سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: وڻجارن وايون

 

صفحو:1

وڻجارن وايون

مصنف: عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي

ڇپائيندڙ پاران

هيءُ ڪتاب ”وڻجارن وايون“ سنڌي شاعريءَ جي قديم صنف ”ڪافي“ جي طبعزاد شاعرن جي تذڪري تي مشتمل آهي. جنهن کي عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ عطا محمد پَلي جي معروف شخصيت محترم عبدالڪريم پَلي وڏي محنت سان سموهي ۽ سنواري، سنڌ جي مشهور ڪافي گو شاعرن جو احوال ۽ سندن چيل ڪافيون يڪجا ڪيون، جيڪو پنهنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب پڻ ليکي سگھجي ٿو.

هيءُ ڪتاب ”وڻجارن وايون“ پهريون ڀيرو اداره نواءِ ادب عمرڪوٽ طرفان سال 1961ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ چوئيتاليهن ڪافي گو شاعرن جو احوال قلمبند ڪيل آهي، جنهن مان 11 وفات ڪري ويل شاعر آهن ۽ باقي 33 شاعر اُنوقت حيات هئا.

هيءَ هڪ يادگار تحقيقي تصنيف آهي، جنهن جي اهميت ۽ افاديت کي مدنظر رکندي، بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽي ان کي بورڊ پاران اشاعت لاءِ منظور ڪيو ۽ ان جي نئين سِر ايڊيٽنگ ۽ واڌارا ڪرڻ جو ڪم جناب ڊاڪٽر اسد جمال پَلي صاحب کي سونپيو ويو. ڊاڪٽر صاحب تمام خوش اسلوبيءَ سان مذڪوره ڪتاب جي ايڊيٽنگ ۽ واڌارن جو ڪم مڪمل ڪيو ۽ موجوده وقت تائين گذاري ويل شاعرن جي وفات جون تاريخون ۽ سندن ادبي خدمتن جو ذڪر ڪري، انهن جي احوال ۾ لکي محفوظ ڪيون. هيءَ اهم تحقيقي ۽ تخليقي تصنيف ”وڻجارن وايون“ جديد دؤر جي تقاضائن موجب ڪمپيوٽرائيزڊ ڪمپوزنگ ذريعي وڌيڪ خوبصورت انداز سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتي آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، ادبي تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن ادبي تاريخ پڻ محفوظ ٿي سگهي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.

هن ڪتاب ”وڻجارن وايون“ جو بورڊ طرفان پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرپرستيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي عالمن ۽ اسڪالرن وٽ مڃتا ماڻيندي.

29- ذوالقعد 1443هه          سيد سڪندر علي شاهه

29- جون 2022ع                                  سيڪريٽري

 

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

پنهنجي پاران

 

ڪتاب ’وڻجارن وايون‘ جي اشاعت  (ڊسمبر 1961ع) کان چند مهينا پهرين اداره نوائي ادب ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي جو بنياد وڌو ويو. هيءُ ڪتاب اداره جو پهريون ڪتاب آهي. جيڪو سنڌي ۾ ڪافيون چوندڙ شاعرن جو مجموعو آهي. سنڌي ڪافي تي تحقيق جي سلسلي ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جو لاجواب ڪتاب ’ڪافي‘ آهي، جيڪو يقيناً تحقيق ۾ هڪ سَند جي حيثيت رکي ٿو. ساڳي طرح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ٽن جلدن تي مشتمل ڪتاب ’ڪافيون‘ وري سڄي سنڌ مان ڪافين جي سهيڙ تي هڪ لاجواب ڪم آهي. هيءُ ڪتاب وري ڪافي گو شاعرن جي مجموعي جي حيثيت ۾ هن وقت تائين بهترين ڪتاب آهي. سنڌي ڪافي گو  شاعرن جو مجموعو نه هن کان پهرين هو، ۽ نه پوءِ آيو آهي. ڪافي جي صنف کي مقبول عام ڪرڻ لاءِ جيڪي قبله مخدوم صاحب جن ڪوششون ڪيون هي ڪتاب به ڄڻ انهن ڪوششن جي ڪَڙي شامل ٿئي ٿو. هن ڪتاب جا ٻه حصا آهن جنهن ۾ حصه ممات حضرت صوفي صديق فقير کان شروع ٿئي ٿو ۽ حصه حيات قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن کان شروع ٿي، مصنف عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي تي اختتام پذير ٿئي ٿو.

آئون چئن سالن جو هئس جڏهن هي ڪتاب شايع ٿيو. هن ڪتاب جي اشاعت سان گڏ ئي منهنجون يادون سرهيون ۽ سامايون آهن. خانصاحب عطا محمد پلي جي ڳوٺ واري علمي ۽ ادبي اوطاق جو سڄو ماحول منهنجو پنهنجو آهي. بابا سائين هن ماحول جو نه صرف اهم حصو پر گهڻي حد تائين رهنما رهيو. قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جا هن عطائي خاندان سان ديرينه ۽ مشفقانه تعلقات پڻ هن ماحول تي اثرانداز ٿيا. ساڳي وقت سروري سٿ جا ڪيترائي شاعر هن ڪتاب ۾ شامل پڻ آهن. ساڳي وقت مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي، مرحوم غلام محمد گرامي ۽ مرحوم مخدوم امير احمد جو علمي تعاون به ڪتاب ۾ لکڻين جي شڪل ۾ جهلڪي ٿو.

هيءُ دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي، سڀ انسان مسافر آهن، پنهنجو پنهنجو سفر پورو ڪري اصل منزل ڏانهن هليا ٿا وڃن. اهو دنيا جو دستور تاقيامت رهڻو آهي. 1961ع ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب جي حصه حيات جا به سڀ شاعر پنهنجو سفر پورو ڪري بهتر جهان ۾ آهن، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ته اداره نوائي ادب ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي مان شايع ٿيو ۽ ٻيو ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ جي ذمي آيو، هن ٻئي ڇاپي جي ٻئي حصي ۾ مڪمل ايڊيٽنگ جي ضرورت هئي ته جيئن حصه حيات جي شاعرن جو 1961ع کان سندن وفات تائين جو مختصر احوال شامل ڪجي. پبليڪيشن ڪميٽي جي فيصلي موجب اهو ايڊيٽنگ جو ڪم منهنجي حوالي ٿيو. خوشي اها ٿي ته منهنجي بزرگن جو ماضيءَ ۾ ڪيل شاندار علمي ۽ ادبي پورهيو وري اڳتي وڌائي موجوده وقت تائين آڻڻ منهنجي حصي ۾ آيو. منهنجي لاءِ هيءُ ڪم مشڪل ضرور هو پر ساڳي وقت باعثِ افتخار ۽ باعثِ سڪون پڻ هو. هن ايڊيٽنگ ۾ گرامي صاحب جي هيٺين راءِ جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته: ”هن نظر افروز ڪتاب ۾ قادرالڪلام ۽ نوآموز شاعرن جي ڪلام کي گڏ ڪندي جنهن دلي وسعت جو مثال پيش ڪيو ويو آهي، ان جو داد ڏيڻ گهرجي.“

هن ڪتاب جي اصل مسودي کي جيئن جو تيئن رکيو ويو آهي ۽ هر ڪنهن معزز شاعر جي احوال کان پوءِ حاشيه ۾ سندس احوال ۾ اضافا ڪيا ويا آهن، سندن ادبي خدمتن جو ذڪر سان گڏ سندن وفات جا سال ۽ جتي ضروري لڳو سندن خاندان جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. جن شاعرن جو هن ادبي اوطاق سان گهڻو تعلق رهيو آهي ته انهن جو احوال به ڪجهه زياده شامل ٿي ويو آهي. هن ايڊيٽنگ جي ڪم کي پنهنجي ڄاڻ ۽ علم مطابق لکيو ويو آهي، پوءِ به ممڪن آهي ته ڪي اهم ڳالهيون رهجي ويون هجن.

هن ڪتاب جي ايڊيٽنگ ڪرڻ جو اصل مقصد آهي ئي اهو ته اسان جي هن ڪتاب ۾ شامل سڀني معزز شاعرن بابت احوال جو حوالو ڏجي، يقيناً هن ڪتاب ۾ شامل سڀني معتبر ۽ معزز شخصيتن تي تفصيلي ته ڪونه لکي سگهبو، بلڪه ان لاءِ ته ڪيئي مضمون ۽ ڪتاب گهُرجن، البته اسان صرف انهن جي زندگي جي جهلڪ ڏني آهي.

ڪتاب جي نئين ڪمپوزنگ ۽ صفحن جي سيٽنگ جي مدِنظر اسان ڪافين جي سيٽنگ ڪٿي ڪٿي اڳ پوءِ رکي آهي البته ڪافين جو تعداد نه گهٽايو آهي نه وڌايو آهي ۽ نه تبديل ڪيو آهي. سڀ ڪافيون پنهنجي اصل مسودي مطابق جيئن ۽ جيتريون آهن رکيون ويون آهن، ڪتاب جي اصل مواد ۾ هڪ حرف به ايڊٽ نه ڪيو آهي، حصه ممات ۾ ڪجهه مواد ايڊٽ ڪيو آهي اُهو به حاشيه ۾ رکيو ويو آهي.

هن ڪتاب جي هڪ خوبصورتي اها به آهي ته سنڌي ڪافي جي فني پهلوئن ۽ گهاڙيٽن جي حساب سان سواءِ جهولڻي جي لڳ ڀڳ سڀ گهاڙيٽا هن ڪتاب ۾ موجود آهن. باقي فڪري لحاظ کان ته هرشاعر جي پنهنجي فڪري اڏام آهي، ڪتاب جي مواد ۽ ٻوليءَ تي اڳ ۾ ئي بزرگن جا رايا موجود آهن.

هن ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙا به شاعر آهن جيڪي ان دور ۾ لاڙ پَٽ جي معتبر شاعر محترم الهه بخش سرشار عقيلي جي زيراثر رهيا آهن ۽ انهن پنهنجي نسبت ’سرشاري‘ لکي آهي. اڳتي هلي 60 جي ابتدائي سالن ۾ جيئن ئي ٿرپارڪر جي علائقي ۾ قبله مخدوم محمد زمان جي بارها تشريف آوري ٿي آهي ۽ سندن صدارت ۾ عاليشان مشاعرا به ٿيا آهن ته بزمِ طالب الموليٰ جون شاخون به کُليون آهن. ساڳي وقت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين ڪيترن ئي شاعرن جي رهنمائي ۽ اصلاح پڻ ڪئي آهي، تنهنڪري اُهي سرشاري نسبت سان جڙيل شاعر به سروري سٿ ۾ شامل ٿي ويا ۽ پاڻ کي پنهنجي نالي سان گڏ سروري لکڻ شروع ڪيائون، اسان سندن خودنوشته سوانح ۾ کين ساڳي نسبت سان رکيو آهي ۽ حاشيه ۾ سندن پوءِ جي نسبت آندي آهي. اداراه نوائي ادب جو هن ڪتاب کان پوءِ ٻيو ڪتاب محترم ولي محمد وفا پلي جي شاعري جو مجموعو ’لونءَ لونءَ منجهه لغار‘ شايع ٿيو. هن پهرين دور جي ڊگهي ماٺ بعد وري 97-1998ع ۾ اداره جي نشاط ثانيه ٿي جنهن کان پوءِ هيٺيان چار ڪتاب شايع ٿيا:

(1) ڪيا سانگ سانوڻ                شاعر: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي

                                مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي

(2) چنڊ جهڙا پرين            شاعر: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي

                                مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي

(3) وڙهيا، واڳيا، واپريا،               ليکڪ: راڄ محمد پلي

                                مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي

(4) درد هزارين هڪڙي دل            شاعر: ولي محمد ’وفا‘ پلي

هن ڪتاب ۾ ايڊيٽنگ جي صورت ۾ آندل اضافي مواد لاءِ تمام گهڻن دوستن جو شڪرگذار آهيان، انهن ۾ خاص طرح خانصاحب اختر علي ولد راڄ محمد پلي، محترم فيض کوسو صاحب، محترم عبدالله جيسر (مورو)، محترم تاج جويو، محترم عبدالڪريم العبد راهي، لطيف دانش، ظهير اقبال پلي، نظير هاليپوٽو ۽ مولوي عبدالسميع ڪوري ۽ فتح محمد رونجهو شامل آهن. ان کان علاوه ڪافي ڪتابن مان پڻ مدد ورتي وئي آهي.

هن ڪتاب جي اشاعت جي سلسله ۾ قبله مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جا وڏا ٿورا ۽ احسان جنهن هن اهم ڪتاب کي بورڊ جي پبلڪيشن جي سلسلي ۾ شامل ڪيو.

آئون ڪتاب جي ايڊيٽنگ جي سلسلي ۾ محترم ڀاءُ عطا محمد عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي صاحب جو خاص طرح شڪرگذار آهيان، جنهن هن اهم ڪم لاءِ مون سان دلي طور تعاون ڪيون، ساڳي طرح سنڌي ادبي بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽي جي اراڪين، سيڪريٽري سيد سڪندر علي شاهه جا به ٿورا جن هن ڪم کي پائيه تڪميل تي پهچايو.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

تعارف

 

خانصاحب عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي

 

سوچيو ائين هو، ته پنهنجي قلم جي سياهيءَ سان هن دنيا جي ذڪر ۽ انسانن جي شان جي بيانن سان ڪافي سفيد پنا ڪارا ٿي چڪا: هاڻي ويندڙ وهيءَ جا باقي پل، پهر ۽ ڏينهن ’مالڪِ حقيقي‘ ۽ سندس ’لاثاني محبوب‘ جي ثنا ۽ ذڪر ۾ بسر ڪبا ۽ جيڪا زندگي انهيءَ حقيقت کان غفلت ۾ گذري، انهي جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي، ۽ قلم جي نوڪ کي انهيءَ رخ ڏانهن ئي موڙبو. پوءِ ڪنهن عقلمند هيئن سمجهايو، ته ’تصوير‘ جي تعريف اصل ۾ ’مصور‘ جي ساراهه آهي. مالڪ جي هر ڪنهن جوڙ ۾ جوڙڻهار جي جهلڪ پسجي ٿي، ۽ اهڙيءَ طرح هر ’تخليق‘ جي تعريف ۽ واکاڻ دراصل ’خالق‘ جي واکاڻ ۽ وڏائي آهي. جڏهن اها ڳالهه  سمجهه ۾ آئي ته دماغ انهيءَ ڳالهه تي آماده ٿيو، ڇو نه ’مالڪِ حقيقيءَ‘ جي ڪنهن فياض، لطيف ۽ ڪريم ٻانهي جو ذڪر ڪري، خدا جي خلق کي پنهنجي ڄاڻ موجب اُن جون خوبيون ۽ خصلتون ٻڌائي، ڪنهن کي سٺي ذڪر پڙهڻ جو موقعو ڏجي. جن کي ان ذڪر جي خبر هوندي، ته اُهي هجر ۾ هنجون هاريندا؛ جن کي وڌيڪ خبر هوندي، ته ان جو قلم جنبش ۾ ايندو ۽ جيڪي اڻواقف هوندا، اهي حقائق کان آگاهه ٿي روحاني تسڪين حاصل ڪندا.

اِهو سوچيندي منهنجي ذهن ۾ آيو، ته خانصاحب عبدالڪريم
”ڪريم“ پليءَ جي دلربا ۽ ڪريمانه صفات واريءَ شخصيت تي ڪجهه لکجي. حالانڪ ”ڪريم“ صاحب جي محبوب شخصيت تي سندس ڪو همعصر دوست لکي، ته بهتر ۽ جيستائين ائين ٿئي، تيستائين آئون پنهنجي محسن بابت عقيدت جا هي لفظ پيش ڪريان ٿو:

خانداني پس منظر:

سندن تعلق ’ناري‘ پَٽ جي معزز راڄ ’پلي‘ سان آهي. هيءَ قوم مرحوم درس پليءَ جو اولاد آهي. درس پلي، ذات جو ’سمون‘ هو ۽ سندس اولاد عرف عام ۾ ’درس پلي‘ سڏجي ٿو. درس پليءَ جي وفات 998هه/1590ع ۾ ٿي. پاڻ ’مشائخ هوٿيءَ‘ جي قبرستان ۾ دفن آهي. سندس رهائش ’ساڱري‘ درياهه تي ’روپاهه‘ جاگير ۾ هئي، تنهنڪري درس پلي ’ساڱرائي‘ به سڏيو ويو.

پاڻ حضرت غوث بهاءُالحق ذڪريا ملتانيءَ جو مريد ۽ خليفو هو. حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙائي ۽ حضرت ڳاڙهي صدر اوٺي جو صحبتي هو. درس پليءَ کي پنج پٽ هئا، جن مان ’پلي‘ قوم جا پنج پاڙا- (1) پيرج، (2) حميدجا، (3) سومريجا، (4) صديقجا، ۽ (5) ويسا سڏجن ٿا.

مرحوم خانصاحب عبدالڪريم پليءَ ’سومريجا‘ پاڙي مان هو. سندن خاندان سندن جد اعليٰ جي نسبت سان ’عطائي‘ پڻ سڏجي ٿو. عطا محمد عرف عطائي جي ڏاڏي جو نالو ’اڇو‘ هو. انهيءَ نسبت سان ’اڇاڻي پلي‘ به سڏجن ٿا. عطائي پلي ولد دودي جي سخاوت ۽ عطا ايترو مشهور هئي، جو ڏکڻ سنڌ ۾ اگر ڪنهن جي به سخاوت ۽ عطائيت جو ذڪر نڪرندو، ته چوندا ته تون ڪهڙو ’عطائي‘ آهين. عطائي مرحوم جي سخاوت بنا سوچ سمجهه ۽ حساب ڪتاب جي هوندي هئي. گهرجائوءَ کي خبر ڪونه هوندي هئي، ته کيس بنا طلب جي ايترو ڪجهه ملي سگهي ٿو. انهيءَ بنا سمجهه ۽ بنا حساب ڪتاب جي ڏيڻ واري گڻ کي هن وقت وري ڊاڪٽريءَ جي علم کان اڻواقف ۽ بنا سوچ سمجهه جي صحت عطا ڪندڙن لاءِ ’عطائي‘ لفظ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، ته ڪيئن نه پيا اڻڄاڻائيءَ جون عطائون ڪن.

عطائي مرحوم نه صرف سخي ۽ امير، پر بهادر ۽ اصول پرست انسان هو. ’شيرِ سنڌ‘ مير شير محمد خان ٽالپر جڏهن انگريزن سان ’دٻي‘ (ناريجاڻيءَ) واري جنگ جوٽي هئي، ته پلي قوم جا ٻه شخص- وڏيرو انس پلي ۽ عطائي پلي پنهنجا ماڻهو وٺي، مير صاحب سان شامل ٿيا هئا. سنڌ جي ماڻڪاڻي مير حڪمرانن طرفان عطائي مرحوم کي ’هڪ هزاري‘، يعني: هڪ هزار جي جَٿي جي اڳواڻ يا جنگ ۾ هڪ هزار سپاهي ڏيندڙ جو لقب مليل هو.

جڏهن ڪرنل ٽرائيوٽ (تروٽ) پنهنجي فوج ۽ مقامي اميرن جو لشڪر ساڻ ڪري ننگرپارڪر جي راڻن تي ڪاهيو، ته عطائي پلي مدد کان صاف انڪار ڪيو. چئي: راڻن سان اسان جا دوستانه تعلقات آهن. تنهنڪري اسين انهي تي حمله آور نٿا ٿي سگهون.

عطائيءَ جو فرزند دودو به پنهنجي دور جو مشهور شخص ٿي گذريو آهي. دودي جو فرزند عبدالحڪيم ٿيو. چون ٿا ته عبدالحڪيم وٽ ايترا چانديءَ جا روپيا هوندا هئا، جو انهن تان زنگ لاهڻ لاءِ گهيٽن جي هلر ٻَڌائيندو هو. تمام وڏو امير ۽ اعليٰ ڪردار جو انسان هو. کيس انگلستان جي راڻيءَ وڪٽوريا طرفان ايم.بي.اِي. (Member of British Empire) جو ٽائيٽل مليل هو. ان کان علاوه، وٽس سرڪار طرفان انعام ڪيل تلوارن، لونگين ۽ سَنَدن جو جهجهو تعداد موجود هو.MBE جو ٽائيٽل برصغير ۾ ڪيترن شخصن وٽ آهي ۽ ان ٽائيٽل جي اهميت بابت مون اڃان ڪٿي پڙهيو نه آهي.

عبدالحڪيم جو فرزند عطا محمد ٿيو، جيڪو ضلعي ٿرپارڪر جي تعليمي بورڊ جو چيئرمين هو. کيس ’خانصاحب‘ جو ٽائيٽل ۽ ٻين سَنَدن ۽ ايوارڊن جو وڏو تعداد مليل هو. اسان جو سطحي تاريخدان جڏهن انگريزن تي ڇوهه ڇنڊي ٿو، ته انهيءَ دور جي ايوارڊ يافته افراد خلاف به هلڪي زبان ٿو استعمال ڪري، ته اهي سَنَدُون ۽ لونگيون وٺندڙ انگريزن جا حامي هئا. اهو تاريخدان هنن عطائي مرحوم ۽ عطا محمد لاءِ ڇا چوندو، جن مان پهرئين انگريز دور جي هاڪاري آفيسر ڪرنل تروٽ کي ننگرپارڪر جي ٺڪرن تي حملي جي حمايت کان انڪار ڪيو ۽ ٻئي خانصاحب عطا محمد، انگريز آفيسر کي حُر تحريڪ دوران ’سورهيه بادشاهه‘ جي جوڻيجن مريدن جون آيل ’سامون‘ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جنهن جو ذڪر محمّد عثمان ڏيپلائيءَ پنهنجي ناول ”سانگهڙ“ ۾ ڪيو آهي. ٻئي انڪار سڌا انگريز سرڪار کي هئا. دراصل انگريز سرڪار هنن پروقار ۽ معزز شخصيتن کي ايوارڊ، سَنَدون ۽ ٽائٽل ڏئي پنهنجو حامي سمجهيو پر وقت اچڻ تي هنن دليرن، وطن عزيز جي ماڻهن سان ننگ نباهيو، ۽ سرڪاري اعزازن کي ثانوي رکي ڇڏيو. هن سلسلي ۾ اسان ڪتاب ”عطائي خاندان جي تاريخ“ ۾ تفصيلي بحث ڪيو آهي.

خانصاحب عطا محمد کي ’خانبهادر‘ جو ٽائيٽل به هو، جيڪو پاڻ قائداعظم محمد علي جناح جي اپيل تي سرڪار کي واپس ڪيائون ۽ ڪڏهن به’خانبهادر‘ نه سڏايائون. الله پاڪج ’خانصاحب‘ عطا محمد کي چار فرزند عطا ڪيا:

1.             خانصاحب عبدالحڪيم عرف عبدالرحمان پلي (وفات 1973ع)

2.           خانصاحب دودو عرف عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي

3.           خانصاحب عبدالرحيم عرف راڄ محمد پلي

4.           خانصاحب ولي محمد ”وفا“ پلي

خانصاحب عبدالڪريم عرف دودي جي ولادت 21- آگسٽ 1940ع تي ٿي. سندن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿي. خانصاحب عطا محمد، سندن ديني تعليم ۽ تربيت لاءِ ’ڳموري‘ ڳوٺ مان مولوي امين محمد پليءَ کي خاص طرح مقرر ڪيو. ان بعد پاڻ معمور يوسفاڻي صاحب جي رهنمائي ۾ عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد ۾ باقي امتحان ڏنائون.

سياست:

پاڻ يونين ڪائونسل ’عطا محمد پلي‘ جا چيئرمين رهيا. 1970ع واريءَ اليڪشن ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري واري صوبائي تڪ تان آزاد اميدوار طور (گهڙيال جي انتخابي نشان سان) اليڪشن کٽي، بعد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيا. 1976ع واريءَ اليڪشن ۾ ٻيهر ساڳئي تڪ تان صوبائي اسيمبلي جا ميمبر منتخب ٿيا.

پهرين اليڪشن ۾ سندن مقابلو  مسلم ليگ جي سينئر سياستدان مرحوم سيد غلام حيدر شاهه ۽ پيپلز پارٽي جي مضبوط اميدوار مرحوم ارباب نورمحمد راهمون سان ٿيو. هن ٽرانگيولر مقابلي ۾ پاڻ آزاد اميدوار طور واضع ڪاميابي ماڻيائون. ٻي اليڪشن ۾ سندن مقابلو نالي ماتر ٿيو ۽ ٽي اليڪشن ۾ سندن اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار باعث مقابلي ۾ ڪير فارم ڀرائڻ لاءِ تيار ئي نه هو ۽ اها اليڪشن ملتوي ٿي وئي.

اسيمبليءَ جي ميمبرشپ واري عرصي ۾ سڄي ’ناري‘ خواهه ’ٿر‘ جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪيائون. ڪڏهن به اها ڳالهه نه سوچيائون ته مدعيءَ جو مذهب ڪهڙو آهي، ذات ۽ پارٽي ڪهڙي آهي ۽ ووٽ ڪنهن کي ڏنا اٿس! هميشه هر ڪنهن جو عرض اونايائون- جن ووٽ ڏنا، جن ووٽ نه ڏنا؛ سڀ ماڻهو ساڳيءَ محبت سان ’پلي صاحب‘ مرحوم ڏي ايندا هئا. سندن ڪريمي۽ فياضيءَ جي دولت کُٽڻ جي اصل ڪانه هئي.

علم و ادب:

وٽن خانصاحب عطا محمد مرحوم جي حياتيءَ جي آخري سالن ۾ جيڪي صوفيانه محفلون ٿينديون هيون، انهن ۾ کين شاعريءَ جو اُتساهه ٿيو. ٻئي طرف محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم به خانصاحب وٽ ملازم هو، ته هُن به ڳوٺ ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جو چرچو پيدا ڪيو. ڏيپلائي صاحب پنهنجو پهريون ڪتاب ”قرآني دعائون“ هتي خانصاحب وٽ ئي لکيو ۽ پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. ”سانگهڙ“ سندس مشهور ناول آهي، جنهن جو به گهڻو تڻو مواد کيس هتي ئي مليو. ڏيپلائي صاحب تمام گهڻا ڪتاب پيرن ۽ وڏيرن جي زندگيءَ جي منفي پهلوئن تي لکيا. مگر خانصاحب عطا محمد ئي اهڙو ’وڏيرو‘ آهي، جنهن جي ذڪر لاءِ ”سانگهڙ“ ناول جا پندرهن صفحا مخصوص ڪيا اٿس ۽ حضرت ’سورهيه بادشاهه‘ ئي اهڙو پير آهي، جنهن لاءِ ايڏو شاندار تاريخي ناول لکيو اٿس. خانصاحب عطا محمد کان پوءِ، خانصاحب عبدالرحمان مرحوم به ڏيپلائي صاحب جي سندس ادبي ڪمن ۾ مالي امداد جاري رکي.

ان کان علاوه، هن خاندان ۾ ميان محمد اسماعيل ”قاسم“ پليءَ جهڙو ڪلاسيڪي شاعريءَ جو معتبر شاعر به موجود هو. ميان صاحب پنهنجي دور جي ڪافيءَ جي نمائنده شاعرن- خوش خيرمحمد هيسباڻي، مهدي شاهه ميرواهي، مل محمود پلي، منٺار فقير راڄڙ، حافظ درمحمد پلي، اميد علي شاهه ۽ مصري شاهه نصرپور واري سان شاعرانه محفلون ڪندو هو. سندس ڪلام جو معيار به ساڳيو مذڪوره شاعرن جهڙو آهي.

انهيءَ ادبي پس منظر ۾ جيڪو ذوق پروان چڙهيو، انهيءَ جي پيش نظر عبدالڪريم صاحب نه صرف شاعري شروع ڪئي، پر پنهنجي ڳوٺ ۾ محترم راڄ محمد پلي، محترم معمور يوسفاڻي، محترم ”جليل“ سروري، محترم ولي محمد ”وفا“ ۽ محترم ”احمد“ پليءَ سان گڏ هڪ علمي ۽ ادبي انجمن ٺاهيائون، جيڪا اڳتي هلي ’اداره نواءِ ادب‘ ۾ تبديل ٿي. پاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ متعارف ٿيا ۽ سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو رخ به ’ خانصاحب‘ جي ڳوٺ ڏانهن ٿيو.

’اداره نواءِ ادب‘ طرفان ابتدائي مرحلي ۾ ٻه ڪتاب- 1. ”وڻجاريون وايون“ (ڪافيءَ جي شاعرن جو تذڪرو) عبدالڪريم ”ڪريم“ پليءَ ترتيب ڏنو، ۽ 2. ”لونءَ لونءَ منجهه لغار“- ولي محمد ”وفا“ جي شاعري شايع ٿيا. سندن وفات بعد، ساڳئي اداري طرفان، محترم خانصاحب عطا محمد ولد عبدالڪريم، ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ محترم اختر علي ولد راڄ محمد جي سعيي ۽ تاڪيد سان چار ڪتاب ڇپيا:

(1)                               ”ڪيا سانگ سانوڻ“، (”ڪريم“ پليءَ جي شاعري)، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي

(2)                             ”چند جهڙا پرين“، (”ڪريم“ پليءَ جي شاعري)، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي

(3)                             ”وڙهيا واڳيا، واپريا“ (صوفي صادق جي سوانح ۽ ڪلام)، مصنف: راڄ محمد پلي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي.

(4)                             ”درد هزارين هڪڙي دل“ (شاعري)، ولي محمد ”وفا“ پلي

هاڻي وري اداري طرفان ميان محمد اسماعيل ”قاسم“ پليءَ جي ڪلام جي ’ڪليات‘ ڇپائڻ جي تياري آهي.

پنهنجي علمي ادبي زندگيءَ ۾ سندن تعلق سنڌ جي سڀني مڪتبِ فڪر جي اديبن ۽ شاعرن سان هو. ڪيترن مالي طور ضعيف ۽ علمي طور امير اديبن جي مٿان ته سندن فياضيءَ ۽ سخاوت جو هٿ پڻ هميشه رهيو. هِن سخاوت جو اندازو ايڏو ته من لڀائيندو هو، جو بجاءِ ڪنهن جي عزتِ نفس مجروح ٿيڻ جي، وڌيڪ حاجت ۽ حجت پئي ٿيندي هئي. هن عرصي ۾ پاڻ سنڌ جي اعليٰ پايي جي ادبي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو ڪلام پڙهي، دادِ تحسين حاصل ڪيائون، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته استاد شاعرن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيندا هئا. هڪ دفعي، هڪ طرحي مشاعري ۾ غزل جي هڪ سٽ پڙهيائون ته:

”زمين ته وجهه تسلي نه ٿي سگهي يارو.“

اڃان محفل هن سِٽ جي سحر ۾ محوِ هئي، جيستائين چيائون ته:

”ڪري ٿو ڪهڙي عطا چنڊ داغدار ڏسو.“

هن سِٽ سان سڄي محفل ڪيتري دير تائين ’مڪرر، مڪرر‘ ۽ ’واه واه‘ جي آوازن ۾ گُم هئي،. هن غزل جو مطلع (طرحي) ۽ مقطع هن طرح هئا.

ڪلي ڪلي کي افسرده، سوگوار ڏسو،

”چمن جو رنگ ڏسو، موسمِ بهار ڏسو.“

جهان ۾ ڪنهن کي به حاصل قرار ناهه مگر،

”ڪريم“ جيئن به ڪو ڏسجي ٿو بيقرار ڏسو.

پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪيترائي مشاعرا منعقد ڪرايائون. اسڪولن ۾ مضمونن جي مقابلي جون چٽاڀيٽيون ڪرايائون ۽ کٽيندڙ شاگردن ۾ انعام ۽ ايوارڊ تقسيم ڪيائون. عمرڪوٽ جي شهر کي علمي ادبي طور متحرڪ ڪري ڇڏيائون. پاڻ عمرڪوٽ جو ڪاليج سرڪار کان منظور ڪرايائون ۽ ڪاليج جي بلڊنگ ٺهڻ بعد ’شاگرد يونين‘ طرفان عاليشان ادبي پروگرام منعقد ڪرايائون، جنهن جي صدارت مولانا غلام محمد گرامي صاحب ڪئي. مولاناگراميءَ جي انهيءَ ’لطيف ڊي‘ تي ڪيل صدارتي تقرير اڃا تائين به عمرڪوٽ جي ڪجهه جهونن اديبن ۽ صحافين جي ڪنن ۾ پڙاڏا ڪريو پئي گونجي.

علم و ادب جي سرپرستيءَ کان علاوه، پاڻ پنهنجي علائقي ۾ راڳ جي وڏي ڌڻيپ ڪيائون. پاڻ راڳ سمجهندا هئا. سنگيت ساگر جا غواص هئا. سڄي سڄي رات ويهي صوفيانه ڪلام ٻڌندا هئا. سندن اوطاق تي مڱڻهارن جو مان به جهجهيرو هو، جو هُو چوندا هئا ته:

ٻي در وڃ م ڪيڏانهين، جو تون ڄام مڱيندي مڱڻا!   (شاهه)

پاڻ نه صرف موسيقيءَ جي محفلن جا ڪوڏيا، پر تمام گهڻو سخي هئا، موسيقيءَ جي محفلن کان علاوه، سندن جاگير جي اُپت ۾ گائڪن ۽ گوين جو حصو هميشه رهيو. لاهور جي ڪلاسيڪل گوين نزاڪت علي خان ۽ سلامت علي خان کان وٺي تر جي شادي فقير ۽ اڪبر فقير مڱڻهار تائين سڀني خانصاحب وٽ ڳايو ۽ عزت ورتي. محترمه عابده پروين 1973ع ۾ پهريون دفعو عمرڪوٽ جي قلعي ۾ جڏهن ڳايو ته:

توکي ڏسڻ لئه سهڻل سائين اکڙيون آهن آتڙيون. (ڪريم)

ته ان وقت جي وزيرِ تعليم، جناب پيار علي الانا صاحب جا هٿ داد لاءِ ڪيترائي دفعا کڄاڻا. ان کان پوءِ هِن ڪافيءَ تي وحيد علي مرحوم به خوب تانَ ۽ پلٽا هنيا. غلام قادر لنجواڻيءَ جو ’گلو‘ ۽ ’ڪريم جا غزل‘ ڄڻ ساڳئي سر جون تارون هيون. مرحوم سهراب فقير هڪ دفعو ڪراچيءَ ۾ هڪ ڪچهريءَ ۾ مون کي ٻڌايو ته اسين ننڍا فقير به وڏن فقيرن جي حاضري ڀري آيا آهيون.

خانصاحب منظور علي خان چوندو هو ته پلي صاحب جنهن محفل ۾ موجود آهي، انهيءَ ۾ ڳائڻ جو مزوئي ٻيو آهي. اهڙيءَ طرح، هي سنڌ جا ڀان، ڀاٽ، چارڻ ۽ منگتا چوندا هئا، ته پلي صاحب سنڌ جي سماجي روايتن جو ’يارهون ڏاتار‘ آهي. سينگار علي سليم چوندو هو ته سکر ۾ مون کي چوندا ئي ’پلي صاحب جو ڳائڻو‘ آهن.

پلي صاحب جي سخاوت ۽ فياضيءَ جو دائرو صرف شاعرن، اديبن ۽ ڳائڻن تائين محدود نه هوندو هو، پر تر جا ڪيترائي غريب خاندان سندن فصل لهڻ جي انتظار ۾ هوندا هئا، ۽ بٽئي وقت نه صرف مڻين ڪڻڪ انهن مستحق ۽ غريب خاندانن جي گهرن ڏانهن کڄندي هئي. بلڪ ڪپڙن جي تاڪين جي ڍِڳن سان ڪڻڪ ۽ ساريون اسڪولن ۽ مدرسن جي طالبن ڏانهن به باقاعدي ڍڳي گاڏيون کڻنديون هيون. سندن انهيءَ سخاوت جي ڏِياٽي اڃا به ٻوکلي اسٽيٽ، نجارڻو اسٽيٽ، سونپور اسٽيٽ، پچٽ جي ڀڙي واري اسٽيٽ ۽ ولهيٽ اسٽيٽ تي ٽمڪي ٿي، ۽ هزار حاسدانه نظرن جي باوجود، نه ڏوماڻي (دومانه) جي مصري شاهه جي مزار جا وڻ سُڪا آهن، نه وري هن ڏِياٽيءَ جو تيل سُڪندو ۽ کُٽندو نظر اچي ٿو، ڇو ته ڀاڳين جا ڀاڻ خالي ناهن ٿيندا. سنڌ جي هن سخي مرد جي سخاوتن جا داستان تمام گهڻا آهن. جن لاءِ هڪ مڪمل تصنيف جي ضرورت آهي.

اولاد:

الله تبارڪ و تعاليٰ کين چار لائق فرزند- (1) خانصاحب عطا محمد پلي (2) اعجاز علي پلي (وفات:  20 آگسٽ 2011ع)، (3) ڊاڪٽر رسول بخش پلي (وفات:  26 ڊسمبر 2021ع)، (4) فيض محمد پلي عطا ڪيا. پاڻ پنهنجي فرزندن جي تعليم لاءِ فڪرمند رهيا ۽کين اعليٰ تعليم سان منور ڪيائون.

وفات:

سندن وفات حسرت آيات 4- نومبر 1991ع تي حيدرآباد ۾ ٿي. سندن علالت ۽ تڪليف جو عرصو هڪ ڪلاڪ به مس هو. نه پاڻ سڄي زندگي پنهنجي جاگيردارانه حيثيت هوندي به ڪنهن کي روحاني يا جسماني طور ڏکايائون، نه وري مالڪِ حقيقيءَ کين ڪنهن جسماني امتحان ۾ وڌو. مختصر علالت بعد وڃي پنهنجي محبوبِ حقيقيءَ جي درٻار ۾ پاند ڳچيءَ ۾ پائي حاضر ٿيا، صاف هٿن ۽ صاف ڪردار سان.

آئون ٻانهي تون سائين، پاتم پاند ڳچيءَ ۾ ڪپڙو. (شاهه)

سيرت ۽ ڪردار:

الله تبارڪ وتعاليٰ کين اعليٰ انساني صفتن سان مالامال ڪيو هو. سندن ڪچهري هميشه فرشي نشست هوندي هئي. جنهن ۾ اڪثر عالم، اديب، شاعر ۽ سگهڙ موجود هوندا هئا. سندن ڪچهري گِلا، سازشن ۽ غيبتن کان پاڪ ۽ گفتگوءَ ۾ شائستگي، رعب، دٻدٻو ۽ تڙڪ ڌڙڪ جي بلڪل برخلاف، سندن آواز مٺو، لهجو ڌيمو ۽ فضيلت وارو. سندن مٺن، سهڻن ۽ من لڀائيندڙ لفظن سان ٽمٽار جملا، ٻڌندڙ کي هميشه سندن مداح ٺاهي ڇڏينداهئا. گفتگوءَ جي سڃاڻپ تي کين عبور حاصل هو. سندن جملا وڦل ۽ واويلا کان پاڪ ۽ گار ۽ گٿن لفظن کان محفوظ هوندا هئا. پاڻ نه اکيون ڳاڙهيون ڪرڻ ڄاڻندا هئا،، نه پنهنجي هٿن کي ڪنهن مسڪين جي پُٺن تي چهبڪن لاءِ استعمال ڪيائون. سندن داد دولت جو، ته مار لفظن جي. فيصلن ۾ سدائين حق جي ڳالهه حاوي. پر هڪ عجيب طريقوهوندو هو، جو مجرم اگر مالي طور ڪمزور ۽ ضعيف هوندو هو، ته به ان تي مڪمل ڏنڊ رکندا هئا ۽ مجرم کي انهيءَ ڪري خوف ڪونه هوندو هو، جو اهڙا ڏنڊ سندن خزاني مان ئي ڀربا هئا. الله تبارڪ و تعاليٰ کين اهڙي شاطر نظر کان پاڪ رکيو هو، جنهن سان اهو تاڙجي ته فلاڻو مون کي ڪهڙو فائدو ڏيندو يا ٻن کي ويڙهائي، پوءِ مصنوعي چڱ مڙسي ڪجي.

تعليم جي ترقيءَ جا ڪوڏيا هئا.سندن انهيءَ ڳالهه تي پڪو پختو ويساهه هو، ته معاشري جي ترقي ۽ سڀني براين، خرابين ۽ ناهموارين جو حل تعليم ۾ آهي. نه صرف هر ڪنهن پڙهندڙ ٻار جي همت افزائي ۽ سارسنڀال ڪرڻ ۾ هميشه اڳتي رهيا، پر تر جي غريب ۽ ذهين استادن جو به وٽن وڏو قدر هو. مذهبي تعليم سان گڏ، کين سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم جو به اونو هوندو هو.

سندن ڪچهريءَ ۾ سڄي سنڌ عموماً ۽ ناري پَٽ جي خصوصاً علمي ۽ تاريخي مرڪزن جو ذڪر ٿيندوهو ۽ خاندانن جي تاريخ ۽ ترقيءَ ۽ تنزل جا باب ورجائيندا هئا. پاڻ هميشه ڪنهن جي به سُڌرڻ تي خوش ۽ ڪِرڻ تي اَرها رهندا هئا. کين رب العزت موجوده دور جي بليڪ ميلنگ، ٺڳي، بدنيتي ۽ ٻٽي پاليسي واريءَ عام سياست کان پاڪ رکيو هو. هِن قهري خطاڪارين جي دور ۾ به پاڻ پنهنجي دامن کي ائين رکيائون، جيئن ڪنهن شاعر چيو ته:

تر دامنی پہ شیخ ہماری نہ جائیو،

دامن نچوڑدیں، تو فرشتے وضو کریں۔

سندن اکر سهڻا ۽ موتين جهڙا اڪثر جڏهن به خط لکندا هئا، ته اصل ڪم جو ذڪر مختصر ۽ انهيءَ سلسلي جي علمي ۽ تاريخي تمهيد سهڻي ٻڌندا هئا. عجز ۽ نيازمنديءَ جو عجيب ماحول هوندو هو ان شاءَ الله اگر حياتي وفا ڪئي، ته سندن خطن تي مشتمل هڪ ڪتاب به ناري پَٽ جي عوام کي تحفي طور ڏبو.

خط لکڻ وارين پئڊن ۽ پينن (قلم) جا شوقين هئا. پارڪر پين سندن پسنديده هئي. وٽن ڪئين قسمن جا قلم ۽ بال پينون موجود هونديون هيون، ته به پنهنجي صاحبزادن کي شهر مان سٺي پين آڻڻ جي فرمائش ڪندا هئا.

اڪثر سنڌي ٽوپي پائيندا هئا ۽ پسند ڪندا هئا، ۽ اها وڏي شوق سان دوستن کان گهرائينداهئا. ٽوپيءَ جي سٺي ۽ ڪمزور قسمن مان به سمجهندا هئا. چشما به اڪثر شوق سان پائيندا، گهرائيندا ۽ سنڀاليندا هئا.

شڪار ۽ بارود جي استعمال کان پري رهيا، ۽ پنهنجي هٿيارن کي ڪڏهن شوق مان به ڪونه کڻندا هئا، ڇو ته سندن ايمان هو ته،

امن ۾ رک يا الاهي! خير ڪر،

تنهنجي هرهڪ شيءِ تي شاهي، خير ڪر.

(ڪريم)

گهٽ کائيندا هئا ۽ سادو کائينداهئا. ننڍي هوندي سندن معمول هوندو هو ته ”شاهه جي رسالي“ جا ڪجهه بيت راڄ محمد پلي صاحب سان گڏ حفظ ڪندا هئا ۽ هڪٻئي کي ٻڌائيندا هئا. ريڊيو تي محفل شبينه وڏي اهتمام سان ٻڌندا هئا.

محفل ۽ ڪچهريءَ جي آدابن کان علاوه، سندن سفر به مڪمل ’سفري فرائض‘ جو نمونو هو، جنهن ۾ همسفر هميشه آرام، عزت ۽ تڪريم محسوس ڪندو هو، ۽ وري وري ساڻن گڏ سفر جي خواهش رکندو هو.

پاڻ قبلا حضرت مخدوم سجاد حسين قريشي ﷥ جي دست بيعت هئا. ملتان شريف جي غوثيه گاديءَ سان مريديءَ جو هيءُ سلسلو حضرت درس پلي ﷥ کان جاري آهي ۽ هن سلسلي جي خلافت جو ڏکڻ سنڌ جي مهراڻ نديءَ جي ڇوڙ واري هن ’مهراڻي‘ جي علائقي ۾ هيءُ  خاندان پڻ اهم حيثيت سان آهي. پاڻ هميشه پنهنجي مرشد اڳيان هٿ جوڙ، عجز ۽ نيازمنديءَ جو جيڪو اظهار ڪنداهئا، اهوسندن عام زندگيءَ ۽ مزاج تي به حاوي رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org