سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: وڻجارن وايون

 

صفحو:5 

مرحوم فقير ”عبدالله صوفي“

مرحوم جناب فقير ”عبدالله صوفي“ خلف فقير ’خير محمدصوفي‘ جن جي ولادت ڳوٺ ”صوفي فقير“ تعلقي عمرڪوٽ ۾ سال 1900ع ڌاري ٿي. ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ قرآن شريف ۽ ست درجا سنڌي پڙهڻ بعد تعليم کي ترڪ ڪري، اچي پنهنجو زمينداري ڪاروبار سنڀاليائون. پاڻ پنهنجي والد مرحوم جن جي صحبت مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو هئائون؛ انهيءَ ڪري طفليءَ کان ئي روزي نماز جا پابند، ۽ عبادت گذار هوندا هئا. راڳ سان به سندن خاص شوق ۽ دلي لڳاءُ هوندو هو. پاڻ نه رڳو راڳ ٻڌندا هئا، پر يڪتاري تي صوفيانه انداز ۾ ڳائيندا به هئا. پاڻ فياض ۽ سخي به هڪڙائي هئا، جڏهن به کري جي بٽئي تي ويندا هئا، تڏهن خرار ڏيڍ خرار اناج غريبن ۽ مسڪينن ۾ ضرور خيرات ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ماڻهو کين ’عبدالله غازي‘ ڪري سڏيندا هئا. کين تلقين سندن والد صاحب جن کان هئي، ۽ آخري وقت ۾ فقير ’احمد پرڏيهيءَ‘ سان به صحبت ڪيائون، جن به مٿن فقيرانه نظرون وڌيون ۽ مهربانيون ڪيون.

شبابِ جواني ۾ کين عشق مجازيءَ جو ڏنگ لڳي ويو، جنهن باعث سندن دل جهري پيئي، ۽ محبوب جي بيوفائي سبب درد دِل ”جيئن ٿڌ، تيئن وڌ“ جي مصداق وڌندو رهيو، ۽ اندر جون آهون شاعريءَ جي صورت ۾ نمودار ٿيون.

آخري وقت ۾ پاڻ صفا مجذوب، ۽ لااُبالي ٿي ويا هئا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي ڪيفيت ٿي ويندي هين، جو ڪنهن کي ڪونه سڃاڻندا هئا، ۽ جيڪڏهن ڪٿي ويهي رهندا هئا ته ساري رات يا سارو ڏينهن اتي ئي ويٺا هوندا هئا، ۽ جيڪڏهن ڪو ڪم شروع ڪندا هئا، ته لڳاتار اهو پيا ڪندا هئا.

پاڻ انهيءَ مجذوبيءَ واري زماني ۾ گهڻو ڪري صبح جو سويرو سانداري پاڻيءَ جي ۽ ڪندري کڻي، ڍوري جي جهنگ ۾ هليا ويندا هئا، ۽ رات جو موٽي ايندا هئا. کين ماني وغيره ڏبي هئي ته گره کن کائي، باقي ماني سموري ٻلن ۽ ڪتن کي ڏيئي ڇڏيندا هئا. هڪ دفعي کين جهوڪ شريف وٺي ويا، جتي ’نصير فقير جلالاڻي‘ جن به آيل هئا- جن کانئن پڇيو ته ”جڏهن مراقبي ۾ وهندو آهين، تڏهن ڪجهه ڏسندو آهين؟“ پاڻ جواب ڏنائون ته ”هائو، روشني ڏسندو آهيان!“ تڏهن نصير فقير جن وري پڇيو ته ”اها باهه آهي يا ڇا آهي؟“ تڏهن پاڻ وري جواب ڏنائون ته ”اهو نور آهي.“ ان بعد نصير فقير جن ڪچهري ڏانهن مُنهن ڪري فرمايو ته ”فقير عبدالله چريو ڪونه ٿيو آهي، پر ڏکي ۾ اچي ويو آهي: خدا ڪندو ته جلد پار ٿي پوندو.“ ۽ پوءِ هٿ کڻي دعا گهريائون.

سندن وفات 3 محرم 1364هجري (مطابق 1945ع) تي سالم هوش سان، ذڪر حقيقي پڙهندي ٿي. هتي سندن صوفيانه ڪلام مان ٽي ڪافيون نموني طور پيش ڪري رهيا آهيون. سندن ڪلامِ صوفيانه ۾ صوفيانه رنگ، ۽ عارفانه بصيرت بدرجئه اتم ۽ ڪثرت نظر ايندا.

ٿلهه:

دوئي دل تان ٿي وئي دور- مُوتو مرڻا اڳي مئاسين.

(1)

ذاتي ذڪر سين ذوق لڳوسين، صورت جو هي ڀولو ڀڳوسين،

ظاهر پوءِ ڏٺوسين ظهور- وهم وجودي وڍي وياسين.

(2)

عشق ته عزرائيل ٿي آيو، جنهن نيئي محبن ساڻ ملايو،

ساهه تان لهي ويا سختيون سور- سانگ سجايا سڀيئي ٿياسين.

(3)

”انا احمد بلا ميم“ چيائون، ڳالهه ڳجهيءَ کي ظاهر ڪيائون،

سڻ او مُلان اي مذڪور، اسين ته انهيءَ پاسي پياسين.

(4)

ظاهر، باطن رنگ رچائي، ”عبد“ ڪڏهن ”الله“ سڏائي،

ڪهڙو پوءِ اسان جو قصور- ناز انهيءَ ته نهوڙي نياسين.

 

ٿلهه:

ناز وارا نانءَ خدا، آ هڪ دفعو هيڏي هلي،

عشق تنهنجي لائِي آتش، جِي ويو جانب جلي!

(1)

ڪيم سي وعدا وسارج، محب ڪيا جي تو ملي،

قول سي قائم ڪري، خوش ٿي اچج مون وٽ کلي.

(2)

صبر ساعت ناهه، ڳوليان ڳوٺ جي هر ڪا ڳلي،

روندي گذرن راتيون، سک ڪيئن سمهان اوڍي رَلي.

(3)

دل ڪري دانهون ٿي سا، جا پرت تنهنجيءَ تي پلي،

تو کان جانب ٿي جدا، هت ڪيئن هِري هيءَ هيڪلي.

(4)

اچ وساءِ ويران ويڙها، ڪم ڀلن جو آ ڀلي،

سڏ سڻي ”صوفي“ سندا، وٽ ”عبدالله“ اچ يا علي!

 

*

ٿلهه:

ملڪ ملير جي ڪريان ڳالهه ڪيهي؟

توسين او عمر ڄام امير.

(1)

رهن ريلن ۾ مارو موچارا، ڀاڻا ڀٽن تي اڏين اوطارا،

کائن کنڀيون- کليو ات کير.

(2)

مينهن وسي ڪيون تار ترايون، پيون پٽن تي سونهن سايون،

پاڻي پلر هو- آهي اڪسير.

(3)

سبز سفيدي کيٽ آهن کاشا، تجلا تڙن تي نوري نماشا،

عطر کان اعليٰ- هُتي جي هير.

(4)

عمر توکي آءٌ پلؤ ٿي پايان، ڏکي ڏوٿين ري ”عبدالله“ آهيان،

واري ڇڏ وطن تي- سومرا سڌير.

مرحوم حافظ خان محمد ”ملون“ 

مرحوم حافظ خان محمد ”ملون“ خلف ’منو‘، ذات ڪوري (دائودپوٽه) جن سال 1882ع ڌاري ڳوٺ ”ڳموري“ تعلقه عمرڪوٽ ۾ تولد ٿيا. ڳوٺ جي مڪتب ۾ قرآن شريف ۽ سنڌيءَ جا ديني ڪتاب پڙهڻ سان گڏ ڪجهه فارسي ۽ عربيءَ جي ابتدائي ڪتابن مان واقفيت حاصل ڪيائون. معاش جي ذريعن ۽ وسيلن جي محدود هئڻ باعث مزيد تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصر رهيا.

تعليم ترڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت مال چارڻ ۽ کيتيءَ جي ڪم ۾ مشغول رهيا، ان بعد جلد ئي ٻيا سڀ ڌنڌا ڇڏي، درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيائون، جيڪو تا مرگ هلندو رهيو.

حافظ مرحوم جن نيڪدل، مهمان نواز، خوش اخلاق، خوش مزاج، حاضر جواب ۽ ظريفانه طبع جا مالڪ هوندا هئا. جوانيءَ ۾ عشقِ مجاز جي ڪاري چوٽ اچڻ ڪري، مجسمه درد و غم بنجي پيا. درد جي شدت ۽ هجرِ يار جي اذيت باعث شاعري خودبخود اچي سندن دامنگير ٿي.

مدرس هئڻ ڪري، عام ماڻهو کين ملون  چوندا هئا، انهيءَ ڪري پاڻ به اهو ’ملون‘ لفظ پسند ڪري، تخلص طور ڪم آڻڻ لڳا. سندن شاعري صرف ڪافين تي مشتمل آهي. سندن وفات سال 1946ع ۾ ٿي.

هتي سندن سادهه ۽ سليس، عاجزانه ۽ انڪسارانه، پرسوز ۽ پاڪيزه ڪلام مان ٽي ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون.

ٿلهه:

آءٌ جا نماڻي نيرن، سوگهي منجهه سنگهرن؛

مان مولا مون ميڙيين، ويڙهيچن جي وڳرن.

(1)

مينڍا منجهي جي مريم، لٽجي لوئي جا لڙهيم،

پنوهارن جي پاکر، جان جسي تي جڙيم،

ڌر ته وڃي آءٌ ڌئنديس- پاڻيءَ ساڻ پلرن.

(2)

سي ٿي ساريان آءٌ سنديم، بر ۾ ڇڏيم جي بريون،

مڃر کائي سي متيون، جهٽڪا ڏين جهريون،

پَهُنِ تنين سان پهري- ڏينهڙا گذاريان ڏهرن.

(3)

مرٽ، مانڌاڻا مڪيون، پائر پاس پڪيون،

سرتين ڪيڙون سوڙهيون، حاضر جي هيون هڪيون،

چوڙيلين سان چونڊيان- سانگيئڙن جي سڳرن.

(4)

”خان محمد“ چئي مون کان، مارو شل مَ منهن موڙين،

عيب ڏسي ڪي ڏاڍا، وهم مڙيئي مَ ووڙين،

ستر ڪجانءِ تون سائين- جتي ڀيٽ ٿيندي مون ڀينرن.

*

ٿلهه:

لڳو ڏيرن کي ڏمر، وٺي وه پنهنجو ور،

ڪرڻو پيو ڪوهن ۾، سائين ڪاڻ سفر.

(1)

آءٌ نماڻي، سورن هاڻي، بخت منهنجي لکيو بر،

جنن ڪارڻ ٿي جوڳياڻي، ڪريان هاڙهي مجهه حشر.

(2)

پريت ويچاري، ٿي لاچاري، ڏورڻ پيڙو ڏونگر،

هيڻي کان هوت نيائون، ڪيچين ڪيو ڪيڏو قهر.

(3)

لڳس لام، جنهن جي سام، دوست ويو سو دلبر.

مشڪ عطر کان مهانگو، پرينءَ جو آهه پگهر.

(4)

”ملون“ موت، ٿيو فوت، ساريو روئي سڳر،

واحد تنهن سان وڙ ڪري، من پاڪ ڌڻي پرور!

 

*

ٿلهه:

ڪئي سبب ڪهڙي ٿو جانب جدائي؟

الا ڇو اسان کان تو محبت مٽائي؟

 

(1)

راڻا تنهنجي رنج جا ڪي چاڪ چڪن ٿا،

اندر منجهه البت ڪي داغ دکن ٿا،

بنايم بهاريون سي باغ سڪن ٿا،

مڙيئي طول، تڪيا ٿيا توريءَ توائي.

 

(2)

سڙيءَ مون سان سومل ڪا بازي بنائي،

انهيءَ جي اندر جي نه مون ڪل ڪائي،

سوا تنهنجي سوڍل ڀايان سڀ ٿي ڀائي،

ڪڍي قلب مان ڇڏ تون حيلا هوائي.

(3)

هتي جي هزارين حاڪم هئا آيا،

ڪاڪ ڪنڌيءَ ٿي تن ڪرهل ڪڏايا،

ڪريو ناز نخرا کليو مون ٿي کپايا،

ويا رند روئندي نه ورين ڪا وائي.

 

(4)

”ملون“ چئي مون مديون پڌر ڪيم ڀائج،

ٿڪيءَ کي ڪو ٿورو لکن جو تون لائج،

اڱڻ تون اسان جي پرين پير پائج،

ڪري معاف محبوب مڙئي مدامي.

           

اڃا به ڪي آهين، ڪلجڳ اندر ڪاپڙي!

حصه – شعراءِ حيات

اڃا سي آهين، جي سزاوار سڱين جا،

ويٺا وڄائين، جي سناسي سڻئين.

”شاهه“

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

جناب قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ مدظلھ خلف ’حضرت مخدوم غلام محمد‘ عرف ’گل سائين (رحه)‘ جن ’غوث الحق مخدوم نوح سرور‘ (رحه) جن جا سترهون نمبر وارث ۽ سجاده نشين آهن. پاڻ محرم الحرام 1338هه، بمطابق 26 سيپٽمبر 1919ع ۾ تولد ٿيا.

سندن گوناگون ۽ همه گير، مقبول ۽ محبوب شخصيت ڪنهن به تعريف ۽ تعارف، وضاحت ۽ صراحت جي محتاج ڪانهي. سندن ادبي خدمتون ۽ ڪارناما، غير فراموش ۽ غيرفاني آهن. سنڌيءَ جون جملي ادبي جماعتون ۽ انجمنون سندن قلمي ۽ درمي تعاون، ۽ اعانت جون مرهون ۽ منت پذير آهن. شعر و شاعري ۾ کين بلند ۽ ممتاز مقام حاصل آهي. سندن ڪلام بلاغت نظام ۾ سڀيئي استادانه خوبيون ۽ نزاڪتون بدرجئه اتم موجود آهن. اصنافِ سخن مان بيت، ڪافي، غزل، نظم، مثنوي، ربائي، ۽ قطعه سندن مرغوب ۽ محبوب صنفون آهن، جن تي کين وسيع ۽ ڪامل مهارت ۽ قدرت حاصل آهي. دورِ حاضره ۾ سندن ڪافين جي شاعريءَ کي جيڪا عام مقبوليت حاصل آهي، سا موجوده شاعرن مان ڪنهن جي به ڪلام کي حاصل ڪانهي. پاڻ ڪافيءَ جي قديم اسلوبِ بيان کي اپنائيندي، ڪافيءَ ۾ ڪافي فني پختگي ۽ خوبصورتي، سلاست ۽ سادگي، معنوي سالميت ۽ پاڪيزگي، رعنائي ۽ دلڪشي پيدا ڪئي اٿن. سندن هر رنگ (پاڪيزه ۽ صاف) جو حامل ڪلام هر دردمند دل جو ترجمان، ۽ هر زخميل دل جو درمان آهي.

پاڻ هڪ استاد شاعر کان سواءِ سنڌي، اردو، فارسي ۽ سرائڪي زبانن جا (جن تي کين ڪلي ضابطو، ۽ عبور حاصل آهي)، اعليٰ درجي جا مقرر ۽ نثرنويس پڻ آهن. سندن ساده ۽ سهل، شائستا ۽ شستا رنگين ۽ نمڪين نثر ڪافي لذيذ ۽ دلپذير آهي؛ علاوه ازين پاڻ عربي ۽ انگريزي زبانن مان به ڪماحقه واقف آهن، ۽ انهن زبانن مان چڱيءَ طرح فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.

¬       سندن حصي ۾ هلال امتياز، تمغئه پاڪستان ۽ لطيف ايوارڊ پڻ آيا.

سندن اکر ڏاڍا سهڻا ۽ ڪتابت جي علم سان آشنا هئا، سندن ڪجهه ڪتاب به سندن سهڻن اکرن سان ڪتابت ٿيل آهي، خاص طرح سندن ديوان طالب الموليٰ ان جو اهم مثال آهي.

حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سڄي علمي ڪم جو احاطو ڪرڻ هن مختصر تعارف ۾ مشڪل آهي،. هتي اسين سندن تصنيفات جو ذڪر ڪريون ٿا: (1) درِناياب عرف يادِرفتگارن، (2) ڇپر ۾ ڇڙيون، (3) مضامينِ طالب الموليٰ، (4) چهنڊڙيون، (5) بي پير اکيون، (6) امام غزالي جا خط، (7) لغات- سنڌي مخففات، (8) ڪلامِ طالب الموليٰ، (9) سدا وسين سنڌڙي، (10) ڪافي، (11) آبِ حيات، (12) ڪچڪول، (13) اسلامي تصوف، (14) خودشناسي، (15) سنڌ جو شڪار، (16) يارخاطر، (17) سماع العاشقين في سرور الطالبين، (18) شانِ سروري، (19) شاعري جو ڪتاب، (20) مشاهيرن، اديبن ۽ دوستن جا خط، (21) مصريءَ جون تڙون، (22) منهنجو ننڍپڻ، (23) رباعياتِ طالب، (24) ديوان طالب الموليٰ.

سندن وفات بعد سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٽماهي مهراڻ جو ”طالب الموليٰ نمبر“ پڻ شايع ٿيو آهي.

قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ٻه شاديون ڪيون، کين الله پاڪ 6 لائق ۽ فهيم فرزند عطا ڪيا، (1) مخدوم امين محمد فهيم صاحب، (2) مخدوم خليق الزمان، (3) مخدوم رفيق الزمان، (4) مخدوم شفيق الزمان، (5) مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘، (6) مخدوم نويدالزمان ’نويد‘.

سندن وفات 11 جنوري 1993ع تي ٿي، کانئن پوءِ مخدوم محمد امين فهيم صاحب درگاه مخدوم نوح سرور جا 18 گادي نشين ٿيا، قبله مخدوم امين محمد ’فهيم‘ جي وفات (21 نومبر 2015ع) بعد هن وقت قبله جميل الزمان ’جميل‘ سائين درگاه حضرت مخدوم نوح سرور جا 19 گادي نشين آهن. (ايڊيٽر)

تصنيفات جي سلسلي ۾ 1. ”شيطان“، 2. ”اسلامي تصوف“، 3. ”خودشناسي“، 4. ”يادِ رفتگان“، 5. ”امام غزاليءَ جا خطوط“، 6. ”بهارِ طالب“، 7. ”رباعياتِ طالب“، 8. ”مثنوي عقل و عشق“ ۽ 9. ”ڪچڪول“  سند نادر ۽ بيمثال تصنيفون آهن، جيڪي اشاعت هيٺ اچي مقبوليت حاصل ڪري چڪيون آهن.

مطالع، شاعري، شڪار، موسيقي، واليبال راند ۽ سيرو تفريح سندن خاص مشغلا آهن.

هن مختصر تعارف کانپوءِ، هتي سندن بي بها ۽ بيمثل چند ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون.

*

ٿلهه:

ماري عشق ڇڏيو اديون ڙي اڦٽ-

لنگهيو تير جدائيءَ جو دل مان ٻسٽ!

(1)

مون ڀانيو ته مون وٽ ٿيندا پرين،

هيءُ وهم نه هو هيئن مٽيندا پرين-

جي ويندا ته پاڻ سان نيندا پرين،

جهلئي ڪين جهليا هليا ويا جهٽ پٽ.

(2)

ويا آڌي رات هو لعل لڏي،

غم گوندر ۾ هي گولي گڏي،

ڏيئي ڏاج ڏکن ڇني ڇوري ڇڏي،

ڏاڍو نرجو آهي ڙي نينهن نپٽ.

(3)

هليا ڏاڍايون ۽ ڏاڍ ڪري،

هنجي ويئي سري منهنجي ڪيئن سري-

هتي نينهن نماڻي پيئي سور چري،

هو ڪو ڏاڍو ڏکيو منهنجي نينهن جو نکٽ.

(4)

آءٌ وينديس وهنديس ڪين ڪڏهن،

اهي اينديس وٺي جڳ ڏسندو تڏهن-

وڃي ملنديس ”طالب“ مليا جڏهن،

۽ محب سان ٿينديس مان مٽ سٽ.

 

*

ٿلهه:

بـــــــرهه ڪـــــــيو بيمـــــــار-

محب اچي رس مهل اها اٿئي!

(1)

حاذق ڪيئي حڪيم پڇايم،

ڪونه مليو ڪـــــــو قرار-

واري واري ويڄ وهايم،

محب اچي رس مهل اها اٿئي!

(2)

ڪيئي ڪرايم ڇنڊا ۽ ڦيڻا،

آهـــــــيـــــــن تـــــــون آڌار-

درد وڌي ٿيا ٻيڻا ٽيڻا،

محب اچي رس مهل اها اٿئي!

(3)

ڦڪين، ستين مان فرق نه پيئڙو،

ٿـــــــيـــــــو دارون دل آزار-

ويتر نينهن نهوڙي نيئڙو،

محب اچي رس مهل اها اٿئي!

(4)

سڄڻ سائين سوالي آهيان،

پيارڻ جـــــــو ڪر پيار-

مئي محبت جو موالي آهيان،

محب اچي رس مهل اها اٿئي!

(5)

حاڪم سائين حبيب به تون ئي،

هـــــــادي حـــــــڪـــــــمـــــــتـــــــدار-

”طالب“ لاءِ طبيب به تون ئي،

محب اچي رس مهل اها اٿئي!


 

*

ٿلهه:

سهڻل جا سينگار-وهوا دل کي وڻن ٿا-

ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي موهن ٿا،

(1)

ڪارا ڪارا ڪنڍڙا ڪنڍڙا،

وانگوڙي ۾ وار-

سهڻا سهڻا سنهڙا سنهڙا،

وهه وا دل کي وڻن ٿا.

(2)

تيل، ڦُليل ڦڻيون ڦوڪارا،

گَهِرا گهُنڍيدار-

ڌوُپيل واسيل ڪيس هو ڪارا،

وهه وا دل کي وڻن ٿا.

(3)

ابرو عجيب ڏنگا ۽ ڏوڙا،

تيز ڪنان تلوار-

ڏيهه ڏسيو ڪن گهوڙا گهوڙا،

وهه وا دل کي وڻڻ ٿا.

(4)

ٻئي اکيون ڄڻ باز ۽ بحري،

ڪن شاهاڻا ته شڪار-

مار ڪرڻ لئي پون ٿيون پهري،

وهه وا دل کي وڻڻ ٿا.

(5)

نڪ نجيب جو ننڍڙو ننڍڙو،

رنگي مٿان رخسار-

سنهڙو سنهڙو ڪنڍڙو ڪنڍڙو،

وهه وا دل کي وڻڻ ٿا.

(6)

لب لالڻ جا مرڪيو مرڪن،

ڪونج ڳچيءَ ۾ هار-

ڏند موتين جيئن جهرڪيو جهرڪيو،

وهه وا دل کي وڻڻ ٿا.

(7)

روز چمان چشمن تي چايان،

پرينءَ جا پيزار-

لائق سمجهي لبن تي لايان،

وهه وا دل کي وڻڻ ٿا.

(8)

گڏ گذارڻ رسڻ ۽ پرچڻ،

محبت جا معيار-

”طالب مولا“ اٿڻ ۽ ويهڻ،

وهه وا دل کي وڻڻ ٿا.

 

*

ٿلهه:

مٺا محب ماڻهو پرين پيار وارا-

انهن لئه اکين ۾ اَڏيا مون اوطارا!

(1)

ايهي وار ڇلڙا ته ڪي نانگ ناهن، ڏين پاڻ ۾ پيچ اهڙا ئي آهن،

ڏيو ور وريو- ڪن ونگڻ لاءِ وارا.

(2)

چِٽي چنڊ کان آ پرينءَ جي پيشاني، نه بجلي برابر نه ٻيومٽ ۽ ثاني،

جهلي ٿا سگهن- ڪينڪي تاب تارا.

(3)

نه تلوار جي ڌار اهڙو ڪري ڪم، نه خمدار خنجر هتي ڪو هڻي دم،

ٻٽا ٻاڻ ٻيئي ڀرون ڀؤنر ڪارا.

(4)

ڇپر جي کڄن ٿا ته اولا لهن ٿا، ڏکويل کي تسڪين ڏاڍي ڏين ٿا،

ايهي پاڪ پنبڻيون نه ڪن پارا پارا.

(5)

هو شهباز جيئن عزم سان جي اچن ٿيون، ته پهرين نظر سان وٺيو دل وڃن ٿيون،

ايهي نيڻ نرمل جا ڄڻ مست مارا.

(6)

ڀلا مٽ ڪو ٿيندا هتي گُل گلابي، ڪٿي ناز آهن انهن وٽ نقابي،

انهن ۾ نه آهن، هي نوري نظارا.

(7)

لڄي لعل، ياقوت هيرا ٿين ٿا، ۽ شرمائي مرجان، موتي وڃن ٿا،

جو محبوب مُرڪن ٿا مٺڙا موچارا.

(8)

نظر ٿو اچي جي پين ٿا هو پاڻي، نفاست، نزاڪت ڪئي هت پڄاڻي،

ڪيا حلق حيران عقل، سمجهه سارا.

(9)

وڏا وڙ ڪري هو اڱڻ منهنجي آيا، وريو بخت ”طالب“ ٿيا لايا سجايا،

کڻي ڪير ٿو هيئن قدم قرب ڌارا.

پير محمد ابراهيم ”خليل“ سرهندي

جناب پير محمد ابراهيم ”خليل“ سرهندي پنهنجي خودنوشته سوانح حيات ۾ هن طرح رقمطراز آهن:

سوانحون دنيا ۾ ڪنهن به فن يا هنر ۾ ڪامياب ۽ باڪمال انسانن جون قلمبند ڪيون وينديون آهن. مون جهڙي انسان جي سوانح حيات لکڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. ويچارڙن مون جهڙن بوالهوس، ۽ سڌڙين جي سوانح حيات هن ٽن جملن ۾ مڪمل ٿي چڪي. فلاڻو دنيا ۾ پر اُميد آيو، ناڪام رهيو: حسرت بڪف ٿي ويو! سوانح نگارن کي ڪهڙي گتي پيئي آهي جو هنن جون ناڪاميون ۽  نامراديون تفصيلوار لکي پاڻ کي مونجهه ۽ پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪن. محو حيرت آهيان ته شعراءِ ڪرام جو امر ڪهڙي پر پاريان ڪڄاڙو لکان؟ عيب ڇپائڻ کپن، انهن کي لکڻ ۽ ڇاپائڻ بيحيائي آهي. چڱائي هڙ ۾ ڪانهي، آڻيان ڪٿان – جو دوستن کي پيش ڪريان؟ پر وري به مجبور ڪيو وڃي ٿو ته هيترو لکان ٿو:

نالو ’محمد ابراهيم‘ ڪنيت ”ابوالعطا“ تخلص ”خليل“ ذات فاروقي المعروف ”سرهندي“ 7 رمضان المبارڪ 1334 هجريءَ ۾ تولد ٿيو آهيان. وفات ڪڏهين ٿيندي، سو نٿا سڻائين. مائٽن ڪوشش وٺي، فارسيءَ جا رواجي ڪتاب ڪل ۽ عربي ”درس نظامي“ جا اڪثر مروج ڪتاب پڙهايا. فارسيءَ جا ڪل درسي ڪتاب، ۽ عربيءَ جا ڪي شوق ڪري شاگردن کي پڙهايا به اٿم. اردو رواجي طرح لکندو، ۽ ڳالهائيندو آهيان- اهلِ زبان جي اڳيان شرمساري سان، ۽ ڄٽوڙن جي اڳيان پوري بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان. اسان جا وڏا ”سرهند پاڪ“ کان هجرت ڪري، افغانستان کان ٿيندا هتي ”سنڌ ۾“ آيا. اسان جي گهرن ۾ پشتو به هلندڙ آهي- انهيءَ ڪري هڪ حد تائين پشتو ٻولي به ڳالهائي سگهان ٿو. انگريزي سکڻ لاءِ هڪ زماني ۾ سخت ڪوشش ڪئي هئم، شوق ناتمام رهيو- تاهم انهيءَ زماني ۾ آڏي ابتي ڳالهائي ۽ لکي سگهندو هئس؛ اڄڪلهه بلڪل ڇڏي ڏني اٿم، تاهم ڪجهه سمجهه آهي.

طب جي شوق ۾ به سالن جا سال مست رهندو هئس، پر انهيءَ ۾ به ناڪامي ۽ نامرادي مستيءَ جي نشي لاءِ کٽاڻ ثابت ٿي؛ تاهم ڪي خوش اعتقاد ماڻهو اچيو نسخا لکايو وڃن. شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، جو اڄ تائين آهي، ۽ شايد قبر تائين هلندو. نهيرڻ پٽي پٽي ننهن لاهي جي مصداق بعضي بعضي وزن، ۽ قافيه برابر ڪري ويندو آهيان، ٻيو ڪهڙو شعر، ۽ ڇا جي شاعري؟ سڌ سلوڪ جي به پيدا ٿي، پر اتي به ڪارڪنانِ قضا و قدر ايهو جواب ڏنو ته ”حلوي کائڻ لاءِ به ڪو مُنهن گهرجي!“

هَوَسُ اهو به جاڳيو ته ڪا جماعت ٺاهي، دين جي خدمت ڪجي؛ چنانچه ”عبادالله“ نالي هڪ جماعت برپا ڪئي ويئي، جا پڻ اڳتي هلي منهنجي غير مستقل مزاجيءَ جو نذر ٿي.

مائٽاڻي زمين آهي، پر انهيءَ ۾ به آءٌ محنتي يا ڪمائيندڙ زميندارن جي قطار ۾ ناهيان. الحاصل ته:

”نه گلم نه برگ سبزم، نه درخت سايه دارم،

همه حيرتم ڪه دهقان، بچه ڪارڪشت مارا.“

ڪنهن فارسيءَ واري منهنجي سوانح حيات هن بيت ۾ مڪمل چئي ڇڏي آهي:

”حاصل عمرم  سرسخن بيش نيست، خام بدم پخته شدم سوختم“

طبيعت تي سستي غالب رهي ٿي، اڄڪلهه ته بيماريءَ به خوب اچي جهليو آهي- ڪم نٿو اڄهي.

آتڻ چونم ڪت، تاڻيان تند نه نڪري،

پاڻان روئي رت- چرخو مون چڪ ڪيو.

(شاهه)

ٿلهه:

آهي پيارل جي اچڻ جي، ڪهڙي پياري رات اڄ،

سَوَ شڪر هن بر ۾ ٿيندي، ڪا بهاري رات اڄ!

(1)

عمر ساري جن طبيبن جي، طلب ۽ تانگهه هئي،

تن اچڻ جي آهي ڪئي، تهدل تياري رات اڄ.

(2)

سوجهرا شل سر وڃيئي وڃ، تان اچي منهنجو صنم،

ڇو وڌائين عاشقن تي، انتظاري رات اڄ.

(3)

تون ته آسانيءَ سان آڻي ٿي، سگهين منهنجو صنم،

تو تان ٿيان قربان اي، اونداهي ڪاري رات اڄ.

(4)

حرف رکندس هوت تي، ڏاڍا ڪي ڏک ڪڍندس مٿس،

سچ ته سڄڻن کي ملي، ڪنديس مياري رات اڄ.

(5)

شڪر ”ابراهيم“ ڪر، آيو هلي تو وٽ حبيب،

واهه وا واحد ڏيکاري، وصل واري رات اڄ.

 

*

ٿلهه:

ويڙهين ٿو مُنهن،

هر دم هلين ٿو هوت،

هميشه نازڪ نقاب ۾،

حيا ۾ حجاب ۾!

(1)

ديدار کان سدائين،

ستر آهي اهڙو سائين-

عاشق کي ٿو سڪائين،

ڪهڙي ڪتاب ۾؟

(2)

ماريو مٺا جدائي،

آهي: التجا اها ئي-

ڪر وصل جي ڪا وائي،

اوهان جي جناب ۾.

(3)

هي ظلم سڀ ڀلي ڪر،

دانهون ڪندس ڌڻي در-

هت ڪين ٿو ڪڇان پر،

يوم الحساب ۾.

(4)

ماريو ته جنهن جي ماڻي،

آهي ”خليل“ هاڻي-

مولا انهيءَ کي آڻي،

حالت خراب ۾!

*

ٿلهه:

ڪري قهر سان قتل اڄ عاشقن کي،

لڳائي سڄڻ آهه لالي لبن کي!

(1)

رڱي رت مان هٿڙا،

هڻي ٿي ڏٺيسون-

چيو هيئن حبيبن،

هي ميندي هٿن کي!

 

(2)

جي جيئري نه آئين،

اتي من ڏسان توکي-

جنازي تي اچجان-

ڦاڙي ڪفن کي!

 

(3)

ملڻ کان پوءِ هاڻي،

ڪي ڪر ڳالهيون، چور

مٺا ماٺ ڪهڙي؟

پنهنجي چپن کي.

 

(4)

حيا ڇڏ اکيون کڻ،

لڪائين ٿو ڇا لاءِ-

کلي ڪنڌ مٿي ڪر-

ڳاڙهن ڳلن کي!

 

(5)

”خليلا“ اٿم خاص،

ته هيڪر پسان شال،

خواهش اها ئي:

پنهنجي پرين کي!

 

         

 

ٿلهه:

واڳ ورڻ جي وار- دلبر يار پيارا!

(1)

پلپل تنهنجي واٽ نهاري،

هجر ۾ تنهنجي هنجون هاري-

توکي سدائين ساجن ساري،

تنهنجو عاشق زار!

(2)

جانب ناهي جدائي ٿوري،

تنهنجي لڳل اٿم هردم لوري-

بيحد آهي جيءَ جي جهوري؛

سونهن ڀريا سردار!

(3)

باهه برهه جي ويو آهين ٻاري،

هجر ٿو تنهنجو هرهر ماري-

تو کي مٺا شل مولا واري؛

ڏيئي ڪات ڪپار!

(4)

آهي مٺا تو ڌاران ماتم،

رات به غم ري ڪونهي ٻيو ڪم-

ڏينهن سڄو ٿو گذري منجهه غم؛

اهڙو عشق ڪيو آزار!

(5)

درد کان ”ابراهيم“ ڇڏائين،

واري مون سان رب رهائين-

موليٰ وڇڙيا محب ملائين؛

ڏينهن دنيا جا چار!

سيد جڙيل شاهه صوفي *

اسم گرامي ”سيد جڙيل شاهه“ خلف جناب ”مينئن شاهه لڪياري“ ڳوٺ ”دونهائو شريف“ تعلقو جيمس آباد ضلعو ٿرپارڪر سنڌ جي مشهور و معروف، برگزيده و فيض رسيده، بزرگ ’شاهه صدر‘ (رحه) جن جي اولاد مان هڪ خدا رسيده بزرگ بنام جناب ’موليڏنه شاهه لڪياري‘ جن ميرن جي دورانِ حڪومت ۾ لڪي شريف مان هجرت ڪري ”خانپور“ جنهن کي هن وقت ”کن“ سڏيندا آهن، لڳ مقام مخدوم عبدالرحمان المعروف ”رام جاڳو“، تعلقو سامارو ۾ تشريف فرما ٿيا.

ميرن صاحبن مهرباني فرمائي، شاهه صاحب جن کي ڪافي زمين بخشش طور ڏني- جا انگريزن به قائم رکي، ۽ هن وقت تائين سندن اولاد جي تحويل ۾ آهي، ۽ ’ديهه کن‘ سڏجي ٿي. موليڏنه شاهه جن جي شادي ميرن صاحبن ’نقرچ‘ قوم مان ڪرائي- جنهن مان کين ٻه فرزند: ميئن شاهه ۽ نور شاهه تولد ٿيا. ميئن شاهه جو فرزند جڙيل شاهه ٿيو، جنهن جو نالو موجوده ”جڙيل شاهه“ ادوام الله فيوضه جن تي آهي؛ ۽ نور شاهه جو اولاد به ڪافي تعداد ۾ دونهائو شريف ۾ آباد ۽ موجود آهي. پاڻ مذڪوره بالا خاندان جا پڳدار، ڪافي راڄن جا منصف، ۽ اعليٰ شان و شوڪت ۽ وڏي هلندي پڄندي وارا، باوقار زميندار اعظم، ۽ هزارها مريدن جا مرشد آهن. سندن مريدن ۽ معتقدن جو حلقو تمام وسيع آهي. سندن خاندان آباءُ اجداد کان حضرت ’غوث الحق مخدوم نوح (رحه)، جن جو مريد و معتقد رهندو پيو اچي. غوث الحق مخدوم نوح (رحه) جن جي موجوده سجاده نشين قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جن سان سندن بي لوث محبت ۽ فدايانه تعلقات قائم آهن، جي ان شاء الله تعاليٰ تا زندگي رهندا. سادگي ۽ سنجيدگي، خوش خلقي ۽ خوش ڪلامي، فقراءَ پروري ۽ مهمان نوازي جهڙا اخلاقِ حسنه سائين جڙيل شاهه جن کي پنهنجي آباءُ اجداد (جي پنهنجي وقت جا عابد و زاهد، عامل و ڪامل بزرگ ٿي گذريا آهن) کان وراثت ۾ مليل آهن. سندن طبع مبارڪ ننڍپڻ کان ئي صوفيانه ۽ شاعرانه خيالاتن ڏانهن مائل هئي: وري جو کين قدرت طرفان زندگيءَ ۾ ڪافي اڪابرنِ سلوڪ،  ۽ صوفياء ڪرام سان صحبت ڪرڻ جا موقعا مليا ته صوفيانه ۽ شاعرانه خيالاتن وڌيڪ فروغ حاصل ڪيو، ۽ پاڻ بلاتڪلف و تصنع، بنا ڪاغذ ۽ قلم کڻڻ جي بيساخته ۽ البديهه ڪافيون ۽ ڏوهيڙا چوڻ لڳا.

هن وقت پاڻ (بقول سندن) شاعري ترڪ ڪري چڪا آهن. سندن ڪلام جو چڱو ذخيرو موجود آهي. سندن ڪلام رندانه جي پختگي ۽ رواني سندن ڪلام  ملاحظه ڪرڻ سان ڀلي ڀت معلوم ٿيندي. هن وقت سندن عمر 58 سال آهي.

ٿلهه:

صوفي رهن سدائين- جوڳي جٿي ڪٿي،

موجود آهن مدامي، عاشق اُتي اُتي!

(1)

ناسوت کان نيارا،

نينهن جا هڻن ٿا نارا-

الٽا هلن اوڀارا،

طالب تتي تتي.

 

(2)

جبروت رهن ٿا جيئي،

وحدت ۾ رهيا ويهي-

سچا سخن جا سيئي،

رمزان رٿي رٿي.

 

(3)

آسڻ ڪن ٿا اولي،

ٻولي ’اناالحق‘ ٻولي-

پنهنجو پاڻُ، پاڻ ۾ ڳولي،

سولي مٿي مٿي.

 

(4)

جيءَ ۾ ”جڙيل“ جايون،

وايون ٿيون سجايون-

ڪن وصل واريون وايون،

لاشڪ لٿي پٿي.

 

         

 

ٿلهه:

ڪڙاڪون ڪيف جون قاتل ڪيونسين نوش نيراني،

نشا ٿيا نينهن جا غالب، پيڻ سان پرت پئماني.

(1)

پيتاسين پُر ڪري پيالا،

ٿياسين مست متوالا-

عجائب عشق جا اعليٰ،

برهه بيخود واري باني.

(2)

پياري سرڪ تو ساقي،

اچي ٿيو عشق اوطاقي-

مچائي موج ميثاقي،

ڪيو مخمور مئخاني.

(3)

مچي موکيءَ سندي مٽ تي،

پريمي پيار جي پٽ تي-

هلائج حال جي هٽ تي،

شرابِ شوق شاهاني.

(4)

خيما وه خيال جا کوڙي،

”جڙيل“ پي جام تون جوڙي-

دوئيءَ وارا ٽڳا ٽوڙي،

خمر جي خاص خمخاني.

 

ٿلهه:

آهيان دايو در دلبر جو-

سهڻي ساقي سر سرور جو!

(1)

سرور سر سبحاني،

جنهن جو ناهي ڪو ثاني-

لاَريبَ لقب لاثاني،

مون کي آهي قسم پرور جو.

(2)

مان عاشق ان جو آهيان،

پائي پانڌ ڳچيءَ ڳل پايان-

ڪنهن ٻئي در ڪيئن واجهايان،

آهيان نوڪر نيڪ نظر جو.

(3)

ڇڏ ”شاهه جڙيل“ تون شاهي،

رکي سيني صاف صفائي-

ڪر در تنهن جي جي گدائي،

وٺ پيالو سڪ صبر جو.

 

 

 

*

ٿلههِ

توسان سڱ نه سِيو،

شال ٻاروچل ٻاجهه پويئي.

 

(1)

ڪوڙن آسانگن ۾،

هاءِ جي وقت ويو.

 

(2)

لوچي لڌوسين لوڪ ۾،

توبن ناهه ٻيو.

 

(3)

رائي جبل وچ ۾،

دوست دلاسو ڏيو.

 

(4)

جڙيل انهي جنسار ۾،

قادر ڪرم ڪيو.

 

         

الحاج فقير ميان محمد اسماعيل پلي *

اسم گرامي، ’الحاج فقير ميان محمد اسماعيل‘ تخلص  ”قاسم“ خلف ’فقير محمد سلطان‘ قوم پلي.

پاڻ سال 1891ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ ”عطائي پلي“ تعلقي عمرڪوٽ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ تولد ٿيا. سنِ فهم کي رسڻ تي کين مڪتب ۾ وهاريو ويو. جتي انهيءَ دور جي مروج دستوري تعليم قرآن ڪريم ۽ ابوالحسن جي سنڌي مرحوم ’حافظ سعدي چنا‘ ساڪن  ”ٻلهياري“ تعلقه ننگر پارڪر، ضلعو ٿرپارڪر کان پنهنجي ڳوٺ ”عطائي پلي“ ۾ حاصل ڪيائون. ليڪن هن وقت پاڻ پنهنجي ذاتي وسيع مطالعي ۽ خداداد صلاحيتن جي بدولت هڪ جيد عالم جي حيثيت رکن ٿا. سلسله تعليم قطع ڪرڻ بعد دورِ شباب ۾ پنهنجي والد مرحوم (جيڪي نهايت ئي درويش فقير ٿي گذريا آهن)، جي خلافِ رضا ۽ مرضي ڪجهه عرصو وسيع پئماني تي ڪتن جي شڪار جو شغل پڻ اختيار ڪيائون؛ ليڪن والدين جي دلي خفگي ۽ ناراضگي باعث اهو شوق گهڻو وقت هلي نه سگهيو، ۽ والدين جي دعائن ۽ ان وقت جي خداشناس ۽ حق آشنا بزرگن فقير ’حاجي محمد صوفي مرحوم‘، ’فقير قلندر بخش صوفي مرحوم‘ ۽ ’فقير منٺار راڄڙ مرحوم‘ جن سان سندن ڪهنه ۽ نهايت گهرا دوستانه تعلقات قائم هئا، تن جي فقيرانه ۽ فيض اثرانه ڪچهرين ۽ صحبتن سندن دل ۾ طلبِ حق جو خوابيده جذبو بيدار ڪري وڌو، ۽ پاڻ تارڪِ خانه ٿي، جهرجهنگ ۽ سنڌ جي اولياءُ الڪرام جي مزارن تي جستجوءِ حق ۾ سرگردان رهڻ لڳا؛ ۽ ڏها ۽ چلا پڻ ڪافي ڪڍيائون. سندن شاعريءَ جو آغاز به اتان ٿئي ٿو جا پاڻ جذبه عشق کان مغلوب ٿي ڪندا هئا.

پاڻ پنهنجي خاندان جا اڪيلا چشم و چراغ هئا؛ انهيءَ ڪري سندن تارڪِ دنيا ٿي وڃڻ سندن خاندان لاءِ، انتها تڪليف دهه، ۽ اذيت رسا ٿي پيو. لهذا هو وڃي سندن مرشد ”مخدوم حسن بخش قريشي“ (سجاده نشين درگاهه غوث بهاؤ الدين ذڪريا عليه رحمت)  ”ملتاني“ جن کي وٺي آيا. جن کين گهر ويهي، وصالِ حق ماڻڻ جي تلقين فرمائي، ۽ دعا ڪئي. ان بعد پاڻ مرشد سائينءَ جي ارشاد مطابق گهر ويهي، پنهنجي محبوب حقيقيءَ جي عبادت ۾ مشغول رهيا.

هن وقت پاڻ شاعري وغيره تقريباً ترڪ ڪري چڪا آهن. سندن شاعريءَ جو چڱو ذخيرو موجود آهي، جنهن ۾ وايون، ڪافيون، مناجاتون ۽ مولود وغيره اچي وڃن ٿا. هتي نموني خاطر سندن چند ڪافيون پيش ڪجن ٿيون.

پاڻ 1952ع ۾ فريضئه حج پڻ ادا ڪري آيا آهن؛ ۽ هن وقت زهد و عبادت ۾ گوشه نشيني جي زندگي گذاري رهيا آهن. سندن وجود اسان لاءِ باعثِ برڪت ۽ سعادت آهي. خدا شل کين صحتِ ڪامل سان خضري عمر عطا ڪري! (امين)

ٿلهه:

ويئي عمر گذري عاجز اجائي،

سمجهي نه ساعت ڪيڙئي سجائي!

(1)

حرص و هوس ۾ وتين تون ويڳاڻو،

اڳئون ياد نه آيئي سفر جو سٽاڻو-

مسافر سفر ۾ ڪيئي ٿاڪ ٿاڻو؛

ادا ايءَ عجب آ تنهنجي اَک انڌائي.

(2)

کِلي گل گلزار بلبل بنين ٿو،

خزان جي خبر ڪين ڳهلا ڳنين ٿو-

واهه واهه وڻن جون مکڙيون مَنين ٿو،

بوالهوس ڀورا تنهنجي مت منجهائي.

(3)

سدا باغ سبزو نه بيهندو بهارا،

نه نسرين نه نرگس نه سورج سينگارا-

نه هوندو هميشه هي رنگِ هزارا؛

پکي پرت ڇا سان اٿيئي اٽڪائي؟

(4)

ويا وير وريام لکين لوڏ وارا،

ادا ٿيا اچي هاڻ پويان پسارا-

نه نيشان تن جا نه نوبت نقارا؛

اٿي ڪرڪا اڳ جي تون ”قاسم“ ڪمائي!

*

ٿلهه:

مٺيس يار ڇا کان،

ڏٺئي عيب جيڪس-

ڀڳئي گهوٽ گهوئي،

ڪميڻيءَ ۾ ڪوئي،

 

(1)

لٿي سج سوين سيج بجليون بهاريان،

پلنگ هنڌ هندورا سڄُو گهر سينگاريان؛

پوءِ جهليو در نهاريان- اچي ٿو اجهوئي.

(2)

تڪيندي تارن کي ويهي وهايم،

ڍريا نکٽ ڍوليو اڃا تا نه آيم؛

پوءِ لڇندي لنگهايم- سڄي رات روئي.

(3)

ڪري ڪاڪ ڪاري وڃ ڪيم ڪواري،

تنهنجي سام سوڍا مان پيس پناري؛

ورج واڳ واري- اٿيئي ڍول ڊوهي.

(4)

هئا ڪالهه ”قاسم“ مٿي ڪاڪ مارا،

نه سا راند راڻو، نه سي ڍول ڍارا؛

نه سي کل کيڏارا- نه سا گفت گوئي.

 

ٿلهه:

هاڻي هينئڙا ٿيءُ فقير-

هل تان هلي ڏونگر ڏوريون!

(1)

اديون ڏينهن الست جي لکي-

طرفئون اي تقدير...

(2)

رهيو قلم قضا جو-

تنهنجي ناهي تدبير...

(3)

وتي ويڳاڻي ورونهن ۾-

دوستن لئه دلگير...

(4)

”اسماعيل“ چوي ان جي، منهنجي هينئڙي آهه اڪير...

       

ٿلهه:

وڇڙيا مان ورن، محب ملن-

مان ويٺي واٽ نهاريان!

(1)

ساريو سانگيئڙن کي هينئڙي ڳچ ڳرن-

محب ملن ...

(2)

مکڙا ماڙيچن جا چت تي روز چڙهن-

محب ملن ...

(3)

آءٌ بندياڻي بند ۾ هو ٿيا منجهه ٿرن-

محب ملن ...

(4)

ساريو ويٺي ساريان کاهڙ کيٽ کڙن-

محب ملن ...

(5)

قاسم“ ڏٺم ڪوٽ تان، باهيون منجهه برن-

محب ملن. ..

       

ٿلهه:

مون کي يار ماڻن سان ماري وڃي ٿو-

عجب عشق آتش اُٿاري وڃي ٿو.

(1)

هلڻ سان هيڏي ڪئي هاءِ هوتن،

وقت رحم روح ۾ نه تل ترس پيو تن؛

نِهي بار بوتن- قطاري وڃي ٿو.

(2)

ڳجها ڳُڻ ڳڻڻ کان ولهي سندا وڙ،

سبب رنج راڻي ڪڙا ڪاڪ جا تڙ؛

رکي ڪام ڪاوڙ- ڪواري وڃي ٿو.

(3)

سمنڊ ست ساهڙ سڪ ميهر موج من ۾،

امر عشق واري وڌس بحر ڀن ۾؛

ڇڏي ڪانڌ ڪُن ۾- ڪناري وڃي ٿو.

(4)

چارڻ چنگ چوريو، عجب شان عالي،

مٿي سون سرچي نه سر ري سوالي؛

ڪپي ڪنڌ قوالي- ڪٽاري وڃي ٿو.

(5)

لڙيو حُسن ليليٰ جو اقرب اکر ۾،

ڪشالا ڪٽيا قيس سختيون سفر ۾؛

ڀري پير بر ۾- بيهاري وڃي ٿو.

(6)

وڇڙيس وڳر کان- مان ”قاسم“ ڪويلي،

نه ڪو ور وسيلو، نه ساڻم سهيلي؛

عمر ٿر اڪيلي- اڪاري وڃي ٿو.


 

* حافظ خان محمد ڪورِي جي وفات بعد سندس فرزند محمد عمر ٿيو، محمد عمر مرحوم جو آواز گهڻو ۽ مٺو هو، هُن معمور يوسفاڻي جي مولودن جي ٻاري ۾ پهرئين جوڙ جي ٻارين سان شغل پڙهيا، سندس وفات بعد سندس فرزند خان محمد به نيڪ ۽ اهلِ علم شخص ٿيو، هن وقت ان جو فرزند محمد عمر حال حيات آهي. (ايڊيٽر)

* قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ 1955ع ۽ 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جا ميمبر رهيا. ان بعد سنڌي ادبي بورڊ جا 1961ع کان 1968ع، 1968ع کان 1972ع، 1972ع کان 1974ع، 1974ع کان 1977ع، 1989ع کان 1991ع ۽ 1991-1993ع وفات تائين 21 سال چيئرمين رهيا. 1955ع کان بزمِ طالب الموليٰ جو بنياد رکيائون، جنهن جون سڄي سنڌ ۾ شاخون کُليون. بزمِ  طالب الموليٰ طرفان سنڌي زبان جا ڪيترائي شاعر متعارف ٿيا، ڪلاسيڪي ۽ عروضي شاعري جا ڪيترائي اهم نالا پڻ ميدان تي آيا. جن سنڌي ادب جا جهول علم سان ٽمٽار ڪري ڇڏيا. تمام گهڻيون ڪانفرنسون ۽ مشاعرا منعقد ڪيائون. سنڌي ڪلاسيڪي شاعري کي عروضي شاعري سان  گڏ ترقي وٺرايائون. پاڻ اعليٰ درجي جا محقق پڻ هئا.  لسانيات ۽ لغت تي به کين عبور حاصل هو، ڪيترائي ادبي ادارا ۽ انجمنون ٺاهيائون، ادبي رسالا پڻ جاري ڪيائون، ڪيترن ادبي ادارن جا سربراه ۽ ميمبر رهيا. سندن ادبي شاگردن جو وڏو تعداد آهي، جن جي اصلاح ۽ تربيت ڪيائون. سندن ادبي دوستن جو حلقو، نه صرف سنڌ پر پوري پاڪستان کان وٺي برصغير تي محيط آهي. سڄي حياتي هڪ سچي موحد مسلمان جي حيثيت سان، سنڌ، سنڌي علم و ادب جي خدمت ڪيائون. سڄي ملڪ ۾ پيار ۽ محبت جي پوک پوکيائون. پاڻ راڳداري جي علم جا پڻ ماهر هئا، پاڻ سينڌي خان ’صيد‘ کان علم موسيقي جي تربيت ورتائون. سياست ۾ به سندن گفتار ۽ ڪردار ۾ ڪڏهن به فرق نه آيو. 1953ع ۾ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر، ايوب خان جي دور ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ پوءِ پيپلز پارٽي جي وقت ۾ 1970ع کان 1977ع ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر پڻ رهيا. پهريائين مسلم ليگ ۽ پوءِ 1967ع کان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ پارٽي جا تاحيات سينئر نائب صدر رهيا.                                        ¬

* حضرت پير محمد ابراهيم جان ’خليل‘ سرهندي جن جو وجود سنڌ سڳوري لاءِ ادب خواه، ديني خدمتن جي حوالي سان خدا پاڪ جي طرفان وڏي نعمت هئو، پاڻ تمام نيڪ صالح اولاد سان گڏ هڪ وڏي صالح جماعت، عقيدتمندن جو جمِ غفير ۽ اسلامي علومن سان ڀرپور ۽ روان دوان درسگاهه ڇڏي، هن فاني جهان مان اڱاري جي ڏينهن منجهند وقت 4 جون 2002ع تي لاڏاڻو ڪيائون. انالِلّٰھ واِنا اليھ راجعون. سندن حياتي تي رسالي الاصلاح طرفان هڪ زخيم نمبر ڪڍيو ويو آهي، سندن هڪ ڪتاب تي سرڪاري طور بندش پڻ وڌي وئي. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل سندن مضمونن ۽ شاعري کانسواءِ هيٺيان ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن:

(1) حقوق القرآن، (2) خليلي خطوط، (3) سجاڳي جو سڏ، (4) نماز، عبادالله، (5) اونهي ڳالهه اسرار جي، (6) فوٽن جي لغت (7) اونهي ڳالهه اسرار جي، (8) حقوق الوالدين، (9) هڪ گمنام گوهر، (10) عظمتِ انبيا (اردو) ۽ ٻيا به ڪافي ننڍا وڏا ڪتاب آهن جن ۾ اسلامي تعليمات سان حُب ۽ پنهنجي عقيدت جي اظهار جا گوهر نروار ٿيل آهن. پير محمد ابراهيم جان خليل سرهندي صاحب کي الله پاڪ 6 نيڪ، باعمل، ديندار ۽ عالم ۽ شاعر فرزند عطا ڪيا. سندن وڏو صاحبزادو پير عطاالله سرهندي سنڌي زبان جو صاحبِ طرز شاعر هو. سندن ذڪر خير هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ٻيو فرزند پير محمد ايوب جان سرهندي صاحب جنهن جي ذمي سندن جماعت، درسگاهه ۽ ديني خدمات جي تسلسل جو ذمو پڻ آهي، جيڪو پاڻ احسن طريقي سان نباهيندا اچن ۽ هن دورِ خرابات ۾ اهلِ ايمان لاءِ وڏي ڏِس ۽ سهارو آهن. جناب پير ثناءُالله ’ثنا‘ سرهندي شاعري جي شغف سان خوب نباهيندا اچن. پير ولي الله جان سرهندي کي شاعري جو شوق ۽ دينداري سان دل آهي. پير نثار جان سرهندي اهلِ دل ۽ اهلِ ايمان بزرگ آهي. سندن تحريرن ۾ وڏي اسلامي ڄاڻ ۽ اعليٰ ذوق آهي. محترم ڊاڪٽر موسيٰ جان تازو نوڪري تان رٽائر ٿيو آهي، وڏي همت وارو ۽ حق گو انسان آهي، الله پاڪ سڀني کي سلامت ۽ آباد رکي. (ايڊيٽر)

* سيد جڙيل شاهه جي ولادت 1895ع ۽ وفات 1973ع ۾ ٿي، پاڻ مخدوم عبدالرحمٰن عرف رام جاڳو جي قبرستان ۾ دفن آهن، سندن جدِاعليٰ حضرت راضي شاهه عرف مهراڻي جو مير مير موليڏنو جو پوٽو هو. حضرت راضي ’شاهه جي سوانح‘ ۽ ڪلام تي محترم معمور يوسفاڻي صاحب تحقيق ڪري ڪتاب مهراڻي جو مير ترتيب ڏنو، جيڪو راضي شاهه اڪيڊمي ٽنڊو جان محمد طرفان شايع ٿيو آهي. حضرت راضي شاهه جي ڪلام جي سهيڙ ۽ سوانح لکڻ ۾ معمور يوسفاڻي صاحب سان مرحوم سيد يارمحمد شاهه لڪياري، سيد ديدار شاهه لڪياري، سيد احمد شاهه رمزي ۽ سائين ’ولي سروري‘ صاحب شامل هئا. (ايڊيٽر)

* الحاج فقير ميان محمد اسمٰعيل ’قاسم‘ پلي کي نرينه اولاد ڪونه هو، پاڻ هڪ يتيم ڇوڪرو ’قاسم‘ نالي نپايائون. ان جي صغيرسني ۾ وفات سندن دماغ تي ڏک جا اثرات ڇڏيا ۽ پاڻ شاعري ۾ اسماعيل سان گڏ قاسم تخلص پڻ استعمال ڪيائون، ۽ پاڻ 1973ع ۾ وفات ڪيائون، سندن مزار مبارڪ رام جاڳي جي قبرستان ۾ آهي، غزل جو مشهور شاعر ولي محمد وفا پلي سندن داماد هو، مون سندن ڪلام جو مجموعو ترتيب ڏنو آهي.جيڪو انشاءالله جلد شايع ڪرائبو. سندن سوانح ۽ ڪلام تي محترم دين محمد سجاڳ صاحب ايم.اي سنڌي لاءِ مونوگراف پڻ لکيو آهي.. (ايڊيٽر)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org