سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: وڻجارن وايون

 

صفحو:4 

پاڻ شعر جي اصلاح ’حاجي گل محمد رند‘ ۽ مرحوم ’مخلص‘ کان وٺندا هئا. خليفه مرحوم جن طريقه ’سهروردي‘ ۾ حضرت شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني (رحه) جن جي وڏن خليفن ۾ شمار ٿيندا هئا. سندن بيعت ملتان جي سجاده نشين حضرت بهاول بخش (رحه) جن سان هئي. پنجاهه يا ٻاونجاهه ورهين جي عمر ۾ خليفه صاحب جن هڪ قلندر فقير  ’قادر بخش‘ سهروردي ’هالويءَ‘ جي صحبت ۾ دنيا کي ترڪ ڪري، پنهنجي وڏي زمينداري (ڇهه ست هزار ايڪڙ زمين) تان هٿ کڻي، ياد الاهي ۾ مشغول ٿي ويا. هن عارفِ ڪامل پيريءَ ۾ جيڪي رياضتون ۽ مجاهدا ڪيا، سي ڪنهن جوان کان به شايد ٿين؟ تزڪيه نفس ۽ چله ڪشيءَ جو هي عالم هو جو ساري رات هڪ تڏي جي ٽڪر تي بنا ٽيڪ جي، قبله رو ’الله الله‘ ڪندي گذاريندا هئا ۽ ٽئي ٽئي ڏينهن ٻاجهر جي پاروٿي ماني ڏندن جي ضعف باعث پاڻيءَ ۾ پسائي نوش ڪندا هئا. حالانڪ مهمانن لاءِ ٻوڙ، پلاءُ تيار ٿيندو هو.

خليفه مرحوم جن جي زبان بارگاهه الاهيءَ ۾ مقبول ۽ سيف هوندي هئي. ”پلي“ قوم کان سواءِ گرد و نواح جا هندو خواهه مسلمان سندن ڪافي تعظيم ۽ تڪريم ڪندا هئا. هتي سندن چند ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون. سندن ڪلام دلگداز، دلسوز، صوفيانه، پاڪيزه ۽ تصوف جي باريڪ رموزن سان سرشار آهي. پاڻ ڪلام ۾ ڪٿي ”درس“ ۽ ڪٿي ”الهيار“ تخلص وجهندا هئا.

ٿلهه:

فڪر فرحي رمز رندان، صحيح سُڃاڻن سالڪ ٿا.

(1)

تڙي تڪبر ڪڍيئون ڪاهي، اصل وڏائي نانگن ناهي؛

 

عشق الاهي ان کي آهي- ساميڙا سي سرت سبحان.

(2)

واصل حق سان آهن ويراڳي، صورت تن سڃاتي ساڳي؛

 

رام ريجهايو جوڳين جاڳي- جلن جلالي منجهه جولان.

(3)

جوڳين پنهنجي جان جلائي، دل ۾ درد جي دونهين دکائي؛

 

حاصل حق جي ڪري ڪمائي- نانگا نڪري ٿيا نيشان.

(4)

چار عناصر ملت وارا، پارس پنج ئي سيد سونهارا،

 

ٻارهن ٻيا به ”اله جا يارا“- صحيح سڃاڻج سي سلطان.

 

ٿلهه:

نه الفت رکن ساڻ ڪنهن انسان، خاص خدا سان واصل ويراڳي.

(1)

جرئت جون جميعت ان جي، خالص خاصي نيت ان جي،

 

عشق الاهي ديعت ان جي- ڪلمو قربئون پڙهن قرآن.

(2)

شر شهر کان شائق پاسي، برهه بيراڳي بيٺا باسي؛

 

ڇڏيا وڻ ويراڳين واسي- ظاهر بيٺا منجهه زيان.

(3)

ڏسي ته لکيل مٿس هليا، رهن نه راول جوڳي جهليا؛

 

پنهنجا پاڻ آهن تن پليا- ڪاڻ ڪڍن ٿا ڪنهن جي ڪان.

(4)

’درس‘ دلاور حق جا طالب، رهن اماره تي ٿا غالب؛

 

ترڪ دنيا ڏئي بيٺا راهب- صوفي صافي سرت سبحان.

مرحوم صوفي ”بايزيد“

صوفي ”بايزيد“ خلف صوفي صديق فقير ”صادق“ سومره سال 1226 هجري ڌاري ”جهوڪ شريف“ (ميران پور) ۾ تولد ٿيو. پاڻ صوفي ابن صوفي، ۽ شاعر ابن شاعر هئا. کين گهڻو ڪري ”بايزيد“ جي بجاءِ، ”باجيد شاهه“ جي نالي سان سڏيندا هئا. کين ظاهري تعليم سان گڏ باطني تعليم پڻ عطا ٿيل هئي.

سندن انتقال، سندن والد (صوفي ”صادق“ رحه) جي وفات کان ڇهه مهينا پوءِ، سال 1266 هجري ڌاري ”جهوڪ شريف“ ۾ ٿو. جتان سندن وصيت موجب، سندن نعش مبارڪ کڻائي، ڳوٺ ”صوفي فقير“ ۾ سندن ڀاءُ (ابوالحسن) ۽ والد (صوفي صادق رحه) جن جي وچ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

شاعري سندن ورثو هئي، پر پاڻ اها هميشه لِڪ ۾ ڪندا هئا. ان ڪري ئي سندن شعر ايترو ظاهر ۽ مشهور نه ٿيو آهي.

هتي سندن شاعريءَ مان ٽي ڪافيون نموني طور پيش ڪيون وڃن ٿيون:

ٿلهه:

هيءَ دل آهي ماندي، پنهنجي يار- پيارل ٻاجهون.

(1)

ڪاري هن ڪُن ۾، ارادي آندي.

(2)

اديون عشق عجيب جي، بره ۾ آهيان باندي.

(3)

مان مون کي ڪن پرين، ورهن کان واندي.

(4)

بحر ۾ ”بايزيد“ چئي، ڪنگ ٿيندا اچي ڪانڌي!

ٿلهه:

لئون لائي ويا، ڀوري ماءِ- جيجا منهنجي جيءَ ۾.

(1)

وٽيون وهه گاڏيون، ڏکيءَ کي ڏيئي ويا.

(2)

آڌي اٿي ويا مئي کان، جوڳي پنهنجي جا.

(3)

اوسيڙي ان جي اديون، چري چاڪ چڪيا.

(4)

”بايزيد“ برهه مان- ڏونگر مون ڏوريا.

ٿلهه:

آءٌ ڪيچين جي ڪڍ ڪاهيان ٿي،

 

منهنجو لکئي انگ اڙايو.

(1)

رويو رويو رت ڦڙا،

 

وسيون واهڙ وهايان ٿي.

(2)

سبق سورن سندو،

 

پڙهيو ويٺي پڙهايان ٿي.

(3)

پلو پرت جو پنهل اڳيان،

 

پانڌ ڳچي ڳل پايان ٿي.

(4)

”بايزيد“ بره ۾ بيهي،

 

سرڙو گهوري گهمايان ٿي.

مرحوم صوفي شهاب الدين 

جناب مرحوم صوفي ”شهاب الدين“، صوفي محمد صديق ”صادق“ (رحه) جن جا چوٿون نمبر فرزند هئا. پاڻ سال 1244هجريءَ ۾ تولد ٿيا، ۽ 1308هجريءَ ۾ وفات ڪيائون. سندن مزار مبارڪ، سندن آبائي مقام ”صوفي صادق فقير“ ۾ آهي.

کين ذڪر پنهنجي والد ماجد کان مليل هو. شاعري ۽ درويشي به کين ورثي ۾ مليون. سندن اولاد مان صوفي ’جلال محمد‘ جن پنهنجي وقت جا مشهور شخص ٿي گذريا آهن. هينئر سندن اولاد مان صوفي ’غلام محمد‘، ۽ صوفي ’طالع محمد‘ ”ناز“ سرشاري جن وقت جا باوقار زميندار آهن.

هتي سندن ڪلام مان چار ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون:

 ٿلهه:    درد بنا آهي ڪوڙي بات، ذات نه ڄاڻان ڪير آءٌ آهيان.

(1)

پاڙي اسان جي پهاڄيون، کر به اسان سان ڇات.

(2)

اوکي ويل اسان سان مرشد، هجي هميشه ساٿ.

(3)

هادي ويل هلڻ جي مون کان، ڪلمون چوائين وات.

(4)

”شهاب الدين“ ڪرين سو ڪري وٺ، ڦٽڻ تي آ پرڀات.

 

ٿلهه:

ٻيو نه رکج مال- رکج نالو دل ۾ هردم.

(1)

تڙي ڪڍج دل منجهان تون، هو جو خام خيالُ.

(2)

هيڪڙائي کي هڪ ڪري، دوئي جو ڪڍ دالُ.

(3)

ويهه پاڙي پرينءَ جي، تان رچي ٿئين لالُ.

(4)

”شهاب الدين“ تي ڪندو مرشد، ڀلو سونهارو ڀالُ.

*

ٿلهه:

صدقي صدقي جاني- آهيان اصل کان تنهنجي گولي.

(1)

اصلئون ڏنڙي ماءُ مون کي هئي، درد پريان جي جِي لولي.

(2)

گلا غيبت جي لوڪ جي آڏو، جهلي آهي مون جهولي.

(3)

ناتي پنهل جي سسئي ويچاري، رندن ۾ هئي رولي.

(4)

”شهاب الدين“ کي مرشد سائين، مٺي وڻي تنهنجي ٻولي.

 

ٿلهه:

مومل ساڻ ماڻا- يار راڻا- ڪرمَ رسڻ جا.

(1)

ڪرهو ڪاهي ڪاڪ تي، پرين ڪرمَ پڇاڻا.

(2)

تو ريءَ مير مينڌرا، وهه ٿيا هي وهاڻا.

(3)

ڌريان ئي ڌوڙ ڀرجي، ٿيئڙا پلنگ پراڻا.

(4)

”شهاب الدين“ چئي توريءَ اڱڻ جا، راڻا ڪنول ڪوماڻا.

مرحوم فقير خير محمد ”صوفي“

مرحوم جناب فقير ”خير محمد“ صوفي بن ’فقير عبدالعلي‘ بن فقير صديق صوفي ”صادق“ (رحه) جن جي ولادت باسعادت سال 1285 هجري ۾ ٿي. پاڻ اڃا طفل ئي هئا، ته سندن والده ماجده جن وفات ڪري وئي. انهيءَ ڪري سندن پرورش ”نبي سر“ لڳ ڳوٺ ”راڻا واءِ“ ۾ سندن ناناڻن وٽ ٿي. سمجهه لائق ٿيڻ تي کين نبي سر جي مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي قرآن شريف پڙهي ختم ڪيائون، ۽ سنڌي صرف ٽي ڏينهن پڙهيائون. ڏهن- يارهن سالن جي عمر کي رسيا ته سندن والد کين پنهنجي ڳوٺ (صوفي فقير) وٺي آيا، ۽ ٿورن ڏينهن بعد اُهي به کين داغِ فرقت ڏيئي ويا: ان بعد سندن تربيت، سندن چاچي (صوفي شهاب الدين خلف صديق فقير ”صادق“ رحه) جي زيرِ سايه ٿي. چاچي سندن سنڀال هر لحاظ کان سهڻي نموني ۾ ڪئي، ۽ هر لمحه کين فقير ٿيڻ جون دعائون ڪندا هئا؛ ۽ پاڻ به پنهنجي چاچي جي خدمت ۽ فرمانبرداري صدق دل سان بطريقه حسنه انجام ڏيندا رهندا هئا.

پاڻ اڃا جوانيءَ ۾ قدم رکيائون مس ته سندن چاچو گذاري ويو. ان بعدپاڻ پنهنجي ننڍي ڀاءُ ’صوفي حسين علي‘ جن کي رفيقِ ڪار بنائي، پنهنجو ڪاروبار سنڀالڻ لڳا. پاڻ ٻه شاديون- هڪ عزيزن، ۽ ٻي سرطان سوڍن (راجپوت ٺَڪرن) مان ڪيائون. پهرين شاديءَ مان کين اولاد ڪونه ٿيو؛ ۽ ٻيءَ مان کين چار فرزند، هر هڪ ’عبدالله فقير‘، (2) ’حيدر بخش‘، (3) ’ستار بخش‘، ۽ (4) ’ڏاتار بخش‘ تولد ٿيا. جن مان پويان ٻه حيات آهن.

کين ذڪر ۽ تلقين ’صوفي عبدالستار‘ اول (جهوڪ شريف) جن کان مليل هئا. ذڪر وٺڻ بعد ڪافي رياضتون ڪيائون، ۽ تزڪيه نفس لاءِ چلا ڪڍيائون.

پاڻ شرع جا پابند، عابد و زاهد، نيڪ سيرت ۽ جامع الصفات بزرگ هئا. سندن مريدن ۽ معتقدن جو حلقو پڻ ڪافي وسيع  آهي. سندن ڪرامتن متعلق ڪيئي روايتون موجود آهن، جي طوالت باعث هتي پيش نٿيون ڪري سگهجن.

سندن روح پرور ۽ رقت آميز رهاڻ مان پري پري جا ماڻهو ڪهي اچي مستفيض ٿيندا هئا. مرحوم فقير قلندر بخش صوفي شهيد جن به ڪڏهن ڪڏهن کين خاص طرح گهرائي، سندن رهاڻ ٻڌندا، قلمبند ڪرائي پاڻ وٽ رکندا هئا.

پاڻ پنهنجن عزيزن قريبن جي گذاري وڃڻ ڪري، پڇاڙيءَ ۾ مغموم ۽ ملول رهندا هئا، ۽ هر وقت تنهائيءَ ۾ گريه سان مشغول رهندا هئا، ۽ تسڪينِ دل لاءِ اهڙيون ڪافيون ۽ بيت پڙهندا رهندا هئا، جن مان کين سڪون حاصل ٿيندو هو؛ ۽ انهي غم و رنج جي حالت ۾ پاڻ به شاعري ڪندا هئا. سندن ڪلام جو چڱو ذخيرو موجود آهي. هتي سندن چند ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون:

پاڻ سن 1348هه، مطابق 1929ع، جي هڪ رات جو اسر مهل ذڪر حقيقي اچاريندي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيا. سندن مزار مبارڪ، سندن آباڻي مقام ”صوفي صادق“ ۾ آهي.

ٿلهه:

ڏاڍو ڏکيو صوفيءَ جو سير- عجب اسرار اونهون آهي.

(1)

جڏهن وڃي هي تڏهن ٿيئي هوءِ، ڏکي آهي ڏاڍي اها جوءِ،

اچي ات بيرنگي ٿي بوءِ، وڃن ڪوڏيا ڪي ڪي ڪاهي.

(2)

وڃي ڏٺو جن ايهو پنڌ، تنين مونن ۾ نايو ڪنڌ،

ڏٺائون رند ٿي اهو رند، نديون نيڻن منجهان واهي.

(3)

چيو منصور ’آءُ اهو حق‘، لٿس جڏهين سڀوئي شڪ،

اندر اثبات ٿيو هو حق، چڙهيو ڪيئن پوءِ وڃي ڦاهي.

(4)

ڪٿي آ ”خير“، ڪٿ ”محمّد“، ڪٿي آ عبد، ڪٿ احمد،

ڪٿي ”صوفي“، ڪٿي سرمد- ڏسو سمجهي صفا ڇاهي.

 

ٿلهه:

تيرٿ تنهن جو تو منجهه آهي- واري ڳول وجود.

(1)

مڪو مدينو تو منجهه ٿئڙو- ٻاهر وڃي ڳولين تون ڪهڙو،

سر نوائي ڪر سجود.

(2)

ڪاشي گنگا ٻاهر ناهي- ڳولج پنهنجي اندر ۾ ٺاهي،

منجهيئي لقا ۽ منجهه معبود.

(3)

من پنهنجي کي ڇڏ تون ماري- وهجان اندر ۾ ڏيئو ٻاري،

نفس ندوري کي ڪر نابود.

(4)

”خير محمّد“ ٿو جوڳي چوائين- رام پنهنجو تون ڇو نه ريجهائين،

ڪهڙو لائين بت کي بڀوت.

مرحوم فقير روشن الدين ”روشن“

اسم گرامي- ’فقير روشن الدين‘، تخلص ”روشن“ خلف ’حاجي محمد صوفي فقير‘ ذات سومرو ڳوٺ ”صوفي فقير“، تعلقو عمرڪوٽ ضلعو ٿرپارڪر. پاڻ پنهنجي ڳوٺ ”صوفي فقير“ ۾ سنه 1900ع ۾ تولد ٿيا، ۽ سن 1950ع ۾ وفات ڪيائون. پاڻ پنهنجي آباڻي مقام صوفي ”صادق“ (رحه) جن جي روضي جي صحن ۾ مدفون آهن. سنڌ جو مشهور فيلسوف، دانشمند ۽ صوفي شاعر ’صديق فقير‘ کي معتقد ’صادق شاهه‘ به ڪري سڏيندا آهن. سندن جدِ اعليٰ آهي. پاڻ پنهنجي والد بزرگوار جناب فقير روشن ضمير، ’حاجي محمد صوفي‘ (جي پنهنجي دور جو باعظمت شخصيت هئا، جن جي جود و سخا، مهمان نوازي، حسنِ اخلاق، راڄنيتي فيصلا، ڳوٺ جو حسنِ انتظام سندن روح پرور رهاڻ، جا هر وقت عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن، راڳيندڙن ۽ فقيرن سان مزين هوندي هئي، سا اڄ به سڀ ڪنهن جي وردِ زبان آهي.) جن جا ٻيو نمبر فرزند دلبند هئا. سندن ننڍپڻ ۾ جسماني، ذهني ۽ روحاني پرورش، ۽ ابتدائي تعليم ۽ تربيت سندن والد مرحوم جي زيرِ سايه نهايت ئي شاهانه، اميرانه ۽ تنهن سان گڏ فقيرانه طريقي سان ٿي، جنهن کين بااخلاق ۽ باتهذيب، خوش خصلت ۽ بامروت فقير سيرت ۽ درويش صورت، بهادر ۽ بيباڪ، سخن سنج ۽ سخن فهم، بُلند خيالات ۽ جامع ڪمالات انسان بنائي وڌو.

فقير صاحب جن سنڌيءَ جا اعليٰ اديب، بهترين نثر نويس، سٺا مترجم، ڪافي غير مطبوعه ڪتابن جا مصنف، قادر الڪلام شاعر، فصيح اللسان، بليغ البيان ۽ خوش الحان، موسيقيءَ جا ماهر ۽ سير و سياحت جا دلداده هئا؛ سرسري طرح پوري هندستان جو سير ڪيل هئن، جنهن تي سندن تصنيف ڪيل غير مطبوعه ڪتاب ”سيرِ هند“ سندن نثر جو اعليٰ نمونو ۽ سندن علمي، ادبي ۽ تاريخي معلومات جو شاهد آهي. هر ڪمال کي زوال آهي. هيءَ دنيا انقلابن جو آماجگاهه آهي. فقير صاحب جن جي زندگي ۾ به هڪ عظيم انقلاب آيو (جنهن جو باعث ڀائرن جي وچ ۾ نااتفاقي، ضديت ۽ ڪشيده حالاتن جو پيدا ٿيڻ هو. افسوس ته اهو الميه داستان طوالت باعث هن مختصر تعارف ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي.) جنهن فقير صاحب جن جي زندگي يڪسر بدلي ڇڏي. زماني جي زهريلي ۽ تيز طوفان، فقير صاحب جن جي سفينه حيات کي تباهي، بربادي ۽ انحطاط جي گرداب ڏانهن ڇڪيو. جنهنڪري هزارها غم و درد، رنج و الم، هجر و فراق ۽ ناگهاني مهلڪ بيماريون کين وڪوڙي ويون، ۽ زندگيءَ جو لطف و لذت، عيش و نشاط، ڪيف و سرور ۽ دم و خم موڪلائي ويو؛ ۽ صحت ڪمزور، جسم ضعيف، ذهني ۽ دماغي پريشاني، مزاج ۾ تنوع، اوضاع و اطوار آزادانه، تاهم صاحبِ خاندان هئا. گهٽ کائڻ، ٿورو سمهڻ، گهٽ گفتگو، گوشه نشيني، ذڪر و فڪر، چله ڪشي، شعر و شاعري ۽ تصنيف و تاليف سندن آخري دور جا خاص مشغلا رهيا.

هتي سندن صوفيانه ۽ عارفانه ڪلام مان ڪجهه ڪافيون نموني طور پيش ڪيون وڃن ٿيون:

ٿلهه:

جوڳي شهر هزاري دا- سانگ بنايس ڀيد ڇپا ڪر!

(1)

ويکو تنهن دي مورت موهني، مک وچ مرلي رنگ رنگيني،

ڪن وچ مندري ڳل وچ ڪفني، سهڻا سانگ سونهاري دا،

ڦر ڦر ڦرندا دليان چاڪر.

(2)

تسان ڪي ڄاڻو تنهنڪون ساليان، هن جوڳي ديان الٽيان چاليان،

مخفي رمزان روز نراليان، ڀرپور بحر ڪناري،

وسيا نيڙي ناز دي خاطر.

(3)

نال نيڻان دي دام گهتيندا، ڪمند زلف وچ قيد ڪريندا،

ڦيريان پاڪي جهٽ جهٽيندا، پريمي روپ پياري دا،

بيوس ڪردا برهه بڇا ڪر.

(4)

مخفي مٺڙا ٻول ٻوليندا، دلمل ”روشن“ روح رليندا،

ڪوجهان نال ڪرم ڪريندا، سهڻا ناز نظاري دا،

ڪيتس قياس فضل فرما ڪر.

*

ٿلهه:

ذاتي والا سر سنڀال، ناز نفي دا ڪر اثباتي.

(1)

وحدت ڪنون ڪثرت هوئي، ڪثرت وچون وحدت هوئي؛

سارا برهه بحال، آڻ سمايا وچ صفاتي.

(2)

غوطا مارين غرق جي ٿيوين، ماڻڪ ماڻين اڻلڀ ايوين؛

تنئين وچ جذب جمال، سمجهه مارين جي جذبئون جهاتي.

(3)

وچ گهونگهٽ دي گهوٽ گذارين، ”ونحن اقرب“ پرتون پارين؛

”قالو“ والا قول تون پال، ڪنڌ ڪپاوين قربون ڪاتي.

(4)

هادي دا برپٽ بلاوڻ، سيني وچون سنگ سماوڻ؛

هي رانجهن رلمل نال، ”روشن“ لئون جا لونءَ لونءَ لاتي.

مرحوم سرهو فقير

مرحوم ”سُرهو“ فقير، جن ذات جا حجام هئا. ڳوٺ ”غلام نبي شاهه“ ۾ سندن حجامڪو دڪان هو. پاڻ نهايت ئي سچار، پرهيزگار ۽ عبادت گذار شخص هوندا هئا. هڪ دفعي قسمت سان صوفي صديق فقير ”صادق“ رحه جن جو ڳوٺ ”غلام نبي شاهه“ ۾ (سيدن وٽ) وڃڻ ٿيو، جتي سندن سنوارت لاءِ سرهي فقير جن کي گهرايو ويو. صوفي ”صادق“ رحه جن سرهي فقير کي پهرين نظر ۾ پرکي ويا؛ انهيءَ ڪري سنوارت ختم ٿيڻ تي سرهي فقير جن سان مخاطب ٿي، نهايت ئي معنيٰ خيز ۽ پُراثر انداز ۾ فرمايائون ته:

”سرها ڇڏ ڀاني، ته مليئي ماني!“

سرهي فقير جن تي انهيءَ ننڍڙي جملي ايڏو ته اثر ڪيو جو پاڻ فوراً ’ڀاني‘ ڇڏي اچي فقير ”صادق“ رحه جن جا طالب ٿيا، ۽ سندن سايئه عاطفت ۾ رهي ذڪرِ حقيقيءَ ۾ مشغول ٿي پايه تڪميل تي پهتا. سندن بزرگي ۽ ڪرامت متعلق ڪافي روايتون موجود آهن، جي افسوس ته طوالت باعث هتي نٿيون ڏيئي سگهجن. سندن زندگيءَ جو آخري حصو، ”جهوڪ شريف“ طرف گذريو، ۽ وفات به ايڏانهن ڪيائون. سندن ولادت ۽ وفات جون صحيح تاريخون معلوم نه ٿي سگهيون آهن. مسٽر لعل چند چنديرام جن جي مضمون (ڏسو نئين زندگي، فيبروري 1957ع) مان هيترو سو معلوم ٿيو آهي ته سرهي فقير جن جو مزار مبارڪ ”ماتلي“ لڳ ”مڱرين“ جي ڳوٺ جي ڀر ۾ آهي، جيڪو مقام ”سرهي فقير جو مقام“ سڏيو وڃي ٿو. درگاهه ”جهوڪ شريف“ جي ٻين گهڻن طالبن وانگر ’سرهي فقير‘ جن جو ڪلام به گم آهي. گهڻي ڪوشش ۽ جستجو کان پوءِ، سندن چار ڪافيون دستياب ٿي سگهيون آهن، جن مان منتخب ڪافيون هتي پيش ڪيون وڃن ٿيون.

ٿلهه:

آءٌ قربان ٿيا تن تان-

مهر ڪري جي مون وٽ آيا.

(1)

تن طنبورو ڪري اڳيان ان جي،

مون واڄٽ سڀ وڄايا.

(2)

ڪاڄ سڀيئي سريا سرتيون،

ٿيڙا لايا سجايا.

(3)

اڳيان آري ڄام جي،

مون پٿر وار وڇايا.

(4)

”سرهو“ چوي ڙي سرتيون،

پرين ڀال ڀلايا.

 

ٿلهه:

ميڏي مارڻ خاطر ماهي-

الا الله دي فوج چڙهائي!

(1)

مر مرڻ ڪنون طالب اڳي،

تسان هئي راهه کڙائي.

(2)

نڪا نفسي نڪو نانءُ،

نڪا هئي لوڇ لڙائي.

(3)

سٽ سولان دي ”سرهي“ ڪون،

”صادق“ علي پڙهائي.

مرحوم خليفو محمد امين ”درس“  *

مرحوم جناب ’خليفو محمد امين’ عرف ’محمد قابل‘، خلف ’محمد ڇٽل‘، ڪنيت ’ابوشير‘ تخلص ”درس“ ذات پلي، ___ ”سِگهَه“ تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ. پاڻ تاريخ 9 سيپٽمبر 1907ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ تولد ٿيا، ۽ 5 آڪٽوبر 1957ع تي وفات ڪيائين. خليفه صاحب جن ننڍي هوندي نهايت ئي کيچلا ۽ اهنڊ هوندا هئا مستورات (سندن والد ماجد وفات ڪري ويا هئا) جي حتي المقدور ڪوشش جي باوجود به هڪ ايمي قرآن مجيد، ۽ پنج سبق سنڌي ٻاراڻي ڪتاب کان وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيا. رزق برق، ڪپڙا زيب تن ڪري، ميلا ملاکڙا گهمڻ، ۽ نڙائي، سرندائي، ڪافير ۽ يڪتاري وارا ڳائڻا رکڻ جو کين ڏاڍو شوق هوندو هو. سمهڻ مهل، خواهه ماني کائڻ مهل، آکاڻين ٻڌڻ جي عادت پڻ هين. رات جو وٽن وسيع پيماني تي هميشه مجلس ٿيندي هئي، جنهن ۾ ڳجهارتن، ڏورن، بيتن ۽ ڪافين جو دور هلندو هو. خود خليفي صاحب جن کي به ڪئين ڳجهارتون، ڏور، بيت، ڪافيون ۽ مداحون حفظ هونديون هيون. علاوه ازين محمود ”مل“ ۽ فاضل شاهه ”فاضل“ جن وارا ”ليلا- مجنون“ دل واري ”ماروئي“، ۽ حمل فقير واري ”
سه حرفي هير- رانجهو“ پڻ ياد هوندا هئن. جي پاڻ نهايت ئي خوش الحانيءَ سان ٻڌائيندا هئا. جواني جي شروعات ۾ هڪ ڏينهن ڪو اهڙو موقعو بيٺو، جو کين پنهنجي ڪم علميءَ تي شديد ندامت ٿي؛ انهيءَ ڪري پڙهڻ جو پڪو ۽ صميم عزم ڪري، پڙهڻ شروع ڪيائون، ۽ هڪ ڪمدار کان سبق وٺڻ لڳا. نوڪر شاهي جي ايذاءَ سبب کين انڪمبرڊ اسٽيٽ جي پناهه وٺڻي پئي. ان بعد پنهنجي سڀني ڪاروبارن کان فارغ ٿي، علم جي جستجو ۾ لڳي ويا؛ تان جو سنڌي چڱيءَ طرح سمجهي، وري اردوءَ ڏانهن متوجهه ٿيا، ۽ تنهن سان گڏ شعر پڻ چوڻ لڳا. اهڙيءَ حالت ۾ شاعري جي خاص نڪتن تي مرحوم ”مخلص“، مرحوم دين محمد ”وفائي“،
”خليق مورائي“ ۽ نور محمد نظاماڻي جن کان ٽپال ذريعي اصلاح وٺندا هئا. ان وقت پاڻ ملڪي سياست ۾ بهرو به وٺندا رهندا هئا. سرڪار کين درباري هئڻ سان گڏ، بينچ ماجسٽريٽ به مقرر ڪيو هو. خليفه صاحب جن آخري ايامن وارا اَٺ- ڏهه سال گوشه نشين رهي، تصنيف و تاليف کي لڳا رهندا هئا. خليفي صاحب جن کي تاريخ جو عالم چوڻ بيجا نه ٿيندو، جو کين اسلامي تاريخ بابت وسيع، ۽ گهڻي معلومات حاصل هئي. سندن لئبريريءَ مان مستفيض ٿيڻ لاءِ سنڌ جا وڏا وڏا اديب، ۽ عالم وٽن اچي مهمان ٿيند اهئا. انهن کي پاڻ تحفي طور ڪتاب پڻ ڏيندا هئا. انهيءَ ادبي ۽ علمي شوق ۽ شغف خليفي مرحوم جن کي دنيا جي خسارن کان بلڪل الڳ ڪري ڇڏيو هو، ۽ پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي سموري جائداد پنهنجي ٻن لائق فرزندن (1) ’محترم شير علي‘ ۽ (2) ’محترم علي حسن‘، ۽ هڪ دختر نيڪ اختر جن کي ورهائي ڏيئي ڇڏي هئائون. خليفه مرحوم جن نهايت ئي ساده طبيعت، غريبن جا يار، متڪبرن کان نفرت ڪندڙ، سچ چوندڙ، حلال جي رزق جا متلاشي، ۽ بنهه درويش صفت، زميندار، عالم، اديب، مصنف ۽ اعليٰ پايه جا شاعر هئا. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن رسالن ۽ اخبارن کي به شعر ۽ مضمون موڪليندا هئا.

خليفي مرحوم جن جا نظم ۽ نثر جا ادبي، تاريخي ۽ اسلامي ٻارهن ناياب ۽ بيمثال ڪتاب اڻڇپيل حالت ۾ موجود آهن، جي اُميد ته سندن لائق ۽ صالح فرزند محترم شير علي ۽ محترم علي حسن جن جلد ڇپائي، خليفي مرحوم جن جي روح پرفتوح کي مسرت ۽ پڙهيل طبقي کي استفاده جو موقعو فراهم ڪندا. هن مختصر تعارف کان پوءِ هتي خليفه صاحب جن جون ٽي ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون.

ٿلهه:

قرب ۾ ٿي قيد قابو، ڪنڌ نه ڪاتي کان ڪڍاءِ؛

پرت جي پڙ ۾ اچي پوءِ- پير پٺتي ڪيم پاءِ.

(1)

وٺ نفي اثبات کي، اقرار ڪر، انڪار ڇڏ؛

اور الا الله اندر ۾- ورق ويسر جا وڃاءِ.

(2)

کڻ خفيءَ جو کوڙ خيمون، ڇڏ جلي کي باالجهر؛

ورد جو واحد وظيفو، سو اسم اعظم اَلاءِ.

(3)

رک اماره سان نه آرو، وسوسا سڀئي وسار؛

لذتن ۽ نعمتن کان- نفس نادان کي سڪاءِ.

(4)

مير ملتاني مٺي توحيد جي تلقين ڪئي؛

هاشمي حضرت ’حسن‘ جي- ”درس“ بيعت دل سان لاءِ.

ٿلهه:

نينهن نسورو نانگ نپٽ آهه- عشق اَلاهي آهي ڪير؟

(1)

برهه بلا آهه بيحد باري، ماري ملان ڪاتب قاري-

سينو ساڻس ساهي ڪير؟

(2)

اهو مسافر جنهن وٽ ايندو، عقل، حياءُ نهوڙي نيندو-

رات انهيءَ کي راهي ڪير؟

(3)

بيشڪ برهه بڇي بيماري، سمجهه وڃائي سرت به ساري-

آفت ان کي لاهي ڪير؟

(4)

”درس“ جو دنيا دين وڃايو، عشق اڙانگي جاءِ اڙايو-

ورهه جون وايون واهي ڪير؟

ٿلهه:

بيوفائي ڪئي بلوچ، نيئون پنهون ٻي پار کي،

هل ته دل ڳولي ڏسون- تنهن ڪاف منجهه ڪوهيار کي.

(1)

کڻ پنهل جو پير پيادي، پرت پٺ جي ڪل وسار،

اپڙ تان اوڏي ٿيئين، پهچين پرينءَ جي پار کي.

(2)

وقت واجب ڇو وڃائين، وڃ ولهي واڪا ڪندي،

حب لنگهي هاڙهي اندر- هوڪو هڻج هوتار کي.

(3)

ڏي ولاڙون ويڙهه ۾، ويجهي وندر اٿئي اڳيان،

ڳولي ڳهلي ڳوٺ ڳليون- ووڙ تون ولهار کي.

(4)

مصطفيٰ ”محمّد امين“ سان، راهه منجهه ٿيندو رفيق،

سو سڻي ايندو سگهو- جو سڏ ڪيم سرڪار کي!


* صوفي غلام محمد مرحوم کي ٽي فرزند: فداحسين، صوفي نظر محمد ۽ صوفي اڪبر ٿيا، جيڪي پنهنجي اولاد سميت ڳوٺ مرڪڻ فقير (لطيف نگر (راجه رستي) ۾ آباد ۽ خوشحال آهن. صوفي طالع محمد ناز سرشاري صاحب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي صحبت ۾ سروري سڏايو، صوفي صاحب معزز زميندار ۽ سڄاڻ اديب هئا، پاڻ پنهنجي دوست ۽ پاڙيسري معمور يوسفاڻي جي سنگت ۾ بزم طالب الموليٰ جي صوفي فقير ۾ شاخ کولي، مخدوم صاحب جي صدارت ۾ هڪ سنڌ سطح جو عاليشان مشاعرو پڻ ڪرايائون، 11 جولاءِ 2012ع ۾ پاڻ وفات ڪيائون. صوفي طالع محمد ناز سروري صاحب کي 6 فرزند: فيض محمد، جلال محمد، اختر حسين، عابد حسين، زاهد حسين، ۽ شاهد حسين ٿيا. (ايڊيٽر)

* سندن فرزندن صوفي ڏاتار بخش 23 ڊسمبر 1980ع ۽ سندس وڏو ڀاءُ صوفي ستاربخش 1983ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو، صوفي ستار بخش، بمبئي مان مئٽرڪ پاس ڪيو، وٽن ڪجهه وقت معمور يوسفاڻي صاحب انگريزيءَ جا ابتدائي سبق پڻ پڙهيا، صوفي صاحب لاولد گذاري ويا. صوفي ڏاتار بخش جا پنج فرزند صوفي خير محمد، صوفي حيدر بخش، صوفي حسن بخش، صوفي اورنگزيب ۽ صوفي عبدالعلي ٿيا. صوفي حسن بخش منهنجو مئٽرڪ (1976ع) ۾ ڪلاس فيلو هو، انتهائي ذهين، فهيم ۽ بااخلاق نوجوان هو، خانداني روايتن جو پابند ۽ صوفيانه گڻن وارو هو، مئٽرڪ واري زماني ۾ هڪ تڪراري حادثي ۾ پاڻ تمام گهڻو زخمي ٿي پيا، مٿس ڪُهاڙين جا قهري وار ڪيا ويا ۽ جسم خاص طرح دماغ تي گهڻا ڌڪ لڳا، ۽ ڪافي جسماني معذوري ٿي پئي، ان حالت ۾ به مون کيس ڪڏهن به مايوس نه ڏٺو، پاڻ ڪجهه وقت بعد وفات ڪيائون، صوفي خيرمحمد صاحب به پنهنجي اولاد سان خوش ۽ آباد آهي. خيرمحمد صاحب جو فرزند صوفي عقيل صاحب ضلعي ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي. صوفي اورنگزيب عرف زيب صوفي جو ادب ۽ تصوف جو مطالعو به جهجهو آهي ۽ پاڻ شاعر به آهي. پاڻ ’صوفي صادق تحقيقي بورڊ‘ ٺاهي. صوفي صديق فقير جي ڪلام تي تحقيق ۾ مصروفِ عمل آهن. (ايڊيٽر)

* سندن ڀاءُ ڏکڻ سنڌ ۾ خاص طور سومرن جي راڄ جي اهم شخصيت صوفي قلندر بخش شهيد هو، جيڪو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو، سندس شهادت 1930ع ۾ ٿي، صوفي صاحب جي سوانح تي محترم معمور يوسفاڻي جو ڪتاب سومرن جو سردار زيرطباعت آهي. صوفي شهيد قلندربخش جو فرزند صوفي شمس الحق ٿيو جيڪو عهدِ جواني ۾ فوت ٿي ويو. کيس هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو، صوفي قلندربخش جي شهادت بعد ڪيس ۾ صوفي شمس الحق جي خانصاحب عطا محمد مرحوم مڪمل مدد ڪئي ۽ صوفي صاحب خانصاحب مرحوم کي سدائين چاچا سائين چوندو ۽ لکندو هو کين نرينه اولاد ڪونه هو، فقط هڪ نياڻي ٿي، صوفي روشن الدين جو فرزند صوفي ذوالفقار ٿيو، جنهن جا 4 فرزند صوفي فتح علي، صوفي سڪندر علي، صوفي رفيق ۽ صوفي اسلم ٿيا. صوفي سڪندر علي نهايت سهڻي سڀاءُ وارو هو، ادب دوست ۽ ادب پرور هو، منهنجو ڪلاس فيلو هو، هو سنڌ يونيورسٽي ۾ هو ۽ آءٌ ايل.ايم.سي ۾ پاڻ بزمِ ادب صوفي فقير کي نئين سر متحرڪ ڪيائين، دوست پريتم پياسي جي مشاورت ۾ ڪتاب شايع ڪرايائين. پاڻ 2- آڪٽوبر 1997ع ۾ هن دارالفاني مان رحلت ڪيائين. سندس ٽئي ڀائر، اهلِ ذوق، اهل علم و ادب آهن، صوفي فتح علي صاحب ۾ وڏا علمي گڻ موجود آهن. پاڻ پنهنجي خاندان جي روايتن جا امين ۽ صاحب راءِ آهن، مولانا غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، معمور يوسفاڻي ۽ عبدالڪريم پلي صاحب جي صحبت مان گهڻو ڪجهه پرايو اٿن. هن وقت به ڇپندڙ رسالن جو ۽ ڪتابن جو مطالعو سندن شغل ۾ شامل آهي، صوفي رفيق صاحب ماشاءُالله ديني تعليم، صوفيانه صحبت ۽ سنڌ جي ثقافتي قدرن جو امين آهي. وٽس هن وقت به سنڌ جي پهرئين جوڙ جا ملهه پهلوان زيرتربيت ۽ڪفالت آهن. صوفي اسلم صاحب جديد زراعت سان لڳاءُ رکندڙ، بافضيلت، باهمت نوجوان آهي، سياست سان به شوق ۽ شغف اٿس، هي ڀائر پنهنجا راڄ پاڙا سنڀاليندڙ ۽ خانداني روايتن جا رکوالا آهن، الله پاڪ کين وڌيڪ عزت ۽ مرتبا نصيب ڪري. (ايڊيٽر)

* درس شير علي جي وفات 4 جنوري 1980ع ۽ درس حاجي علي حسن جي وفات پهرين آگسٽ 1980ع تي ٿي، ان بعد خلافت جي پڳ درس روشن علي ولد خليفو شير علي درس تي آئي، خليفه روشن علي 7 ڊسمبر تي وفات ڪئي، هن وقت آدم علي درس ولد درس روشن علي پنهنجي آبائي سلسلي ۾ حضرت غوث بهاؤالدين ذڪريا ملتاني جو پلي قوم جو سورهون خليفو آهي. سندن پوٽي درس عبدالڪريم ’العبد راهي‘ سندن هڪ ڪتاب ’درس پلي‘ پڻ شايع ڪرايو آهي، درس مرحوم جا ڪافي مضمون پڻ شايع ٿيل آهن، کين شاعري جي فن تي ته مڪمل ملڪو حاصل هو، پاڻ قلمي مسودو ”واقعاتِ عالم“ حضرت پير شاه مردان شاه پير پاڳاره جن کي به تحفو ڏنو هئائون، اڃان به ڪافي مواد سندن پوين وٽ ’العبد راهي‘ صاحب جي سنڀال ۾ آهي، جيڪو خود به سٺو شاعر ۽ نثر نويس آهي. سندن خان جو شجرو هن ڪتاب ۾ صفحي 55 تي موجود آهي. (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org