سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:7 

15. دي پرنس

-- ميڪيا ولي --

نڪولو ميڪياولي جيتوڻيڪ ڪيترائي ڪتاب لکيا- تاريخ، ادبي مضمون، مزاحيه ڊراما، جنگ جي سائنس بابت مقالا- پر سندس ياد جو مکيه سبب فقط هڪ ڪتاب آهي ۽ اهو دنيا جي عظيم ڪتابن مان هڪ مختصر ترين ڪتاب آهي. هن ڪتاب کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته ادب جي سموري وسيع دنيا ۾ هيءُ انهن ڪتابن مان هڪ آهي جن تي تمام شديد تنقيد ڪئي ويندي آهي. مثال طور لارڊ ميڪالي، جنهن پنهنجي دور جا ڪيترائي ڇرڪائيندڙ ڪتاب پڙهيا هوندا انهي ميڪياولي تي پنهنجي مشهور معروف مقالي ۾ کليل لفظن ۾ چئي ڇڏيو ته: ”اٽلي جي تاريخ ۽ ادب سان گهڻي واقفيت نه رکندڙ فرد لاءِ اها ڳالهه شايد ممڪن ئي نه آهي ته هو اهو مشهور ڪتاب پڙهي ڇرڪي نه وڃي ۽ حيرت ۾ نه وٺجي وڃي. جنهن ڪتاب ميڪياولي جي نالي کي تمام گهڻو بدنام ڪيو آهي. انهي ۾ بڇڙائي جو ايترو ته کليو کلايو اظهار ٿيل آهي، ڪنهن به بناوت کان سواءِ پر تنهن هوندي به بنا ڪنهن شرم حجاب جي، ظلم ۽ وحشت جو بيان اهڙي ڌيرج، عقل ۽ سائنسي انداز ۾ ..... اهڙا اصول جيڪي تمام وڏا بدمعاش به پنهنجن تمام بااعتماد ساٿين کي به مشڪل سان ٻڌائين.......“

اهو ننڍڙو خطرناڪ ڪتاب ڪهڙو هو؟ اطالوي زبان ۾ انهي جو نالو 1l Principe ۽ انگريزي ۾The prince آهي. جيستائين انهي جي موضوع جو تعلق آهي ته اهو سياسي طاقت بابت هڪ ڊگهو مضمون آهي. انهي ۾ خاص طور انهي ڳالهه تي بحث ڪيو ويو آهي ته جديد دنيا ۾ رياستون ڪيئن قائم ٿين ٿيون ۽ انهن کي ڪيئن برقرار رکيو وڃي ۽ انهن جي طاقت ۾ اضافو ڪيو وڃي. اهو رياست جي هلي چلي بابت تمام ڌيان سان لکيل مضمون آهي. اها ڳالهه ڌيان ۾ رکي وڃي ته انهيءَ ۾ هن ڳالهه تي بحث ٿيل آهي ته رياستون ڪيئن آهن نه هن ڳالهه تي ته رياستون ڪيئن هئڻ گهرجن. ميڪياولي جي فڪري قالب ۾ يوٽوپيائي آدرش رکندڙ ڪو شخص موجود نه آهي. تعارف طور هڪ وڌيڪ ڳالهه به ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي: هن ڪتاب کي هي پڪي پختي حيثيت به مليل آهي ته اهو مغرب جي سياسي فڪر جي تاريخ ۾ پهريون اهم ڪتاب آهي.

ميڪياولي اهو ڪتاب 1513ع ۾ جمهوريه فلارينس جي چيف سيڪريٽري جي اهم عهدي تان هٽڻ کان ڪجھ وقت پوءِ لکيو. هن وٽ اهو عهدو 1498ع کان هو. هن انهي سال عظيم رفارمر سوونارولا کي اقتدار تان لهندي ۽ پيازا ڊيلا سائنوريا کي جيئرو باهه ۾ سڙندي ڏٺو هو. هو اهو واقعو ڪڏهن به وساري نه سگهيو هو. هن پنهنجن آقائن يعني Counil of Ten جي ڏاڍي قابليت سان خدمت ڪئي هئي ۽ کيس ڪيترن ئي سفارتي منصبن تي به موڪليو ويو هو. پوءِ فلارينس ۾ ميڊيچي گهراڻو اقتدار ۾ اچي ويو. ميڪياولي کي رياست خلاف سازش جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس تشدد ڪيو ويو ته کيس سازش جي رٿا بابت جيڪا به ڄاڻ هجي اها ٻڌائي پر هو انهي ڳالهه تي سختي سان قائم رهيو ته اهڙي ڪابه رٿا نه هئي. آخرڪار کيس ماٺ ميٺ ۾ نجي زندگي گذارڻ جي موڪل ڏني وئي. پر هو اڃا پنهنجو قلم ڪتب آڻي سگهيو ٿي ۽ هن پنهنجي ڪيريئر جي انهي سڀ کان غمگين دور ۾ اهو ڪتاب لکيو جنهن سندس نالي کي دوام بخشيو آهي. هن انهي ڪتاب جو خيال دل ۾ اچڻ بابت پنهنجي دوست فرانسيڪو وٽوري کي جيڪو احوال ڏنو آهي اهو هتي پيش ڪجي ٿو:

”آءٌ پنهنجي گذريل بدنصيبي واري دور کان پوءِ خاموش دهقاني زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ جيڪڏهن ڳاڻيٽو ڪجي ته مون پورا 20 ڏينهن به فلارينس ۾ نه گذاريا آهن. مون سيپٽمبر جو مهينو هيڙها (پکي) ڦاسائڻ ۾ گذاريو پر مهيني جي آخر ۾ انهي ٿڪائيندڙ وندر مان به مون کي فائدو نه مليو. آءٌ صبح جو سج اڀرڻ سان اٿندو آهيان ۽ ڪاٺيون وڍيندڙن سان وقت گذارڻ لاءِ ڪنهن ويجھي جهنگ ۾ هليو ويندو آهيان. انهن وٽ مون کي ٻڌائڻ لاءِ سدائين ڪنهن نه ڪنهن پنهنجي پرائي مصيبت جو احوال موجود هوندو آهي. پوءِ آءٌ رستي جي ڀڪ سان ٺهيل شراب خاني ۾ ويندو هليو آهيان ۽ ايندڙن ويندڙن سان ڪچهري ڪندو آهيان. انهن کان انهن جاين ماڳن جون ڳالهيون پڇندو آهيان جتان هو آيا هوندا آهن. آءٌ مختلف ڳالهيون ٻڌندو آهيان ۽ انسان ذات جا مختلف مزاج ۽ خيال نوٽ ڪندو آهيان. آءٌ اتي عام طور ميزبان، هڪ ڪاسائي، هڪ چڪي وارو ۽ ڪجھ سرون وجھندڙ ڏسندو آهيان. آءٌ سمورو ڏينهن انهن جهنگلين سان رلمل لڳو پيو هوندو آهيان ۽ پتي ۽ ڇڪي راند ويٺو کيڏندو آهيان. اهي رانديون هزار جهيڙن جهٽن کي جنم ڏينديون آهن ۽ انهن ۾ گار گند به گهڻي ٿيندي آهي. اسين عام طور ٽڪي پئسي تي به هٿين پئجي ويندا آهيون ۽ اسان جون دانهون سان ڪيسيانو ۾ به ٻڌي سگهبيون آهن......

اها ڪا وڻندڙ تصوير ته نه آهي خاص طور پکي ڦاسائڻ ۽ جهنگلين سان ويهي پتي راند ڪرڻ. پر انهي کان پوءِ چڱيون ڳالهيون اچڻيون هيون ”آءٌ رات ٿيڻ سان گهر موٽي ايندو آهيان ۽ لکڻ جي ڪمري ۾ هليو ويندو آهيان. آءٌ ڪمري جي دروازي وٽ ئي مٽي ۽ گپ هاڻا ڳوٺاڻا ڪپڙا لاهي پنهنجو درباري لباس پهريندو آهيان. ۽ پوءِ قديم ماڻهن جي قديم درٻارن ۾ داخل ٿي ويندو آهيان. اهي منهنجو دل سان آڌرڀاءُ ڪندا آهن ۽ اتان مون کي اهڙي غذا ملندي آهي جيڪا فقط منهنجي ئي هوندي آهي. آءٌ ڄڻ ته انهيءَ لاءِ ئي پيدا ٿيو هوس. مون کي انهن سان ڪچهري ڪرڻ ۽ انهن کان انهن جي عملن پٺيان محرڪ جذبن بابت ڄاڻ وٺڻ ۾ ڪا به لڄ نه ٿيندي اهي. اهي ماڻهو مون کي ڏاڍي سادگي سان جواب ڏيندا آهن. ۽ چئن ڪلاڪن جي عرصي تائين مون کي ڪابه ٿڪاوٽ نه ٿيندي آهي، ڪا به پريشاني ياد نه رهندي آهي، غربت جو ڪو به خوف نه رهندو آهي. موت جو خوف ختم ٿي ويندو آهي مطلب ته منهنجو سمورو وجود انهن ۾ محو ٿي ويندو آهي........ مون انهن قابل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه مان جيڪو ڪجھ حاصل ڪيو آهي اهو تحرير ۾ آڻيندو ويو آهيان ۽ هڪ ڪتابڙو لکيو اٿم........ جنهن ۾ رياست جي ماهيت تي بحث ڪندي لکيو اٿم ته اها ڪيترين جنسن (species) تي مشتمل هوندي آهي، اهي ڪيئن حاصل ڪبيون آهن ۽ اهي ڪيئن برقرار رکبيون آهن ۽ اهي ڪيئن هٿان هليون وينديون آهن.

ڪتاب جي شروعاتي ڀاڱي جي وڏي حصي ۾ نشاة ثانيه واري دور جي اٽلي ۾ سياسي حالتن جو بيان ڏنل آهي ۽ اهو خاص طور سياسي تاريخ جي شاگردن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو. اسان جي موجوده مقصد لاءِ اسان کي فقط اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته انهي وقت جي اٽلي کي فقط جاگرافيائي اظهار کان وڌيڪ ڪا حيثيت حاصل نه هئي. سمورو ملڪ ڪيترين ئي ننڍين رياستن يا City states ۾ ورهايل هو. انهي سان گڏوگڏ پاپاء روم جي وسيع دنياوي عملداري به موجود هئي. انهن ننڍين رياستن پنهنجين رقابتن، جھيڙن تڪرارن ۽ روز روز جي جنگين سبب ملڪ کي متحد ٿيڻ نه ڏنو هو ۽ اهو فرانس ۽ اسپين جي زور وٺندڙ قومي بادشاهن جي مقابلي ۾ ڪمزور ٿيندو پئي ويو. اسين هاڻي حڪومت جي هلي چلي جي اصولن (mechanics) کان رياست ڪاري جي ميڪيا ولي اصولن ڏانهن رخ ڪريون ٿا.

اسين سڀ کان بدنام باب جو سڀ کان پهريون ذڪر ڪريون ٿا. انهي جو نالو خود اهميت سان ڀريل آهي يعني ”شهزادن کي ڪهڙي طرح واعدو پاڙڻ گهرجي.“ ڪو به سياسي مفڪر انهي موضوع تي اخلاقي درستگي جي اعليٰ معيار ڏانهن مائل ڏسبو آهي. پر ميڪيا ولي ائين نه ٿو ڪري. هو لکي ٿو: ”اها تمام ساراه جوڳي ڳالهه آهي جو ڪو شهزادو پنهنجو واعدو پاڙي پر اسان جي دور جو تجربو گهڻي ڀاڱي اهو ٿو ٻڌائي ته حقيقت ۾ انهن شهزادن ئي وڏا وڏا ڪارناما ڪيا آهن جن واعدو پاڙڻ کي تمام گهٽ اهميت ڏني آهي. انهي جي برخلاف انهن ته پنهنجي چالاڪي سان ماڻهن جا ماشا ڦيرائي ڇڏيا آهن ۽ آخرڪار انهن ماڻهن تي غالب ٿي ويا آهن جن چڱي هلت هلندي انهن تي اعتبار ڪيو آهي.“ هو اڳتي لکي ٿو ته، ”صحيح معنيٰ ۾ اهل حاڪم کي پاڻ ۾ شينهن ۽ لومڙي جون خاصيتون گڏ ڪرڻ گهرجن. کيس شينهن وانگر بهادر ۽ لومڙي وانگر چالاڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. فقط شينهن وانگر ٿيڻ ڪافي نه آهي. ڇاڪاڻ ته شينهن کي پاڻ کي ڄارن کان بچائڻ نه ايندو آهي نه ئي فقط لومڙي جهڙو ٿيڻ ڪافي آهي ڇو ته لومڙيون پاڻ کي بگهڙ کان بچائي نه سگهنديون آهن جيڪي ماڻهو فقط شينهن جهڙو ٿيڻ گهرندا آهن، هو ٽوڪ طور چوي ٿو ته: انهن کي هي ڳالهه سمجھ ۾ نه ايندي آهي......

”تنهن ڪري جڏهن ڪودور انديش حاڪم سمجهي ته واعدو پاڙڻ سندس مفادن جي خلاف آهي ته کيس ائين نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن سڀ انسان يڪسان طور سٺا هجن ها ته اهو اصول سٺو نه هجي ها پر جيئن ته اهي سمورا خراب آهن ۽ توهان سان ڪيل واعدو نه پاڙيندا ته توهان به انهن سان ڪيل واعدو پاڙڻ لاءِ پابند نه آهيو. ۽ واعدو پورو نه ڪرڻ لاءِ مناسب سببن جي به ڪڏهن کوٽ نه هوندي آهي. آءٌ انهي بابت جديد دور جا ڪيترائي مثال ڏئي سگهان ٿو پر آءٌ فقط هڪ تي اڪتفا ڪندس. پوپ اليگزينڊر ڇهين جو ڪم ئي ماڻهن کي دوکو ڏيڻ هوندو هو. انهي کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه سندس ذهن ۾ ئي نه هوندي هئي ۽ کيس ائين ڪرڻ جو سدائين ڪونه ڪو دڳ ملي ويندو هو. ته به هو سدائين ڪامياب رهيو ڇاڪاڻ ته کيس انساني سيرت جي انهيءَ رخ بابت پوري ڄاڻ هئي.

هڪ ڏاهي شهزادي کي لازماً وڏو بناوٽي هئڻ گهرجي. کيس پنهنجن اصل ارادن کي لڪائڻ جو فن اچڻ گهرجي. کيس ڪوشش ڪري ظاهري طور نيڪوڪار، مهربان ۽ مخلص نظر اچڻ گهرجي پر کيس انهيءَ لاءِ به تيار هئڻ گهرجي ته جڏهن رياست جو وجود بچائڻ لاءِ ضروري هجي ته اهو وعدو نه پاڙي ۽ نيڪوڪاري، انسانيت ۽ دين جي اصولن خلاف ڪم ڪري. ماڻهن جو عام رواجي ميڙ ظاهري شڪل صورت ڏسي فيصلو ڪندو آهي. اهم ڳالهه ڪامياب ٿيڻ آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شهزادو ڪاميابي حاصل ڪري وڃي ٿو ته سڀ ماڻهو سندس واکاڻ ڪندا ڀلي هن پنهنجي ڪاميابي ڪهڙي به طريقي سان حاصل ڪئي هجي.

هڪ ٻيو باب جنهن تي به تمام گهڻي تنقيد ٿي آهي انهي جو نالو آهي، ”ظلم ۽ رحمدلي ۽ محبوب هجڻ ۽ خوفناڪ هجڻ مان ڪهڙي ڳالهه بهتر آهي.“ ڪو به شهزادو (اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو) جيتوڻيڪ سڀاويڪ طور اهو چاهيندو آهي ته کيس ظالم نه پر مهربان سمجھيو وڃي پر جيڪڏهن سندس قدمن سان سندس رعايا محفوظ ۽ خوش رهي ٿي ته کيس ظلم جو الزام سر تي کڻڻ کان عار نه ڪرڻ گهرجي. هو اهڙي شهزادي کان گهڻو مهربان ليکيو ويندو جيڪو تمام گهڻي نرمي سبب وڳوڙ پيدا ٿيڻ ڏئي ٿو جن مان قتل ۽ خون، لٽ مار ۽ تباهي جنم وٺن ٿا. اهي ڳالهيون ته سڀني شهرين کي متاثر ڪن ٿيون جڏهن ته ڪنهن ظالم شهزادي جي حڪم تي ڏنل سزائون ته ڪجھ فردن کي متاثر ڪن ٿيون. اهو به سمجھي سگهجي ٿو ته ڪو فاتح ظالم ئي هوندو پر هن لاءِ به سٺي صلاح اها هوندي ته هو پنهنجا سمورا ظالماڻا ڪم هڪ وقت ڪري ڇڏي ۽ اهي روز روز نه ڪري.

جيستائين اهو سوال آهي ته اها ڳالهه بهتر آهي ته ماڻهو محبت ڪن يا ڊڄن ته ميڪياولي جو جواب اهو آهي ته ڪو به دانشمند حڪمران اهي ٻئي ڳالهيون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. پر جيئن ته ڪڏهن ڪڏهن اهي ڳالهيون حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي تنهنڪري ”محفوظ طريقو اهو آهي ته ماڻهو توهان کان ڊڄن بجاء انهي جي جو محبت ڪن“. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ته خودغرض آهن ۽ عين ممڪن آهي ته جڏهن اها ڳالهه سندن مقصدن جي موافق هوندي ته اهي حاڪم ڏانهن پنهنجن فرضن کان غافل ٿي ويندا“. پر سزا جي خوف کان ڊپ سدائين برقرار رهندو آهي ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي“. پر ڪنهن شهزادي کي انهي ڪم ۾ حد کان وڌيڪ نه وڌڻ گهرجي. هن جو مقصد اهو هئڻ گهرجي ته ماڻهو هن سان نفرت نه ڪن پر فقط ڊپ رکن ۽ اها ڳالهه تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن هو عوام جي ملڪيتن ۽ عورتن ۾ دخل اندازي ڪرڻ کان پاسو ڪندو. جيڪڏهن عوام ۾ نامقبول ڪم ڪرڻا هجن ته هو پنهنجن هٿن سان فقط عنايتون ڪندو رهي ۽ سوکڙيون ڏيندو رهي.

ڪيترن ماڻهن جو اهو خيال آهي (ميڪاولي هڪ ٻئي باب ۾ چوي ٿو) ته عقلمند شهزادي کي جيڪڏهن ڪو موقعو هٿ اچي وڃي ته کيس دشمني پيدا ڪرڻ گهرجي جيئن انهي کي ختم ڪري هو پنهنجي عظمت ۾ اضافو ڪري سگهي. ساڳئي طرح هو غير ملڪي دشمنن کي به ڄاڻي واڻي چوڪون ڏئي وري جنگ ۾ انهن تي حاوي ٿي به پنهنجي شهرت وڌائي سگهي ٿو.

ميڪياولي جي نوٽ بڪ تان ورتل هي ڪجھ چوڻيون آهن ۽ انهن کي پڙهڻ کان پوءِ انهي ڳالهه جو اندازو هئڻ مشڪل نه آهي انهن ميڪياولي جھڙن ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيتري نه ناپسنديدگي پيدا ڪئي هوندي پر صورتحال وڌيڪ خراب انهي ڪري ٿي آهي جو ميڪياولي پنهنجي نظريي جي وضاحت لاءِ هڪ اهڙي شهزادي جي تصوير پيش ڪئي آهي جنهن کي هو تقليد جي تمام وڌيڪ قابل سمجھي ٿو ۽ اها تصوير ٻئي ڪنهن نه پر خود سيسار بورگيا (Cesare Borgia) جي آهي جيڪو نشاة ثانيه جي سموري دور جو هڪ تمام بدمعاش شخص آهي. ”ڪنهن به نئين شهزادي لاءِ مون کي سندس عملن جي تقليد کان بهتر مثال ٻيو ڪونه ٿو ملي (هو لکي ٿو) ۽ جيڪڏهن سندس قدم ڪاميابي سان همڪنار نه ٿيا ته انهي جو سبب سندس پاران ڪا غلطي نه هئي پر انهي جو سبب قسمت جي نحوست هئي... سندس سڀني عملن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ مون کي انهن ۾ ڪا به ڳالهه قابل الزام نه ٿي نظر اچي انهي جي برعڪس آءٌ پاڻ کي مجبور ٿو سمجهان ته هن کي اهڙي مثال طور پيش ڪريان جنهن جي اهي سڀ ماڻهو پيروي ڪن جن پنهنجي نصيب يا هٿيارن جي زور تي عظمت حاصل ڪئي آهي.......“

انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جيڪو ماڻهو اهڙي بي اصول بدمعاش بابت اهڙي تعريفي انداز ۾ لکي سگهي ٿو ته هو پاڻ به مشڪوڪ ليکيو ويندو ”اسان کي خبر نه ٿي پوي ته ادبي تاريخ ۾ ڪو نالو ميڪيا ولي جهڙو قابل نفرت ٿي سگهي ٿو“. اسين وري ميڪاولي جي تحرير مان اقتباس پيش ڪريون ٿا، انهن ڳالهين جي باوجود به ميڪياولي بذات خود“ اهڙو ماڻهو هو جيڪو پنهنجي عام هلي چلي ۾ سڌو سنئون ۽ معزز ماڻهو هو ۽ اخلاقيات بابت سندس خيال به سندس آسپاس ماڻهن کان بهتري ڏانهن مائل هوندا هئا ۽ جنهن جي فقط هڪ خطا اها هئي ته هن انهي دور جا ڪجھ عام مروج اصول اختيار ڪري انهن کي ٻئي ڪنهن به ليکڪ کان وڌيڪ چٽائي سان ترتيب ڏنو ۽ وڌيڪ زور سان انهن جو اظهار ڪيو.

معاملي بابت صداقت اها آهي جيئن اڳ ۾ به ٻڌايو ويو آهي ته ميڪيا ولي هڪ حقيقت پسند (realist) هو. هو تمام سچو محب وطن هو. سندس زندگي جا بهترين سال فلارينس جي رياست جي سچي خدمت ۾ گذريا هئا ۽ هن انهي کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن ڳالهه جي گهر نه ڪئي هئي ته هن جنهن نظام حڪومت کي هلائڻ ۾ مدد ڪئي هئي انهي کي هلڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ ڏنو وڃي. پر کيس خبر هئي ته اهو ممڪن نه هو. قتل و غارت ۽ تباهي جي ماحول ۾ ننڍڙين شهري رياستن جو دور تيزي سان پڄاڻي تي پهچي رهيو هو. اهڙي حالت ۾ ڪنهن عقلمند ماڻهو کي ڪهڙو دڳ وٺڻ گهرجي ها؟ هن کي ڪنهن شهزادي جي حڪومت کان سواءِ امن امان ۽ قانون جي بالا دستي قائم ٿيڻ جو ڪو ٻيو رستو نظر نه ٿي آيو جيڪو طاقتور به هجي ۽ ٿي سگهي ته روشن خيال به هجي. پر سنڀي ڳالهين کان وڌيڪ طاقتور رهجي.

اها ڳالهه سندس اختتامي لفظن مان بلڪل چٽي ٿي وڃي ٿي. اها هڪ ميڊيچي شهزادي کي مخاطب ٿي چيل نصيحت آهي. اهو ننڍڙو ڪتاب منسوب به انهي ڏانهن ٿيل آهي ۽ اهو ڪتاب لکيو به سندس رهنمائي ۽ همٿ افزائي لاءِ ويو هو. ”تنهنجي نامور گهراڻي کي“ هو تاڪيد ڪري ٿو. ”اٽلي کي وحشين جي غلبي کان آزاد ڪرائڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻڻ گهرجي.“ هو ٻاهرين حملي آورن خاص طور فرانس کي انهي نالي سان سڏي ٿو. شال تون همٿ ۽ بهادري سان اهو ڪم هٿ ۾ کڻين جيئن تنهنجي جهنڊي هيٺان اسان جو وطن وڌي ويجھي سگهي...“ اهڙي طرح اهو شخص جنهن ڪنهن وقت پنهنجون اميدون سيسار بورگيا سان وابسته ڪيون هيون انهي هڪ متحد ۽ آزاد اٽلي لاءِ مازيني ۽ گيريبالڊي کي رستو ڏيکاريو.

 

16. گارگنٽئا اينڊ پينٽاگروئيل

-- فرانڪوئي رابلي(Francoise Rabelais)--

 

عالمي ادب ۾ عظيم مزاح نگارن جو ڪو وڏو حصو نه آهي پر ڪجھ ٿورن مزاح نگارن ۾ فرانڪوئي رابلي جدا اهميت رکي ٿو. هو هڪ فرانسي هو جيڪو ٽورين صوبي ۾ چائينون chinon۾ ڄائو. سندس پيءُ اتي وڪالت ڪندو هو ۽ هڪ ننڍڙي جاگير آباد ڪندو هو. سندس ڄم جي تاريخ بابت ڪا پڪي پختي خبر نه آهي. اها 1483ع کان 1495ع جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿي. کيس تمام ننڍي عمر ۾ ئي- ممڪن آهي ته هو تڏهن اڃا تيرهن چوڏهن ورهين جو ئي نه ٿيو هجي- هڪ خانقاه ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ جڏهن هو مناسب عمر جو ٿيو ته کيس راهب ڪيو ويو. هو 25 ورهين جي ڄمار تائين راهب رهيو ۽ آخرڪار جڏهن خانقاه ڇڏي ٻاهرئين دنيا ۾ آيو ته قديم علم جو هڪ ذخيرو به پاڻ سان گڏ کنيو آيو جيڪو هن پنهنجي مقرري وارين خانقاهن جي مختصر ڪتب خانن مان جيئن تيئن ڪري حاصل ڪري ورتو هو. هو 1530ع ۾ شاگرد جي حيثيت ۾ يونيورسٽي آف مونٽپيليئر ۾ داخل ٿيو جتان هن طب ۾ ڊگريون حاصل ڪيون ۽ پوءِ اتي اناٽامي (تشريح بدن) تي ليڪچر ڏيندو رهيو. پوءِ اسين 1532ع ۾ کيس لائونس جي ميونسپل اسپتال ۾ طبيب جي منصب تي ڏسون ٿا. اهو شهر تڏهن فرانسي زندگي ۽ ثقافت جي مکيه مرڪزن مان هڪ هو. هن لائونس اسپتال جي وارڊن ۾ گهمندي ڦرندي ئي انهي ڪتاب جو پهريون حصو منظر تي آندو جنهن کيس لافانيت بخشي ڇڏي آهي. انهي جو نالو پينٽاگروئيل هو ۽ انهي کان ٻه ورهيه پوءِ گارگينٽئا آيو.

اهو وقت جي لحاظ کان جيتوڻيڪ پوءِ آيو پر پينٽاگروئيل جي ابتدائي جلد جي حيثيت رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اهو سدائين اڳ ۾ ڇپيو آهي. اهي ڪتاب سر ٿامس ارڪوهارٽ 1653ع ۾ انگريزي ۾ ترجمو ڪيا. هو اسڪاٽلينڊ جو اديب هو ۽ ڪنهن حد تائين اصل ڪتاب جي تخيلاتي خصوصيت ترجمي ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. هن ليک ۾ آيل اقتباس ارڪو هارٽ جي ترجمي تان ورتل آهن.

گارگينٽئا اصل ۾ فرانسي لوڪ ادب ۾ هڪ ديو جو نالو هو ۽ رابلي جي ناول جو گارنٽئا به ساڳئي طرح هڪ ديو آهي جيڪو تمام وڏي جسم وارن ماء پي گرينگو زيئر ۽ گازگاميل مان پيدا ٿيو هو. هن جو ڄم به عجيب نموني ٿيو هو. هو پنهنجي ماء جي کاٻي ڪن مان دنيا ۾ آيو هو ۽ هن ڄمڻ سان ٻين ٻارن وانگر ”اوئان، اوئان“ جا آواز نه پر وڏي آواز ۾ ”ڪجھ پيئاريو، ڪجھ پيئاريو، ڪجھ پيئاريو“ جون دانهون ڪيون هيون ڄڻ هو سموري دنيا کي پاڻ سان گڏ پيئڻ جي دعوت ڏئي رهيو هو“. هو جسم ۾ ايترو ته وڏو هو جو سندس غذا لاءِ ضروري کير جو وڏو مقدار مهيا ڪرڻ لاءِ 17،903 ڍڳيون رکيون ويون ۽ سندس پوشاڪ ٺاهڻ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جو سوين وال ڪپڙو گهربل هوندو هو.

هن کي ٽن کان پنجن ورهين جي ڄمار تائين پنهنجي پيء جي حڪم تي سموري مروج ڳالهين جي تعليم ملي ۽ هن اهو وقت پنهنجي ملڪ جي ٻين ٻارن وانگر پيئڻ، کائڻ ۽ سمهڻ؛ کائڻ، سمهڻ ۽ پيئڻ ۽ سمهڻ، پيئڻ ۽ کائڻ ۾ گذاريو.“ هو مٽي ۽ گپ چڪ ۾ پيو ليٿڙيون پائيندو هو، بوٽ جي کڙي وارو حصو پير تي چاڙهڻ کان سواءِ پيو گهمندو هو، قميص جي ٻانهه سان نڪ صاف ڪندو هو، پنهنجي سليپر ۾ پيئڻ جي شي وجھي پيو ان مان پيئندو هو، لاٽون سان پنهنجا ڏند پيو تيز ڪندو هو، ٻوڙ سان پنهنجا هٿ ڌوئي ڇڏيندو هو ۽ پيالي سان پنهنجن وارن کي ڦڻي پيو ڏيندو هو. هو ڪڏهن ڪڏهن ماني کان سواءِ ئي پنهنجو ڪيڪ کائي ڇڏيندو هو، کلندي کلندي چڪ هڻي وٺندو هو ۽ چڪ هڻندي کلي پوندو هو. هو ٻيا به ڪيترائي اهڙا ڪم ڪندو هو جن جو ذڪر ڪرڻ شائستگي جي خلاف ٿيندو ۽ پر اهي اهڙي قسم جا ڪم آهن جن جي سبب رابلي ٻولي (Rabelaisian) جا ڪيترائي لفظ ڊڪشنري ۾ شامل ٿي ويا آهن.

انهي سگهاري نوجوان جهنگلي جي تعليم جي بيان لاءِ به ڪيترائي باب وقف ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي وچئين دور جي پس مانده اسڪولن تي هڪ طنز سمجھيو وڃي ٿو. آخر ۾ سندس پي اهو محسوس ڪيو ته هو جيتوڻيڪ محنت سان پڙهي ٿو ۽ پنهنجو سمورو وقت تعليم تي ڏئي ٿو ته به کيس ڪو فائدو نه ٿيو آهي ۽ پر اڃا خراب ڳالهه اها ٿي آهي ته هو انهي تعليم سان بيوقوف، سادو، وائڙو ۽ احمق ٿي پيو آهي. تنهن ڪري کيس اسڪولي استادن وٽان اٿاريو ويو جن جي ڄاڻ ۽ علم وحشانيت کان سواءِ ڪجھ به نه هئي. پوءِ کيس پيرس موڪليو ويو جتي حالتون گهڻيون بهتر هيون. اتي شاگرد نه فقط ڪتابن پر عملي ڪم ذريعي به سکيا وٺندا هئا ۽ نه فقط سرڪاري ليڪچر ٻڌندا هئا پر پردا غاليچا وڪرو ڪندڙن، ڪورين، گهڙي سازن، پرنٽرن، سونارن ۽ ٻين هنرمندن جا ڪارخانا به وڃي ڏسندا هئا ۽ دوا فروشن، دواسازن ۽ سنياسين جي دڪانن تي به ويندا هئا.

گارگنٽئا اهڙي طرح نظرداري هيٺ رهندي پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري رکيو ۽ جيئن توهان پاڻ سمجي سگهو ٿا ته هو پنهنجي عمر جي نوجوان وانگر هوش ڀريل سمجهه ۽ لڳاتار نظم ضبط سان روز بروز ترقي ڪندو ويو. اهي ڳالهيون شروع ۾ جيتوڻيڪ ڪجھ ڏکيون هيون پر ڪجھ وقت پوءِ ايتريون ته خوشگوار، ايتريون ته سوليون ۽ ايتريون ته وڻندڙ ٿي پيون جو اهي ڪنهن اسڪالر جو تعليمي ڪورس نه پر ڪنهن بادشاهه جي وندر ورونهه ٿي پيون. اهڙي قسم جي ٽڪري مان اسان کي انسان دوست دوست تحريڪ جي تمام بهترين ۽ تمام اعليٰ خيالن جو اظهار ملي ٿو.

گارگنٽئا کي پنهنجي پيءُ پيرس مان واپس گهرائي ورتو جو هو پائڪروچول نالي پاڙيسري بادشاهه سان جنگ ۾ مصروف ٿي ويو هو. انهي جنگ جو تمام تفصيل ۽ طوالت سان بيان ڏنو ويو آهي ۽ رابلي گارگنٽئا جي ڌر واري مکيه سورمي جي تصوير ڪشي ڏاڍي خوشي سان ڪري ٿو. اهو فريار جان نالي هڪ رنگين مزاج ۽ تمام بدنام مذهبي ماڻهو هو. آخرڪار پائڪروچول کي شڪست آئي ۽ امن امان بحال ٿي ويو. پوءِ گارگنٽئا هڪ خانقاه قائم ڪرڻ ۾ لڳي ويو جنهن جو وڏو پادري (Abbot) شايد فريار جان مقرر ٿئي. اهو تازي پڄاڻي تي پهتل جنگ ۾ سندس مهارت جو انعام هجي ها.

انهي Abbey of thelema جو بيان ڪتاب جي تمام باتفصيل ادبي ٽڪرن مان هڪ آهي. صاف ظاهر آهي ته رابلي جو ارادو ڪنهن اهڙي شي بيان ڪرڻ جو هو جيڪا انهن خانقاهن کان هر لحاظ کان ابتڙ هجي جن کان هو تمام گهڻو واقف هو. هاڻي سڀ کان اڳ اها ڳالهه ته ”گارگنٽئا لکي ٿو، توهان پنهنجي خانقاه جي چوگرد ڀت هرگز نه ٺاهيو ڇاڪاڻ ته سڀني خانقاهن کي مضبوط ڀتيون هونديون آهن ۽ اهي ڪوٽ اندر اچي وينديون آهن....... ۽ جيئن ته ٻيون سموريون خانقاهون چوديواري اندر هونديون آهن ۽ اتي وقت جو ڪلاڪن جي حساب سان شيڊول ٺهيل هوندو آهي. تنهن ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته هن نئين عمارت ۾ ڪو گهڙيال ۽ ڊائل نه هوندو ۽ موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان وقت گذرندو ويندو ڇاڪاڻ ته گارگنٽئا چيو ته منهنجي خيال ۾ وقت جو سڀ کان وڏو زيان وقت جو حساب ڪرڻ ۾ آهي. انهي مان ڪهڙو فائدو ٿو ملي؟ دنيا ۾ انهي کان وڌيڪ ڪو بيعقلي جو ڪم ٿي ئي نه ٿو سگهي جو پنهنجا ڪم ڪار پنهنجي مرضي ۽ فيصلي بجاء ڪنهن گهنڊ جي آواز تي ڪجن.

ڪجھ اڃا غير معمولي ٽڪرا به اڳتي اچن ٿا. انهن مان هڪ هي آهي: جيئن ته ڪنهن به مذهبي فرقي ۾ داخل ٿيندڙ مردن توڙي عورتن کي آزمائشي سال گذرڻ کان پوءِ پنهنجي زندگي جا سمورا ڏينهن اتي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي تنهن ڪري اهو فرمان جاري ڪيو ويو ته هن خانقاه ۾ داخل ٿيندڙ مردن توڙي عورتن کي مڪمل اجازت هوندي ته اهي جڏهن به بهتر سمجھن پنهنجي رضا خوشي سان خانقاه ڇڏي هليا وڃن.“ ٻئي جاء تي آهي: جيئن ته مذهبي مرد ۽ عورتون عام طور ٽن قسمن جا حلف کڻندا آهن ته اهي پاڪ دامن رهندا، غريب رهندا ۽ فرمانبردر رهندا پر اهو قانون ٺاهيو ويو ۽ طي ڪيو ويو ته هن خانقاه ۾ اهي عزت آبرو سان شادي ڪري سگهن ٿا، اهي پئسو پائي رکي سگهن ٿا ۽ آزادي سان ڪنهن جي تابعداري ڪرڻ کان سواءِ رهي سگهن ٿا. خود انهي جي عمارت به هڪ شاهي محل هئي. انهي ۾ ساز سامان تمام آرامده رکيل هو ۽ اتان جي رهواسين کي به خانقاهي سلسلن وارا سادا ۽ بي زيبا ڪپڙا نه پر تمام تيز رنگن وارا فيشني ڪپڙا پهريل هئا.

انهي نئين خانقاه جا قاعدا قانون ڪهڙا هئا؟ انهن کي فقط انهي هڪ قانون جي پيروي ڪرڻي هئي ته: جيڪو وڻيو اهو ڪريو. انهن جي سموري زندگي قاعدن قانونن ۽ ضابطن ۾ نه پر پنهنجي مرضي ۽ خوشي مطابق گذرندي هئي. اهي کائڻ پيئڻ، ڪم ڪار ڪرڻ ۽ سمهڻ جا ڪم به پنهنجي مرضي سان ڪندا هئا. انهن کي ڪير به ننڊ مان اٿاريندو نه هو نه ئي ڪير انهن کي کائڻ پيئڻ يا ڪم ڪار ڪرڻ تي مجبور ڪندو هو. اهي سڀ ڳالهيون گارگنٽئا رائج ڪيون هيون.“ ۽ اسين جيڪڏهن سوچيون ته هن اهو ڪم ڇو ڪيو هو ته انهي جو جواب هي آهي ته ”سڀ انسان آزاد آهن، سٺن ماء پي جي اولاد آهن، انهن جي پرورش ۽ پالنا سٺي ٿي آهي ۽ اهي معززن جي صحبت ۾ اٿيا ويٺا آهن ۽ انهن ۾ اهڙي فطري جبلت ۽ ترغيب موجود آهي جيڪا انهن کي نيڪي جي ڪمن تي اڀاري ٿي ۽ انهن کي برائي کان پري ڪري ٿي. انهيءَ کي عزت چئبو آهي. انهن ساڳين ئي ماڻهن جي پرورش جڏهن نيچ قسم جي ماتحتي ۽ روڪ ٽوڪ هيٺ ٿيندي آهي ته اهي انهيءَ شانائتي مزاج کان ڦري ويندا آهن. جنهن سبب اڳ ۾ انهن جو نيڪي ڏانهن لاڙو هوندو هو ۽ جنهن جي مدد سان اهي غلامي جون زنجيرون ڀڄي لاهي ڇڏيندا هئا. اها ڳالهه انسان جي مزاج موافق آهي ته هو منع ٿيل ڳالهين جون سڌون ڪندو آهي ۽ جيڪي شيون وٽس نه هونديون آهن اهي حاصل ڪرڻ جون تمنائون ڪندو آهي.

ٻئي ڪتاب ۾ اسان کي پينٽاگروئيل سان متعارف ڪرايو ويو آهي. اهو سموري ڪتاب جو مکيه هيرو آهي. اها 484 جي دور جي ڳالهه آهي جو گارگنٽئا کي پنهنجي بڊيبڪ نالي زال مان پينٽاگروئيل پٽ ڄائو. سندس زال يوٽوپيا ملڪ ۾ (سر ٿامس مور جي يوٽوپيا ڏانهن هڪ دلچسپ اشارو جيڪو چاليهه ورهيه اڳ لاطيني ۾ ڇپيو هو) اماروٽس جي بادشاهه جي ڌي هئي. اهو ٻار ايترو حيرت انگيز طور وڏو ۽ ٿلهو متارو هو جو سندس ماء کيس جنم ڏيڻ دوران فوت ٿي وئي. هن کان اڳ ۾ سندس پي وانگر هو به جڏهن چڱي وڏي عمر جو ٿيو ته کيس پيرس يونيورسٽي موڪليو ويو، جتي هو تمام محنت سان پڙهيو ۽ ان مان لاڀ به حاصل ڪيائين ڇو ته سندس سمجھ تمام بهترين هئي ۽ عقل ۽ دماغ به سٺا هئس.

پينٽاگروئيل پيرس ۾ رهندي پينرج Panurge سان واقفيت پيدا ڪئي. انهي جو بيان ڏيندي رابلي کي ضرور حقيقي زندگي جو ڪو هل هنگامو ڪندڙ بي پرواه نوجوان ذهن ۾ هوندو. پينرج نه تمام ڊگهو نه تمام بندرو پر وچولي قد جو مالڪ هو. سندس نڪ ڪنهن پاڪي جي هٿيي وانگر ڪنهن حد تائين باز جي چهنب جهڙو هو. هن جي عمر تڏهن 35 ورهيه يا ان جي لڳ ڀڳ هئي. هو تمام دلير ۽ همٿ وارو هو هن ۾ فقط اها خامي هئي ته هو ڪجھ شهوت پرست هو ۽ سڀاويڪ طور هڪ اهڙي مرض ۾ ورتل هو جنهن کي انهي وقت پئسي جي کوٽ چيو ويندو هو. اها جيتوڻيڪ تمام وڏي ڏک جي ڳالهه آهي. پر ضرورت جي وقت انهي تي حاوي ٿيڻ جا هن وٽ 63 طريقا هئا. انهن مان تمام عزت وارو ۽ تمام عام رواجي طريقو چوري ڪرڻ، لڪ ڇپ ۾ ڪنهن جي شي ڪڍي وٺڻ ۽ هلندي ڦرندي ڪنهن جو ذرو پرزو کڻي وٺڻ هو. هو تمام گندو، شهوتي ۽ بدمعاش هو. انهي سان گڏوگڏ وڏو ٺڳ، شرابي، هنگامي باز، رولو ۽ تمام بدچلن ۽ بدڪار شخص پڻ هو. پر ٻين ڳالهين ۾ هو ڄڻ ته دنيا جو سڀ کان وڌيڪ نيڪوڪار شخص هو. پر انهي هوندي به هو ڪا نه ڪا سٽ سٽيندو رهندو هو ۽ چوڪيدارن ۽ پوليس عملدارن خلاف ڪا شرارت سوچيندو رهندو هو.

ٽئين حصي جو نالو جيتوڻيڪ پينٽاگروئيل جا سورميائي ڪارناما ۽ چوڻيون“ آهي پر انهي جو گهڻي ڀاڱي تعلق انهي ڏاڍي دلچسپ بدمعاش جي قولن ۽ فعلن ۽ خاص طور پينرج جي شادي ڪرڻ جي پڪي ارادي سان آهي. پوءِ چوٿين ۽ پنجين حصي ۾ (اهي ارڪوهارٽ نه پر پيٽرلي موٽي پاران 1694ع ترجمو ٿيل آهن. هن ترجمو ايترو مزي سان نه ڪيو آهي. اسان کي ٻڌايل آهي ته پينٽاگروئيل، پينرج ۽ سندن دوست ڪيئن Oracle of holy bottle (پاڪ شيشي جو فال گهر) ڏسڻ لاءِ سفر تي نڪرن ٿا. اهي مسافر پنهنجي سفر ۾ ڪيترن ئي عجيب ماڻهن ۽ مهم جوئن سان ملن ٿا ۽ اها مڃيل ڳالهه لڳي ٿي ته انهي بيان جو دارومدار آرڪٽڪ ۾ لهي پوندڙ انهن دريافتي سفر ڪندڙن پاران آندل قصن تي آهي جيڪي انڊيا ڏانهن اتر اولهه وارو رستو ڳولڻ ويا هئا. اهي آخرڪار بتين جي سرزمين (Land of Lanterns) تي پهتا جتي انهن کي هڪ عبادتگاهه جي تهه خاني ۾ مقدس شيشو ڏيکاريو ويو جيڪو جپسم جي هڪ چشمي تي بيٺو هو. پينٽاگروئيل ۽ پينرج مزار جي نگران معزز پادرڻ بڪبڪ (Bacbuc) جي هدايتن تي ڌيان سان هلندي فال گهرجي آڏو هي سوال رکيو: ”شيشا! تنهنجي پراسرار اونهائي ۾ ڏهه هزار ڳجھ دفن آهن، آءُ پُرغور ڪنن سان اوسيئڙي ۾ آهيان. منهنجي ذهن کي سڪون ڏي ۽ منهنجي نصيب بابت اڳڪٿي ڪر. انهيءَ کان بنا دير پوءِ ٽرنڪ (Trinc) جو لفظ ٻڌڻ ۾ آيو. جنهن جي بڪبڪ وضاحت ڪئي ته اهو لفظ دنيا جون سڀ قومون سمجهنديون ۽ ڪتب آڻينديون آهن ۽ اهو شراب ڏانهن اشارو ڪري ٿو. پينرج ڪنهن پراسرار سبب جي ڪري سمجھي ويو ته اهو لفظ سندس شادي جي اجازت آهي ۽ انهي تي آکاڻي پڄاڻي تي پهچي ٿي.

گارگنٽئا ۽ پينٽاگروئيل جي پنجن حصن مان فقط پهرين ٻن جي سبب رابيلائيزين (Rabelaisian) جو اصطلاح ٺهيو آهي. جنهن جي لغات ۾ وضاحت هن طرح ڏنل آهي: تمام گهڻو پُر مزاح تمام وڏو وات ڦاٽوڙو، گندي نموني ۾ ناشائسته، رابلي کي واقعي منهن تي چئي ڏيڻ ۾ مزو ايندو هو ۽ هن انهي کي ٻيو ڪو نالو ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. هن جي مکيه دلچسپي انساني جانور جي سرگرمين، کائڻ، پيئڻ، جنمڻ ۽ هضم جي عمل ۾ هئي. سندس مزاح بنيادي طور جنس ۽ اخراجي نظام سان لاڳاپيل آهي. انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو سگهاري جسم جو مالڪ هو ۽ سندس مزاح به هن وانگر کهرو ۽ لطافت کان خالي آهي هو مردن ۽ عورتن جي محبت جي معاملن ۾ کل جھڙين نمائشن تي ڏاڍو کلندو هو ۽ بدڪار عورتن کي کل ڀوڳ لاءِ تمام وڻندڙ ڳالهه سمجھندو هو. هو عورتن کي تمام گهٽ نظر سان ڏسندو هو ۽ چوندو هو ته اهي واقعي ڪارآمد آهن پر فقط تمام بنيادي مقصدن لاءِ . پر اها ڳالهه تمام ضرور مڃڻ گهرجي ته هن جي تحرير ۾ اسٽرن جهڙي لڪيل نا شائستگي يا گندي ذهن واري مذهبي ڊين سئفٽ واري ڇتي اگهاڙپ به نه آهي.

انگريزي زبان ۾ هڪ ٻيو لفظ آڻڻ جو ذميوار رابلي آهي. اهو آهي پينٽاگروئيلزم. هو ڪتاب جي چوٿين حصي جي مهاڳ ۾ انهي جي وصف هيئن ٿو ڪري: اها مقدر ۽ قسمت جي ڌڪار ۾ پڪل ذهن جي هڪ قسم جي خوشي آهي. اها وصف هن تي منڊي جي ٽڪ وانگر ٺهڪي اچي ٿي. هو پهريون ۽ سڀ کان اهم پينٽاگروئيليائي هو. هو جڏهن دنيا جي مسئلن تي نظر وجھندو هو ته پنهنجي آسپاس رهندڙ ماڻهن جي عجيب حرڪتن تي خوش ٿيڻ کان سواءِ نه رهي سگهندو هو پر هو ساڳئي وقت هٿ جي ٺاهن ۽ ڪوڙن منجھان همٿ ۽ بهادري جي پڪي پاڙ ۽ انساني قدر و قيمت کي به پرکي وٺندو هو.

 

17. مانٽين جا ايسيز

-- Montaigne’s Essays --

 

جن نوجوانن کي امتحانن لاءِ مانٽين پڙهڻو پوندو آهي انهن کي سندس Essays هڪ اهڙو بي فائدي ڪتاب لڳندو آهي جيڪو جيتوڻيڪ ڏاهپ ڀريل ڳالهين سان ڀريل آهي پر اهي هاڻي عام رواجي ٿي ويون آهن ۽ اهو ته اهو ڪتاب لاطيني ۽ يوناني ٻولي جي ليکڪن جي اقتباسن سان ڀريل آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مانٽين پهريون شخص هو جنهن مڃيل اعتقادن بابت سوال اٿاريا (سندس رهنما قول هو: مون کي ڪهڙين ڳالهين جي واقعي خبر آهي) انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته کيس تمام گهڻي ذهني آزادي هئي. هو پنهنجي دور ۾ روشن خيال هو. هن تشدد جي مخالفت ۾ شدت سان لکيو، اسپينين پاران ميڪسيڪو ۽ ڪيوبا ۾ ظلمن تي انهن جي نندا ڪيائين ۽ پڻ انساني جسم جي وڍ ٽڪ جو دفاع ڪيائين. پر انهن سڀني ڳالهين جو اهو مطلب نه آهي ته Essays مان اسان کي موجوده دور ۾ گهڻو ڪجھ ملي سگهي ٿو. ڪجھ ناميارن ليکڪن اهو به چيو آهي ته Essays وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ آهن. مثال طور مانٽين جي هڪ مداح اينڊريو لينگ لکيو آهي: ”هو مردن جو ليکڪ آهي، عورتن جو نه، هو ٿڪل ٽٽل ماڻهو جو ليکڪ آهي تازي تواني جو نه، اسين سڀ هن ڏانهن رخ ڪريون ٿا پر درحقيقت دير سان. آخرڪار اسين سندس تختا لڳل ڪتبخاني ۾ آرام ڪريون ٿا“. اهڙي طرح هڪ اهڙي وڏي عمر جي گوشه نشين ماڻهو جي تصوير سامهون اچي ٿي جيڪو گهوڙي گاڏين ۽ انساني فخر ۽ غرور کان ٻارن جي تعليم بابت سوچ ويچار ڪندو رهي ٿو. سندس ڳالهيون ڏاهپ ڀرين چوڻين ۽ عجيب واقعن سان ڀريل آهن. بلاشڪ ته هو پنهنجن اندازن ۾ ڪنهن حد تائين دليري کان ڪم وٺي ٿو پر هن وَٽ اهڙِي نسل کي چوڻ لاءِ گهڻو ڪجھ نه آهي جيڪو Out lines of History، فرائيڊ جي نفسيات ۽ سارتر کان وٺي نوجوان آمريڪي ناول نگارن تائين لڪڙ هضم پٿر هصم ڪيون ويٺو آهي.

نوجوانن جي اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته اهي جيڪو ڪجھ پڙهن انهي کي ڪا جوش ۾ آڻيندڙ معنيٰ ضرور هئڻ گهرجي. اهو مفروضو به بلڪل غلط آهي ته انهن کي Essays جي ليکڪ وٽ فقط شانائتا ۽ وڻندڙ ڏاها ملندا. اينڊريولينگ جي مٿي ڏنل جملن مان هيءَ ننڍڙي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته: ”آخر ۾ اسين سندس تختا لڳل ڪتب خاني ۾ آرام ڪندا آهيون“. مانٽين هڪ خوشحال ماڻهو هو ۽ بورڊو جي ويجھو ڊور ڊون ندي تي هڪ شاندار محل ۾ رهندو هو. پر هن پنهنجا Essays ڪنهن تختا لڳل ڪتب خاني ۾ نه لکيا هئا. اهي ته هن هڪ اهڙي اونداهي ڪمري ۾ لکيا هئا جيڪو ڪتابن جي ميرن سَٿن سان ڀريو پيو هوندو هو. اهو ڪمرو هڪ اهڙي ميناري ۾ هو جيڪو محل کان بلڪل جدا هو ۽ هو گهڻو ڪري سمهندو به انهي ۾ هو ۽ پيريءَ ۾ ته پنهنجو گهڻو وقت انهي ۾ گذاريائين ويندي عشاء رباني واريون دعائون به اڪيلو ٻڌندو هو. مانٽين کي اڪيلائپ پسند هوندي هئي ۽ لکيو اٿائين: دنيا ۾ سموري مصيبت انهي ڪري آهي جو ماڻهو ڪجھ ڪلاڪن لاءِ پنهنجي منهن اڪيلو نه ٿو ٿي سگهي.

پر مانٽين طبيعت جي لحاظ کان ڪڏهن به گوشه نشين نه هو. انهي جي ابتڙ کيس ماڻهن جي مجلس ۽ ڳالهه ٻولهه وڻندي هئي. هو بي اختيار ڀوڳ چرچو ڪري وٺندو هو. (پر سندس طبيعت ڪڏهن ماسو ته ڪڏهن سير هوندي هئي......) طبيعت تي اهو رنگ گهڻو ڪري ماليخوليا جي سبب چڙهندو آهي. هو به انهي جو مريض هو. نه ئي هن ڪا ٻين کان الڳ ٿلڳ ۽ محفوظ زندگي گذاري هئي. هو 1533ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ پيري آءٌ ڪئيم ڊي مانٽين اها ڳالهه سامهون رکي سندس پرورش ڪئي هئي ته کيس ڪنهن به جھل پل ۽ نظم ضبط کان بچائيندو ۽ کيس آزاديءَ سان ۽ سندس سڀاء مطابق وڌڻ ويجھڻ ڏيندو. هن جو اهو به ارادو هو ته هو کيس هڪ اسڪالر ۽ عقلمند ماڻهو ڪندو مانٽين کي موسيقي جي آواز تي ننڊ مان اٿاريو ويندو هو ۽ کيس اهڙو ڪوبه ڪم ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو ويندو هو جيڪو هو ڪرڻ نه چاهيندو هجي. کيس محل جي ڀرسان واري ڳوٺ مان ٻه هاري ڏنا ويا هئا جيئن هو هر قسم جي ماڻهن کي سمجھي سگهي. هن سان ڇهن ورهين جي ڄمار تائين لاطيني کان سواءِ ٻي ڪنهن به ٻولي ۾ گفتگو نه ڪئي وئي جيئن اها سندس پهرئين زبان ٿي سگهي. ويندي سندس ماءُ پي کي چڱي لاطيني سکڻي پئي جيئن اهي پنهنجي ٻار سان ڳالهائي سگهن.

اهو روشن خيال ۽ خبطي پيءُ به عجيب قسم جو ماڻهو هو. اهو ڪنهن اهڙي ڪٽنب جي ٻئين نسل جو مخصوص نمونو هو جيڪو امير ٿي دنيا ۾ مٿاهين طبقي ۾ اچي ويندو آهي. مانٽين جو ڏاڏو بورڊو جي هڪ واپاري گهراڻي جو آخري ۽ سڀ کان ڪامياب فرد هو. اهي ٻين شين سان گڏوگڏ Herrings مڇيون پڻ وڪڻندا هئا. هن جڏهن محل خريد ڪيو ته علائقي جي هيٺاهين درجي وارن اميرن سان تعلق جو حق به حاصل ڪري ورتو. اهو حق سندس پوٽي کي ڏاڍو دلپسند هوندو هو. مائيڪل ڊمانٽين به وولٽيئر وانگر وڏ ماڻهپيءَ جو شان ڏيکارڻ جي مرض کان خالي نه هو ۽ هن آئي ڪئيم وارو خانداني نالو به پنهنجي نالي مان خارج ڪري ڇڏيو هو جو انهي مان هنرمندن ۽ ڪاريگرن واري بوءِ ايندي هئي. اها ڳالهه به دلچسپي کان خالي نه آهي ته مانٽينEssays جي متن ۾ پنهنجي ذات جي باري ۾ ته تمام گهڻو لکيو آهي پر انهن ۾ سندس اسپيني يهودي نسل واري ماءُ اينٽونيٽ ڊيلوپيس جو ذڪر ئي نه آهي. اڃا وڌيڪ عجيب ڳالهه اها آهي ته سندس ماءُ هن جي وفات کان پوءِ به زنده هئي.

مائيڪل ڊمانٽين کي بورڊو ۾ College de Guyenne ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. اهو انهيءَ وقت يورپ جو هڪ بهترين اسڪول ليکيو ويندو هو. اتان جي تعليم جو اهم موضوع لاطيني زبان هو ۽ هو ٿوري وقت ۾ ئي لاطيني زبان جي ڄاڻ ۾ پنهنجن پروفيسرن جي برابر ٿي ويو. اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ هو پنهنجي پيءُ جي پيروي ڪندي پنهنجي صوبي جي گادي جي هنڌ پيري جيو ۾ اسٽيٽ مئجسٽريٽ ٿي ويو. هو ڪيترائي دفعا پيرس ويو جتي شاهي درٻار ۾ به کيس گهرايو ويو. انهي دور ۾ هن ڪيترائي معاشقا به ڪيا ۽ هن جي Defiance de la Boetie سان به دوستي ٿي. اهو هڪ ذهين نوجوان هو ۽مانٽين وانگر پيري گورڊ ۾ پيدا ٿيو هو. انهي جي وفات تي سندس دوست کي ڏاڍو صدمو رسيو هو.

مانٽين جي سموري زندگي ۾ فرانس شدت پسند ڪيٿولڪن ۽ فرانسي پروٽيسٽنٽن (هيوجيناٽس) ۾ اختلافن جو شڪار رهيو. انهي دوران ڪيٿولڪن جو اڳواڻ ڊيوڪ آف گائس هو. اهي اختلاف ۽ تڪرار هلندي هلندي ڪڏهن ڪڏهن گهرو لڙائي جي صورت به اختيار ڪري ويندا هئا. پوءِ وري فرانسي بادشاهت وچ ۾ پئي صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. مانٽين ڪيٿولڪ هو. سندس پيءُ جي روشن خيالي ايتري حد تائين وڌيڪ هئي جو هن هڪ ڀاءُ ۽ هڪ ڀيڻ پاران پروٽيسٽنٽ ٿيڻ تي به ڪو اعتراض نه ڪيو- ۽ هن جو تعلق بادشاهه جي پارٽي سان هو. هو ته چارلس نائين ۽ هينري ٽيئن جو دوست هو. هينري ٽئين کي پوءِ هڪ يسوعي پادري قتل ڪري ڇڏيو جو هن ڊيوڪ آف گائيس کي قتل ڪرايو هو. مانٽين 1572ع ۾ سينٽ بار ٿو لوميو جي قتلام کان پوءِ ڊيوڪ آف گائيس ۽ هينري آف نيوار ۾ ٽياڪڙي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هينري آف نيوار پروٽيسٽنٽن جو اڳواڻ هو.

مانٽين پنهنجي علائقي ۾ شاهي پارٽي جي اڳواڻ طور وقفي وقفي سان پر ڏاڍي شدت سان سرگرم رهندو هو. شاهي پارٽي ٻنهي پاسن جي شدت پسندن سان وڙهندي هئي. هو 1581ع ۾ جرمني، سئٽزرلينڊ ۽ اٽلي جي 17 مهينن جي سفر کان پوءِ واپس آيو. انهي سفر جي پڄاڻي تي هو روم ۾ ڪجھ وقت ترسيو هو. واپس اچڻ تي کيس خبر پئي ته بادشاهه کيس بورڊيو جو ميئر مقرر ڪري ڇڏيو هو. اهو جيتوڻيڪ شاهپرستن جو شهر هو پر ڪيٿولڪ ليگ ۽ پروٽيسٽنٽن ٻنهي کان خطري ۾ هو. هن اهو عهدو ٻن مُدن لاءِ مجموعي طور چار ورهيه ۽ وڏي ڪاميابي سان هلايو. سندس عهدي جي مُدي جي آخري سال دوران شهر جا اڌ رهواسي پليگ ۾ مري ختم ٿي ويا ۽ اوڻيهين صدي جي ليکڪن مانٽين تي انهي ڳالهه تي چڱا چوهه ڇنڊيا آهن ته هو ميئر طور پنهنجيون ذميواريون پنهنجي جانشين کي ڏئي شهر جي مرڪز کان ٻاهر رهڻ لڳو هو. مانٽين غير ضروري خطرن کان پاسو ڪرڻ ۾ يقين رکندو هو. پليگ 1586ع ۾ ڪاسٽيلون جي شهر ۾ ۽ سندس محل جي بلڪل ويجھو پهچي وئي ۽ هن ۽ سندس ڪٽنب کي ڇهه مهينا ڳوٺن ۾ گاڏين ۾ گذارڻا پيا.

سندس Essays جا پهريان ٽي جلد پيرس ۾ 1588ع ۾ ڇپيا. اهو اسپيني آرماڙ وارو سال آهي. انهي ئي سال مانٽين پيرس ويو جو هينري آف نيوار طرفان ڪجھ اهم ڪم سندس حوالي ڪيا ويا. هو هينري ٽئين جي قتل کان پوءِ شاهي درٻار مان ويو هليو ۽ هينري چوٿين، ڪنگ آف نيوار پاران فرانس جو بادشاهه ٿيڻ کان پوءِ 1591ع ۾ فوت ٿي ويو. پر انهيءَ کان اڳ هينري ليگ کان پيرس جو قبضو ڇڏائي ورتو هو ۽ پنهنجو اهو مشهور بيان ڏئي ڇڏيو هئائين ته: ”پيرس عشاء رباني جي هڪ دعا لهي.“ (Paris was worth a Mass) مانٽين اهڙي ڳالهه کي پسنديدگي جي نظر سان ڏسي ها. مانٽين پاران هينري آف نيوار کي لکيل ڪيترن ئي خطن مان مانٽين هڪ وات ڦاٽوڙي صلاحڪار جي ڪردار ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جهڙي طرح Essays مان سندس ماء کي نيڪالي مليل آهي تهڙي طرح اهي پڙهڻ سان ڪنهن کي به اهو اندازو نه ٿيندو ته ليکڪ عظيم واقعن ۾ ڪو حصو ورتوهو. اهي يادگيرين جا ڪتاب نه آهن.

مانٽين پاران پنهنجي مينار ۾ الڳ ٿلڳ رهڻ ۽ نسبتاً وڏي عمر ۾ به تڪڙا تڪڙا سفر ڪرڻ (هو 59 ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿيو) شادي ۽ پنهنجي گهراڻي جي ذميوارين کان بچڻ جو ذريعو هئا. هن کي پنهنجي شادي مان 6 ٻار هئا. ”انهن مان ٻه يا ٽي ويم دوران مري ويا“. هن ڏاڍي عام رواجي نموني لکيو آهي. ۽ ڇهن ٻارن مان فقط هڪ ڌيءَ- انهي سان به سندس ڪا ذهني هم اهنکي نه هئي- بلوغت جي عمر تائين زنده رهي. شادي هن لکيو آهي، ”هڪ سودو آهي جيڪو ڪرڻ ۾ ته آزادي آهي پر انهي کي جاري رکڻ ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون ۽ مجبوريون آهن جنهن جو دارومدار اسان جي خواهش نه پر ٻين ڳالهين تي آهي.“ هن اهو به لکيو آهي ته: ”آءٌ ذميوارين ۽ ٻارن کي ڪلهن تان لاهي اڇلائڻ جو ايترو ته شوقين آهيان جو مون ڪڏهن ڪڏهن ته احسان فراموشي، گستاخين ۽ بيعزتين کي به فائديمند سمجھيو آهي.... ڪنهن پاران زيادتي ٿيڻ تي آءٌ سمجھندو آهيان ته منهنجي جان ڇٽي ۽ منهنجو قرض ادا ٿي ويو.“ منهنجي نظر ۾، هو لکي ٿو، ”ويجھي مٽي مائٽي نقصن کي گهٽ نه ٿي ڪري پر اڃا وڌائي ٿي. هن کي گهريلو ذميدارين کان نفرت هوندي هئي ۽ هن اڪثر جاين تي لکيو آهي ته هن زندگي ۾ سندس مکيه مقصد زندگي کي آرام ۽ سڪون سان گذارڻ آهي. سورهين صدي ۾ ڪنهن گهر جي سربراهه جون ذميواريون اڄ جي دور کان وڌيڪ هونديون هيون جو تڏهن زندگي گذارڻ جو گهڻو دارومدار مقامي بندوبست تي هوندو هو.

مانٽين کي پنهنجي پيءُ کان هڪ وڏي دولت ورثي ۾ ملي هئي جنهن ۾ اضافي جي هن ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي. هو فقط انهي تي مطمئن رهيو ته انهي کي جلدي کائي ختم نه ڪري ڇڏجي. ”توهان گهر ۾“، هو لکي ٿو، ”هر شي جو تمام گهرائي سان جائزو پيا وٺندا آهيون. توهان جي فراست توهان کي تڪليف ڏيندي آهي. آءُ امتحان ۽ سوال جواب کان پاسو ڪندو آهيان. ته به آءٌ ڪنهن اهڙي ڳالهه يا مسئلي ۾ پئجي وڃڻ کان بچي نه سگهندو آهيان جنهن کي آءُ پسند نه ڪندو هجان.“ هو تنهن ڪري سفر کي پسند ڪندو هو ۽ اڪثر وڏن يا ننڍن سفرن تي هليو ويندو هو. کيس سفر ۾ فقط اها خامي نظر ايندي هئي جو انهي تي خرچ ايندو هو. هو سفر کي فقط انهي ڪري پسند نه ڪندو هو جو اهو کيس پنهنجي ڪٽنب کان جدا ڪندو هو پر انهي ڪري به جو هو سمجھندو هو ته انهي ۾ هميشه اهو فائدو آهي ته جو انهي ذريعي ماڻهو خراب حالت مان غير يقيني حالت ۾ وڃي ٿو هليو ۽ هو پنهنجي مرضي سان جيڪي نيون نيون واقفيتون پيدا ڪندو هو اهي کيس پنهنجي ۽ اوڙي پاڙي جي عام رواجي واقفيت کان بهتر لڳنديون هيون. فطرت اسان کي دنيا ۾ آزاد موڪليو آهي ۽ اسين پاڻ کي ڪجھ محدود علائقن ۾ قيد ٿا ڪري ڇڏيون.“ هو پاڻ کي پولينڊين جي به ايترو ئي ويجهو سمجھندو هو جيترو فرانسين جي ۽ هو جڏهن ملڪ کان ٻاهر هوندو هو ۽ جڏهن ڪنهن هوٽل ۾ هن کان پڇيو ويندو هو ته ڇا فرانسي طريقي مطابق ماني پيش ڪئي وڃي ته هو انهيءَ ڳالهه تي کلي ڏيندو هو ۽ سڌو انهي ٽيبل هليو ويندو هو جيڪا غير ملڪين سان ڀريل هوندي هئي.

مانٽين جا Essays نه يادگيريون آهن نه ئي ”اعتراف“ آهن. ڪيترا ليکڪ جڏهن پنهنجي باري ۾ لکندا آهن ته يا ته پنهنجي ذات ۽ عملن کي حق بجانب ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن يا اهو اعتراف ڪندا اهن ته اهي پنهنجي ماضي مان ناخوش آهن ۽ پاڻ کي ٻين ماڻهن لاءِ عزتدار چتاء ڏيندڙ جي روپ ۾ پيش ڪندا آهن. مانٽين ائين نه آهي. مانٽين انهي مفروضي کان شروعات ڪري ٿو ته اسان مان سڀني کي پاڻ کان سواءِ ٻي ڪابه شي دلچسپ نه ٿي لڳي ۽ هر هڪ ماڻهو اهو ٿو سمجھي ته سندس اڀياس جو موضوع اهو هئڻ گهرجي جيڪو هن پاڻ محسوس ڪيو آهي يا سندس تجربي ۾ آيو آهي.

مانٽين کي عام طور سڀ انسان ۽ هو خود پاڻ تبديل ٿيندڙ ۽ غير مستقل نظر آيا. مانٽين جنهن ڳالهه کي انسان جي تڪليفن جو مکيه سبب سمجهي ٿو اها هي آهي ته هن اهڙا نظام کڙا ڪري ڇڏيا آهن جيئن پاڻ کي حق بجانب ثابت ڪري سگهي يا پاڻ کي ڪنهن رستي تي هلائڻ لاءِ مجبور ڪري سگهي. مانٽين جو خيال هو ته کيس پنهنجي چوڌاري نطر ايندڙ اڻ سهپ ۽ ظلم انهي مان جنم وٺن ٿا ۽ اهي ٻئي ڳالهيون ئي تڏهن توڙي اڄ جي زندگي جون نمايان خصوصيتيون آهن.

مانٽين جا Essays ڊيگهه جي لحاظ کان به مختلف آهن. ڪجھ هڪ يا ٻن صفحن تي آهن ته هڪ 300 صفحن تي به آهي. جيئن ”Apology of Raymond de Sebond انهي سوچ جي غلطي تي ٻڌل هئڻ بابت گهڻو ڪري تمام دلچسپ ويچارن جو هڪ سلسلو آهي ته سچ ۽ صداقت ڪنهن مخصوص عقيدي يا هلت چلت جي ڪنهن خاص طريقي ۾ سمايل آهي. مانٽين کي جيڪڏهن ڪي مذهبي عقيدا هئا ته انهن جو اختصار Vanity نالي سندس ڊگهي مضمون جي آخر ۾ ڏنل آهي.

هو ڊيلفي جي فال گهر هٿان انهن ماڻهن جي نندا ڪرائي ٿو جيڪي سمجھن ٿا ته اهي سموري عالم کي پنهنجي احاطي ۾ آڻي سگهن ٿا ۽ جيڪي پنهنجن ذهنن کي اجاين مفروضن ۾ وڃائيندا ٿا وتن.

”اي انسان! توکان سواءِ هر شي سڀ کان اڳ پنهنجو اڀياس ڪري ٿي ۽ پوءِ پنهنجي ضرورتن مطابق پنهنجين محنتن مشقتن ۽ خواهشن جون حدون مقرر ڪري ٿي. تون سموري ڪائنات جو احاطو ڪرين ٿو پر تو جهڙي خالي ۽ گهرجائو شي ڪابه نه آهي. تون اهڙو محقق آهين جنهن وٽ علم نه آهي، تون اهڙو مئجسٽريٽ آهين جنهن جي ڪا عملداري نه آهي يا کڻي چئجي ته تون سرڪس جو مسخرو آهين.“

هو Experience نالي پنهنجي آخري مضمون ۾ زندگي بابت پنهنجي هاڪاري نظريي جو تت پيش ڪري ٿو:

”اها انتها درجي جي ڪماليت ۽ ڄڻ ته ڪو خدائي عمل آهي جو اسين پنهنجي حق تي هئڻ مان مسرور ٿيڻ سکون. اسين ٻين شين کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته اسان کي پنهنجي ڪارج جي خبر نه آهي ۽ نه ئي اسين اهو ڄاڻون ٿا ته اسان جي اندر ۾ ڇا آهي. اسان پاران ڏاڪڻين تي لهڻ چرهڻ مان ڪو به فائدو نه آهي. ۽ اسين جيڪڏهن دنيا جي سڀ کان مٿاهين تخت تي ويٺا هجون ته به اسين پنهنجي مقعد تي ئي ويٺل هونداسين“.

هو وڌيڪ اهو به چئي ٿو ته سندس خيال مطابق سڀ کان سهڻيون زندگيون اهي آهن جيڪي عام انساني اسلوب سان مطابقت رکنديون هجن انهن ۾ نظم صبط هجي پر ان ۾ ڪا انوکائپ نه هجي. هن جو خيال هو ته پيرسني ڪجھ وڌيڪ لطافت واري سلوڪ جي تقاضا ڪري ٿي ۽ انهي کي خدا جي سپرد ڪرڻ گهرجي جيڪو صحت ۽ ڏاهپ جو محافظ آهي پر اها ڏاهپ خوش خرم ۽ ميل جول رکندڙ آهي.

”اپولوجي فار ريمنڊ ڊي سيبانڊ“ هڪ اسپيني ديني عالم جي ڪم جي تشريح آهي جيڪو سمجھندو هو ته خدا جي ماهيت کي عقل ذريعي سمجھي سگهجي ٿو. مانٽين بظاهر انهي نظريي کي تسليم ڪندي درحقيقت هڪ وڏو دفتر کڻي جمع ڪيو آهي جنهن ۾ انسان جي ڪمزوري، انسان جي بي ادبي ۽ هٺ ۽ انسان جي نااهلي ثابت ڪئي آهي ۽ اها به اهڙي انسان جي جيڪو پنهنجي رهنمائي لاءِ نظام ۽ قاعدا قانون جوڙي ٿو. مانٽين جو مشهور شڪ بنيادي طور مذهبي عالمن ۽ فيلسوفن جي دعوائن تي لاڳو ٿئي ٿو. بهرحال مانٽين پاڻ سموري عمر ڪيٿولڪ فرقي تي عمل پيرا رهيو ۽ سندس اهو عقيدو رهيو ته عقيدي ۽ عمل جي سوالن جا جواب ڳولهڻ احمقاڻي ڳالهه آهي ۽ اهو ته ڏاهو ماڻهو پنهنجي ملڪ جي قاعدن قانونن پٽاندر بلڪل اهڙي طرح زندگي گذاري ٿو جيئن هو پنهنجي بادشاهه ۽ حڪومت جي نوڪري ڪري ٿو ۽ اهي ٻئي ڪم ڪنهن غلامي کان سواءِ اهڙي هوشيار ماڻهو جي ذهني تحفظات سميت ڪري ٿو جيڪو ڪنهن دوکي يا فريب ۾ آيل نه هجي. هن جي خيال ۾ آخرين حقيقتن بابت مغز ماري ڪرڻ ضروري نه آهي. زندگي ۾ ڪي ٻيون وڌيڪ اهميت واريون ڳالهيون به آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org