سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:16 

اياز جي پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان اُنسيت

’سنڌ‘ اياز جو عشق هئي ۽ ’اياز‘ سنڌ جي عاشقي، اُهو ئي سبب آهي، جو بار بار هُو پنهنجن تحريرن ۽ تخليقن ۾ چوندو رهيو آهي ته، ”هيءَ سنڌ سدائين رهندي. اُن تي سِج اُڀرندو ۽ لَهندو. رُڳو مون جيئن اُن کي ڏِٺو آهي، مون سان مَري وڃڻو آهي. مان اُن مشاهدي کي پنهنجي ’آءُ‘ مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ اُن کي لِکيل لفظن ۾ اَمر ڪري پنهنجي جندڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو چاهيان. مون اُن ۾ اُتر جون اوتون به ڏٺيون آهن ته، پن- جهڙ ۾ ڦيراٽيون کائيندڙ پَن به ڏِٺا آهن ۽ اُن جي لڱ ڪانڊاريندڙ سيءَ جا سياٽا به ڏٺا آهن. منهنجي اکين اڳيان ڪرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا موريا آهن ۽ ٽوهه ــ وَليون ٽهڪيون آهن. مون ڏٺو آهي ته جڏهن وِڄون وَرن ٿيون ته ڪيئن ڌمامين، ڌڌڪار ٿئي ٿو. ٿر جا ٿوهر ڦلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن اُڀيون ڪري اُن جي آجيان ڪن ٿا. مون سنڌ جون لال لوئين واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن ۽ اُن جا ڪونڌر به ڏٺا آهن. مون ڏِٺيون آهن گُهرج جي گهاڻي ۾ پيڙيل، ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل، نِپوڙيل نِستيون جِندڙيون ۽ اُنهن جا سارا پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ ۽ اُهو سارو ناسور، جو سنڌ جي رَڳ رَڳ مان چِڪي رهيو آهي. مون سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽُٻيون هنيون آهن ۽ اُن جي مستقبل ڏانهن اُڏاڻو آهيان ۽ ڪنهن اَڻ ٿڪ ڪاتار وانگر مون اُڻيا آهن سپنا، سنڌو تي اُڀرندڙ سج جا سُنهرا سپنا...“(8).

اها سنڌ ڪعبو به، ڪاشي به آ
چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمن
جڏهن ’ڪُن‘ چيائون، اسان کي ملي
اُها ئي ته ڌرتي، اُهو ئي ته ڌن!.

 

شيخ اياز جي ’سنڌ‘ سان وابستگي وقتي، جذباتي ۽ خيالي نه آهي، جيڪا دريائي لهر جيان گهڙيءَ پل لاءِ اُڀامي ۽ پوءِ اُجهامي ويندي آهي، پر هُن جي وابستگيءَ ۾ فڪري، تاريخي ۽ تهذيبي سچائيءَ سان گڏ جڙ جي مٽيءَ سان مضبوط ۽ اڻ ٽٽ رشتي واري صداقت به شامل آهي، تنهن ڪري هن جي شاعري انيڪ سياسي، سماجي ۽ فڪري تحريڪن ۽ تبديلين مان گذرڻ کان پوءِ به پنهنجي مٽيءَ جي سڳنڌ سان واسيل ۽ ماڻهوءَ جي موهه ۽ انساني آجپي جي قدرن سان سلهاڙيل رهي آهي.

هر عظيم ۽ آدرشي شاعر جيان اياز به سڀ کان پهريان پنهنجي ڌرتي، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ماضيءَ جي شاندار، فڪري ۽ تهذيبي روايتن جو امين شاعر آهي، ڇو ته هن ڄاتو ٿي ته، جنهن وڻ جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ اونهائيءَ تان پيهي ويل نه هونديون آهن، اهو وڻ وقت جي طوفانن سان سينو ساهي نه سگهندو آهي. ان کي وقت جا واچوڙا ئي پاڙئون پَٽي کڻي پٽ تي اڇلائيندا آهن. اياز پنهنجي دؤر جو گهڻ پڙهيو، گھڻ پُرجهيو ۽ اهو يگانو ڪوي هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه فقط مشرق ۽ مغرب جي فڪر کي سنڌ جي لوڪ ورثي، حب الوطنيءَ جي جذبي ۽ تهذيبي شعور، قديم ديو مالائي تصورن، تصوف جي سرمدي ۽ سر مستي رمزن، جديد سياسي، سماجي، نظرياتي، ادبي ۽ سائنسي شعور ۽ ان کان علاوه ٻوليءَ جي خوبصورت نُدرتن ۽ نزاڪتن ۽ عالمي انساني قدرن جي اهڙين نين روشنين سان آراسته ڪيو آهي، جو انهن جي جوت عرصي تائين ٻاٽ ۾ لاٽ جيان جرڪندي رهندي.

اياز پنهنجي دؤر جي هر دقيانوسي روش ۽ رسم جي خلاف هو. هُن پنهنجن ڪوتائن ۾ موهه ۽ ماڻهپي جي فڪر جي مٽي ٻيهر ڳوهي آهي. هن نه صرف سنڌي شاعري جي گيڙوءَ رتن رنگن ۾ وڌيڪ رونقن ۽ راحتن جا رنگ ڀريا آهن، پر ان کي سرخ ۽ انقلابي رنگن سان به آشنا ڪيو آهي. اياز جي شاعري فن ۽ فڪر جو انوکو شاهڪار آهي. هو سنڌ جي تاريخي ۽ تهذيبي شعور جو شاعر هو. مونس اياز جي لفظن ۾، ”اياز سچ جو پارکو، سچو پچو ديش ڀڳت، اوڌگابرو ساميوادي، وجودي ۽ وحدت الوجود جي فڪر جو طالب ۽ انهن کان مٿانهون موهن جي دڙي جو ماڻهو ۽ سنڌ جو عاشق هو. اياز باغي، انقلابي، انسان پرست ۽ صوفي هو ۽ اول آخر هڪ سنڌي هو. سندس ڪلام ۽ فڪر کي مِلائي ڏسجي ته، تضادن جي اِيڪائيءَ تي مشتمل هڪ جدلياتي اِيڪائي مِلندي ۽ هڪ خيال ڪُل ٺهندو“ (9). ۽ اياز جو اُهو ’خيالِ ڪُل ۽ ڌرتيءَ سان اِنتها درجي جو اُنس ۽ عشق ئي آهي، جيڪو انسان دوستي، عالمي ۽ آفاقي قدرن سان اياز جي تعلق ۽ رشتي کي نه فقط ڳنڍي ۽ مضبوط ڪري ٿو، پر منجهس اُها سگهه ۽ سُرت به پيدا ڪري ٿو، جو هُو بنا ڪنهن جهجڪ جي چوي ٿو.

اَڄ ته چَئي ڏي، اَڄ ته چَئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان
منهنجو ڪوئي ديس نه آهي، منهنجو ديس جهان،
منهنجو ڪوئي نانءُ نه آهي، مان آهيان انسان.

(ڀونر ڀري آڪاس، 1995ع، ص173)

 

 اياز جي شاعريءَ ۾ پيار ۽ محبت جي پَچار

 

رواجي ۽ روايتي نظامَ ۽ سرشتا اڪثر گُهمنڊي، کوکلا ۽ تنگ نگاهه ماڻهو پيدا ڪندا آهن، جن جي ذهنن ۽ ضميرن جون دريون گھڻو ڪري پوريل هونديون آهن. هُو پوري زندگي پاڻ پڻي جي خول ۾ گُذاري، مِٽيءَ ۾ مِٽي ٿي ويندا آهن، پر عظيم ۽ آدرشي ماڻهو روايتي راهن ۽ مُروج مُرده نظامن کي ٺُڪرائي، زندگيءَ جي روشن راهن کي اَپنائڻ سان گڏوگڏ ٻين لاءِ سُک، اَمن، آزادي ۽ آجپي جا خوبصورت خواب کڻي جيئندڙ هوندا آهن. هُو پنهنجن ذاتي مفادن بدران قومي ۽ انساني قدرن کي اوليت ڏيندڙ ۽ اجتماعي آجپي جا پاسدار ٿيندا آهن. اِتهاس جي اهڙن اَڏول ۽ اَمر انسانن ۾، ڪي ماڻهو ته بنهه ئي بي مثال هوندا آهن، ڇو ته جيڪا حاصلات هُو پنهنجي ملڪ، قوم ۽ اُن سان گڏوگڏ پوري انسان ذات کي ڏئي ويندا آهن، اُها حاصلات ايتري ته نِرالي ۽ اَملهه هوندي آهي، جيڪا ڪنهن ٻي انسان هٿان ناممڪن هوندي آهي. اُها اَملهه ۽ لاڀائتي حاصلات ڪا جسماني ۽ ڌن دولت جي نه هوندي آهي، پر اُها انساني شعور ۽ دانشمنديءَ جي دنيا سان لاڳاپيل ۽ خالص تخليقي ۽ ادبي قِسم جي هوندي آهي.

شيخ اياز پڻ پنهنجي ڌرتي ۽ ديس واسين کي پنهنجي ڏاهپ ۽ ڏات جو اهڙو ئي اَملهه سرمايو پنهنجن بي مثل ڪوتائن جي صورت ۾ اَرپو آهي، جنهن ۾ محبت، اَمن، حب الوطني، انسان دوستي، آزادي ۽ مزاحمت جي موضوعن کان علاوه زندگيءَ جا ٻيا اَنيڪ مامرا ۽ مسئلا موجود مِلن ٿا. 

Life without love is meaningless. Love was born even before mankind was born and it still exists in all kinds of organism, including humans. Though love is expressed in various forms and between different relationships, eternal love is accomplished between a man and a woman. Love is one trait that never diminishes as long as you give it to others and keeps on growing. The beautiful thing about love is that you just need to plant it once and nurture it and it shall bloom into blossoms that would cover the valleys...  (10)

شيخ اياز لاءِ ساري ڌرتي هڪ وطن جيان آهي ۽ اُن جو چَپو چَپو هُن جي دل ۾ ڪنهن ساهه جيان ڌڙڪندڙ آهي. هُو هر قِسم جي ظلم، نا انصافي، بَر بريت ۽ استحصال خلاف هو، پوءِ اُهو ظلم ۽ زيادتي ڀل لينن گراڊ تي حملي جي صورت ۾ هُجي يا جابر هِٽلر جي وَحشي نازي فوجين جو ننڍڙي ايني فرانڪ (Anne Frank) تي ذهني ۽ روحاني تشدد جي صورت ۾هُجي. اُها تيرنهن، چوڏنهن سالن جي معصوم ايني فرانڪ، جنهن جي سڄي خاندان کي نازي فوجين بي درديءَ سان قتل ڪيو هو ۽ هوءَ ڪنهن ڳجهيءَ جاءِ تي لِڪي پوڻ ڪري بَچي وَئي هُئي. هُن پنهنجي ڊائريءَ ۾ نازي فوجين جي اُنهن ڪلورن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي پڙهي لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي. هُن جي ثابت قدمي ۽ سُچيتائي قابلِ داد آهي. دنيا جي ڪَٺورتا ۽ سَفاڪي ڏسي کيس لمحاتي طور توڙي جو ٿوري مايوسي ٿئي ٿي، پر تُرت ئي هُن جي رَجائيت پَسندي، هُن ۾ محبت ۽ اَمن ۾ وِيساهه پيدا ڪري ٿي. هوءَ لِکي ٿي: 

I see the world being slowly transformed into a wilderness; I hear the approaching thunder that, one day, will destroy us too. I feel the suffering of millions. And yet, when I look up at the sky, I somehow feel that everything will change for the better, that this cruelty too shall end, that peace and tranquility will return once more”. (11)

شيخ اياز جو شاعراڻو مَن به ڪنهن ڪونج جيان انسانن جي دُکن ۽ دردن تي ڪوڪي ۽ ڪرلائي ٿو. ايترو ئي نه، پر جڏهن ڌرتيءَ تي موجود ڪنهن وڻ ۾ به جيڪڏهن ڪوئي واڍو ڪَرٽ وجهي ٿو يا ڪنهن ڪنڌيءَ تان ڪو ڪانهن ڪَپجي ٿو، تڏهن به اياز جي دل مان درد ڀري دانهن نڪري وڃي ٿي ۽ هُن جي اظهار جي چپن تي بي ساخته هيءَ صدا ٻُرڻ لڳي ٿي: 

 

جنهن تي به ٿيو، جنهن وقت ٿيو، جنهن جاءِ ٿيو،
سو مون تي ظلم ٿيو آهي.
ڪا ٻانهن وڍي، مون دانهن ڪئي، جو ڪانهن ڪپيو،
سو منهنجي ڪنڌيءَ جو آهي.
ڪوئي به ڪُٺو، جيڪو به ڇرو جنهن تي به هليو،
سو منهنجي رت رتو آهي.
                        (وڄون وسڻ آئيون، ص138)

 

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ انسان دوستي

”زندهه قومون ۽ اُنهن جا سماج پنهنجي پنهنجي فڪري ڌارائن جي اَمرت جي آڌار جيئندا، وڌندا ۽ ويجهندا آهن. اُها فڪري امرت ڌارا ڪنهن فيلسوف جي متحرڪ فڪر يا ڪنهن شاعر جي آدرشي شاعريءَ منجهه پورتڻا جي حد تائين مؤجزن نظر ايندي آهي. اُها ئي ڌارا شعور جي پالوٽ سان، اُڃيارين آتمائن کي سيراب ڪري، نئين دؤر کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻجندي آهي... شيخ اياز (جديد دؤر ۾) سنڌي سماج جو اُهو اڪيلو ڪوتاڪار آهي، جنهن پنهنجي سگهاري فڪر ۽ آدرشي شاعريءَ وسيلي نه رڳو پنهنجي سماج کي، پر ڀرپاسي وَسندڙ ٻين سماجن کي پڻ متاثر ڪيو. ...شيخ اياز سنڌ کي رڳو ادب ۽ شاعريءَ ذريعي نُدرت ۽ جدِت سان واقف نه ڪرايو، پر هُن پنهنجن لفظن کي عمل جي مُعجزن سان سَلهاڙي، سنڌ جي مِڙني دردن ۽ مصيبتن ۾، ساڻس ڀاڱي ڀائيواري ڪئي ۽ ڪنهن قدر اُنهن مصيبتن مان ڇوٽڪارو ماڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.....اياز رڳو هڪ قوم نه، پر پوري ننڍي کنڊ، بلڪ دنيا جو هڪ روشن ذهن قلمڪار هو. هُو بنيادي طرح سان ننڍي کنڊ جي ترقي پسند تحريڪ جي صفِ اول جي اهڙن قلمڪارن مان هو، جن زندگيءَ جي لطافتن کي نه رڳو ڪنهن حسين پِروليءَ وانگر سَليو، پر اُن پِروليءَ جو اصل گَسُ به سمجهايو. اَڄ ننڍو کنڊ جنهن عالمي ڀائپيءَ واري دڳ ڏانهن وِک وڌائي رهيو آهي، اُن جي نينڍ اڌ صدي اڳ اياز ۽ اُن جي ساٿين ڏِني هُئي“ (12).

اياز جي شاعري جتي فڪر ۽ فن جي حوالي سان منفرد ۽ نرالي آهي، اُتي اُن ۾ موضوعاتي وُسعت ۽ نُدرت پڻ ڪمال جي مِلي ٿي. هُن وٽ محبت، حُب الوطني ۽ مزاحمت سان گڏوگڏ فطرت پرستي ۽ انسان دوستيءَ جو فڪر ۽ فلسفو پڻ متاثر ڪندڙ انداز ۾ نظر اچي ٿو. سچ ته، ’اُنس ۽ انسان‘ هُن جي شاعريءَ جو، نه رڳو مَحور ۽ مرڪز آهن، پر اَنو راگ پرڪاش جي راءِ وانگر ’انسانيت‘ ئي هُن جو موهه به آهي، ته مذهب به. 

The world will become a peaceful place if we all realize the simple fact that there's no religion better or greater than humanity. (Anurag parkas Ray)

تڏهن ئي ته اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ چوي ٿو:

 

عشق تنهنجو اياز آهي انسان،
هو چوَن ٿا ته تون ناهين ايمان ۾.
                (ڪي جو ٻيجل ٻوليو، 1970ع، 76)

 

شيخ اياز جي انسان دوستي، ترقي پسندي، عالمي اَمن ۽ روشن خيالي، جنهن جو ذڪر ۽ فڪر اياز جي شاعريءَ جي جان آهي، توڙي جو اُنهن سڀني قدرن جو محور ۽ مرڪز، اياز جي وطن پرستي يعنيٰ ’پهريان خويش پوءِ درويش‘ واري قول ۽ مَتي مان ڦُٽي نڪري ٿو، پر اياز جنهن آدرشي انسان جو پنهنجي شاعري ۾ احساساتي خاڪو ۽ تصور پيش ڪيو آهي، اُهو نٽشي جي فوق البشر (SUPER MAN) ۽ اقبال جي مَردِ مومن کان بنهه ئي مختلف ۽ نرالو آهي. اياز جي شاعريءَ جو انسان مِٽيءَ جي خمير مان ڳوهيل، تهذيبي ۽ تاريخي شعور جي ضمير سان زنده هڪ متحرڪ ۽ معروضي حقيقت رکندڙ سچائي آهي. اياز جي اظهار ۽ ابلاغ ۾ عصري شعور ۽ معروضي حالتن جي حقائق جو روح اوتيل آهي، اُنهيءَ ڪري اياز جي شاعري پروپينگنڊه ۽ نعري بازي کان پري ۽ مصنوعي خيال آرائيءَ کان مٿانهين آهي.

اُن حوالي سان اياز جو شارح امير علي چانڊيو پنهنجي مقالي ۾ لِکي ٿو، ”اياز جي انسان دوستي ڪا خلا ۾ لڙڪيل شيءِ نه آهي، نه ئي اُها ڪا غير مرئي شيءِ آهي، جنهن جو ٺوس بنياد نه هجي. اياز جي انسان دوستيءَ جو تصور، متحرڪ تصور آهي. اياز جو فڪر ڌرتي ۽ ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن مان جلا حاصل ڪري ٿو ۽ گرد و پيش جي مادي حقيقتن کي داخلي ڪيفيتن سان هم آهنگ ڪري ٿو. هُو غمِ زندگي بجاءِ غمِ دوران کي ترجيع ڏئي ٿو. اياز ذاتي غمن ۽ سورن جو روئڻو نه ٿو روئي، پر اجتماعي مسئلن کي کڻي ٿو“(13).

        شيخ اياز جي شاعري مذهبي ڇوت ڇات کان اُتم ۽ مٿانهين آهي. هُو ڌرم ۽ ڌن جي بنيادن تي هر وڙهي ويندڙ ويڙهه ۽ جنگ جو، نه فقط مُنڪر ۽ مخالف آهي، پر اُن سان سخت نفرت به ڪري ٿو، جنهن جي جهلڪ سندس هِن شاهڪار نظم ۾ پَسي سگهجي ٿي.

 

        هي سنگرام!

        سامهون آ

        نارائڻ شيام!

        هن جا، منهنجا

        قول به ساڳيا

        ٻول به ساڳيا

        هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي، پر

        منهنجا رنگ_ رتول به ساڳيا

        ڍٽ به ساڳيو

        ڍول به ساڳيو

        هانءُ به ساڳيو

        هول به ساڳيو

        هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!

        هن کي گولي ڪيئن هڻان مان!

        ڪيئن هڻان مان

        ڪيئن هڻان مان

        ڪيئن هڻان مان!

(وڄون وسڻ آئيون، ص37)

       

جنگ کان ڪِراهت، اَمن ۽ انسان سان محبت جي موضوع تي سِرجيل اياز جو هيءُ علامتي نظم پنهنجي فڪري وجود ۾، نه صرف عالمي اَمن ۽ ڀائيچاري جوهڪ مثال آهي، پر اُن ۾ مذهبي مت ڀيد کي وِسارڻ ۽ انساني اُنس ۽ آجپي کي اَپنائڻ جو انوکو درس پڻ موجود آهي. هِن نظم ۾، هڪ طرف انساني اخوت جي ڳالهه آهي ته، ٻئي طرف معاشري ۾، اَمن ۽ ڀائيچاري لاءِ هڪ شاعر ۽ سِرجڻهار جي ادا ڪيل ڪردار جو سوال آهي، ڇو ته اُهو اديب ۽ شاعر ئي هوندو آهي، جيڪو قومن ۽ انسانيت جو حقيقي سَفير ٿئي ٿو.

هِن نظم ۾، ’نارائڻ شيام‘ هڪ اهڙي اَمن پسند ۽ بي قصور فرد جي علامت آهي، جيڪو جنگ و جدل جي زد ۾ اچي، هڪ گوليءَ جي نشاني تي آيل آهي. ٻئي طرف هڪ ’شاعر‘ جنگي جوان جي علامت آهي، جنهن جي هٿ ۾ بندوق ته آهي، پر اُن جو سِينو، محبتن جي روح سان ڌڙڪي رهيو آهي. هُن جي هٿ ۾ جَهليل بندوق ڪنهن بي گناهه جو خون ڪرڻ نه ٿي چاهي، پر جڏهن هڪ پنهنجو ئي هم وطن، هم زبان ۽ معصوم انسان ’نارائڻ شيام‘ اچانڪ سندس تاڻيل بندوق جي اڳيان اچي ٿو وڃي، تڏهن جنگي سپاهي (شاعر) جون بندوق جي ٽرائيگر تي رکيل آڱريون ڪَنبڻ ٿيون لڳن، ۽ هُو سوچڻ ٿو لِڳي، هِن ڪبوترن جهڙو جيءُ رکندڙ ڪوتا ڪار ’نارائڻ شيام‘ جو آخر قُصور ڪهڙو آهي؟ هِن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟.

هُن ته سدائين ڪوتائن جي ڌرتيءَ ۾، محبتن ۽ اَمن جا گُلاب پوکيا آهن. هُو ته سدائين سرحدن جي پابنديءَ کان بي پرواهه ٿي، آزاد پنڇين جيان ڪوتائن جي آڪاش ۾ اُڏاميو آهي. هُن ته اَبابيلن جهڙي ڪومل نيڻن ۾، سدائين سُک ۽ سُندرتائن جا سَپنا ڏٺا آهن. هُو نفرتن ۽ جنگين جو حامي نه آهي، پر پيار ۽ آجپي جو سِرجڻهار آهي، پر پوءِ به هُن جو قصور ڪهڙو آهي؟ هُن جو قصور ....... قصور ....... ق .... ص.... و ..... ر.... ڪهڙو .....؟ ۽ ائين نظم جا آخري لفظ، ’گولي ڪيئن هڻان مان....؟ ڪيئن هڻان مان......؟  جي ورجاءَ سان جنگي سپاهيءَ (شاعر) جي ذهن ۾، پڙاڏي وانگر گونجڻ ٿا لڳن ۽ اُن جي زورائتي پڙادي جي نتيجي ۾ ڄڻ ته هُن (شاعر) جي هٿ ۾ جهليل بندوق به هيٺ ڪِري ٿي پوي.

ائين اُهو نظم ڪلائيميڪس تي پهچي ٿو. نظم جو ڪلائيميڪس، نه فقط پڙهندڙن جي جيءَ کي جهنجهوڙي وِجهي ٿو، پر جنگ جي حامين ۽ اَمن جي ويرين لاءِ دل ۾ دَٻيل نفرت ۽ غُصي کي پڻ تيلي ڏئي ڀَڙڪائي ڇڏي ٿو، نتيجي ۾ ڌَرم جي نالي ۾، ڌُنڌوڙي، نام نهاد ڌرمي ۽ انسان جي خون جا پياسا، روڳي ۽ ٺوڳي مفادن جا پوڄاري انتها پرست، اياز تي ’مُلحد ۽ ديش دروهي‘ جا بُهتان مَڙهي، هُن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏن ٿا، پر هُو هِنن وِڇون نما ’لاٺڙين ۽ ساٺڙين‘ جي زهريلي لفظي ڏنگن کان ڪڏهن به ڏَري نه ٿو ۽ پنهنجي ’سچ‘ تي هماليه جيان ثابت قدم بيٺو رهي ٿو.        

        اهڙيءَ ريت اياز جي شاعريءَ ۾، اهڙا ٻيا ڪيترائي گيت، غزل، بيت، وايون ۽ نظم موجود آهن، جيڪي سنڌ جي دردن ۽ دانهُن سان گڏوگڏ عالمِ انسانيت جي آواز جو دلسوز عڪس ۽ اولڙو پيش ڪن ٿا، جن مان ’آزاديءَ جي راهه ۾، هان مان ڏوهي هان، قرطبه، ويٽنام آزاديءَ جي راهه تي، ڪاڇي جو هاري، مزدور جي ٻار جو گيت، فاشيءَ جو موت، او ڊاير، پوڙهو باغي، ٿري ٻار جو گيت، بودليئر، ويڙهاند کان پوءِ، چي گويرا جو موت ۽ فلسطين جو گيت‘ وغيره نمايان آهن.

شيخ اياز جي شاعريءَ جي فڪري وِشالتا ۽ فني نُدرتن کي پَسڻ ۽ پُرجهڻ کان پوءِ وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته، اياز صرف موجوده صديءَ جو وڏو شاعر نه ئي، پر صدين جو سِرجڻهار به آهي.”جيئن اڍائي صديون گذرڻ کان پوءِ به ڀٽائيءَ جي عظمت ۽ اهميت برقرار آهي، تيئن اياز ايندڙ صدين ۾ به زنده رهندو، ڇو ته اياز ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي“ (14).

اياز جي ڌرتيءَ سان اُنس ۽ عالمي احساسات جي فڪري حوالي ۾ جيڪو گِهرو سُٻنڌ آهي، اُهو رڳو اُٻهري جذبات، ذهني تجسس ۽ فڪري تلاش ۽ تشنگيءَ جو نتيجو نه آهي، پر اُهو اياز جي پنهنجي دؤر جي سياسي، سماجي، اقتصادي، ادبي، تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي حالتن جي صداقتن ۽ بين الاقوامي حالتن جي اُٿل پُٿل ۽ تبديلين جي باريڪ تجزيي تي مبني آهي. توڙي جو شيخ اياز سياستدان نه هو ۽ نه ئي سياست سان سڌيءَ ريت سندس ڪائي خاص عملي وابستگي هئي، پر اُن جي باوجود هُو سياسي بصيرت ۽ سياسي شعور جو مالڪ هو. هُو تاريخ جي جدلياتي عمل، سائنسي ۽ سماجياتي شعور سان گڏ قومن جي عروج ۽ زوال جي اِتهاس کان پڻ پوري طرح آشنا هيو، اُنهيءَ ڪري اياز جي شاعري، نه فقط سنڌ جي معاشرتي فڪر ۽ تهذيبي اِتهاس جو آئينو آهي، پر اُها عالمي اَمن، ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر جو ڀرپور ادراڪ رکندڙ ۽ احساس پيش ڪندڙ آهي.

 

حوالا

1. شيخ اياز، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ساهت سڀا پبليڪيشن، الهاس نگر، 1987ع، ص53.

2. www.brainyquote.com/quotes/topics/peace   

3. چانڊيو، امير علي، ”شيخ اياز جي شاعري هڪ مطالعو“، ڪتاب: ’ويا جي هنگلور‘،(مرتب: ستار)، (سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، 1999ع، ص191.

4. شيخ اياز، ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد،1986ع، ص19.

5. ايضا، ص45، 46.

6. شيخ اياز، ”ساهيوال جيل جي ڊائري“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1986ع، ص151.

7. شيخ اياز، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1986ع، ص51.

8. ايضا، ص21.

9. سومرو، ادل ، ڊاڪٽر (مرتب)، ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، 2001ع، ص112.

10. www.searchquotes.com/quotes /Love

11. www.brainyquote.com/quotes/peace

12. شيخ، انعام، ”مهراڻ شيخ اياز نمبر“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2005، ص5، 6.

13. چانڊيو، امير علي، ”شيخ اياز جي شاعري هڪ مطالعو“، ڪتاب: ’ويا جي هنگلور‘، (مرتب: ستار)، (سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، 1999ع، ص223.

14. جويو، تاج، ”مان ورڻو هان، مان ورڻو هان“، مارئي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2000ع، ص7.

شيخ اياز تي ٿيل تنقيد ۽ ڪجهه حقيقتون

 

اُهو اتهاس جو الميو آهي يا وقت جي سِتم ظريفي، جو غير روايتي ۽ غير رواجي ماڻهو هميشه روايتي ۽ رواجي دؤرن ۾ پيدا ٿيا آهن، ۽ اُهي وقت جي وڏين ڀوڳنائن ۽ حالتن جي ڀونچالن مان گذري، پَچي ۽ پَڄري پنهنجي منزلن تي پُڳا آهن. اُها انهن دؤرن سان گڏ اُن دؤر ۾ رهندڙ ماڻهن جي پڻ خوش نصيبي آهي، جو اُنهن کي اهڙا عظيم ماڻهو نصيب ٿيا. اُهو حضرت محمد صلعم هجي يا حضرت عيسى ع، گوتم ٻُڌ هجي يا ڪنفيوشس، گليلو هجي يا ليونارڊو ڊاونچي، افلاطون هجي يا سقراط، پال گاگين هجي يا وان گوگ، بُلا شاهه هجي يا شاه لطيف، سچل سرمست هجي يا شيخ اياز، اُهي سڀئي هڪ لحاظ سان معمولي، رواجي، رسمي ۽ سينواريل تلاءَ جهڙن سماجن ۾، جنم وٺندڙ غير معمولي ماڻهو هئا، اُن ڪري ئي اُهي پنهنجن دؤرن ۾، متحرڪ ۽ روشن سج ٿي اڀرڻ سان گڏوگڏ ايندڙ دؤرن لاءِ به سَهائي ۽ سوجھري جي علامت رهيا آهن.

”تاريخ گواه آهي ته، ڪڏهن به جبر و ستم ۽ رسم و رواج جي ماٺي پاڻيءَ زندگي پيدا نه ڪئي آهي. هر دؤر ۾ اهڙي انسان جي ضرورت آهي، جو اُن ۾ پٿر اُڇلائي، وِلوڙا پيدا ڪري. زندگيءَ جو مدار اُنهيءَ تحرڪ تي آهي، جو هڪ انوکو ۽ اَڙٻنگ انسان پيدا ڪري ٿو. اُنهيءَ زندگيءَ جي واسطي هر قوم کي ڪي جوکا کڻڻا پوندا آهن ۽ اُن کي ڪُفر ۽ بغاوت کي ڪجھ جاءِ ڏيڻي هوندي آهي. جي اُن کي زنده رهڻو آهي ته، اُن کي اُهو جوکو ضرور کڻڻو آهي.“ (1)

شيخ اياز سنڌي ادب ۽ خاص ڪري سنڌي شاعريءَ جو هڪ وڏو حوالو ئي نه، پر هڪ زنده تاريخ ۽ روشن دؤر آهي. هُن جون تحريرون ۽ تخليقون سنڌي شعر ۽ ادب جو هڪ اهڙو مها ساگر آهن، جنهن مان اڃان انيڪ فڪر ۽ فن جا ناياب گوهر دريافت ٿيڻا آهن. جيئن جيئن وقت گذرندو، پرهه ڦٽيءَ جي سورج جي ڪِرڻن وانگر دنيا تي، اياز جي شاعريءَ جون حقيقتون ۽ حُسناڪيون عيان ٿينديون وينديون. اُهو منهنجو وشواس آهي، ڇو ته اياز سنڌ ۾ ڀٽائيءَ کان پوءِ اُهو سِرجڻهار آهي، جنهن جي سِٽن ۾، صدين جون صدائون ۽ صدائن ۾ صدين جي جوت ۽ جياپي جو ساهس محسوس ٿئي ٿو.

 

روڪ جي روڪي سگھين

سڏ کي ڪي هڏ ناهن

جو اهي ٽوڙي سگھين!

آءٌ جو آواز آهيان

زندگيءَ جو راز آهيان

ٿو وڃان مان دؤر تائين

موڙ جي موڙي سگھين!

وقت، جو درياه آهي

روز و شب پائي رهيو آ

پير پنهنجا کوڙ جي کوڙي سگھين!

ڪنهن مٿان بندوق تاڻين ٿو ميان!

ڇا نه ڄاڻين ٿو ميان؟

سج تنهنجي وس ناهي

تاءُ تنهنجي وس ناهي

واءُ تنهنجي وس ناهي

سوچ جو ڦهلاءُ تنهنجي وس ناهي

وقت سرڪش آ ازل کان

سِرُ اِنهيءَ جو ڦوڙ جي ڦوڙي سگھين!.

                         (رڻ تي رم جھم، ص76)

 

اياز اُهو سُچيت قلمڪار ۽ ڪوي آهي، جنهن جي فڪر ۽ فلسفي، نه صرف سماجي تحرڪ ۽ تبديليءَ ۾ نمايان ۽ مؤثر ڪردار ادا ڪيو آهي، پر هُن جي شاعراڻي ڏات ۽ فني نُدرتن سنڌي شاعريءَ کي اظهار جو انوکو اُفق ۽ ڪمال جو تخليقي ڪئنواس به عطا ڪيو آهي. قومي جاڳرتا هجي يا ترقي پسند فڪر جو ڦهلاءُ، امن ۽ آزادي جي جدوجهد، سماجي تبديلي ۽ آجپي جي اُپٽار هجي يا شاعراڻي فن جون نفاستون، زندگيءَ جي خوبصورتي هجي يا محبت جي حُسناڪي، شيخ اياز جو قلم ۽ ڪردار اُنهيءَ سلسلي ۾ هميشه انوکي حيثيت جو حامل رهيو آهي.

 

پوهه به پنهنجا ڦوهه، سُڃ نه وانجهي سونهن کان،
ڪونه لِڪايا ڪنجري، ڪارا نيڻ ڪڪوهه،
 توڙي لهسيو لوهه، ته به جوڀن جرڪي مُنڌ جو.
                          
     (وڄون وسڻ آئيون، ص75)

 

شيخ اياز پنهنجي محبوب تخليقڪار ڪازان زاڪس (kazant zakis) لاءِ لِکيو آهي ته، ’هُن جو فن هُن جي تلوار به آهي ته، صليب به‘ ۽ ساڳي ڳالھ خود اياز جي پنهنجي شاعريءَ لاءِ به چئي سگھجي ٿي، ڇو ته اُها سڄي زندگي، هُن لاءِ عذاب ۽ اذيت جو سبب به رهي ته، اُنهيءَ کيس عظمتن جي بلندين تي به رَسايو. اُن کيس ڀَڳو، ڀُوريو ۽ ٽُوڙيو به، ته وري جوڙي جوالا به بڻايو. اُها هُن جي شاعري ئي هئي، جنهن سچ جو مچ مچائي، اوچي محلن ۽ ماڙين تائين بغاوت ۽ مزاحمت جو احساس ۽ آواز پهچايو. اياز پنهنجي شاعريءَ سبب جيترو ڀوڳيو آهي، سنڌ ۾ اُن کان اڳ شايد ڪنهن سِرجڻهار سان ائين ٿيو هجي ۽ اُن پنهنجي آواز ۽ اظهار ڪارڻ ايترو سَٺُو ۽ لوڙيو هجي.

هُن جي شاعريءَ جي ٻن ڪتابن، ’ڀونر ڀري آڪاس‘ تي 1964ع ۽ ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ تي 1968ع ۾ پابندي مَڙهي وئي. اُن کان علاوه محمد ابرهيم جويي ڏانهن لِکيل سندس ادبي خطن جي مجموعي، ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ساڳي ئي سال 1968ع ۾ بندش وڌي وئي. سچائيءَ جي آواز بلند ڪرڻ جي ڏوهه ۾، ڪيئي ڀيرا کيس جيل ڀيڙو ڪيو ويو، توڙي جو هُو سواءِ مجيب الرحمن جي پارٽي عوامي ليگ کان سواءِ باضابطه طور نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو ڪارڪن هو ۽ نه ئي سڌيءَ ريت ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان سندس ڪوئي عملي تعلق هو. يقينن مختلف دؤرن ۾، نظرياتي ۽ فڪري طرح سندس لاڙو مختلف قوم پرست، وطن دوست، ترقي پسند ۽ روشن خيال ڌرين سان رهيو، جنهن ڪري سزائون ۽ صعوبتون سدائين سندس تعاقب ۾ رهيون. هُو اهڙو سِرجڻهار هو، جنهن کي محبت، امن ۽ انصاف جي ويري ۽ آمريت نواز اَنڌن هميشه پنهنجي جندڙي جھڙي ’سنڌڙيءَ‘ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾، ڏُکائيو، اَذيتون ۽ اَهنج ڏنا.

اياز پنهنجي ’ساهيوال جيل جي ڊائريءَ‘ ۾ لِکي ٿو ته: ”مان آمريت کان نفرت ڪندو آهيان ۽ نه اسٽالنسٽ آهيان ۽ نه ٿي سگھان ٿو، نه وري مان ڪنهن به سياسي/انقلابي پارٽيءَ جو ميمبر آهيان، پر هڪ شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾، منهنجو قومي ۽ بين الاقوامي سياست سان ايترو واسطو آهي ته، مان انسان ذات جي تاريخ ۽ تقدير کان باخبر رهان ۽ پنهنجي هر تخليق ۾ اُهي قدر اپنايان، جن ۾ پنهنجي ديس سان گڏ پوري انسان ذات جي ڀَلائي هجي....هر سچو شاعر سماجي شعور ۾ ولوڙا وجھندو آهي. هُو پنهنجي چوڌاري دنيا جي شعور مان پنهنجا نتيجا ڪڍندو آهي. هُن جا همعصر، جي ڪجھ خيالن ۽ تصورن جا عادي هوندا آهن، هُن جي نوَن خيالن تي پوسرجندا آهن، جن کي هُو ڪنهن طوفان جي اڳڪٿي سمجھندا آهن، جا هِنن جي ساريءَ دنيا کي ڪَکَ پَنَ وانگر اُڏائي ڇڏيندي. هر عظيم شاعر جو وجود اناالحق جو آواز ۽ دارو رسن جي آزمائش کي دعوت آهي“(2).

بدقسمتيءَ سان هر جينئس وانگر اياز، نه رڳو زندگي ڀر متنازع رهيو، پر موت پُڄاڻان به اختلاف ۽ تضاد سندس ائين تعاقب ۾ رهيا، جيئن دنيا ۾ سارتري ۽ سقراط، پڪاسو ۽ مينڊل اسٽام، گليلو ۽ گوتم ٻُڌ، دوستوفسڪي ۽ والٽيئر، شوپنهار ۽ فرائڊ، لينن ۽ مارڪس ۽ ٻين اهڙن انيڪ سُڄاڻ ۽ سُچيت ماڻهن جي پويان تضادن ۽ تعزيرن جو طوفان برپا رهيو آهي.

شيخ اياز پنهنجي فڪر توڙي فن ۾، هڪ مڪمل آرٽسٽ، انسان دوست، ترقي پسند، روشن خيال، محبِ وطن، اَمن پرست ۽ آزادي پسند ماڻهو هو. هُن پنهنجي جيون سفر ۾، جيترو به ڀوڳيو، جيترو به هُن مخالف ۽ طاقتور قوتن سان مُهاڏو اَٽڪايو، ايترو سندس همعصرن مان شايد ئي ڪنهن جهيڙو، ڀوڳيو ۽ برداشت ڪيو هجي. هُن هميشه پنهنجي اظهار جي آزادي ۽ آدرشن جي پاسداريءَ ۾، ڪيتريون دوستيون وِڃائيون ۽ دشمنيون پلئه پاتيون، پر گهڻو ڪجهه وڃائڻ باوجود، اياز پنهنجي سچائي ۽ ثابت قدميءَ سان، ’هُو چوَن ٿا، هيئن چئه، مان چوان ٿو ائين نه چوندس‘ تي سدائين اَٽل ۽ قائم رهيو، ۽ اُها ئي هُن جي وڏي خوبي هئي، جنهن کي ڪجهه ڌريون سندس وڏي خامي سمجهن/ تصور ڪن ٿيون.

هُو هميشه پنهنجي دل جي دَڳَ تي هَليو. هُن پنهنجي ساڃهه ۽ سُرت جي چيچ پڪڙي، زندگيءَ جا اوکا ۽ اَڙانگا پنڌ به ڪيا، پر هُن ڪڏهن به ڏاڍ ۽ جبر اڳيان سيس نه جُهڪايو. هُو پنهنجي فڪري وجود ۾، اَرڏو ۽ سراپا سرڪش هو، اُنهيءَ ڪري هُن نه فقط پنهنجي شاعريءَ ذريعي ڪيترائي ’لات ۽ منات‘ ڊاهي ڍير ڪيا، پر عملي طرح سڄي زندگي امنِ عالم، انسان دوستي، ترقي پسندي ۽ روشن خياليءَ جي رَندن ۽ پنڌن جون مسافتون ڪندي، اکين ۾ آزادي ۽ انقلاب جا خواب کڻي زندهه رهيو. ڌرتي، آرٽ، آزادي ۽ انسان دوستيءَ سان اياز جو نرالو نينهن هو. هُو نه صرف پنهنجي فڪر ۽ عمل ۾ انقلابي هو، پر پنهنجي فن ۽ تخيل ۾ پڻ تغير پسند ۽ ڪمال جو تخليقي سِرجڻهار هو.

”اديب، جي انقلاب جو حامي آهي ته، هُن جي فني اسلوب ۽ مواد تي ڪائي پابندي نه وڌي وڃي، ڇو ته آزاديءَ کان سواءِ فن اُنهيءَ ٻوٽي مثل آهي، جنهن کي هوا کان محروم رکيو ويو هجي“.(3).

آمريڪا جي سيبتي ليکڪ ۽ ’مان آزادي چونڊي‘ (I choose freedom) ناول جي تخليقڪار هاوَرڊ فاسٽ (Howard Fast) جي هاڪاري ناول اسپارٽيڪس تي آمريڪا جي ڪميونيسٽ پارٽي ڪنهن دؤر ۾ روڪ ٽوڪ رکي هئي، جنهن جي نتيجي ۾، هاوَرڊ فاسٽ ڪميونيسٽ پارٽي کي خير آباد چئي، پنهنجي تحرير ۽ تخليق سان نِيهُن ۽ ناتو نڀايو هو. اُن عمل سان نقصان هاورڊ جو نه، پر اُن پارٽيءَ جو ٿيو هو، جنهن هڪ تخليقڪار جي پرندن جھڙي فني پرواز جا پَرَ ڪٽي، اُن کي سرحدن جو باندي بنائڻ ٿي چاهيو. هڪ تخليقڪار جو تخيل ته هوائن جيان آزاد هوندو آهي، جي اُن کي ڪن سرحدن ۾ مُقيد ڪبو، ته اُن جو ڪنول جيان ٽِڙيل، سَرهو ۽ مُرڪندڙ مَنُ مُرجھائجي ويندو.

”شاعر جي ڪائنات هڪ انقلابيءَ جي دنيا کان وڌيڪ وسيع هوندي آهي....آرٽ، انقلاب جو ذريعو نه، پر اُها خود پنهنجو پاڻ مقصد آهي... ڪو به عظيم آرٽسٽ ڪنهن به عظيم انقلابيءَ جو همسفر ته ٿي سگھي ٿو، پر پنهنجي فن جي دنيا ۾، هُو ڪنهن به انقلابيءَ جي نظرين جو پابند نه آهي. اهڙي پابندي، آرٽ ۾ ٿوري وقت لاءِ ته جان پيدا ڪري سگھي ٿي، پر انت اُن جو موت آهي. ٽالسٽاءِ، ترگنيف، گوگول ۽ دوستوفسڪي، لينن، جي بالشيوزم کان اڳ جي پيدائش ها ۽ اُهي گورڪيءَ کان وڏا تخليقڪار آهن“ (4).    

 اياز سان فڪري ۽ نظرياتي اختلاف رکڻ جو حق، هر باشعور ۽ سُڄاڻ فرد جو سماجي ۽ فڪري حق آهي، ڇو ته صحتمند اختلافَ ئي سگهاري سوچ کي جنم ڏيندا آهن ۽ سگهاري سوچ بهتر سماج جي تشڪيل ڪندي آهي، پر افسوس جو، اياز کي سدائين انتهائن جو شڪار بڻايو ويو. سندس شاعري تي تنقيد ۽ اُن جي تجزئي بدران هُن جي ذات کي لوئيو ويو. هُن سان فڪري ۽ نظرياتي اختلاف رَکي، سُرت ۽ ساڃاهه جي راهه اپنائڻ بدران ذاتي بغض ۽ وِيرَ پاڙِيا ويا. ڇَسي انائن ۽ هٺ ڌرمي جي جنگ جوٽي وئي. هڪ سازش تحت تنقيد جي آڙ ۾، ذاتي رنجشن جي آڳ اوڳاڇي مٿانئس تهمتن ۽ الزامن جي تيرن جي بارش برسائي وئي. سندس هيرن جھڙين ڪوتائن کي نظر انداز ڪري، سطحي قِسم جي بُهتانن جي بازار گرم ڪئي وئي. اُهو ئي سبب آهي، جو اياز اُن پرمتڙي ۽ مَسهو ٽولي سان مخاطب ٿي چيو: ”تون ٺِڪر جي ٿانو ۾ پي رهيو آهين، مان توکي بلور جي صاف ڪوزي ۾ مي آڇيان ٿو. تون منهنجي مي کان ڇِرڪين ٿو، ڇو ته تون اُنهيءَ بيٺل تلاءَ جي پاڻيءَ تي هِري ويو آهين. توکي اُهو ٻاڙو پاڻي گھر ويٺي مِلي ٿو، تنهن ڪري تون اُها تڪليف به نه ٿو وٺين ته، تون اُهو شفاف جھرڻو ڳولي لهين، جنهن جي ڀر تان تنهنجا وڏا ڪجھ صديون اڳ لڏي آيا هئا. مون اُنهيءَ ساڳي جھرڻي جي پاڻيءَ تي انگور جون وليون پوکي، اُنهن جي ميوي جي رَسُ مان هيءَ مي جوڙي آهي. تون اُنهيءَ مان چُڪي چَکِي ڏِسُ، شايد اُها توکي اَمر ڪري ڇڏي“(5).

”هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو
ڪجھ ڏات ڏسو پوءِ بات ڪريو،هي شور اجايو آ پيارا....!.“
                                       
   (وڄون وسڻ آئيون، ص50)

 

شيخ اياز سان، اُن جي زندگي کان وٺي سندس موت بعد توڙي اڄ تائين جن ڌرين اختلاف رکيا آهن، اُنهن جي جيڪڏهن ٿلهي ليکي ڳڻ ڳوت ڪنداسين ته، اُهي مجموعي طور تي ٽن قِسمن جا ماڻهو نظر ايندا. هِڪڙا اُهي آهن، جن کي اياز جي شاعريءَ جو فڪر ۽ فلسفو، جرئت ۽ جدت پنهنجن طئي ٿيل محدود معيارن ۽ ماپن سان مطابقت رکندڙ محسوس نه ٿي، نتيجي ۾ اُنهن پنهنجي تنگ نّظري ۽ محدود ذهنيت جو مظاهرو ڪندي، اياز کي غير اسلامي، ديش دروهي، باغي، مُلحد قرار ڏئي، مٿس ڪافر هجڻ جون فتوائون مَڙهيون. ٻيا اُهي قومپرست ۽ ترقي پسند چوائيندڙ ۽ مختلف تحريڪن سان لاڳاپيل ماڻهو آهن، جن کي اياز جي شاعريءَ جي سَڏَ ۽ پڙاڏي، شعوري وسعتن کان وٺي روح جي گھرائين تائين ڇُهيو ۽ متاثر ڪيو. اُنهن لاءِ اياز جي شاعري هڪ مَچ هئي، جنهن تي ڪنهن وقت اُنهن پتنگن جيان رقص ٿي ڪيو. جنهن وقت اياز جي گيتن ۽ نظمن، ’مان ڏوهي ها، مان ڏوهي ها، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ، سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو، سَهندو ڪير ميار او يار...۽ سنڌُ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان مان، مِٽي ماٿي لايان مان‘ جي گونج ٿي گونجي، تنهن پل اُنهن سڀني ماڻهن ۾ ڄڻ ته منصوري روح ٿي جاڳي پيو ۽ استبدادين ۽ استحصالين جي ڪوٽن جا ڀاري بُرج لُڏڻ ۽ ڪَنبڻ ٿي لڳا. 

سَٺِ واري ڏهاڪي ۾، شيخ اياز تي بنياد پرستن جيڪا باهوڙ ۽ بُهتان بازي ڪري، اقتداري حلقن جي آشيرواد سان سندس ڪتابن، ’ڀونر ڀري آڪاس، ڪلهي پاتم ڪينرو ۽ جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي بندشون وجھرايون ۽ کيس جيل ياترائن سان گڏ شهر بدريون ڪرايون. اُن وقت اُن عمل جي قوم پرست، ترقي پسند ۽ مِڙني سُڄاڻ ادبي ۽ ساڃاهه وَند ڌرين ڀرپور مزاحمت ۽ مذمت ڪئي. غلام محمد گرامي، ’مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات‘ جھڙو پُرمغز مقالو لِکيو ته، رسول بخش پليجي، ’اَنڌا اُونڌا وِيڄ‘ جھڙو ڪتاب لِکي، بنياد پرستن کي اهڙو آئينو ڏيکاريو، جنهن سان سندن ٺَپ ئي ٺَري ويا. اُن کان علاوه ابراهيم جويي، رشيد ڀٽي، اِبنِ حيات پنهور، ۽ ٻين کوڙ سُڄاڻ قلمڪارن اياز جو عملي ۽ علمي ساٿ ڏئي، سندس تحريرن ۽ تخليقن جو، نه رڳو دفاع ڪيو، پر رجعت پرست قوتن سان مُنهن مقابل ٿي، اُنهن سان نه صرف جهيڙيو، پر علمي دليل ڏئي، کين مُنهن ٽوڙ جواب پڻ ڏنا.

ايوب جي مارشالا هجي يا ون يونٽ جي تحريڪ، اياز جي شاعري باهه تي پيٽرول وارو ڪم ۽ ڪردار ادا ڪيو آهي. اُن هڪ پاسي ڌرتي واسين ۾، پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ جذباتي ۽ شعوري سگھ پيدا ڪئي ته، ٻي طرف نوجوان نسل ۾، سنڌ سان آدرشي محبت ۽ عشق جو احساس اُجاگر ڪيو، جنهن جو اعتراف ڪندي، عبدالواحد آريسر پنهنجي هڪ لِيک ۾ لِکيو آهي ته: ”اُها اياز جي مزاحمتي شاعري هئي، جنهن مون جھڙي ڪمزور ماڻهوءَ ۾ فولادي سگھ پيدا ڪئي. اُها ئي شاعري اُن کان اڳ هزارين نوجوانن کي ميدان ۾ آڻي، ون يونٽ جو قهري ڪوٽ ڪيرائي چڪي هئي. اياز جي مزاحمتي شاعريءَ جو ڪمال اُهو آهي ته، اُن ۾ پُرجوش لهجي، خوبصورت لفظن ۽ بي پناه آهنگ سان گڏ نفيس ۽ نازڪ جماليات به آهي، جنهن سنڌ جي قومي تحريڪ کي انارڪيءَ کان روڪيو. اُها حقيقت پنهنجي جاءِ تي آهي ته، سنڌ جي قومي تحريڪ ۾، اِنتشار ۽ ’ڪِرائيم‘ جو زور اُنهن سالن ۾ وَڌيو، جن سالن ۾ اياز کي قومي تحريڪ کان الڳ ڪيو ويو“ (6).

اُهي ماڻهو، جيڪي اياز کي فڪري طور پنهنجو مرشد ۽ روحاني رهبر چوندا هئا ۽ محفلن ۾ سندس اُٿي آڌرڀاءُ ڪندا ۽ سندس چَرنن ۾ ويهڻ پنهنجي سعادت سمجھندا هئا، اُنهن اڳتي هلي اياز تي الزامن ۽ تهمتن جي بوڇاڙ ڪئي. بقول جامي چانڊيو، ”اُهو شيخ اياز، جيڪو قومي تحريڪ جو روح سمجھيو ويندو هو، جنهن بغاوت جا گيت ڳاتا هئا، جنهن جي لفظن ۾ ايتري سگھ هئي، جو اُهي بند اَسيرن جا ذهن کولي ٿي سگھيا ۽ سندن ضميرن جا زنگ ٿي لاٿا، اُهو باغي اياز، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو ته، قوم پرست مٿس ڪاوڙجي پيا ۽ هُو سندن عتاب جو شڪار ٿيو“(7).

دنيا ۾ اهڙن لاتعداد شاعرن، اديبن ۽ دانشورن جا مثال موجود آهن، جيڪي وڏن انتظامي عهدن تي رهيا آهن. اُنهن کان انسان جي ناتي انتظامي ڪار وهنوار ۾، ڪي ڪَميون ڪوتاهيون به ٿيون آهن. پوءِ اُهو چِليءَ جو ناميارو شاعر پبلونرودا (1904ــ1973) هجي، جيڪو وڏي عرصي تائين رنگون، جاوا، بارسيلونا ۽ پئرس ۾، چِليءَ جو سفير رهيو يا بنگال جو ڀٽائي، رابندرناٿ ٽئگور (1861ـــ1941)، جنهن بنگال جي قومي شاعر هجڻ سان گڏ شانتي نڪيتن يونيورسٽي جي سربراهيءَ جا فرائض پڻ سرانجام ڏنا. دنياِ ادب جي اتهاس ۾، اهڙا اَنيڪ شاعر ۽ تخليقڪار مِلندا، جن جي زندگي، انتهائي رواجي، روايتي ۽ زماني سازي واري رهي آهي. غالب ۽ فردوسي درٻاري ۽ اُمراءَ جا پگھاردار شاعر هئا، ڪولرج، ڪافڪا، عمرخيام، فيض ۽ اقبال پياڪ ۽ عمر ڀر مي جا متوالا رهيا.

ائين ئي سيفو، سقراط، سارتر، جيمس جوائس، مِيراجي، منٽو، آسڪر وائلڊ ۽ ماياڪوفسڪي جي ذاتي زندگي ڪَمين، ڪوتاهين ۽ انساني ڪمزورين سان ڀريل رهي آهي، پر اُن کي بنياد بڻائي، اُنهن جي علمي ۽ ادبي حيثيت کان ڪڌهن به انڪار ڪونه ڪيو ويو. جڏهن ته اُن جي برعڪس اياز سان هر دؤر ۾، مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن جون سندس فڪر ۽ ڏات جي بنياد تي سدائين عداوتون عروج تي رهيون آهن. ڪڏهن ساڄي ڌُرِ جون صعوبتون ته، ڪڏهن کاٻي ڌر جون رنجشون، ڪڏهن دشمن نما دوستن جون دشمنيون ته، ڪڏهن دوستن جون ويساهه گھاتيون ۽ ائين هُو زندگي جي بغداد ۾، عمر ڀر منصور وانگر، نه رڳو پَراون جي پٿرن جو نشانو بڻيو، پر هُن پنهنجي شبلي جھڙن رُفيقن جي رنجشن ۽ رقابتن جي پٿرن جا زخم پڻ پنهنجي سيني تي سَٺا.

 

لوڪ جا پٿر ڪجھ به نه شبلي!
تنهنجو گُل ته ڀاري هو........!

 

مختلف وقتن تي مختلف گروهن ۽ ڌڙن طرفان، اياز جي ڏات، پورهئي ۽ شاعراڻي فڪر ۽ فلسفي کان، نه رڳو مُنهن موڙيو ويو، پر پنهنجي انوکي فڪر ۽ فن جي شاعراڻي اظهار جي موتين سان سنڌي ادب جا جھول ڀريندڙ، هِن سِرجڻهار کي ڪيترين ئي تهمتن جو نشانو بڻائي کيس اڪثر تنها ۽ اڪيلو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي .

اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،

 آزاد هوا ڇا ٿيندي آ.

اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،

 پرواه بنا پر ڪيئن هوندا،

آزاد هوا ڇا ٿيندي آ....!.

                  (رڻ تي رم جھم، ص19)

 

دنيا جي ٻين اَنيڪ ڏاهن ۽ مَن موجي ماڻهن جيان اياز جو الميو به اُهو هُيو ته، هُو لڪير جو فقير نه، پر ڀٽائيءَ جي سِٽَ، ’لوڪ وَهي لهوارو، تون وَهج اُوڀار‘ جو عملي ۽ فڪري پيروڪار هو. هُن ڪڏهن به پنهنجي آرام ۽ آسائش لاءِ نه جھيڙيو، پر هُو سدائين پنهنجن آدرشن ۽ آرٽ لاءِ لڙيو. اُن حوالي سان هُو پنهنجي ترم ياترا ۾ لِکي ٿو ته: ”ٻيا اقتدار لاءِ وِڙهي رهيا آهن، پر مان آرٽ لاءِ وِڙهي رهيو آهيان. منهنجي شاعري اڳڪٿي آهي، جا اڄ نه سُڀان، ڪڏهن نه ڪڏهن پوري ٿيڻي آهي. منهنجا خواب موجوده حقيقت جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهن، ممڪن آهي ته، جڏهن اُهي حقيقت جو روپ وٺن، تڏهن مان نه هجان، پر جي مان اُن جدوجهد ۾ ماريو وڃان يا مَري وڃان ته، منهنجي زندگي سَجائي ٿيندي“ (8).

پهرين دؤر ۾، ’مُلائي انتهاپسندي‘ سندس اظهار، احساس ۽ شاعراڻي جماليات جي وِيري رهي ته، ٻي دؤر ۾، قومي تحريڪ ۽ سَن جي سيد جي، ’ڏِنگا ٻار چوائيندڙن‘ جي اُٻهرائيءَ ۽ اِنتهاپسنديءَ اياز کي اِيذائيو. جيڪڏهن رُجعت پسندن اياز جي ڪتابن تي بندش وِجھرائي کيس قيد ۽ بند تائين رَسايو ته، ڪجهه ’قوم پرست جيالن‘ سندس شخصيت ۽ ذات کي لوئي، سنڌ جو قومي ترانو سڏجندڙ وائي، ’سنڌُ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سِيسُ نِمايان مان‘ تي، نه فقط بندش وِجھرائڻ جهڙو ڀورڙائيءَ جو ڪم ڪيو، پر اُن جي نعم البدل لاءِ استاد بخاري، نياز همايوني، ابراهيم منشي ۽ راشد مورائيءَ کان ’سنڌ جو قومي ترانو‘ لِکرائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي، جيڪا ڪوششن جي باوجود بي سود رھي.

ٻي طرف کاٻي ۽ ترقي پسند ڪوٺائيندڙ ڌُرِ، جنهن ڪنهن وقت اياز جي دفاع ۽ سندس شاعريءَ جي تشريح ۽ ترويج ۾، چڱو پاڻ موکيو ۽ ملَهايو هو، پر اياز جي شاعراڻي احساس ۽ فڪري بَدلاءَ جي اُٿل جڏهن پاسو بَدلايو، تڏهن اُهي رفيق ئي سندس رقيب بڻجي پيا. اُهو اياز، جنهن جي شاعري جي فڪري، فني ۽ جمالياتي قدرن جي تشريح جي حوالي سان وڏيون وِيهڪون، مُذاڪرا ۽ سيمينار منعقد ڪيا ٿي ويا. جنهن کي انقلابي، عوامي ۽ باغي شاعر چئي، ’لطيف ثاني‘ جا لقب ڏنا ٿي ويا. اُن ئي شيخ اياز جي شاعريءَ کي مُدي خارج، مَصلحتي ۽ مُلائيت جو پَرچارڪ ڪوٺي، مُسترد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اياز کي ’اياز‘ بڻائڻ جون دعوائون ڪيون ويون. ڪوڙي اَنائن جي تسڪين خاطر، اياز سان ٻين شاعرن جي موازني ۽ مقابلي جو سلسلو شروع ڪيو ويو، پر اياز ڪڏهن به، ڪنهن ’سيڻ‘ توڙي ’ويڻ‘ ڏيندڙ کي پنهنجي سِرِ، نه ڪائي موٽ ۽ ميار ڏني، نه ئي وري ڪڏهن اُنهن اَجائي ۽ عَبث جي شڪوه شڪايتن ۾ پنهنجو وقت وِڃايو. بس هُن فقط ڀاري دل سان ايترو ئي چيو:

 

اسان تي اِلزام، آنــــدا جَـــڳ جِيئـــڻ جـــا،
جن جي روز جواب ۾، جَرڪيا منهنجا جام،
الا ڪڏهن عام، رَسندا منهنجي روح کي.

                                           (ڀونر ڀري آڪاس ص13)

اياز سان اختلاف رکندڙ، ٽيون سندس اُهو همعصر اديب ۽ قلمڪار لَڏو هو، جيڪو هُن جيترو ’هم اَثر‘ نه هو ۽ ’پِروفيشنلي‘ ساڻس حَسد ۽ ساڙ رکندڙ ۽ ذاتي طور تي کانئس رُٺل هو ۽ مٿانئس وقت بوقت پٿر وَسائيندو رهيو. چوندا آهن ته، سونهن پنهنجا چاهيندڙ ۽ مداح پيدا ڪندي آهي، پر اُها به حقيقت آهي ته، اُها ئي سونهن پنهنجا دشمن ۽ وِيري به جنميندي آهي. اياز جي شاعري پنهنجا عاشق ۽ واهرو به ٺاهيا ته، وِيري ۽ دُشمن به جام پيدا ڪيا. پر اياز سدائين پنهنجن ويرين توڙي واهروئن کي اُهو ئي چيو ته:

 

آءٌ تنهنجي دؤر جو آهيان آئينو،
ڪڍي جي ڪِينو، مون کي ڏسين پاڻ کي.
....

مان جو تنهنجي دؤر جو آئينو آهيان،
ڪيڏو ٿو چاهيان، مون ۾ ڏسين پاڻ کي.

 

شيخ اياز ڪٿي لِکيو آهي ته: ’جي هڪ اديب جو همعصر، هُن جيترو هم اثر نه آهي ته، هُو اُنهيءَ اديب جو دشمن ٿيندو‘ ۽ اياز جا همعصر، جيڪي ادبي کيتر ۾، هُن جيترا هم اثر ۽ سگھارا نه هئا، اُنهن سندس خلاف جيئري توڙي مُئي پُڄاڻان خوب زهر اوڳاڇيو. ڪن جُڙتو ۽ فرضي نالن سان هُن خلاف مضمون لِکيا ته، ڪن ٻين کي مَڇرائي پنهنجون ڪَسرون ڪڍڻ ۾ وَسان ڪين گھٽايو.

شيخ اياز هڪ سگھاري شاعر سان گڏ هڪ انسان هو. انسان هُجڻ ناتي، هُن ۾ ڪجهه خوبيون به هونديون ته، منجھس چند خاميون به، پر اُنهن مِڙني چڱائين لڱائين باوجود هُو هڪ غير معمولي تخليقڪار ۽ سچو پچو ديس ڀڳت هو، جنهن پنهنجي وطن ۽ ديس واسين جي سُک ۽ سوراج خاطر زندگيءَ ۾ تمام گهڻيون عقوبتون، اذيتون ۽ ڀوڳنائون ڀوڳيون ۽ الزام تراشيون برداشت ڪيون، پر ’ڪڏهن به سُون تي سِيڻ نه مَٽايا‘. تڏهن ئي تاج جويي چيو آهي ته، ”اياز بحيثيت شخص، سياسي فيصلن کي سمجھڻ ۽ پرکڻ ۾ ضرور غلطي ڪئي هوندي، پر اياز بحيثيت شاعر ماحول سان مَصلحت نه ڪئي آهي“ (9).

شيخ اياز سان فڪري، نظرياتي ۽ ذاتي حوالي سان ڪو به اختلاف ڪري سگھي ٿو، اُهو اُن جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي، پر مختلف ڌُرين طرفان هُن سان وقت بوقت جيڪي تنازعا ۽ تضاد پيدا ڪري، مٿس مختلف تُهمتون هڻي، کيس لوئيو ويو، اُنهن جو بنياد سچ ته آدرشن ۽ اصولن کان وڌيڪ هَٺ ڌَرميون ۽ اَنائون هُيو.

اياز مٿين سموري روئداد کي پنهنجي هڪ شعر جي سِٽَ ۾، ڏاڍي تُز ۽ سِيبتائي انداز سان هِن ريت بيان ڪيو آهي ته، ’هُو چوَن ٿا هِيئين چَئه، آءٌ چوان ٿو اِئين نه چوَندس..‘! اياز جي هيءَ سِٽَ، نه رڳو سندس فنڪارانه اندر جي پُر درد پڪار آهي، پر اُن سِٽَ جي احساساتي فڪر ۽ فلسفي ۾، برصغير جي مُني صديءَ جي سياسي ۽ فڪري الميئي جو احساس به سمايل آهي.

شيخ اياز گھڻ پڙهيو ۽ گھڻ پهلوئي شاعر ۽ سِرجڻهار هو. هُن جي ڏات ۽ حيات ڍنڍ جي بيٺل پاڻيءَ وانگر نه هئي، پر آبشار جيان سدا شفاف، تازي ۽ متحرڪ هئي. اُهو ئي سبب آهي، جو سنڌي شاعريءَ ۾ ڀٽائيءَ کان پوءِ سنڌي سماج تي، جنهن ڪوتاڪار پنهنجا گهڻ رُخا اَثر ڇڏيا آهن، اُهو شيخ اياز ئي آهي. هُن نه صرف پنهنجي همعصر ادبي لڏي جي اڪثريت تي، پنهنجي فن ۽ فڪر جا ديرپا اَثرَ ڇڏيا آهن، پر اُن سان گڏوگڏ نوجوان ٽهيءَ تي پڻ هُن جي خيالن، فڪر، فن ۽ اسلوب جا گِهرا اَثرَ واضح نظر اچن ٿا.

جيئن آبشار ــ ڌارائون پنهنجا گَس ۽ پِيچرا پاڻ ٺاهينديون آهن، تيئن سِرجڻهار ۽ فنڪار به پنهنجي اندر جي آبشار ڌارائن ۾ پُرڪيف ۽ يگانو ٿيندو آهي. ڀٽائيءَ جي سموري شاعري مختلف ڪيفيتن، ڪردارن، فلسفن ۽ فڪرن جا عڪس ۽ اولڙا پيش ڪندڙ آهي. اُن ۾ محبت به آهي ته، بغاوت به. وِحدانيت به آهي ته، وجوديت به. تصوف به آهي ته، انقلابيت به. ويڳاڻپ به آهي ته، واهر ۽ ڀَرجھلائي به. عشق به آهي ته، ايثار به. فِراق ۽ وصل به آهي ته، جُهد، وفا ۽ وِيراڳ به.

ساڳيءَ ريت اياز جو شاعراڻو فڪر ۽ فلسفو به مختلف موضوعن ۽ ڪردارن جي ڪيفيتن جي گوناگونيت سان مالامال آهي. اُهو هڪ ئي وقت، فلسفي ۽ فڪر جي جِدت رکندڙ به آهي ته، باڪمال فن ۽ انوکي احساساتي اظهار جو مظهر به، پر الميو اُهو آهي ته، سندس شاعريءَ جو گھڻي قدر فڪري ۽ نظرياتي مطالعو ته ڪيو ويو آهي، پر هُن جي شاعريءَ جي فني نُدرتن ۽ جمالياتي پهلوئن تي بنھ ئي تمام ٿورو ڪم ٿيو آهي.

هڪ طرفي تجزئي ۽ تعريف، اَڌوري ڇنڊ ڇاڻ ۽ ڌُريائتي تاويلن ۽ تشريحن جو نتيجو اُهو نڪتو آهي، جو اياز کي ڪن ڪڏهن پنهنجو فڪري رهبر بڻايو آهي ته، ڪڏهن ڪن وري نظرياتي ۽ ذاتي اختلافن سبب کيس مسترد پئي ڪري ڇڏيو آهي.

 اُن حوالي سان نور احمد ميمڻ پنهنجي هڪ لِيک ۾ لِکي ٿو ته، ”پنهنجي زندگيءَ جي سڄي سفر ۾، شيخ اياز ٻنهي طرفن کان انتهائن جو شڪار بڻيو. پهرين دؤر ۾، مُلاڻڪي انتها پسندي، سنڌ ۾ انسانيت نوازي جي اُنهن صدائن ۽ سچائين کي سُڃاڻي ڪونه سگھي ۽ ٻي دؤر ۾، ترقي پسندن جي اِنتها پرستي هِن جي فطرت نوازي ۽ خدا پرستيءَ کي برداشت ڪري ڪونه سگھي. شيخ اياز جو پهريون دور، اديب (تخليقڪار) جو آهي ۽ پويون دور، عالِم ۽ مُفڪر واري حيثيت جو آهي. ٻنهي دورن ۾، سماج سان اَٿاھ وابستگي ۽ فطرت جي ترجماني ڇوليون هڻندڙ آهي. هُو پهرين دؤر ۾، اديب (تخليقڪار) جي حيثيت ۾، فطرت ۽ زندگيءَ جو اهڙو مبصر هو، جيڪو ڪنهن به فڪر جي ڳئون بڻجي، ڌرتيءَ کي پنهنجن سِڱن تي کڻڻ بجاءِ فطرت ۽ زندگيءَ کي ڀرپور نموني اظهاريندو رهيو، بعد واري دؤر ۾، هُن پنهنجو قدم اڳتي وڌائي، عالِم ۽ مُفڪر واري حيثيت ۾، هڪ وِيچارڪ ۽ سُڌارڪ بڻجي، سنڌ جي صوفياڻي شعور سان رشتو جوڙي ورتو. هُن فطرت سان گڏوگڏ زندگيءَ جي اَبديت واري پهلوءَ کي به نروار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح سالن جي محسوسات واري سفر جي سڀني حاصلاتن کي سامهون رکي، زندگيءَ جي اصل منزل کي نشانبر ڪيو. ڪوتاھ بين ماڻهن پنهنجي ئي سوچ جي دائري ۾ رهي، شيخ اياز جي اُنهيءَ عمل کي واپسي (فڪر جو زوال) سمجھڻ شروع ڪيو ۽ فتوى جي اهڙي اُٻهرائيءَ وقت ايتري تڪليف به نه ورتي، جو هُو اياز جي اُنهيءَ عمل کي، سنڌ ۾ صدين کان سِرجندڙ صوفياڻي شعور سان ڀيٽ ڪري وٺن“ (10).

ادب توڙي زندگيءَ ۾، فڪر ۽ نظرئي جي اهميت ۽ اَفاديت کان ڪوبه اِنڪار ڪري ڪونه ٿو سگھي، پر اُهو به سچ آهي ته، ادب کي آرٽ ئي حقيقي دوام بخشيندي آهي. شِيخ اياز جي شاعري، جيڪا پنهنجي وجودي جوهر ۾، فن ۽ فڪر جو حسين سنگم ۽ شاهڪار آهي، جڏهن اسان اُن تي مطالعاتي نگاھ وجھون ٿا، تڏهن اُن جي فڪري ۽ نظرياتي پهلوئن تي ته، جهجھو اڀياس ۽ تنقيدي مواد ملي ٿو، پر سندس شاعريءَ جو فني ۽ جمالياتي پاسو جھڙوڪر وِساريل ۽ نظر انداز ٿيل ٿو محسوس ٿئي. اُن جو سبب اُهو آهي، ته، سَتر ۽ اَسي واري ڏهاڪي ۾، ۽ اُن کان پوءِ به اڪثر ڪري سندس شاعري کي نظرياتي پسمنظر ۾ ڏِسڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

جيڪڏهن قوم پرستن اياز جي شاعريءَ کي پسند ڪيو آهي ته، گھڻو ڪري قومي ۽ انقلابي انداز ۽ آواز سبب، ۽ جيڪڏهن ترقي پسندن سندس شاعريءَ کي اَپنائيو آهي، تڏهن به صرف فڪري لاڙن ۽ رُجحانن ڪارڻ. جيڪڏهن بنياد پرستن اياز جي شاعريءَ جي ڪڏهن مخالفت ۽ ڪڏهن حمايت ڪئي آهي، تڏهن اُن جا ڪارڻ به نظرياتي ۽ فڪري رهيا آهن. نتيجي ۾ اياز جي شاعريءَ جا نظرياتي ۽ فڪري پاسا ته، ڪنهن حد تائين نِروار ۽ اُجاگر ٿيا آهن، پر سندس شاعريءَ جي فني سگھ ۽ احساساتي حُسناڪي ۽ حقيقت، تنقيد ۽ تجزئي جي پرک ۽ پروڙ کان محروم رهي آهي، اُن لاءِ قصور وار ڪنهن کي ڪوٺجي؟

اُن سلسلي ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لِکي ٿي ته، ”اُنهيءَ (نظرياتي) ويڙھ ۾ دشمنن (مخالفن) ته ٺهيو، پر دوستن به اياز جي اُنهيءَ قوت (فني سونهن) کي ڪونه پرکيو. اُن جو پورو احساس رکندي به، اُن جي مَڃتا ڪانه ڪئي ۽ نه ئي اُن کي اُجاگر ڪيو ۽ ائين هُو، ’نظرياتي شاعر‘ واري ترڪيب مان به صرف، ’نظرياتي‘ وڃي بيٺو، ’شاعر‘ پسمنظر ۾ هَليو ويو. اُهو نقصان مخالفن جو ڪونه هو، پر سندس پنهنجو ۽ پنهنجن دوستن جو هو، جن کيس محض پنهنجن نظرين کي اڳتي وڌائيندڙ جي حيثيت ۾ وڌيڪ ٿي ڀانيو، پر جڏهن هُو اُنهن جي نظرين خلاف ڳالهائڻ لڳو ته، سندس مخالفت ڪيائون“ (11).

شيخ اياز پنهنجي علمي پختگي، تجرباتي بصيرت ۽ شاعراڻي وجدان سبب سدائين پنهنجي راهن ۽ رَندن جو مسافر رهيو، نتيجي ۾ عمر ڀر ٻه طرفي انتهائن، عداوتن ۽ اختلافن سان کيس مُنهن مقابل ٿيڻو پيو. پنهنجن جي بي رُخين، حالتن جي ستم ظريفين ۽ زندگيءَ جي ٻين انيڪ تلخين اياز جي ابابيلن جھڙي دل تي ڪنهن لمحي اهڙي دُکائڪ احساس کي جنميو، جيڪو سندس لفظن جي نيڻن مان لڙڪن وانگر لَڙي پوي ٿو.

آءٌ اڪيلو سامهون سٿ،
خنجر خنجر ڪيئي هٿ.
يا

اهڙو وقت به ايندو آهي
جو ماڻهوءَ جو تن من ’باهو‘
پُرزا پُرزا ٿيندو آهي
ڪنهن درزيءَ جي لِيڙن وانگر.

                 (رڻ تي رم جھم، ص43)

سنڌ جي ايڪويهين صدي جي تخليقڪارن مان شيخ اياز، اُهو سِرجڻهار آهي، جنهن جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي تمام گھڻو لِکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي، پر اُهو به سچ آهي ته، نظرياتي فڪر جي حوالي سان محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، رشيد ڀٽي، جامي چانڊيي، آصف فرخي ۽ اعجاز منگيءَ جھڙا سياسي ۽ نظرياتي فهم رکندڙ سُڄاڻ شارح ته کيس مليا، جن اياز جي شاعريءَ جو، سياسي، سماجي، تاريخي ۽ نظرياتي پسمنظر ۾ چڱو تجزيو ۽ اڀياس ڪيو آهي، ”اياز جي شاعريءَ ۾ انسانيت، ترقي پسندي ۽ تصوف جا پهلو ته ڳوليا ويا آهن، پر اُنهن کي پيش ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اعلى فن، فني تجربا، ڊڪشن جي سونهن، عڪس ۽ علامتون ڳولڻ جي ڪوشش اڃان ڪونه ڪئي وئي آهي“ (12)، يا جيتري ڪئي وئي آهي، اُها انتهائي ڪثير ۽ ناڪافي آهي.

اياز بحيثيت، جينيس، تخليقي ۽ جمالياتي شاعر تي تمام گھٽ قلم کنيو ويو آهي. سواءِ ابراهيم جويي، غلام محمد گرامي، امير علي چانڊيي، حمايت علي شاعر، احمد سليم، فهميده رياض، تاج جويي، سرمد چانڊيي، ڊاڪٽر ادل سومري، قمر شهباز، آغا سليم، جامي چانڊيي، ڊاڪٽر اسحاق سميجي، نور احمد جنجهي، راقم ۽ چند ٻين علم پروَرن جي، باقي اياز جي نقاد سڏائيندڙ اڪثر قلمڪارن، اياز جي شاعريءَ جو هڪ طرفو تجزيو ۽ مطالعو ڪيو آهي، نتيجي ۾ سياسي ۽ سماجي، فڪري ۽ نظرياتي نقطه نگاهه کان ته، اياز جي شاعريءَ جا رُخ ۽ پهلو عيان ۽ پڌرا ٿيا آهن، پر فطرت، آرٽ، عڪس نگاري، حُسن، فن ۽ احساساتي حِسيت، جن سان اياز جي شاعري ڏَٽي پئي آهي، تنهن تي ڪو ذڪر جوڳو ڪم تمام گهٽ ٿيو آهي.

شيخ اياز کي اسان کان جدا ٿئي، وِيهَه سال ٿيا آهن ۽ اُنهن وِيهن سالن ۾، ادارن کان وٺي فردن تائين اياز جي حوالي سان جيڪو ڪم ٿيو آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تي اهميت ۽ وقعت رکي ٿو، پر اُهو ڪم سچ ته بنيادي نوعيت جو ۽ ناڪافي آهي. اياز جا ڪتابَ ٻيهر ڇَپرائڻ، مقالن ۽ مضمونن جا ڪتاب سهيڙڻ، سال ۾ سيمينار ۽ ڪا ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ اياز جي ورسي ۽ سالگره جا پروگرام منعقد ڪرائڻ بهتر قدمَ آهن ۽ اُنهن بنيادي قدمن جي بدولت ئي اياز جو ڪم سَهيڙجي ۽ گڏ ٿي سگھيو آهي، پر هاڻي اُن کان اڳتي وڌي اياز جي تخليقن تي تحقيق جي روشنيءَ ۾، گھڻ رُخي تنقيدي ۽ تجزياتي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مثلا: شيخ اياز جي شاعريءَ جي فن، ٻوليءَ، علامتن، استعارن، ڪناين، صنعتن، تشبيهن، ڪردارنگاري، منظر نگاري، عڪسن، اهڃاڻن ۽ سندس شاعريءَ جي رومانوي، غنائي ۽ جمالياتي رنگن، سندس شاعريءَ جي ثقافتي، تاريخي ۽ تهذيبي پسمنظر ۽ پيشمنظر تي تفصيلي ۽ جامع نموني سان لِکڻ جي ضرورت آهي. هُن جي شاعريءَ جو فن ايترو ته گونان گون، گھرو ۽ وِشال آهي، جو اُن تي ڪي ئي پي. ايڇ. ڊيز ٿي سگھن ٿيون. ساڳي نموني سان سندس شاعريءَ جي فڪري ۽ نظرياتي پهلوئن تي وسيع نظري، سائنسي انداز ۽ فلسفياڻي نقطه نگاه سان روشني وجھڻ ۽ اُنهن جي باريڪ بينين کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي اَشد ضرورت آهي ۽ اهو ڪم يقينن يونيورسٽين، ثقافت کاتي ۽ ٻين علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارن جو آهي.

حَقيقت ۾، سنڌ ۾ اياز سان عشق ۽ اُنس رکندڙ اهڙن ماڻهن جي جهجھائي آهي، جن اياز جي اُنهن فڪري، نظرياتي ۽ سماجي صداقتن کي ته کُلي دل سان اَپنايو آهي، جيڪي سندن نظرياتي، فڪري، معاشرتي ۽ ذاتي تجربن جي اظهار ۽ احساس سان لاڳاپيل آهن، پر اُهو اياز، جيڪو پنهنجي شاعريءَ جي جمالياتي نزاڪتن ۽ نفاستن ۾ نِرالو، خيال ۽ تخيل جي اُڏام ۾ اَڇوتو، فڪر ۽ فهم ۾ غير معمولي ۽ فني نُدرتن ۾ سراپا ’فنا في الفن‘ آهي، جنهن ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾، سوين چنڊ ستارن ۽ ڪهڪشائن جون حُسناڪيون ۽ حِيرتون اُوتيون آهن. اُنهن جي فني ۽ جمالياتي پرک ۽ پروڙ لاءِ فٽز جيرالڊ، ڪولرج، ميٿو آرنولڊ، ٽي، ايس. اليٽ، آسٽن رائيٽ ۽ ايڇ. ٽي. سورلي جھڙن سُچيت ۽ سُڄاڻ نقادن جي ضرورت آهي.

هر ڏاهي جيان اياز مُتضاد ۽ اِختلافي اُنهيءَ ڪري به هو، جو هُن نه صرف دنيا ۽ ديس جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي، شعوري سُرت سان پَرکيو، سُجاڳ ۽ سُچيت اَک سان ڏِٺو ٿي، پر هُن ’زندگيءَ جي احساس ۽ آواز‘ کي هينئن سان هَنڊائي، جرئت ۽ بي ڊپائيءَ سان اُهو سڀ پنهنجي شاعريءَ ۾ اَثرائتي انداز سان اظهاريو به ٿي. هُن سدائين ڪنهن جي لتاڙيل دَڳن ۽ فرمائشي راهن تي هَلڻ بدران، نه رڳو نوان رَند ۽ پَنڌَ تلاش ڪيا، پنهنجي شاعراڻي شعور ۽ دل جي واٽ وَٺي، اُنهيءَ تي تخليقي مسافتون ڪيون، پر پنهنجي شاعريءَ کي استحصالين ۽ پرمارن لاءِ ’بم ۽ بارود‘ به بڻايو ته، مِٽي، ماڻهپي، اَمن ۽ انسانيت سان لازوال محبت به ڪئي، اُهو ئي سبب آهي، جو هُن ۽ هُن جي شاعريءَ سان جيترا ’سَڙڻ، پَچڻ ۽ اختلاف ڪرڻ ‘وارا آهن، اُن کان ڏهوڻا سندس مُشتاق ۽ ٽِيهوڻا هُن جي شاعريءَ جا ’عاشق ۽ عُشاق‘ موجود آهن.  

اياز جي شاعريءَ جو آواز صدين جي صدا آهي ۽ هُن جو فن، مور جي رقص جھڙي مجذوبي ۽ محبوبيت رکندڙ آهي. شيخ اياز جي شاعري، اُهو ’سچو سُون‘ آهي، جنهن کي ’وقت جو ڪوئي ڪچ‘، اَنائيت ۽ بُغضب جي ڪائي ’ڪَٽُ ۽ ڪَسُ‘ صدين تائين زنگالي ۽ ڌنڌلو ڪري ڪونه سگھندي.

منهنجو اهو وِشواس آهي ته، جيئن جيئن وقت گذرندو، اياز جي گونان گون فن ۽ فڪر جون سُندرتائون، سنڌي ادب جي آڪاش تي چوڏهين جي چنڊ جيان پنهنجي پوري جوت ۽ جمال سان وڌيڪ نِکرنديون ۽ جرڪنديون.

حوالا

1. شيخ اياز، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ساهت سڀا پبليڪيشن، الهاس نگر، 1987ع، ص4.

2. شيخ اياز، ”ساهيوال جيل جي ڊائري“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1986ع، ص67،124.

3. ايضا، ص56.

4. شيخ اياز، ”ساهيوال جيل جي ڊائري“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1986ع، ص107.

5. شيخ اياز، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ساهت سڀا پبليڪيش، الهاس نگر، 1987ع، ص6.

6. آريسر، عبدالواحد، (مضمون)، ”سنڌڙي تنهنجو ساھ اياز“، ڪتاب: ”آڪاش کان وڏو ڌرتيءَ جو شاعر“، (مرتب: تاج   جويو)، شيخ اياز فائونڊيشن، حيدرآباد، 2003ع، ص107.، 108.

7. چانڊيو، جامي، (مرتب) ”شيخ اياز ـــ سنڌي ادب ۾ تنقيد“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي،1998ع، ص14.

8. شيخ اياز، ”ساهيوال جيل جي ڊائري“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1986ع، ص151. 

9. جويو، تاج، ”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“، مارئي اڪيڊمي، حيدرآباد،2000ع، ص40

10. چانڊيو، جامي، (مرتب) ”شيخ اياز ـــ سنڌي ادب ۾ تنقيد“، پبلشر پاران: ميمڻ، نور احمد، سنڌيڪا اڪيڊمي، 1998ع، ص4.

11. فهميده حسين، ڊاڪٽر، ”ڪلاچي تحقيقي جرنل“، شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 1999ع ص145.

12. ايضا، ص146.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org