سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: وڻجارن وايون

 

صفحو:2 

ڇا ته قدرت واري کين سهڻي صورت ۽ سيرت جو امتزاج ڏنو هو. قد پورو پنو، رنگ پڪو ڪڻڪائون، ڪلها شانائتا، ڪنڌ ۾ نيازمنديءَ جي لچڪ، چهرو سهڻو ۽ مان وارو.

جيئن جيئن گهنڊ پائين، تيئن تيئن سهڻا سپرين،

ڪوڙين يوسف ڪيترا، اُڀا ڪَرَ نائين،

اهڙا ئي آهي، ”صادق“ منهنجا سپرين

(صوفي صادق)

حياتيءَ جي پوين سالن ۾ سندن پُروقار چهري تي سهڻي، باعزت ۽ بابرڪت سُونهاري. ٻاجهاريون ۽ مهربان اکيون- جيڏانهن نهارين، ٻاجهه ۽ سونهن جون ڪيئي اميدون، آسرا ۽ سهارا جاڳيو پون. ظلم ۽ بربريت جا پهاڙ ميڻ ٿيندا محسوس ٿين. اڙيالن ۽ اَڀرن جي دلين ۾ سُکَ ۽ سَرهائي جا بادل رم جهم ڪندا محسوس ٿين.

کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،

سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر،

تارا، ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،

جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.

(شاهه)

سندن نفاست واري لاکيڻي لوڏ؛ هٿن جون تريون ڀاڳ، امن ۽ آشتي جي لڪيرن سان سينگاريل؛ آڱريون سَنهيون؛ هٿ نرم ۽ سخاوت جي خوشبوءِ سان ٻهڪندڙ؛ نازڪ ۽ پشم جهڙا ڪَئُنرا پير.

پير پٽائين ڪئنرا، ڏونگر مٿي ڏي،

پاڻ نه پَسي ڦٽيو، ڪڙهي ڪيچين کي.

پاڻ مٿي تي اڪثر سنڌي ٽوپي يا ڪراڪلي جناح ڪئپ پائيندا هئا. هٿ ۾ رومال، ڪوٽ، واسڪوٽي، شلوار قميص ۽ نرم سهڻا سليپر استعمال ڪندا هئا. پر، سندن لباس ۾ جيڪا شيءِ سڀني کان شانائتي لڳندي هئي، اها هئي گلي ۾  پاند- ننڍڙو گيڙو يا ناسي رنگ جو ڪپڙو يا ننڍڙو پوتيو. هن ڳچيءَ جي پاند ۾ عجز، نياز، نِوڙت ۽ فنا تي يقين جي جيڪا تصوير جهلڪندي هئي. اها سندن سڄي لباس جو ڪلائيمڪس (Climax) هئي.

ڳل ڳرهه پائي، ڪر صلح سلطان سين.

(شاهه)

سندن هڪ ڪلهي تي اڪثر ٽوال يا اجرڪ لٽڪيل هوندي هئي. انهيءَ جي لٽڪڻ جو ته شان ئي پنهنجو هو. بيشڪ سندن ڪلام ۾ سچ آهي ته،

سونهڻ ۾ سندس نه ڪو ثاني هو،

جهڙس نه جڙيل ڪو جاني هو.

ڪو مٽ نه هئس ماهه پارن ۾،

ائين پڌرو پرين، هئو هزارن ۾،

جيئن چنڊ هجي ڪو تارن ۾! (ڪريم)

مون سندن شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ڪيا سانگ سانوڻ، ۽ چنڊ جهڙا پرين ترتيب ڏنا آهن ۽ سندن ڪلام تي ڪتاب ”ڪيا سانگ سانوڻ ۾“ تفصيلي مضمون لکيو آهي. هن شاندار پُروقار ۽ سهڻين انساني صفتن سان سينگاريل شخصيت تي لکندي مون کي احساس ٿيو، ته مون جهڙو ڪم علم ۽ ضعيف قلمڪار هيڏي وڏي شخص تي ڇا لکندو ۽ ڇا انصاف ڪندو! اهو سوچيندي سوچيندي، ذهن، لفظ ۽ قلم سڀ بيهندا ويا ته:

سا پڙهڻ واري کي خبر ڪهڙي،

جو لکڻ واري ڀوڳيو هوندو! (وفا)
 

راڄ محمد پلي

مهاڳ

 

(پهريون ڇاپو- 1961ع)

اداره جي تشڪيل ۽ مقصد

هن خطي (نارا سب ڊويزن) ۾ ڪافي علماء ۽ فضلاء، شعراء ۽ ادباء، صلحاء ۽ عقلاء، قومي خادم ۽ سياسي رهنماء، سگهڙ ۽ سياڻا، فقراء ۽ اصفياء، موسيقار ۽ فنڪار، خطاط ۽ خوش نويس پيدا ٿيا، ۽ پيدا ٿيندا رهن ٿا؛ پر افسوس ته هن مردم خيز خطي ۾ ڪافي وقت کان ڪنهن خاص علمي ۽ ادبي اشاعتي اداري جو وجود ڏسڻ ۾ نٿو اچي. انهي فقدان کي محسوس ڪندي، هن اهم خال کي ڀرڻ لاءِ تاريخ 14 مئي 1961ع تي بنا تاجرانه مقصدن ۽ غرضن جي، ادب جي مخلصانه خدمت ڪرڻ خاطر، ڳوٺ ”خانصاحب عطا محمد پلي“ تعلقي عمرڪوٽ ۾ اداره ”نوائي ادب“ جو بنياد رکيو ويو. اداري جي ڪم هلائڻ لاءِ ڇهن ڊائريڪٽرن تي مشتمل ”بورڊ آف ڊائريڪٽرس“ جي تشڪيل ڪئي ويئي. جناب راڄ محمد ”جمال“ چيف ڊائريڪٽر، جناب ”جليل“ سروري، جناب ”معمور“ يوسفاڻي، جناب علي احمد پلي، جناب ولي محمد ”وفا“، ۽ جناب عبدالڪريم پلي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عهديدار چونڊيا ويا. اداري جو مقصد قارئين اڳيان اخبارن ذريعي اڳ ۾ ئي پيش ڪيل آهي، ته هن اداري جو واحد مقصد آهي صحتمند، صالح ۽ پاڪيزه، فحاشت، عريانيت ۽ اشتراڪيت کان پاڪ ۽ صاف، علمي، ادبي، اخلاقي، اصلاحي، تعميري ۽ معياري لٽريچر پيش ڪري، پنهنجي مايه ناز مادري زبان ۽ ادب جي حتي المقدور، بيلوث ۽ بيغرض مخلصانه خدمت ڪرڻ- والله ولي التوفيق.

اداره جي پهرين پيشڪش

خدا پاڪ جا لک شڪر آهن جو اداره ڪيل وعدي مطابق پنهنجو آغازي ڪتاب ”وڻجارن وايون“ سنڌ جي ممتاز ڪافي گو مرحوم و حيات نامور شاعرن، ڪهنه مشق گمنام شاعرن ۽ نوجوان جمله شعراء ڪرام جو تذڪره ۽ ڪلام (ڪافيون) سنڌ جي عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ علم دوست حضراتن اڳيان پيش ڪري رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ شموليت لاءِ سنڌ جي موجوده ڪافي گو شعراء ڪرام کي اجتماعي طرح اخبارن ذريعي ۽ فردن فردن خطن ذريعي دعوت ناما عرض رکيا ويا هئا. پر افسوس ته اسان کي تمام ٿورڙن ٻاهرين شاعرن ڪلام ۽ حالات موڪليا، انهيءَ ڪري هن ڪتاب ۾ هتي جي شاعرن جي اڪثريت نظر ايندي. هن ڪتاب جي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم محترم عبدالڪريم پلي جي حوالي ڪيو ويو هو، جنهن صاحب خوشيءَ سان ڪتاب جو ڪم پاڻ تي کڻي، ديده ريزي ۽ جانفشانيءَ کان ڪم وٺي، ڪتاب پيش ڪيو آهي. ڪنهن به انسان جي تصنيف متعلق هيءَ راءِ قائم ڪرڻ ته هي خامين ۽ غلطين کان پاڪ آهي، انتهائي وڏي غلطي ٿيندي! لهذا هن ڪتاب ۾ پڻ ڪن اهم فني خامين جي رهجي وڃڻ جو انديشو آهي. اسان جو سنڌ جي عالمن ۽ اديبن کي عرض آهي ته هو اسان جو ڌيان اسان جي خامين ڏانهن ڇڪائي، مشڪور فرمائين. اسين، اسان جي ڪرم فرما شاعرن جا نهايت ئي ممنون، مشڪور ۽ مرهون آهيون، جن پنهنجا ڪلام ۽ حالات موڪلي، اسان جي همت افزائي ڪرڻ فرمائي.

اداره هي پڻ فيصلو ڪيو آهي ته هو پنهنجي ڪرم فرما شاعرن کي ڪتاب جي هڪ هڪ ڪاپي مفت ڏيندو، هي ڪو انهن املهه ڪلامن جو عوض نه آهي، بلڪه هڪ مخلصانه حقير تحفو سمجهڻ گهرجي.

اداره جو آئنده پروگرام

اداره جي آئنده اشاعتي پروگرامن کان قارئين کي واقف رکڻ ضروري سمجهجي ٿو. ادارو آئنده هر علوم و فنون تي اعليٰ مذاق جي علمي، ادبي، تاريخي، تحقيقي، سياسي، اسلامي ۽ فني، حڪمت، تصوف، نفسيات ۽ سوانح تي طبعزاد ۽ ڌارين ٻولين تان ترجمو ڪيل ڪتاب ۽ اخلاقي، اصلاحي، سماجي، جاسوسي ۽ ٻيا فلاحي ۽ تعميري طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ناول پنهنجي طرفان ۽ سنڌ جي سٺن اديبن کان، سٺن معاوضن تي حاصل ڪري، شايع ڪندو. علاوه ازين شعر و شاعري ۾ هتي جي وڏن مرحوم شاعرن جو ڪلام هٿ ڪري، انهن جي رسالن ۽ ڪلياتن ۽ هتي جي موجوده شاعرن جا ديوان ۽ ٻيو ڪلام پيش ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ان شاء الله تعاليٰ.

اظهارِ تشڪر

آخر ۾ اداره ايڊيٽر هفتيوار ”آزاد“ ڪراچي، ايڊيٽر هفتيوار ”همدرد“
ميرپورخاص ۽ ايڊيٽر روزانه ”خادمِ وطن“ ميرپورخاص جن جو نهايت ئي مشڪور آهي، جن صاحبن اداره جون ڪارروايون ۽ التماس، پنهنجي نامور ۽ مؤقر اخبارن ۾ موزون جاين تي شايع فرمائي، اداره جي همت افزائي ڪرڻ فرمائي. والسلام.

پاڻيءَ ۾ پرتوءِ، جهاز ضعيفن جو،

سيد ساٿ سندوءِ، پر بندر پڄائيين!

(شاهه)

(اداره)


 

 

عرض

 

اداره ”نوائي ادب“ طرفان زير نظر ڪتاب ”وڻجارن وايون“ کي سموهڻ ۽ سنوارڻ جو جيڪو ڪٺن ۽ دقيق ڪم منهنجي سپرد ڪيو ويو هو، تنهن کي پايئه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ، هڪ نئون آموز ۽ مبتدي، ناتجربيڪار ۽ اڻ آزمودگار جي حيثيت سان پنهنجي معمولي ۽ محدود علمي ۽ ادبي بساط ۽ معلومات مطابق جيڪا ڪوشش ۽ محنت ڪئي اٿم، سا اوهان جي اڳيان آهي. منهنجي اها ڪوشش ۽ محنت ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ سان ڪيتري قدر همڪنار ٿي آهي، تنهن لاءِ ڪنهن يقيني راءِ جو اظهار مون لاءِ ناممڪن آهي. لهذا اهو فيصلو علم ۽ ادب جي پارکن ۽ قدردانن تي ڇڏجي ٿو.

”ڪائو ڪمايوم، موتي مون نه وڻجيا!“

ڪتاب ۾ پيش ڪيل مرحوم شاعرن جا تعارف، دستياب ٿيل حالات ۽ حيات شاعرن جا تعارف سندن پونيئرن ۾ دوستن جي موڪليل حالات جي روشنيءَ ۾ سپردِ قلم ڪيا ويا آهن. باقي خود نوشته تعارف معمولي ترميمن بعد ساڳي حالت ۾ درج ڪيا ويا آهن. ڪتاب کي ٻن حصن ۾ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن مطابق مرحوم شاعرن کي پهرين حصي ۽ حيات شاعرن کي ٻئي حصي ۾ مناسبت ۽ موافقت سان پيش ڪيو ويو آهي.

جيئن ته اداره جو هي آغازي ڪتاب محض ڪافين لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪري هن ۾ صرف ڪافيون ئي پيش ڪيون ويون آهن ۽ جن صاحبن ڪافين سان گڏ غزل به موڪليا هئا، تن کان سندن غزل ڪتاب ۾ شامل نه ٿيڻ جي حالت ۾ معذرت طلب ڪجي ٿي.

شڪر و سپاس

اداره ”نوائي ادب“ جي چيف ڊائريڪٽر جناب راڄ محمد ”جمال“ جن جو خلوصِ دل ۽ صدقِ قلب سان مشڪور آهيان، جيڪي ڪتاب جي ڪم ۾ منهنجا برابر جا شريڪ، معاون ۽ مصلح رهيا. نيز اداره جي ٻئي بالغ فهم ۽ بليغ نظر ڊائريڪٽر جناب ”معمور يوسفاڻي“ جن جو به ٿورائتو آهيان، جن پڻ هن ڪم ۾ منهنجي خاطرخواهه مدد فرمائي، ۽ اداره جي ٻين لائق ڊائريڪٽرن جناب ”جليل سروري“، جناب علي احمد ۽ جناب ولي محمد ”وفا“ جن جو به تهه دل سان ممنون آهيان، جيڪي صاحب ناچيز کي هر وقت پنهنجي مفيد مشورن سان نوازيندا رهيا.

علاوه ازين، مخلص ڪرم فرما سيد ثابت علي شاهه، محترم دوست ولي سرشاري، برادرم عبدالعليم پلي ۽ عزيزم عزيز الدين راٺوڙ جن جو به شڪريه ادا ڪرڻ پنهنجو اخلاقي ۽ نظرياتي فرض ٿو سمجهان، جن پڻ هن ڪارِ نيڪ ۾ منهنجي مدد ڪئي.

آخر ۾ جناب حضرت مخدوم امير احمد صاحب، جناب مولانا غلام محمد ”گرامي“ صاحب ۽ جناب محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جن جو مخلصانه ۽ مؤدبانه شڪريه ادا ڪريان ٿو. جن صاحبن ڪتاب تي عالمانه ۽ محققانه نظر وجهي، پنهنجي توضيحي، تحقيقي ۽ تقريظي نوٽن ذريعي ڪتاب جي نزاڪت، اهميت ۽ خوبصورتي ۾ قابل ذڪر ۽ لائقِ قدر اضافو فرمايو. والسلام.

 

نياز مند

عبدالڪريم پلي

ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي

تاريخ 10 ڊسمبر 1961ع

 

تقريظ

 

بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

نحمدہ و نصلی علٰی رسوله الکریم

 

نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو اسان جا نوجوان پنهنجي قومي سرمايي يعني ملڪي ادب کي سهيڙڻ کي جنبي ويا آهن، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ اهڙا ڪافي ڪتاب ڇپجي شايع ٿي چڪا آهن جن ۾ سنڌي زبان جو جهنگ جهر ۾ لڪل ۽ گمنام ادب جو ذخيرو عوام جي اڳيان آندو ويو آهي. اڃا به گهڻو ئي ذخيرو ملڪ جي گمنام گوشن ۾ لڪو پيو آهي، جنهن کي ٻاهر ڪڍي، ميدان تي آڻڻ جي ضرورت آهي.

هن وقت اسان جي هٿ ۾ تعلقي عمرڪوٽ، ضلعي ٿرپارڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”خانصاحب عطا محمد پلي“ ۾ قائم ڪيل ادبي اداري، ”اداره نوائي ادب“ جو مرتب ڪيل ڪافين جو ڪتاب ”وڻجارن وايون“ رکيل آهي.

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي انهن گهڻن ڪافي گو شاعرن جو به ڪلام گڏ ڪيو ويو آهي، جن کي تذڪره نويسن پنهنجن تذڪرن ۾ ڪا جاءِ ڪانه ڏني آهي. انهن مان ڪي فوت ٿي ويل آهن.

ڪلام جو وڏو حصو معياري  ۽ اشاعت جي قابل آهي، البت ڪنهن ڪنهن ڪلام ۾ ڪي فني غلطيون آهن، پر اهي درگذر جي قابل آهن.

شاعرن جي ڪلام ڏيڻ کان اڳ هر هڪ شاعر جو مختصر پر گهڻي حد تائين جامع تعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن مان هر هڪ شاعر جي صلاحيت ۽ قابليت جو چڱو پتو پئجي سگهي ٿو. ايترو ضرور آهي ته تعارفي نوٽ ۾ زبان ڏاڍي ڳري ۽ دير هضم استعمال ڪئي ويئي آهي. آءٌ پنهنجي نوجوان لکندڙن کي عرض ڪدس ته سليس ۽ سلوڻيءَ سنڌي زبان لکڻ جي ڪوشش ڪن، ۽ عربي ۽ فارسيءَ جي ڳرن لفظن استعمال ڪرڻ جو رجحان هڪدم ختم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان ٻوليءَ جي فصاحت ۽ بلاغت کي وڏو ڌڪ لڳي ٿو. سنڌي زبان ۾ فارسي ءَ جي زير اضافت استعمال ڪرڻ پڻ معيوب ۽ نامناسب آهي.

بهرحال ”اداره نوائي ادب“ جي هيءَ پهرين ڪوشش داد جي قابل آهي. اسان هن اداري جي ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي، سندن ڪوشش کي ساراهيون ٿا، جيئن ته هنن اڄڪلهه جي ادارن وانگيان پنهنجي ڪوششن کي صرف افسانن ۽ ناولن تائين بند نه رکيو آهي، بلڪ هڪ صحيح ۽ ضروري ادبي ڪم ڏانهن توجهه ڏيئي، سنڌي ادب جي هڪ وڏي خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

اسين پڙهندڙن کي پرزور سفارش ڪريون ٿا ته افسانن ۽ ناولن ۽ عشقيه قصن جي پڙهڻ واري رجحان کي ختم ڪري، هن قسم جي ڪتابن کي دل و جان سان پڙهڻ تي پاڻ کي هيرايو ته جيئن توهان ۾ صحيح ادبي مذاق پيدا ٿي وڃي. والله المستعان.

مخدوم امير احمد

پرنسيپال سنڌ اورينٽل ڪاليج

حيدرآباد، سنڌ

 

اظهارِ مسرت

 

سنڌي زبان تي هينئر اهڙو نازڪ وقت آيل آهي، جو جيڪي به شخص يا ادارا منجهس ڪي به نوان ڪتاب ڇپين ٿا، يا اڻلڀ ٿي ويل ڪتاب نئين سر ڇپائين ٿا، سي قوم تي هڪ وڏو احسان ڪن ٿا. خصوصاً جيڪي صاحب گمنام يا گهٽ مشهور شاعرن ۽ اديبن جون ڪاوشون عوام اڳيان آڻين ٿا، سي ته وڌيڪ تحسين جا مستحق آهن.

عمرڪوٽ جا نوجوان محترم عبدالڪريم ۽ راڄ محمد پلي، ۽ سندن ساٿي به انهن تحسينن جا حقدار آهن، جو هنن سندن تڪ ۾ ”اداره نوائي ادب“ قائم ڪري، سنڌي ادب ۾ اضافي ڪرڻ جو مبارڪ ڪم هٿ ۾ کنيو آهي، جنهن جو آغاز هن ڪتاب سان ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته هن ۾ ڪن نوآموز شاعرن جو اهڙو ڪلام به شامل آهي، جو اصلاح جو محتاج آهي؛ مگر بهرحال اهو به:

جي تون سنهو نه سکيو، ته مر رنڍا ئي روڙا!

جي صف ۾ ضرور بيهي ٿو، ۽ انهن شاعرن جي قدر افزائي به يقيناً کين اڳتي وڌڻ تي آماده ڪندي؛ آخر روم به هڪ ڏينهن ۾ ته ڪونه ٺهيو هو، اڄ جا ”سيکڙاٽ“ ضرور سڀاڻي جا ”استاد“ بنبا!

منهنجو دستور اهو آهي ته هر نئين لکندڙ ۽ پبلشر کي همٿائيندو رهندو آهيان. اڪثر انهيءَ جو نتيجو بهتر نڪرندو آهي ۽ هو وڌيڪ سٺيون چيزون پيش ڪندا ويندا آهن. منهنجي انهي دستور کي ڪي وڏا قابل صاحب ناپسند به ڪندا آهن، پر اءٌ کيس ته ايترو صحيح ٿو سمجهان، جو چاهيان ٿو، ته شل ڪو اهڙو وڏو ادارو به قائم ٿئي، جو ميشرس ”هريسنگهه ۽ پوڪرداس“ وانگر سنڌيءَ ۾ هر طرح جا ڪتاب ڇپائيندو، سنڌي زبان کي مالا مال  ڪندو وڃي، ۽ مرحوم ’منشي نولڪشور‘ وانگر انهن کي ”تور“ تي وڪڻندو وڃي؛ پر افسوس اهو آهي، جو بقول شاعر:

ڪريمان را به دست اندر درم نيست،

خداوندانِ نعمت را ڪرم نيست!

جن کي اهڙيون اُمنگون آهن، تن وٽ ايترو پئسو ڪونهي ۽ جن وٽ پئسو آهي، تن کي چاهه ڪونهي. اڪثر واپاري طبيعت جا دولتمند به ٻيا واپار پيا ڪن، پر هن واپار کي غير منافع بخش سمجهي ڏانهنس ڪنڌ به نه ڦيريندا آهن؛ حالانڪ هي اهو واپار هو، جنهن ۾ ”مڻن جي اگهه“ ڪتاب وڪڻندي به منشي نولڪشور مرحوم وڏي عروج تي پهچي ويو، ۽ اڄ به سندس پويان نه صرف سُکيا آهن، پر عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسبا آهن.

ڪي نيم سرڪاري ادارا تمام وڏي موڙي رکن ٿا، پر هو به انهي جو هڪ حصو انهي لاءِ جدا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، ته هرڪو ڪتاب ڇپيو وڃي؛ حالانڪ هو اهو محسوس ڪن ٿا، ته ڪي ٻيا خالص واپاري قسم جا ڪتاب ڇپائڻ کان گهٽ نفعو هن شعبي ۾ ڪونه ٿيندن؛ پر هنن کي اهو مڃائڻ به ڪوهِ بي ستون چيرڻ کان گهٽ ڪم ناهي!

”اداره نواءِ ادب“ جي ڪارپردازن جي هن مبارڪ ڪارنامي جي آغاز مان اميد رکي سگهجي ٿي ته سندن اعلان موجب هو کيس وڌائيندا ئي ويندا ۽ سندن ديس ۾ ٻيا اهڙا ڳوٺاڻا ادارا به قائم ٿيندا.

ڳوٺ ”خانصاحب عطا محمد پلي“ سان مون کي ايترو ئي اُنس آهي، جيترو ڏيپلي ۽ حيدرآباد سان؛ ڇاڪاڻ ته انهي ئي ڳوٺ ۾ منهنجي اشاعتن لکڻ جو آغاز ٿيو هو ۽ پهرئين ڪتاب ”قرآني دعائون“ کان وٺي، ”ڏاهري رنگ محل“ تائين ته هر ڪو ڪتاب اتي ئي رهندي پيو لکندو هوس؛ جنهن جو اظهار ڪتاب ”قرآني دعائون“ ۾ به ڪيل آهي؛ مگر پوءِ به ڪيترن ئي ورهين تائين ڪافي لکيت اتي ئي ٿيندي رهندي هئي. مرحوم ”خانصاحب عطا محمد پلي“ صاحب جن به مون کي انهيءَ ۾ پوريءَ طرح همٿائيندا رهندا هئا. منهنجي مسرت جو ڀلا ڪهڙو ٺڪاڻو هوندو، جو جن هنڌن تي مون ويهي پنهنجا ڪتابڙا لکڻ شروع ڪيا، اتي اڄ ”اداره نواءِ ادب“ جو به بنياد پئجي رهيو آهي! شايد، بقول شاعر:

ڪليون ۾ اهتزاز هي اظهارِ حُسن ڪا،

سينچا ڪسي ني ڦول ڪو بلبل ڪي لهو سي!

آخر ۾ آءٌ هنن نوجوانن کي وري به مبارڪباد پيش ڪندي، ڌڻي تعاليٰ کان سندن مبارڪ ادارن ۾ برڪت وجهڻ جي دعا طلب ڪريان ٿو.

10-ڊسمبر 1961ع                                     م.ع. ڏيپلائي

حيدرآباد، سنڌ                                                  (محمد عثمان ڏيپلائي)

 

ديباچو

 

غلام محمد ”گرامي“ ايڊيٽر ’مهراڻ‘ (سنڌي ادبي بورڊ) حيدرآباد، ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪائونسل، پاڪستان رائٽرس گلڊ، مغربي پاڪستان ريجن

”وڻجارن وايون“، ”اداره نواءِ ادب“ ڳوٺ ”خانصاحب عطا محمد پلي“ جي باذوق ۽ علم دوست نوجوانن جو علمي ۽ ادبي ڪاوشن جو قابلِ ستائش مجموعو آهي.

ڪتاب جي مرتب، هن دور جي ڪافي گو شاعرن مان حضرت ”طالب الموليٰ“، مخدوم محمد امين ”فهيم“، ”خليل“ سرهندي، جڙيل شاهه ”صوفي“، ”محمد اسماعيل“ پلي، حاجي احمد علي ”مجذوب“، ”غني“، محمد
”ايوب“ آريسر، فقير ”قاسم علي“ صوفي القادري، ”فيض“ حيدري، احمد خان ”آصف“، نثار ”بزمي“، ”خادم“ سروري، ثابت علي شاهه ”ثابت“، عطاء الله ”عطا“ سرهندي، قائم الدين ”قائم“، ”ولي“ سرشاري، صوفي محمد زمان ”مجذوب“، ”پرديسي“، فقير ”ڏاتار بخش“ صوفي، ڀڳت ”جمڙو“ مل،
”ماجد“ اهروي، ”يتيم“ رونجهو، فقير ”شمس علي“ پلي، ”اختر“ مورائي، حافظ ”ملوڪ“ پلي، ”مظهر“ تونيه، راڄ محمد ”جمال“، ”جليل“ سروري، ”معمور“
يوسفاڻي، ”علي احمد“ پلي، ولي محمد ”وفا“ ۽ ”عبدالڪريم“ پلي جو ڪلام مختصر سوانح سميت پيش ڪيو آهي.

ان کان سواءِ ’ٿر‘ جي مشهور بزرگن ۽ صوفين مان حضرت صوفي صديق فقير ”صادق“، فقير محمود ”مل“ پلي، خليفو ڇٽو ”درس“، صوفي ”بايزيد“، صوفي ”شهاب الدين“، فقير ”خير محمد“ صوفي، فقير روشن الدين ”روشن“،  ”سرهو“ فقير، خليفو محمد امين ”درس“، فقير ”عبدالله“ صوفي ۽ حافظ خان محمد ”ملون“ جو ڪلام ’شعراءِ ممات“ جي عنوان هيٺ آندو آهي.

هن نظر افروز ڪتاب ۾، قادر الڪلام ۽ نوآموز شاعرن جي ڪلام کي گڏ ڪندي جنهن دلي وسعت جو مثال پيش ڪيو ويو آهي، ان جو داد ڏيڻ گهرجي.

آءٌ هن مختصر انتخاب کي، سنڌي شاعريءَ ۾ مفيد اضافو سمجهان ٿو، اميد آهي ته اسان جا نوآموز شاعر، قادر الڪلام استادن جي پختگيءَ ۽ فني معيار مان حظ به حاصل ڪندا ۽ سکندا به.

اصل ۾ ’بيت‘، ’ڪافي‘، ’وائي‘ ۽ ان قسم جون ٻيون صنفون، سنڌي شاعريءَ جون پنهنجون ۽ پراڻيون صنفون آهن. اسان جي بزرگن ۽ سگهڙن کي اهو شرف حاصل آهي، جو انهن پنهنجي جذبات ۽ واردات جي پيش ڪرڻ لاءِ، رَس ۽ رهاڻ کي قائم رکندڙ سوليون، سهڻيون، شيرين ۽ دلنشين صنفون بنايون. سنڌي اصناف ۾ ڪافي ۽ بيت کي بنيادي مقام ۽ معيار حاصل آهي.

’ڪافي‘ پنهنجي تاريخي ۽ فني لحاظ سان، اڃا تائين هڪ اختلافي مسئلو رهندو آيو آهي. ان موضوع تي هن کان اڳ جناب پير حسام الدين صاحب راشدي، منظور نقوي ۽ ذوالفقار راشديءَ جا مضمون ’نئين زندگيءَ‘ رسالي ۾ شايع ٿي چڪا آهن، ان کان سواءِ سيد عطا حسين موسويءَ ”ڪچ ڪوڏيون“ ڪتاب ۾ به هڪ مختصر مضمون لکيو آهي؛ ان طرح هڪ مختصر مضمون ’ڪلياڻ آڏواڻيءَ‘ جو، ”فرنٽيئر گزٽ“ جيڪب آباد ۾ پڻ قسطوار اچي چڪو آهي، ۽ ”مهراڻ“ رسالي جي پراڻي دور ۾ به هڪ مقالو آيل آهي.

انهن مڙني عالمن ۽ اديبن ڪافيءَ جي فني ۽ تاريخي ارتقاء ۽ سٽاءَ تي سهڻو بحث ڪيو آهي، ان فن سان وابسته شاعرن کي اهي مضمون غور سان ڏسڻ گهرجن.

خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ’ڪافيءَ‘ جي فن ۽ ارتقاءَ تي هن دور جي عظيم صاحب فن، شاعر ۽ سخن شناس بزرگ حضرت مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ جن مفصل ۽ جامع بحث قلمبند فرمايو آهي. اهو ڪتاب پنهنجي صَوري ۽ معنوي حيثيت سان ’ڪافيءَ‘ جي موضوع تي مڪمل ريسرچ ۽ تحقيق آهي.

ڪافيءَ متعلق آءٌ رڳو ائين چوڻ تي اڪتفا ٿو ڪريان ته سندس فني ۽ تاريخي ارتقاءَ ۽ سٽاءَ ۾ تاريخي ۽ فني طور عالمن ۽ مؤرخن، محققن ۽ اديبن جا ڪيترا به اختلاف هجن، پر سندس معنوي رَسَ ۽ رهاڻ، جذب ۽ ميٺاج، نڪته آفرينيءَ ۽ جذبات نگاريءَ، سادگيءَ ۽ پختگيءَ ۾ ته نه ڪو آهي اختلاف، نه ڪو آهي انحراف!

’ڪافي‘ انسان جي شعوري ۽ جذباتي تندن ۽ تارن کي ڇيڙڻ ۾، غزلن ۽ ٺُمرين کان وڌيڪ اثرائتي صنف ثابت ٿي آهي.

تاريخي لحاظ سان ’ٺُمري‘ واجد علي شاهه جي دربار ۾ تجربي طور ٺاهي ڳائي وئي. ان جي فني ارتقا ’سدا رنگ ۽ ادا رنگ‘ پارن فنڪارن جي مرهون منت آهي. پر ’ڪافي‘ ته ان کان گهڻو اڳ، خسرو جي جودت طبع ۽ خلاقِ معاني فن جي پيداوار آهي، ۽ هڪ ’ٺاٺ‘ آهي. ان جو ذڪر پنڊت ’سارنگ ديو‘ ”ارتناڪر“ ڪتاب ۾ آندو آهي، ۽ ’هربريا ميل‘ جي ذڪر ڪندي، ’ڪافي ٺاٺ‘ ۽ ان جي سُرن کي بيان ڪيو اٿس.

فن جي ڄاڻن جي اها راءِ آهي ته ’سريراڳ‘ به ”هربرياميل“ کي ئي سڏيو ويو آهي. جنهن مان ’ڪافي‘، ’ڌناسري‘ ۽ ’ڀيم پلاسي‘ وغيره جهڙيون راڳڻيون پيدا ٿيون آهن.

پر جيستائين ’ڪافيءَ‘ جي ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو تاريخي ۽ فني پس منظر آهي، ان لاءِ ائين چوڻ ڪافي آهي ته سنڌ جي برگزيده روزگار بزرگن، ’ڪافيءَ‘ کي ’سوز ۽ ساز‘، ’راز ۽ نياز‘ جي ’واردات ۽ مشاهدات‘،  ’جذبات ۽ ڪيفيات‘ سان رنگين ۽ روح آفرين بنائي ڇڏيو.

ان طرح سنڌي شاعريءَ ۾ ’بيت‘ کي به وڏو مقام حاصل آهي. بيت جي تخليقي وابستگي ’هندي دوهي‘ سان آهي، پر موضوع ۽ مواد جي خيال سان ’سنڌي بيت‘ رڳو تصوف ۽ ويدانت تائين محدود نه آهي؛ پر انهن سان گڏ زندگيءَ جي جامع ۽ همه گير ترجماني به ڪئي  وئي آهي. لهذا ائين چوڻ ۾ به وڌاءُ ڪين آهي ته بيت سان جامعيت ۽ فن جي لحاظ سان نڪو هندي دوهو برميچي ٿو سگهي، نڪو آزاد نظم، نڪو ترائيل، نڪو سانيٽ! ’بيت‘ غزل ۽ نظم کان به بلند ۽ جامع صنف آهي. ان شاء الله، ان موضوع تي آءٌ مفصل ۽ مڪمل بحث پيش ڪندس.

سنڌ ۾ بيت جي تاريخ به ڪافيءَ وانگر اختلافي مسئلو آهي. اسان جي عالمن جو خيال آهي ته ’شاهه ڪريم‘ موجد آهي. ڪن جو خيال آهي ته ’قاضي قاضن‘ بيت اول لکيا آهن. حالانڪ اوليت جي حيثيت سان ’ساموئي جا بيت‘ آڳاٽا آهن. باقي رهيو فهم ۽ معانيءَ جو سوال، ته ان حيثيت سان ’غوث الحق مخدوم نوح رحه‘ جا بيت ان صنف جي نمايندگي ڪن ٿا، ۽ اصول فن هيئت موضوع ۽ مواد جي حيثيت سان سڀ کان اوليت جو شرف رکن ٿا. شاهه ڪريم رحه به سندن مصاحبن ۽ معتقدن مان هو. اول ان بزرگ تاثر قبول ڪيو، ۽ ٻن سٽن ۾ سادا ۽ پختا بيت لکيا. ’شاهه‘ ان صنف ۾ تجربو به ڪيو، ۽ اضافو به ڪيو، ۽ ان فن کي ’هيئت‘ جي لحاظ سان ڪمال تي پهچايو.

مخدوم نوح رحه جو هي بيت نموني طور پيش ڪريان ٿو. اهو بيت، ٺٽي ضلعي جي مشهور عارف ۽ عالم ’مولانا محمد هاشم سومري‘ (جو سؤ کن ورهين جو بزرگ آهي) مون کي ٻڌايو، جو مون بروقت لکي ورتو. بيت هي آهي:

اُپٽيان تان انڌيون، پوريون پرين پسن،

آهي اکڙينِ، عجب پَرِ پَسَڻَ جي.

ان طرح حضرت مخدوم نوح رحه جو ٻيو بيت آهي:

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهئا،

روئي، رڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.

مٿيان بيت، ’فن ۽ مواد‘ جي حيثيت سان، ’نغمگي ۽ شيرينيءَ‘ جي لحاظ سان، ’هيئت ۽ اسلوب‘ جي خيال سان، ’بيت‘ جي صنف ۾ اوليت رکن ٿا. منجهن تجنيس حرفي به آهي، ۽ ’ڇند وديا‘ جي اصولن موجب لفظن جي تراش خراش، جوڙجڪ ۽ بيهڪ سٽاءُ ۽ جڙاءُ به آهي ته قافيئي جو صحيح التزام به آهي، ۽ صرفي ۽ نحوي بندش به آهي.

هن دور ۾ ’بيت‘ جنهن معيار تي پهتو آهي، اهو اظهر من الشمس آهي.

اصل ۾ ’ڪافي ۽ بيت‘ جي ڪمال جو سبب سنڌي زبان آهي. سنڌي زبان جي جزالت ۽ لطافت، لفظن جي لوچ ۽ نرمي، انداز بيان جي ميٺاج ۽ رس، قافيه دار لفظن جي فراوانيءَ ۽ محاورن جي ندرت، ۽ اصطلاحن جي ڪثرت مان اهڙيون ته شيرين ۽ دلنشين بندشون ۽ ترڪيبون پيدا ٿيون آهن، جن ۾ فقط تصوف جا دقيق ۽ عميق مسئلا ۽ معاملا اچي وڃن ٿا، پر هن دور جديد جي سماج جا انوکا ۽ اڻانگا معاملا، به استعاري سان، تاويل ۽ تعبير جي گرفت ۾ اچي وڃن ٿا.

هن دور جي شاعريءَ جي جائزي وٺڻ کان پوءِ، اسان کي ڪي اهڙا تجربا ۽ اضافا به نظر اچن ٿا، جن کي ڏسي ۽ سمجهي، ايئن چئي سگهجي ٿو ته اسان جي شاعري، هن جديد دؤر جي ’تقاضائن ۽ قدرن‘ کي گهڻي ڀاڱي سمجهي چڪي آهي، اگرچه اڃا تجربي جي دور ۾ آهي.

’بيتن ۽ ڪافين‘ جهڙي خالص سنڌي صنف جي عظمت لاءِ ائين چوڻ به صحيح آهي ته جذبات جي فراوانيءَ ۽ واردات جي ترجمانيءَ جو حق ’بيت ۽ ڪافي‘ چڱيءَ طرح ادا ڪري سگهن ٿا. ڇا لاءِ ته جيئن جذبات ۽ احساسات ڪنهن به خارجي قيد ۽ مصنوعي بندش جا متحمل ڪين آهن، تيئن ’بيت ۽ ڪافي‘ به ڪنهن عروضي اصول جي گرفت ۽ قيد ۾ اچي نه ٿا سگهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته عروض ۽ ڇند وديا جا ’ارڪان ۽ اصول‘ ’بيتن ۽ ڪافين‘ جي نغمگيءَ ۾ خودبخود سمائجي چڪا آهن.

ڪافيءَ لاءِ هڪ اهم چيز ڏانهن توجهه ڇڪائڻ ضروري ٿو سمجهان. اهو آهي راڳ. ’ڪافي ۽ راڳ‘ ٻئي لازم ملزوم آهن، پر اوليت ’راڳ‘ کي حاصل آهي، جو شاعر ’راڳ‘ مان واقف آهي، سُرَ تار جو ڄاڻو ۽ سريلو آهي، چڱو ڳائي سگهي ٿو، يا سُرَ تار ۾ جهونگاري سگهي ٿو، ان کي ئي ’ڪافي‘ لکڻ گهرجي. ٻين لاءِ غزل ۽ نظم جي دنيا وسيع آهي. بي سُرا، ڪافين ۾ ڪهڙيون حماقتون ٿا ڪن، تن کان ته اهي واقف آهن، جي خود ڳائڻا ۽ سُريلا آهن.

منهنجي راءِ اها آهي ته ’راڳ‘ کان سواءِ، ڪافيءَ جي ڪابه تعريف، منهنجي خيال ۾ صحيح تعريف چئي نه ٿي سگهجي. بهرحال ’ڪافي‘ لاءِ ترنم ريز طبع ۽ نغمه سنج دل گهرجي. اهو ئي سبب آهي جو نغمه ۽ سرور کان محروم، بي سُرن ماڻهن جي ڪلام ۾ نه آهي. رَسُ، نه رهاڻ، نه روح، نه جذبو، نه اثر، نه حقيقت، نه معنيٰ، نه مفهوم!

اهڙن جي شاعري ’ڦوڳ‘ آهي، نه ڪو ٻڌڻ جي قابل نه ڪو لکڻ جي لائق!

انساني جذبات ۽ وجدان لاءِ صوتي اثرات ۽ نغمه ريز ترڪيبون زياده تر افادي به آهن ۽ اثر انگيز به. پر ڪو سمجهي ۽ وهڃاهي!

هن ڪتاب ۾، انتخاب ڪندڙ مرتب، قادر الڪلام شاعرن سان گڏ مبتدي ۽ نوآموز شاعر به آندا آهن، جن لاءِ مناسب آهي ته قادر الڪلام شاعرن کان اصلاح وٺن، ۽ فن ۾ ترقي حاصل ڪري، پاڻ کي باڪمال شاعر بنائن، ۽ سُرَ تار ۽ گر ڏانهن توجهه ڏئي، رس ڀريو ڪلام چون. بهرحال، چند نوجوانن جي هن محبت ڀريءَ ڪوشش ۽ ڪاوش کي سنڌي ادب ۾ اضافو سمجهڻ گهرجي.

والسلام

11 ڊسمبر 1961ع                                                 غلام محمد ”گرامي“

ايڊيٽر ”مهراڻ“ سنڌي ادبي بورڊ

تلڪ چاڙهي، روڊ، حيدرآباد سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org