سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: وڻجارن وايون

 

صفحو:10 

راڄ محمد ”جمال“*

جناب راڄ محمد ”جمال“ چيف ڊائريڪٽر اداره ”نواءِ ادب“ جن پنهنجي خود نوشته تعارف ۾ هن ريت رقم طراز آهن:

نالو ’عبدالرحيم‘ المعروف ’راڄ محمد‘ ولد ’خانصاحب عطا محمد پلي‘ پنهنجي ڳوٺ ”خانصاحب عطا محمد پلي“ ۾ تاريخ 27 آگسٽ 1940ع تي ڄائس، وڏو ٿيس ۽ اڃا اتي ئي آهيان. والد بزرگوار جن جي زير سايه ڪجهه سنڌي ۽ معمولي انگريزي پڙهيس. ڪن حالتن ۽ سببن باعث وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيس؛ اسان جي هن اڌوري تعليم جو والد مرحوم جن کي تمام گهڻو افسوس هو. ’هڪڙي بندي من ۾، ٻي ڪري صاحب!‘ اها الاهي منشا هئي، جنهن اسان جي تعليم ۾ ايترو تعطل وڌو. هن وقت پنهنجي ڪم علميءَ تي ندامت محسوس ڪندي، ’اورينٽل ڪاليج حيدرآباد‘ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو آهيان. ’من طلب شي وجدوجد‘ سان ڪهڙي شي حاصل نٿي ٿئي. اڄ جي ڪوشش ئي سڀاڻي لاءِ ڪارائتي ٿيندي!

جناب صوفي صديق فقير ”صادق“ (رح) جن جو هيٺيون قول دل نشين ڪرڻ کان پوءِ، ڪوشش جاري آهي:

”جيڪي آهي اڄ، سو سڀان ناهه ”صديق“ چوي.

واڄي وانگر وڄ، مٿي کي مرلي ڪري!“

هن وقت تائين صرف ڪافين جي ئي شاعري ڪندو آهيان، جنهن ۾ تخلص ”جمال“ استعمال ڪندو آهيان.

ٿلهه:

هن دادلي دريا اندر، دلبر سندو ديدار اٿئي،

 

دانهه مرين ديدار کي، ورهان ملي اڄ وار اٿئي!

1.

گهويون ڇڏي گهڙ تار ۾، پاڻا تون پئه پاتار ۾؛

 

جهيڻو نه ٿي تون جهار ۾، هٻڪڻ هٽڻ بيڪار اٿئي!

2.

گهوريس ڪيو جيڪي گهڙن، ويرون نه واڳون تن وڙهن؛

 

مانگر به مانجهن کان مڙن، اونهي ۾ سي ابصار اٿئي!

3.

”موتو قبل“ ماڻي تون مر، ورچي وچان تون ڪيم ور؛

 

سانڍي مَ رک سورهه تون سر، جي دولهه ٿيڻ درڪار اٿئي!

4.

هي تار ٿئي تارو تون تر، جهاڳي تون وڃ ”جمال“ جر؛

 

ساري تون کڻ سياڻا ثمر، اڳيان ڪيل اقرار اٿئي!

 

*

ٿلهه:

جاڳي جاڳي جاڳ، جاڳي ڪر تون دور جدايون!

1.

پردا حِجابي سڀ هٽائي، پاڻ کي ڏس تون پاڻ ۾ ٺاهي؛

 

منجهيئي مدامي ماڳ، جانب جوڙيون آهن تو ۾ جايون...

2.

عمر سڄي تو سمهي وڃائي، جاڳي تو نا جوت جلائي؛

 

سمهڻ ناهي سهاڳ، ويهي ڳاءِ تون واحد جون وايون...

3.

اٺ ئي پهر اندر ۾ اوري، ڪس قلب جا سڀئي ڪوري؛

 

دل تان دوئي جا لاهي داڳ، ميٽ تون من تان مڙيئي ميرايون...

4.

بن جاڳڻ جيڻ ”جمال“ اجايو، سستي ڪنهن نه پرين پرايو؛

 

اورڻ ڌاران سڀ اڀاڳ، ويل ويرون ڪنهن نه ورايون...

”جليل“ سروري *

اسم گرامي محمّد يونس خلف راڻو خان قوم ”پلي“ تخلص ”جليل“
سروري.

پاڻ سال 1932ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ”راڻو خان پلي“ (متصل پٿورو) تعلقو سامارو، ضلعي ٿرپارڪر ۾ تولد ٿيا.

پاڻ پلي قوم جي درويشانه، فقيرانه ۽ بزرگانه گهراڻي (جنهن جو مورثِ اعليٰ مشهور بزرگ درس پلي جو ٻيو نمبر فرزند ’عبدالحميد‘ آهي، جنهن جي اولاد کي پلي قوم جي اصطلاح موجب ”حميد جا“ ڪري سڏيندا آهن)، جا فرد آهن.

سمجهه لائق ٿيڻ تي کين پرائمري اسڪول ”ڳوٺ دار پلي“ ۾ داخل ڪيو ويو. انهيءَ زماني ۾ ٻهراڙين ۾ تعليم جو ڪو خاطرخواهه ۽ معقول انتظام ڪونه هوندو هو. انهيءَ ڪري ”جليل سروري“ جن قرآن شريف ۽ تياري ڪلاس تائين سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ بعد اسڪول کي هميشه لاءِ خيرباد چئي، پنهنجي گهر ۾ ويهي، فراغت جو وقت ادبي رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب وغيره مطالعي ڪرڻ ۾ گذارڻ لڳا.

ڪجهه مطالعي ڪرڻ کان پوءِ، کين شاعري، مضمون نويسي ۽ افسانه نگاريءَ جو شوق پيدا ٿيو. اهڙيءَ طرح 1952ع کان غير موزون شاعري وايون، ڪافيون، مضمون ۽ افسانه وغيره لکڻ شروع ڪيائون، جي ضلع جي اخبارن ”سابق ٿر گزيٽ“ ۽ ”همدرد“ ۾ شايع ٿيڻ لڳا. اخبارن جي انهي همت افزائي باعث سندن جذبه شاعري کي تقويت پهچندي رهي. ان وقت سندن تخلص ”يونس“ هوندو هو.

سال 1956ع ۾ خوش قسمتيءَ سان سندن ملاقات ”بزمِ ادب صوفي فقير“ تعلقو عمرڪوٽ، ضلع ٿرپارڪر طرفان منعقد ٿيل هڪ عظيم الشان مشاعري ۾ مخدوم قبله محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جن سان ٿي، جن جي نظر ڪيمياء اثر سندن ناموزون طبع کي موزونيت ۾ تبديل ڪري وڌو، ۽ 1956ع کان موزون شاعري شروع ڪيائون. شاعري ۾ سندن استاد سواءِ نظر فيض اثر حضرت ”طالب الموليٰ“ جن جي ڪوبه نه آهي.

موزون شاعري ۾ غزل، قطعه ۽ نظم وغيره لکندا آهن. سندن غزل ۽ قطعات سنڌيءَ جي مشهور سابق رسالن: ”فردوس“ ۽ ”ماهوار ايڊيشن هلال پاڪستان“ ۾ ڇپبا رهندا هئا، ۽ هن وقت سندن غزل وغيره سنڌيءَ جي واحد ادبي جريده ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.

اصنافِ سخن ۾ ڪافي ۽ غزل، سندن پسنديده صنفون آهن. سندن ڪلام ۾ سليس، ساده ۽ سهل سنڌيءَ جو رنگ ۽ رونق، مزو ۽ ميٺاج، لطف ۽ لذت، حسن ۽ جمال بدرجه اتم نظر ايندو.

پاڻ ”بزم طالب الموليٰ“ پٿورو شاخ جا شروعات کان سيڪريٽري پڻ رهندا اچن- خدا شل کين شاد و آباد رکي!

هتي سندن بطورِ نموني چند ڪافيون پيش ڪجن ٿيون:

*

ٿلهه:

عشق وارا ٿا پڙهن بس الف جو هڪڙو اکر،

 

زير جي ناهي ضرورت ۽ نڪا گهرجي زبر.

1.

سور واري ساز جي سر سوز ۾ سرها سدا،

 

پور پرين جا پچائن پاڻ ۾ چارئي پهر.

2.

مئي محبت جي پين ۽ مست محبت ۾ مدام،

 

رند رندي رمز جي رازن کان آهن باخبر.

3.

عيش عشرت عيب آهي عاشقن لئه اصل کان،

 

ورهه وارا واپرائن ٿا ورهه وارو وکر.

4.

پار پرين جي پڄڻ لئه پرت وارا پنڌ پيا،

 

سوز جو سيني سان گڏ سامين کنيو سانڍي ثمر.

5.

قربداري جي قريبن جي ڪرين حاصل ”جليل“،

 

ڪات سان ڪنڌڙو ڪپي تون قرب تان قربان ڪر.

ٿلهه:

برهه تنهنجي جيون بٺيون دل تي پيون دلبر دکن،

 

هن عشق جي آڙاهه ۾، جيءُ جان جانب پيا جلن!

(1)

وار وائي ڪا ورڻ جي محب منهنجا مون پرين،

 

جيءَ جڏي کي هاڻ جانب ڏي وصل وارو وچن!

(2)

آس اکڙين کي اوهان جي ديد جي آ دلربا،

 

پرت جي پئمان لئه ويتر ويراڳيون ٿيون وتن!

(3)

مينهن موسم تي وسن ٿا پر اکين عادت عجيب،

 

ياد ايندي يار جي ٿيون وڏ ڦڙئي وانگيان وسن!

(4)

راڳ رڳ رڳ ۾ اوهان جو ٻي نه ٻولي ڪا ٻُجهن،

 

تات جن کي يار تنهنجي سي ڀلا ڪيئن سک سُمهن!

(5)

محب ڪهڙيون ٿو ميارون تون رکين ”جليل“ تي،

 

لڳ لاڳاپا لوڪ وارا هوت هوندن تي هجن!

ٿلهه:

ساجن لهه ڪا سار، دردن آهي دل کي دکايو!...

1.

سال لنگهي ويا سڪندي سڪندي، وائي وصل واري وار،

 

محبت من ۾ مچ آ مچايو...

2.

باهه برهه جي ڀڙڪو لايو، اندر سڙي ٿيو آڱار،

 

سورن ويتر ساهه سُڪايو...

3.

عشق اصل کان آهي اڙانگو، عشق سندي اسرار،

 

سوريءَ تي منصور چڙهايو...

4.

مرضي اوهان جي ”جليل“ قبولي، اڳتي اوهان اختيار،

 

ماريو توڙي يار جياريو...

ٿلهه:

پرديسي پيارا، تو کي ساهه ساري،

 

ڳڻتي اوهان جي دل کي ٿي ڳاري!

1.

محبوب ڇا کان منهڙو مٽي وئين، سورن ۾ سهڻا دلڙي سٽي وئين،

 

اهڙي جيڻ کان شل موت ماري!...

2.

پرديس ۾ تو وڃي ڏينهن لايا، اکڙين اچڻ جا گسڙا نهاريا،

 

مولا وطن ڏي تنهنجي واڳ واري!...

3.

هيڻا حال جن جا هجر ۾ ٿين ٿا، ماڻهو مڙيئي تن تان کلن ٿا،

 

ڏکيا ڏينهڙا ڏاتر، نه ڪنهن کي ڏيکاري!...

4.

پنهنجي ”جليل“ کي وساري نه ڇڏ تون، گوندر غمن ۾ تنهن کي نه گڏ تون،

 

پنهنجا ڪيل پيارا، وڃ قول پاري!...

محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي *

محترم ”معمور“ يوسفاڻي پنهنجي خودنوشته تعارف ۾ هن ريت رقم طراز آهن:

”منهنجو نالو ’محمد عمر‘، والد جو نالو ’حاجي يوسف‘ ۽ ذات ’پلي‘ آهي.

منهنجي ولادت 27 ربيع الاول 1345هجري 25 جنوري 1929ع اربع جي ڏينهن ڳوٺ ”حاجي پير محمد پلي“، تعلقه عمرڪوٽ ۾ ٿي. قرآن شريف گهر ۾ پڙهيم. سنڌيءَ جا چار ڪتاب مسلم اسڪول عمرڪوٽ، ۽ مسلم اسڪول ڳوٺ حاجي محمد عالم پلي ۾ پڙهيم. ان سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جا به ڪجهه ابتدائي ڪتاب پڙهيم؛ ان کان پوءِ ساندهه 12 سال تعليم کان دور رهيس. 1952ع ۾ فائنل جو امتحان ڏنم، جنهن ۾ اول نمبر آيس. وڌيڪ تعليم لاءِ تعليم کاتي جو سهارو ورتم. مشرقي ٻولين سان لڙندي 1959ع ۾ ’اديب فاضل‘ پاس ڪيم، جنهن ۾ ٻيو نمبر آيس. 1960ع ۾ ٽريننگ جو پهريون سال، ۽ 1961ع ۾ ٻيو سال پهرئين نمبر سان پاس ڪيم. هينئر اُردو ۽ انگلش کي لڳو پيو آهيان.

شاعري: 1945ع ۾ هڪ حسين حادثي جو شڪار ٿي پيس. ناڪاميءَ الفت سبب سورن ۽ دردن جون دانهون شاعريءَ جي صورت ۾ نمودار ٿيون. ”غمناڪ“ تخلص سان ڪافي شعر لکيم. 1948ع ۾ هڪ دوست جي صلاح سان ’غمناڪ‘ ڇڏي
”معمور“ تخلص سان معمور ٿي ويس. هينئر ’معمور يوسفاڻي‘ جي نالي سان مشهور آهيان. 1959ع ۾ هڪ دوست جي حڪم موجب ڪجهه وقت ”خالد“ تخلص به اختيار ڪيم، جيڪو اڳتي هلي فقط اُردو شاعريءَ لاءِ مخصوص ٿي ويو. شاعريءَ ۾ ڪنهن کان به اصلاح وٺڻ عيب ڪين سمجهندو آهيان. جناب قبله گل حسن شاهه ”مجذوب“  عمرڪوٽيءَ جن جو ته باقاعدي شاگرد آهيان.

سنڌ جي سڀني ادبي تحريڪن جو آزاد ميمبر رهندو پيو اچان. تصنيفات جي سلسلي ۾ (1) ”سومرن جو سردار“ عرف ”صوفي قلندر بخش شهيد“، (2) ”تذڪرة شعراءِ صوفي فقير“، (3) ”داستانِ عورت“ مڪمل ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ (1) ”تذڪرة شعراءِ عمرڪوٽ“ (2) ”مهراڻي جا مور“، (3) ”جديد سنڌي شاعري“ ۽ ”روح ريگستان“ جو ڪم هلندڙ آهي.“

ٿلهه:

تنهنجي فرقت ۾ مٺا، ٿي دل سندم آهي چري،

 

درد ۾ دلبر اچي، ڪو ڏي دلاسو دلبري!

(1)

جند جدائي ۾ جلي ٿي، ڄڻ لڳي ڄيري ڄري؛

 

ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان مان، ڳالهه ٿي مون کان ڳري!

(2)

ڪانگڙا ڪوڙين اڏايم، ۽ وڌم فالون وري؛

 

تنهنجي لئه تارا تڪيندي، ويا مڙئي ٽاڻا ٽري!

(3)

روز شب راهون نهاري، آهيان ڳڻتين ۾ ڳري؛

 

برهه جا منهنجي بدن تي، ويا ڪئين ٻارڻ ٻري!

(4)

حال منهنجي جي حقيقت آهي سڀ سورن ڀري،

 

محب تنهنجي مهر ڌاران، مفت ۾ ويندس مري!

(5)

مل اچي ”معمور“ سان، ڪا کول درسن جي دري،

 

ڪير ڀي ائين نان چوي: ’من ديگرم تو ديگري‘!

ٿلهه:

نينهن سڄڻ جي ڪيو نهال، وسري ويا ويچار سمورا!

(1)

هجر حبيبن جو ٿو ماري، ڳاراڻي ۾ ڳاريو ڳاري،

 

ساعت سڄڻ ريءَ ٿي سال، دم ڪيئن گذرن ڌار سمورا!

(2)

پٺ ته حبيبن جي مان ويندس، دوستن ري هڪ دم نه جٽينديس؛

 

جيڏيون مون لئه ٿيا جنجال، پرين ريءَ ٻيا پار سمورا!

(3)

برهه جا مون تي ڀال ٿيا، وسري مال منال ويا،

 

ويئي خوشي ٿي خواب خيال، سور ٿيا سينگار سمورا!

(4)

عشق لڳي ”معمور“ ويو سوکو، هاڻ نباهڻ ٿي پيو اوکو؛

 

ڪهڙي ڪريان قيل مقال، برسر آهن بار سمورا!

ٿلهه:

اکيون آرام سي ڪيئن ڪن، عجيبن ساڻ جي اڙيون،

 

ڪڙي قابو ڪيون ڪنهن پر، قريبن قرب جون ڪڙيون!

(1)

اکين تي وائنٽا وريا، نهاري گهوٽ لئه گهڙيون،

 

اچڻ وارو نه، آيو، ٿيون سڙن سڪ سوز ۾ سڙيون!

(2)

جلن، جاڳن، جهرن، جهٽڪن، پيون کامن پچن کڙيون!

 

بنيون تنهن ڏنجهه ڏوڙي کان، دکن جون دل مٿي دڙيون!

(3)

چنابا پار ٿي چڻ ڀڻ، وڳا ڪئين چنگ ۽ چڙيون،

 

سوين سهڻيون سڻي سرسي، اُٿي ان دم ٿيون کڙيون!

(4)

اجايون ڪين سي وييون، ڪيم جي روهه ۾ رڙيون،

 

مليون ”معمور“ محبن کان، لکين دردن سنديون ڌڙيون!

ٿلهه:

ساڻي ٿيا ٿم سور، پيئي ڏکن سان ڏينهن نباهيان...

(1)

روز روئان مان سانگي ساري، جيڪس مارن ڇڏيس وساري،

 

سي ونگ وجهن وهلور، وهم هيين تان ڪيئن هٽايان...

(2)

اوٺي اباڻا ياد اچن ٿا، هر هر منهنجي دل ۾ پون ٿا؛

 

پاڙيچن جا پور، پر ۾ تن لئه پيئي پڇايان...

(3)

آهي جدائيءَ جيڙو جلايو، سڪ ساڻيهه جي مون کي ستايو؛

 

آهيان هت مجبور، حال اندر جو ڪنهن کي سڻايان...

(4)

روز پرينءَ جون راهون نهاريان، سانگي ۽ ساڻيهه ساريو ساريان؛

 

ماڙين ۾ ”معمور“، لڙڪ ڳلن تان ويٺي وهايان...

علي احمد پلي *

محترم ”علي احمد“ خلف ’محمد مبارڪ‘ ذات پلي، پاڻ پنهنجي ڳوٺ  ”دارپلي“ تعلقي ساماري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ سال 1942ع ۾ تولد ٿيا، سندن والد مرحوم کين صغيريءَ ۾ ئي داغِ مغارفت ڏيئي ويا، انهيءَ ڪري پاڻ ڇڙواڳي ۽ مطلق العاني جي عالم ۽ ماحول ۾ سنجيدگي ۽ چلولائي، فهميدگي ۽ البيلائي، پڙهائي ۽ اهنڊائي جي مليل جليل اثراتن هيٺ ست درجا سنڌي ۽ پنج درجا انگريزي پڙهيا. دورانِ طالب العلمي سندن توجهه راند روند، کل خوشي، تماشبيني ۽ قصن ڪهاڻين پڙهڻ ڏانهن گهڻو ۽ اسڪول جي ڪمن ڏانهن تمام گهٽ رهيو، تاهم سٺن نمبرن سان پاس ٿيندا ايندا هئا، ليڪن اسڪول جي ڪم ڏانهن گهٽ رغبت باعث پنهنجي سرپرست ۽ مربي مامن: جناب راڻي خان ۽ جناب محمد مٺو پلي جن جي غيرمعمولي ڪوششن جي باوجود به خاطرخواه تعليم حاصل نه ڪري سگهيا، ۽ تعليم کي ترڪ ڪري اچي ڳوٺ پهتا. ترڪِ تعليم واري زماني ۾ علمي، ادبي، تاريخي، دينيائي ۽ جاسوسي ناول اُردو خواهه سنڌي تمام سٺي ۽ گهڻي انداز ۾ مطالعو ڪيائون. هي مطالعو سندن لاءِ نهايت ئي سعيد ۽ مفيد ثابت ٿيو، جنهن منجهن ڪافي خوشگوار تبديليون آنديون ۽ پاڻ سنجيده، فهميده، خوش فهم ۽ علم جا مشتاق ٿي پيا، ۽ وري علم ڏانهن راغب ٿيا. هن وقت ”اورينٽل ڪاليج“ حيدرآباد ۾ داخل آهن ۽ اديب سنڌي ۽ مئٽرڪ جي امتحان لاءِ ڪوشان آهن. خدا شل کين انهيءَ نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ڪري، هتي سندن ٻه ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون:

ٿلهه:

 سوالين جا سڻي سڏڙا، سڄڻ سائين سڏائين ها،

 

اگهن جي التجائن کي، خدا ڪارڻ اگهائين ها؟

(1)

سندءِ ديدار لئه سائين، جي تڙپن پيا سدا تن کي،

 

فقط هڪڙو دفعو دلبر، اچي منهڙو پسائين ها؟

(2)

اچڻ تنهنجي جون اي سهڻا، ڏسن شب روز جي راهون،

 

ڀري پيرا انهن سان، پاڻ تون پنهنجو ڀَلائين ها؟

(3)

آيس تو در هلي سهڻا، سهي سر تي سڀئي سختيون،

 

ڪري منهن کي مٿي، نظرن سان تون نظرون ملائين ها؟

(4)

ڪري احسان ”احمد“ تي، جڏي جيءَ جي جياپي لئه،

 

گهڙي ساعت مٺا منهن تان، پلو پاسي هٽائين ها؟

 

*

ٿلهه:

ڪيئن آهي هو ڌار،

 

وَ نحَن وارو ڏس تون اشارو.....

1.

سائين آهي تو ۾ سمايل-

 

نائي نيڻ نهار....

2.

جن وجود ۾ ويهي ووڙيو-

 

تنين پيئي پچار....

3.

ڪي ويا رهجي پاڻ پائيندي-

 

ڪي وڃي پهتا پار....

4.

”احمد“ عاشق اُهي ٿيا،

 

جن عشق ڪو اختيار....


* ضميمو-1 (صفحو نمبر 174)

* جليل سروري صاحب ’اداره نوائي ادب‘ ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي جا ڊئريڪٽر هئا، گهڻو وقت ڳوٺ جي تنهائي واري ماحول ۾ گذاري، 18 مئي 2016ع مطابق اربع 10 شعبان 1437هه تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪيائون سندن تربت مخدوم عبدالرحمٰن جاڳو جي قبرستان ۾ آهي الله پاڪ کين چار فرزند: (1) علي مراد، (2) جميل احمد، (3) امداد علي ۽ (4) ذوالفقار علي عطا ڪيا آهن. (ايڊيٽر)

* ضميمو-2(صفحو نمبر 187)

* محترم علي احمد صاحب اورينٽل جا شوقيه طور امتحان ڏئي بعد ۾ پنهنجي زمينداري ڪم ڪار کي سنڀاليائون. الله پاڪ کين ٻه فرزند: محمد مبارڪ ۽ غلام حيدر عطا ڪيا آهن. پاڻ خميس جي ڏينهن 10 ڊسمبر 2020ع مطابق 24 ربيع الثاني 1442هه تي وفات ڪيائون. (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org