سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:6 

شيخ اياز جي هيءَ لولي پنهنجي فڪري تاڃي پيٽي ۾ جيتري گِهري، پُراثر ۽ تاريخي صداقتون رکندڙ آهي، ايتري ئي پنهنجي اظهار ۾ انوکي، لهجي ۾ نرمل ۽ احساس ۾ ڪيفيتن جا انيڪ عڪس پيش ڪندڙ آهي. شيخ اياز هڪ اهڙو بي چين شاعر ۽ سِرجڻهار آهي، جنهن جي تخليقي روح ۾، هر لمحي بي قراريءَ جوسمنڊ موجزن ملي ٿو. هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ ايترا فني ۽ فڪري تجربا ڪيا آهن، جيترا برصغير ۾ ورلي ڪنهن ڪويءَ ڪيا هوندا، پر اُن جي باوجود هُن جي خيالن ۽ خوابن جا پنچي ڪنهن اَڇوتي ۽ وشال آڪاش جا متلاشي ۽ ان ۾ اُڏم لاءِ بي چين ۽ بي قرار محسوس ٿين ٿا. هِن لوليءَ ۾ به، هُن جي فني تجربن جي تخليقيت ۽ تخليقي حُسناڪي جو حسين امتزاج نظر اچي ٿو. لوليءَ جو هيئت ۽ سٽاءُ نظم وارو آهي، پر لهجو، ٻولَ، احساس ۽ ترنم گيت جو آهي، اُنهيءَ ڪري اُهو هڪ ئي وقت ’نظماڻو‘ ساءُ ۽ سواد به ڏئي ٿو ته، اُن ۾، ’گيتاڻي‘ نرمي، ٻوليءَ جي سادگي، لهجي جي نفاست ۽ اظهار جي بي ساختگي به ملي ٿي.   

جهوني ڪوڙ سان منهنجو جهيڙو هلندو آخر تائين،
نئون نئون سچ تون ڳوليندين، جيئين شال سدائين!
ڌرتيءَ جي دک ۾ آ منهنجو چاهه اِنهيءَ لَيءِ لال!
نئون نئون سُکُ جئن تون ماڻين، جيئين سدائين شال!
ممڪن آهه ته ڌرتيءَ جو دک پورو ڪونه ٿئي،
ممڪن آهه ته تنهنجو بابا وڙهندي جان ڏئي!
ممڪن آهه ته مون کان پوءِ ڀي، ڏکيو بُکيو انسان،
ڳڀي ڳڀي لَيءِ ڳاٽ جُهڪائي، هجي اڃان حيران!
ان صورت ۾ منهنجا مٺڙا! جيئين شال سدائين!
تون به ائين ئي وڙهندو رهجانءِ، پنهنجي آخر تائين.
نيٺ ته ڊهندو ڪوڙ، سدائين جنهن کي ناهه ثبات،
نيٺ ته ڦُٽندو سچ جو سورج، نيٺ ته کُٽندي رات!

(ڀونر ڀري آڪاس، ص179)

روايتي لوڪ گيت جي تخليق لاءِ ڪنهن مصنوعي مهارت ۽ فلسفياڻي فڪر جي ضرورت نه هوندي آهي، پر اُهي لَئه، تاڙي جي تال ۽ خودساخته اندر جي جذباتي اُڇل مان جنم وٺندا آهن، ليڪن اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾، خارجي ۽ داخلي حقيقتن ۽ حُسناڪين جون اهڙيون نيون نرملتائون ۽ نُدرتون اوتيون آهن، جو اُهي نه رڳو روايت جي روايت جو نئون ۽ جديد جنم محسوس ٿين ٿا، پر اُهي سچ پچ پُراڻي صراحيءَ ۾، اياز جي نئين اَمرت جو تاثير ۽ اَحساس پيش ڪن ٿا. ”اياز جي گيتن جي ٻولن ۾ عجيب رواني آهي...هُن گھڻا تڻا گيت هندي ماترڪ ڇند تي لکيا آهن ۽ ڪيترا هندي ڇند ۽ فارسي وزن جي ميلاپ مان جوڙيل نَوَن ترنمي سانچن تي جوڙيل آهن. ڪجهه فارسي وزنن تي به ڪامياب گيت لکيا اٿس، پر هن فارسي وزن اهي استعمال ڪيا آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪندڙ آهن“(41).

هڪ لحاظ کان اياز لوڪ گيتن جي آزاد ٻولن ۽ فطري ترنم جو شائق ۽ ان جي موسلا ڌار بارش جهڙي تاثر ۽ تازگيءَ جو قائل آهي ۽ ان سان شاعريءَ جا لوازمات لاڳو ڪرڻ، گيت جي معصوميت کي ميسارڻ برابر سمجهي ٿو. هُو اُن حوالي سان لِکي ٿو، ”دراصل لوڪ گيت جي ترتيب، ان کي مخصوص ترنم يا بحر وزن ڏيڻ هڪ ادبي گناهه آهي، جنهن جو آءٌ به مرتڪب ٿيو آهيان. اهو ته ائين آهي، جيئن ٿر جا گل ٻوٽا ڪراچيءَ جي پارڪ ۾ لڳايا وڃن، اُهي گهڻو ڪري نه اُسرندا ۽ مُرجهائجي ويندا. لوڪ گيتَ انهن گلن وانگر آهن، جن جو ٻج نه لڳايو ويندو آهي، پر اهي ڌرتيءَ مان ازخود ڦٽندا آهن“(42).

عوامي لوڪ گيتن جي، آبشار ڌارائن جهڙي رواني ۽ سادن ٻولن جي صحرائي گلن جهڙي سڳنڌ ۽ سندرتا پنهنجي جاءِ تي بي مثل ۽ بي بدل آهي، پر حقيقت اُها آهي ته، اياز جا تخليق ڪيل لوڪ گيت به پنهنجي ون ۽ واس ۾ منفرد ۽ موهيندڙ آهن.

فهميده رياض سندس لوڪ گيتن بابت پنهنجي راءِ جو اظهار هِن ريت ڪري ٿي، ”شيخ اياز جي شاعري، ان لحاظ سان قطعي منفرد آهي، ڇو جو هُن جديد انسان جي جذبن ۽ احساسن جو اظهار لوڪ گيتن جي لهجي ۾ ڪيو آهي.... اياز جي شاعري سنڌ جي مخصوص ڌرتي، اُن جي منفرد گاهن، ولين، گلن، ڦلن، پکين، ندين ۽ نظارن جي احساس ۽ اظهار سان سينگاري پئي آهي.... هُن جي شاعريءَ ۾، سنڌ جي لوڪ داستانن جي ڪردارن جو  ذڪر بار بار ملي ٿو، جن کي هُن انهن جي مشهور صفتن ۽ گُڻن جي بنياد تي علامتي انداز ۾ استعمال ڪيو آهي“ (43).

 هُن جي لوڪ گيتن ۾ فني پابندي، فڪري ڳوڙهائي ۽ جمالياتي نُدرت، اياز جي پنهنجي شعوري ڪوشش جو نتيجو آهي، پر ان ’شعوري ڪوشش‘ ۾ به اياز جي ’لاشعوري تخليقي سگهه ۽ سُرت‘ شامل آهي، جنهن ڪري هُن جا لوڪ گيت مصنوعي ڀاسڻ بدران فطري حُسن ۽ حقيقتن سان سرشار محسوس ٿين ٿا. اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾، اندروني ۽ صوتي ترنم پيدا ڪرڻ جي تجربن سان گڏوگڏ ڇند ۽ عروض تي گيت لِکڻ جا پڻ ڪيئي تجربا ڪيا آهن. سندس هيءُ ٿري لوڪ گيت، ’لَمڪيان ڙي لو‘ پڙهو، جنهن کي هُن ’مفتعلن فاعلن‘ جي وزن تي سِرجيو آهي.          

لَمڪيان ڙي لو

آءُ اُتر هير سان، لَمڪيان ڙي لو،

لَمڪيان ڙي لو.

کنڀ کِنياتا ڪِرن، لَمڪيان ڙي لو،

پَٽ ــ تِترَ پار جا،

روز اُتر کان اچن، لَمڪيان ڙي لو،

پنڌ پري هوءِ ڙي، لَمڪيان ڙي لو،

پارِ پرينءَ لوءِ ڙي، لَمڪيان ڙي لو،

تانگهه ڪئي تاوِڙي، لَمڪيان ڙي لو،

ڪانگ ڏسي ڪامڻي،

ڪانڌ مٿان ڪاوڙي، لَمڪيان ڙي لو،

ڏور ڪٽيهءِ ڏينهڙا، لَمڪيان ڙي لو،

ڪالهه اُٺا مينهڙا، لَمڪيان ڙي لو....

نيڻ ڀريان نير سان، لَمڪيان ڙي لو،

آءُ اُتر هير سان، لَمڪيان ڙي لو.

     (وِڄون وَسڻ آئيون، ص172)

’لَمڪيان ڙي لو‘ بنيادي طور تي ٿر جو هڪ لوڪ گيت آهي، جيڪو ڏٿ چونڊڻ وقت ڪجهه سهيليون ۽ سرتيون پاڻ ۾ گڏجي ڪورس جي انداز ۾ چونديون آهن. ’لمڪيان‘ لفظ لمڪڻ مان نڪتل آهي، جيڪو لوڏ سان هلڻ ۽ چيلهه جي لچڪي سان ٽِلڻ  جي انداز ۽ عورت جي نِرت ـ ڪَلا جي احساس کي عيان ڪري ٿو. هِن گيت ۾ موضوعاتي طور وڏي وسعت ۽ علامتي طرح وڏي گهرائي آهي. ’اُتر جي هير، کِنياتي جو کنڀ، تاوِڙي جي تانگهه، مينهن جو وَسڻ، ماڪ ۾ ڪانهن جو پُسڻ، ٻُٽي ٻانهن ۽ نِيرن سان ڀِنل نيڻ‘ سڀ علامتون آهن، جن کي اياز استعمال ڪري هڪ طرف لوڪ گيت کي پنهنجي لوڪ ثقافتي سچائين ۽ سماجي اهڃاڻن سان هم آهنگ ۽ اثرائتو ڪيو آهي ته، ٻي طرف اُن ۾ شعري صلاحيت ۽ ترنم جي نئين تازگي پيدا ڪري، اُن لوڪ گيت کي انوکي حُسناڪي ۽ حسيت عطا ڪئي آهي. 

حقيقت ۾ لوڪ گيت عام ماڻهن جي اُمنگن ۽ احساسن، خاص ڪري عورت جي داخلي ڪرب ۽ قرار جي ڪيفيتن جا عڪاس هوندا آهن. اياز جي لوڪ گيت ’ساوڻ ٽيج‘ ۾ پڻ عورت جي اندر جي سرهائي، آترويلا ۽ انتظار جي مختلف ڪيفيتن جو عڪس ملي ٿو.

                                                          سانوڻ ــ ٽيج

 

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي-

گج سوين تارڙا، واجهه وجهي وِڄ ڙي!

ڇوريءَ نه ڇڄ ڙي!

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي

هيکلڙو هينئڙو، اُڀ ڪري گاج ڙي!

راڻو نه راج ڙي!

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي-

ڍٽ مٿي مينهڙا، ڇٽ ڪئي ڇاٽ ڙي!

توريءَ اُساٽ ڙي!

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي-

ڍول بنا ڍوڍو، ڪيئن لڳي بُک ڙي!

توريءَ نه سُک ڙي!

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي-

ناٽَ ڪري ننڊڙي، رَتُ ڪري راتڙي!

تو ريءَ نه تات ڙي!

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي-

ڀُڄَ مٿان بادلو، ڀيڄَ ڀِني وَسجو!

پائرُ به پَسجو!

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي-

                                                 (وِڄون وَسڻ آئيون، ص173)

 

’سانوڻ ٽِيجَ‘ اصل ۾ هڪ ٿري لوڪ گيت آهي، جيڪو نوجوان ڇوڪريون سانوڻ جي سُهائي پَک ۽ اونداهي پَک جي ٽيج تي پاڻ ۾ گڏجي ڳائينديون، جهومنديون ۽ نچنديون آهن. هيءُ سَرهائي ۽ وسڪاري جو اهڙو لوڪ گيت آهي، جيڪو سانوڻ ــ رُت ۾ آڪاش ۾ ڀريل بادل ۽ وِڄن جا وراڪا پَسي، هيج مان نووَرنيون ۽ ڪنواريون نينگريون ڳائينديون آهن. سانوڻ جي موسم ۾، ٿر جون ڳڀرو نينگريون اڪثر ڪري وڻن ۾ پينگهون ٻَڌي ۽ ڪڏهن ترائين ڀَرِ تي هيءُ لوڪ گيت جهونگارينديون آهن، جنهن جي ٻولن ۽ جهونگار ۾ هڪ ئي وقت سرهائي جا احساس به هوندا آهن ته، پنهنجن کان وڇوڙي جو درد، سوز ۽ گداز به هوندو آهي، اُنهيءَ ڪري هيءُ لوڪ گيت لُڙڪن ۽ مُرڪن جي مِليل جُليل ڪيفيتن جو آئينه دار آهي.

شيخ اياز جو لوڪ گيت ’مڻهيارُ يا مڻهيارو‘ پڻ پنهنجي ثقافتي پسمنظر ۽ احساساتي لوڪ سٽاءَ جي لحاظ کان منفرد ۽ نيارو آهي. ’مَڻيهار‘ لفظ مَڻيي مان نڪتو آهي ۽ ڦيريدار مَڃاريءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو ٻهراڙين ۾ اُٺ، گڏهه، سائيڪل يا موٽر سائيڪل تي مَڃارڪو وَکرُ، ’بُولا، بينسر، چوڙا، جُهومر، ڪَٺمال، ڪانٽا ۽ ٻيو عورتاڻي سينگار جو سامان‘ کڻي ڳوٺ، وستيون ۽ واهڻ رُلندو، ڏهر ڏهر ۾ ڊاٻو ڪندو ۽ گهر ويٺي ڪنوارين، وَريتين، وڏڙين ۽ ننڍڙين کي سينگار جو سامان مهيا ڪندو آهي. اياز پنهنجي هن گيت ۾ احساسن جي اهڙي منظرنگاري ڪئي آهي، جو هُن جي لوڪ گيت جي لفظن مان، نه رڳو مَڻيهارَ جي ڪِرت، ڪم، ڪردار ۽ رولاڪين جو عڪس ۽ نقش چِٽو نظر اچي ٿو، پر گيت جي ٻولن ۾ موجود اندروني غَنائيت ۽ اظهاريل علامتي رنگ پڻ عيان ٿي سامهون اچي ٿو.

 

                                                                     مَڻهيارُ

مڻهيارُ آيو، مَڻهيارُ ڙي!

                                   مَڻهيارُ ڙي!

آيو ڇنن ۾، والا ڪنن ۾،

ڳانا ڳلي ۾، جھونجهارُ ڙي!

                   مَڻهيارُ ڙي!

موتي لُٽائي، جوتي لُٽائي،

ڇا ڇا سَجائي سنسارُ ڙي!

               مَڻهيارُ ڙي!

ٻانهنِ ٻٽيءَ جو، ويندي لُٽيءَ جو،

ڇوريءَ ڇِنيءَ جو سينگارُ ڙي!

                    مَڻهيارُ ڙي!

گهونگهٽ هٽائي، جهومر ٽِڪائي،

ڇا ڇا وِرونهون واپارُ ڙي،

                    مَڻهيارُ ڙي!

                                     (وِڄون وَسڻ آئيون، ص175)

 

لوڪ گيت جي هڪ خوبي ان جي بيان ۽ اظهار ۾، ’ورجاءُ ۽ وراڻ‘ هوندي آهي، اُها وراڻي نه رڳو گيت ۾ رڌم ۽ رواني پيدا ڪندي آهي، پر هڪ وڻندڙ تاثر ۽ جذباتي ڪيفيت کي به پيدا ڪندي آهي. اياز جي سمورن لوڪ گيتن ۾، وَراڻ جي اها وَرجيس پنهنجي منفرد انداز سان ملي ٿي، پر سندس هِن لوڪ گيت ’ڪرهو‘ ۾، اُها خوبي نِرالي نوع ۾ نظر اچي ٿي. ’ڪرهو‘ دراصل ٿري لوڪ گيت آهي، جيڪو صحرا ۽ سڃ جي سفر ۾، اوٺي ۽ اوٺار ڳائيندا آهن. هِن گيت ۾ سفر جي اُڻتڻ، منزل تي پهچڻ جي اوسيئڙي ۽ راهه جي اوکائين سوکائين جا احساس اوريل هوندا آهن. هِن گيت جي سٽاءُ سان توڙي جو ’ڪرهي ۽ اُٺ‘ جو بظاهر ڪوئي سُٻنڌ ڪونهي، پر ان ۾ ان جو ساءُ ۽ احساس ضرور آهي.

گيت جي ٻولن ۾ سادگي ۽ سلاست ته آهي ئي آهي، پر ان جو ترنم ۽ احساساتي تاثر ڪمال جو آهي، جيڪو پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي پنهنجي ٻوڙان ٻوڙ وهڪري ۾ وَهائي کڻي وڃي ٿو. سموري لوڪ گيت ۾، ’هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو‘ جي مترنم لفظن جو مُسلسل ورجاءُ ، ’پ، ي، ر، ٽ، ا ۽ ڏ‘ اکرن جي تجنيس ۽ مٿان وري ’هو‘ لفظ جي قافيي جو تواتر سان استعمال، گيت ۾ نه فقط سنگيت جو لطف پيدا ڪري ٿو، پر ساري وجود ۾ رقص جي احساسن کي اُڀاري، من ۾ ’مي رقصم‘ جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ٿو. 

 

                                           ڪرهو

هُڙڪ هَلو هو، ڌيمان هَلو هو ــ

پَنڌُ پَري هو،

ڪير ڪَري هو،

واٽَ اَواٽي،

ڏِيلُ ڏري هو،

پو به پرينءَ جو پَنڌُ ڀَلو هو،

هُڙڪ هَلو، ڌيمان هَلو هو...

 

سانولڙي جو،

ڳيچ چَئو ڪو،

سانتِ بُري آ،

سانتِ ڪَيوَ ڇو؟

گونجَ اُڀاري ڪا ته گَلو هو،

هُڙڪَ هَلو هو، ڌيمان هَلو هو ــ

                      (وِڄون وَسڻ آئيون، ص176)

لوڪ گيتن جي ٻُولن جي سولائي، سَرلتا، عوامي انداز ۽ اَڻ جهل احساساتي اُڇل ئي انهن جي خوبي ۽ خوبصورتي هوندي آهي. توڙي جو انهن جي لفظن جي اظهار ۽ بيان ۾ گھڻو ورجاءُ ٿيندو آهي، پر ان ورجاءَ ۾ ئي انهن جي حُسناڪي هوندي آهي، جيڪا اُڪتاهٽ ۽ بيزاريءَ بدران انوکي آسيس، سادگي، مِٺاس ۽ محبوبيت جا احساس اَرپيندي آهي. انهن جي ٻولن جي جھرڻي جھڙي تازگي ۽ ترتيب، انهن جي لفظن جي ماکيءَ جھڙو مِٺاس ۽ مڌرتا پاڻ ۾ مِلي، لوڪ گيت کي رسيلو ۽ رنگين بڻائيندا آهن. ”اياز جا ’ديهاتي گيت‘ سنڌي ادب ۾ هڪ نئين ڳالهه آهن. ديهاتي زندگيءَ جي سادي جذبات، سڌيون تشبيهون، عام فهم ٻولي، مڪاني رنگ، محبت جا مِٺا مِٺا، هَلڪا هَلڪا گيت، اَلهڙ جوانيءَ جا بي غم، بي پرواهه نغما. انهن جي ٽيڪنڪ جي وڏي خوبي اُها آهي ته، اُهي تقطيع جي ڄاڻوءَ کي به لطف ڏيندا ته، عام ماڻهوءَ جي دلچسپيءَ جو سبب به ٿيندا“(44).

’هُو جَمالو‘ سنڌ جو تمام گھڻو مقبول لوڪ گيت آهي. هِن لوڪ گيت ۽ اُن جي پسمنظر بابت روايتي طرح مختلف ڪٿائون، حڪايتون ۽ قصا مِلن ٿا، پر بنيادي طرح هيءُ سورهيائي، ڪاميابي، سوڀ ۽ سرفرازيءَ جو گيت آهي. خوشين، خوبصورتين، سَرهائين، ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي احساسن سان سرشار هي لوڪ گيت، عام طرح سنڌ ۽ خاص طرح دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ايترو مشهور ۽ مقبول ٿي چڪو آهي، جو گهڻو ڪري هر سماع ۽ جشن جي محفل جو اِختتام هِن لوڪ گيت جي ڳائڻ سان ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ رنگ، نسل، قوميت، ٻولي، رُتبي ۽ ٻي هر طبقاتي فرق جي تميز بنا، هِن گيت جي ڌُن ۽ ڌَمال ۾ شامل ٿي، هر ماڻهو بي خوديءَ جي ڪيفيت ۾ جهومڻ ۽ نچڻ لڳي ٿو. هِن گيت جو لفظي سٽاءُ ۽ ترنم اهڙي نوع جو آهي، جنهن ۾ سَرهائي ۽ هِيجَ جا احساس ڇولين جيان ڇُلندي ۽ رقص ڪندي محسوس ٿين ٿا. حقيقت ۾ هي لوڪ گيت، انسان جي مُشترڪا سَرهائين، سُندرتائين ۽ سوڀن کي اجتماعي طور مِلي مَلهائڻ جو گيت آهي.

روايتي ’هو جمالي‘ جي ٻولن، لفظي سٽاءَ ۽ احساساتي اُڇل جو پنهنجو رنگ آهي، جنهن ۾ توڙي جو خيال ۽ فڪر جي ڪا خاص گهرائي ۽ معنويت ڪو نه ٿي ملي، پر ان جي باوجود ان جي آهنگ ۽ ادا ۾ رقص جي ڪيفيت آهي، جيڪا ئي ان لوڪ گيت جي خاص خوبي ۽ خوبصورتي آهي، پر جديد دؤر ۾، جن شاعرن هيءُ لوڪ گيت لِکيو آهي، اُنهن ۾ نياز همايوني، استاد بخاري، علي گل سانگي، شيخ اياز وغيره جا نالا شامل آهن. اُنهن هِن لوڪ گيت ۾، گهڻو ڪري لوڪ آهنگ، ادا ۽ ترنم کي ته ساڳيءَ ريت قائم رکيو آهي، پر اُن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن، خيال جي اُڇل ۽ تخيل جي تازگيءَ کي پڻ اوليت ۽ اهميت ڏني آهي. خاص ڪري شيخ اياز هِن لوڪ گيت ۾، نئين علامتن، استعارن ۽ ترڪيبن کي استعمال ڪري، اُن ۾ نه رڳو نئون فڪري ۽ احساساتي رنگ ۽ روح بيدار ڪيو آهي، پر اُن ۾ اندروني قافين، تجنيس حرفي ۽ صوتي سٽاءَ سان ترنم جو اهڙ رچاءُ ۽ نئون سيبائتو انداز تخليق ڪيو آهي، جيڪو من ۾ جلترنگ پيدا ڪري ڇڏي ٿو ۽ ٻول ٻول سان دل خودبخود جهومڻ ۽ رقص ڪرڻ لڳي ٿي. اياز جي هيٺين لوڪ گيت جا ٻول هينئين سان هنڊايو ۽ ان جي تازگي ڀرئي ترنم مان اوهان به حِظ ماڻي، ان جي تخليقي علامتن ۽ معنوي حُسناڪين مان حرارت حاصل ڪريو.   

نئين موج ٿي مهراڻ ۾،

   هو جمالو!

جنهن ۾ ليٽ ٻُڏا ٻيٽ ٿي،

هو جمالو!

جنهن جي ڦاٽ ڀڳا گهاٽ ٿي،

هو جمالو!

جنهن ۾ ٻيڙيون سائينءَ سيڙهيون ٿي،

هو جمالو!

جن جا پڳهه جڳهه جڳهه ٿي،

هو جمالو!

جن جا مانجهي ٿي منجهدار ۾،

هو جمالو!

اهي تري ويندا تار ۾،

هو جمالو!

      (ڪلهي پاتم ڪينرو، ص33)

شيخ اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾، رسُ ڀَري ٻولي ۽ اَروڪ ترنم جي استعمال کان علاوه عروضي وزن پڻ ورتايا آهن، جيئن پنهنجي لوڪ گيت ’لَمڪيان ڙي لو‘ کي ’مُتفعلن فاعلن‘ جي وزن تي سِرجي، ان ۾ شعري نغمگي ۽ وڌيڪ رقص جي ڪيفيت ۽ رنگيني پيدا ڪئي اَٿائين. ائين ئي سندس لوڪ گيت، ’همرچو‘ آهي، جنهن ۾ رقص ــ ڌن ۽ ٿري لوڪ ٻوليءَ جي سنگم سان اياز اهڙو رنگ رچايو آهي، جو هر ٻول سان من جھومڻ ۽ نچڻ لڳي ٿو ۽ ٿر جي سرسبز ۽ سَرهي تصوير اکين اڳيان اُڀري اچي ٿي.

اصل ۾ ’همرچو‘ ٿر جو مقبول ۽ موهيندڙ لوڪ گيت آهي، جنهن ۾، نه رڳو ٿري پورهيتن جي لوڪ جيوت، ٻَڌي، اجتماعي سَرهائين ۽ سُندرتائن جو اُجرو عڪس نظر اچي ٿو، پر انهن جي داخلي دردن، تڪليفن، ڏور ويل ڏيهه واسين جي خيريت سان واپس وطن ورڻ جي اُلڪن ۽ محبوبن سان ملڻ جي آنڌ مانڌ جي احساسن سان گڏوگڏ مستقبل جي اوني ۽ جياپي جي جستجو جو اُتساهيندڙ روح ۽ رنگ به ملي ٿو. حقيقت ۾ هيءُ لوڪ گيت ٿري پورهيتن جي پورهئي ۽ پيار جو  لازوال گيت آهي، جنهن ۾ هارين جي گڏجي هيج ۽ سرهائي سان ٻني ٻاري ۾ گُڏ ۽ لاباري ڪرڻ جا مَنظر چِٽيل آهن، اُنهيءَ ڪري ’همرچو‘ کي ٿري کيت مزدورن جو ’ترانو‘ چئجي ته، اُن ۾ ڪو به مبالغو نه ٿيندو.

’همرچو‘ لفظ جي معنى ’همراهه اچو‘ ٻُڌائي وڃي ٿي، پر جيڪڏهن ان لفظ جو اشتقاق ڪبو ته، اُن جي معنى ٿيندي. (هم = اسان/ سڀ + رچو = جنبجي/ مِلي وڃو) يعني اَچو ته اسان سڀ مِلي، ڪم ۾ مصروف ٿي وڃون ۽ اُن کي اُڪلايون. هِن گيت مان هڪ طرف پورهيتن جي پاڻ ۾ ٻَڌي ۽ يڪجهتي نظر اچي ٿي ته، ٻي طرف هُو پورهئي کي ڪهڙي نه پيار ۽ پنهنجائپ سان گڏيل سرگرميءَ طور اَپنائي، اُن کي جشن وانگر مَلهائن ۽ اُن مان مَحظوظ ٿين ٿا، اُن جو پڻ موهيندڙ احساس مِلي ٿو.

گيت جا ٻول مترنم ۽ ان جو آهنگ ايترو سُريلو ۽ دلڪش آهي، جو بظاهر لفظن جي معنى ۽ مفهوم نه سمجهندڙ ماڻهو به جڏهن اُنهن کي سُڻي ٿو، تڏهن سندس سماعتون ان جي رسيلي ۽ روح کي لطف آڇيندڙ سُرن جي جادوئي سَحر ۾ مُنڊجي وڃن ٿيون. ٿر جي سفر دوران شيخ اياز پهريون ڀيرو جڏهن اُهو گيت ٻُڌو هو، تڏهن هُو به اُنهن جي ٻولن جو مڪمل مفهوم نه سمجهڻ باوجود اُنهن جي سُرن جي سحر ۾ ٻُڏي ويو هو ۽ اُنهن مان خوب سُرور ماڻيو هئائين.

هُو پنهنجي آتم ڪهاڻي، ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ اُن حوالي سان لِکي ٿو، ”اسان ميرپور خاص کان مِٺي ٿي آياسين ته، ڪوئي آواز ڪويل جي ڪوڪ وانگر آسمان کي چيري رهيو هو. اسان ڏٺو ته ڪجهه ڀيل ليڏاڻ (گُڏ) ڪڍي رهيا هئا ۽ همرچو به ڳائي رهيا هئا....ٿري همرچي جا لفظ دل مان چيرجي ٿا نڪرن، انهن کي تراش خراش نه آهي، قافيا نه آهن، بحر وزن نه آهي. جيئن ڌرتيءَ مان گل ازخود ڦُٽي پوندا آهن، اهي ٻول (ٿرين) جي دل مان ڦٽي پون ٿا. اسان جيپون روڪي انهن ڀيلن سان ڪچهري ڪئي. گيت انهن جي دل ۾ ائين ٿي آيا جيئن سانوڻ جا بادل آگم ڪري ٿي اُڀريا. هو ڳائي رهيا ها:

همرچو، روڪيو ميڙيو لا،

(گڏجي ڪم ڪرڻ جو هي ميڙ  الا)

الا همرچو ڙي لا.

ڏور رهيو اسان جو ڏيسيڙو لا،

(ڏور رهيو اسان جو ديسيئڙو)

الا همرچو ڙي لا.

ڏيسرو آ ڏيسيڙو لا،

(پرديس کان  ڪو ڏيهي ايندو)

الا همرچو ڙي لا.

آسي ڪڏهان اوهان اوٺيڙ لا،

(ايندو ڪڏهن اتان اوٺيڙو)

الا همرچو ڙي لا.

کاسي کبر لاسي کاهوڙي لا،

(اهو ڪا سُٺي خبر آڻيندو)

الا همرچو ڙي لا.

لاسي مانڀيڙان را سنيهڙا هو لا،

(سانگين جا ڪي سنيها ڏيندو)

الا همرچو ڙي لا.

آڌيءَ اُٿي اونان ڪَران ڙي لا،

(آڌيءَ جو اُٿي پرين کي ٿي پڪاريان)

الا همرچو ڙي لا.

هُون  اِٿ هيڪلڙي ٿي ڦِران لا،

(آءٌ هت اڪيلي ٿي هنجون هاريان)

الا همرچو ڙي لا.

آسي مان جو جانيئڙو لا،

(شال منهنجو جاني ايندو)

الا همرچو ڙي لا (45).

شيخ اياز پنهنجو لوڪ گيت، ’همرچو‘ مٿين ٿري لوڪ گيت کان متاثر ٿي ۽ اُن جي تقليد ۾ لِکيو آهي، پر اياز جي ’همرچي‘ ۾، نه رڳو نئين احساساتي ۽ جمالياتي رنگيني، هُن جي پنهنجي ۽ تخليقي آهي، پر ان ۾ اظهاريل ڪيترائي اهڃاڻ، علامتون ۽ عڪس پڻ جديد دؤر جا آهن، جن کي هُن پنهنجي ڪمال فني ڪاريگريءَ سان استعمال ڪري، ’قدامت ۾ جدت ۽ جدت ۾ قدامت‘ جي سُهڻي سَنگم جو انوکو مثال پيش ڪيو آهي.

”چيو وڃي ٿو ته اوائلي دؤر جي موسيقي، جڏهن انسان اڃا ٻه ٽي سُر ڳائيندو هو، دنيا مان ختم ٿي وئي آهي، پر سنڌ ۾ اڃا تائين اهڙا گيت موجود آهن، جن ۾ ٻه ٽي ۽ چار سُر استعمال ٿيندا آهن، تنهن جي معنى ته جنهن دؤر ۾ انسان تهذيبي لحاظ کان اڃا بانبڙا پائيندو هو ۽ ان دؤر ۾ هُن پنهنجي اندر جي اظهار لاءِ جيڪي گيت ڳاتا ۽ سُر آلاپيا، اهي اڄ به سنڌ ۾ موجود آهن، جيڪي سنڌ جي تهذيبي قدامت ۽ عظمت جي شاهدي ڏين ٿا“(46).

سُر ۽ سنگيت جي اعتبار کان هيءُ لوڪ گيت، دنيا جي انهن اوائلي ۽ انوکي گيتن مان هڪ آهي، جيڪي هر دؤر ۾ ماڻهن جي موهه ۽ مزاج سان هم آهنگ رهيا آهن ۽ انهن جي دلين کي انهن ڌڙڪايو آهي. هِن لوڪ گيت جي وڏي فني خوبي ۽ خوبصورتي اها آهي ته، هي هڪ سُر بدران چئن سُرن ۾ ڳايو ويندو آهي. هِن گيت ۾، ٽن سُرن شڙج (مڌم)، ڪومل ۽ ڌيوت (تيور) سان هڪ ٻي سُر پنچم کي مِلائي، موسيقيءَ جو موهيندڙ مانڊاڻ پيدا ڪيو ويو آهي، اُهو ئي سبب آهي، جو هِن گيت جي ردم جي رنگيني ۽ سُرن جو سوز هر ماڻهوءَ جي روح کي موهي، ان کي ’مي رقصم‘ بڻائي ڇڏيندو آهي.

شيخ اياز پنهنجي هِن لوڪ گيت ۾، جُهڙالي موسمن، گهنگهور گھٽائن، رم جهم راتڙين، پرهه ڦٽي پرڀاتين، ڀني برساتين، ڪارونجهر جي ڪور ۽ مور جي ٽهوڪن جا حسين منظر به چٽيا آهن، ته مخصوص ٿري لفظ ’گاجڙلو، ٽوڀڙ، ڏوٿي، ڏيکي، تَل ترايون، برساري‘ وغيره به استعمال ڪيا آهن، جيڪي تُز ۽ اظهار جي سٽاءَ ۾ اهڙا ته سونهندڙ ۽ سيبائتا محسوس ٿين ٿا، جو ان لاءِ اياز کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. اياز جو ڪمال اهو آهي، ته هن جنهن به لفظ کي ڇُهيو آهي، اهو غير مانوس هجڻ باوجود هن جي اظهار جو حصو بڻجي، مانوس ۽ موهيندڙ ٿي پيو آهي.

هُو لفظن ۾ اهڙي نموني سان ڪيفيتن ۽ احساسن جو روح اوتي ٿو، جهڙي نموني سان سنگتراش اَڻ گهڙيل پٿرن ۾ حسين مورتين جا نقش بيدار ڪري، انهن کي زنده ۽ جاويد ڪندو آهي. ان کان علاوه اياز هن لوڪ گيت ۾ انتظار جي ڪيفيتن ۽ پنهنجن پرين پيارن سان مِلڻ جي، جيڪا آنڌ مانڌ ۽ آترويلا بيان ڪئي آهي، اها پڻ لونءَ ڪانڊاري ڇڏيندڙ آهي. گيت جي ٻولن ۾، لوڪ رنگ ۽ روح به آهي ته، فطرت جون حُسناڪيون ۽ حقيقتون به آهن، جن کي پَسي ۽ پائي، من گيت جي ترنم سان گڏ ڌڙڪڻ ۽ جهومڻ لڳي ٿو.

 

گَرجي گَرجي گاجَڙلو، لا....

هَمرچي جو ويلو ڙي!

هيل گھٽا گھنگھورُ اَلا لا!

سانوڻ زوران زورُ اَلا لا!

هَمرچي جو ويلو ڙي!

رم جھم رم جھم رات اَلا لا!

گھَنَن گھَنَن پِرڀات اَلا لا!

هَمرچي جو ويلو ڙي!

تَلَ تَرايُون تارِ ٿيو لا!

ٽوڀَڙ لا ٽِمٽارِ ٿيو لا!

هَمرچي جو ويلو ڙي!

بَرساري ۾ مورَ اَلا لا!

ڪارونجهرَ جي ڪورَ اَلا لا!

هَمرچي جو ويلو ڙي!

ڏوٿي ڏيکي ڏينهن ٿِيا لا!

هيلَ ملڻ جا مِينهن پِيا لا!

هَمرچي جو ويلو ڙي!

هَمرچي جو ويلو ڙي لا!

ماروئڙن سان ميلو ڙي لا!

هَمرچي جو ويلو ڙي!

    (ڪَپر ٿو ڪُن ڪري، ص317)

ٿر گيتن جي سرزمين آهي. فطري حُسن ۽ گلن جي هُٻڪارن جو اهڙو حسين ديس آهي، جنهن جي ڌرتيءَ جي دلفريب نظارن، دلڪش ۽ موهيندڙ ڪارونجهر جي سونهن ۽ قدرتي حُسناڪين کي پَسي اياز چيو هو، ’ٿر خدا جي مصوري آهي.‘

’بادليئو‘ پڻ ٿر جو هڪ روايتي لوڪ گيت آهي، جنهن جي ترنم ۾ موسلا ڌار بارش جهڙي نغمگي ۽ ٻولن ۾ مينهن جي اُجري پاڻيءَ جهڙي شفافيت آهي. ٿر ۾ جڏهن ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسڻ جا ويس ڪندا آهن. کنوڻيون کيج مان چمڪنديون، چيٽ ۾ واهوندا وَرندا ۽ چوماسي جون هوائون هِيج مان گهُلنديون آهن، تڏهن ٿري نينگريون ۽ نووَرنيون سرتيون پاڻ ۾ گڏجي، بارش جي آمد تي سَرهائي ۽ خوشيءَ مان هي گيت چونديون ۽ مينهوڳيءَ جو جشن ملهائينديون آهن.

شيخ اياز روايتي ’بادليئو‘ بدران ان گيت کي ’بادل ڙي‘ جي نالي سان اَپنايو ۽ اظهاريو آهي. ’بادليئو‘ لفظ کي پنهنجي هڪ جدا جاذبيت آهي، پر ’بادل‘ سان ’ڙي‘ جي تصغير ملائي، اياز ’بادلڙي‘ لفظ ۾ جيڪا مُلائميت ۽ معصوميت پيدا ڪئي آهي، اها وڌيڪ موهيندڙ آهي، ڇو ته ان ۾ بارش جي احساس وانگر تاثر جي تازگي ۽ چِٽائيءَ جو عڪس وڌيڪ اُجرو ۽ آسيس آڇيندڙ محسوس ٿئي ٿو. اياز جي هن لوڪ گيت ’بادلڙي‘ ۾، ڪيفيت ۽ لئي ته ساڳي ’بادليئو‘ واري آهي، پر ان جي اظهار ۽ احساس ۾ پنهنجي هڪ نرالي فني نُدرت، الڳ ڪردارنگاري ۽ فڪري انفراديت ملي ٿي، اُهو ئي سبب آهي، جو آغا سليم ، اياز جي لوڪ گيتن  بابت راءِ ڏيندي لِکي ٿو ته، ”اياز روايتي لوڪ گيتن جي تضمين ۾ پنهنجا جديد لوڪ گيت لکي، ماضيءَ جي احساساتي منظرنامي ۾ پنهنجي دؤر جي طرزِ احساس (Sensibility) جو اظهار ڪيو آهي“(47).

شيخ اياز پنهنجي هِن لوڪ گيت ’بادلڙي‘ ۾، ماحول، محاڪات ۽ ترنم ته ٿري لوڪ گيت جو اوتيو ۽ اَپنايو آهي، پر ان ۾ هُن جي فڪر جو وسڪارو ۽ هُن جي تخيلي حُسناڪي پنهنجي آهي، جنهن جو ون ۽ واس موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. لوگ گيت ۾، هڪ طرف سُرمئي بادلن، گجندڙ گهنگهور گهٽائن، سانوڻ من ڀانوڻ ۾ سرتين جي کيج ۽ خوشين جا منظر آهن ته، ٻي طرف پرينءَ کان ڏور جدائي جا ڏنگ ڀوڳيندڙ ۽ ڏهاڳ جا ڏينهن گهاريندڙ هڪ وَني سسئي آهي، جنهن جا نيڻ بادلن سان گڏ برسن ٿا. بادل ته ڪجهه ساعتون برسي بند ٿي وڃن ٿا، پر هُن جا پنهنجي پرين پنهونءَ جي ياد ۾ برسندڙ نيڻ بس نه ٿا ڪن. پورو لوڪ گيت، ڪرب ۽ قرار جي گڏيل ڪيفيتن سان ٽمٽار آهي.

اياز جي لوڪ گيتن جي هڪ اهم ۽ خاص خوبي اُها به آهي ته، اُنهن جو موضوع روماني هجي يا درديلو، هُو هڪ خاص رنگ ۽ پيرايي ۾ لفظن کي اظهاري، اُنهن ۾ مختلف ڪيفيتن جا عڪس ۽ نقش اُڀاري ٿو. هِن لوڪ گيت ۾ پڻ اياز ان ’ٽيڪنڪ‘ کي اَپنايو آهي.      

 

بادل ڙي، بادل ڙي! منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

گَجي گَجي گهنگهور گھٽائون آگم ۾ اُڀرن،

منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

سانوڻ من ڀانوڻ ۾ سرتيون کلندي کيج وجهن،

منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

رُت آئي، رُت ويئي، جهوليءَ ۾ ٿا ڏينهن جهُلن،

منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

مون ڳهَليءَ جئن ڳولي ٿي، ڪجهه پن پن منجهه پون،

منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

ڀيڄ ڀنيءَ ڀنڀور مٿان اڄ بونديون ٿيون برسن،

منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

ڪهڙي پار پنهونءَ کي چايو آڌيءَ رات اُٺن!

منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

هاءِ ولهيءَ کي ڪيئن وساريو سڃ ۾ سانگيئڙن!

منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

                              (ڪلهي پاتم ڪينرو، ص30)

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾، سِهري ۽ ڳيچ جون صورتون به ملن ٿيون. سندس شعري مجموعي، ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ ۾ ڪجهه وائيون ڏنل آهن، جيڪي لهجي توڙي اظهار ۽ احساس ۾ هر لحاظ کان وائي بدران سڀني وسبين لاڏي جو رنگ ۽ روپ پيش ڪن ٿيون، پر خبر ناهي ڪهڙي خيال کان اُنهن کي وائيءَ جي صنف طور ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. آءٌ اُنهن کي ٻولن، خيال ۽ لهجي جي بنياد تي سهرو ۽ لاڏو سمجهان ٿو، جيڪو لوڪ گيت جو هڪ قِسمُ آهي، اوهان خود هي ٻه وائيون پڙهي ۽ پُرجهي ڏسو:

 

ٿالهه کڻي روپڙو ميندي پُسايو،

دودل گهر آيو.

نڀ جيان نيرڙو تنبو لڳايو،

دودل گهر آيو.

ڀورڙيون نينگريون ٻانهون وڌايو،

دودل گهر آيو.

ڏونڪلڙا ڀير تي وَر وَر وڄايو،

دودل گهر آيو.

دودلَ جو ديس لئه لايو سجايو،

دودل گهر آيو.

             (واٽون ڦلن ڇانئيون، 1985ع، ص139)

       .....

متان ڳالهايو،

ڳوڙها ڳاڙيو ڳُجهه ۾.

سوڍل لهندو لانوَ ڙي،

رَسِي لَڙڪايو،

ڳوڙها ڳاڙيو ڳُجهه ۾.

نيڻ نِدوريءَ رات جا،

تارا ٽمڪايو،

ڳوڙها ڳاڙيو ڳُجهه ۾.

هي جو سَڏُ وِهانوَ جو،

ورَنَهه ورايو،

ڳوڙها ڳاڙيو ڳُجهه ۾.

ڌو ڌو ڌمامن ڪئي

ڪو ڄاڃي آيو؟

ڳوڙها ڳاڙيو ڳُجهه ۾.

(واٽون ڦُلن ڇانئيون، 1985ع، ص140)

اهڙيءَ ريت سندس ڪتاب، ’وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ شامل ٻه وائيون، ’لوري ڪيئن لڳي، او آيل! آيل! لوري ڪيئن لڳي‘ (ص83). ۽ ’گَرجُ گَرجُ اي گونگي ڌرتي! ڀَرجُ ڀَرجُ ڀٽياڻي!‘ (ص179). پنهنجي احساس، اظهار ۽ ڌنڪ ۾، ’وائي‘ کان وڌيڪ ’لوڪ گيت/گيت‘ جو ساءُ ۽ سواد ڏين ٿيون.

شيخ اياز جا لوڪ گيتَ انڊلٺ جيان رنگين ۽ روح پرور به آهن ته، بارش جي بوندن وانگر دلڪش ۽ فرحت بخش به. توڙي جو سندس لوڪ گيتن جو تعداد ايترو گهڻو نه آهن، پر اُنهن ٿورڙن لوڪ گيتن ۾، هُن ڪيتريون ئي ڪيفيتي حُسناڪيون ۽ فني سُندرتائون سمايون آهن. ”اياز جي گيتن ۾، ڪٿي آبشار وانگر لفظن جو تيز وَهڪرو آهي ته، ڪٿي وري ڪنهن چشمي وانگر ماٺي لهر جي گونج ٻُڌجي ٿي. سندس گيتن ۾، شيريني، نرمي ۽ رنگا رنگي آهي. ’ٿري ٻار جي گيت‘ ۾، درد انگيز ۽ مزدور جي ٻار واري گيت ۾، اَلهڙ معصوم جذبن جي اُپٽار ٿيل آهي. هُن جا لوڪ گيتَ لفظن ۽ موسيقيءَ جو حسين مرقع آهن، جن ۾ عورت جي جذبات نگاري ۽ نفسياتي رد عمل کي فطري انداز ۾  وَرجايو ويو آهي“ (48).

حقيقت ۾ شيخ اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾، هڪ پورهيت وانگر جذبن، احساسن، خيالن، خوابن، ثقافتي ٽاڻن، تهذيبي روايتن، سماجي رسمن ۽ تخليقي تصورن جي مزدوري، دل جي اهڙي موهه ۽ مجذوبيءَ سان ڪئي آهي، جنهن کي پَسي سندس پورهئي تي پيار اچي وڃي ٿو. سچ ته هُو هر لحاظ کان جاذب ۽ جادوگر شاعر آهي.

”اياز کي اُنهن ڪامياب شاعرن جي صف ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، جيڪي انسان جي نازڪ کان نازڪ ۽ مشڪل کان مشڪل ترين جذبن کي مؤثر شعري انداز ۾ اظهارڻ جي سگهه رکندا آهن. وڇوڙو هجي يا وصال، بزم هجي يا رزم، طنز جي تِکي ڌار هجي يا نوحي جي سِسِڪي، اياز شعر جي موضوع ۾، ائين گم ٿي ويندو آهي، جو سندس شعر انهيءَ جذبي جي زبان بڻجي پوندو آهي. هُن جي گيتن ۾ ساوڻ جون گهٽائون جهلڪن ٿيون. سندس واين ۾ حڪمت ۽ فرزانگي جا خزانا ڀريل آهن ۽ نظمن جو ترنم پهاڙي ندي وانگر تيز ۽ سرڪش آهي. هُو چاهي پيار جو گيت جهونگاري يا جنگي ترانو، هُن جو وجدان اظهار جو اهڙو وسيلو تلاش ڪري وٺندو آهي، جو پڙهندڙ/ ٻُڌندڙ  جو رَتُ اُن جي تالَ تي رقص ڪرڻ لڳندو آهي“ (49).  

شيخ اياز جون لوڪ گيت- پِروليون

اياز جديد رنگ، فني نواڻ، فڪري ڳوڙهائي ۽ علامتي گھرائيءَ جي سنگم سان’ لوڪ گيت ــ پِروليون‘به سِرجيون آهن. اُهي ستَ پروليون سندس شعري مجموعي، ’وِڄون وسڻ آئيون‘ ۾ ڏنل آهن. انهن لوڪ گيت ــ پرولين ۾ هڪ ئي وقت نظم جي تسلسل ۽ تازگيءَ جو احساس به مِلي ٿو ته، لوڪ گيت جي نغمگي ۽ بي ساختگي به نظر اچي ٿي. سٽاءَ ۽ هيئت جي لحاظ سان هر پرولي پنجن سِٽن تي مشتمل آهي، جن مان ٻي ۽ پنجين سِٽ پاڻ ۾ هم قافيه آهن، باقي سِٽن ۾ ڪنهن قافيي نه هجڻ باوجود اهڙي لفظي رواني آهي، جو پڙهڻ سان سِٽون زبان تي تَرنديون وڃن ٿيون ۽ اُنهن جو مڌهم تَرنم دل ۽ دماغ کي سڪون ڏئي ٿو.

جيتوڻيڪ هر پروليءَ ۾ پنهنجو هڪ الڳ خيال آهي، جيڪو ان کي جدا حيثيت ڏئي ٿو، پر سِٽن ۾ مخصوص لفظي ورجاءُ انهن کي پاڻ ۾ جوڙي هڪ مالها جهڙو تسلسل به بخشي ٿو. مختلف رنگن جي گلن کي ڌاڳي ۾ پِروئي جهڙيءَ ريت مالها ٺاهي ويندي آهي، ائين ئي اياز هنن ستن لوڪ گيت ــ پِرولين کي پنهنجي فني لَڙيءَ ۾ پوئي، هڪ سهڻو گلدستو ٺاهيو آهي. اياز چواڻي، هُن هيءُ پِروليون امير خسرو جي اردو پرولين / دوسخنين کان متاثر ٿي لِکيون آهن. امير خسرو، نه صرف فارسي ۽ اردو شاعريءَ جو عظيم شاعر هو، پر هُن جو سُر ۽ سنگيت جي حوالي سان به دنيا ۾ وڏو ناماچار آهي. اياز، خسروءَ لاءِ لِکي ٿو، ”هُو اردوءَ جو پهريون شاعر هو، جنهن جي اڃا تائين پنهنجي زبان تي مُهر آهي. هُن، غزل، دوها، ڪُهه مَڪرنيون ۽ ڳُجهارتون لِکيون آهن. هُو هڪ عظيم شاعر سان گڏ موسيقيءَ جو وڏو ماهر، موسيقيءَ ۾ خيال جو باني، ستارَ جو مؤجد ۽ ڪيترن ئي راڳن ۽ راڳڻين جو خالق هو. مان هُن جي شخصيت ۽ تخليقي ڪارنامن کان ڪافي متاثر رهيو آهيان“ (50).

 اياز پنهنجن لوڪ گيت ــ پرولين ۾ يقينن هيئت امير خسرو جي اَپنائي آهي، پر انهن ۾ خيال، علامتي رنگ ۽ فڪري روح هُن جو پنهنجو آهي. پِروليءَ کي هنديءَ ٻوليءَ ۾ ’پهيلي‘، پاليءَ ۾، ’پهليڪا‘، سنسڪرت ۾، ’پَرهيلڪار‘ ۽ پراڪرت زبان ۾، ’پهيليا‘ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي معنى آهي، ’ڳُجهارت، راز يا رمز‘. پِروليءَ جي صنف لوڪ ادب  ۾ به ملي ٿي، جيڪا نه رڳو نثر ۾ آهي، پر اُها نظم جي مختلف سِٽائن تي مُحيط لوڪ گيت پرولين جي صورت ۾ پڻ مِلي ٿي. نموني طور دوهي سٽاءَ تي مشتمل ٻه ’لوڪ گيت پروليون‘ هيٺ پيش ڪجن ٿيون:

سِڱن ساڻ ڄائو، وَهيءَ منجهه وياس،
پيريءَ پيدا ٿيا، ساڳيا سِڱ سندياس.
                             (ڀَڃڻي ــ چَنڊُ)

.....

اَڇو اَڇو بنگلو، ڪاري مٿس ريهه،
پير نه اَٿس پڳڙو، گهُمي سارو ڏيهه.
                             (ڀَڃڻي ــ خَطُ)

پِروليون پنهنجي سُهڻي لفظي سِٽاءَ، علامتي انداز ۽ فڪري ڳوڙهائي سبب پنهنجي هڪ الڳ ۽ انفرادي شناخت رکن ٿيون. پروليءَ جي وصف بيان ڪندي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ لکي ٿو:

“Proli is a developed technique of symbolism of Sindhi language and shows the relationship among different qualities of concrete immediate objects in Sindhi society (51).

(پرولي سنڌي ٻوليءَ جي اهڃاڻن جو اهو طريقو آهي، جيڪو سنڌي سماج ۾ موجود مادي شين جي خاصيتن جو پاڻ ۾ لاڳاپو ڏيکاري ٿو.)

عام طرح سان پروليءَ ۾ هڪ ’ڳُجهه‘ رکيل هوندو آهي، ۽ اُن ’ڳُجهه‘ ۾ ئي سموري پرولي جو روح سمايل هوندو آهي. پرولي دراصل دماغي مشق ۽ دلي وندر جو هڪ اهڙو وَکر آهي، جيڪو ٻهراڙيءَ جا اڻ پڙهيل، پر دؤر انديش ۽ دانشمند ماڻهو وڏي شوق سان واپرائيندا ۽ ٻين سان پڻ ونڊيندا ۽ ورهائيندا آهن. پروليءَ جي پرک لاءِ سوچ ۽ سُرت درڪار هوندي آهي، اُنهيءَ ڪري هيءَ صنف ڳوٺاڻي ۽ ٻهراڙيءَ جي سُچيت ۽ سپورنج ماڻهن ۾ نه رڳو مقبول آهي، پر اُن ۾ اُنهن جي ذهني کوجنا ۽ دل جي ورونهن جو سامان به موجود هوندو آهي. پرولي نئين لغت، سماجي اهڃاڻن ۽ تخليقي علامتن آڇڻ کان علاوه انوکي عقلي نقطن ۽ سماجي قدرن جي آشنائي به ڏئي ٿي. تشبيهه ۽ استعارو پروليءَ جي جان هوندا آهن. پرولين جا ڪيترا ئي قِسمَ ٻُڌايا وڃن ٿا. جهڙوڪـ: ’ڳوڙهي پرولي، سادي پرولي، ٻول پرولي، منظوم پرولي، گُر چِيلو پرولي، سوال جواب پرولي، ڏِٺ پرولي‘ وغيره. هيٺ نموني طور هڪ روايتي ’لوڪ گيت ــ پِرولي‘ پيش ڪجي ٿي.

ڪارو ڪڪر گوڙ سان، ٿو ڏهاڙي وَسي،

نه ڪا ڦُڙي آب جي، نه ڪو ريج رَسي،

ان جي وس پَسي، عالم ئي آباد رهي.

      (ڀَڃڻي: جَنڊُ چَڪي) (52).

شيخ اياز جي لوڪ گيت ــ پرولين ۾، تاثراتي ۽ مرڪزي لحاظ کان توڙي جو اَڻ لکو هُڳاءُ ۽ ساءُ لوڪ پرولين جو به محسوس ٿئي ٿو، پر ان جي باوجود اياز جون پروليون سندس فڪري دانش ۽ شاعراڻي وجدان جو نتيجو آهن. هُن جي لوڪ گيت ــ پِرولين ۾، فني سُندرتا ۽ فڪري حُسناڪي، هُن جي پنهنجي بي پناهه ڏات ۽ فني ڏانءَ جو ڪمال آهي. اياز جون سَت ئي پِروليون مَنظوم آهن ۽ اُهي هُن علم عروض تي لِکيون آهن، جن مان پهريون ٻه سِٽون (فعلن فعلن فعلن فعلن) تي، جڏهن ته ٽين ۽ پنجين سِٽَ (فاعلن فعلن) ۽ چوٿين سِٽ (فعلن فعلن) جي وزن تي آڌاريل آهن. هيءُ لوڪ گيت ــ پِروليون خيال ۽ سٽاءَ جي لحاظ کان لوڪ ــ پِروليءَ جي ’سوال جواب ــ پرولي‘ سان گهڻي مماثلت رکن ٿيون. اياز جي پِرولين مان هر پِروليءَ جي پهرين ٻن سِٽن ۾، ’ڳُجهه ۽ راز‘ سمايل آهي. سندس هيءَ پرولي پِڙهو ۽ اُن جي معنى ۽ مفهوم جي پروڙ لاءِ اُن تي ٿورو غور ڪريو:

هر هر انڌياريءَ اوجهڙ ۾،

ساري رات اُنهيءَ جو ليئو ــ

ڇا سَکي، ساجن؟

اُن هوُن، اُن هوُن،

اي سَکي، ڏيئو.

(وڄون وسڻ آئيون، ص198)

پرولي جي پهرين مصرع ’هر هر انڌياريءَ اوجهڙ ۾/ ساري رات انهيءَ جو ليئو‘ تي ويچاربو ته، اُن ۾ هڪ ڳُجهي معنويت لِڪل محسوس ٿيندي. ٽين سِٽ، ’ڇا سَکي! ساجن؟‘ سواليه نوع جي آهي، جنهن ۾ مٿين ٻن سِٽن ۾ سمايل ڳُجهارت جي ڀَڃڻي لاءِ لڳايل هڪ اندازو ته، ’ڇا اُهو ساجن ته ناهي!‘، جيڪو پنهنجي محبوب سان اَنڌاري رات ۾ مِلڻ لاءِ مُنتظر آهي ۽ گهڙي گهڙيءَ لِيئا ٿو پائي؟، پر موٽ ۾، ’اُن هُون، اُن هُون‘ جا لفظ، جيڪي ڪنڌ ــ ڌوڻ سان نَهڪر ۽ نفي جو تاثر ڏين ٿا. آخري سِٽ ۾ خود ئي ڳُجهارت ڏيندڙ جو جواب، ’اي سَکي! ڏيئو‘، جنهن سان ڳُجهارت ڀَڄي پوي ٿي. سڄي پروليءَ جو راز لفظ ’ڏيئو‘ ۾ لِڪل آهي. ڏيئو لفظ چوڻ کان پوءِ ڳالهه کُلي پوي ٿي ۽ ڀَڃڻيءَ کي وڌيڪ واضح ڪندي، ڳُجهارت ڏيندڙ، سموري راز کي عيان ڪري ٿو. ’نه، نه، اُهو ڪو محبوب جي مِلڻ لاءِ آتو ۽ ليئا پائيندڙ عاشق ناهي، پر انڌياريءَ اوجهڙ ۾، ساري رات هر هر ليئا پائي، تيز ۽ مخالف هوائن سان جهيڙي ثابت قدم رهڻ وارو ’ڏيئو‘ آهي، جنهن سڄي رات اونداهي سان لَڙي، وِڙهي صبح ڪيو آهي، ليڪن اونداهيءَ کي پاڻ مٿان حاوي ۽ غالب ٿيڻ نه ڏنو آهي.

شيخ اياز ڪمال ڪاريگريءَ سان هر پروليءَ ۾ هڪ ’ڳُجُهه‘ رکيو آهي، جنهن جي هڪ لفظ ۾ ڀَڃڻي، اُن جي آخري سِٽ ۾ ڏئي ٿو. شاعراڻي تخليقي تخيل ۽ نرالي فني هُنر تي محيط، اياز جون هيءُ ’لوڪ گيت ــ پِروليون‘ سچ ته دلچسپ به آهن ته، دلفريب به، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته، اُنهن ۾ فڪري ۽ احساساتي تاثر به موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ مِلي ٿو. اياز جون چند لوڪ گيت ــ پِروليون مُلاحظه ڪريو:

سانوڻ رُت ۾ هُن جا سڏڙا

ڀانءِ نه مون کي اوڙو پاڙو ــ

ڇا سَکي، ساجن؟

اُن هوُن، اُن هوُن،

اي سَکي، تاڙو.

 

جهُڙ ڦُڙ، ميگهه ملهارُ انهيءَ سان،

اُن جي آئي، ڀائي جَلُ ٿَلُ ــ

ڇا سَکي، ساجن؟

اُن هوُن، اُن هوُن،

اي سَکي، بادل.

  •

ساري رات اَمَرُ جوتيءَ سان،

جيءُ جَڙي ٿو منهنجو وينجهَرُ ــ

ڇا سَکي، ساجن؟

اُن هوُن، اُن هوُن،

اي سَکي، ڪينجهَرُ.

  •      

جنهن بِن ڪانه سَري اي سرتي!

جيءَ جيءَ تي جنهن جو جارو ــ

ڇا سَکي، ساجن؟

اُن هوُن، اُن هوُن،

اي سَکي، سنڌوُ.

  (وڄون وسڻ آئيون، ص199، 200)

شيخ اياز جي لوڪ گيت ــ پِرولين ۾، وان گوگ جي پينٽگنس وانگر احساسن ۽ ڪيفيتن جا مختلف ۽ منفرد عڪس مِلن ٿا. هُن جون پروليون ڪنهن تجريدي آرٽسٽ جي ذهني اختراع ۽ نرگسيت جي شڪار دانشور جيان اَجائي، بي معنوي ڳوڙهائي ۽ ڳَرائي رکندڙ نه آهن، جن کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهي يا اُڪتائجي، بيزار ٿي ڪتاب بند ڪري رکي ڇڏي، پر هُن جي پرولين ۾، رنگ ــ رَتي ۽ تارن ڀري آڪاس جهڙي جاذبيت به آهي ته، اُنهن ۾ واڙيءَ ــ ڦلن ۽ سرنهن جي ڦولار جهڙي ڪشش ۽ محبوبيت به ملي ٿي، جيڪا تصوراتي ۽ احساساتي طرح ڪجهه ساعتن لاءِ ماڻهوءَ جو هينئون هُٻڪارون ڪري ڇڏي ٿي. هُن جي لوڪ گيت ــ پِرولين ۾، سانوڻ ــ رُت جون سُندرتائون به آهن ته، بادل، بارشون ۽ جُهڙ ڦُڙ مَيگهه مَلهارون به. تاڙي جون تنوارون، اَمرــ جوتيءَ جا احساس به آهن ته، اُنهن ۾ داخلي ڪيفيتن ۽ ذاتي تجربن جا احساساتي عڪس ۽ نقش به ملن ٿا. مطلب ته هُن جي لوڪ گيت ــ پَرولين ۾، زندگيءَ جا اهي سمورا رنگ ۽ اهي فطرت جون سڀ حُسناڪيون موجود آهن، جن کي پَسي، مَنُ سَرهو ۽ باغ بهار ٿي وڃي ٿو ۽ ذهن نئين سج جي تازگي ۽ حرارت جو احساس محسوس ڪرڻ لڳي ٿو.

اياز جي لوڪ گيت ــ پِرولين ۾، خارجي مشاهدن ۽ محسوسات جي اظهار کان علاوه داخلي جذبن ۽ احساسن جي اُپٽار به اَثرائتي انداز ۾ مِلي ٿي. هُن جي سموري شاعريءَ ۾، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين لاءِ جيڪو اُنسَ، اُڪيرَ ۽ عشقَ جو احساس مِلي ٿو، اُهو ته مثالي آهي، جنهن کي پڙهي ۽ پَسي فهميده رياض چواڻي، ’هڪ غير سنڌي به، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت ڪرڻ لڳي ٿو‘، پر هِنن لوڪ گيت ــ پِرولين ۾ پڻ اياز جي پنهنجي ڏيهه ۽ ڏيهه ــ واسين سان پيار ۽ محبت جا مختلف ۽ منفرد رنگ پَسي، سندس شاعريءَ سان ماڻهوءَ کي خودبخود پيار ٿيڻ ۽ اُن سان اُنسيت ۽ پنهنجائپ جو تعلق جُڙڻ لڳي ٿو.

نَگريءَ نَگريءَ ۾ هُن جهڙو،

مون ته ڏٺو ڪو ناهي نيهِي ــ

ڇا سَکي، ساجن؟

اُن هوُن، اُن هوُن،

اي سَکي، ڏيهِي.

        *

هُن سان پريت نه لائي ڪوئي،

پريت ڪري مون پيڙا ورتي ــ

ڇا سَکي، ساجن؟

اُن هوُن، اُن هوُن،

اي سَکي، ڌَرتي.

        (وِڄون وَسڻ آئيون، ص200)

شيخ اياز جي مٿي پيش ڪيل ٻن لوڪ گيت ــ پَرولين مان، خاص طرح ٻي پروليءَ ۾، ميران جي هڪ گيت جي سِٽن، ”جو ميں ايسا جانتی ری،  پريتی کياں دکھ ہوئے/نگر ڈھنڈورا    پيٹتی ری، پريتی کرو مت کوئے جي سُڳنڌ ملي ٿي، جنهن کي اياز پنهنجي ڪيفيت ۽ احساس جي مِٽيءَ ۾ ڳوهي، پنهنجن لُڙڪن ۽ مُرڪن سان مِلائي پيش ڪيو آهي.

اياز مختلف سِرجڻهارن ۽ تخليقڪارن جي تخليقن مان تضمين طور اهڙيون انيڪ سِٽون ترجمو ڪري پنهنجايون آهن، جو سندس اُنهن تضمين طور ڪيل ترجمن تي جدا لکڻ جي ضرورت آهي، جنهن تي هڪ الڳ مقالو لکبو. اياز جي ترجمي جو انداز به ايترو ئي تخليقي ۽ تازگيءَ ڀريو آهي، جو ڪٿي به اُن جي ترجمي جو احساس نه ٿو ٿئي. هڪ بنگالي لوڪ گيت جو ڪيل اياز جو هيءُ ترجمو پڙهو ۽ اُن مان تخليقي حُسناڪي جو ساءُ، سڪون ۽ اصلوڪي ترنم جي سرمستي اوهان به ماڻيو.

هَيا هَيا هَيا، او....

دور وڃي ٿي نَيا،

هَيا هَيا هَيا !

ڪهڙي گھاٽ لڳي، هي نَوُڪا، ڪٿي کُٽي جيون،

ڇڪي پيو اڄ من کي سپني جهڙو سندر ــ بَن:

هَيا هَيا هَيا، او....

دور وڃي ٿي نَيا....

چانڊوڪيءَ ۾ چڙهندي پدما، تِکَ سان وهندي تار،

لُڙهندي لُڙهندي پنهنجي نَوُ ڪا، پهچي ويندي پار،

هَيا هَيا هَيا، او....

دور وڃي ٿي نَيا....

بِن مانجهيءَ منجهڌار مٿان هيءَ نَوُڪا ويندي دور،

ڪنهن ڏورينهين ڏيهه اسان کي ڇِڪي پرينءَ جو پور،

هَيا هَيا هَيا، او....

دور وڃي ٿي نَيا....

ساڳي بَن ۾ مِرگهه به موهي، ساڳي ۾ سَئو واگهَه،

سُک جي سيج به ساڳو جيون، ساڳو ڏک جي ڏاگههَ،

هَيا هَيا هَيا، او....

دور وڃي ٿي نَيا....

پنهنجو جيون آهي پيارا، جل ــ ڌارا تي جوت،

مِٺڙي مِٺڙي ننڊ اسان لئه بڻجي ايندو موت:

هَيا هَيا هَيا، او....

دور وڃي ٿي نَيا....

هَيا هَيا هَيا !

هَيا هَيا هَيا !

                (ڪُلهي پاتم ڪينرو، ص45)

شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي مجموعي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته، هُن جا لوڪ گيت موضوعن جي انفراديت، لفظن جي نِرمل انتخاب، ترڪيبن ۽ تشبيهن جي نُدرت، احساس جي بي ساخته اُڇل، فني تجربن ۽ غَنائيت جي لحاظ کان بنهه ئي نِرالا ۽ موهيندڙ آهن. هُن جي مٿين لوڪ گيتن مان ڪنهن ۾، اوٺين جي مسافريءَ جي مشڪلن، ڏکن ۽ ڏولاون جي تصويرڪشي آهي ته، ڪنهن ۾ ڏُٿ چونڊيندڙ سرتين ۽ سهيلين جا پورهئي ۾ سَرهائي محسوس ڪرڻ جا احساس ۽ رقص جون ڪيفيتون آهن. ڪنهن ۾ برساتي موسم، پرينءَ جي يادن ۽ سانوڻ ٽيج جي رسمن، رنگينين، راحتن ۽ موهيندڙ ماحول جو ذڪر آهي ته، ڪنهن ۾ پيار ڪندڙ دلين جي اُڌمن، اوجاڳن، انتظارن ۽ اوسيئڙن جا جيئرا جاڳندڙ، متحرڪ ۽ مضطرب عڪس آهن. هر گيت ۾ ڪيئي ڪيفيتون آهن، ڪرب، قرار، سانت، سرمستي، وصل ۽ وڇوڙيءَ جون ڪيفيتون، اُن سان گڏوگڏ هر گيت ۾ پنهنجي مڌرتا ۽ موسيقيت آهي، جيڪا پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ تي پنهنجي ڪيف جا قرار ۽ پنهنجي بي قراريءَ جون ڪيفيتون طاري ڪري ڇڏي ٿي.

شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي بنيادي خوبي اُنهن جو لوڪ آهنگ، احساس ۽ نئين نويلي وينگس جي ڇير جي ڇم ڇم جھڙو ترنم آهي. هُن جا لوڪ گيتَ پنهنجن لوڪ روايتن سان سلهاڙيل هجڻ باوجود انفرادي جوهر، خيال جي جدت، احساس جي نرملتا، جذباتي جولان، صوتي سُندرتا، فڪري سلوڻائي، هئيتي تجربن، اظهار جي اَلبيلائي ۽ لفظي رَچاءَ جي اَڇوتائي جي لحاظ کان پڻ موهيندڙ آهن ۽ اُنهن ۾ ترنم، ٻوليءَ جي رَسُ ۽ آزاد اظهار جي جمال جا عنصر اياز جي ٻين شعري صنفن جي نسبت وڌيڪ ۽ نرالي انداز ۾ مِلن ٿا. اُهو ئي سبب آهي، جو لوڪ گيت اياز جي محبوب ۽ مرغوب صنف رهي آهي ۽ هُن پنهنجن شعري صنفن مان سڀ کان وڌيڪ گيتن ۽ لوڪ گيتن ۾، پنهنجي اندر جي ڪيفيتن جا جولان نه صرف آسانيءَ سان اوريا آهن، پر پنهنجن جذبن جون جمالياتي ۽ تخليقي حُسناڪيون پڻ ڀرپوريت سان اظهاريون آهن. 

حوالا

 

1.        آغا، سليم، ”سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُر“، (مضمون ترجمو) ”يورپ ۾ لوڪ گيتن جي روايت“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2011ع، ص108، .109

2.        پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 14.

3.        ميراجی "مشرق و مغرب کے نغمے"، آج کتابيں، کراچی 1999ع، ص440.

4.        ثمينه، ميمڻ، ”ٽه ماهي مهراڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، اپريل، جون 2013ع، ص160.

5.        جالبی جميل، ” کلياتِ ميراجی، سنگِ ميل پبليکيشنز، لاهور، 1996ع، ص1030.

6.        شيخ اياز، ”شاعري ــ 6“، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2010ع، ص1097، 1099.     

7.        آغا، سليم، ”سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُر“، (مضمون ترجمو) ”يورپ ۾ لوڪ گيتن جي روايت“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2011ع، ص110.

8.        حوالو ۽ صفحو ساڳيو.

9.        اَمراڻي، ڀارومل، ”ڌرتي ڳائي ٿي“، (مهاڳ: تاج جويو)، ثقافت کاتو، حڪومتِ  سنڌ، 2017ع، ص21.

10.     شيخ اياز، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، ص146، 147.

11.     جي کرشن، ”ميراں کے گيت“، اداره انيس اردو، الہ آباد، 1959ع، ص12.

12.     شيخ اياز، ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشس، حيدرآباد، 1996ع، ص115.

13.     شيخ اياز، ”شاعري ــ 6“، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2010ع، ص1091، 1092.

14.     برسات، شيخ اياز نمبر، ص9.

15.     شيخ، اياز، (مهاڳ) ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“،، مرتب : مظفر چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1992ع، ص44، 45.

16.     جالبي، جميل، ”کُليات ميراں“، سنگِ ميل پبلی کيشنز، لاهور، 1996ع ص610.

17.     احمد عزيز، شفيق، ”ادب، لوک گيت اور کهانياں“، نيشنل بک فائونڈيشن، اسلام آباد، 1999ع، ص31.

18.       جالبی، جميل، ”کُليات ميراجی“، سنگِ ميل پبلی کيشنز، لاهور، 1996ع، ص893.

19.     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’لوڪ گيت‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ڇاپو ــ 2، 2006ع، ص9.

20.     ايضا،  ص14، 17.

21.     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ٽه ماهي ”مهراڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 3، 4/ 1969ع، ص131.

22.     جنجهي، نور احمد، ”واريءَ تي وَسُ“، سنڌيا پبليڪيشنز، ڪراچي،2018ع، ص140.

23.     امراڻي، ڀارو، ”گيت سانوڻ من ڀاوڻ جا“، نينهن پبليڪيشن، مٺي، ٿرپارڪر، 2004ع، ص7.

24.     جنجهي، نور احمد، ”جاڳَ جا ڀاڳَ آهيون پرين“، ڪنول پبليڪشن، قنبر، 2019ع، ص80، 81.

25.     شيخ اياز، ”وِڄون وسڻ آئيون“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، ص174.

26.     الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1977ع، ص269.

27.     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”لوڪ گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع، ص14.

28.     امراڻي، ڀارو، ”گيت سانوڻ من ڀاوڻ جا“، نينهن پبليڪيشن، مٺي، ٿرپارڪر، 2004ع،ص22.

29.     اَمراڻي، ڀارومل، ”ڌرتي ڳائي ٿي“، (مهاڳ: تاج جويو)، ثقافت کاتو، حڪومتِ  سنڌ، 2017ع، ص21.

30.     پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 16.

31.     سميجو، اسحاق، ”ناو هلي آ گيت کڻي“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2009ع، ص24.

32.     شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1995ع، ص204.

33.     ڄامڙو، ڪمال، ڊاڪٽر، ”سنڌوءَ جا گيت“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2008ع، ص64.

34.     پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 15.

35.     جويو، تاج، ”مان ورڻو هان، مان ورڻو هان“، مارئي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2000ع، ص81.

36.     آغا، سليم، ”صدين جي صدا “، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2005، ص7.

37.     ڄامڙو، ڪمال، ڊاڪٽر، ”سنڌو جا گيت“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2008ع، ص277.

38.     سميجو، اسحاق، ”ناو هلي آ گيت کڻي“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2009ع، ص36، 37

39.     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

40.     سميجو، اسحاق، ”ناو هلي آ گيت کڻي“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2009ع، ص31.

41.     جويو، تاج، ”سنڌي گيت“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1980ع، ص53.

42.     شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1995ع، ص204.

43.     رياض، فہميده، "حلقہ مري زنجير کا"، انسٹيٹیوٹ آف سندھيا لوجی، يونيورسٹی آف سندھ، جام شورو، 1979ع، ص ــ ه.

44.     شيخ، اياز، ”نثر ــ 2“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص695.

45.     شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1995ع، ص94، 95.

46.     آغا، سليم، ”سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُر“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2011ع، ص21.

47.     آغا، سليم، ”صدين جي صدا “، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2005، ص7.

48.     سومرو، ادل، ڊاڪٽر (مرتب)، ”ڳالهيون شيخ اياز جون“ (مضمون: شمس الدين عرساڻي)، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، 2010ع، ص40 .

49.     رياض، فہميده، "حلقہ مري زنجير کا"، انسٹيٹیوٹ آف سندھيا لوجی، يونيورسٹی آف سندھ، جام شورو، 1979ع، ص ــ و.

50.     شيخ، اياز، ”شاعري ــ 6“، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2010ع، ص809.

51.     ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1978ع، ص12.

52.     عباسي ظفر، ”سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2007ع، ص168.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org