سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: وڻجارن وايون

 

صفحو:8 

ثابت علي شاهه ”ثابت“ *

محترم سيد ثابت علي شاهه ”ثابت“ خلف سيد جناب نور شاهه لڪياري، جن پنهنجي مائٽاڻي ڳوٺ ’دونهائو شريف‘ تعقلي جيمس آباد ضلعي ٿرپارڪر ۾ تولد ٿيا، ۽ اڃا تائين اتيئي مقيم آهن. پاڻ دونهائو شريف جي سيّد خاندان جي مورث اعليٰ جناب ’موليڏنه شاهه‘ جن جي ٻي نمبر فرزند جناب ’نور شاهه‘ جن سان متعلقه آهن. خانداني وجاهت، شرافت ۽ فضيلت کين ورثي ۾ مليل آهي. سندن تعليم ست سنڌي، ڪجهه انگريزي ۽ اردو آهي. تعليم نهايت ئي مختصر ۽ محدود، پر وسيع ۽ سٺي مطالعي جي بدولت معلومات سٺي، سهڻي ۽ ڪارائتي. سندن غير موزون شاعري جي شروعات دوران مڪتب ٿئي ٿي، اهو مٿن سندن خاندان جي شاعرن جوئي اثر هو. مهراڻي جا مير جناب سيد ’راضي شاهه‘ ”رند“ جن (جن جو ڪلام ۽ زندگي جا حالات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن سماهي جريده ”مهراڻ“ ۾ ڇپائي چڪا آهن). سندن ئي خاندان جا عظيم الشان شاعر ۽ اعليٰ مرتبت بزرگ هئا. شاهه ”ثابت“ جن وايون، ڪافيون، غزل، قطعه ۽ گيت لکندا آهن. شعر و شاعري ۾ سال 1956ع کان سندن استاد جناب ”سرشار“ عقيلي جن آهن، پاڻ حضرت قبله ”طالب الموليٰ“ جن جا معتقد ۽ مريد آهن ۽ سندن محبت، خلوص ۽ استادانه صلاحيتن کان بيحد متاثر آهن.

”ثابت“ جن جو ڪلام 1955ع ۾ سندن اوطاق (لڳ پٿورو) ٻڏڻ باعث ڪافي زيان ٿيل آهي، تاهم چڱو ذخيرو موجود آهي. علاوه ازين سندن نثر پڻ اعليٰ پايه جو آهي؛ هڪ ”ناول“ وٽن تشنه تڪميل موجود آهي. پاڻ علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ نهايت ئي سرگرم عمل رهندا پيا اچن.

”بزم طالب الموليٰ“ پٿورو سندن ئي نيڪ ڪوششن جو نتيجو آهي؛ جنهن جا پاڻ شروع کان اڄ تائين صدر رهندا پيا اچن. محترم ”جليل سروري“ ۽ محترم”ولي سرشاري“ جن بزم جا خاص روح روان، رڪن ۽ ”ثابت“ جن جا محسن دوست، معاون ۽ رفيق ڪار آهن. علاوه ازين راڄ محمد ”جمال“ (صدر اداره  ”نواءِ ادب“) ۽ عبدالڪريم پلي جن سان پڻ سندن گهرا ۽ غيرفاني دوستانه تعلقات آهن.

شاهه صاحب جن خوش روءِ، خوش خو، خوش گفتار ۽ خوش رفتار، نفيس طبع ۽ نفاست پسند، ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ رهاڻ جا روح ، با اخلاق، با تهذيب ۽ لطيف مزاج مرد آهن. خدا شل کين قائم و دائم رکي. (آمين)

هتي سندن ٽي ڪافيون نموني طور پيش ڪيون وڃن ٿيون:

*

ٿلهه:

وڃن رليو سوين دليون،

نگاهن سان ڪري زخمي،

جڏهن دلبر نهارين ٿو،

مٺا ماڻن سان مارين ٿو!

(1)

ڪڏهن آهين مٺو ماکي،

ڪڏهين دلبر ڌڪارين ٿو،

ڪڏهين آهين زهرِ قاتل؛

ڪڏهين ويجهو وهارين ٿو!

(2)

جدائيءَ جي گهڙي هڪڙي،

اهو ڏينهن عيد ٿو ڀانيان،

قيامت کان ٿو وڌ سمجهان؛

جڏهن گڏجي گذارين ٿو!

(3)

اهي ئي خوش نصيب آهن،

وڃن ڪيڏانهن سي سهڻا،

جن کي ساٿ آ تنهنجو؛

جنين کي تون ڌڪارين ٿو!

(4)

جڏهن واسينگ ٿو وارين،

قهر ڪاڪل ٿا ڪيڏا ڪن،

سوين دليون تڏهن ساڙين؛

جڏهين ”ثابت“ سنوارين ٿو!

 

 

*

ٿلهه:

ڏسندي ڏسندي يار سان،

درد جو درمان ٿيو-

اڙجي ويون منهنجون اکيون،

جڏهين وڃي ٻيئي ٻکيون.

(1)

مام ۾ هو حال دل جو،

خوب ڏي وٺ ٿي وئي-

ڏينديون ۽ وٺنديون رهيون؛

پر لوڪ نه ڪڏهين لکيون.

(2)

جن ڏنگڻ جي ڪئي ٿي ڪوشش

محب جي مٺڙي نظر-

پاڻ سي ڏنگجي پيون؛

آهن اکيون منهنجون ڪکيون.

(3)

بس روئڻ کان ڪين ڪن ٿيون،

ابر واريون عادتون-

دم به دم روئنديون وتن؛

آهن اکيون منهنجون سکيون.

(4)

اک اڙايم، دل وڃايم،

ڪيئن ڪري ”ثابت“ ڀلا-

ڏک پرايم عمر جا،

ڪا سرت ڏيو مون کي سکيون.

 

*

ٿلهه:

هيڻا ٿيڙا حال،  محب نه ڏس تون منهنجون مدايون.

(1)

ٻيڙي اَڀري، دور ڪنارو،

پنهنجو ڀلا ڪر ڀال-

سير ۾ سهڻا ٿج تون سهارو؛

نيٺ ڀلن کان ٿينديون ڀلايون!

(2)

راهه ۾ رهزن ويڙو رولي،

سڪندي ٿيڙم سال-

پاڻ سڄڻ تون ڏسجان ڳولي؛

جيئري ڪجن ڪي هيڏيون جدايون!

(3)

غيرن ۾ پيا ڏينهن گذاريون،

جيڻ ٿيو جنجال-

جٺ، ڦٽ سيني سان پيا لڳايون؛

جان، جگر پنهنجو جلايون!

(4)

يار کي ڏسبو ڪاهي ڪاهي،

نيندو نماڻي نال-

”ثابت“ سر جو سانگو لاهي؛

تڏهن ملنديون جيءَ ۾ جايون!

 

عطاءُ الله ”عطا“ سرهندي *

 

محترم عطاءُالله ”عطا“ سرهندي، پنهنجي خود نوشته تعارف ۾ هن ريت رقمطراز آهن:

”آءٌ عطاءُالله ”عطا“ ولد سائين محمد ابراهيم ”خليل“ سرهندي، پنهنجي ڳوٺ (پير سرهندي) تعلقي ساماري ۾ ڄائس؛ 4 ذوالحج 1358هه منهنجي جنم جي تاريخ آهي. جڏهن پڙهڻ جيڏو ٿيس، تڏهن مون کي ڳوٺ جي اسڪول ۾ سنڌي ۽ مسجد شريف ۾ قرآن ڪريم پڙهڻ لاءِ بيڪ وقت وهاريو ويو. جتي چار درجا سنڌي پڙهيس ۽ قرآن شريف جي به تڪميل ڪيم. انهيءَ زماني ۾ سائين والد صاحب جن ”ڪُنري شهر“ ۾ ديني تعليم لاءِ (جامعه اسلاميه مجدديه) جي نالي هڪڙو ٻن معلمن تي مشتمل مدرسو جاري ڪيو ۽ مون کي به وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انهيءَ مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي پنج- ڇهه سال پڙهندو رهيس. انهيءَ عرصي ۾ فارسي ۽ عربي جا ڪيئي ڪتاب شروع ڪيم، ليڪن نظام تعليم ناقص ۽ غير تسلي بخش هئڻ باعث تعليم خاطر خواهه نموني ۾ حاصل نه ڪري سگهيس.

آخرڪار مدرسو ڇڏي اچي ڳوٺ ويٺس، جتي منهنجي پڙهڻ لاءِ استاد مقرر ٿيندا رهيا. اهو سلسلو به گهڻو وقت هلڻ بعد نيٺ ختم ٿي ويو. منهنجي صحت هميشه خراب رهندي آهي، انهيءَ ڪري ڪافي شوق هئڻ جي باوجود به ڪجهه پڙهي نه سگهيس.

شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، جڏهن به ڪا نظم، يا ڪو غزل ڪٿي لکيل ڏسندو هوس، ته انهي کي کڻي بار بار پڙهندو هوس؛ ڪيترا ته گهڻو پڙهڻ جي ڪري ياد به ٿي ويندا هئا. انهيءَ زماني ۾ بعضي شعر چوندو به هوس. غالباً اَٺن سالن جي عمر ۾ عيد جي باري ۾ هڪ غزل ٺاهيم، جنهن جو مطلع هي هو ته: “سٺي عيد آهي، جا دل کي ٿي ٺاهي.“ انهيءَ کان پوءِ منجهس ڇا هو، وزن ۽ قافيه جي پابندي هئي يا نه، سا خبر خدا کي! انهيءَ کان پوءِ ڪُنريءَ جي مدرسي واري زماني ۾ هڪ ٻيوغزل مولود جي نموني ۾ ٺاهيم، جنهن جي والد صاحب جن اصلاح پڻ ڪئي. هڪ اصلاح ٿيل مصرع ياد اٿم: ’سگهو ڏي سواليءَ جا سڏڙا سڻيِ‘ انهيءَ کان پوءِ به وقتاً فوقتاً شعر چوندو رهيس، جن جي والد صاحب جن اصلاح ڪندا رهيا.

شعر ٺاهڻ منهنجي وس ۾ ناهي. اگر طبع ڪم ڪيو ته دوستن جي شمع خراشيءَ لاءِ ٿوري ئي دير ۾ گهڻو ڪجهه ميسر ٿيو پوي، نه ته بس! اردو، عربي، فارسي ۽ پشتو زبانن مان ڪجهه نه ڪجهه سمجهيو ۽ ڳالهايو وڃان، باقي سنڌي ته هونئن ئي پنهنجي زبان آهي.“

نموني طور سندن ٻه ڪافيون ڏجن ٿيون:

 

ٿلهه:

ورڻ جي پيارا پرين واڳ وار،

اٺئي پهر تنهنجو اٿم انتظار!

(1)

مٺا مون سان انجام جي تو ڪيا،

اڃان تائين ناهن سي پورا ٿيا؛

اُهي واعدا پنهنجا هاڻي ته پار!

(2)

وڇوڙي جي ڳڻتي ٿي ڳاريو ڇڏي،

جدائي ته هاڻي ٿي ماريو ڇڏي؛

اچي جيءَ جڏي کي اي جانب جيار!

(3)

نه ٻي التجا توکي ڪا ٿو ڪريان،

فقط آزو اڄ اها ٿو ڪريان،

ته مون ڏي اي محبوب! مشڪي نهار.

(4)

اچڻ جو ڏي اڄ يا سڀان آسرو،

حياتيءَ تي ڪهڙو آهي ڀروسو؛

”عطا“ کي اچي جيئري جلوو ڏيکار!

*

ٿلهه:

سڄڻ ڇو سدائين تون مون کان لڪين ٿو؟

اچان جي ٿو دلبر ته در تان ڌِڪين ٿو!

(1)

سڪان آءٌ ٿو تنهنجي ديدار لئه،

مگر تون نه منهنجي ڏسڻ لئه سڪين ٿو؟

(2)

سدائين رهڻ تنهنجو ٿيندو هو هت،

هينئر ڪا گهڙي ڇو نه مون وٽ ٽڪين ٿو؟

(3)

گهرائيندو مون کي به هوئين يار نت،

ڇڏي ٿئي ڏنو ڇو نه هاڻي ڇڪين ٿو؟

(4)

”عطا“ جهڙي عاشق کي بلڪل ڇڏي،

ٻين کي اي سهڻا ڀلا ڇو تڪين ٿو؟

 

 

قائم الدين ”قائم“ *   

 

محترم قائم الدين ”قائم“ ساڪن ديهه ”ڇيليون“، تعلقه کپرو، ضلع سانگهڙ ۾ تولد ٿيا، تاريخ ولادت نامعلوم. عمر: اندازي موجب 45 سال.

تعليم: قرآن شريف ۽ پنج درجا سنڌي خانگي، اسڪول ڳوٺ ”مرحوم محمد سگهو پلي“ ۾ پڙهيائون.

آغاز شباب ۾ ’عشق مجاز‘ لڳڻ باعث جيءَ ۽ جسم ۾ غير معمولي تشنگي ۽ اضطرابي پيدا ٿي پين، جنهن جي تسڪين لاءِ ڪلام ڀٽائي سائين، ڪلام منٺار ۽ محمود ”مل“ پلي جن جي (نظم جي ڪتابن) ”ليليٰ مجنون“ ۽  ”مجمع العجائب“ جو مطالعو  شروع ڪيائون، جنهن مان کين شعر چوڻ جو شوق پيدا ٿيو، ۽ پاڻ جذبه عشق و دل کان مغلوب و مجبور ٿي، شعر چوڻ لڳا، ۽ سورهن سالن کان چوندا پيا اچن.

علاوه ازين، مرحوم خليفه محمد امين ”درس“ جن جي صحبتِ شاعرانه ۽ عالمانه ۾ رهي سٺو استفاده ڪيائون، جنهن جو کين اعتراف آهي. دور حاضره جي ڪافي گو شاعرن مان پاڻ هن وقت صرف ’فقير محمد ايوب آريسر‘ جن کان متاثر آهن.

سندن ڪلام ۾ سڪ، سوز، درد، عاجزي ۽ بي ڪسي بدرجه اتم نظر ايندا.

هتي سندن ٽي ڪافيون نموني طور پيش ڪيون وڃن ٿيون.

 

*

ٿلهه:

رات ڏينهان روح ۾ تون ياد آهين يار يار،

دم نٿو دل تان لهين مون تن ۾ تنهنجي تار تار!

(1)

جي هجن عيبن ڀريا،

ڪير کڻندو تو سوا-

ان تي به تنهنجي ٻاجهه آ؛

ٻيهر گهڻيرا بار بار!

(2)

جوڙ جاني جيس تو،

تون ملين تان مون ٺرن،

دلبر نڪو دنيا اندر؛

هي نيڻ سارا نار نار!

(3)

مينهن لئه تاڙو تنواري،

تيئن تنواري ساهه مون-

درد جون دانهون ڪريو؛

هردم هيئين جا هار هار!

(4)

سال ٿو سمجهان گهڙي،

ڪين ”قائم“ کي ڌڪي-

جاني جدائي تو سندي؛

تون دلربا ڪر ڌار ڌار!

 

*

ٿلهه:

نَرَ ڪو سڃاڻج نام،

پاند ڳچيءَ ٿي پيارل پايان.

(1)

آءٌ اصل کان عيبن واري،

آهيان سڄڻ تو سام-

ميٽ مدايون ڪر پوئواري؛

محب اُميدون مور نه لاهيان...

(2)

توريءَ ٻيو ڪو يار نه آهي،

وڙ ڪري ڪو وريام-

منهنجو واندو وار نه آهي؛

دانهن سڻو، پئي در تي داهيان...

(3)

تار ۾ آهيان پار اڪار،

اچ ته ٿيئي آرام-

جانب جڏڙو جيءُ جيار؛

آب اکين مان ويٺي وهايان...

(4)

”قائم“ ڪئي آ زاري زاري،

سا مون پڌر ڪج ڪام-

تو کي سڄڻ سا معلوم ساري؛

بازي جا پئي روز بنايان...

 

*

ٿلهه:

ليلان لڄايو پاڻ،

ڪانڌ سنديون مون ڏس نه ڪچايون!

(1)

هار حرص جي ڪييس ڪاري،

هٿڙا هڻان پئي هاڻ-

مام مڻئين جي دلڙي ڳاري؛

معاف ٿين سي منهنجيون مدايون!

(2)

ڪونئرو جي مان لڳيس لاري،

ڪر ڪميڻيءَ ساڻ-

هوش ڇڏيو مون حرص ۾ هاري؛

ننگ سڃاڻي ڀال ڀلايون!

(3)

تنهنجي پلئه آهيان پيارل پيئي،

ڄاتو نه مون ڪو ڄاڻ-

مون ته ولهيءَ کان هر ويل ويئي؛

ڪيم هزارين ڏهه ڏنگايون!

(4)

شرم ڀري جا تو در آئي،

ڪان ڪڍي مون ڪاڻ-

”قائم“ چوي ٻي واهه نه ڪائي؛

جي ٿي ڪيم سي منهن منجهه آيون!

       

 

ولي محمد ”ولي“ سرشاري*

 

محترم ”ولي“ سرشاري پنهنجي خود نوشته تعارف ۾ هن طرح رقم طراز آهن:

منهنجو نالو ولي محمد، والد مرحوم جن جو اسم گرمي ’ڪريم بخش‘، ذات رونجهو.

منهنجي جنم جي تاريخ والدين ڪانه لکي. والد صاحب جن حافظِ قرآن هئا ۽ فارسيءَ جي به تڪميل ڪيل هُئن. ’ماما پيرو‘ به حافظِ قرآن هو. انهن کان سواءِ، ٻيو ڪوبه اسان جي وڏن ۾ پڙهيل ڪونه هو، جنهنڪري گهرو ماحول ۾ اُهائي بي علمي رهي. ننڍپڻ جي يادگيرين کي ڏسندي تڪ موجب چئبو ته منهنجو ڄم 35-1934ع ڌاري ٿيو هوندو.

مسلسل جدوجهد ۽ دوستن جي همٿائڻ سان هن وقت پنهنجي نالي پٺيان اديب فاضل؛ بي. اي؛ ۽ ايم. ڊي ايڇ، ڊگريون لکندو آهيان، پر اوهان کي عجب لڳندو ته ايتري تعليم هوندي به 1952ع کان هڪ (ٽرينڊ) پرائمري ماستر آهيان. ان جو سبب آهي مفلسي ۽ زماني ۾ رياڪاريءَ جو رواج!

* سائين ولي محمد ’ولي سروري‘، جناب سرشار عقيلي صاحب کان پوءِ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان شاعري جي اصلاح ورتي ۽ هميشه لاءِ سروري سٿ ۾ شامل ٿي ’ولي سرشاري‘ مان ’ولي سروري‘ ٿي ويا، شاعري ۽ ادب جي سلسلي ۾ محترم معمور يوسفاڻي صاحب به سندن رهنمائي ڪئي ۽ پاڻ معمور صاحب کي به هميشه پنهنجو استاد چيائون ۽ لکيائون. سائين ولي سروري صاحب ذاتي طور منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ۽ همت افزائي ڪندا هئا. سندن ذاتي قرب ۽ پيار جون ڳالهيون آءٌ وساري ئي نٿو سگهان، مون کي ياد آهي جڏهن پاڻ ميرپورخاص ۾ S.D.E.O ايجوڪيشن هئا ۽ مٿن ڪن حاسدن قاتلانه حملو ڪيو هو، ۽ پاڻ سخت زخمي هئا تڏهن آءٌ ساڻن ملڻ اسپتال ۾ ويو هوس ۽ ننڍڙن ٻارن وانگيان سُڏڪيون ڀري رُنو هئس ته پاڻ پنهنجي لڙڪن کي لڪائي مون کي حوصلو ڏنائين ته ڊاڪٽر روئندا نه آهن ’علاج‘ ڪندا آهن، بابا سائين جي وفات بعد جڏهن ادا حزب الله کي ’پڳ‘ ٻڌايائون ته ولي صاحب پنهنجي طرفان علحده بُوسڪي جي پڳ آندي. پاڻ بابا سائين کي شمس العلماء چوندا هئا. سائين ولي سروري صاحب  سنڌي فائنل کان پوءِ بي.اي، بي.ايڊ، ايم.ايڊ ۽ ٽن سبجيڪٽن، سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ ايم.اي ڪئي هئي. پاڻ پرائمري استاد، انگريزي استاد، (HST)، ايس.ڊي.اي.او، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر، ريجنل ڊائريڪٽر علامه اقبال اوپن      ¬

          فطرتاً حساس طبع هئڻ باعث عشقيه شعر لکندو آهيان. 1953ع کان شعر لکندو اچان. 1955ع ۾ محي ادب حضرت ”سرشار“ عقيلي صاحب جن اڳيان زانوءِ تلميذ کوڙيم، جن دڳ لائي ڇڏيو. ادب سان انس ۽ مطالعي جي شوق سبب اُردو، عربي ۽ فارسي زبانن جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ٿي پيئي آهي. تاريخ، تحقيق، تصوف، شعر و سخن، طب ۽ منطق جو مطالعو منهنجو محبوب ترين مشغلو آهي.

آءٌ تسليم ٿو ڪريان ته منهنجي شعر ۾ ڪابه لذت ڪانهي، تاهم ايترو چوندس، ته اهو تعمير زندگي لاءِ نهايت ئي ڪارآمد آهي. ادبي نالو ’ولي سرشاري‘ اٿم.“

نموني طور سندن چار ڪافيون ڏجن ٿيون.

® يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جا سيڪريٽري هئا. پاڻ پٿورو ۽ گرهوڙ ۾ سائين معمور يوسفاڻي، حاجي شمس الدين ڇورو، حاجي عبدالقادر مري (کاهي)، العبد راهي پلي، سيد ثابت علي شاهه لڪياري، سيد يارمحمد شاهه لڪياري ۽ سيد ديدار حسين شاهه لڪياري، الله بچايو مشتاق آريسر ۽ سائين محمد هوت مجرم لغاري جي ساٿ سان تمام گهڻيون ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا منعقد ڪيائون. معمور يوسفاڻي صاحب ۽ لڪياري ڀائرن سان گڏ، حضرت راضي شاهه لڪياري جي سوانح تي به ڪم ڪيائون، جيڪو معمور يوسفاڻي صاحب جي ڪتاب مهراڻي جو مير ۾ ڇپيل آهي، ننڍن بحرن تي لکيل سندن غزل تمام گهڻو مقبول آهن. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي صاحب جو ڪلام به پاڻ ڇپايو اٿن. سندن ٻيا مضمون به مختلف موضوعن تي شايع ٿيل آهن، پاڻ حضرت منٺار فقير راڄڙ جي سوانح ۽ ڪلام تي ايم.اي سنڌي لاءِ مونوگراف پڻ لکيائون. شاهه جي ڪلام جا حافظ، عاشق ۽ عالم هئا. سندن شاعري جو ڪتاب سندن فرزندن وٽ اشاعت لاءِ تياري ۾ آهي. پاڻ کلمک ۽ خوش مزاج طبيعت جا مالڪ هئا. ڪچهري جي آخر ۾ لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائي کِلائي کِلائي ٿڪاوٽ ئي لاهي ڇڏيندا هئا. اُن کي اٺون پيرڊ چوندا هئا. الله پاڪ کين اڳئين جهان ۾ به خوش ۽ آباد رکي. پاڻ 25- آگسٽ 2003ع تي خوش ۽ آباد اولاد سان گڏ، ڪيترائي اسان پاران مداح غمزده ڇڏي وڃي واصل بالله ٿيا، اِنالِلّٰھ واِنا اليھ راجعون. (ايڊيٽر)

 

*

ٿلهه:

اهڙي سخت نه دل تون ڌار سڄڻ، منهنجي عيبن ڏي نه نهار سڄڻ!

(1)

تنهنجو حسن ڏٺم اسرار عجب، گفتار عجب، رفتار عجب،

تنهنجو جانب هر جنسار عجب؛ تنهنجو تاب تکي تلوار سڄڻ!

(2)

تنهنجا ناز نوان، انداز نوان، آلاپ نوان، آواز نوان،

منهنجا پور ٿا ڪن پرواز نوان؛ تن پورن کي ڪر پار سڄڻ!

(3)

تنهنجا عاشق جّن انسان گهڻا، تنهنجي در تي ڏٺم دربان گهڻا،

تنهنجي حسن ڪيا حيران گهڻا؛ تو تان گهوريا گهڻن گهر ٻار سڄڻ!

(4)

اچ هاڻ لنگهي هن پار مٺا، وري واڳون ولهيءَ ڏي وار مٺا،

ڪي گهڙيون ”ولي“ سان گهار مٺا؛ وڌي وڻ ٿيو وڇوڙي جو بار سڄڻ!

 

*

ٿلهه:

مٺا منٺار تو تان مون ڇڏيو گهر گهاٽ سڀ گهوري،

اچي رس تار ۾ دلدار- واهر ناهه ڪا تو ري.

(1)

ڀڳو ڀيلو، ڀڳو سڀ ڏر،

ٿڪي آهيان، ٿي ٻاڏايان،

نه ٻانهن ٻر، اي وارث ور؛

نه پهچان تنهنجي هڪ ٿوري.

(2)

ٻڌي توڪل جو ترهو تار ۾،

آهيان مهراڻ ۾ اڻڄاڻ،

تو آسري آيس؛

اَلَهه لڳ آءُ تون اوري.

(3)

وڪوڙيو وير واهڙ ۾،

مڇيون مانگر مرون سڀ،

نه منهنجو وس ٿيس بيوس؛

ماهه منهنجو ويا ڪچا ڪوري.

(4)

اُٿي ڪم ڪار جي ڪا ڪر،

”ولي“ ميهار من منٺار کي،

نه ويٺي ور ملن ڪڏهن؛

هل تان ڏسون ڏوري.

 


 

 

*

ٿلهه:

دوست مٺا دلدار،

ڏي ڪو دلاسو درد مندن کي.

(1)

راتيون جاڳي راهه نهاريان،

هوت هينئين جا ٺار،

ڪانگ اڏايان فالون پايان؛

توريءَ ساڙيان سيج بندن کي.

(2)

موڳي دل مت ڪين مڃي ٿي،

آٿت ڏي اي يار،

ڀرم مڙوئي ڀيري ڀڃي ٿي؛

رات ڏينهان رت روئندن کي.

(3)

لوڪ سڄو ڏئي طعنا مهڻا،

سهمان ڏئي سنسار،

روئندي گذري وقت ٿو سهڻا؛

قرب ۾ ڪٺلن ڪڻڪ ڪندن کي.

(4)

محب ”وليءَ“ جون ميٽ مدايون،

آءُ اجها آڌار،

ڪامل مون ۾ ڪوڙين ڪچايون،

ڏڍ نه ڏئي ٿو ڪو ڏکندن کي.

 

*

ٿلهه:

دلاور دوست دانهون دل،

برا هي ڏينهن بدڪارن،

جون اونائڻ ڪڏهن ايندين؟

جا بدلائڻ ڪڏهن ايندين؟

(1)

منڌا مينڍا، مٽي منهن ۾،

اڀاڳڻ کي سڀاڳڻ چئي،

ملوڪت وئي ٿيس موڳي؛

سڳيون پائڻ ڪڏهن ايندين؟

(2)

اَسُنهن، ڀوري، اڀاڳڻ،

اهي نالا نڀاڳيءَ نار تان،

ٽيئي نالا اٿم ڏنا سرتين؛

لاهڻ ڪڏهن ايندين؟

(3)

ڏياٽيون ڏهه ٻرن تان ڀي،

آڱڻ اونداهي تي چانڊاڻ،

نه ماسو نور تنهنجي جو؛

چمڪائڻ ڪڏهن ايندين؟

(4)

نه واقف واٽ جي وڻڪار،

پرين هيءَ پير پيايي پنهنجي،

۾ ساڻي ”ولي“ سان ٿي؛

پُٺ لائڻ ڪڏهن ايندين؟

صوفي محمد زمان ”مجذوب“ *

محترم صوفي ’محمّد زمان‘ خلف صوفي ’نواز علي‘ سومرو. مشهور صوفي صديق فقير ”صادق“ (رح) جن جي خاندان مان آهن. سندن ولادت 5 اپريل 1927ع تي ڳوٺ ”صوفي فقير“ تعلقه عمرڪوٽ ۾ ٿي. کين تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ملي، جتي پاڻ ست درجا سنڌي ۽ ٽي انگريزي پڙهيائون. اسڪول ڇڏڻ بعد کين فارسيءَ جو شوق ٿيو، ۽ پاڻ پنهنجي سر ڪوشش ڪري ايترو پڙهيا آهن، جو هينئر ان مان چڱيءَ طرح استفاده ڪري سگهن ٿا.

سندن شاعري جي شروعات اسڪول واري زمان کان ٿي، جنهن ۾ اسڪول، شاگردن، عام ماڻهن، جانورن، پکين، جاين ۽ ميلن ملاکڙن تي ڏاڍا دلچسپ ۽ معلوماتي شعر چيا اٿن ۽ 1943ع کان پاڻ ”مجذوب“ تخلص سان باقاعدي شاعري ڪرڻ لڳا آهن، جنهن ۾ ڪافي، بيت، غزل، نظم، قطعه، مرثيه، نعت ۽ مناجات وغيره اچي وڃن ٿا. مقامي ادبي حلقي ۾ سندن مقبوليت جو هيءُ عالم آهي، جو 1953ع کان پاڻ ئي ”بزمِ ادب صوفي فقير“ جا صدر رهندا پيا اچن.

پاڻ کلمک، راست گو ۽ رندانه طبع جا مالڪ آهن. دليري ۽ بهادري سندن شان ۽ خوشامد و چاپلوسي وٽن عيب آهي. خدا شل کين خوش رکي. سندن ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

* صوفي فقير ۾ 1955ع کانپوءِ جيڪو علمي ادبي ماحول جڙيو ان ۾ صوفي محمد زمان ’مجذوب‘ جو اهم ڪردار آهي، هن سڄي ماحول کي محترم معمور يوسفاڻي صاحب منظم ڪيو ۽ محمد صالح ’سائل‘ نهڙي ۽ محمد ابراهيم ’پرواز سروري‘ سندس خاص ٻانهن ٻيلي هئا. جڏهن به جهوڪ شريف جي پيرن جي آمد ٿيندي هئي ته اڪثر مشاعرو ٿيندو هو، هن ادبي ماحول ۾ صوفي فقير ۾ ڪيترائي اهم شاعر پيدا ٿيا، 1956ع ۾ ناري پٽ ۾ قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سفر دوران هڪ اهم مشاعرو ٿيو ۽ ان کان پوءِ به ڪافي مشاعرا قبله مخدوم صاحب جي صدارت ۾ ٿيا، هن سڀني مشاعرن ۾ صوفي محمد زمان ’ مجذوب‘ جو وجود تمام گهڻو اهم هو. صوفي  صاحب تمام سٺو شاعر طرحي مشاعري ۽ في البديهه مشاعرن تي سندن مڪمل دسترس هئي. جڏهن صوفي صاحب جي شادي خانه آبادي ٿي ته صوفي فقير جي شاعرن فيصلو ڪيو ته صوفي صاحب شاعر آهي ته سندس نڪاح به ڪو شاعر ئي پڙهائي ۽ پوءِ محترم معمور يوسفاڻي صاحب سندس نڪاح پڙهايو، ۽ اها خبر اخبار ۾ شايع ٿي. الله پاڪ کين چار فرزند عطا ڪيا: (1) صوفي نواز علي، (2) صوفي منصور علي، (3) صوفي مشتاق علي، (4) صوفي امتياز علي، صوفي صاحب فائنل سنڌي پاس ڪيو هو، کين سير و سفر جو به شوق هو، جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان وقت بمبئي ويل هئا ۽ آگرا تاج هوٽل ۾ رهيل هئا. پاڻ اجمير شريف زيارت لاءِ پڻ ويا هئا، کين موسيقي سان به لڳاءُ هو ۽ علم موسيقي جي به کين آگاهي هئي. پهلواني سان به کين شغف رهيو، اڍائي مڻ جي پڃري تِريءَ تي کڻندا هئا، ملاکڙي جا شوقين هئا ۽ ملهه جا قدردان هئا ۽ ملهه پهلوان به سندن احترام ڪندا هئا، چون ٿا ته هڪ دفعي ڀٽ شاهه جي ميلي تي ملاکڙي ۾ سندن ڪرسي گورنر جي اڳيان رکيل هئي، جنهن تي گورنر اعتراض ڪيو ۽ فقير صاحب گورنر جي اهڙي روش تي ملاکڙي مان روانا ٿي ويا ۽ سڀ ملهه پهلوان به احتجاجاً هليا ويا ۽ ملاکڙو ٽُٽي ويو. سندن شاعري جو وڏو ذخيرو سنڌي اردو، سرائڪي ۽ فارسي ۾ موجود آهي، پاڻ 26 ذوالحج شام 7 وڳي 2010ع تي دم حقيقي مالڪ جي حوالي ڪيائون. (ايڊيٽر)

ٿلهه:

ناز وارن جي نگاهن ۾ نظارا نت نوان،

قيد ڪاڪل جي ڪڙي ۾ قرب وارا نت نوان!

(1)

ٻئي ٻڌي ٻانهون اڳيان،

سو سڪندر ٿيا سلامي،

ٻانهان ٿيا ڪنهن ٻول ۾؛

در تي دارا نت نوان!

(2)

روبرو ديدون کڻي،

حڪم ۾ حاضر سندس،

دانهه ديوانا ڪيئن گهڻا؛

حاڪم هزارا نت نوان!

(3)

ساهه جو سانگو سٽي،

سخن چئي سچ صاف،

سورهه ٿيا سوريءَ سوار،

ٿيا ثابت سچارا نت نوان!

(4)

ناز جي ناتي نهوڙي،

نينهن جا نانگا نشانبر،

ڪئين نمايا نامدار؛

نار نارا نت نوان!

(5)

مرڪندي ”مجذوب“ آيا،

پئي ڪلالن ڪاٽيا،

ميڪدي تي مل مڙي؛

ڪامل ڪرارا نت نوان!

ٿلهه:

انتظاريءَ ۾ عمر،

محب مون تي ڪانه ڪئي،

ساري وئي ٿي سربسر،

موٽي ملڻ جي ڪا مهر.

(1)

مون نهاريا ملڪ سارا،

ڳوٺ ڳوليم سڀ ڳليون،

پر نه تون اَئين نظر،

۽ شوق ۾ سارا شهر.

(2)

پر نه تنهنجو ڪو پتو پيو،

راتيون جاڳيس جدائيءَ،

ٿيا اچي پورا پهر،

جون سِڪي تائين سحر.

(3)

حسن وارا هاڻ تون،

وصل جو ڪو جام ڏي،

لهه ڪا اچي منهنجي خبر،

ٿئي موت جو سولو سفر.

(4)

مون چيو هي حال دل،

درد جا دفتر گهڻا ٿيا،

جو محب توکي مختصر،

قلم کان آهن ڪثر.

(5)

مل اچي ”مجذوب“ سان،

تو بنا ساري حياتي،

هر وقت آهيان منتظر،

ٿي وئي زيرو زبر.

ٿلهه:

ڪانگل ڪر ڪا ڳالهه،

پار پرين جي مون سان ساري...

(1)

چوري چهنب ٻڌاءِ ڪي ٻولي،

خاص سندن آ خيال،

خبر سڻاءِ ڪا خاصي کولي؛

ڪڏهن ايندا سي واڳون واري؟...

(2)

سارو حال بيان ڪر ويهي،

هيڻو اٿم هت حال،

تو ڪي ڏٺڙا منهن جا ڏيهي،

روز هنجهون مان روئان رت هاري...

(3)

ڪڏهين هاڻ هتي سي ايندا،

واجهايان لاءِ وصال،

مون کي وٺي او پاڻ سان ويندا؛

ساهه سدائين سڄڻ کي سنڀاري...

(4)

”مجذوب“ ملڻ لئه ماندو آهيان،

منهنجي ڇا هي مجال،

عشق ازل جي آندو آهيان،

پاڻ ئي ماري پاڻ جياري!...

محمد بلاول ”پرديسي“

محترم محمد بلاول ”پرديسي“ خلف ’محمد يعقوب‘ جن جي ولادت تاريخ 29 مارچ 1930ع تي ڳوٺ ”خانوٺ“ تعلقه هالا ۾ ٿي. طفليءَ ۾ ئي والدين کين داغِ فرقت ڏيئي ويا، انهيءَ ڪري سندن پرورش سندن چاچي جي زير سايه ٿي.

مارچ 1948ع ۾ ملازمت جي سانگي ڀٽ شاهه ويا، جتي شاعرن جي سرتاج ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جي مقدس آستاني تي ’تمر فقير‘ جي مسند نشين مرحوم ’ميهار فقير‘ ۽ ٻين فقيرن جي صحبت ۾ رهي ”رسالي“ جو مطالعو ڪري ۽ سماع جي روح پرور رهاڻين ۾ شريڪ ٿي، روحاني سرور ۽ فيض حاصل ڪيائون.

1949ع ۾ ملازمت ۽ درس و تدريس جي خيال کان حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائون، جتي ’بزم طالب الموليٰ‘ ۽ ’بزم خليل‘ جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي، دل جا جذبات شعر و شاعري جي صورت ۾ اظهار ڪرڻ لڳا. سندن شعر مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا ۽ ٿيندا رهن ٿا. 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ’اديب فاضل‘ جو امتحان پاس ڪيائون. جولاءِ 1957ع ۾ اسلامي ممالڪ جي دوري تي ويا، جنهن ۾ عراق ۽ ايران جي مشهور شهرن جو سير ڪري، مقدس مقامات جي زيارتن سان مشرف ٿي، اتي جي تهذيب ۽ تمدن بابت گهري معلومات حاصل ڪيائون. تصنيفات جي سلسلي ۾ سندن ڪافين جون ٻه طباعتون ڇپجي چڪيون آهن، ۽ ترجمي جي سلسلي ۾ سندن ڪتاب (1) ”جادو جو گلاب“، (2) ”سوني صندوق“ (3) ”پڪار“ ۽ (4) ”رهبر تندرستي“ قابل ذڪر آهن.

هتي سندن موڪليل هڪ ڪافي پيش ڪري رهيا آهيون.

ٿلهه:

توکان ڌار ڪيو تقدير اٿم،

 

دل دردن ڪئي دلگير اٿم!

1.

هن جيئڙي جڏي ۾ گهر پنهنجو اَڏي،

 

وئين اڪيلو ڇڏي، گوندر منجهه گڏي؛

 

هاڻي موت کي منهنجي دل ٿي سڏي،

 

تنهنجي چاهه جا دل ۾ چير اٿم!

2.

پهرين پيار ڏيڻ، قرب سان ڪهڻ،

 

پوءِ منهڙو مٽڻ، ناتو نينهن ڇنڻ؛

 

جاني ڪين جڳائي، ايڏي جاڙ ڪرڻ،

 

تنهنجي فڪرن ڪيو ته فقير اٿم!

3.

واجهائي هجر ۾، وئي منهنجي وهي،

 

ڪنهن سان سور سليان، ڪو پانڌي نه پهي،

 

سردار سڄڻ، وڃ ڪا سار لهي،

 

تنهنجي تات جا تن ۾ تير اٿم!

4.

تنهنجون روح رهاڻيون ياد اچن،

 

ڏاڍا پور پون، ستل سور اٿن؛

 

نوان درد دکن، ڏاريو ڏيل ڇڏن،

 

سڪ سوز جا دل ۾ زنجير اٿم!

5.

تو کي ياد ڪري، دل سور چري،

 

برهه باهه ٻري، جند جان ڳري،

 

”پرديسي“ پرين، رهه پل نه پري،

 

ڏاڍي توسان ملڻ جي اُڪير اٿم!

فقير ڏاتار بخش صوفي

محترم فقير ’ڏاتار بخش‘ خلف مرحوم فقير ’خير محمّد‘ صوفي جن تاريخ 01-06-1915ع تي پنهنجي ڳوٺ ”صوفي فقير“ تعلقي عمرڪوٽ ۾ تولد ٿيا. سنِ فهم کي پهچڻ تي سندن والد کين ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي قرآن شريف ۽ چار درجا سنڌي پڙهيائون. اُن بعد سال 1929ع ۾ کين سندن وڏي ڀاءُ صوفي ’ستار بخش‘ جن سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ داخل ڪرايائون. ان ئي سال سندن والد صاحب جن وفات ڪئي، انهيءَ ڪري سندن سنڀال ’خانبهادر غلام نبي شاهه‘ پاڻ تي هموار ڪئي، ۽ کين ميٽرڪ تائين تعليم ڏياريائون. پاڻ 1933ع ۾ عمرڪوٽ سينٽر مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائون ۽ 1935ع ۾ حيدرآباد سينٽر ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺا، پر بخار جي حملي سبب ڪي پيپر پورا نه ڪري سگهيا ۽ ناڪامياب ٿيا. اُن بعد تعليم ترڪ ڪري، ڳوٺ اچي پنهنجي وڏي ڀاءُ ’فقير عبدالله‘ سان ٻانهن ٻيلي ٿيا. پاڻ ٻه شاديون ڪيائون؛ پهرين شادي مان کين اولاد ڪونه ٿيو، انهيءَ ڪري ٻي شادي ڪيائون، جنهن مان کين ٽي فرزند ’خير محمد‘، ’حيدر بخش‘ ۽ ’حسين بخش‘ آهن. پاڻ خوش مزاج، خوش خلق، راست گو ۽ غريب طبع جا مالڪ آهن. فقيرن ۽ درويشن سان ڏاڍي محبت ۽ عقيدت رکندا آهن. کين ذڪر پير ’عبدالستار صاحب‘ (جهوڪ شريف) جن کان مليل آهي. پاڻ روزي نماز جا پابند ۽ ذڪر و فڪر جا ڪوڏيا آهن.

شاعري سندن خانداني ورثو آهي ۽ پاڻ 1953ع کان شاعري ڪندا پيا اچن.

هتي سندن ٽي ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون:

ٿلهه:

سير سراسر صوفيءَ جو،

ڏس ڪُل کان آهه ڪرارو.

1.

جڏهن پاڻ وڃائي وهي،

فرض فنا في الله پڙهي،

تڏهن طلب کي لوچي لهي؛

پوءِ سولو ٿئيس ستارو.

2.

ڪڏهين ظاهر ۾ آ ذاتي،

ڪڏهين خفيءَ ۾ پائي جهاتي،

ڪڏهن وهائي قلبي ڪاتي؛

ڪڏهن سريءَ ۾ سارو.

3.

ڪڏهين آهي عبد عابد،

ڪڏهين بنجي مرد مجاهد،

ڪڏهن آهي زهد ۾ زاهد،

هڻي ٿو نينهن جو نارو.

4.

ڪڏهين عبد ڪڏهن ستار،

ڪڏهين صوفي ڪڏهن سرڪار،

ڪڏهين بخشي ٿيو ”ڏاتار“؛

اوکو اهو آهي اشارو!

ٿلهه:

برهه جي بيمار لئه،

دلبر جو درسن آ دوا!

(1)

وڃ کڻي پنهنجيون پُڙيون،

عشق جي آزار کان،

نينهن جي نروار لئه،

تون ڇڏ حجت حاذق حڪيم،

سلطان ڀي ٿيڙا سقيم؛

دلبر جو درسن آ دوا!

(2)

مرض هن ۾ مبتلا ٿيو،

سِر پروڙي سَر ڪٽايو،

عشق جي آزار لئه،

ان جو ناهي ڪو علاج،

هُل هلايو هو حلاج؛

دلبر جو درسن آ دوا!

(3)

قيس جهڙا ڪيئي ڪونڌر،

فڪر ان فرهاد جهڙن،

برهه جي ان بار لئه،

مرض هن ۾ ويا مري،

جي ڪئي دلڙي چري؛

دلبر جو درسن آ دوا!

(4)

ڏک سکن جي سونهن آهن،

برهه وارن ڀورڙن کي،

وصل جي وهنوار لئه،

صبر ڪر ”ڏاتار بخش“،

ٿو ڪري ”ڏاتار“ بخش؛

دلبر جو درسن آ دوا!

 *

ٿلهه:

مسافر! توکي دور منزل پوڪاري،

 

نه ويسلو ٿي ويهه وطن کي وساري...

1.

اٿي رات آڌي نه تڪ ڪتيون تارا، اندر منجهه اورج هڻي نيهن نعرا،

 

اونهارا سيارا وڃج ايئن گذاري...

2.

اندر جون اکيون کول اي ابن آدم، ٻيو وندر ووڙج جيئن تون جيڪو دم،

 

اهو ئي ٿو پهچي، جو همت نه هاري...

3.

هي منزل آ لاحد، تکو هل مجاهد، هتي ٿين حيران، عابد ۽ زاهد،

 

رسن ٿا اهي جيڪي سڪ جي سهاري ...

4.

ڏڏن ۽ ڏکوين کي ”ڏاتار بخش“، ڪرم ساڻ پنهنجي تون ڪلتار! بخش،

لنگهي ڪُن ڪارونڀار، پهچن ڪناري...


 

* سيد ثابت علي شاهه مرحوم 4 اپريل 1980ع تي دارالبقا ڏي راهي ٿيو، سندن فرزند سيد نور شاهه به وفات ڪري ويو آهي، هن وقت سيد نور شاهه جا فرزند حال حيات آهن ۽ وٽن سندن ڏاڏا سائين جي ڪلام جو مسودو محفوظ آهي. اميد ته سنڌي ادب جي خدمت طور پاڻ اهو ڪلام شايع ڪرائيندا، هن مضمون ۾ ڪريم صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي جنهن مضمون جو ٽماهي مهراڻ جي حوالي سان ذڪر ڪيو آهي. ان مضمون ۾ بلوچ صاحب خواهش ڏيکاري آهي ته ڪاش ڪو محقق حضرت راضي شاهه جي سوانح تي تحقيق ڪري ۽ ڪلام گڏ ڪري ته ڏاڍو چڱو، ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ خواهش جي تڪميل معمور يوسفاڻي صاحب ڪئي، ۽ سيد يارمحمد شاهه، سيد ديدار شاهه، سيد احمد شاهه رمزي ۽ سائين ولي سروريءَ صاحب جي رفاقت ۾ جاکوڙ ڪري ڪلام گڏ ڪيو ۽ سيد منظور شاهه ۽ زاهد ڪنڀار اهو ڪلام ”مهراڻي جو مير“ جي نالي سان شايع ڪرايو. سيد ثابت علي شاهه صاحب ناري پَٽ ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي اچڻ ۽ علمي ادبي محفلن مچائڻ وقت سروري حلقي جا هن علائقي ۾ اهم رڪن هئا ۽ پنهنجو نالو ’ثابت سروري‘ لکندا هئا، پاڻ باقاعدگي سان قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان عروض جي تعليم و تربيت ورتائون. (ايڊيٽر)

* سائين عطاالله عطا، پنهنجي دور جو غزل جو تمام سهڻو شاعر هو، پاڻ صاحبِ فن ۽ صاحبِ فڪر و فهم هئا، ناري پٽ جي مشاعرن ۽ محفلن جي جان هئا، سندن نثر به ڏاڍو لذيذ هو، سندن هڪ ڪتاب ’ڪسر ڇڏ ڪنواٽ‘ (شاعري) شايع ٿيل آهي، انتهائي نفاست ۽ فهم و فراست واري مزاج جو مالڪ هو. اسان اُهو دور ڏٺو جڏهن ناري پٽ ۾ جڏهن ڪا ادبي محل يا مشاعرو ٿيندو هو ته عطا سائين ان جي جان هوندو هو، ٽکڙ جي خمير جي هن گل جي خوشبوءِ ئي پنهنجي هئي، کيس ذاتي تعلقات نباهن جو به ڏانءُ هو، جڏهن بابا سائين جي وفات تي اسان جي اڱڻ آيو ته چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب هتي ته رسمي طور آيا آهيون. باقي اصل تڏو ته اسان جي اندر جي اڱڻ ۾ وڇايل آهي.“ سندن انهيءَ دلربا ادا جو ته جواب ئي نه آهي. ان کان پوءِ اسان وٽ ڀيرو نه ڀڳائين. ساڳيو ئي قرب سائين ثناءُالله ۽ سندس ڀائر برقرار رکيو اچن. سندن حياتي ۽ شاعري تي انشاءالله جلدي هڪ مڪمل مضمون مهراڻ ٽماهي لاءِ لکبو، پاڻ سوين راڄ رئاڙي 27- جنوري 2014ع تي وڃي پنهنجي محبوب حقيقي سان ملاقي ٿيا.

(ايڊيٽر)

* ناري پٽ جي ٻين ڪجهه شاعرن سان گڏ پاڻ به سروري سٿ ۾ شامل ٿيا ۽ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان اصلاح ورتائون، سندن ڪلام جو مڪمل مجموعو سائين معمور يوسفاڻي صاحب ترتيب ڏنو آهي، جيڪو  ان شاءالله جلدي اشاعت هيٺ ايندو، پاڻ تمام سٺا مولودي پڻ هئا. ناري پٽ جي اڪثر مولودين جي ٻارين سان شغل پڙهيائين. خاص طرح معمور يوسفاڻي صاحب ۽ ٻانڊيءَ جي سُرهاڻي ماڇين جي ٻاري سان اڪثر شغل پڙهندا هئا، قائم فقير ڪيترو وقت تسلسل سان حضرت مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي درگاهه تي 27 رجب تي پڻ شغل پڙهيو. سندن وفات    25- جنوري 1967ع تي ٿي.جيلاني پير قادن شاهه ۽ ميئن شاهه جا مريد هئا، جيلاني پيرن جو هيءُ ڳوٺ ميرپورخاص جي اولهه ۾ ’جاني لوڊو‘ جي نالي سان آهي، هتي يارهين شريف تي به شغل ٿيندو هو، پيرن جي حويلي ۾ قائم جي والده ۽ ڌيءُ شغل پڙهنديون هيون. کيس ٻه فرزند برڪت ۽ غلام سرور هئا. غلام سرور جا ٽي فرزند: منظور، برڪت علي ۽ اسد علي آهن.  قائم جو والد دائود بن خيرمحمد بن جمعو ٿيو، سندس ٻيو ڀاءُ محمد عمر سندس مولودن جي ٻاري جو جهيلي هو، محمد عمر جو فرزند نيڪ محمد حال حيات آهي ۽ قائم فقير جي سوانح ۽ ڪلام جو معتبر راوي آهي (ايڊيٽر)

* ’بلاول‘ مرحوم جو نالو سنڌي ادب ۾ مشهور ۽ معروف رهيو آهي، سندس تصنيفات جو سلسلو به جهجهو آهي، سنڌي شاعري جون سڀ مروج صنفون سندس شاعري ۾ شامل آهن، خاص طرح گيت گهڻو مشهور ٿيا، قومي ۽ مِلي نغما لکيائين. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي نشر ٿيڻ سان گڏ پنهنجي دور جي سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شعر ڇپبو رهيو، پاڻ 23- ڊسمبر 1989ع تي وفات ڪيائين..  (ايڊيٽر)

* فقير ڏاتار صاحب ’ڏاتار‘ ۽ ’وڇڙيل‘ جي تخلصن سان شاعري ڪئي. 23 ڊسمبر 1980ع تي وفات ڪيائون. سندن پنج فرزند آهن: تازو 14 اپريل 2022ع تي صوفي حيدر بخش جي وفات ٿي. وڌيڪ تفصيل صوفي خيرمحمد جي احوال ۾ آهن.  (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org