سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: وڻجارن وايون

 

صفحو:3 

ويا سي وينجهار، هيرو لعِل ونڌين جي!

حصه- شعراءِ ممات

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،

ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاع،

سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي ابهين!

(شاهه)

عقيدت

 

·                                     

کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽيا،

 

سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،

 

موتي جي مهراڻ جا، تن جا طامائو،

 

سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.

 

 

·                                     

ايءَ گت غواصن، جئن سمنڊ سوجهيائون،

 

پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،

 

آڻي ڏنائون، موتي لال هٿن سين.

 

 

·                                     

وت ويمي جو جي لهين، ته ٻي ڪار نه ڪريين ڪا،

 

سا پروڙج ڳالهڙي، وڻجارن وٽان،

 

موتي جن هٿان، آندئي گهڻي ادب سين!

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ر

مرحوم صوفي صديق فقير ”صادق“

 

مرحوم جناب صوفي صديق فقير ”صادق“ (رحه) خلف دين محمد سومره، جن جي ولادت باسعادت ڏاڏي آدم جي ٻَنيءَ (متصل لاڙ) طرف سال 1170 هجريءَ جي شوال مهيني ۾ سومر جي ڏينهن غروبِ آفتاب وقت ٿي. سندن والدين مالوند ۽ ڀاڳيا ماڻهو هوندا هئا، جي پنهنجي قبيلي سان مال جي سانگي سبزه زارن ۽ چراگاهن جي تلاش ۾ ڪڏهن ڪٿي، ته ڪڏهن ڪٿي وڃي ساڪن ٿيندا هئا. لهذا فقير صاحب جن انهيءَ خانه بدوشانه ۽ آزادانه عالم ۽ ماحول ۾ پرورش، ۽ تربيت پائڻ باعث نهايت ئي بهادر، بيباڪ ۽ سرويچ مرد بنجي پيا، ۽ روايت موجب 17 سالن جي عمر کان 25 سالن جي عمر تائين چورن ۽ ڦورن جي ٽولي سان شامل رهيا. انهي عرصي دوران هڪ معمر، ضعيف ۽ نحيف عورت جي مدد ڪيائون. جنهن کين ڏاڍي دعا ڪئي، ۽ انهيءَ دعا جي باعث سندن طبع ۾ رفته رفته هڪ خوشگوار انقلاب اچڻ لڳو. چوري ۽ ڦر کان کين نفرت ٿيڻ لڳي. 25 سالن جي عمر ۾ قسمت سانگي ’ميران پور‘ عرف ’جهوڪ شريف‘ مان سندن گذر ٿيو. صوفي بزرگن جي اوطاري جي ڀرمان لنگهندي، ٻڌائون ته وقت جا ڪامل صوفي بزرگ ’فضل الله شاهه‘ عرف ’شاهه قلندر‘ جن پيا فرمائين ته ”اڄ درياهه پلٽي ٻيڙيءَ ۾ ٿو پوي!“ اهو ٻڌي، پاڻ هڪ غير معمولي جذبي کان مغلوب ٿي دوستن کي ٻاهر بيهاري، بزرگ جي خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيا. دوستن کين ڪافي منع ڪئي، ته صوفي جادوگر آهن، نه وڃو؛ پر پاڻ نه رهيا. ڪافي دير گذرڻ بعد به جڏهن نه موٽيا، ۽ دوستن وڃي هلڻ لاءِ چين، تڏهن فرمايائون ته ”ادا مون کي جادو لڳي ويو آهي، ۽ اوهان کي اجازت آهي، ڀلي وڃو،“ ان بعد اتي سڄا سارا ٽيهه سال مرشد جي خدمت ۾ رهي، سندن زيرِ نظر ۽ زيرِ سايه سخت روحاني ۽ جسماني رياضتون ۽ محنتون ڪري ’ڏها‘ ۽ ’چله‘ ڪڍي ڪامل ۽ رهبر بنجي ويا. پاڻ اتي اهو ٽيهن سالن جو طويل عرصو اهڙي گم نامي ۽ غير معروفيءَ ۾ رهيا، جو ڪنهن کي به پتو ڪونه پيو. سندن غير معمولي سچائي ۽ صدق ڏسي سندن مرشد کين صادق جي نالي سان سڏيندا هئا. انهيءَ ڪري پاڻ جلد ئي صادق جي نالي سان مشهور ٿي ويا. شاهه فضل الله عرف شاهه قلندر جن کان فقيرن هڪ دفعي پڇيو ته ”سائين، اوهان به ڪو ڪلام چيو آهي يا نه؟“ جواب ۾ فرمايائون ته ”ابا، زنده رسالو ”صادق“ اوهان جي اڳيان آهي، انهيءَ کي ئي منهنجو ڪلام سمجهو.“

صديق فقير ”صادق“ (رحه) جن جو ڪلام بيتن ۽ واين تي مشتمل آهي. سندن رسالي ۾ جمله 38 سُر آهن. سندن ڪلام شاهه ڀٽائي (رحه) جن جي ڪلام سان ڪافي مشابهت ۽ مطابقت رکي ٿو (جنهن جو اندازو هتي پيش ڪيل ڪلام مان چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو)؛ پر افسوس جو سندن ڪلام جو مڪمل نسخو ڪٿان به ڪونه ٿو ملي. جهوڪ شريف، خواه صوفي فقير ۾ جيڪي نسخا آهن، اهي اڻپورا ۽ نامڪمل آهن، ۽ منجهن شاهه ڀٽائي (رحه) جن جو ڪلام به گهڻي انداز ۾ شامل ٿيل آهي.

صديق فقير ”صادق“ (رحه) جن ڪلام ۾ صديق ۽ صادق ٻئي نالا استعمال ڪندا هئا، سندن ڪلام جي مجموعه کي ”صديق فقير جو رسالو“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ مجموعه کان سواءِ رموزِ تصوف تي روشني وجهندڙ ٻه قلمي ڪتاب ”درد نامو“، ۽ ”ارشاد نامو“ پڻ ڏانهن منسوب ڪيا وڃن ٿا.

صديق فقير ”صادق“ (رحه) جن پنهنجي وقت جا برگزيده ۽ خدا رسيده صوفي بزرگ ۽ اعليٰ مرتبت و عظيم الشان شاعر ٿي گذريا آهن. پوري سنڌ ۾ سندن معتقد ۽ مريد وسيع ۽ ڪثير انداز ۾ موجود آهن.

پاڻ پهرين شادي 55 سالن جي عمر ۾ ڪيائون، ۽ پنهنجي آبائي ڳوٺ مان هجرت ڪري، وڃي ’جهوڪ شريف‘ ۾ ساڪن ٿيا، جتي کين ٻه فرزند (1) ’ابوالحسن‘، ۽ ’بايزيد‘ تولد ٿيا. ان بعد پاڻ مرشد جي اجازت ۽ مرضيءَ سان جهوڪ شريف مان هجرت ڪري، ’اهر شريف‘ عرف ’صوفي فقير‘ تعلقه عمرڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيا. اتي اچڻ بعد ٻي شادي ڪيائون، جنهن مان کين هڪ فرزند ’نظام الدين صوفي‘ جن تولد ٿيا. جيڪي مشهور بزرگ ٿي گذريا آهن ۽ سندن اولاد صوفي ”صادق“ (رحه) جن جو سجاده نشين رهندو پيو اچي. صوفي ”صادق“ (رحه) جن ٽي شادي ٺَڪرن (راجپوتن) مان ڪئي، جنهن مان کين ٻه فرزند (1) ’شهاب الدين‘ (2) ’عبدالعلي! جن تولد ٿيا؛ جن جو اولاد موجود آهي. پاڻ 11 رمضان 1265هه تي خميس جي ڏينهن نمازِ عصر مهل وفات ڪيائون. سندن ياد ۾ سندن درگاهه تي هر سال چيٽ مهيني جي 11 تاريخ سندن موجوده سجاده نشين ’جناب خدا دوست صوفي‘ جن جي زير پرستي صوفيانه ميلو لڳندو آهي. هاڻي سندن صوفيانه ۽ عارفانه ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:

 

ٿلهه:

هوتن هلندي جي ڪيون،

 

مون کي مارين اهو ئي ڳالهڙيون.

(1)

اَن وٽ هيڙيون مان سان نه ڪيڙيون،

 

سي ڀري هڻي ويا ڀالڙيون.

(2)

ڪيف ڪڪوريون قرب جي قابو،

 

سي رات رتيون رنگ لالڙيون.

(3)

اسان پرينءَ جي وچ ۾ آهن،

 

اکڙيون عشق دلالڙيون.

(4)

اڱڻ اسان جي ايندين ڪڏهن تون،

 

آءٌ ويٺي پايان ڦالڙيون.

(5)

”صادق“ سورن گهايس گهورن،

 

آهن عشق جون اهڙيون چالڙيون.

 

ٿلهه:

ڳالهيون ڳڻ ڳارين- مون مارين...

 

جانب جت بلوچ جون.

(1)

وجهيو مهارون مين کي- ڪرها قطارين...

 

مون مارين.

(2)

پييون جيڪي پرينءَ ري- ساعتون سي سارين...

 

مون مارين.

(3)

آڻيو آب اکين ۾- هاءِ هاءِ ڪريو هارين...

 

مون مارين.

(4)

”صادق“ سهنج سيڻن جا- جڏو جيءُ جيارين...

 

مون مارين.

 

ٿلهه:

پورهيت ٿي مان پاڻي ڀريان، جي مون پورهيت ڪن.

(1)

سر ڪريان سينهي، ٻيون ڏيئي ٻن.

(2)

ساهه ڪريان صدقو، گهوري مٿان تن.

(3)

ٿوري پڙان نه ان جي، مون کي جياريو جن.

(4)

اهڙي حال هلن جي، ”صادق“ سي سڏجن.

*

ٿلهه:

ساٿي سڀري ويهه- ڪاڪ گهڙندو ڪرهو.

(1)

مومل صحي ماڻبي، دور ٿيندو هي ديهه.

(2)

ننڍا وڏا هلندا، راڻا رتيءَ ريهه.

(3)

آخر انڌا سي چئبا، جن هت نه ڏٺو ڏيهه.

(4)

وٺي ڪونه ڪي وريا، ان ڇپر سندو ڇيهه.

(5)

”صادق“ ڪنهن جو نه هلي، اتي مڪر ۽ ميهه.

*

ٿلهه:

جدا ٿي رهه يار، گهوريو گڏجڻ تنهنجو.

(1)

نه اسين خلق تنهنجي- نه تون خلقڻهار.

(2)

سي مردود مري وڃن، جي تنهنجي ڪن پچار.

(3)

ڇڏ ته ڇٽون سپرين- گهوريو تو آڌار.

(4)

مون کان پڇن مون پرين، پريت ڪهڙا پار.

(5)

مئا مورهين نه ڪن، مٿي سر سينگار.

(6)

وڄي ٿي وجود ۾، بنا تند تنوار.

(7)

”صادق“ سپرينءَ جي، مون تي ناهه ميار.

 

مرحوم فقير محمود ”مل“ پلي *

 

مرحوم جناب محمود ”مل“ خلف محمد ’عارف پلي‘ جن جي ولادت باسعادت سال 1289 هجريءَ ۾ ڳوٺ ”حاجي عبداللطيف پلي“ تعلقي عمرڪوٽ ۾ ٿي. پڙهڻ لائق ٿيڻ تي والدين کين ڳوٺ جي مڪتب ۾ داخل ڪيو، جتي حافظ ونهيين هنڱورجي وٽ صرف قرآن شريف ۽ ابوالحسن جي سنڌي پڙهيا، ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري سگهيا.

پاڻ ننڍپڻ کان ئي ڪم گو ۽ محجوب طبع جا مالڪ هوندا هئا ۽ پنهنجي وڏن ۽ بزرگن جي موجودگيءَ ۾ اڳرائي ڪري ڪا راءِ پيش ڪرڻ يا ضرورت کان وڌيڪ بيجا ڳالهائڻ وٽن وڏو عيب هو. مال جي نگهداريءَ ۽ سنڀال کان سواءِ گهر جو ضروري ڪم ڪار ۽ نماز جي پابنديءَ سان ادائيگي سندن روزانو معمول هئا. سندن طبع شروعات کان ئي فقيرانه ۽ شاعرانه هئي، انهيءَ ڪري پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪي دلچسپ ۽ مزيدار واقعاتي شعر چئي وجهندا هئا. جن مان ”ڪونڀٽ ۽ ٻٻر“، ”واڻين جي ويڙهه“، ”ڄٻ سان چڪري“، ”ڍڳي جا بيت“، ”تتر“
۽ ”چڙهي“ جا بيت قابل ذڪر آهن. پاڻ جوانيءَ واري زماني ۾ ڪنهن پرديسي، حسين ۽ زهد شڪن دوشيزه کان دل ڦرائي ويٺا. پرديسي ته ايندائي دل ڦرڻ ۽ فرقت ڏيڻ آهن. تڏهن ته ڀٽائي سائين رحه فرمايو آهي ته:

”رات رهي  ڪن صبح تياري،

پرديسين سان ڪهڙي ياري!“

سو پرديسي پرين ”مل“ فقير جن جي به دل ڦري، کين هجر فراق جا باري بار ڏيئي هليا ويا. انهيءَ ڪري سندن واقعاتي شعر تي مجاز جو رنگ چڙهڻ لڳو، جو رفته رفته هلي حقيقت ۾ تبديل ٿي ويو. پاڻ جڏهن شعر چوندا هئا، تڏهن ان ۾ ڪڏهن ڪڏهن بي ساخته ۽ خودبخود قرآن شريف جون آيتون، ۽ حديثون اچي وينديون هيون، ان لاءِ ’مولوي محمود پڙهيار‘  کان اچي پڇندا هئا، ته اهي معنيٰ جي لحاظ کان شعر جي مضمون سان بلڪل ٺهڪيل ۽ موزون هونديون هيون. پاڻ شعر چئي ان کي قلمبند ڪونه ڪندا هئا، ۽ اهو شعر کين هميشه ياد بيٺو هوندو هو، جو سندن دوست ڪنهن به وقت کانئن پڇي لکي وٺندا هئا.

سندن ڪلام ۾ بيت، ڪافيون، غزل، نظم، معجزا، مولود، مداحون، مثنويون، ٽيهه اکريون، هجو، مقابلي ۽ مناظري جا بيت ۽ واقعاتي بيت شامل آهن.

سندن ڪلام مان هڪ وڏي مثنوي ”عجب ليلان مجنون“ مع نصيحت انساني، ۽ ٻيو نظم جو ڪتاب ”مجمع العجائب“ شايع ٿيل آهن. انهن ٻنهي ڪتابن جي اشاعت جي اجازت، دوستانه ۽ همدردانه طور بنا معاوضي جي مرحوم ’سيد مٺن شاهه‘ فقير جي پڙ (حيدرآباد) واري جن کي ڏنل هئي. جتان اهي ٻئي ڪتاب ليٿوءَ ۾ ڇپبا رهيا آهن.

تازو ’محمد يعقوب‘ چانگ جن ٻئي نمبر ڪتاب کي ابتي سبتي ترتيب ڏيئي، ۽ ”مل“ فقير جن جي هٿرادو ۽ من گهڙت سوانح ٺاهي، ڪتاب جو اڳوڻو نالو بدلائي ”ڪلام مل محمود پلي“ نالو رکي آر. ايڇ. احمد برادرس حيدرآباد وارن کي ڏنو آهي. جن اهو ڪتاب پنهنجو سمجهي، بيخوف ٿي شايع ڪرايو آهي. ”مل“ فقير جن جو ڪلام جي مقبوليت جو هي عالم آهي مٿين ڪتابن جو هينئر ارڙهون ايڊيشن پيو هلي: حالانڪ اهي ڪتاب بيدرديءَ سان ۽ غلط سلط نموني ۾ ڇپبا رهيا آهن.

”مل“ فقير جن جي شادي خانه آبادي، ڳوٺ ”ڪاٺوڙي“ تعلقي کپري جي راڄڙ قوم مان ٿي. جنهن مان کين هڪ دختر ۽ ٽي فرزند تولد ٿيا. سندن فرزندن مان وڏي فرزند مرحوم ’محمد طالب‘ جن جي شادي ڳوٺ ”سعلي“ تعلقي ڇاڇري (ٿرپارڪر) جي راڄڙن مان ٿي. جنهن مان کين هڪ نياڻي ۽ هڪ فرزند (نالي ’محمود مل‘) تولد ٿيا، جيڪي حيات آهن. ”مل“ فقير جن حضرت ’غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتاني‘ (عليه الرحمت) جن جي بڪيرا شريف واري شاخ، حضرت قلندر ’قائم الدين‘ (رحه) جن جي اولاد مان جناب پير ’ولايت علي شاهه‘ مرحوم جن جا صادق مريد هئا ۽ پنهنجي مشهور مثنوي ”عجب ليلان مجنون“ جي ابتدا ۾ انهيءَ گاديءَ جو فيض عام جو باقاعدي ذڪر ڪيو اٿن.

فقير صاحب جن آخري وقت ۾ هميشه ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان عزيزن ۽ احبابن کان پاڻ لڪائي، درويشن ۽ اوليائن جي آستاني ۽ آرام گاهن تي وڃي، ڏها ۽ چاليها جاڳندا هئا، ۽ لڪي لڪي عبادت ڪري، پنهنجي محبوب حقيقي جي خوشنودي حاصل ڪندا هئا. فقير صاحب جن جي بزرگي، ۽ ڪرامت متعلق ڪيئي روايتون موجود آهن. جي افسوس ته هتي نٿيون ڏيئي سگهجن. مرحوم حاجي ’پرچو پلي‘  (ڳوٺ کيرل) ۽ مرحوم ’حاجي برهان‘ راڄڙ (ساڪن ڳموري) جن سندن خاص دوست ۽ مقرب هئا. جن لاءِ مذڪوره ڪتاب جي آخر ۾ دعا گهري اٿن. سندن وفات حسرت آيات 3 شعبان 1352هجريءَ تي ٿي. سندن مزار مبارڪ ”مخدوم عبدالرحمن“ عرف ’رام جاڳو‘ جي مقام ۾ آهي. سندن ڪلام جو نمونو هيٺ پيش ڪجي ٿو.

 

 

*

ٿلهه:

عقل مت کان الڳ جاني، برهه جي بات ٻي آهي!

(1)

’تماچي‘ کي لڳو ناتو، سندو ”نوريءَ“ قرب قهري،

 

طنبو طولان ويا ڪاڏي، جهليو رڇ، ڄار ڳل پائي.

(2)

سمن ۾ ڄام ’لاکو‘ ڌر، ڌڻي هو پاڳ پيڙهيءَ جو،

 

عشق اوڏڻ سندي موهيو، ڪيس ڪوڏر ڪلهي چائي.

(3)

ڏسي نقشو ’بديعل‘ جو، سٽيو ’سيفل‘ تخت شاهي،

 

ڪارڻ ’ليليٰ‘ زهر ’مجنون‘، ڪڙو قاتل کليو کائي!

(4)

”پلي“ پرڏر، ڪپر ڪوڙين، نيا نينهن نيش نهوڙي،

 

پاتو ’صنعان‘ سر جڙيو، ’پنهون‘ ڌوٻڻ ڀرا ڀائي.

 

*

ٿلهه:

حسن تنهنجي ڪري جلوو، موهيو مون کي جڙيا جاني.

(1)

اکيون ڪجليون ڀرون ڪنڍلا، کنوڻ وانگر ڪرن تجلا؛

 

بدن بنيو اهڙي شڪلا، ڪڙيءَ قد ۾ سرو ثاني.

(2)

اکيون ڪجليون ڀرون ڪنڍلا، کنوڻ وانگر ڪرن تجلا؛

 

بدن بنيو اهڙي شڪلا، ڪڙيءَ قد ۾ سرو ثاني.

(3)

جڏهن کولين مبارڪ مُنهن، ڪري سورج تڏهن توبهه؛

 

قسم ڪريان ڌڻي جي سُنهن، نه ڀايان مٽ سندءِ ثاني.

(4)

اندر اوندهه، ڏيو جهڙو، جاني جڳ ۾ تون تان تهڙو؛

 

ذڪر ظاهر ڪريان ڪهڙو، آهين گل لعل لاثاني.

(5)

ڪنان بجليءَ سندءِ صورت، چٽي چهري اچي عبرت؛

 

”پلي“ پينار کي رحمت، پسايو پاڪ پيشاني.

 مرحوم خليفو ڇٽو ”درس“  *

 مرحوم جناب ’خليفو ڇٽو‘ خلف مرحوم ’محمد قابل‘ ذات پلي، ڳوٺ ”سگهه“ تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ سن 1275 هجريءَ ۾ تولد ٿيا؛ ۽ تاريخ 4 شعبان سن 1338 هجريءَ تي رات جو ڏهين بجي زبان و قلب سان ذڪر تحليل اُچاريندي دارالبقا ڏانهن رحلت ڪيائون. سندن مقبرو مقام ”سامڙجي“ تعلقي کپري ۾ آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي ناني ’مولوي لائقڏني‘ وٽ شروع ڪيائون. قرآن مجيد جا ٻاويهه پاره ’حافظ ابراهيم هاليپوٽي‘ (ويٺل کپرو) وٽ حفظ ڪيائون. فارسيءَ جا ابتدائي ڪتاب، ’حاجي گل محمد‘ رند وٽ پنهنجي ڳوٺ واري مڪتب ۾ پڙهي، مزيد فارسي وڃي مولوي ’علي محمد پٺاڻ‘، ڳوٺ ”سيد علي حسين شاهه“ (تعلقه ميرپورخاص) واري وٽ ختم ڪيائون. پاڻ ’هندي‘ ۽ ’گجراتي‘ اکرن جي به چڱي ڄاڻ رکندا هئا. سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي زبانن تي ڪامل دستگاهه رکڻ کان سواءِ، قدري ’پشتو‘  زبان به ڳالهائي ويندا هئا. پاڻ اعليٰ درجي جا خوشخط ڪاتب پڻ هئا. قلم اهڙو باريڪ تراشيندا هئا جو اُن سان سورة ’ڪوثر‘ نر انگشت جي ننهن تي مڪمل ڪري لکي ويندا هئا، ۽ چانور جي داڻي تي ڪلمو شريف اهڙي صفائيءَ سان لکندا هئا جو سالم نظر وارو آسانيءَ سان پڙهي ويندو هو. سندن تصنيفات مان ڪتاب ”ذڪر العارفين“ (سنڌ جي سهروردي مشائخن جي احوال ۽ ڪرامات تي لکيل)، مسئله ”آخر ظهر“ بابت هڪ فارسيءَ ۾ لکيل رسالو، ۽ سندن شعرن جو انتخاب ”ڪنز الاشعار في ڪلام الهيار“ (جنهن ۾ سنڌي مداحون، ڪافيون، بيت، غزل ۽ ڪي فارسي غزل به هئا- جن مان ڪي اخبار ”مفرح القلوب“ ۾ ڇپايل به هئا)، اهي سڀيئي ڪتاب هن وقت سالم حالت ۾ نه آهن.

پاڻ شعر جي اصلاح ’حاجي گل محمد رند‘ ۽ مرحوم ’مخلص‘ کان وٺندا هئا. خليفه مرحوم جن طريقه ’سهروردي‘ ۾ حضرت شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني (رحه) جن جي وڏن خليفن ۾ شمار ٿيندا هئا. سندن بيعت ملتان جي سجاده نشين حضرت بهاول بخش (رحه) جن سان هئي. پنجاهه يا ٻاونجاهه ورهين جي عمر ۾ خليفه صاحب جن هڪ قلندر فقير  ’قادر بخش‘ سهروردي ’هالويءَ‘ جي صحبت ۾ دنيا کي ترڪ ڪري، پنهنجي وڏي زمينداري (ڇهه ست هزار ايڪڙ زمين) تان هٿ کڻي، ياد الاهي ۾ مشغول ٿي ويا. هن عارفِ ڪامل پيريءَ ۾ جيڪي رياضتون ۽ مجاهدا ڪيا، سي ڪنهن جوان کان به شايد ٿين؟ تزڪيه نفس ۽ چله ڪشيءَ جو هي عالم هو جو ساري رات هڪ تڏي جي ٽڪر تي بنا ٽيڪ جي، قبله رو ’الله الله‘ ڪندي گذاريندا هئا ۽ ٽئي ٽئي ڏينهن ٻاجهر جي پاروٿي ماني ڏندن جي ضعف باعث پاڻيءَ ۾ پسائي نوش ڪندا هئا. حالانڪ مهمانن لاءِ ٻوڙ، پلاءُ تيار ٿيندو هو.

خليفه مرحوم جن جي زبان بارگاهه الاهيءَ ۾ مقبول ۽ سيف هوندي هئي. ”پلي“ قوم کان سواءِ گرد و نواح جا هندو خواهه مسلمان سندن ڪافي تعظيم ۽ تڪريم ڪندا هئا. هتي سندن چند ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون. سندن ڪلام دلگداز، دلسوز، صوفيانه، پاڪيزه ۽ تصوف جي باريڪ رموزن سان سرشار آهي. پاڻ ڪلام ۾ ڪٿي ”درس“ ۽ ڪٿي ”الهيار“ تخلص وجهندا هئا.

*

ٿلهه:

فڪر فرحي رمز رندان، صحيح سُڃاڻن سالڪ ٿا.

(1)

تڙي تڪبر ڪڍيئون ڪاهي، اصل وڏائي نانگن ناهي؛

 

عشق الاهي ان کي آهي- ساميڙا سي سرت سبحان.

(2)

واصل حق سان آهن ويراڳي، صورت تن سڃاتي ساڳي؛

 

رام ريجهايو جوڳين جاڳي- جلن جلالي منجهه جولان.

(3)

جوڳين پنهنجي جان جلائي، دل ۾ درد جي دونهين دکائي؛

 

حاصل حق جي ڪري ڪمائي- نانگا نڪري ٿيا نيشان.

(4)

چار عناصر ملت وارا، پارس پنج ئي سيد سونهارا،

 

ٻارهن ٻيا به ”اله جا يارا“- صحيح سڃاڻج سي سلطان.

 

 

*

ٿلهه:

نه الفت رکن ساڻ ڪنهن انسان، خاص خدا سان واصل ويراڳي.

(1)

جرئت جون جميعت ان جي، خالص خاصي نيت ان جي،

 

عشق الاهي ديعت ان جي- ڪلمو قربئون پڙهن قرآن.

(2)

شر شهر کان شائق پاسي، برهه بيراڳي بيٺا باسي؛

 

ڇڏيا وڻ ويراڳين واسي- ظاهر بيٺا منجهه زيان.

(3)

ڏسي ته لکيل مٿس هليا، رهن نه راول جوڳي جهليا؛

 

پنهنجا پاڻ آهن تن پليا- ڪاڻ ڪڍن ٿا ڪنهن جي ڪان.

(4)

’درس‘ دلاور حق جا طالب، رهن اماره تي ٿا غالب؛

 

ترڪ دنيا ڏئي بيٺا راهب- صوفي صافي سرت سبحان.


* حضرت صوفي صديق فقير صادق جي سوانح ۽ ڪلام تي تحقيق ڪري محترم راڄ محمد پلي صاحب ٻه مضمون ٽماهي مهراڻ ۾ آندا. صوفي صاحب تي ڪيل هن تحقيقي ڪم تي، محترم راڄ پلي صاحب کي صوفي صادق تحقيقي بورڊ، صوفي فقير طرفان ’صوفي صادق فقير ايوارڊ‘ پڻ مليو. بعد ۾ انهن مضمونن کي ترتيب ڏئي 4 ضميما لکي ڊاڪٽر اسد جمال پلي وڙهيا واڳيا واپريا جي نالي سان اداره نوائي ادب، ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي طرفان 1998ع ۾ ڪتاب شايع ڪرايو، جيڪو ڪتاب صوفي صاحب جي سوانح ۽ ڪلام تي مستند تحقيق آهي. صوفي صاحب جي خاندان جو شجرو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب پنهنجي تصنيف ”سومرن جو دور“ ۾ ڏنو آهي. هن وقت درگاهه شريف تي محترم جناب صوفي نبي بخش ولد صوفي خدا دوست مرحوم مسندنشين آهن. (ايڊيٽر)

* فقير محمود مل عوامي شاعر هو، هُن جي شاعري عوام ۾ تمام گهڻو مقبول هئي، عام ڪافي ڳائيندڙ فنڪارن کان علاوه سنڌ جا مولود خوان ’شغل‘ ۾ سندس ڪافيون ۽ مولود اڪثر پڙهندا هئا. سندس شاعري ۾ تمام گهڻا موضوع آهن، سندن ڪيترو ڪلام سگهڙ مختلف ڪچهرين ۾ پڻ ٻڌائيندا هئا. ڪتاب ’ٻيلاين جا ٻول‘ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ  لکيو آهي ته لس ٻيلي طرف ڪچهرين ۾ مون سگهڙن کان مل فقير جو ڪلام ٻڌو ته عجب لڳو ته عمرڪوٽ جي سگهڙ شاعر کي هنن علائقن تائين ٻڌو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو. مل فقير جي ڪلام ۾ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب پڻ سمايل آهي، ۽ اهو آهي حُر تحريڪ جو بيان. جهڙي طرح برصغير جي ۽ خصوصاً سنڌ جي آزادي جي تحريڪن ۾ حُر تحريڪ کي هڪ خاص اهميت آهي. اهڙي طرح آزادي جي تحريڪن تي ٿيل شاعري ۾ وري مل فقير جي پهرين حر تحريڪ تي ڪيل شاعري جو هڪ خاص مقام آهي. سندس شاعري جنهن ۾ بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير جو ذڪر سمايل آهي. ان جو عوام ۾ مقبوليت ڏسي مٿس بامبي (Bombay) ۾ سرڪاري طور ڪيس ٿيو، هن غريب شخص کي بامبي ڪورٽ تائين حاجي پرچو مرحوم پهچايو. ڪورٽ سڳوري کيس اڍائي سئو رپيا ڏنڊ ۾ اڍائي مهينا جيل جي سزا ڏني، هن غريب جي ڏنڊ جا پئسا حاجي پرچو پلي مرحوم ڏنا ۽ قيد جي سزا آئنده حرن تي شاعري نه ڪرڻ جي شرط تي معاف ٿي.

محمود فقير مل جي سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ مقامي داستانن سان گڏ داستان ليليٰ مجنون تي مڪمل تصنيف آهي، ليليٰ مجنون جي داستان تي هن وقت تائين سنڌي ۾ اهڙي لاجواب شاعري ٻي ڪنهن جي به نه آهي. هن ڪتاب جا هيستائين ويهن کان مٿي ايڊيشن اچي چڪا آهن. (ايڊيٽر                                                                      

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org