گيت کي نئين انداز، تخليقي معنويت ۽ فڪري گهرائيءَ سان لِکيو ۽ اُن کي ماڻهن ۾ مقبول بڻايو آهي، اُنهن ۾ خاص طرح ڪشنچند بيوس، هري دلگير، شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني، منشي ابراهيم، بردو سنڌي، امداد حسيني، تاجل بيوس، تنوير عباسي، سرمد چانڊيو، قمر شهباز، شمشيرالحيدري، آثم ناٿن شاهي، علي گل سانگي، علي دوست عاجز، روبينه ابڙو، ماڻڪ ملاح، شبير هاليپوٽو، ڪوي ۽ ڪجهه ٻين نوجوان شاعرن جا نالا سرفهرست آهن.       

استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعي لهجو ۽ موضوع گھڻو ڪري عوامي ۽ مِٽيءَ جي مَهڪ سان واسيل آهي، پر خاص ڪري هُن جا لوڪ گيت، ’چيٽ، همرچو، لابارو، ڪوڏر، ڳاهه، ڏاٽو، هورو هيو هور ۽ ڦُٽيون‘ هر وجهه حسين ۽ موهيندڙ آهن.

تنوير عباسي، امداد حسيني، قمر شهباز، شمشير ۽ آثم ناٿن شاهيءَ جي لوڪ گيتن ۾ پڻ عوامي لب ۽ لهجي، ٻوليءَ جي نج محاوري، ميٺاج ۽ سنڌ جي ثقافت جي اصلي سونهن ۽ سُڳنڌ محسوس ٿئي ٿي.  

سنڌي شاعريءَ ۾، سرمد چانڊيي جي، غزل ۽ وائيءَ جي حوالي سان پنهنجي هڪ نرالي ۽ نشانبر سڃاڻپ آهي، پر سندس لوڪ گيت، هُن جي شاعراڻي ڏات ۽ ڏانءَ جو ٻيو مُنفرد حوالو آهن. هُو پاڻ ٻهراڙيءَ جو ماڻهو آهي ۽ سنڌ جي لوڪ رسمن، روايتن ۽ ٻوليءَ جي اصلي روح کان ائين آشنا آهي، جيئن پاٽولي پنهنجن رنگن جي نج ۽ نبار هجڻ کان باخبر هوندو آهي. هُن جي لوڪ گيتن ۾، ٻوليءَ جي نفاست، لهجي جي مِٺاس ۽ موسيقيءَ جو پنهنجو رنگ آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي من کي پنهنجي مَنڊ ۾ مُنڊي ڇڏي ٿو. هُن جا لوڪ گيتَ، ’ڪَمانگر، گهاگهر، سانورا، چانڊڪو، چيهو، ماڃر، ڪنڀار، ڪونجون ۽ ٻاجهر کيت‘ پنهنجي ٻولي ۽ ترنم جي لحاظ کان نهايت پُرڪشش ۽ پيارا آهن، پر سندس لوڪ گيت ’هنبوڇي‘ روح ۾ رقص جي ڪيفيت پيدا ڪندڙ آهي. اصل ۾، ’هَنبوڇي‘، لوڪ ناچ جو گيت آهي، جنهن کي ڪورس جي انداز ۾ ڳايو ۽ اُن تي ڪورس جي انداز ۾ رقص ڪيو ويندو آهي. سندس گيت ۾، ترنم ۽ رقص ڌُن جي تازگي ۽ ڌڙڪندڙ روح جي بي چيني اوهان به محسوس ڪريو.

هَنبوڇي وو هَنبوڇي،

ڪاڇو بَرسيو هَنبوڇي.

مارو آيا ماڳ تي، جهومي دلڙي راڳ تي،

هنبوڇي وو هنبوڇي.

جوڙا جوڙا جاٽ تي، جيڏيون جيڏا گهاٽ تي،

هنبوڇي وو هنبوڇي.

مُک مُک تي چانڊاڻ آ، چوڏس ٿي سرهاڻ آ،

هنبوڇي وو هنبوڇي.

                                  (سرمد چانڊيو)

 

علي گل سانگي پڻ لوڪ گيتن تي مشتمل هڪ پورو ڪتاب، ’گجر پائي گج‘ لکيو آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ تخليقي ۽ جديد نوع جي لوڪ گيتن جو شايد پهريون مجموعو هُجي، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ موضوعن تي سوا ٻه سؤ کن سنڌي ۽ سرائيڪي لوڪ گيت موجود آهن، جن ۾ خاص طور ’پينگهو، وڻجارو، ڪانگلڙا، اوٺيئڙا، ڍاٽيئڙا، جوڳيئڙا، ڪونجڙيا، جمالو، مورو، اوڏڻ، ڇلو، لولي ۽ ٻيلڻ‘ گيت پنهنجي انداز، بيان ۽ تاثر ۾ نه رڳو وڻندڙ آهن، پر اُنهن جو رڌم ۽ لوڪ عوامي احساساتي رنگ پڻ ماڻهوءَ جي سُتل دل جي تارن کي ڇُهي، اُنهن ۾ جلترنگ پيدا ڪري ڇڏي ٿو.

 

ڪانگلڙا، ڪانگلڙا، وڃ تون واٽ وهي،

ڪارونجهر تي ڪَهي،

ڪارونجهر تي ڪَهي،

مارو ملندئي واٽ تي، سلجانءِ سور سَهي،

ڪارونجهر تي ڪَهي،

ڪارونجهر تي ڪَهي،

کبڙن پيرون پاند ۾، لهجان لام لهي،

ڪارونجهر تي ڪَهي،

ڪارونجهر تي ڪَهي،

                     (علي گل سانگي)

 

نياز همايوني، روايتي لوڪ گيتن جي خزاني مان چڱو لاڀ حاصل ڪيو آهي. هُن پنهنجن گيتن ۾، لوڪ ٻوليءَ جي لفظن ۽ تُز ترڪيبن جي استعمال سان گڏوگڏ اَروڪ ترنم جو اهڙو انداز اَپنايو آهي، جو سندس لفظ لفظ جهرڻي جي روانيءَ جيان متحرڪ ۽ مترنم محسوس ٿئي ٿو. سندس هيءُ هڪ لاڏي جا ٻول پڙهو:

 

منهنجي اونداهين جي اور، منهنجي اڱڻ اچجانءِ،
ٽِلي ٽانڊاڻي جي ٽور، منهنجي اڱڻ اچجانءِ،
 

منهنجي اڱڻ اچجانءِ، منهنجي دل رکجانءِ،
منهنجي ماڙيءَ سندا مور، منهنجي اڱڻ اچجانءِ،
 

منهنجي اڱڻ اچجانءِ، منهنجي ڳالهه ٻُڌجانءِ،
منهنجي چانڊوڪين جا چور، منهنجي اڱڻ اچجانءِ،
                                                         (نياز همايوني)

 

گيت توڙي لوڪ گيت جي تخليق جي حوالي سان جديد سنڌي شاعريءَ ۾، بَردي سنڌيءَ جو نالو وڏي حيثيت ۽ وقعت جو حامل آهي. سنڌي گيت ۾، سلاست، فصاحت ۽ جدت بردي جي خاص خوبي آهي. هن جا گيت لئه ۽ ترنم سان ايترو ته ٽُٻيل ۽ ٽمٽار آهن، جو اُنهن کي پڙهڻ دوران پڙهندڙ جي دل خودبخود اُنهن کي جهونگارڻ تي مجبور ٿي پوي ٿي. اڪثر ڪري هُن جي گيتن ۾، فطرت جي حُسناڪي ۽ انسان جي داخلي احساسن ۽ جذبن جي دنيا پنهنجي پوري احساساتي ۽ جمالياتي جوت سان نظر اچي ٿي، پر خاص ڪري هُن جي لوڪ گيتن ۾، لوڪ سنسار جي سادگي، سونهن، سُرت ۽ سوڀيا جا جيڪي رنگ مِلن ٿا، اُنهن کي پَسي، مَن سَرهائيءَ مان مورَ وانگر جهومڻ ۽ نچڻ لڳي ٿو.

پينگهه پپر ۾ ٻَڌي ڙي جيڏيون،
لُڏي کائون لامارا،

ٽُوڙيون عرش جا تارا،
 

سانوڻ جي مُند آئي آئي
ڏينهن جُهڙالو رات سهائي،
واهه خوشين جا وارا،

ٽُوڙيون عرش جا تارا.

 

پينگهه لُڏڻ سان لُڏنديون ٽاريون،
لُڏندي ڪُڏندي عمر گذاريون،
ڳايون ڳيچ پيارا،

ٽُوڙيون عرش جا تارا.

    (بوندون بس نه ڪن، ص5)  

 

تاجل بيوس جا سِرجيل لوڪ گيتَ پڻ پنهنجي اظهار جي نِرملتا ۽ ترنم جي حُسناڪيءَ جي لحاظ کان حسين آهن. نموني لاءِ سندس هڪ لوڪ گيت،’سانوڻ ٽيج‘ هِتي ڏجي ٿو.  

 

آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي،

آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي،

وسڪاري جا ويلڙا، ماروئڙن سان ميلڙا،

 

ٻهڳڻ کڻندي ٻيلهڙا،

آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي.

چوماسي جو چنڊ آ، مانڊي وارو منڊ آ،

جيڏل جوٽيو جنڊ آ،

آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي.

مروُئي مهڪار ۾، خوشبوئن کيڪار ۾،

چنڊ ڏٺو چيلهار ۾،

آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي.

آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي.

                        (تاجل بيوس)

 

تاجل پنهنجن سِرجيل لوڪ گيتن ۾، لوڪ گيت جي اصلي سٽاءَ کي قائم رکڻ سان گڏوگڏ اُن جي فطري ترنم کي به گھڻي حد تائين برقرار رکيو آهي. موضوع، مواد ۽ احساساتي ڪيفيت جي لحاظ کان سندس گيت، لوڪ رنگ ۽ جديد حسيت جو حسين امتزاج آهن ۽ اُهو گڻ ئي کيس ٻين جديد گيت نگارن کان منفرد ۽ نرالو بڻائي ٿو.

 

شيخ اياز جا لوڪ گيت

سنڌيءَ ۾ لوڪ گيتن جو وڏو ذخيرو هر دؤر ۾ موجود رهيو آهي، پر خاص ڪري سنڌ ۾، فارسي ٻوليءَ جي رواج ۽ عروضي دؤر جي اوج دوران لوڪ گيتن کي نه رڳو نظر انداز ڪيو ويو، پر اُنهن کي دهڪاني ۽ اَڻ پڙهيل ماڻهن جو وَکر قرار ڏئي، نه رڳو مَعيوب سمجهيو ويو، پر اُنهن کي تخليقي ڪار وَهنوار جي ڏيهه مان ئي نيڪالي ڏني وئي. سنڌ ۾ فارسيءَ جي تسلط ٽٽڻ ۽ اُن جي بي روح روايتن مان سنڌي شاعريءَ جي ڪنهن حد تائين پاند آجي ٿيڻ بعد وڏي عرصي کان پوءِ سنڌ ۾، شاعرن گيت ۽ لوڪ گيت لکڻ شروع ڪيا، ”اهڙيءَ ريت سنڌي موزون شعر جي باغ ۾ هڪ نئون ٻوٽو اُسريو. اُن من موهيندڙ ٻوٽي جي خوش قسمتي اُها ٿي، جو اُن کي اياز جهڙو اَنوکو مالهي نصيب ٿيو. اياز کيس وڌائي ويجهائي اهڙو سرسبز ڪيو آهي، جو ڏسندي ڏسندي سندس سُرهاڻ چوطرف ڦهلجي ويئي آهي“(30)

شيخ اياز نه صرف لوڪ گيت کي نئون جيئدان ۽ جنم ڏنو آهي، پر هُن اُن ۾ پنهنجن خيالن، خوابن، اُمنگن، ڏکن ۽ سُکن جي احساسن جو اصلي روح سمائي، اُن کي انساني دل جي ڌڙڪنن سان هم آهنگ ڪيو آهي. اُهو اياز جي ڏات جو معجزو چئجي، جو هُن جي گيت جهڙو گيت، نه هُن کان اڳ موجود هو ۽ نه ئي هُن کان پوءِ نظر اچي ٿو.

اياز جي گيت جي حوالي سان ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو، ”اياز کان اڳ سنڌيءَ ۾ گيت هڪ وساريل صنف هو. سواءِ هري دلگير جي، ورلي جديد شاعر گيت لکندا هئا. بيوس جي گيتن جو ڳاڻيٽو گھڻو نه آهي ۽ هوند راج دُکايل کي به هڪ ابتدائي گيت نگار جي حيثيت ۾ اهميت حاصل آهي. فقط هري دلگير کي ئي صحيح معنى ۾ پهريون اهم گيت نگار شاعر سَڏي سگهجي ٿو، جنهن گيت جي ٻولي، سٽاءَ ۽ موضوعن ۾ ڪافي نواڻ پيدا ڪئي. ان بعد اياز ان عمل کي هڪ تحريڪ جي صورت بخشي. هُن اسلوب، گھاڙيٽي، سٽن جي ترتيب، ڇند ۽ عروض جي مختلف تجربن وسيلي سنڌي گيت کي روايتي گيت جي ڀيٽ ۾ هڪ مڪمل نئون ۽ دل لُڀائيندڙ روپ ڏنو“(31).

جيئن ته لوڪ گيت عام ماڻهن جي سادي سودي فطري جذبن ۽ احساسن جو حقيقي ۽ بي ساخته اظهار هوندا آهن، اُنهيءَ ڪري اُهي نه رڳو مصنوعي هُنر ۽ ڪاريگريءَ، اَجائي تصنع ۽ تڪلف کان آجا هوندا آهن، پر اُنهن جي ترنم ۽ ٻولن جو انحصار پڻ شاعريءَ جي مخصوص اصولن ۽ قاعدن بدران لفظن جي سٽاءَ، خيال جي سادگي، رقص جي ڪيفيتن ۽ اظهار جي اندروني ترنم تي آڌاريل هوندو آهي، جنهن ڪري اُهي پنهنجي اظهار ۾ اثرائتا، لهجي ۾ نفيس ۽ نرمل، فڪر ۾ سليس ۽ سادا، ٻولن ۾ رسيلا، خيال ۾ سُپڪ ۽ خوبصورتيءَ ۾ انڊلٺ جي رنگن جهڙي حُسناڪي رکندڙ هوندا آهن. اُهو ئي سبب آهي، جو  لوڪ ادب کي  پوپٽ جهڙو نفيس، نازڪ، رنگين ۽ حسين تصور ڪيو ويندو آهي.

Folk is twice like a butterfly as fragile as beautiful. 

لوڪ گيت، عوامي اُمنگن، احساسن، تهذيب ۽ اجتماعي حسيت جا اُهي حسين نغما آهن، جن جي ڌُن ۽ ڌَنڪ تي ڌرتي ۽ آڪاش جون دليون به ڌڙڪڻ لڳن ٿيون. ”لوڪ گيت، شاعر جي انا (انفرادي سڃاڻپ) کي مليا ميٽ ڪري ڇڏي ٿو. ان ۾ هن جو ڪو تخلص ۽ نالو نشان نه آهي، اهو عوامي نفسيات جو حصو ٿي وڃي ٿو ۽ ان ڳالهه ۾ ئي ان جي عظمت آهي. لوڪ گيتُ مقامي روايت جو حصو آهي ۽ اهو عوام کي ورثي ۾ ملي ٿو. ان ۾ شائستگي ايندي رهي ٿي ۽ خاص طور تي اهي ديهاتي، جي پڙهي ۽ لکي نه ٿا سگهن، اهي به لوڪ گيت ڳائن ٿا“(32)

اُهو ئي سبب آهي، جو لوڪ گيتَ عوامي جيوت جي عڪس سان گڏوگڏ انساني تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جا پڻ وڏا عڪاس ۽ گواهه آهن. اُنهن جا ٻول ايترا سلوڻا، سُريلا ۽ احساساتي آنند ۽ آٿت آڇيندڙ آهن، ”جو ننڍڙن ٻارڙن کي لولي ٻُڌڻ سان ننڊ وٺيو وڃي ۽ ڪم ڪار ڪندڙ پورهيتن کي همرچي ڳائڻ/ ٻُڌڻ سان نه رڳو ٿَڪُ لهي وڃي ٿو، پر ڪم ڪرڻ لاءِ همٿ وڌي وڃي ٿي. اهڙيءَ ريت جدائيءَ جي جهوريءَ ۾ جلندڙن کي ڇلڙي پائڻ سان هنيانءَ تي ٿڌا ڇنڊا پئجي وڃن ٿا. سوڀ ماڻيندڙن جي خوشيءَ جو اظهار ’هو جمالي‘ ڳائڻ/ ٻُڌڻ ۾ ٿي وڃي ٿو. هڪ ماءُ/ ڀيڻ پنهنجي پٽ/ ڀاءُ جي شاديءَ ۾ لاڏا ۽ سهرا ڳائي، خوشي ظاهر ڪري ٿي.....مطلب ته عوام جي هر ڏک ۽ سُک جي اظهار جو مهذب، مانائتو ۽ شانائتو وسيلو لوڪ گيتَ آهن“(33).

ڊاڪٽر نبي بخش خان پنهنجي ڪتاب، ’لوڪ گيت‘ ۾، لوڪ گيتن جون 57 صنفون سهيڙيون آهن، جن ۾، ’مورو، ڇَلڙو، لولي، جمالو، ڳيچ، ڪوڏاڻو، همرچو، ڇيڄ، ڪجليو، وڻجارو، ٻيلڻ، ڍوليو‘ وغيره شامل آهن، پر لوڪ گيت جي دنيا ايتري ڪشادي ۽ وسيع آهي، جو اُن کي ڪنهن مقرر ڳاڻيٽي ۽ انگ ۾ قيد ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڇو ته سنڌي لوڪ گيت سَوَن ۾ نه، پر هزارن ۾ آهن. لوڪ ڏاهپ جي ڄاڻن ۽ پارکن لوڪ گيت کي موضوعاتي ۽ فڪري لحاظ سان چئن قسمن ۾ تقسيم ڪيو آهي. 1. رسمي لوڪ گيت  2. مذهبي لوڪ گيت 3. وڪرت لوڪ گيت 4. ساهيتڪ لوڪ گيت.

سنڌي لوڪ شاعريءَ جي هڪ وڏي خوبي ۽ خصوصيت اُها آهي ته، اُن ۾ مذڪوره مِڙني قسمن جا لوڪ گيت ته موجود آهن، پر اُنهن کان علاوه به انيڪ لوڪ گيتن جو خزانو وٽس موجود مِلي ٿو.

 شيخ اياز شاعريءَ جي جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ اساسي ۽ لوڪ شاعريءَ جي ڪجهه صنفن ۾ پنهنجن خيالن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو سچ ته، امرت جيان، نه رڳو سُرور آڇيندڙ آهي، پر احساساتي ۽ معنوي طرح موهيندڙ ۽ انتهائي حسين پڻ آهي. خاص ڪري هُن جا جديد انداز ۾ لِکيل لوڪ گيت، جن ۾، ’سانوڻ ٽيج، لمڪيان ڙي لو، مڻهيار، چيڻو، ڪرهو، نئون جمالو، بادل ڙي، گيت پروليون، ديهاتي گيت، ڇيڄ ، همرچو‘ وغيره شامل آهن، اُهي شاهڪار ۽ اَملهه آهن. اياز جا اُهي لوڪ گيت سندس مختلف شعري مجموعن جهڙوڪ: ’ڀونر ڀري آڪاس‘ (ص87، 90، 179)، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ (ص30، 33، 45)، ’وڄون وسڻ آئيون‘ (ص90، 103، 104، 106، 172، 173، 175، 176، 181، 192، 199، 200)، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ (ص317)، ۽ ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ (ص139) ۾ ملن ٿا، جن جو تعداد چاليهن جي لڳ ڀڳ آهي.

 اياز جا اُهي لوڪ گيت پنهنجي انداز، لهجي، خيال، احساس، ترنم ۽ ٻوليءَ جي نرملتا جي لحاظ کان انتهائي خوبصورت ۽ من موهيندڙ لوڪ گيت آهن، جن بابت رسول بخش پليجو پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو، ”اياز سنڌي ٻوليءَ جو زبردست عاشق ۽ پارکو آهي. هُو سنڌي لفظن جو وينجهار آهي. اکرن جا اَملهه ۽ بي بها خزانا، جيڪي هر هنڌ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جن ڏانهن ڪنهن ڌيان نه ٿي ڏنو، تن کي هن سهيڙي، اُجاري ۽ گهڙي منجهانئن شعر جا اهڙا حيرت انگيز نوَ لکا هار ٺاهيا آهن، جن کي ڏسي عقل چرخ ٿي وڃي ٿو، خاص ڪري سندس گيتَ، لفظن جي خوبصورتيءَ، سٽاءَ جي سونهن، موسيقيت ۽ اثر ڪري فن جا ڄڻ تاج محل آهن“(34).

اياز جا لوڪ گيت سچ ته، موضوعاتي انفراديت، ٻوليءَ جي مِٺاس، لهجي جي نفاست ۽ ثقافتي اُهڃاڻن جا حامل هجڻ سان گڏوگڏ ترنم جي تازگي، احساساتي معصوميت ۽ جمالياتي حوالي سان پڻ موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهن. سندس لِکيل، ’لولي‘، ماءُ ۽ ممتا جي احساسن جو گيت آهي. ’لمڪيان ڙي لو‘، پورهئي سان پيار ۽ اجتماعي ايڪي جو گيت آهي. ’سانوڻ ٽيج‘، نو وَرنين ۽ ڪُنوارين جو سرتين سان گڏجي سانوڻ جي نِکٽن، سَرهائين ۽ سُندرتائن کي مَلهائڻ جو گيت آهي. ’مڻهيار‘، کيج ، خوشي ۽ سينگار جو گيت آهي. ’ڪرهو‘، اوسيئڙي، انتظار، مسافت ۽ وڇوڙي جو گيت آهي. ’ڇيڄ‘، مُندن ۽ موسمن جي وري اچڻ تي وڇڙي ويل سڄڻن کي سارڻ ۽ پُڪارڻ جو گيت آهي. اهڙيءَ ريت ’همرچو‘، ٿر جي کيت مزدورن جي کيڙيءَ ۽ ميڙيءَ جي موسم جو گيت آهي. شيخ اياز پنهنجا لوڪ گيت، نه فقط جديد فني رنگ ۾ لکيا آهن، پر اُنهن ۾ هُن لوڪ روايتن کي قائم رکندي، نئين فڪر ۽ احساس جون جمالياتي نُدرتون پڻ پيدا ڪيون آهن.

 

شيخ اياز جي لوڪ گيتن ۾ جمالياتي خوبيون

جديد سنڌي شاعرن ۾، شيخ اياز اُهو شاعر آهي، جنهن شاعريءَ جي جديد ۽ ڪلاسيڪل صنفن تي طبع آزمائي سان گڏوگڏ قديم ۽ لوڪ صنفن ۾ پڻ سگهاري ۽ سهڻي انداز سان پنهنجن خيالن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي. توڙي جو لوڪ گيت جو ڪو مقرر گهاڙيٽو، موضوع، وزن، قافيو، رديف ۽ طئي ٿيل ترنم نه آهي، اُن جا ٻول ئي سُرن ۾ ٻُڏل ۽ لفظ، ڪيف ۽ سرور جي سرمستيءَ ۾ وِهنتل هوندا آهن ۽ اُهي عام ماڻهن جي اندر مان اُٻڙڪا ڏئي سندن اظهار جي چپن تي ائين مُرڪي ۽ مَهڪي پوندا آهن، جيئن خودرو گلَ ڌرتيءَ جو سينو چِيري ڦُٽي پوندا آهن. اياز پنهنجن سِرجيل جديد لوڪ گيتن کي نه فقط وزن، تازگيءَ وارو ترنم، سڀاويڪ سوز ۽ گداز عطا ڪيو آهي، پر هُن اُنهن ۾ ڌرتيءَ جو وَن ۽ واسُ اُوتي، اُنهن ۾ لوڪ گيت جي ازلي ۽ ابدي ڪيفيت به پيدا ڪئي آهي.

تاج جويو، شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي خوبين ۽ خوبصورتين جي حوالي سان لِکي ٿو، ”هو جڏهن ڪنهن لوڪ گيت کي ڇُهي ٿو ته، اُن جو ردم، آبشارن جو ردم بڻجي وڃي ٿو، ان جي لئه هندوري جو لوڏو محسوس ٿئي ٿي، ان جي ٻولي نرتڪيءَ جي ڇير جيان ڇم ڇم ڇڻڪي ٿي ۽ ان جي هيئت، کنوڻ جا کجڪا ۽ وِڄُ وراڪا محسوس ٿين ٿا(35). شيخ اياز جو هڪ لوڪ گيت ’ڇيڄ‘ ملاحظه ڪيو ۽ اُن مان سنڌوءَ جي لهرن جھڙي ردم ۽ تشبيهن جي اَڇوتي حُسناڪي جو حِظ ماڻيو.

 

اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس روپ، سندس رنگ، ائين آهه جيئن تون!
 

اَڙي رات، اَڙي رات، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس وار، سندس ونگ، ائين آهه جيئن تون!
 

اَڙي ڦول، اَڙي ڦول، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس رنگُ، سندس انگُ، ائين آهه جيئن تون!
 

اَڙي هير، اَڙي هير، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس ساٿ، سندس سنگ، ائين آهه جيئن تون!
 

اَڙي نانگ، اَڙي نانگ، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندم ڏاهه، سندس ڏنگ، ائين آهه جيئن تون!
                               (ڀُونر ڀِري آڪاس، ص87)

 

’چَنڊُ‘، سونهن ۽ سُندرتا جي علامت آهي، ’رات‘ گنڀيرتا، گُدازي ۽ جمالياتي حِصار جو اُهڃاڻ آهي، ڦول، ’سڳنڌ‘، نرملتا ۽ نفاست جي نشاني آهي، ’هير‘، فرحت، سڪون ۽ آنند جو اُهڃاڻ آهي، جڏهن ته ’نانگ‘، نينهن ۾ مِٺي مِٺي درد ۽ دلبريءَ جي علامت هوندو آهي. پيار ۾، محبوبن جو نانگ جهڙو وَنگُ وڻندڙ ۽ ڏنگ لطف ڏيندڙ هوندو آهي ۽ اُهي سمورا سماجي، ثقافتي ۽ جمالياتي اهڃاڻ کڻي، اياز جنهن نمونيءَ سان پنهنجن گيتن ۾ سمايا  آهن، اُهو سندس ڏات ۽ ڏانءَ جو ڪمال آهي. لوڪ گيت توڙي جو صحرائي گل وانگر ماڻهن جي دردمند ۽ پياسي دلين مان خودبخود ڦٽي نڪرندا آهن، ۽ انهن جي بي ساختگيءَ ۽ بي ربطگيءَ ۾ ئي سموري سونهن سمايل هوندي آهي، پر اياز جي لوڪ گيتن ۾ بي ساختگي ۽ جذبن جي اُڻ جهل اُڇل ته آهي، پر بي ربطگي ڪونهي، جيڪا روايتي لوڪ گيت جي هڪ اهم ۽ خاص خصوصيت آهي، پر اُن جي باوجود اياز جو لوڪ گيت رسيلو، رنگين، رومانوي ڪشش ۽ جذباتي جاذبيت رکندڙ آهي ۽ اُها خوبي لوڪ گيت ۾ فقط اياز جي دين آهي.

”لوڪ گيت ڪنهن به قوم جي اجتماعي احساسن جي نغمگيءَ جو اظهار هوندا آهن. اهي ماڻهن جي احساسن جا آثارِ قديمه نه، پر سندن زندهه جذبن ۽ اُمنگن جا آئينا هوندا آهن“(36). شيخ اياز ڪنهن به لوڪ گيت لِکڻ کان پهريان، اُن جي ثقافتي روح ۽ سماجي پسمنظر کي پوريءَ طور نه صرف سمجهيو ۽ پنهنجي هينئين سان هنڊايو آهي، پر اُن جي لوڪ ترنم ۽ اصلي احساساتي تازگيءَ کي پڻ پنهنجي اندر ۾ اُتاري، پَچائي، رَچائي، نئين نِکار ۽ نغمگيءَ جي نئين نُدرت سان پيش ڪيو آهي، جيڪا پنهنجي فڪري جوهر ۽ جوت ۾ تازه دم ۽ پُراثر به آهي ته، موهيندڙ ۽ اندر ۾ رقص ۽ راحتن جون رنگينيون پيدا ڪندڙ به. اياز جي گيتن جي ٻولي اهڙي ته روان، رسيلي، سليس، سادي، تاثريت ۽ تازگي ڀري آهي، جو اُنهيءَ جي فطري رڌم، لهرن جهڙي رواني ۽ رنگينيءَ ۾، ماڻهو من کان وجود تائين لمحي ٻُڏڻ ۽ لمحي اُپڙڻ لڳي ٿو. لفظن ۾ احساساتي ساءُ سان ڀرپور، معنوي تاثريت سان مالا مال ۽ ترنم جي انوکي تازگيءَ سان ٽمٽار اياز جو هيءُ ’ڇيڄ‘ پڙهي ڏسو، جنهن جي سِٽَ سِٽَ ۾ پنهنجو احساساتي سواد، پنهنجي رومانوي رنگيني ۽ پنهنجي تخليقي حُسناڪي ۽ حسيت آهي. گيت جي ٻولن ۾ هڪ طرف پيار جي احساسن جي پالوٽ آهي ته، ٻي طرف لفظي ورجاءَ سان پيدا ڪيل نغمگيءَ جو ڪمال آهي، جيڪو پڙهندڙ کي هڪ ئي وقت رومانوي خيالن ۽ خوابن ۾ مَگن به ڪري ڇڏي ٿو ته، موسيقيءَ جون لهرون اُن کي مست بڻائي، جهومائن ۽ نچائن به ٿيون. 

 

تون آءُ، هَلي آءُ، هَلي آءُ، هَلي آءُ!
اي پيار، ڀَلي آءُ، ڀَلي آءُ، ڀَلي آءُ!
 

هيءَ هِيجَ ڀَري سِيجَ، هَلي آءُ، هَلي آءُ!
هي چاهه ڀريو ساهه، هَلي آءُ، هَلي آءُ!
هي سنگ ڀريا انگ، هَلي آءُ، هَلي آءُ!
هي نينهن ڀريا ڏينهن، هَلي آءُ، هَلي آءُ!
هيءَ ڌير ڀري هير، هَلي آءُ، هَلي آءُ!
هيءَ ڏات ڀري لات، هَلي آءُ، هَلي آءُ!
هي سوچ ڀري لوچ، هَلي آءُ، هَلي آءُ!

تون آءُ، هَلي آءُ، هَلي آءُ، هَلي آءُ!
اي پيار، ڀَلي آءُ، ڀَلي آءُ، ڀَلي آءُ!
                               (ڀونر ڀري آڪاس، ص90)

مٿين گيت ۾، محبوب لاءِ هيج ڀري ڪوٺ جا حسين احساس اوريل آهن. پهرين سِٽَن ۾ پرينءَ لاءِ کُليل ٻانهن جو ڀاڪرُ ۽ انهن ۾ اچڻ جي آڇ آهي. ’تون آءُ، هلي آءُ...... پيار ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!.....‘ لفظ لفظ ۾، اَٿاهه پيار، سِڪَ ۽ اُڪير جي، سمنڊ جي وير جهڙي اُٿل آهي. ’تون آءُ‘ کان پوءِ ’هَلي آءُ‘ لفظن ۾، اِلتجا به آهي ته، اُڪير به. جڏهن محبوب ٻه وکون کڻي اڳتي وڌي ٿو ته، سڄڻن جي آجيان ۾، وجود جو انگ انگ ٻَهڪي پوي ٿو ۽ مُرڪندڙ چپن تي خود بخود هي لفظ، ’پيارَ، ڀَلي آءُ، ڀَلي آءُ!‘ مور جو رقص بڻجي جهومڻ لڳن ٿا.

 تنهن کان پوءِ گيت ۾، ارپنائن جو نرالو ۽ نرمل انداز سامهون اچي ٿو، جنهن ۾ نه رڳو ’هيج ڀري سيج، چاهه ڀريي ساهه، سنگ ڀريي انگ ۽ نينهن ڀريي ڏينهن‘ جون سموريون حُسناڪيون محبوب حوالي ڪرڻ جي سَرهائي ۽ سُندرتا ملي ٿي، پر ’ڌير ڀري هير، ڏات ڀري لات، ۽ سوچ ڀري لوچ‘ پڻ پريتم تان صدقي ڪرڻ ۽ گهورڻ جو ساهس ملي ٿو. لفظ سادا ۽ ڏسڻ ۾ ڪيترا نه عام ۽ رواجي آهن، پر اُنهن ۾ موجود اَڻ جهل جذبن ۽ احساسن جي سچائي، انهن کي وڌيڪ موهيندڙ ۽ اثرائتو بڻائي ٿي.

گيت ۾ معنوي اثريت ۽ احساساتي تازگي ته ڪمال جي آهي ئي آهي، پر ان ۾ موجود ترنم جو جمال به ماڻهوءَ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿو. ’هيج ڀري سيج، چاهه ڀريو ساهه، سنگ ڀريا انگ، نينهن ڀريا ڏينهن، ڌير ڀري هير، ڏات ڀري لات، سوچ ڀري لوچ‘ ڇا ته لفظن جو جَڙاءُ ۽ مُترنم اندروني قافين جو رَچاءُ آهي. لفظ لفظ پڙهندي، انهن کي اُچاريندي، دل پنهنجو پاڻ، نه فقط انهن کي جهونگارڻ تي مجبور ٿي پوي ٿي، پر انهن لفظن ۾ موجود اُڌمن، اُمنگن ۽ احساسن کي پنهنجا اُڌما محسوس ڪرڻ لڳي ٿي.

شيخ اياز ڪيترن لوڪ گيتن ۾، روايتي موضوعن ۽ مواد بدران پنهنجن نوَن، نرمل ۽ جديد خيالن ۽ احساسن جي خوبصورتي اوتي آهي. ڇيڄ به هڪ اهڙو لوڪ گيت آهي، جنهن جو روايتي موضوع طنز، مزاح ۽ گھڻو ڪري سرهائي ۽ خوشيءَ ۾ جهومڻ ۽ نچڻ آهي. ”ڇيڄ جي لفظي معنى آهي ناز/ نخرو / چاڳ، خوشي، دُهل جي وڄت، جهمر، ناچ، تماشو“(37). وغيره، پر اياز ان ۾ اندر جي سنجيده اُڌمن ۽ احساسن کي اظهارڻ کان علاوه خارجي منظرن ۽ مظهرن جو هڪ نئون ۽ موهيندڙ جهان کڻي آيو آهي، جيڪو نه فقط سندس تخيل ۽ تخليقي تصورن جي طلسماتي ڪاڪ محسوس ٿئي ٿو، جنهن جي در ۽ درين مان پنهنجي ’راڻي‘ لاءِ منتظر ’مومل‘ جو وياڪل ۽ ويڳاڻو عڪس نظر اچي ٿو، پر ان ۾ ترنم جي نئن جهڙي رواني ۽ فطري رچاءَ جو روح کي راحت بخشيندڙ رنگ به ملي ٿو، جيڪو لوڪ گيت ۾، سچ ته اياز جي يڪتا ۽ انفرادي حاصلات آهي.

شيخ اياز جو لوڪ رس، روايتي ٽاڻن ۽ رسمي اهڃاڻن سان ٽمٽار هيءُ لوڪ گيت ’ڇيڄ/ ڪانگلڙو‘ پڙهو، جنهن ۾ ڪانگ لنوڻ، اُڀ تي بادلن جي ڀرجي اچڻ، وِڄُ جي وراڪن، کيتن ۾ ڪڻڪ جي سوني سنگن، اُتر جي هير جي گُهلڻ ۽ اندر ۾ پرينءَ جي ساروڻين جي طوفان برپا ٿيڻ جي انتهائي اثرائتي ۽ من کي موهيندڙ منظرڪشي ڪئي وئي آهي، جيڪا احساساتي طور تي، نه صرف دلڪش ۽ متاثر ڪندڙ آهي، پر ان ۾ موجود ترنم جي تازگي ۽ تخيل جي حُسناڪي پڻ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي آهي.

 

ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين وو،

آءُ پرين! آءُ پرين! سانگ ڪري ڪو،
                              ڪانگ لنوين وو ــ

آءُ پرين! اُڀ مٿان آهه لڳههَ ــ لَس،

ڄاڻ وُٺو مينهنُ، ڏنو وِڄ وراڪو،
                             ڪانگ لنوين وو ــ

آءُ پرين! ڪڻڪ ڪيا سَنگَ سُنهرا،

کيت ٿيا کاڻ، سچو سون ٻَري ٿو،
                             ڪانگ لنوين وو ــ

آءُ پرين! واءُ وري اَنُ اُجاريو،

مُند مٿان مُند اچي، تون نه اچين ڇو؟
                            ڪانگ لنوين وو ــ

روز مِٺي لات ڪري، مات ڪري مَنُ،

پَکُ لهي لَکُ ڏئي نينهن ـ نياپو،
                          ڪانگ لنوين وو ــ

هاءِ پرين! هاءِ پرين! دير ڪئي تو،

ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين وو.
                       (وِڄون وَسڻ آئيون، ص181)

محبوبن ۽ سڄڻنِ کي ته سڀ ڪوئي ساريندو ۽ ياد ڪندو آهي، پر جيئن اياز ساري ۽ پَچاري ٿو، اهو موهيندڙ، من ۾ جذبات جون لهرون پيدا ڪندڙ ۽ احساساتي خيالن ۽ خوابن ۾ گم ڪري ڇڏيندڙ آهي. مٿين لوڪ گيت ۾، وڇوڙي ۽ جدائيءَ جو ڏهاڳ ڀوڳيندڙ وني پنهنجي ڏور ويل ورَ سان مخاطب آهي، جنهن ۾ کيس پُرسوز انداز ۾ پنهنجي اندر جي اور اوريندي چوي ٿي: ’اي منهنجا پرين! مند وري آ، مِينهن مَنڊل ڪيا آهن. وِڄن جا وراڪا ۽ بادلن جي لس ليٽ آهي. کيتن ۾ سونا سنگ اُسريا ۽ من ۾ نوان نينهن نِسريا آهن، ڪانگ به روز لنوين پيو، ان جون لاتيون، ڪاتيون بڻجي، من کي وڍن ۽ جهير ڏين ٿيون. مندون سڀ وري ويون آهن، پر تو اچڻ ۾ ڏاڍا ڏينهن لاتا آهن، هاڻي ڪو سانگ ڪري ترت ورڻ جي ڪر، تنهنجي جدائي جهوري ۽ وڇوڙي جو موت هاڻي ماري ٿو‘.

گيت ۾ هڪ طرف رڌم ۽ روانيءَ جو درياءُ موجزن آهي، جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجن ڀاڪرن ۾ ڀري، ساڻ کڻي هَلي ۽ کيس ترنم جو ساءُ ۽ سڪون آڇي ٿو ته، ٻي طرف جذبن ۽ احساسن جو لونءَ ڪانڊاري ڇڏيندڙ هڪ جهان آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي پنهنجي حصار ۾ ويڙهي ڇڏي ٿو ۽ هُن کي گيت ۾، موجود اُهي سموريون ڪيفيتون پنهنجي من اندر جون وارتائون محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون.     

شيخ اياز لوڪ صنفن ۾ پنهنجي جديد فڪر ۽ فن جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي مخصوص موضوع ۽ روايتي مواد کي پڻ قائم رکيو آهي. هُن جو هڪ ’ڇيڄ‘، جيڪو روايتي ’ڇيڄ‘ جي اصلي رنگ ۽ معنوي روپ يعني ’طنز ۽ مزاح‘ تي مشتمل آهي، سو سندس شعري ڳُٽڪي، ’وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ ملي ٿو. هِن ڇيڄ ۾ اياز سنڌ جي مَڪار وڏيري، جيڪو پنهنجن لاءِ سدائين شينهن وانگر خونخوار ۽ ٻين طاقتورن اڳيان گيدي ۽ گدڙ هوندو آهي، تنهن جي اصلي ڪردار ۽ ڪرتوتن کي عيان ڪري، اُن تي ٺٺولي ڪئي آهي، جيڪا پنهنجي اظهار ۽ انداز ۾ ايتري ته اثرائتي ۽ ڀرپور آهي، جو سنڌ جي ويڪائو ۽ موقعي پرست وڏيري جو انيڪ ’ماسڪ‘ اوڙهيل چهرو عين بين سامهون اُڀري اچي ٿو. گيت ۾ ذڪر ڪيل ڪردار ’وڏيري‘ لاءِ ’هلِ، جهرڪي، نانگ، ساپو، ڌپ، ڏاند‘ وغيره جون تشبيهون ۽ تمثيلون اهڙيون ته تُز ۽ ٺَهڪندڙ استعمال ڪيون ويون آهن، جو اياز کي انهن لاءِ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.

 

هُونءَ وڏيرو هِل ڙي!

ڏاڍي جو ڏهڪارُ، ته هُن جي جهرڪيءَ جهڙي دِل ڙي!

هوُنءَ وڏيرو نانگُ ڙي!

بِگڙي جو سرڪار، هُن جو ساپي وارو سانگ ڙي!

هُنءَ ته وڏيرو ڌَپَ ڙي!

ڪِئن نه ڪچهريءَ ۾ ايندو آ، لائي سُرهي لَپَ ڙي!

هاڪَ ته هُن جي هُونءَ ڙي!

سوين سُريتيون ڌاري، ها پر جوءِ ته هُن جي جُونءِ ڙي!

پنهنجي ريٽي راند ڙي!

لالَ جهندي جي اڳ تان ڏاڍو، مَڇري ٿو هُو ڏاند ڙي!

پنهنجي ريٽي راند ڙي!

ڇو ته وڏيرو ڏاند ڙي!

(وڄون وسڻ آئيون، ص192)

 

لوڪ گيت جي وڏي خوبي آهي ئي ٻول ۽ ٻوليءَ جي سلاست ۽ سَرلتا. توڙي جو شيخ اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ موضوعن، گھاڙيٽن ۽ اسلوبن جا انيڪ نوان تجربا ڪري، انهن کي نئون رنگ ۽ آهنگ عطا ڪيو آهي، پر هُو ٻوليءَ ۽ لفظن جي چونڊ ۾ تمام گھڻو نفاست پسند، سُچيت ۽ سجاڳ آهي. هُن نه رڳو پنهنجن گيتن ۾، روان، آسان ۽ عام فهم لفظ استعمال ڪيا آهن، پر ڪيترا ئي خارج ۽ مَتروڪ لفظَ ڪنهن سوناري ۽ گهاڙوءَ وانگر ٻيهر گهڙي ۽ اُجاري استعمال ۾ آندا آهن. ”شيخ اياز جي شاعري پڙهندي، پَل لاءِ به اهو احساس نه ٿيندو ته، هُن لفظن جي ميڙا چونڊي ڪري پوءِ ويهي شعر گوئي ڪئي آهي. هُن پنهنجي مطالعي، مشاهدي، علم ۽ رولاڪين مان سِکيو آهي ۽ انهن متروڪ، پراڻن ۽ وِساريل لفظن کي پهرين اَپنايو ۽ پوءِ تخليق جو حصو بڻايو آهي. هن پنهنجن گيتن ۾ لفظ ٽاڪيا نه آهن، پوئيا به ناهن بلڪ انهن کي ’حل‘ ڪيو آهي، جيئن کنڊ پاڻيءَ ۾ ۽ خوشبو ساهن ۾ حل ٿي ويندي آهي“(38).

اياز جي هِن لوڪ گيت، ’چيڻو‘ کي ئي ڏسو، جنهن جو نه رڳو ماحول ۽ محاڪات، رواج ۽ رسم، ڪلچر ۽ تهذيبي رچاءُ نج ٻَهراڙي سان تعلق رکندڙ آهي، پر اُن جي لفظيات، اظهار جي ادائگي ۽ لهجي جي نفاست ۽ رنگيني پڻ مخصوص زرعي سماج جي آهي، جنهن کي صنعتي ۽ شهري سماج جو ماڻهو تيستائين آسانيءَ سان سَمجهي ۽ اُن مان حقيقي حِظ حاصل ڪري نه ٿو سگهي، جيستائين هُو اُن جي سموري پسمنظر ۽ ماحول کان واقف نه هوندو. هِن گيت جي رنگ ۽ روح کي ’چيڻي‘ لفظ جي پسمنظر ۽ معنوي معلومات جي آشنائي کان سواءِ سمجهڻ مشڪل آهي، ڇو ته ’چيڻو‘ رڳو هڪ لفظ ئي نه آهي، پر هڪ اُهڃاڻ آهي، سماجي جيوت ۽ جياپي جو اهم ۽ اَٽوٽ عنصر آهي. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن خاص طرح ٿر، ڪاڇي، ڪچي ۽ سنڌ جي ٻين اهڙن ڪيترن ئي علائقن، جن ۾ غربت جَهجهي، وسيلن ۽ معاشي ذريعن جي اَڻاٺ آهي، اُتي انهن جي زندگيءَ جو انحصار ’چيڻي‘ تي آهي. ’چيڻو‘ لفظ جي معنى جامع سنڌي لغات ۾ هِن ريت مِلي ٿي، ”چيڻو اناج جو هڪ قسم آهي، جنهن جي داڻي تي ست کَلُون چڙهيل هونديون آهن. چيڻي جو ڀَتُ نهايت لذيذ ٿيندو ۽ اهو ڏٿ طور ڪم ايندو آهي“(39).

چيڻي کي ٻهراڙيءَ جون عورتون پهريان اُکريءَ ۾ وجهي، مُهريءَ سان مارَ ڏينديون ۽ ڇَڙهينديون آهن. ڇڙهڻ کان پوءِ ڇڄ ۾ ڇنڊينديون آهن. چيڻي جو اَنُ ايترو ته چيڙهالو ٿيندو آهي، جو اُهو چئن پنجن مارن کان پوءِ ڇَڙهبو آهي، جنهن کان پوءِ اُهو جَنڊَ ۾ وجهي ڏڏربو ۽ ڏربو آهي، اُن کان پوءِ ئي اُهو کاڌ ۽ خوراڪ جي قابل بڻجندو آهي.

شيخ اياز جي هِن لوڪ گيت ۾، هڪ طرف اُن محنت ڪش عورت جي جفاڪش جيون ۽ ڏکن ڏڌي زندگيءَ جو عڪس آهي، جنهن جي عام معمول ۾ چيڻو ڇڙڻ جي مشقت کان علاوه گهر جا ٻيا سمورا ڪم ڪار شامل آهن ته، ٻي طرف ساڻس گهرَ واري/ مڙس جي سخت رويي ۽ اوپري سلوڪ جي تصوير به عيان آهي، جيڪو ايتري محنت ۽ مشقت کان پوءِ به هُن مان راضي نه آهي. ٿوري ٿوري ڳالهه تي ويڻ ڏئي، سارو ڏينهن کيس ڏنڀ ڏيندو رهي ٿو. ٻهراڙيءَ جي عورت گھڻو ڪري ’جنابت ۽ مٿي ميرائيءَ‘ سان رزق روزيءَ کي ايستائين هٿ نه لائيندي آهي، جيستائين وهنجي سهنجي صاف نه ٿيندي آهي. دهڪاني عورت ايتري ته شرميلي ۽ محجوب هوندي آهي، جو مٿي جي ’ميرائي‘ ڪڍڻ لاءِ به اهڙو گھاٽ تلاشيندي آهي، جتي کيس ڪو عزيز ۽ احباب نه ڏسي ۽ مٿي جي ميرائي محسوس نه ڪري وٺي. هِن لوڪ گيت ۾ به اهڙي عورت جي وارتا آهي، جنهن جي مٿي ۾ ’مِيرُ/ تَڙُ‘ آهي ۽ جنابت سان چيڻو ڇڙڻ نه ٿي چاهي. وهنجڻ لاءِ گهر ۾ کيس ڪائي ڪُنڊائتي جاءِ ميسر ڪونهي ۽ هوءَ جوان ڏير کي ڪائي کُڙڪ ڏيڻ کان سواءِ اهڙي گهاٽ گهير جي تلاش ۾ آهي، جتي هوءَ نويڪلائي ۾ وهنجي پاڪ صاف ٿئي، پر سندس مڙس جو زور ۽ ضد آهي ته، هوءَ ’چيڻو‘ ڇَڙي.

لوڪ گيت جي هر ٻول ۾، لوڪ جيوت جو رنگ جهلڪي ٿو. اياز جو ڪمال اُهو آهي ته، هِن لوڪ گيت ۾، هُن نه رڳو گُهربل ٻولي، تُز محاوري ۽ ٺهڪندڙ ترڪيبن جو سيبائتو استعمال ڪيو آهي، پر وڏي ڳالهه ته اُن ۾، نِسواني لهجي ۽ ڪيفيتن کي اُڀارڻ ۽ اظهارڻ ۾ پڻ وڏي حد تائين سوڀارو رهيو آهي. لوڪ گيت اوهان به پڙهو ۽ اُن ۾ موجود مختلف احساسن ۽ ڪيفيتن جي بي قراريءَ ۽ گيت ۾ موجود ترنم ۽ تخليقي تازگيءَ جي قرار کي محسوس ڪريو.

 

چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

 

وهجان ٿي ته ڏسي ٿو ڏير

منهنجي آهه مٿي ۾ مِيرُ

ڳولي گھاٽ ڪٿي ڪو گهير

وهنجي سهنجي ايندي سانءِ!

چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

 

ڀَل تون گَجُ نه گُجريون آڻِ

ڀَل تون ٻي ڪا مومل ماڻِ

منهنجي ڪانه ڪڍين ٿو ڪاڻِ

روئي رَڇ ڀريندي سانءِ!

چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

 

سارا ڏينهن ڏئين ٿو ڏنڀَ!

اهڙي رَهٽ نه ڪنهن جي رَنڀ

کوهي کوهي پنهنجا کنڀَ

آخر اُڏري ويندي سانءِ!

چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

                    (وِڄون وَسڻ آئيون، ص90)

 

’لولي‘ ماءُ جي ٻولي ۽ پنهنجن ٻچن لاءِ محبت جو نغمو آهي. ماءُ، جيڪا سراپا محبت جو اهڙو درياءُ هوندي آهي، جيڪو اولاد لاءِ سدائين سانوڻ توڙي سياري، هر موسم ۾ ڪَناتار موجزن رهندو آهي، پر ڪڏهن به، نه ماٺو ٿيندو ۽ نه ئي وري سُڪندو آهي. اصل ۾ ’لولي‘، جنهن کي اردو، پنجابي ۽ هندي زبان ۾، ’لوري‘ چيو وڃي ٿو، سا لوڪ شاعريءَ جي نهايت ئي اهم ۽ اوائلي سُرائتي صنف آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، شاعريءَ ۾ سڀ کان اول اُها صنف ئي تخليق ٿي هوندي، ڇوته ’لولي‘ ماءُ جي ممتا ۽ محبت جو نغمو ۽ پنهنجي اولاد لاءِ چيل’دعائيه گيت‘ آهي. اولاد هر ماءُ کي اُها مغربي هجي يا مشرقي، قديمي هجي يا جديد دؤر جي، پر ٻار فطري طرح ان لاءِ پهريون محبوب هوندو آهي، جنهن سان هوءَ بي لوث محبت ڪندي آهي. هر ماءُ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي اولاد لاءِ فڪرمند ۽ اُن جي سُک، سڪون، خوشحالي ۽ آباديءَ لاءِ آسروند ۽ دعاگو هوندي آهي، اُن ڪري جڏهن ڪنهن ماءُ جي من ۾، محبت ۽ جذبات جا پهريان ٻول ٻُريا هوندا، سي لوليءَ جو ورلاپ بڻيا هوندا.

لولي، لوڪ گيت جو هڪ قِسمُ آهي، جنهن ۾ ماءُ جي ممتا، ان جي پنهنجي اولاد لاءِ فڪرمندي، انهن جي آرام ۽ سڪون لاءِ دعائن ۽ دلي تمنائن جو وِرد ۽ خاص ڪري هُن جي داخلي احساسن، جذبن، اُلڪن ۽ دلي اُڌمن جو اظهار ٿيل هوندو آهي. لولي جي روايت دنيا جي هر ٻوليءَ جي لوڪ ادب ۾ ملي ٿي. ان جا ٻول، انداز، آلاپ ۽ وَرلاپ مختلف ٿي سگهن ٿا. اِنگلستان جي ماءُ جي لولي جا لفظ هندستان جي ماءُ جي لوليءَ جي لفظن کان مختلف ٿي سگهن ٿا. فلسطين جي ماءُ جي لوليءَ جا آلاپ، فرانس جي ماءُ جي لولي جي آلاپن کان الڳ ٿي سگهن ٿا، سنڌ جي ماءُ جي لوليءَ جو انداز ۽ اوراڻو اِٿينس ۽ افغانستان جي ماءُ جي ورلاپ ۽ واڪي کان جدا ٿي سگهي ٿو. ائين دنيا جي هر خطي ۽ ملڪن جي مائرن جا لفظ هڪ ٻئي کان مَٽيل، الڳ ۽ مختلف ٿي سگهن ٿا، پر اُنهن جو مجموعي جوهر ۽ روح يقينن ساڳيو آهي. ماءُ جي ممتا ۽ اُن جي بي لوث محبت جو جذبو هڪ ئي آهي، ڇو ته دنيا جي هر ماءُ جي ممتا جو رنگ ۽ روح يڪسان هوندو آهي. ماءُ ڌرتيءَ تي واحد مخلوق آهي، جيڪا پنهنجي آرام ۽ آنند کان وڌيڪ اولاد جي سُک ۽ چين لاءِ سدائين دعاگو ۽ بي چين رهندي آهي.

دنيا جي هر ڪائي ماءُ پنهنجن ٻچن لاءِ دعاگو هوندي آهي ۽ اُها پنهنجي انداز سان پنهنجي جگر جي ٽُڪرن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪندي آهي، پر مشرقي عورت، خاص ڪري سنڌي ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ پنهنجن محبتن جو مها ساگر لوليءَ جي ٻولن ۾ اوتيندي آهي ۽ اهو پنهنجي احساساتي تاثر ۽ جذباتي هيج ۾ اهڙو ته پورالو، حسين، مترنم ۽ پُراثر هوندو آهي، جو ان جا ٻول پٿر دلين کي به پِگهاري وجهندا آهن. روايتي ۽ رسمي لوڪ لولين جو رنگ ۽ ڍنگ پنهنجو آهي، پر اياز فن توڙي فڪر جي لحاظ سان جيڪي جديد لوليون لِکيون آهن، اهي به پنهنجو مثال پاڻ آهن. سندس لولي جا هي ٻول ٻُڌو/ پڙهو:

 

منهنجيءَ ڇاتيءَ ڇولي وو!

لولي وو! لولي وو!

لالڻ منهنجا، لولي!

اهڙي ٻولي ڪابه نه جھڙي ٻاروتي جي ٻولي وو!

لالڻ منهنجا، لولي!

سنڌڙيءَ جھڙي سينڌ نه ڪنهن کي، تنهنجي ڌرتي ڍولي وو!

لالڻ منهنجا، لولي!

جنهن ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو واسو، آءٌ انهيءَ جي گولي وو!

لالڻ منهنجا، لولي!

مون جھڙي ڪا جھولي وو!

لولي وو! لولي وو!

لالڻ منهنجا، لولي!

                       (وِڄون وَسڻ آئيون، ص106)

 

مٿين لوليءَ ۾ لفظ نه آهن، ڄڻ ساهن جي ڌڙڪن آهي، امڙ جي ڇُلندڙ ڇاتيءَ جو بي قابو اُڌمو آهي. ماءُ جي ممتا ۽ محبت جو بي چين روح آهي، جيڪو سِٽن ۾ سَرايت ڪري ويو آهي ۽ لوڪ گيت جي ٻول ٻول ۾ ٻُري ۽ ڌڙڪي رهيو آهي. لولي حقيقت ۾، پيار ۽ پينگهي جو گيت آهي. مائرون گھڻو ڪري پنهنجن ٻچڙن کي پينگهي يا پنهنجي هنج ۾ سُمهاري، لوليءَ جا ٻول جهونگارينديون آهن، ۽ انهن ٻولن ۾ اهڙو ته مِٺاس، موهه ۽ تاثير جو جادو هوندو آهي، جو گهڙي پل ۾ ٻار ننڊ جي پُرسڪون واديءَ ۾ آرامي ٿي ويندو آهي.

لولي جا ڪيترائي قِسمَ ٿين ٿا. شاعراڻي لولي، سينگار لولي، سُرائتي لولي (شاعرن/ سگهڙن جون لوڪ انداز ۾ جوڙيل لوليون)، مجازي لولي، پَرَ لولي (پيار جي ڪيفيتن ۽ محبوب جي اُڪنڊ ۽ اڪير ۾ جوڙيل لوليون)، واقعاتي لولي (حادثن ۽ سوانحن تي سرجيل لوليون)، وَرَ لولي (ورن کان وڇڙيل وَنين جي ورلاپن واريون لوليون)، ساکي لولي (مصيبت ۽ مشڪل کان ڇوٽڪاري جي لولي) وغيره، پر لوليءَ جي اُنهن سمورن قِسمن ۾، عورت جي احساسن، اُڌمن، خيالن، خوابن، انتظار، وصال توڙي وڇوڙي جون ڪيفيتون پنهنجي پوري تاثر، حسيت ۽ حُسناڪيءَ سان موجود ملن ٿيون.

شيخ اياز پڻ جديد انداز ۾ ڪجهه لوليون سِرجيون آهن، جيڪي پنهنجي فهم، فراست، لهجي ۽ انداز ۾ لوڪ گيتن جو سُندر نمونو آهن، پر اُنهن ۾ هُن جديد دؤر جي حسيت ۽ حقيقت جي اُپٽار سان گڏوگڏ اهڙي تخليقي ۽ فني حُسناڪي سمائي آهي، جو اُنهن کي پڙهڻ سان نه صرف لفظي روانيءَ ۽ احساساتي رنگينيءَ جو حِظ حاصل ٿئي ٿو، پر انهن جي ٻولن ۾ موجود تاثر جي تازگي ۽ خيال جي اُڇل من موهڻ سان گڏ تن جون تندون تڙپائي ۽ جيءَ کي جهنجهوڙي وجهي ٿي. لولي توڙي جو ماءُ جي ممتا ۽ محبت جو گيت آهي، جنهن ۾ اُها پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو ساگر لوليءَ جي ٻولن ۾ اوتي پنهنجي اولاد کي ارپيندي آهي، پر سنڌ جي عورت، خاص ڪري سورهيه ۽ غيور ماءُ پنهنجن ٻَچن کي سلامتي ۽ سَرهائيءَ جي دعائن سان گڏ دولهه ۽ دودو ٿي پنهنجي ڌرتيءَ تان قربان ٿيڻ، سُرخرو ٿي جيئڻ ۽ سُرخرو ٿي شهيد ٿيڻ جي لولي پڻ ڏيندي آهي. جيئن هيءَ لولي:

 

لوليون،

او اَبا!

لوليون! لوليون!

شال دولهه ٿئين، شال دودو ٿئين!

شال سورهيه ٿئين، سنڌ تي سِر ڏئين!

لوليون،

او اَبا!

لوليون! لوليون!

سو اسان مان نه آ، جو جيئي جُٺ ۾،

گهاءُ ڪو تو ڏٺو پيءُ جي پُٺ ۾؟

لوليون،

او اَبا!

لوليون! لوليون!

سنڌ جي سڏ تي شال گهوريو وڃين!

ڪاڪ وهندي رهي تون ڪڪوريو وڃين!

لوليون،

او اَبا!

لوليون! لوليون!

(وڄون وسڻ آئيون، ص103)

 

”اياز جون لوليون ڪنهن شاهڪار کان گهٽ نه آهن، جن ۾ هُن نه فقط موضوعاتي ڪشادگي پيدا ڪئي آهي، پر ٻوليءَ جي نرمي، نفاست ۽ مڌرتا جو به بي مثال نمونو پيش ڪيو آهي.... هُن جي لولين ۾ جيڪو سنڌ جو ثقافتي پسمنظر، فطرتي حُسن، ٻوليءَ جي لطافت ۽ احساسن جي نواڻ آهي، سا ڪنهن جديد هيئت ۾ به ورلي ملندي...ان کان اڳ ۾ سنڌ ڪڏهن به اهڙي ’لولي‘ نه ٻُڌي هوندي، جنهن ۾ پنهنجي تهذيبي سفر ۽ شعوري حاصلات جو اهڙو نچوڙ پيش ڪيو ويو هجي.... اياز پنهنجن لولين ۾ جيڪا ممتا جي محبت ۽ وطن سان عشق واري جذبي جي شدت پيدا ڪئي آهي، سا قابل رشڪ آهي“(40).

شيخ اياز، پيءُ جي زباني اولاد کي ڏنل لوليون پڻ لِکيون آهن. سندس هڪ انوکي لولي ’منهنجا مِٺڙا پُٽَ‘ جي عنوان سان مِلي ٿي، جنهن ۾ هڪ پيءُ پنهنجي پُٽَ سان مخاطب ٿي، هُن کي ڪوڙ سان هلندڙ پنهنجي ويڙهه، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيندڙ اَنيائن کان نه رڳو آگاهه ڪري ٿو، پر سچ جي تلاش لاءِ کيس اُڪساهي ۽ اُن تان سِر گهورڻ جي ترغيب ڏيندي چوي ٿو: ’منهنجا ٻچڙا! تون پنهنجو سچ ضرور تلاش ڪجان. پنهنجا سُک ماڻجان. ممڪن آ ڌرتيءَ جي سُک ۽ سچ جي بقا جي جنگ ۾ مان ماريو وڃان. منهنجي موت کان پوءِ به جيڪڏهن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا ڏک ختم نه ٿين، هُو پيٽ بُکيا ۽ انگ اُگهاڙا رهن، اُن صورت ۾ منهنجا مٺڙا، تون پنهنجي سِر جو سانگو نه ڪجان، ڪنهن ظالم اڳيان جُهڪجان نه، پر سورهيه ٿي سچ خاطر آخري دم تائين ڪوڙ سان جهيڙيندو رهجان، ڇو ته ڪوڙ جي ڪاڪ ڪيتري به طلسمي هجي، پر هڪ ڏينهن ان جو انت اچڻو آهي، رات ڪيڏي به اونداهي هجي، پر سچ جو سج اُڀرڻو آهي‘.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org