سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:6 

نئين عهدنامي جي ڪنهن به حصي جي موجود سڀ کان پراڻي ڪاپي ٻين صدي جي ڪوڊيڪس (يعني ويڙهو [roll] نه پر ڪتاب) جي هڪ ننڍڙي پيپيرس جو ٽڪرو آهي. انهي تي سينٽ جان جي گاسپل جون ڪجھ سٽون آهن. اهو هاڻي مانچيسٽر جي ري لينڊس لائبريري ۾ آهي. انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته عيسائي سڀ کان پهريان ماڻهو هئا جن پيپيرس ڪوڊيڪس استعمال ۾ آندا. انهي مان اهو به نتيجو اخذ ڪيو ويو آهي ته انهن اهو چاهيو ٿي ته اهي چار ئي گاسپل جدا جدا ويڙهن (rolls) بجاءِ يڪجاءِ پڙهي سگهن. نئين عهدنامي جا 3000 کان وڌيڪ يوناني مخطوطا موجود آهن ۽ انهي تعداد ۾ هر سال اضافو ٿيندو پيو وڃي. انهن مان ڪجھ مخطوطن کي Uncials چيو وڃي ٿو. انهي جو سبب اهو آهي جو اهي وڏن اکرن (Capital Letters) ۾ لکيل آهن ۽ لفظن جي وچ ۾ ڪو به خال نه آهي. انهن مان سڀ کان اوائلي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهميت وارا هي چار آهن: ڪوڊيڪس سنائيٽيڪس (چوٿين صدي) ڪوڊيڪس اليگزرينڊينس (پنجين صدي)، اهي ٻئي لنڊن جي برٽش ميوزيم ۾ محفوظ آهن: روم ۾ ڪوڊيڪس ويٽيڪانس (چوٿين صدي) ۽ ڪوڊيڪس بيزائي (ڇهين صدي) ڪيمبرج ۾ محفوظ آهن. انهن مان ڪوڊيڪس سنائيٽيڪس ۾ نئين عهدنامي جو سمورو متن موجود آهي. وري ڪجھ اهڙن مخطوطن جو به وڏو انگ موجود آهي جن کي Cursives چيو وڃي ٿو. انهي جو سبب اهو آهي جو اهي صاف ۽ روان هٿ اکرن ۾ لکيل آهن.

نئين عهدنامي جي مخطوطن سان گڏوگڏ شروعاتي دور جي عيسائي ليکڪن جي تحريرن ۾ ڪيترائي اقتباس به موجود آهن. انهن مان اهو اندازو هڻڻ ممڪن آهي ته انهن ليکڪن جي دور ۾ نئين عهدنامي جو ڪهڙو متن استعمال ٿيندو هو. نئين عهدنامي جا لاطيني، مسيريائي، قبطي ۽ ٻين زبانن ۾ ڪيترائي ترجما پڻ موجود آهن. انهن مان ڪجھ اسانجن سڀ کان اوائلي مخطوطن کان به اڳ ڪيا ويا هئا.

اسڪالر صدين کان نئين عهدنامي جي متن جي انهن شاهدن جو اڀياس ۽ ڀيٽ ڪندا رهيا آهن ۽ اهو ڪم اڃا به جاري آهي. ڪيترائي اختلاف به ڳولهي لڌا ويا آهن پر انهن مان اڪثريت جي اهميت تمام گهٽ آهي. مجموعي طور اسين انهي راءِ ۾ مڪمل طور حق بجانب آهيون ته نئين عهدنامي جي مڃيل متن ۾ اسان وٽ انهي ڳالهه جو مستند رڪارڊ موجود آهي ته بلڪل اوائلي دور جا عيسائي ڪهڙين ڳالهين کي ”يسوع مسيح جو ڀلارو ڪلام“ سمجھي پرچار ڪندا هئا ۽ انهن تي عمل ڪندا هئا. 

11. قرآن

 

جڏهن مڪي جي ماڻهن ﷴﷺ کي چيو ته هو پنهنجي خدائي مِشن جي ثبوت طور ڪو معجزو ڪري ڏيکاري ته هن وڏي دليري ۽ اعتماد سان انهي ڪتاب ڏانهن اشارو ڪيو جيڪو سندس نظرداري هيٺ ترتيب ۾ اچي رهيو هو. (هو چوندو هو ته) اهڙو حيرت انگيز، اهڙي بهترين ۽ سهڻي ٻولي ۾ لکيل ۽ اهڙا شاندار ۽ تمام اونها مذهبي سچ بيان ڪندڙ ڪتاب ڪنهن عام ماڻهو جو لکيل نه ٿو ٿي سگهي. سندس جهڙي ڪنهن اڻ پڙهيل ماڻهو جو ته ڪڏهن به نه. اهو واقعي هڪ معجزو هو، معجزن جو معجزو يعني جنت مان آيل ڪتاب.

انهي ڪتاب کي اسين عام زبان ۾ قرآن سڏيندا آهيون. اهو عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ پڙهڻ، ليڪچر يا تلاوت يا شايد اهڙي شي جنهن کي پڙهڻ گهرجي. اهو ڪتاب 13 صدين کان وڌيڪ عرصي کان دنيا جي هڪ وڏي مذهب-  جو مقدس ڪتاب (جيڪڏهن توهان چاهيو ته بائيبل) رهيو آهي.  پنهنجي مذهب لاءِ اسلام جو نالو چونڊيو هو. تنهن ڪري اسان لاءِ به بهتر آهي ته اسين اهو ڪتب آڻيون. اسلام لفظ جي معنيٰ آهي خدايا الله جي مرضي آڏوسر جھڪائڻ.

جيڪي ماڻهو اسلام قبول ڪن ٿا- اهي نسل انساني جو هڪ تمام وڏو حصو آهن خاص طور آفريقا ۽ ايشيا ۾- انهن کي عام طور محمدي سڏيو ويندو آهي پر اهي پاڻ مسلم مسلمان جي اصطلاح کي ترجيح ڏين ٿا. اهو لفظ اسلام وانگر ساڳئي عربي پاڙ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ايمان آڻيندڙ يا اهو شخص جنهن الله آڏو سر جھڪايو هجي. اهي انهي اصطلاح کي انهي ڪري ترجيح ڏين ٿا جو اهي سمجھن ٿا ته محمدي مان اهو مطلب نڪري ٿو ته اهي ﷴ ﷺ جي پوڄا ڪن ٿا بلڪل ساڳئي طرح جيئن عيسائي يسوع مسيح جي پوڄا ڪن ٿا. پر اها ڳالهه بلڪل غلط آهي. مسلمان ﷴ ﷺ جي پوڄا نه ٿا ڪن جيتوڻيڪ اهي هن جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪن ٿا ۽ کيس الله جو آخري نبي سمجھن ٿا جنهن کي الله طرفان انسانن کي سندس پيغام پهچائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. مسلمانن جي بنيادي عقيدي مان سڀ کان مختصر، سڀ کان سادو ۽ سڀ کان زوردار بيان هي آهي: الله کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ ﷴ ﷺ الله جو رسول آهي.

اڃا وڌيڪ غلطي تي ٻڌل بيان جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڏنو ويندو آهي اهو هي آهي ته ﷴ ﷺ خود قرآن لکيو هو. مسلمانن جي نظر ۾ اهو تمام صريح گناه آهي ڇاڪاڻ ته اهو انهن جو پڪو ايمان آهي ته قرآن خود الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو به لکيل نه آهي. مسلمانن جو عقيدو آهي ته قرآن جو سڀ کان اصلي نسخو وقت جي شروعات کان وٺي هڪ وڏي تختي تي جنت ۾ الله جي تخت جي ڀرسان رکيل هو. انهي جو هڪ ڪاغذ تي لکيل، ريشم جو جلد ٻڌل ۽ سون ۽ جواهرن سان سينگاريل نقل جبرائيل جنت مان کڻي ڪيترائي ڀيرا ﷴ ﷺ کي ڏيکاريو هو. هو سال ۾ عام طور هڪ دفعو اهو نقل ﷴ ﷺ کي ڏيکاريندو هو پر سندس نبوت جي آخري سال ۾ ٻه دفعا ڏيکاريو هئائين. سمجھيو وڃي ٿو ته جبرائيل موقعي جي مناسبت سان قرآن جا ٽڪرا ﷴﷺ کي پڙهي ٻڌائيندو رهيو. اهو سلسلو 23 ورهيه هليو ۽ ﷴﷺ اهي ڪاتبن کي پڙهي ٻڌائيندو هو جيڪي اهي ٻڌي لکندا ويندا هئا يا ياد ڪندا ويندا هئا.

 اهو عربي جي تمام نج ۽ تمام ڪلاسيڪي انداز ۾ لکيل آهي ۽ انهي جي منظر تي اچڻ کان اڳ عربي ۾ ڪجھ جنگي گيتن ۽ محبت جي غزلن کان سواءِ عملي طور ٻيو ڪجھ به نه هو. جيئن ته قرآن عربي ٻولي ۾ لکيل آهي تنهن ڪري عربي دنيا جي تمام وڌيڪ ڪتب ايندڙ ٻولين مان هڪ ٿي وئي آهي. جيڪا مکيه يا مددي زبان طور نه فقط عربستان پر ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. مسلمان جتي به هجن اتر آفريقا ۽ مشرق قريب، نائيجيريا، مڊگاسڪر، زنجبار ۽ ٻين ڪيترن علائقن ۾ اتي عام طور قرآن ئي تعليم، قانون، سياسي نظام ۽ پڻ مذهب جو بنياد هوندو آهي. هر جاءِ جا مسلمان انهي کي روزاني زندگي جي هر رخ ۾ مڪمل طور اعتبار جوڳو ۽ مستند رهبر مڃيندا آهن.

اهو درحقيقت ڪو تمام وڏو ڪتاب نه آهي. اهو نئين عهدنامي جي لڳ ڀڳ ٽي ڀاڱي چار حصي جيترو آهي. هڪ مسلمان شمارياتدان مطابق انهي ۾ جملي 77،639 لفظ آهن. هڪ ٻئي ڳڻپ موجب لفظن جو تعداد 77،934 آهي، ڪنهن ماڻهو ته اکر به ڳڻيا آهن جو تعداد 323،015 آهي.

بائيبل وانگر قرآن به سورتن ۽ آيتن ۾ ورهايل آهي. سورتن جو انگ 114 آهي جيڪي ڊيگهه جي لحاظ کان تمام مختلف آهن. انهن جي ترتيب عام طور ڊيگهه جي لحاظ کان آهي. سڀ کان ڊگهيون سورتون منڍ ۾ رکيل آهن. پر جيڪڏهن زماني ترتيب اختيار ڪئي وڃي ها ته سورتن جي ترتيب بلڪل ابتي ٿي وڃي ها. ڇاڪاڻ ته بنيادي طور سڀ کان مختصر سورتون ﷴﷺ جي نبوت جي بلڪل اوائلي دور سان تعلق رکن ٿيون جڏهن ﷴ ﷺ مڪي ۾ هو ۽ ڊگهيون صورتون انهي دور سان تعلق رکن ٿيون جڏهن ﷴ ﷺ مڪو ڇڏي مديني ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي.

هڪ اهم ڳالهه انهي عام اصول ۾ شامل نه آهي: قرآن جي سڀ کان شروعاتي سورت ننڍين سورتن مان هڪ آهي. انهي ۾ فقط ڇهه سٽون آهن. اها مسلمانن جي Lord’s Prayer آهي ۽ مسلمان اها هر روز ڪيترائي دفعا ورجائيندا آهن. انهي کي فاتحه چيو ويندو آهي. (يعني مهاڳ، تعارف يا شروعات). هيٺ انهي جو J.M. Rod Well جو ترجمو ڏجي ٿو.

تعريف خدا لاءِ آهي، جيڪو جھانن جو مالڪ آهي،

باجھارو ۽ رحم ڪندڙ آهي.

فيصلي جي ڏينهن جو بادشاهه آهي.

اسين فقط تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽

فقط تو آڏو ئي مدد لاءِ ٻاڏايون ٿا.

اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ.

انهن ماڻهن جو رستو جن تي تون مهربان آهين.

انهن ماڻهن جو رستو نه جن کان تون ڪاوڙيل آهين.

نه ئي انهن جو جيڪي گمراهه آهن.

اهو مرڪزي موضوع قرآن جي شروعات ۽ ساڳي طرح پڄاڻي آهي. قرآن جو اهڙو ڪو به صفحو نه آهي جنهن ۾ هڪ خدا جي طاقت ۽ شوڪت، چڱائي ۽ پاٻوه ڀري مهرباني، ڪهل ۽ پڻ قهر جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. هتي سورت 2 مان اقتباس پيش ڪجي ٿو (اها تمام ڊگهين سورتن مان هڪ آهي جنهن جو ڪجھ حصو مڪي ۽ ڪجھ حصو مديني ۾ نازل ٿيو).

الله! انهي کان سواءِ ڪوبه خدا نه آهي. حَيُّ ۽ قَيُّوۡم.

هن کي نه ئي جھوٽو اچي ٿو نه ئي ننڊ.

جيڪو ڪجھ آسمان ۽ زمين ۾ آهي اهو هن جو ئي آهي.

هن جي اجازت کان سواءِ ڪير هن وٽ سفارش ڪندو؟

هو اهو سڀ ڪجھ ڄاڻي ٿو جيڪو گذري ويو ۽ جيڪو ايندو.

هو جيڪو ڪجھ ڄاڻي ٿو انسان اهو تيستائين نه ٿا سمجھي سگهن جيستائين هو نه چاهي.

سندس تخت آسمان ۽ زمين تي حاوي آهي.

انهن جي حفاظت هن لاءِ ڪو به ڏکيو ڪم نه آهي.

هو عليّ ۽ عظيم آهي.

وري سورت 112 سڀ کان ننڍي آهي ۽ قرآن جي لڳ ڀڳ پڇاڙي ۾ آهي.

چئه، خدا هڪ آهي، ابدي خدا،

هن نه ڪنهن کي ڄڻيو آهي. نه ئي هو ڪنهن مان ڄائو آهي.

۽ ڪوبه هن جھڙو نه آهي.

قرآن ۾ Apostle's Creed جو سڀ کان ويجھو مثال سورت 4 ۾ آهي. ”اي سچا مومنو خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ ان ڪتاب تي ايمان آڻيو جيڪو هن پنهنجي پيغمبر تي نازل ڪيو آهي ۽ انهن ڪتابن تي ايمان آڻيو جيڪي هن اڳ ۾ نازل ڪيا آهن ۽ جيڪو خدا، سندس ملائڪن، سندس ڪتاب، سندس رسولن ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نه ٿو آڻي اهو سچ کان تمام گهڻو گمراهه ٿي ويو آهي.“ قرآن جي انهي ۽ ٻين ڪيترن ٽڪرن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته ﷴ ﷺ اهو نه سمجھندو هو ته هو ڪنهن نئين مذهب جو پرچار ڪري رهيو آهي پر اهو ته کيس الله پاران انهي ڪم تي مقرر ڪيو ويو هو ته انهي هڪ ۽ اڪيلي مذهب جي پاڪيزگي بحال ڪرائي جيڪو آدم ۽ ابراهيم ۽ سندس جانشين پيغمبرن تي نازل ڪيو ويو هو ۽ جيڪو وقت گذرڻ سان بگڙجي ويو هو.

اهڙن 28 ماڻهن جو قرآن ۾ نالي سان ذڪر آهي جن تي الله طرفان وحي نازل ٿي هئي. انهن مان 18 پراڻي ۽ 3 (زڪريا، عيسيٰ ۽ جان دي بيپٽسٽ) نئين عهدنامي مان کنيا ويا آهن. پيغمبرن مان سڀ کان آخري ﷴ ﷺ آهي. هو انهي سموري سلسلي جي مهر آهي. ”جيڪو ڪلام الله پنهنجي پيغمبر يعني محمد ﷺ تي نازل ڪيو هو اهو قرآن آهي ۽ جيڪو ڪلام اڳ ۾ نازل ٿيو هو انهي ۾ يهودين جي توريت يا Pentateuch، دائود جو زبور ۽ نئين عهدنامي ۾ شامل Gospel of Jesus شامل آهن. اهي سڀئي خدا جي ڪلام جو حصو آهن پر اهو ڪتاب جنهن ۾ مڪمل سچ ڏنو ويو آهي اهو قرآن آهي. اهو وحي ٿيل ڪتابن مان سڀ کان آخري آهي.“ انهي ۽ ٻين ڪيترن ٽڪرن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ﷴ ﷺ کي بائيبل جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي جيڪا هن شايد ته انهن يهودين ۽ عيسائين کان ورتي هئي جن سان هو شام ۽ پنهنجي وطن جي ٻين ويجھن ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن پنهنجن تجارتي سفرن دوران تعلق ۾ آيو هو.

قرآن ۾ ملائڪن جو اڪثر ذڪر ٿيل آهي. انهن جو گهر جنت آهي جتي هو الله جي تخت کي جهلي بيٺا آهن ۽ لاڳيتو سندس عبادت ڪندا رهن ٿا. اهي سندس پيغامبرن طور به ڪم ڪن ٿا ۽ سندس حڪم احڪام کڻي وقت بوقت زمين تي ايندا رهن ٿا. هڪ سڀ کان اهم ملائڪ جبرائيل آهي جنهن جي ذمي ﷴ ﷺ تي قرآن نازل ڪرڻ جو ڪم هو.

ٻيو موضوع جنهن کي قرآن ۾ گهڻي جاءِ ڏني وئي آهي اهو آهي فيصلي جو ڏينهن. اهڙي قسم جا ڪيترائي اقتباس پيش ڪري سگهجن ٿا پر هتي جارج سيل پاران 1734ع ۾ ڪيل قرآن جي ترجمي مان ٽڪرو ڏجي ٿو. سيل هڪ انگريزي مستشرق هو ۽ سندس پاران ڪيل ترجمو خاص طور انهي ۾ ڏنل ”ابتدائي بحث“ ۽ ڊگهن حاشين جي ڪري اهميت رکي ٿو.

”جڏهن سج ويڙهيو ويندو ۽ جڏهن ستارا ڪري پوندا ۽ جڏهن جبل هلايا ويندا ۽ جڏهن ڏهن مهينن جي ڍُڪين ڏاچين کي ماڻهو نظر انداز ڪري ڇڏيندا ۽ جڏهن جهنگ جا جانور گڏ ڪيا ويندا ۽ جڏهن سمنڊ ٽهڪندا ۽ جڏهن روح وري سندس جسمن سان گڏيا ويندا ۽ جڏهن زنده دفن ڪيل ڇوڪريءَ کان پڇيو ويندو ته کيس ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو هو. (اهو عربن پاران اڻ گهربل ڇوڪرين کي ناس ڪرڻ جي پراڻي مشرڪ دور جي رسم ڏانهن اشارو آهي) ۽ جڏهن ڪتاب کوليا ويندا ۽ جڏهن آسمان کي هٽايو ويندو ۽ جڏهن دوزخ تمام شدت سان ٻرندو ۽ جڏهن بهشت ويجھو آندو ويندو، هر روح کي خبر پئجي ويندي ته هن ڇا آندو آهي. (سورت 81)

”اسان هر ماڻهو جو نصيب سندس ڪنڌ سان ٻڌي ڇڏيو آهي ۽ اسين قيامت جي ڏينهن هن جي آڏو اهڙو ڪتاب پيش ڪنداسين جنهن ۾ سندس عمل لکيا ويندا. اهو سندس آڏو کولي رکيو ويندو ۽ ملائڪ کيس چوندا ته ”پنهنجو ڪتاب پڙهه. هن ڏينهن تنهنجو پنهنجو روح تنهنجي خلاف پورو حساب ڪندڙ ٿي بيهندو (سورت 17)

جيڪي ماڻهو انصاف جي ڪرسي جي سامهون پيش ٿيندا انهن کي ”ساڄي هٿ جي ساٿين (ساڄي هٿ جا ساٿي ڪيترا نه خوش هوندا) ۽ کاٻي هٿ جي ساٿين (کاٻي هٿ وارا ساٿي ڪيترا نه تڪليف ۾ هوندا) ۾ ورهايو ويندو. پهرئين قسم وارا اهي هوندا ”جيڪي خدا جي ويجهو هوندا“ اهي خوشي جي باغن ۾ رهندا...... اهي سون ۽ قيمتي جواهرن سان سينگاريل ديوانن تي آهليا پيا هوندا...... نوجوان ڇوڪرا جڳ، پيالا ۽ شراب جا وهندڙ جام کنيو انهن جي خدمت ۾ پيا گهمندا، اهو شراب پي نه انهن کي مٿي ۾ سور ٿيندو نه انهن جي عقل ۾ ڪو رخنو پوندو....... ۽ اتي اهڙيون ڀوريون حورون انهن سان گڏ هونديون جن جون وڏيون ڪاريون اکيون سپين ۾ پيل موتين سان مشابه هونديون. واقعي اسان جنت جون حورون هڪ خاص تخليق سان ٺاهيون آهن ۽ اسان انهن کي ڪنوارو ٺاهيو آهي، اهي پنهنجن مڙسن کي پياريون آهن، انهن جي برابر عمر جون آهن. اهي ساڄي هٿ جي ساٿين جي خوشي لاءِ آهن....... پر کاٻي هٿ جا ساٿي ساڙيندڙ هوا ۽ ٽهڪندڙ پاڻي ۾ ڪاري دونهين جي ڇانو هيٺ رهندا. جيڪو نه ٿڌو هوندو نه وڻندڙ. انهن هن کان اڳ زمين تي زندگي جا مزا ماڻيا هئا ۽ ضد ڪري تمام گندي بڇڙائي ۾ رهيا هئا. (سورت 56)

قرآن جو تعلق جيتوڻيڪ بنيادي مول متن سان آهي پر اسلام جي مکيه عملن- نماز، صدقو، روزو، زندگي ۾ هڪ دفعو حج- جو به ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ حڪم ڏنو ويو آهي. آخر ۾ انهي بابت به ڪجهه لفظ ضروري آهن ته قرآن جي سهيڙ ڪيئن ٿي. لڳي ٿو ته باضابطه طور ٻڌائڻ جو ڪو به طريقو نه هوندو هو. نبي ﷺ جيئن پنهنجي غنودگي واري حالت ۾ جيڪي لفظ زبان مان ڪڍندو ويندو هو اهي ڪنهن به دستياب شي (ڪپڙي ۽ چمڙا جا ٽڪر، اٺن جي ڪلهي جون هڏيون، کجين جا ڦرها، ڪاٺ جا ٽڪر) تي لکيا ويندا هئا. پوءِ اهي شيون بنا ڪنهن سليقي جي ڪنهن صندوق يا ٻي ڪنهن شي ۾ رکيون وينديون هيون. ڪيتريون ئي سورتون ته منڍائين لکيون ئي نه ويون هيون. اُهي بيٺل ماڻهن ياد ڪري ڇڏيون هيون.

اڳتي هلي جڏهن نبي ﷺ فوت ٿي ويو ۽ وحي جو سلسلو بند ٿي ويو ته هن جي چيل ڳالهين جو رڪارڊ رکڻ جي ضرورت صحيح نموني محسوس ٿيڻ لڳي. سندس هٿ اکرن ۾ ته ڪابه شي موجود نه هئي. مسلمانن ۾ سندس پهرئين جانشين ۽ سندس دوست ابوبڪر جي شروعاتي ڪمن مان هڪ اهو هو جو هن ﷴ ﷺ جي ڪاتب رهندڙ نوجوان کي حڪم ڏنو ته هو انهن مختلف شين جو مجموعو هٿ ڪري ۽ انهن کي ڪنهن قسم جي ترتيب ۾ آڻي. پوءِ انهن کي نقل ڪيو ويو ۽ جيڪو ڪجھ ماڻهن کي ياد هو اهو به انهن ۾ شامل ڪيو ويو.

پوءِ لڳ ڀڳ 650ع ۾ يعني ﷴ ﷺ جي وفات کان پوءِ تقريباً 20 ورهيه پوءِ هڪ نئون ڇاپو تيار ڪيو ويو. انهي کي اڳتي هلي بلڪل معياري تسليم ڪيو وڃڻ لڳو. انهي ڇاپي جا ٽي صاف نقل تيار ڪرايا ويا ۽ انهن مان هڪ هڪ دمشق، بصري ۽ ڪوفي جي فوجي ڪيمپن ڏانهن موڪليو ويو. اهي شهر عظيم نئين مسلمان سلطنت جي گادي جي هنڌن طور اڏيا ويا هئا جڏهن ته اصل نقل مديني ۾ انهي مسجد ۾ محفوظ ڪيو ويو جنهن ۾ محمد ﷺ دفن ٿيل آهي. قرآن جا پوءِ جا سڀئي مسودا انهن چئن مان ڪنهن هڪ تان اتاريل آهن. انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ”بهترين ڪتاب“ ۾- مسلمان قرآن کي انهي نالي سان سڏيندا آهن- اسان کي ﷴ ﷺ جا اهي ئي لفظ ملندا جيڪي هن ڪيتريون صديون اڳ هڪ عظيم الله جي پيغمبر يا رسول ﷺ جي حيثيت ۾ اچاريا هئا.

 

12. ڊوائين ڪاميڊي

-- ڊانٽي اليگهيري --

 

جيڪڏهن وچئين دور جي ادب جي زماني لاءِ ڪا حد مقرر ڪري سگهجي ٿي ته ڊانٽي جي ڊوائين ڪاميڊي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته انهي دور کي شاندار عروج تي آڻي پڄاڻي تي پهچايو. انهيءَ ۾ رومي سلطنت دوران فڪر ۽ عمل جي ميدان ۾ حاصل ڪيل سڀ کان بهترين ۽ سڀ کان عظيم شين کي هڪ نئين حياتي ڏئي انهن کي شاعراڻي جوش ۽ جذبي سان سينگاريو ويو آهي. ادب جي منظر نامي کي سونهن بخشيندڙ سڀني عظيم شخصيتن منجھان ڊانٽي شيسڪپيئر سان ڪلهو ڪلهي ۾ هڻي بيٺل آهي. خوش قسمتي سان شيڪسپيئر وانگر زندگي جي تفصيلات جي کوٽ واري ڳالهه ڊانٽي تي لاڳو نه ٿي ٿئي. هو دنيا جي هڪ سڀ کان عجيب ۽ سڀ کان سهڻي محبت جي داستان جي سورمي طور اسان آڏو ظاهر ٿئي ٿو.

ڊانٽي 1265ع ۾ فلارينس ۾ ڄائو. هو هڪ قديم پر خراب حالتن واري ڪٽنب ۾ ڄائو. هن 1289ع ۾ ڪيمپالڊينو جي لڙائي ۾ فلارينس جي گهوڙيسوار فوج ۾ به نوڪري ڪئي هئي. هن 1295ع کان پوءِ سياسي زندگي ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ 1300ع ۾ ٻن مهينن لاءِ فلارينسي جمهوريه ۾ چيف مئجسٽريسي جو رڪن به ٿي رهيو.

انهي وقت فلارينس سياسي ڦوٽ جو شڪار هو. ڊانٽي آئيني جماعت جي حمايت ڪئي ٿي. جنهن پوپ جي مداخلت جي مزاحمت ڪئي ٿي. هو آڪٽوبر 1301ع ۾ ٻن ٻين ماڻهن سان گڏجي هڪ وفد ۾ پوپ بونيفيس اٺين وٽ ويو جيئن کيس چارلس آف ويلوئيس کي ٽسڪيني ڏانهن ٽياڪڙ طور موڪلڻ کان باز رکي. ڊانٽي جي غير موجودگي ۾ چارلس فلارينس ۾ داخل ٿي ويو ۽ ان کانپوءِ ڊانٽي جي پارٽي جي عام مخالفت شروع ٿي وئي. ڊانٽي کي بدعنواني جي ڪوڙي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو ۽ 27 جنوري 1302ع جي هڪ فرمان تحت مٿس ڳرو ڏنڊ وڌو ويو ۽ کيس ٻه سال جلاوطني جي سزا ڏني وئي ۽ هميشه هميشه لاءِ عوامي عهدن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. 10 مارچ جي هڪ ٻئي فرمان ذريعي هن لاءِ اها سزا تجويز ڪئي وئي ته هو جيڪڏهن حڪمران پارٽي کي هٿ اچي ته کيس جيئري ساڙيو وڃي.

شروعات ۾ ڊانٽي پنهنجن ساٿين جي انهي رٿا ۾ شريڪ ٿيو ته هٿيارن جي زور تي فلارينس ۾ داخل ٿجي پر پوءِ جلد ئي انهن کان ڌار ٿي ويو ۽ ”هڪ سڃي زيارتي“ وانگر اتر ۽ وچ اٽلي ۾ رولاڪيون ڪندو رهيو. ايندڙ اٺن ورهين دوران هن لاطيني ۾ ڪيترائي ليک لکيا.

لڪسمبرگ جي هينري جي 1310ع ۾ مقدس رومي سلطنت جي شهنشاهه طور چونڊجڻ سان ڊانٽي سرگرم سياست ۾ واپس اچي ويو پر ٻه ورهيه پوءِ هينري جي وفات سان ڊانٽي جون سموريون اميدون ٽٽي پيون ۽ 1315ع ۾ جيتوڻيڪ سڀني جلاوطن ماڻهن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو ويو پر ڊانٽي انهي بنياد تي فلارينس واپس اچڻ کان انڪار ڪيو ته جن ڳالهين تحت عام معافي ڏني وئي آهي انهن ۾ سندس بيگناهي کي تسليم نه ڪيو ويو آهي. هن جڏهن فلارينس اچڻ جي سرڪاري حڪمن کي پٺي ڏني ته کيس وري موت جي سزا ٻڌائي وئي. انهي سان عملي طور کيس دائمي جلاوطني جي سزا اچي وئي.

هن 1292ع ۾ Vita nouva (نئين زندگي) لکي هڪ شاعر طور مشهوري حاصل ڪري ورتي هئي. وائٽا نووا نثري پيرايي ۾ هلندڙ گيتن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ بيٽرس لاءِ سندس محبت صوفياڻي انداز ۾ بيان ٿيل آهي. اهو هڪ ”حيرت انگيز رويا“ جي اشاري ۽ انهي واعدي تي پڄاڻي تي پهچي ٿو ته ”هن بابت اهڙيون ڳالهيون ڪيون وينديون جيڪي ڪنهن عورت بابت نه چيون ويون آهن“. سندس جلاوطني جي آخري دور ۾ هن ڊوائين ڪاميڊي ۾ پنهنجي واعدي کي عملي شڪل ڏيڻ شروع ڪئي اهو هن 1321ع ۾ پنهنجي وفات کان چند مهينا اڳ پورو ڪيو.

ڊانٽي بيٽرس سان پهريون دفعو نون ورهين جي ڄمار ۾ مليو هو ۽ تڏهن هو به ساڳئي عمر جي هئي. ٻارن پاڻ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي پر ڊانٽي چوي ٿو ته ”انهي ڏينهن کان وٺي محبت منهنجي دل تي حڪمراني ڪرڻ لڳي“. شاعر ٻيو دفعو کيس نو ورهيه گذرڻ کان پوءِ ڏٺو. هن کي سفيد پوشاڪ پهريل هئي ۽ هو وڏي ڄمار جي ٻن عورتن سان گڏ فلارينس جي هڪ گهٽي ۾ وڃي رهي هئي.

هنن وري به ڪجھ نه ڳالهايو پر ”هن پنهنجون اکيون انهي طرف ڪيون جنهن طرف آءٌ تمام لڄارو ٿيو بيٺو هوس ۽ هن پنهنجي خاموش خوش اخلاقي سان اهڙي ته پاڪيزه انداز ۾ مونکي سلام ڪيو جو مون اُتي جو اتي محسوس ڪيو ته آءٌ خوشي ۽ اطمينان جون سرحدون ڏسي رهيو آهيان. هن پنهنجي سموري زندگي دوران بيٽرس کي وري فقط هڪ دفعو ڏٺو.

بيٽرس- جنهن جي بائيس پورٽيناري طور نشاندهي ڪئي وئي آهي تنهن- شادي ڪئي ۽ 35 ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويئي. ڊانٽي سندس وفات جو ٻڌي هي لفظ لکيا: ”آءٌ جڏهن پنهنجي روح جي پهرئين خوشي جي دور مان نڪتس ته غم ۽ ڏک منهنجي وجود ۾ اهڙي طرح داخل ٿي ويو جو ڪنهن به دم دلاسي مان مون کي ڪو به فائدو نه پئي ٿيو.“

وائٽانووا بيٽرس جي وفات کان ٻه ورهيه پوءِ منظر تي آيو. هن جنهن سال دنيا جي ڪنهن به ٻولي ۾ لکيل گيتن مان بهترين گيتن ۾ بيٽرس لاءِ پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو انهيءَ ئي سال فلارينس جي هڪ معزز خاندان جي عورت گيماڊو ناٽي سان شادي ڪيائين انهي مان کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئر ڄايون.

هن پاران 1292ع کان وٺي ڊوائين ڪاميڊي لکڻ جي وچ واري دور ۾ ڪا به شاعري نه ڪرڻ جو ذميوار سندس سياسي مشڪلاتن کي قرار ڏئي سگهجي ٿو. هن جيستائين سياسي منظرنامي تي اثرانداز ٿيڻ جي اميد هٿان نه ڇڏي تيستائين سندس ذهن آزاد نه ٿي سگهيو ۽ هو بيٽرس لاءِ پنهنجي محبت جي اتساهڪ جذبي ڏانهن پوءِ ئي متوجه ٿي سگهيو.

ڊوائين ڪاميڊي، جنت، دوزخ، ۽ برزخ (purgatory) جو بيان آهي. جيڪڏهن انهي جي ظاهري لفظن جو مطلب ورتو وڃي ته اهو موت کانپوءِ انسان جي روح جي حالت بابت هڪ خواب آهي. پر حقيقت ۾ اهو انهي کان گهڻو وڌيڪ آهي. اهو هڪ تمثيل آهي. جنهن ۾ انسان کي روحاني بصيرت ۽ رهنمائي جي ضرورت کي بيان ڪيو ويو آهي.

شاعر پاران هڪ اونداهي ٻيلي ۾ رستي تان ڀٽڪي وڃڻ کان پوءِ هن جي ملاقات قديم روم جي عظيم شاعر ورجل سان ٿئي ٿي، جنهن جي اينيڍ ۾ پڻ انسان جي موت کان پوءِ زندگي بابت غير عيسائي نقطئه نظر کان هڪ خواب پيش ڪيو ويو آهي. ورجل هن کي دوزخ جا عذاب ڏيکارڻ جو واعدو ڪري ٿو ۽ کيس جهنم جي دروازي ڏانهن وٺي وڃي ٿو جنهن جي مٿان هي لفظ نقش ٿيل آهن: هن ۾ داخل ٿيڻ وارؤ! سڀني اميدن کان دستبردار ٿيو.“

هو ٿورو پرڀرو دوزخ جي پڌر ۾ پهچن ٿا. اهو هڪ اونداهون پٽ آهي جتي خود غرضن ۽ سُستن جي روحن کي ڏينڀو ڏنگ پيا ٿا هڻن ۽ اهي هميشه لاءِ هڪ ڦڙڪندڙ جهنڊي پٺيان ڊوڙندا رهن ٿا.

اهي اِهو پٽُ ٽپڻ کان پوءِ اچيرون ندي وٽ پهچن ٿا. اها غم جي ندي آهي. اتي ڪارون (charon) نالي هڪ سخت گير پوڙهو ٻيڙياتو جنهن جون اکيون ڄڻ ته ٻرندڙ ڦيٿا آهن- ليلائيندڙن جي ميڙن کي ٻئي ڀر ٽپائي رهيو آهي. ٻئي ڀر تي روح Limbo ۾ داخل ٿين ٿا. اهو دوزخ جو پهريون دائرو آهي.

ڊانٽي کي لمبو ۾ وڏن غير عيسائين جا روح نظر اچن ٿا. اهي پنهنجين زندگين ۾ جيتوڻيڪ وڏي شان مان وارا هئا پر هاڻي هتي انهي ڪري واڙيا پيا هئا جو انهن کي بپتسمو ڏنل نه هو. انهن ۾ هوريس، اووڊ ۽ هومر جهڙا عظيم ڪلاسيڪي شاعر به شامل آهن جيڪي پاڻ جهڙي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڊانٽي جو آڌرڀاءُ ڪن ٿا.

پوءِ ورجل ڊانٽي کي دوزخ جي ٻئي دائري ڏانهن وٺي وڃي ٿو. جنهن جي دروازي تي ماڻهو جي منهن سان هڪ تمام وڏو ڪتو چوڪيدار بيٺو آهي. اهو مائنوس (Minoss) يعني دوزخي جج آهي.

هتي گذريل دور جي مشهور خطاڪار عاشقن کي سزا ملي رهي آهي. هڪ تمام تيز هوا انهن کي هيڏانهن هوڏانهن اڇلائي رهي آهي.

هاڻي وري افسوسناڪ روڄ راڙو ٻڌڻ ۾ پيو اچي. هاڻي آءٌ اتي اچي پهتو آهيان جتي ڪيترائي واويلا جا آواز منهنجن ڪنن سان ٽڪرائجي رهيا آهن. آءٌ اهڙي جاءِ تي پهتو آهيان جتي ڪابه روشني نه آهي. ڦوڪارن ۽ شوڪارن جو اهڙو تيز آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي جھڙو ڪنهن طوفاني سمنڊ ۾ ٽڪرائيندڙ ڇولين جو ايندو آهي. دوزخ جو طوفاني ڌماڪو بي آرام جوش سان روحن کي هڪليندو پيو وڃي.

اهي جڏهن تباهه ڪاري ڇوليءَ وٽ پهچن ٿا ته اتي هاء گهوڙا ۽ افسوس جو دانهون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ۽ بهشت جي سٺي طاقت جي خلاف گستاخانه آواز ٻڌجن ٿا.

انهن ”حوسي گناهگارن“ ۾ سيميرامس ۽ قلو پطره، هيلين ۽ پيرس ٽرسٽن ۽ آئسولڊ ۽ رميني جي فرانسيڪا ۽ سندس عاسق پائولو شامل آهن. فرانسڪا پاران سندس مڙس جان ليم پاران مٿان اچي پوڻ ۽ کين گڏ قتل ڪرڻ جو بيان ٻڌي ڊانٽي کي ڏاڍو رحم اچي ويو ۽ هو بيهوش ٿي ويو. ڊوائين ڪاميڊي جو اهو هڪ تمام بهترين ٽڪرو آهي.

ڊانٽي هوش ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ کي دوزخ جي ٽئين دائري ۾ ڏسي ٿو جتي پيٽوڙا ۽ گهڻ کائو مٽي ۾ پيا ٿا ليٿڙن ۽ انهن مٿان ڳڙن، برف ۽ گندي پاڻي جو لاڳيتو مينهن وسي رهيو آهي ۽ سيريبرس نالي هڪ تمام وڏو ڪتو انهن تي ڀونڪي ۽ اُلرون ڪري رهيو آهي. دوزخ جي چوٿين دائري ۾ کيس هٿ ڦاڙ، فضول خرچ ۽ ڪنجوس نظر اچن ٿا. اهي تمام وڏا وڏا مٽي جا دڙا ڌڪي ريڙهي هڪ ٻئي سان ٽڪرائي پنهنجو قت گذاري رهيا آهن.

اهي اڃا اڳتي Styx وٽ پهچن ٿا. اها دلدلي زمين آهي. جتي چيڙاڪ ۽ خار باز ڦٿڪي ۽ وڙهي رهيا اهن. آخرڪار اهي هڪ وڏي مناري وٽ پهچن ٿا جتي ٻه بتيون ٻري رهيون آهن. فليجياس نالي ٻيڙياتو انهن کي ڍنڍ ٽپائي شيطان جي شهر ڊس(Dis) جي مهڙ وٽ پهچائي ٿو. انهي جي دروازي تي ديون جا ولر چوڪيدار بيٺا آهن. هڪ ملائڪ اهڙي طرح ڍنڍ ٽپي اچي ٿو جو سندس پير به آلا نه ٿا ٿين ۽ هو انهن ديون کي مسافرن جي رستي تان ٽيڙي پکيڙي ٿو.

پهڻن ۾ ٿيل هڪ لنگهه ذريعي هو شهر ڇڏي رت جي ندي وٽ پهچن ٿا جنهن ۾ ظالم ۽ جابر حڪمران بيٺا آهن. ڪيرون جي اڳواڻي ۾ سينٽارس جا فوجي ڪناري تي گهوڙا ڊوڙائيندا گناهگارن کي تير هڻندا رهن ٿا. اڃا اڳتي اهي خودڪشي ڪندڙن سان ملن ٿا. انهن جا روح سڪي ٻانڊ ٿيل وڻن جهڙا ٿي ويا آهن. ٻيلي کان اڳتي تتل واريءَ جو هڪ خالي پٽ آهي جتي سخت گير ماڻهو شعلن جي سنهي ۽ مسلسل ڦوهاري هيٺ بيٺا آهن.

رت جي نديءَ جي ڪناري تي هلندي ٻئي شاعر هڪ اهڙي هنڌ پهچن ٿا جتي اها ندي هڪ آبشار جي صورت ۾ سامونڊي نار ۾ ڪري ٿي. هتي ورجل ڊانٽي جو سندرو پاڻي ۾ اڇلائي ٿو ۽ جيريون ديو فوراً تري انهن وٽ پهچي ٿو. اهي انهي تي سوار ٿين ٿا ۽ دوزخ جي اٺين دائري وٽ پهچن ٿا جتي ورغلائيندڙ، خوشامدي ۽ ڪوڙا نبي مختلف قسمن جو سزائون ڀوڳي رهيا آهن. منافقن، چورن، ٺڳ صلاحڪارن ۽ ڦوٽ وجھندڙن جي علائقي مان هڪ ماڻهو جنهن انگلينڊ جي بادشاهه هينري اٺين خلاف بغاوت ڪئي هئي- پنهنجي وڍيل منڍي وارن منجھان جھلي ڊانٽي سان ڳالهائي ٿو. اتان هو نائين دائري وٽ پهچن ٿا.

اتي هڪ وڏي نفير جو گجگوڙ جهڙو آواز انهن جي ڪنن سان ٽڪرائجي ٿو ۽ انهن کي سڀ کان هيٺاهين کڏ جي ڪناري تي ٽي ديو بيٺل نظر اچن ٿا. انهن مان هڪ انٽائيوس انهن کي کڏ جي تري ۾ ويهاري ٿو. اهو دائمي برف جو سمنڊ آهي جنهن ۾ تڪليف ۾ ورتلن جون شڪليون عنبر ۾ مکين وانگر نظر اچن ٿيون.

اتان اهي دوزخ جي اونهائين تائين پهچن ٿا. انهي جو نالو جڊيڪا آهي. اها دغابازن جي جاء آهي. انهي جي بلڪل وچ ۾ شيطان بيٺو آهي. هو پنهنجين وڏين ڄاڙين ۾ ٽن ڏوهارين کي چٻاڙي رهيو آهي ۽ پهنجن چمڙي جهڙن وڏن پرن مان هڪ اهڙي برفاني ٿڌي هوا ڪڍي رهيو آهي جيڪا سموري سمنڊ کي ڄمائي ٿي ڇڏي.

شاعر، شيطان جي ڀرسان گذرندي، هڪ ڊگهي اتانهين رستي تان گذرن ٿا:

ايستائين جو غار جي گول منهن مان بهشت جون سهڻيون بتيون...... اسان جي اکين آڏو ظاهر ٿيڻ لڳيون..... پوءِ ٻاهر نڪرندي اسان کي وري ستارا نظر اچڻ لڳا.

آخرڪار اهي برزخ جي ٽڪري ڀرسان ٻاهر نڪري آيا. ڊانٽي وچئين دور جي ٻين ليکڪن جي بر خلاف برزخ کي کليل هوا ۾ رکيو آهي. انهي جي ٽڪرين جي اڀڪپرن پاسن جي چوڌاري ست دائرا آهن جن مان هر هڪ ستن موتمار گناهن (Seven deadly sins) مان هڪ هڪ لاءِ خاص ٿيل آهي. هيٺين ٽن سطحن ۾ روح جي گناهن جي سزا ملندي آهي. چوٿين سطح ۾ سُستي جي جيڪو روح ۽ جسم ٻنهي جو ڏوهه آهي. مٿين ٽن سطحن ۾ جسم جي گناهن جي سزا ملندي آهي.

اهي انهن سطحن مان گذرندي زميني جنت (Earthly paradise) ۾ داخل ٿيا اتي ڊانٽي کي صوفياڻو جلوس نظر آيو جيڪو چرچ جي فتحمند مارچ جي علامت آهي. انهي جلوس جي آخر ۾ بيٽرس هڪ گاڏيءَ تي ظاهر ٿئي ٿي. هو هڪ سو ملائڪن جي گهيري ۾ آهي. جيڪي گيت ڳائي ۽ گل پکيڙي رهيا آهن. هن کي ڳاڙهن، سفيد ۽ ساون روحاني رنگن جي پوشاڪ پهريل اهي. سندس مٿي تي زيتون جي پنن جو تاج آهي. جيڪو ڏاهپ ۽ امن جي علامت آهي. هو جڏهن ظاهر ٿئي ٿي ته ورجل غائب ٿي وڃي ٿو جيئن Limbo ڏانهن واپس وڃي سگهي. هو پنهنجي شاعر ساٿي کي دوزخ ۽ برزخ گهمائڻ لاءِ اتان ئي آيو هو.

ڊوائين ڪاميڊي جو Paradise نالي ٽيون حصو انهي جو شاندار عروج آهي. هاڻي بيٽرس ڊانٽي جي رهنما ٿئي ٿي ۽ هو ان سان گڏ انهن نون آسمانن مان گذري ٿو جيڪي اسان جي پنهنجي زمين جي چوڌاري گردش ڪندڙ دائرا آهن. هو انهن مان هلندو آخر ساڪن دائري، خدا جي مسڪن (Abode of God) تائين پهچي ٿو. سڀ کان هيٺيان اٺ آسمان زمين تان نظر ايندا آهن. انهن جي مٿان شفاف آسمان آهي جيڪو پنهنجي چُرپر جي ذريعي ٻين سڀني جي روزاني گردش کي هلائي ٿو. اتان فطرت جي شروعات ٿئي ٿي. اتان ئي وقت (Time) حرڪت (Motion) ۽ دنيا جي بندوبست کي هلائڻ لاءِ سڀني آسماني اثرن جي شروعات ٿئي ٿي.

انهي کان مٿي، رويا جي عروجي نقطي تي خدائي محبت جو لامحدود ۽ ساڪن سمنڊ آهي جتي خدا ولين ۽ ملائڪن کي پنهنجي جوهر جي رويا (Vision of His essence) سان نوازي ٿو.

ڊانٽي جي پراڻن شارحن سندس الهٰيات، سندس مابعد الطبيعات، ۽ سندس علامت نگاري تي وڏو زور ڏنو آهي. هنن کيس هڪ عظيم شاعر طور نه پر هڪ جادوگر طور ڏٺو آهي جنهن جي شعرن مان اهي فالون ڪڍندا هئا. اهڙو هڪ شارح چوي ٿو ته بيٽرس چرچ جي علامت آهي. ٻئي مطابق هو خدا جي محبت جي جسماني شڪل آهي. اسين هن جديد دور ۾ انهي کي اهڙي انداز ۾ ته نه ٿا ڏسي سگهون پر اها ڳالهه انهي جي سچي عظمت ۾ ڪا کوٽ نه ٿي ڪري.

ڊوائين ڪاميڊي درحقيقت ٻن دورن جي وچ ۾ هڪ پل آهي. انهي ۾ نيڪي جي بنياد طور عقيدي بجاء اخلاقيات جو جيڪو تصور ڏنل آهي اهو انسان دوستي (Humanism) جي جديد نظرين جو پيشرو آهي. سڀ کان وڏي اها ڳالهه ته اهو هڪ عاليشان ۽ سگهارو نظم آهي ۽ لافاني خوشين ۽ غمن جو هڪ اهڙو داستان آهي جنهن جو دنيا جي ادب ۾ ڪو ثاني يا مثال نه آهي.

 

13. ڪينٽربري ٽيلز

-- جافري چاسر --

 

ڪيتريون صديون اڳ اپريل مهيني جي هڪ صبح جو زيارتين (Pilgrims) جو هڪ ٽولو سائوٿ ورڪ جي ٽبارڊ ان (Tabard Inn) مان ڪينٽربري وڃڻ لاءِ نڪتو. اسان کي اها ڳالهه فرض نه ڪري وٺڻ گهرجي ته اهي جيئن ته زيارتي هئا تنهن ڪري اهي خاص طور وڏا مذهبي ماڻهو هوندا. وچئين دور ۾ زيارتي سفر- ۽ زير بحث سال 1380ع کان 1390ع جي وچ وارو ڪو آهي- کي روزاني زندگي جي يڪسانيت وارن ڪمن ڪارين ۾ هڪ وڻندڙ وقفو سمجھيو ويندو هو. اهو نيون جايون ڏسڻ، نون ماڻهن سان ملڻ، اوڀاريون لهورايون ڪرڻ ۽ اعليٰ ۽ ادنيٰ زندگي جون ڳالهيون هڪٻئي کي ٻڌڻ ۾ ۽ ٻڌائڻ جو موقعو هوندو هو. ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر زيارتين جي ڪشش لا ءِڪيتريون ئي مزارون هونديون هيون پر انگلينڊ ۾ سڀ کان مشهور ڪينٽربري هوندو هو جتي وڏي ديول ۾ ٿامس اي بيڪيٽ- سينٽ ٿامس آف ڪينٽربري- جو مقبرو هوندو هو. اهو انهي هنڌ جي بلڪل ويجھو هوندو هو جتي 1170ع ۾ بادشاهه هينري جي چئن سردارن کيس بيدردي سان قتل ڪيو هو.

انهن زيارتن جي سفرن لاءِ سال جي مندن مان بهار کي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندو هو جو تڏهن سڀ روڊ ۽ پيچرا سياري جي پاڻين ۽ برفن کان پوءِ هلڻ جهڙا ٿي ويندا هئا. تنهن ڪري اسين تصور جي اک سان ڏسي سگهون ٿا ته اهي پنهنجن ڪک ڪانن جي بسترن تان صبح جو اٿيا آهن، سادين سودين شين سان هٿ منهن ڌوتا اٿائون ۽ ماني ۽ شراب سان سويري نيرن ڪئي اٿائون. انهن مردن ۽ عورتن کي انگريزن جي داستان جي ذخيري ۾ زيارتين جو سڀ کان مشهور ٽولو ٿيڻو آهي. گهوڙن جي سنبن جو ڦهڪو، طنبيلي ۾ زنجيرن جي کڙ کڙ به ٻڌڻ ۾ اچي پئي. سائيسن جون رڙيون، ”هائو هائو، ”سڀ خير آ“ ۽ هر شي سنڀالي کڻجو“ جا آواز به اچن پيا جڏهن ته سراء جو مالڪ شراب جا گلاس کنيو ۽ ڳوٿري ۾ سڪا کڙڪائيندو هيڏانهن هوڏانهن اچي وڃي رهيو آهي. اتي ئي ڪٿي پسمنظر ۾ جافري چاسر نالي هڪ ڪپڙي لٽي ٺاهوڪو ۽ آسودو نظر ايندڙ همراهه بيٺو آهي. هو پنهنجي ذهن جي اک ۾ اهي سڀ ڳالهيون محفوظ ڪندو پيو وڃي ته هي ماڻهو ڪير آهن، اهي ڪنهن سان مشابهت رکن ٿا ۽ اهي ڪهڙي قسم کي آکاڻي ٻڌائي سگهن ٿا. هو جڏهن گهر پهچندو ته اهي سڀ ڳالهيون چمڙي جي صاف ٽڪرن تي لکي رکندو ۽ سندس ”Canterbury Tales“ هميشه لاءِ سندس ياد تازي رکنديون. هڪ رات اڳ 29 مختلف قسمن جا ماڻهو ٽبارڊ ۾ پهتا هئا. اها سري (Surrey) جي جهنگلن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ آخري سراءِ هئي. هن سمهڻ کان اڳ هر هڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ۽ انهن جي هلت چلت ۽ حيثيت کان واقفيت حاصل ڪئي هئائين. هن جيڪا معلومات گڏ ڪئي آهي هو انهي مان ڪجھ Prologue ۾ ٻڌائي ٿو. اسان جي (انگريزي) ادب ۾ پرولاگ جي حيثيت ايڊورڊ ٽئين جي دور واري انگلينڊ ۾ نظر انيدڙ انساني ڪرداري نمونن (Types) جي هڪ پورٽريٽ گيلري واري آهي. هو سڀ کان پهرئين وچئين طبقي جو هڪ ماڻهو پيش ڪري ٿو ۽ انهي جو بهترين مثال پيش ڪري ٿو.

اهو هڪ سورمو سردار (Knight) ۽ نهايت قابل شخص هو. هن جڏهن کان پهريون دفعو شهسواري شروع ڪئي هئي تڏهن کان کيس دليري ۽ همٿ، سچ ۽ غيرت، آزادي ۽ خوش خلقي سان پيار هو.

هو پنهنجي آقا جي حلقي ۾ پوري عزت جي لائق هو ۽ ڪير به ماڻهو گهوڙيسواري ۾ هن کان اڳتي نه ويو هو.

هو اسپين، اتر آفريڪا ۽ مصر ۾ موئرن (مسلمانن لاءِ عيسائين جو لفظ سنڌيڪار) ۽ ترڪي ۾ ٻين بي دينن سان پندرهن لڙاين ۾ وڙهيو هو. ۽ تلوار بازي جي ڪيترن ئي مقابلن ۾ ثابت قدم رهيو هو.

هو تمام مڪمل معزز سورمو سردار هو. هاڻي توهان کي سندس پوشاڪ جي بابت ٻڌائجي ته سندس وهٽ چڱو خاصو ڀلو هو پر سندس ظاهري شڪل خاص سٺي نه هئي. سندس زره بڪتر تي ڪيترائي نشان لڳل هئا ڇاڪاڻ ته هن جڏهن زيارتي سفر جو ارادو ڪيو هو تڏهن پنهنجي سامونڊي سفر تان تازو موٽيو هو.

هن سان گڏ سندس پٽ به هو. هو هڪ نوجوان معزز هو، هو عاشق مزاج ۽ مضبوط جسم وارو ڪنوارو هو، سندس وار ۽ گهنڊيدار هئا ۽ منهنجو اندازو آهي ته سندس عمر 20 ورهيه هئي.

هو جيتوڻيڪ ايتري ننڍڙي عمر جو هو پر هن ملڪ کان ٻاهر فرانس جي جنگين ۾ بهرو ورتو هو ۽ پنهنجي شايان شان ڪارناما سرانجام ڏنا هئائين جيئن پنهنجي معشوقه جي عنايتن جو حقدار ٿي سگهي.

سندس پوشاڪ تي ائين ڀرت ڀريل هوندو هو جيئن هو ڪا ڇوڪري هجي. هو تازن سفيد ۽ ڳاڙهن گلن سان ڀريو پيو هوندو هو. هو سمورو ڏينهن پيو ڳائيندو ۽ بانسري وڄائيندو هو. هو اهڙو تازو ۽ صاف سٿرو لڳندو هو جيئن مئي جو مهينو.

ان کان پوءِ آبادگار فوجي جو وارو اچي ٿو. هن کي سائي رنگ جو ڪوٽ ۽ ٽوپلو پهريل آهي ۽ ڪمر بند ۾ تيرن جي مياڻ لڳل اٿس. سندس مٿو گول ۽ کوپي جهڙو آهي سندس منهن هيڊو آهي. سندس هٿيار سٺا آهن، مضبوط ڪمان، تلوار ۽ ڍال اٿس ۽ ڀالي جي چهنب جهڙو تکو سهڻو خنجر اٿس. پوءِ انهي سنگت مان هڪ خاتون جو وارو اچي ٿو. سندس تصوير ڪشي به ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ٿيل آهي. هو ڏاڍي سادي سودي، لڄاري ۽ ماڻهن سان گهٽ ملندڙ جلندڙ آهي. هو مَٺ ڌارڻ (Prioress) آهي انهي پاڻ سان گڏ پنهنجي هڪ نن (Nun) ۽ ٽي پادرياڻيون آنديون آهن. سندس نالو مادام انگلينٽائين آهي:

هو ڊوائين سروس (divine service) ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڳائيندي هئي. سندس نڪ مان آواز ڏاڍي سهڻي انداز ۾ نڪرندو هو. هو فرينچ به ڏاڍي مٺي ۽ وڻندڙ آواز ۾ ڳالهائيندي هئي. اسٽريٽ فورڊ ايٽ بوو جي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ پيرس جي فرينچ هن لاءِ نامعلوم نه هئي. کائڻ مهل ڪو گرهه سندس وات مان نه هيٺ ڪرندو هو ۽ نه ئي سندس آڱريون ٻوڙ ۾ آليون ٿينديون هيون.

سندس طبيعت ڏاڍي وڻندڙ هوندي هئي هوءَ پاڻ به خوش مزاجي کي پسند ڪندي هئي ۽ کيس پنهنجي حيثيت تي وڏائي نه هوندي هئي. هو ايتري ته نرم دل هوندي هئي جو هو جيڪڏهن ڪو ڪوئو ڪوڙڪي ۾ ڦاسي مئل يا زخمي ٿيل ڏسندي هئي ته روئڻ لڳندي هئي. هاڻي اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي ته سندس شڪل صورت ڪيئن هوندي هئي.

سندس نڪ سڌو هوندو هو ۽ سندس اکيون شيشي جهڙيون اچيون هونديون هيون. سندس گول وات، ننڍرو، نرم ۽ ڳاڙهو هوندو هو سندس پيشاني به بلاشڪ ته صاف هوندي هئي.

هو سٺو ٺهڪندڙ چوغو پهريندي هئي ۽ سندس ٻانهن ۾ ڪوڏين جي ڪڙن جون چوڙيون هونديون هيون. انهن مان هڪ مان سونو بروچ لڙڪي رهيو هو جنهن تي انگريزي اکر ”A“ ۽ ”محبت هر شي تي حاوي ٿي وڃي ٿي“ جا لفظ اڪريل هئا.

پوءِ هڪ راهب جي تصوير اچي ٿي پر اها ڪا ايتري وڻندڙ نه آهي. اهو ”سٺو پادري“ ٻين ڳالهين کان وڌيڪ راند روند ۽ شيل شڪار جو شوقين هو سندس طنبيلي ۾ سٺا سٺا گهوڙا هوندا هئا ۽ سهن جي شڪار لاءِ پکين جهڙا تيز تازي ڪتا هوندا هئس. هن جو مٿو بلڪل گنجو هوندو هو ۽ سندس منهن ائين لڳندو هو ڄڻ انهي تي تازو تيل جو مک ڏنل هجي ۽ سندس ننڍڙيون چمڪندڙ اکيون ڦرنديون رهنديون هيون. پوءِ آزاد منش ۽ خوش گذاريندڙ عيسائي جو وارو اچي ٿو. عورتون کيس ڏاڍو پسند ڪنديون هيون. سندس گلو بند چاقن ۽ پئسن سان ڀريل رهندو هو جيئن سهڻين عورتن کي ڏيڻ لاءِ ڪم اچي سگهن ۽ هن پنهنجي خرچ تي پنهنجين ڪيترين ئي نوجوان عورتن جي شادي جو بندوبست ڪيو هو.

پوءِ هڪ واپاري جو بيان اچي ٿو. اهو هڪ قابل شخص هو. سندس ڏاڙهي کي وچان سينڌ نڪتل هئي ۽ سندس مٿي تي سمور جي ٽوپي هئي. هو چڱي طرح گهوڙيسواري ڪري سگهندو هو ۽ چڱو خوشحال ڏسڻ ۾ ايندو هو. آڪسفورڊ جي شاگرد جي ظاهري شڪل ڏاڍي مختلف هوندي هئي

اتي آڪسفورڊ جو هڪ ڪلارڪ به هو. سندس گهوڙو بلڪل ڏٻرو هو. ۽ آءٌ خاطري ڪرايان ٿو ته هو بلڪل ٿلهو نه هو. سندس چوغو تمام پراڻو ٿي ڳري ويو هو. جيئن ته هن جو ڌيان هن دنيا جي ڳالهين ڏانهن بلڪل نه هو تنهن ڪري هن چرچ مان ڪو به وظيفو يا ڪو عهدو نه ورتو هو.

هو پنهنجي پلنگ جي مٿن کان سهڻين پوشاڪن، طنبورن ۽ سازن بجاء ارسطو ۽ سندس فلسفي بابت ڪارن ۽ ڳاڙهن جلدن وارن ويهن ڪتابن کي ترجيح ڏئي ها.

پوءِ وري هڪ سارجنٽ آف لا جي تصوير ڪشي ٿيل آهي. کيس هر قانون ياد هوندو هو ۽ هو هر وقت مصروف ڏسڻ ۾ ايندو هو. انهيءَ کان پوءِ هڪ ڳاڙهي رنگ ۽ ڪپهه جهڙي اڇي ڏاڙهي وارو غير خانداني زميندار (Franklin) اچي ٿو. هو صبح جو اٿڻ سان سڀ کان اڳ شراب جي گلاس کي ترجيح ڏيندو آهي ۽ سندس دسترخوان سدائين سٺين شين سان ڀريل هوندو آهي. انهيءَ کانپوءِ بزاز، واڍو، ڪوري، نيرولي ۽ غاليچا ٺاهيندڙ اچن ٿا. انهن سڀني جو ڪاروبار سٺو ڄميل آهي ۽ اهي سڀ ڪائونٽي جي ڪائونسل جا ميمبر ٿيڻ جا اهل آهن. پوءِ هڪ بورچي اچي ٿو جيڪو روسٽ، سجي ۽ فراء سميت هر قسم جا سوپ ٺاهي سگهندو هو ۽ بيڪريءَ جون شيون به سٺيون ٺاهي سگهندو هو. هو مڪئي جي اٽي جو حلوو ته تمام بهترين ٺاهيندو هو. انهي کان پوءِ هڪ طبيب آيو جيڪو هر مرض جو سبب ڄاڻندو هو ۽ تمام سٺي نموني علاج ڪندو هو. پر اسان کي انهن ماڻهن سان وقت نه گذارڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هاڻي اهڙي شخصيت اچي ٿي جنهن جي ڪردار جي تصوير ڪشي چاسر تمام سگهاري نموني ڪئي آهي. هو تمام بي اخلاق، وات ڦاٽوڙي ۽ نسوانيت جو تمام اهم مثال آهي. هوءَ Wife of bath جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.

باٿ جي ڀر ۾ هڪ چڱي زال ويٺي هئي. پر افسوس جو هو ڪجهه ٻوڙي هئي. آچر جي ڏينهن سندس مٿي تي رهندڙ رومال تمام سهڻا ۽ نفيس هوندا هئا ۽ آءٌ سمجھان ٿو ته اهي ڏهن پائونڊن کان گهٽ قيمت جا نه هوندا. سندس جوراب تمام سٺي تيز ڳاڙهي رنگ جا هوندا هئا ۽ سندس جوتا بلڪل نوان ۽ تيل ڏنل هوندا هئا. سندس منهن جو رنگ ڳاڙهو ۽ سهڻو هوندو هو ۽ انهي مان بهادري پئي بکندي هئي. هو سموري زندگي هڪ باحيثيت عورت رهي.

زيارتي سفر تي نڪرندڙ هو به ڪهڙي نه عجيب عورت هئي. هوءَ ٽي دفعا يروشلم وئي هئي ۽ روم ۽ اسپين ۾ سينٽ جيمس جي درگاه تي ۽ ڪولون ۽ بولونيا به وئي هئي. هو ڪا حسين جميل عورت نه هئي، سندس ڏند ڪجھ وڏا هئا پر هو آرام سان گهوڙيسواري ڪري ويندي هئي ۽ کيس محبت ۽ ان جي حادثن ۽ انهي جي علاج بابت سڀڪا ڄاڻ هئي.

هاڻي ڪنهن جو وارو آهي؟ هاڻي هڪ ننڍڙي شهر جي گرجا گهر جو پادري اچي ٿو. هو جيتوڻيڪ غريب هو پر سوچ ۽ عمل جي لحاظ کان امير هو ۽ ڏاڍو پڙهيل لکيل هو. هن جي سماجي طور ڪا حيثيت نه هئي ڇاڪاڻ ته سندس دوست ساٿي به هڪ هر هاري هوندو هو. اهو سندس ڀاءُ هو. پر هو به ساڳئي حيثيت وارو ماڻهو هو. هو سدائين پنهنجي ذمي واجب الادا رقمون بروقت ادا ڪندو هو ۽ هر ڪنهن جي سهڪار لاءِ تيار رهندو هو.“ جيڪڏهن ڪم سندس وس ۾ هوندو هو ته بنا ڪنهن اجوري جي يسوع مسيح خاطر ڪندو هو.“ انهن ماڻهن ۾ هڪ سرڪاري بيلف، چڪي وارو، ڪليسائي عدالت جو هڪ عملدار، معافي نامه وڪڻندڙ (Pardonor) (گرجا گهر جي اختيارين پاران معافي ناما وڪڻندڙ. سمجھيو ويندو هو ته انهن جي ڪري ڪيل گناهه معاف ٿي وڃن ٿا).  رسد جو داروغو ۽ آءٌ خود شامل هئاسين.

انهي رات جڏهن سڀئي گڏجي ويٺا ۽ دير سان تمام سٺي ماني کائي ويٺا ته ميزبان- سندس نالو هينري بيلي هو- سڀ کان اڳ انهن کي اهڙي سٺي گڏجاڻي تي مبارڪ ڏني ۽ پوءِ اها تجويز ڏني ته هر ماڻهو ٻه آکاڻيون ٻڌائي. هڪ ڪينٽربري ڏانهن ويندي ۽ ٻي واپس ايندي ۽ جيڪو به مرد يا عورت سڀ کان سٺي آکاڻي ٻڌائي ان کي ٻيا سڀ ماڻهو ٽبارڊ ۾ ٻيهر گڏ ٿيڻ وقت پنهنجي خرچ تي ماني کارائين. انهي تجويز جي ساراه ٿي ۽ ميزبان اهو ڪم رضا خوشي سان پنهنجي سر تي کنيو ته هو زيارتين سان گڏجي ويندو ۽ انهي ڳالهه جو به پاڻ فيصلو ڪندو. انهي تي به ٻيا سڀ متفق ٿيا ۽ پوءِ سڀ وڃي آرامي ٿيا ۽ صبح جو ڪڪڙن جي ٻانگ وقت سجاڳ ٿيا. انهن جو پهريون ڊاٻو هڪ ٻه ميل اڳتي ٿامس جي کوهه وٽ ٿئي ها. جتي اهي پنهنجن وهٽن جا تنگ ڪشين ها هنان ٺاهي رکن ها ۽ وهٽن کي پاڻي پيئارين ها. اسين سمجھي سگهون ٿا ته اهي هر ڊاٻي تي ۽ پڻ رات جو جڏهن ڪنهن سراء ۾ لهندا هوندا ته آکاڻي ٻڌائيندڙ جي چوڌاري گڏ ٿيندا هوندا.

جيئن ته انهي ساٿ ۾ ٽيهن جي لڳ ڀڳ ماڻهو هئا تنهن ڪري جملي 60 آکاڻيون ٿين ها پر انهي نظم ۾ فقط 23 آکاڻيون آهن. ڪيترن زيارتين جهڙوڪ هاري ۽ آبادگار فوجي ڪا به ڳالهه نه ٻڌائي.

چاسر جيڪڏهن پاڻ ڪي آکاڻيون ٺاهيون هونديون ته انهن جو تعداد به بنهه ٿورو هوندو. شيڪسپيئر وانگر هو به ٻين ماخذن مان اوڌر کڻڻ تي راضي رهيو. ”سورمي سردار جي ڳالهه“ بوڪيشيو جي هڪ آکاڻي جي هڪ مختصر شڪل آهي ۽ پوءِ جي به ڪيترين ڳالهين لاءِ بوڪيشيو جي ڊيڪا ميرون مان مواد کنيو ويو آهي. چڪي واري ۽ سرڪاري بيلف پاران ٻڌايل ڳالهيون جن کي چاسر طوائفن جون آکاڻيون چوي ٿو انهن جو ڪجھ سلسلو فرانس جي منظوم مزاحيه داستانن سان ملي ٿو پر چاسر انهن جي ظاهر ظهور بي شائستگي کي ختم ڪرڻ لاءِ انهن ۾ خوش مزاجي جو ڪجھ عنصر شامل ڪري ڇڏيو آهي. چڪي واري جي آکاڻي جي سورمي اليسن هڪ خاص طور دلپسند تخليق آهي. ارڙهن ورهين جي ڄمار واري انهي زال جو جسم نور وانگر لطيف ۽ لسو هو. سندس اکيون آلوچن جهڙو ڪاريون هيون ۽ سندس وات پال رکيل صوفن جهڙو مٺو هو.

انهيءَ مجموعي ۾ شامل سڀني ڳالهين مان سڀ کان اهم باٿ جي زال جي آکاڻي آهي ۽ انهي جي اهميت جو سبب زال پاران ٻڌايل خود آکاڻي نه پر انهي جو ڊگهو مهاڳ آهي. انهي کي انگريزي ادب جي سڀ کان پهرئين آتم ڪهاڻي چيو وڃي ٿو ۽ انهي ۾ هڪ اهڙي جوان، گرم ۽ پر جذبات عورت جو ڪردار پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي پٺيان هر مرد لڳو پيو آهي ۽ هو به اهو نه ٿي ڏسي ته ”اهو بندرو آهي يا ڊگهو، ڪارو آهي يا ڀورو يا غريب آهي بس مون کي چاهي ٿو.“

جيئن جيئن زيارتي پنهنجي منزل جي ويجهو پهچندا ٿي ويا ته ڳالهه پٺيان ڳالهه جو سلسلو به هلندو ٿي رهيو. آخرڪار اهي ڪينٽربري پهتا ۽ ورندي صبح جو اهي ديول ۾ سينٽ جي مقبري ڏانهن وڌندڙ انبوهه ۾ شامل ٿي ويا. اتي انهن پوڄائون ڪيون. نذر نياز رکيا ۽ تبرڪات خريد ڪيا. انهي کان پوءِ اهي سراء ۾ واپس ويا. چڱي طرح شراب پيتائون ۽ جيئن ئي باک ڦٽي ته واپسيءَ جو سفر شروع ڪيائون.

اهي سڀ ڳالهيون 600 ورهيه اڳ ٿي گذريون هيون ۽ چاسر جي دور کان 150 ورهيه پوءِ به هلنديون رهيون. پوءِ رفارميشن جو دور آيو. شهيد جو مقبرو (Martyr's Tomb) ڀڄي ان جي بيحرمتي ڪئي وئي ۽ زيارتي اچڻ بند ٿي ويا. پر زيارتين جي واٽ تي ٻڌايل آکاڻين کي ڪير به ختم نه ڪري سگهيو. ڪينٽربري ٽيلز انگريزي شاعري جي بهار جي دور جا هميشه زنده رهندڙ ۽ قيمتي يادگار آهن.

14. يوٽوپيا

-- سر ٿامس مور --

 

انسانن جيڪي به خيالي شهر اڏيا آهن انهن مان سڀ کان مشهور جو بيان انگريز اسڪالر ۽ مدبر سر ٿامس مور پاران سورهين صدي جي شروعات ۾ لکيل هڪ ننڍڙي ڪتاب ۾ آيل آهي. انهيءَ جو نالو يوٽوپيا (Utopia) آهي ۽ اهو ايترو ته مشهور آهي جو تڏهن کان وٺي اهڙي قسم جي سڀني خيالي رياستن کي يوٽوپيا سڏيو ويندو آهي.

اهو لفظ به هڪ مرڪب آهي. اهو ٻن يوناني لفطن Ou معنيٰ نه ۽ topos معنيٰ جاء، هنڌ مان ٺهيل آهي. اهڙي طرح انهي جي لفظي معنيٰ ٿي ڪٿي به نه. اهو لفظ مور خود ايجاد ڪيو هو ۽ اهو انهي حقيقت جي يادگيري ڏياري ٿو ته هو علم جي احياء جي دور جي اهڙين تمام مشهور شخصيتن مان هڪ هو جن وچئين دور جي ڊگهي رات کان پوءِ يونان ۽ روم جي قديم ڪلاسيڪي تهذيبن جي نئين سر دريافت مان اتساهه ورتو هو.

مور جنهن وقت اهو ڪتاب لکيو تڏهن هو عمر جي 30 ۽ 40 ورهين جي وچ ۾ هو. هو لنڪن اِن مان پڙهيل بئريسٽر هو. سندس اصيلن جو حلقو وسيع هو ۽ هو هائوس آف ڪامنز جو ميمبر پڻ هو. کيس 1515ع ۾ لوڪنٽريز (هالينڊ، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جو گڏيل نالو- سنڌيڪار) ڏانهن سفير ڪري موڪليو ويو ۽ واپار جو نئون معاهدو ڪرڻ جو ڪم به کيس سونپيو ويو. هو فلينڊرز ۾ هو جو يوٽوپيا جو خيال سندس ذهن ۾ آيو. انگلينڊ واپس پهچي سندس ڪم پايه تڪميل تي پهچي ويو ۽ هن لاطيني ۾ اهو ڪتاب لکيو اهو پوءِ 1516ع ۾ لووين ۾ ڇپيو ۽ جلد ئي انگلينڊ ۾ انهي جون ڪاپيون وڪري لاءِ پهچي ويون. انهيءَ جو پهريون انگريزي ترجمو 1551ع ۾ ڇپيو. ٿامس مور روم جي پوپ جي جاء تي هينري اٺين کي انگلش چرچ جو سربراهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ته کيس ٽاور هل تي موت جي سزا ڏني وئي. اها ڳالهه انگريزي ترجمو ڇپجڻ کان سورهن ورهيه پوءِ جي آهي. انگريزي ترجمو رالف رابنسن نالي ڪنهن ماڻهو ڪيو هو اهو ڪنهن وقت ڪورپس ڪرسٽي ڪاليج ۾ فيلو رهيو هو. رابنسن پنهنجي ترجمي ۾ بهترين، چاشني دار ٽيوڊر جي دور واري انگريزي لکي آهي.

ڪتاب جي شروعاتي جملن مان اسان کي اهو تاثر ملي ٿو ته مور انيٽورپ ۾ انتظار جون گهڙيون ڪاٽي رهيو هو ڇاڪاڻ ته واپاري معاهدي لاءِ ٿيندڙ مذاڪرات جي رفتار تمام آهستي هئي. خوش قسمتي سان هن شهر ۾ ڪي سٺا دوست ٺاهي ورتا هئا ۽ انهن ۾ پيٽرگائيلس نالي هڪ شخص به هو. انهي جي ڳالهه ٻولهه ۽ گفتگو ايتري وڻندڙ ۽ خوشگوار هئي جو مور کي جو پنهنجي اباڻي وطن، پنهنجي زال ۽ پنهنجن ٻارن کي ڏسڻ جي شديد تانگهه لڳي پئي هئي جن کان ڌار ٿئي کيس چار مهينا ٿي ويا هئا، اها گهڻي ماٺي ۽ گهٽ ٿي وئي. هو هڪ ڏينهن صبح جو گرجا گهر مان Divine service ٻڌي واپس اچي رهيا هئا ته پيٽر ئي کيس ڪنهن اجنبي بابت ٻڌايو ”جنهن جي عمر چڱي وڏي هئي، منهن اس ۾ ڪاراٽيل هوس، ڏارهي ڊگهي هئس ۽ ڪلهن تي سادي نموني هڪ چوغو پيل هوس جنهن کي مون سندس پوشاڪ مان فوراً سڃاڻي ورتو ته هو سامونڊي آهي. انهي شخص جو نالو رافائيل هائيٿ لوڊي هو ۽ اڳتي هلي خبر پئي ته هو جيتوڻيڪ سامونڊي نه هو پر پورچوگالي هو ۽ آمريگو ويسپيوسي جي آمريڪا ڏانهن آخري سفر ۾ هن سان گڏ هو. هو 24 ماڻهن جي انهيءَ جٿي مان به هڪ هو جن کي سندن پنهنجي درخواست تي برازيل جي سامونڊي ڪناري جي ويجھو ٺاهيل هڪ قلعي ۾ ڇڏيو ويو هو. دريافتن جي هڪ دور کان پوءِ هو هڪ پورچوگالي جهاز ۾ يورپ واپس پهچي ويو. انهيءَ ڊگهي ۽ خطرن سان ڀريل سفر دوران ئي (مور اسان کي ائين ٿو ٻڌائي پر درحقيقت آکاڻي سندس پنهنجي خيالي ايجاد هئي) هن يوٽوپيا جو ٻيٽ ڏٺو هو. اهو خط استوا جي ڏکڻ ۾ ڪنهن جاء تي واقع هو ۽ هو اتان جي ماڻهن سان پنجن ورهين جو عرصو گڏ رهيو هو.

مور پنهنجي نئين واقف مان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٽنهي ماڻهن پاران گڏجي سندس رهائش تي وڃڻ بابت ڏاڍي سٺي تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي، ”۽ اتي منهنجي باغ ۾ هڪ ساون ٻوٽن سان ڍڪيل بينچ تي اسين ٽئي ڳالهائڻ ويهي رهياسين. انهن ڪلاڪ ٻن تائين انگلينڊ جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن بابت گفتگو ڪئي. انهن جي ڳالهه ٻولهه يوٽوپيا جي ٻن مان پهريون حصو کائي وڃي ٿي.“ پوءِ اسين اندر وياسين ۽ ماني کاڌي سين بيان جو سلسلو جاري آهي. ”جڏهن ماني کاڄي وئي ته اسين وري ساڳئي جاءِ تي آياسين ۽ ساڳئي بينچ تي ويهي رهياسين ۽ پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي ڇڏيو ته ڪير به اسان کي تنگ نه ڪري.“ پوءِ رافائيل جڏهن ڏٺو ته اسين سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ پُراميد ۽ آسائتا آهيون ۽ هو به جائيتو ٿي ويٺو ۽ ٿوري دير ساهي پٽي ڪجھ ويچار ڪري، هيئن ڳالهائڻ شروع ڪيائين.

”يوٽوپيا جو ٻيٽ وچئين حصي وٽ ويڪر ۾ (اتي انهي جي ويڪر سڀ کان وڌيڪ آهي) ٻه سو ميل آهي. انهي ۾ 54 ”وڏا ۽ سٺا شهر آهن. جن سڀني ۾ زبان، ريتون رسمون، ادارا ۽ قانون هڪ جهڙا آهن. گادي جو هنڌ اماروت ٻيٽ جي وچ ۾ واقع آهي. ٻين سڀني شهرن جا نمائندا گڏيل دلچسپي جي ڳالهين تي بحث ڪرڻ لاءِ مقرر وقت تي اتي اچن ٿا. رياست جو سربراهه هڪ شهزادو آهي جنهن کي عام طور سڄي عمر لاءِ چونڊيو ويندو آهي.

سڀئي شهر ساڳئي رٿا تي ٺهيل آهن ۽ تقريباً ساڳئي سائيز جا آهن. گهٽيون 20 فوٽ ويڪريون آهن ۽ انهن ۾ پاڻي جي نيڪاس جو سٺو بندوبست ٿيل آهي. گهر لاڳيتين قطارن ۾ ٺهيل آهن ۽ سڀ ٽه ماڙ آهن. هر گهر ۾ ٻه در آهن: ”هڪ گهٽي ۾ ۽ ٻيو پٺئين پاسي کان باغ ۾ ۽ انهن گهرن کي ڪڏهن به ڪُنڊو يا قلف نه ڏنو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ”جنهن جي مرضي پوي اهو ڀلي اندر هليو وڃي ڇاڪاڻ ته گهرن ۾ اهڙي ڪابه شي نه آهي جيڪا خانگي يا ڪنهن ماڻهو جي پنهنجي هجي.“ هر گهر جي پٺيان هڪ وڏو باغ آهي ڇاڪاڻ ته يوٽوپيائي پنهنجن باغن کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا. شهرن جي چوڌاري ڪيترائي فارم آهن جن تي شهري ۽ ڳوٺاڻا واري واري سان ڪم ڪن ٿا.

انهن جي مرغي خانن تي خاص توجه ڏني وئي آهي. اهي تمام وڏي تعداد ۾ ڪڪڙين جي پالنا ڪن ٿا ۽ اها به هڪ تمام عجيب طريقي سان ڇاڪاڻ ته ڪڪڙيون آنن مٿان ويهن نه ٿيون جو اتان جا ماڻهو آنن کي ڪنهن برابر گرمي جي درجي ۾ رکي انهن ۾ زندگي آڻي انهن کي ڦوڙي وٺن ٿا. مور اها تمام عجيب اڳڪٿي ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته سندس دور ۾ هٿراڌو آري وارو طريقو ڪڏهن به آزمايو نه ويو هو.

سڀ يوٽوپيائي هڪ جهڙا ڪپڙا پهريندا آهن. هائو، باقي مردن ۽ عورتن ۽ پرڻيلن ۽ ڪنوارن جي لباس ۾ ڪجھ فرق هوندو آهي. اهي سياري توڙي اونهاري ۾ ساڳئي قسم جا ڪپڙا پهريندا آهن ۽ هر هڪ ڪٽنب پنهنجا ڪپڙا پاڻ ٺاهيندو آهي. اهي ڪم ۾ چمڙي يا جانورن جي کل جي پوشاڪ پهريندا آهن. اها پوشاڪ ستن ورهين جو چوڙ ڏيندي آهي. اهي جڏهن ڏينهن جو ڪم ڪار ختم ڪندا آهن ته پنهنجي مٿان هڪ ڊگهو چوغو وجھي ڇڏيندا آهن جيڪو ٻي سادي پوشاڪ لڪائي ڇڏيندو آهي. سموري ٻيٽ ۾ اهي چوغا هڪ ئي رنگ يعني اُن جي رنگ جا ٿيندا آهن.“

يوٽوپيا ۾ مردن توڙي عورتن کي فرمن توڙي ڪنهن هٿ جي هنر يا ڌنڌي ۾ ڪم ڪرڻو پوندو آهي. روزانو ڪم جو وقت ڇهه ڪلاڪ آهي. صبح جو ٽي ڪلاڪ، وري ٻه ڪلاڪ مانيء جو وقفو ۽ ٽي ڪلاڪ شام جو. اهي سڀ رات جو اٺين وڳي سمهي پوندا آهن ۽ اٺ ڪلاڪ ننڊ ڪندا اهن. باقي وقت انهن جو پنهنجو هوندو آهي پر اهو به انهن کي اجايو وڃائڻو نه هوندو آهي. اتي ڪيترائي تعليمي ليڪچر ٿيندا آهن. انهن ۾ شرڪت ڪرڻ کي همٿايو ويندو آهي ۽ باغن ۾ به سدائين ڪو نه ڪو ڪم هوندو آهي. اهي موسيقي يا ٻي ڪنهن سٺي صحتمند سرگرمي جي مشق ڪندا آهن ۽ انهن وٽ شطرنج سان ملندڙ جلندڙ ٻه رانديون به هونديون آهن پر اهي ڇڪي يا اهڙي ڪنهن بيوقوفاڻي ۽ نقصان ڪار راند کان واقف نه آهن. شڪار ۽ باز داريءَ کي به تمام سختي سان ننديو وڃي ٿو.

جيڪڏهن ڪير انهي ڳالهه تي ويهي بحث ڪري ته ڏينهن ۾ ڇهه ڪلاڪ ڪم ناڪافي آهي ته اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏجي ته يوٽوپيا ۾ هر ماڻهو ڪم ڪندو آهي اتي غريب ماڻهن جي محنت تي پلجندڙ ڪي به امير ماڻهو نه آهن نه ئي ڪي سُست گهرڀاتي، نه بي هنر رولو، نه واندا پادري، راهب ۽ درويش، نه ڏنڊا مشٽا پينو فقير ۽ نه آڪڙ باز ٻٽاڪي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هر عورت کي به ڪم هوندو آهي ۽ ”عورتون سموري آبادي جو اڌ آهن“.

هاڻي ثابت ٿيو ته ڇهن ڪلاڪن جو ڏينهن ناڪافي ته نه پر اهو ڪڏهن ڪڏهن تمام ڊگهو ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ مئجسٽريٽ پڙها ڏياري حڪم ڏيندا آهن ته ”ماڻهو ڪم کي گهٽ ڪلاڪ ڏيندا.“ انهي جو سبب اهو آهي ته انهن کي غير ضروري محنت ۾ ڪو فائدو نظر نه ٿو اچي. اهي ڪمن ڪارين کي اهڙي طرح ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيئن شهرين وٽ اهڙو گهڻو وقت بچي. جنهن ۾ انهن کي ذهني آزادي حاصل هجي. ڇاڪاڻ ته اهي سمجھن ٿا ته هن زندگي ۾ سهوليت جو دارومدار به انهي ڳالهه تي آهي.

سٺي زندگي جو اهو پهريون يوٽوپيائي قاعدو آهي. ٻيو قاعدو اهو آهي ته ”اهڙي ڪنهن به قسم جي ممنوعه لذت بابت سوچيو به نه جنهن مان ڪو نقصان به نه پهچي.

يوٽوپيا ۾ گذر اوقات لاءِ گهربل هر ضروري شي گڏيل ملڪيت ۾ هوندي آهي. مارڪيٽن ۾ وڏا گدام ٺهيل هوندا آهن جتي سموري ملڪ جي پيداوار ذخيرو ڪئي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن شهر کي ڪنهن شي جي ضرورت هجي ته کيس فقط اتي وڃي اها شي گهرڻي پوندي آهي. ساڳئي طرح هر شي گڏ ڪتب آندي ويندي آهي. اتي گهريلو زندگي جو تصور به گهٽ آهي. هر ڳالهه سڀني جي سامهون ڪئي ويندي آهي. ماني وڏن Dining rooms ۾ کاڌي ويندي آهي. جتي نوجوان تمام توجه سان پنهنجن وڏن کي ماني کارائيندا آهن. مرد بينچ تي ويهندا آهن جنهن جو منهن ڀت ڏانهن هوندو آهي. عورتون وري انهن جي پٺيان ويهنديون آهن. رڌ پچاء جو ڪم عورتون ڪنديون آهن پر ٿڪائيندڙ محنت وارو ڪم ۽ نيچ ڪم غلام ڪندا آهن.“

هاڻي اسين انهن جي شادي جي رواجن ڏانهن اچون ٿا. ”اهي زالون ۽ مڙس چونڊڻ لاءِ هڪ اهڙي رواج تي هلن ٿا جيڪو “ مور لکي ٿو، ”اسان کي ڏاڍو احمقاڻو لڳو. ٿيندو ائين آهي جو ڪا ڳنڀير ۽ ايماندار عورت، ڪنهن ڪنواري يا بيوه عورت کي اگهاڙو ڪري ان سان شادي جي خواهشمند آڏو پيش ڪندي آهي. ساڳئي طرح هوشيار ۽ سياڻو مرد شادي جي خواهشمند مرد کي اگهاڙو ڪري ڪنهن عورت جي آڏو پيش ڪندو آهي. انهي رواج بابت ٻڌي اسين ڏاڍا کلياسين. پر ٻئي طرف وري اهي ٻين قومن جي انهي بيوقوفاڻي هلت تي ڏاڍو حيرت جو اظهار ڪندا آهن ته اهي ڪو گهوڙو خريد ڪرڻ مهل ته، جنهن ۾ ڪجھ پئسن جي ڳالهه هوندي آهي، ڏاڍا محتاط ٿيندا آهن ته اهو بلڪل اگهاڙو هجي ۽ ان تان سڀ سنج ۽ هنا لٿل هجن ته مٿان ان جي هيٺان ڪو چُٽو يا ڦٽ نه لڪل هجي پر اهي زال چونڊڻ وقت جيڪا اڳتي هلي انهن جي سموري زندگي انهن لاءِ خوشي يا ڏک جو باعث ٿيندي، بلڪل بي احتياطي ٿا ڪن. عورت جو سمورو جسم ڪپڙن ۾ ڍڪيل هوندو آهي ممڪن آهي انهن جي هيٺان ڪو اهڙو خراب عيب لڪل هجي جو انهي سبب مرد جي زال ۾ ڪا به دلچسپي نه رهي ۽ پوءِ جدائي جي راهه ۾ به قانون رڪاوٽ هجي.

شادي کان پوءِ حرامڪاري ڪرڻ جي صورت ۾ طلاق جي اجازت آهي. يا ٻنهي زال مڙسن مان ڪنهن جي چال چلت ناقابل برداشت حد تائين بگڙيل هجي تڏهن به طلاق جي موڪل آهي پر ڪنهن مڙس کي اها اجازت نه آهي ته هو فقط انهي ڪري پنهنجي زال کي پاسي ڪري ڇڏي ته سندس جسم ۾ ڪا خرابي ٿي پئي آهي. انهن وٽ رضا مندي سان طلاق جو رستو به آهي جو جڏهن، مرد ۽ عورت پاڻ ۾ راضپي سان نه ٿا رهي سگهن ۽ ٻنهي کي ڪو اهڙو ماڻهو ملي ويو آهي. جنهن سان انهن کي اميد آهي ته هو وڌيڪ خاموشي ۽ خوشي سان رهي سگهندا.

يوٽوپيائين وٽ قانون تمام ٿورڙا ۽ وڪيل ته بنهه نه آهن. اسڪالرن کي وڏي عزت ڏني ويندي آهي ۽ حڪيمن طبيبن کي ڪٿي به گهڻي عزت نه ڏني ويندي آهي. هر شهر ۾ چار اسپتالون آهن. اهي ايتريون وڏيون، ايتريون ويڪريون ۽ ايتريون ته وسيع آهن جو اهي ننڍڙن شهرن جو ڏيک ڏينديون آهن. انهن ۾ ايترو ته سٺو عملو مقرر ٿيل آهي ۽ اهي ايتريون ته آرامده آهن جو بيمار ماڻهو گهر ۾ رهي علاج ڪرائڻ بجاء ايڏانهن وڃڻ کي ترجيح ڏيندو. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي ڪو لاعلاج مرض آهي ۽ سندس زندگي درد ۽ پيڙا سان ڀريل آهي ته هو پنهنجي مرضي سان موت سان همڪنار ٿي سگهي ٿو باقي ٻين حالتن ۾ آپگهات کي سختي سان ننديو ويندو آهي.

پڙهندڙ کي ڪتاب ۾ انهي کان وڌيڪ ڪابه ڳالهه نه کٽڪندي ته جنگ جي عظمتن کي ڪابه اهميت نه ڏني وئي آهي. يوٽوپيا جا رهواسي جنگ يا لڙائي کي تمام وحشياڻي ڳالهه سمجھي انهي کان سخت نفرت ڪن ٿا ۽ وڏي ڪوشش ڪري انهي کان پاند بچائين ٿا. جيڪڏهن انهن مٿان جنگ زوري مڙهي وڃي ٿي ته اهي کٽڻ جي وڏي ڪوشش ڪن ٿا پر انهي لاءِ اهي اهڙا طريقا اختيار ڪن ٿا جن کي اڪثر ماڻهو ناواجب ۽ غير شانائتا سمجھندا.

يوٽوپيائين جي هڪ ٻي خصوصيت قيمتي ڌاتن ڏانهن انهن جو رويو آهي. اهي لوهه کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا ڇاڪاڻ ته اهو گهڻين ئي جاين تي ڪتب اچي ٿو. اهي کاڌي پيتي لاءِ مٽي يا شيشي جا ٿانو ڪتب آڻين ٿا پر اهي سون ۽ چاندي مان عام طور ڪاڪوس پيشاب ڪرڻ جا ٿانو ۽ ٻيا اهڙا ٿانو ٺاهين ٿا جيڪي تمام نيچ ڪارجن ۾ ڪتب اچن ٿا. اهي پنهنجن قيدين ۽ خطاڪارن کي ٻڌڻ لاءِ جيڪي زنجير ۽ ڪڙيون ڪتب آڻين ٿا اهي به سون يا چاندي جون ٺهيل آهن. انهي مان ڏسي سگهبو ته اهي ڪيئن نه سوچ ويچار ڪري اهڙين شين کي نندا ۽ بدنامي سان وابسته ڪن ٿا جن کي ٻيا ماڻهو تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا.

مور يوٽوپيائين جي مذهب بابت به گهڻيون ڳالهيون ڪيون آهن.“ ڪجهه ماڻهو سج ديوتا، ڪجھ چنڊ ديوتا ته ڪجھ ڪنهن ٻئي گرهه جي ديوتا جي پوڄا ڪن ٿا. پر ماڻهن جو سڀ کان ذهين ۽ اڪثريت وارو حصو اهو عقيدو رکي ٿو ته ڪا اڻ ڄاتل خدائي طاقت آهي جيڪا ابدي آهي، سمجھ کان ماورا آهي، جنهن جي سمجھاڻي نه ٿي ڏئي سگهجي ۽ جيڪو انسانن جي عقل جي گنجائش ۽ پهچ کان گهڻومٿي آهي جيڪو پنهنجي جسماني وڏائي نه پر چڱائي ۽ طاقت جي لحاظ کان سموري دنيا تي محيط آهي. هو انهي کي سڀني جو ابو ڪوٺين ٿا.“

يوٽوپيائين جا گرجا گهر تمام سهڻا آهن. نه فقط انهن جي ڪاريگري تمام بهترين ۽ عجيب غريب آهي پر اهي تمام وڏا ۽ وسيع پڻ آهن (اهي جيئن ته تمام ٿورا آهن تنهن ڪري انهن جو وڏو هئڻ ضروري آهي) جيئن انهن ۾ تمام گهڻا ماڻهو سمائجي سگهن. اهي هر مهيني جي پهرئين ۽ آخري تاريخ ۽ هر سال جي آخري ڏينهن انهن گر جا گهرن ۾ گڏ ٿين ٿا. خدا جا شڪرانا بجا آڻين ٿا ۽ دعائون گهرن ٿا ته ايندڙ وقت ۾ به انهن جو ڀاڳ ڀلو رهي. اهي ڪو به زنده جانور قرباني طور ذبح نه ٿاڪن نه ئي هنن جو اهو عقيدو آهي ته جنهن خدا جانورن کي زنده رهڻ لاءِ حياتي ڏني آهي اهو رت ۽ ڪوس ڏسي خوش ٿيندو. اهي موسيقائي اوزارن جي سنگت سان ڀڄن ڳائين ٿا ۽ پادرين سان گڏجي پوچا پاٺ ڪن ٿا. هڪ وڌيڪ ڳالهه جو ذڪر ضروري آهي. انهن جو هڪ قديم قانون اهو آهي ته: جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي مذهب جي قائم رهڻ بابت عقل جو استعمال ڪندو ته ان تي ڪو به الزام نه هنيو ويندو.“

اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ ڪيتري نه افسوسناڪ آهي ته مور ٽيهه سال پوءِ جڏهن لارڊ چانسلر ٿيو ته پنهنجو يوٽوپيائين وارو رواداري وارو لاڙو مڪمل طور وساري ڇڏيائين ۽ پاڻ کي هڪ ظالم ۽ وڏو سزائون ڏيندڙ ثابت ڪيائين.

پر انٽيورپ جي هڪ باغ ۾ ويٺل ماڻهن تي خوفناڪ مستقبل جا ڪي به پاڇا نه ٿا پون. اهي ڪيتريون صديون اڳ سفر تان موٽيل سياح کان انهي رياست بابت ڳالهيون ٻڌي رهيا آهن: جيڪا سچ پچ ته منهنجي خيال ۾ نه فقط سڀ کان بهترين آهي پر اهائي حقي واجبي طور پاڻ تي دولت مشترڪ (common wealth) يا عوامي ڀلائي واري رياست جي نالي جي دعويدار ٿي سگهي ٿي. ”انهن کي اتي ويٺي ڪيترا ڪلاڪ ٿي ويا آهن. بلاشڪ ته ويٺي ويٺي انهن جا سَنڌ سُڪي ويا آهن ۽ شايد ته گاهه به ڪومائجي ويو آهي. ۽ پوءِ اهي رات جي ماني لاءِ گهر ۾ داخل ٿين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org