سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:8 

جمال پاني پتي پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو، ”مان جميل الدين عاليءَ کي اردو جو پهريون دوها نگار تسليم ڪريان ٿو. پهريون دوها نگار، اُنهيءَ معنى ۾ نه، ته هُن کان پهريان اردو ۾ ٻي ڪنهن دوها لِکيا ئي نه آهن. يقينن عاليءَ کان پهريان اردو ۾ دوها لِکيا ويا آهن، پر اُهي گهڻو ڪري پنهنجي موضوع، مضمون، بحر، ٽيڪنڪ، لب و لهجي، ٻولي، مزاج ۽ طرزِ احساس جي لحاظ کان هندي دوهي جي روايت سان مطابقت ۽ قرابت رکندڙ محسوس ٿين ٿا.... اردو ۾ دوهي جي صنف توڙي جو عالي کان اڳي به موجود هئي، پر اُها اردو ۾، نه صرف رائج ۽ مقبول عاليءَ جي بدولت ٿي آهي، پر هُن جي ڪوششن سان ئي اُن پهريون ڀيرو هندي دوهي کان الڳ ٿي، اردو ۾ پنهنجي هڪ ڌار شناخت ۽ حيثيت حاصل ڪئي آهي.“(22)

جميل الدين عالي هڪ ئي وقت جهڙيءَ ريت عملي زندگيءَ ۾، وڏن عُهدن ۽ رُتبن تي فائز رهيو، ساڳي وقت هُو پنهنجي اندر ۾ هڪ من موجي ۽ سيلاني ماڻهو به هو. هُن ڪنهن وقت ۾ نظير اڪبر آباديءَ وانگر بنجارو بڻجي، ڪيترن ماڳن ۽ مڪانن جا سير ۽ سفر به ڪيا ۽ اُنهيءَ سيلانيِءَ ۽ رولاڪيءَ دوران ئي، هُن ۾ دوها سِرجڻ جو شوق جاڳيو. هُو پنهنجي هڪ مضمون ۾ اُن حوالي سان لکي ٿو: ”مغربي يو پي جي سير ۽ سياحت دوران خانه بدوش نارين جي ناچ گاني کان متاثر ٿي، مون دوها لِکڻ شروع ڪيا.“(23)

علمي ۽ ادبي لحاظ کان، خاص طرح اردو دوهي جي حوالي سان، عالي ادبي حلقن ۾ وڏي محبت ۽ مڃتا ماڻي آهي. عرش صديقي پنهنجي دوهن جي مجموعي، ’کملی ميں بارات ۾، عاليءَ جي حوالي سان لِکي ٿو، ”جميل الدين عاليءَ پاڪستان ۾ ئي نه، پر پوري برصغير ۾ دوهي کي هڪ نئين زندگي عطا ڪئي.... ۽ اُن کي نئين سِر اُڀاري اهڙي رفعت بخشي، جو اُهو سڄي ملڪ ۾، هڪ مقبول شعري صنف طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.“(24)

توڙي جو عاليءَ اردو شاعريءَ جي ٻين صنفن، خاص ڪري غزل ۾ پڻ سُٺي ۽ ذڪر جوڳي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر دوهو هُن جي شاعراڻي شناخت سان گڏوگڏ سندس ذات ۽ زندگيءَ جي اهم حوالي جي حيثيت رکي ٿو، ڇو ته هُو پنهنجو پاڻ کي صحيح ۽ سرل نموني سان فقط دوهي ۾ ئي اظهاري سگهيو آهي، اُنهيءَ ڪري هڪ لحاظ سان هُن جا دوها هُن جي آپ بيتي به آهن، جنهن جي هڪ جهلڪ سندس هِن دوهي ۾ پَسي سگهجي ٿي.

 

کس کو خبر یہ ہنس مکھ عالی، کيا کيا چھپ کر روئے،
جيسا ساتھ
ی من ڈھونڈے تھا، ويسا ملا نہ کوئے.

جميل الدين عاليءَ جي دوهي جي حوالي سان، نقادن جي هڪ راءِ اُها به آهي ته، هُن اردو دوهي کي نج نبار پنهنجو اسلوب ۽ احساس عطا ڪيو آهي. اردو دوهي ۾، هُن نه ڪنهن هندي دوها نگار جي اَهل ڪئي آهي، نه ئي هندي ٻوليءَ جو روايتي لب و لهجو اَپنايو آهي، پر دوهي ۾ هُو پنهنجو نج نبار فن، تخليقي انداز، اسلوب، ٻولي ۽ اَڇوتو احساساتي جهان ساڻ کڻي آيو آهي، جيڪو موهيندڙ ۽ اثرائتو به آهي ته، عصري تقاضائن جو پورائو ڪندڙ ۽ فطري به محسوس ٿئي ٿو. هُن جي دوهن ۾، هُن جي ذات ۽ زندگيءَ جي رنگن سان گڏ سندس دؤر ۽ حالتن جو عڪس ۽ احساس به چِٽو نظر اچي ٿو.

 

بن کنگن، بن چوڑی بانہيں، کُندن جيسا رنگ،
من ميں کيا کيا آتی ہے، جب ہم ہوں تيرے سنگ.
                   **

چاند اُڑا کر سب ہیں مگن، پر سوچ ميں ہيں کچھ لوگ،
یہ دھرتی کا مان برہائے يا دھرتی کے روگ.
  
                **

مورکھ! اب بھی آنکھيں کھول، اور ديکھ سمے کے کھيل،
ٹوٹ رہی، سوکھ رہی ہے، ظلم کی اک اک بيل.

 

عاليءَ جي مٿين دوهن ۾، نه رڳو سندس دلي ڪيفيتن جا جيئرا جاڳندا رنگ ۽ ترنگ مِلن ٿا، پر اُنهن ۾ سندس دؤر جي معروضي حالتن جو عڪس ۽ احساس پڻ چِٽو نظر اچي ٿو.

عالي گهڻ مطالعاتي ۽ گهڻ مشاهداتي شاعر هو. هُن جي شاعريءَ ۾، هُن جي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جي گهري اُپٽار ۽ عڪسيت سان گڏوگڏ سندس شاعريءَ ۾ جَهجهي مطالعي جي جهلڪ پڻ چڱيءَ پَر پَسي سگهجي ٿي. هُو ڪيترن ئي ڪلاسيڪل ۽ ٻين جديد شاعرن کان متاثر هجڻ کان علاوه شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي کان پڻ گهڻو مرغوب ۽ متاثر محسوس ٿئي ٿو، تڏهن ئي وڏي عقيدت، پيار ۽ پاٻوهه سان چوي ٿو:

 

شاه لطيف تمہارے در پر کيا کيا سُر لہرائيں،
عال
ی جيسے من ميلے بھی، کُندن ہو کر جائيں.

 

جميل الدين عاليءَ جي دوهن ۾، فڪري ۽ موضوعاتي وسعت کان علاوه موسيقيءَ جو پڻ پنهنجو رنگ ۽ رچاءُ آهي. هُن جي دوهن ۾، نه رڳو پهاڙي آبشار جهڙو رنگ ۽ ترنگ مِلي ٿو، پر اُنهن ۾ ڪمال جي معنوي گهرائي ۽ فڪري حُسناڪي به آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي تمام گهڻو موهي ۽ متاثر ڪري ٿي.  

 

چَھم چَھم چَھم چَھم کرنيں برسيں، پون پکھاوج تھاپ،
تم
ہی کہو اب ايسے سمے ميں، کيا پُن ہے کيا پاپ.
 
                                         **

چھنن چھنن چھنن چھنن چھنن چھن گھنگھرو جيسی باج،
چال دکھائ
ے کويتا رانی دہن سوچے کويراج.

 

مجموعي طور عاليءَ جو دوهو، زندگيءَ جي رعنائين ۽ رنگينين کي پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس حيات جي تلخ ۽ تُرش حقيقتن جي ڀرپور عڪاسي به ڪري ٿو، اُنهيءَ ڪري هُن جي دوهن مان هُن جي آپ بيتيءَ سان گڏ جڳ بيتيءَ جي چِٽي جهلڪ پڻ ملي ٿي.

 

الياس عشقيءَ (25 ڊسمبر 1922ع 15 جنوري 2007ع) جو، عاليءَ کان پوءِ اردو دوهي ۾، پنهنجو هڪ الڳ حوالو ۽ انفرادي مقام آهي. هُن جي هڪ هزار دوهن تي مشتمل ڳُٽڪي، ’دوہا ہزاری‘ ادبي حلقن ۾ سُٺي مڃتا ماڻي آهي. دوهي جي حوالي سان هُن جو شمار استاد شاعرن ۾ ٿئي ٿو، ڇو ته هڪ طرف هُو دوهي جي مِڙني فني نزاڪتن ۽ نفاستن جو وڏو ڄاڻو آهي ته، ٻي طرف هُن فڪري حوالي سان پڻ دوهي ۾ خيالن ۽ احساسن جي هڪ وڏي دنيا سمائي آهي. هُن جي دوهن ۾ ٻئي خوبيون، هندي دوهي جي ٻوليءَ جي نرملتا ۽ صوفياڻو سڀاءُ به ملي ٿو ته، اردو دوهي جي نغمگي، موضوعاتي وسعت ۽ احساس جي فطري حُسناڪي ۽ حقيقت نگاري به نظر اچي ٿي. هُن خيال، احساس ۽ تخيل کي، جنهن تخليقي انداز ۽ فنڪاراڻي نموني سان پنهنجن دوهن ۾ اظهاريو آهي، اُهو قابلِ داد آهي.

 

کھلی ہوئی آنکھيں ترے سپنے تجھے دکھائيں،
کيا کيا بيتے رت جگے آنکھوں ميں پھر جائيں.
                 **

پاؤں نہيں رکاب ميں ہاتھوں نہيں لغام،
جانے گھوڑا عمر کا کس جا کرے قيام!
      
        **

بيچ کھڑی ديوار سے سوچ نہیں رک پائے،
پھولوں کو چاهے روک لو خوشبو آئے جائے.
               **

قدم قدم پہ کامنی، ناگن سی بل کھائے،
اس ک
ی زلفوں کا ڈسا جيتے جی مر جائے.

 

الياس عشقي هڪ ئي وقت نه رڳو گهڻن ٻولين جهڙوڪ: سنڌي، هندي، اردو، پنجابي، سرائيڪي، هندڪو، پشتو، عربي، فارسي، انگريزي وغيره تي عبور رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ هو، پر هُن جي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربن جو ڪئنواس پڻ ايترو ئي ڪشادو هو، اُنهيءَ ڪري هُن جي دوهن ۾، خاص ڪري ڪبير ۽ ڪجهه ٻين سنت ۽ صوفي شاعرن جا اثر نمايان نظر اچن ٿا. ڪبير جو هڪ دوهو آهي:

ماٹی کہے کمہار کو، تُو روندے ہی موہے،
اک دن ايسا آئ
ے گا، ميں روندون گی تو ہے۔

 

ڪبير جي ساڳي ئي مٿين خيال کي عشقي پنهنجي اظهار ۾ هِن ريت اُوتيو آهي.

 

ماٹی اور کمہار کی، بات نہ سمجھے کوئے،
پاؤ
ں نہ روندے جب تلک، ہاتھ سے کچھ نہ ہوئے.

 

اُن کان علاوه الياس عشقي جي دوهن ۾، لوڪ ڏاهپ ۽ صوفياڻي رمزن جون رعنائيون ۽ رنگينون پڻ جام مِلن ٿيون. اُن سلسلي ۾ نموني طور چند دوها هيٺ ڏجن ٿا.             

آنکھ سے ديکھے جوہری، ناپ کرے نا تول،
ہيرا اپنی چمک سے، آپ بتائے مول.
              **

رہے نہيں وه دهوم تھی جن کي چاروں دانگ،
عشقی بيچ بجار ميں خير سبھی کی مانگ.
 
               **

اوروں کو کيا لوٹنا، ہاتھ کچھ نہ آئے،
اپنا آپ ل
ٹائے جو، وہی سخی کہلائے.

 

پاڪستاني دوها نگارن ۾ خواجه دل، جميل الدين عالي ۽ عشقيءَ کان پوءِ جنهن شاعر جو نالو بنا ڪنهن ججهڪ جي کڻي سگهجي ٿو، اهو طاهر سعيد هارون آهي. هُو پيشي جي لحاظ کان هڪ ڊاڪٽر آهي، پر طبع ۽ مزاج جي لحاظ سان هڪ حساس، سيبتو ۽ سگهارو شاعر آهي. هُو ڊاڪٽر جي حيثيت سان ماڻهن جي جسماني دردن جو علاج ڪندو آهي ۽ شاعر جي حيثيت سان انهن جي روحاني روڳن ۽ فڪري بي چينين کي، پنهنجي شاعريءَ ذريعي آنند ۽ اطمينان آڇيندو آهي.

 

ڊاڪٽر طاهر سعيد جا ڊزن کان مٿي شعري مجموعا ڇَپجي چڪا آهن، جن مان يارهن ڳُٽڪا دوها ـــ شاعريءَ تي مشتمل آهن ۽ اُنهن ۾ دوهن جو تعداد ٻارهن هزار کن آهي. سندس اهم مجموعن ۾، ’من موج‘، ’نيلا چندرما‘، ’پريت درپن‘، ’ميگهه ملهار‘ ۽ ’پريم رس‘ وغيره شامل آهن، جنهن مان دوهي سان سندس اُنس ۽ عشق جو اندازو چڱيءَ پَرِ لڳائي سگهجي ٿو. هُن جي دوهن ۾، نه صرف لهجي جي شائستگي ۽ اظهار جي نِرملتا مِلي ٿي، پر اُنهن ۾، سندس اظهار جو رومانوي انداز پڻ موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي.

 

جنم جنم کا ساتھ ہے اپنا منزل اپنی سانجھی،
تو ہے ميری نيا گوری ميں ہوں تيرا مانجھی.
**

ميں ہوں ايک البيلا راہی الھڑ تو ہے نار،
آؤ دونوں ساتھ چليں ہم نيل گگن کے پار.
 **

موسم آيا پيار کا، نگری نگری شور،
من بگيا مي
ں نرتکی، بَن ماں ناچے مور.

طاهر سعيد جي دوهن جي هڪ خوبي اها آهي ته، اُهي عام فهم ۽ تاثراتي آهن. اُنهن ۾ فن جي حُسناڪي به آهي ته، فڪر جي تازگي به. مٿان وري اردو ــ هندي ٻوليءَ جي آميزش سان طاهر انهن ۾ جيڪا دلڪشي پيدا ڪئي آهي، اُها سچ ته مُنفرد ۽ موهيندڙ لِڳي ٿي. هُن جي دوهن ۾ صوفياڻو ۽ اصلاحي رنگ به مِلي ٿو، جيڪو ڪنهن روايتي ناصح ۽ مبلغ جي پرچار وانگر نه آهي، پر مفڪراڻو، مدبراڻو ۽ لوڪ ڏاهپ ۽ سماجي صداقتن جي احساس سان معمور آهي.

 

بن چندا نا چاندنی، بن سورج نا دہوپ،
بن وديا نا روشنی، بن جوبن نا روپ.
**

پاپی تن کی ميل تو، گنگا ميں دھل جائے،
پاپ
ی من کی اوکلی، جيون بھر تڑپائے.

 

مجموعي طرح ڊاڪٽر طاهر سعيد جو دوهو فني تجربن ۽ تخليقي حُسناڪين سان ٽمٽار آهي. اُن ۾ موضوعن جي تنوع ۽ احساس جي تازگي سان گڏوگڏ جماليات جو وڏو جهان موجود مِلي ٿو. حقيقت ۾، هُن جو دوهو ڪلاسيڪ ۽ جدت جو حسين سنگم آهي، جنهن جي پوئواري، نه رڳو سندس ڪيترن همعصر شاعرن ڪئي آهي، پر انيڪ جديد اردو دوها نگارن سندس دَڳَ کي سَرهائيءَ سان اَپنائي، دوهي جي سفر کي جاري رکيو آهي.

روايتي طرح دوهي جا موضوع محبت، وفا، بيوفائي، وصل، فراق، تصوف، فطرت جون حيرتون، حُسناڪيون وغيره هوندا آهن، پر جڏهن رضيا اسماعيل جي دوهن جو اڀياس ڪجي ٿو، تڏهن اُنهن ۾ مذڪوره موضوعن سان گڏ زندگيءَ جي ٻين انيڪ اَڇوتي رنگن ۽ رعنائين جو روح معجزن ملي ٿو. رضيا، شاعريءَ ۾ ماهيا، غزلَ ۽ نثري نظمَ سِرجڻ کان علاوه افسانه، ترجما، ترتيب ۽ تاليف جا ڪيئي ڪم پڻ ڪيا آهن، پر هُن جو دوهن تي مشتمل هڪ مجموعو، ’خوشبو اڑتي پھرے‘ شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ هُن دوهي جي مختصر هئيت ۾، پنهنجن سوچن، صداقتن ۽ ڪيفيتي حُسناڪين جو سمنڊ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هوءَ پنهنجن دوهن ۾، وصل ۽ وصال جي احساسن کي جنهن حقيقي ۽ حُسناڪ انداز سان پِروئي ۽ پيش ڪري ٿي، اُهو يقينن موهيندڙ آهي.

 

کاجل، ٹيکا، مہندی، پائل سب ہی شور مچائيں‎،
ياد کريں بچھڑے پيتم کو، ہر دم اسے بُلائيں.
                **

دھيمی دھيمی پريم کي اَگنی کيسے من کو جلائے،
دل کے پيتم اپنی بھاشا کوئی سمجھ نہ پائے.
              **

بستی بستی قريہ قريہ دھواں اُراتی پھرتی ہو،
کس ک
ی ديد کی آس لگائے اَشک بہاتی پھرتی ہو.

 

رضيا اسماعيل جي دوهن ۾، صوفياڻي رمزيت، آشوبِ آگهي ۽ روحِ عصر سان زندگيءَ جي هڪ اهڙي عجيب ۽ انوکي رشتي جي جوڙ به مِلي ٿي، جيڪا احساساتي ۽ فڪري طرح، نه صرف ماڻهوءَ کي پنهنجو پاڻ سان آشنا ڪري ٿي، پر پنهنجي سماجي سچائين ۽ معروضي حالتن سان مُنهن مقابل ڪري، کيس دنيا ۽ زندگيءَ جي صداقتن جا حقيقي سبق پڻ سُڻائي ۽ سمجهائي ٿي.

 

عقل کے اندہو! کيوں کہتے ہو، يہ تيرا يہ ميرا،
کون سدا جگ ميں رہے گا، دنيا رين بسيرا.
                **

جوگی والا پھيرا سب کا، جگ تيرا نہ ميرا،
من ميں پيار کی جوت جگا لو، جس ميں گھور  اندھيرا،
               **

جگ کی ريت نرالی بابا، ہم کو سمجھ نہ آئے،
جو دُکھيوں کی کرے ہے چنتا، وه روگی کہلائے.
      
          **

مندر جاؤ، مسجد جاؤ، رب تو ايک ہے بھائی،
وه ہ
ی احد، وه ہی واحد، دوئی کاہے بنائی.

 

رضيا جي دوهن ۾، ٻولي ۽ اظهار جون خوبيون ۽ خوبصورتيون ته پنهنجن مِڙني نفاستن ۽ نزاڪتن سان موجود مِلن ٿيون، پر منهنجي نظر ۾، هُن جي دوهن جي هڪ خاص خصوصيت اُها آهي ته، اُنهن ۾ موضوعن جي وسعت کان علاوه فڪر، فن، تخيل ۽ احساس جي وڏي گهرائي سمايل آهي.

هُن جي دوهن ۾ فطرت جي موهيندڙ مظهرن جي عڪاسي ۽ مختلف انساني ڪيفيتن جي اُپٽار سان گڏوگڏ جيڪا پنهنجي خدا سان هُجت، ويجهڙائي، بي تڪلفي ۽ شڪوه شڪايت مِلي ٿي، اُها سچ ته، نه رڳو گهڻ رُخي معنويت رکندڙ ۽ فڪري طرح متاثر ڪندڙ آهي، پر دوهي ۾ سندس انفراديت جي هڪ نئين حوالي کي پيش ڪري ٿي.

دوهي جي ٻولي، نِرمل، نفيس ۽ گهڻو ڪري مِٺاس ڀري هوندي آهي ۽ اُن جا موضوع توڙي جو ڪي خاص ۽ محدود ڪونه آهن، پر اڪثر ڪري رومان، تصوف، فطرت ۽ انسان جون داخلي ڪيفيتون، اُن جو مرغوب ۽ محبوب موضوع رهيون آهن. اردو دوهي ۾، نعتيه ۽ حمديه اظهار ته اڪثر شاعرن وٽ مِلي ٿو، پر هِن کان پهريان ههڙي انداز، لهجي، جرئت، کرائي، سرمستيءَ ۽ فڪري گهرائيءَ سان ٽمٽار دوها، مون اردو ۾ شايد ورلي ئي ڪٿي پڙهيا هُجن، جن ۾ فڪري گهرائي، بي ساختگي ۽ احساساتي نواڻ به آهي ته، پنهنجي مالڪ ۽ خالق سان ’شڪوه ۽ شڪايت‘ جو نفيس، نرمل ۽ حقيقت نگاريءَ تي مبني، محبت ڀري هُجت جو فڪر انگيز ۽ موهيندڙ احساس به مِلي ٿو.

 

پے کے خون غريبوں کا اب لوگ بنے دھن وان،
حال غريب کا کوئی نہ پوچھے، کہاں ہے تو بھگوان؟
      
             **

تيری عبادت کريں فرشتے، اور انہيں کيا کام،
سارے کام تو ہم کو سونپے، پھر بھی ہم بدنام!
      
           **

جنت ميں جانے کی کيا کيا شرطيں رکھ ديں،
اوپر سے ابليس کي باگيں کتنی ڈھيلی کر ديں!
      
           **

جنت اور جہنم کي چنتا، ہے مجھ کو گھيرے،
بند کرو يہ ناٹک سائيں، ہم بندے ہيں تيرے.
      
             **

ہم کو بُلائو کعبے ميں، اور بھيد نہ کوئی کھولو،
موسىٰ جب بھی طور پہ آئے، بڑے رسان سے بولو.
 
             **

نرک سورگ کا چکر کيا ہے، ہم کچھ ناہيں جانيں،
ما
ں سے بڑھ کر تيری محبت ہم بس يہ ہی مانيں.25

 

رضيا اسماعيل جا دوها پنهنجي فني سٽاءَ توڙي فڪري ۽ احساساتي اظهار ۾، نه فقط ڀرپور ۽ تاثراتي آهن، پر اُهي ڪلاسيڪ ۽ جدت جو حسين سنگم پڻ آهن، جن ۾ قلبي ڪيفيتن جي تازگيءَ سان گڏ فڪري احساس جو نِرالو ساءُ ۽ سڪون مِلي ٿو.

ساڳيءَ ريت ثروت ظفر جي دوهن ۾ پڻ پنهنجي هڪ نرالي دلڪشي آهي. هُن جي دوهن تي توڙي جو جميل الدين عاليءَ جي اسلوب ۽ احساس جو اثر محسوس ٿئي ٿو، پر هُن جي منفرد لفظي چونڊ، تخيل، تصور ۽ خيال جي گهرائي متاثر ڪندڙ آهي. هُن جي دوهن ۾، ٻوليءَ جو مِٺاس، بيان جي سادگي ۽ فطرت پسندي جَهجهي مِلي ٿي، اُنهيءَ ڪري ئي هُن جي شاعريءَ ۾، زندگيءَ جي ڏکن سُکن سان گڏ فطرت جا منظر ۽ مظهر پڻ وڌيڪ نظر اچن ٿا. شايد اُن تخليقي جوهر ئي کيس دوها نگاريءَ طرف راغب ڪيو هجي. يقينن اُن جا محرڪ ڪي ٻيا به هوندا، پر دوهي ۽ گيت جي صنفن جو اُن وقت تائين حق ادا نه ٿو ڪري سگهجي، جيستائين ڪنهن به شاعر جو من فطرت جي نزاڪتن، جمالياتي حُسناڪينن ۽ رنگينين سان مالامال نه هوندو ۽ ثروت ظفر ۾، سچ ته اُهي سموريون خوبيون موجود آهن.

ثروت جي دوهن تي راءِ ڏيندي، ڪتاب جي پيش لفظ ۾، ڊاڪٽر شارب لکي ٿو، ”ثروت ظفر جا دوها پڙهي، گهر جي آڳر ۾ مَهڪندڙ گلن جو احساس ٿئي ٿو. هُن پنهنجن دوهن ۾، زندگي ۽ اُن سان وابسته ڪيترن ئي دنياوي نازڪ رشتن ۽ روحاني ڪردارن، جهڙوڪ: ’پِيا، گُوري، ساجن، شملي وارو بابل ۽ مولا سائين‘ جو ذڪر انتهائي موهيندڙ انداز ۾ ڪيو آهي. سندس دوهن جي وڏي خصوصيت اها آهي ته، ڪٿي به اُنهن ۾ تصنع نه آهي. اُنهن ۾ تمام گهڻي سادگيءَ سان، ذات ۽ ڪائنات جي گوناگونين کي پيش ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي.“(26)

ثروت جا دوها دل ۽ دنيا جي سچائين جو عڪس پَسائڻ کان علاوه سندس ذات ۽ زندگيءَ جي تجربن، مشاهدن، فڪر ۽ فلسفي جو نچوڙ آهن، اُنهيءَ ڪري اُنهن ۾، پنهنجي هڪ نرالي نفاست، نِرملتا، رَسُ ۽ رنگيني سان گڏ صوفياڻي رمزيت پڻ آهي، جيڪا پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ تي پنهنجا ڀَرپور اَثر ڇڏي ٿي.

 

چار دشائيں تورا اُجالا، تورے نام کي باس،
من مندر ميں تو رہتا ہے، شهہ رگ کے بھی پاس.
                   **

الکھ نرجن ذات ہے توری، بدہی ميں نہ آئے،
جو بھی تجھ کو ڈھونڈ لے مولا، وه خود ہی کھوجائے.
                   (دوہا جل، ص34)

 

دوهن جي هڪ وڏي خوبي اُها به هوندي آهي ته، اُنهن جو لهجو ۽ اظهار گهڻو ڪري نِسواني هوندو آهي، جنهن ڪري شاعريءَ جي ٻين صنفن جي نسبت اُنهن ۾ وڌيڪ نفاست، مِٺاس ۽ نِرملتا محسوس ٿيندي آهي. ثروت جي دوهن ۾ پڻ نِسوانيت جو عنصر زيادهه مِلي ٿو.

 

آ جا پِيا ميں تيری خاطر، روپ سروپ سجائوں،
تُلس
ی تيرے آنگن کی، ميں گھر تيرا مهکائوں. 

                           (ص55)

**

بالی، پتہ، کنگن، گجرا، صندل اور سندور،
سارے ہار سنگھار ادھورے، جب پريتم ہوں دور.
                         (ص59)

**

رجنی کالی رم جھم برکھا من ميں آگ لگائيں،
نيناں مورے ساون بھادوں چھم چھم نير بهائيں.
                   (دوہا جل، ص 66)

 

جديد اردو شاعري، خاص ڪري دوهي جي حوالي سان، اُن ۾ جيڪا احساس جي نفاست، خيال جي جدت، وجداني سرمستي ۽ اظهار جي بي ساختگي ملي ٿي، تنهن کي پَسي ۽ پروڙي، سچ ته جديد اردو شاعري تي پيار اچي وڃي ٿو، جيڪا گهڻو ڪري سَکڻي تخيل تي اِنحصار ۽ لفظن جي ريشمي ڄار مان نڪري، عقل، فهم، ادراڪ، خيال، فڪر، معروضي حالتن، زندگيءَ جي سچائين ۽ پنهنجي تهذيبي ۽ ڪلاسيڪي روايتن جي روح کي پنهنجي اظهار ۽ بيان ۾ سمائي، نه رڳو اُڀري سامهون آئي آهي، پر اُن پنهنجي سَڏ ۽ پَڙاڏي سان ڪيئي دِليون نرمايون ۽ گرمايون به آهن.   

 

اوائلي سنڌي دوهو

سنڌي ٻوليءَ ۾ اوائلي دوهي جي روايت بابت مختلف عالمن جا مختلف رايا ۽ ويچار ملن ٿا. ڪي محقق اُن راءِ جا آهن ته، دوهو نج پج هندي صنف آهي، جنهن کي سنڌي شاعريءَ اَپنايو آهي ته، ڪجهه ڏاها وري اُن خيال جا آهن ته، دوهو سٽاءَ جي لحاظ کان مختلف دؤرن ۾ مختلف هيئتن سان مروج رهيو آهي ۽ اُهو سنڌ جي پنهنجي روايتي ۽ اصلوڪي صنف آهي، جنهن مان بيت جنم ورتو آهي. تاريخي طور دوهي جا اوائلي نمونا ’ڳيچ،‘ ’لوڪ گيت،‘ ’گنان‘ ۽ ’ڳاهن‘ جي صورت ۾ سومرن جي دؤر ۾ مِلن ٿا. سومرن جي دؤر ۾ مِلندڙ ڳاهون گهڻو ڪري ٻن سِٽن تي مشتمل آهن، جن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو، جيڪي دوهي سِٽاءَ جو بهترين نمونو آهن.

 

اَرڙهن ڌڪ تراڙ جا، لڳا ننگر مٿاءُ،
ٽَڪر ٽَريو ڪينڪي، پيو جبل ڪو نه سَماءُ.
                             
      (ڀاڳو ڀان)

موضوع جي لحاظ سان اُهي ڳاهون گهڻ رنگيون ۽ گهڻ رُخيون آهن. ڪن جو تعلق تاريخي واقعن سان آهي، ڪي رومانوي داستانن تي رَچيل آهن، ڪي سَخين ۽ سورهين جي ثَنا ۾ چَيل آهن ته، ڪي وري رزميه نوع جون آهن. اُنهن ڳاهن جا چند نمونا هتي پيش ڪجن ٿا.

جر نه کُٽن ڪُنگرين، راوَ نه ڳنڍين ويڻ،
گولي ويندي گُجرين، ته به چُندا دودي ڀيڻ.

                     
**

اُڀ سڀ ڪنهين اُوچو، اُڀ نه اوچو ڪوءِ،
مُئي کان پوءِ به مٿي ٿيو، سورهيه سِرُ سندوءِ.

                                      (ڀاڳو ڀان)

اوائلي سنڌي شاعريءَ جا جيڪي به نمونا مِلن ٿا، اُهي اڪثر ڪري ٻن سِٽن وارا آهن، جيڪي دوهي جي گهاڙيٽي ۽ سِٽاءَ تي محيط آهن. سنڌي دوهي جا ابتدائي سرجڻهار ڀَٽ ۽ ڀانَ رهيا آهن، جن ۾ شيخ حماد ۽ سمنگ چارڻ جا نالا بنيادي اهميت جا حامل آهن.

 

ڦلاڻي لاکي وٽ، مون وڏو ڪيو وات،
گھٽين پَٽيون ٻَڌي، سو ڏيندو ڪهڙي ڏات.
     
                            (سمنگ چارڻ)

جوڻو مت اوڻو، آءُ تماچي آءُ،
سٻاجهي ٻاجهه پيئي، تو سان ٺٽو راءُ.
                     
                 (شيخ حماد)

**

جي ڪٺين ته مٺين، جي وئين ته واءِ،
ٻنهي منجهان هڪڙي، هڪ نه آيئه ڪاءِ.

             
     **

ديبل پاسي ڌڪيلجي، آيو آب اَپار،
مڪلي ماڳ مٿانهينءَ، ٿياسون ڌارو ڌار.
                     
     (شاهه حسين اَپلاڻي)

**

ٻانها تنهنجو تَڪيو، ڪنڊن ۾ ڪُور،
پَسي ڳاڙها گُلڙا، مَ وِڃائج مُور.
                              )
پير صدرالدين(

 

عام طرح سان اوائلي سنڌي شاعريءَ ۾، دوهي جو پهريون سِرجڻهار شيخ حماد جمالي کي چيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾، سومرن جي دؤر کان اڳ ۾ به دوهي جي سٽاءَ ۾، ڪيترن ئي سُگهڙن ۽ سپورنج شاعرن جي شاعري مِلي ٿي، جيڪا فني لحاظ سان مختلف هيئتن تي محيط آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ دوهي جو سفر هڪ سِٽ کان شروع ٿي، ڏيڍ سِٽ ۽ اُن کان پوءِ ٻن سِٽن تي پهتو آهي، جنهن جي ٻنهي سِٽن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو. سومرن جي دؤر جي ڪيترن ئي ڀَٽن ۽ ڀانن جون ڳاهون مِلن ٿيون، جيڪي موضوعاتي لحاظ سان جنگي پسمنظر ۽ سورهين جي قربانين ۽ ڪردار تي لِکيل آهن ۽ اُهي سِٽاءَ جي نسبت سان دوهن جو بهترين نمونو آهن.

آهيان سنڌ جو سورمو، مون کي ڊَپُ نه ڊاءُ،
ڏورئون ڏوري مون ڏٺو، هي پرينءَ جو تلاءُ.
     
                            (ڳالھه ــ عمر سومرو)

 

اُڀ سڀ ڪنهن اوچو، اُڀ نه اوچو ڪوءِ،
مُئي به مٿي ٿيو، سورهيه سِر سندوءِ.
     
                            (ڳالھه ــ دودو چنيسر)

 

اَڪُ نه ڪجي ڏندڻو، سپ نه کائجي ماهه،
اُتِ نه لائجي نيهڙو، جتي جيءَ وِڻاهه.
     
                           (ڳالھه ــ ڏمڻ سونارو)

 

جِين ڏونگر تِين هاٿيا، جِين کيريون تِين ڇٽَ،
حميراڻي فوج ڪري اُڳا اُڀ نکٽَ.
     
                        (ڳالھه ــ حمير سومرو)27

 

سورهين صدي عيسويءَ جي شروعاتي زماني ۾ ئي، ڳيچ ۽ ڳاهن جي جاءِ تي دوهي ۽ سورٺي جون صنفون نه رڳو باضابطا مروج ٿيون، پر دوهو فني ۽ فڪري صورتن جا مختلف سفر طئي ڪري، هڪ مربوط ۽ مترنم صورت کڻي سامهون آيو، جنهن موجب اُهو، نه رڳو ٻن مصراعن تي مشتمل هو، پر اُنهيءَ ڇند جون سموريون فني گهرجون پڻ پوريون ٿي ڪيون ۽ جديد دوهي وانگر سٽاءَ جي لحاظ کان چئن پَدن تي محيط هو ۽ اُن جو ٽيون ۽ چوٿون پد هم قافيا هئا.

جهڙيءَ ريت هڪ ٻِجَ جو داڻو مِٽيءَ مان اُسري، پنهنجن فطري روپن ۽ رنگن سان نِکري نِروار ٿيندو آهي، ساڳيءَ ريت لوڪ ۽ ڪلاسيڪي دوهي جي اوسر ۽ ارتقا به ائين ئي ٿي آهي. سنڌي دوهو، هندي دوهي کان نه فقط موضوع، فڪر، محاڪاتي، تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي پسمنظر جي لحاظ کان مختلف آهي، پر اُنهن ٻنهي ۾، ماترڪ سٽاءَ جا پڻ ڪجهه فرقَ آهن ۽ اُهي چند خاصيتون ۽ خوبيون ئي اُنهن ٻنهي کي پنهنجي انفراديت ۽ الڳ حيثيت عطا ڪن ٿيون.

ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي لِکي ٿو: ”ڏوهيڙو/ دوهرو ۾ به ٻه سٽون ٿينديون آهن، پر اُن جي طاق مصرعن ۾ عام دوهي کان فقط هڪ ماترا گهٽ ٿئي ٿي. سنڌيءَ ۽ سرائيڪيءَ ۾ به ڪن بيتن کي دوهرو يا دوهڙو چيو وڃي ٿو، پر ان جي ماترائن جي ترتيب هندي دوهي جهڙي نه آهي، پر ان ۾ ٻن سِٽن بدران چار سِٽون ٿين ٿيون ۽ قافيو هر سِٽ جي آخر ۾ اچي ٿو.“(28)

اهڙا دوها حقيقت ۾ ’مسلسل دوها‘ سٽاءَ جو مثال آهن، جن تي پُراڻن ڪوتاڪارن سان گڏ جديد شاعرن پڻ چڱي طبع آزمائي ڪئي آهي. شيخ اياز وٽ پڻ ’مسلسل دوهن‘ جا نمونا مِلن ٿا.

 

جيئنداسين ته ائين ئي رهندو سُندرتا جو سَنگُ،
پنهنجي مُنهن تان مور نه لهندو، مڌُ جو ريٽو رنگ.

                      **

جيئنداسين ته ائين ئي رهندو، هي من مست مگن،
مڌ جي جوت سدائين جلندي، ٻَرندو پيو جيون.
               
         (ڪلهي پاتم ڪينرو، ص38)

 

دوهي جي اصليت بابت ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي جي راءِ آهي ته، اُهو بنيادي طرح هندي شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪو پوءِ سنڌيءَ ۾ رائج ٿيو آهي. هُو اُن حوالي سان لِکي ٿو ته: ”اَٺين عيسوي صديءَ کان ٻارهين عيسوي صديءَ تائين سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا وِياڪرڻي بيهڪ هئي، اُن جو جائزو وٺندي، سنڌ جي ٻوليءَ کي اپڀرنش يا جهوني سنڌي سڏي سگهجي ٿو... ٻارهين عيسوي صديءَ ۾، گجرات جي هڪ وِدوان، آچاريه هيم چندر پنهنجي پراڪرت ويا ڪرڻ ’سڌ_ هيم چندر شبد انوساشن‘ ۾، لوڪ گيتن تي آڌارت گجرات، سنڌ ۽ راجستان جا ڏيڍ سؤ کن دوها اپڀرنش ۾ ڏنا آهن، انهن ۾ پهريون دوهو، سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترو نه ويجهو آهي:

ڍولو سانولو، ڏڻ چمپا ــ ورڻي،

ڄڻ سون ــ ريهه، ڪسوٽيءَ ڏني.

 

يعني: ڍولو سانوري رنگ جو آهي ۽ سندس پريمڪا چمپا گل جي ورڻ جهڙي آهي. ڍولڻ جي ڀاڪر ۾ اها ائين ٿي لڳي ڄڻ سون جي ريهه (ريکا) ڪسوٽيءَ تي ڏنل آهي.“(29)

ڊاڪٽر مَٽلاڻيءَ جي مٿئين راءِ يقيناً سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ جي لساني، لغوي ۽ وِياڪرڻي قرابتن کي ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌي ۽ هندي دوهيءَ جي هيئتي، ثقافتي، فڪري ۽ تهذيبي قدرن جو باريڪ مشترڪه عڪس ۽ احساس ضرور پيش ڪري ٿي، پر اُن مان دوهي جي اصليت ۽ بنياد بابت سندس ڪيل دعوى ڪنهن به صورت ۾ ثابت ڪونه ٿي ٿئي.

منهنجو ذاتي خيال آهي ته، دوهو اوائلي سنڌي شاعريءَ ۾ مختلف صورتن ۾ رائج رهيو آهي. ’ڳيچ، ڳاهه ۽ گنان‘ جا گهاڙيٽا ۽ سٽاءَ ڪنهن حد تائين ابتدائي سنڌي دوهي جون صورتون چئي سگهجن ٿيون. سنڌي دوهو مقامي چارڻن، ڀَٽن ۽ ڀانن جي مختلف فني ۽ فڪري تجربن مان گذرڻ ۽ هندي دوهي جي هيئتي، لساني ۽ ڪنهن حد تائين موضوعاتي اثرن وٺڻ بعد موجوده هيئت ۽ تخليقي حُسناڪين تائين رَسيو آهي. هندي وانگر سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ سليس، سوادي، سُريلي ۽ مُلائم لفظن جو وڏو ذخيرو موجود رهيو آهي، اُنهيءَ ڪري دوهي لاءِ سنڌي ٻولي تمام گهڻي موافق ۽ موزون آهي. 

الياس عشقي پنهنجي هڪ مضمون، ’سورٺا ۽ دوها‘ ۾ لِکي ٿو: ”سنڌي شاعرن وزن ۽ قافيو، هندي شاعريءَ جي روايت کان ورتو آهي . . . سنڌي شاعر، جدا جدا بيتن ۾ مصراعن کي گهٽائي، وڌائي/ اڳتي پوئتي ڪري، قافيي کي آخر يا وچ ۾ آڻي، پنهنجي ڪلام ۾ جيڪو فني حُسن پيدا ڪن ٿا، اُهو هِنن جو ئي ڪمال آهي.“(30)

چوڏهين ۽ پندرهين صديءَ تائين سنڌي شاعريءَ جي ٻين صنفن وانگر دوهو پڻ موسيقيءَ تي آڌارڪ رهيو آهي. ”هندي پنگل ۽ ڪلاسيڪي موسيقي ٻنهي جو بنياد ماترائن جي فن تي هوندو آهي. ٻئي آواز جا فن آهن، فرق رڳو ايترو آهي ته، شاعري ماترائن جي حساب کان آواز جي اختصار جو فن آهي، ۽ موسيقي اُن جي وڌاءُ جو. ٻنهي ۾ تمام ويجهو تعلق آهي، اُنهيءَ ڪري شاعريءَ کي موسيقيءَ جي وزن ۾ ڳائي سگهجي ٿو، پر موسيقي واري وزن جو شاعريءَ جي وزن ۾ پورو اچڻ ضروري ناهي، ڇو جو اُهو آواز جي وڌاءُ جو فن آهي.“(31) 

سورهين صديءَ ڌاري سنڌي شاعري باضابطا فني ماپن، خاص ڪري ڇند وديا جي ضابطن ۽ اصولن جي پوئواري ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اُن سلسلي ۾ پروفيسر محرم خان لکي ٿو: ”سادن ۽ بي ترتيب ڳيچن ۽ ڳاهن جي جڳهه تي دوهي ۽ سورٺي جهڙيون ماپيل ۽ تُوريل پڪيون پختيون صنفون اُڀري ۽ نڪري نروار ٿيون، جن ۾ پوريءَ طرح ڇند جا نِيم نِڀايل آهن.“(32)

اوائلي شعر گھڻو ڪري روايتي، زباني ۽ ڪلامي صورتن ۾ مِلي ٿو، جنهن بابت ڪو تحريري ثبوت ڪونه آهي. دوهي بابت ملندڙ روايتن موجب قديم دوهو سٽاءَ جي لحاظ سان ٻن هم قافيا سِٽن تي مشتمل آهي ۽ موضوع جي خيال کان اُهو ’وير گاٿائن، پريم گاٿائن، ڌرم گاٿائن، ڪرم/ڪردار گاٿائن‘ تي محيط آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org