سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:4 

اهو جيتوڻيڪ سوال جواب ۽ تفتيش جو دور هو پر انهي ۾ اٿينائين واري اها اندروني وحدت نه هئي جيڪا پيريڪلز جي حڪمراني وارن عظيم ورهين جي خاص نشاني هئي. سقراط کي موت جي سزا ڏني وئي (درحقيقت سزا رسمي قسم جي هئي ۽ سقراط تي الزام هڻندڙ اهو ٿي چاهيو ته هو فقط شهر ڇڏي وڃي). سقراط جي سزا به قدامت پرستن ۽ سندس دشمن سوفسطائين ۾ هڪ عجيب اتحاد جو نتيجو هئي. قدامت پرستن جو رايو هو ته سندس نظريا ماڻهن کي ديوتائن ۽ شهر جي ادارن ۾ ويساهه کان ڦيرائي رهيا هئا. ۽ سوفسطائي ته اهڙا نئين قسم جا چالاڪ ماڻهو هئا جن کي نه ديوتائن نه ئي شهر جي ادارن ۾ ڪو ويساهه هو. حقيقت ۾ ايٿنز ۾ هر طرف وڳوڙ هو ۽ سقراط جي موت کان پوءِ افلاطون ۽ زينو فون سپاهي فيلسوف جيڪو پڻ سقراط جو چيلو هو هڪ بهتر سياسي آدرش طور اسپارٽا ڏانهن متوجه ٿيا. اها ڳالهه سمجھ ۾ اچڻ جوڳي ته هئي پر ڏاڍي عجيب هئي ڇاڪاڻ ته فڪري طور تي اسپارٽا وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجھ به نه هو.

افلاطون جو اهو ڪم سمجھ ۾ اچڻ جوڳو هو ڇاڪاڻ ته کيس اسپارٽا ۾ اهڙي هر لحاظ کان سگهاري رياست جو عڪس نظر اچي پيو جنهن ۾ بهترين ماڻهن جي موت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل سياسي ڦوٽ ۽ فڪري بي راهه روي جو وجود نه هو. رياست نالي افلاطون جي هڪ سڀ کان اوائلي مڪالمي ۾ هن پنهنجي آدرشي رياست جا چٽ چٽيا آهن جيڪا حقيقت ۾ هوبهو اسپارٽا جهڙي ته نه هئي پر ٻنهي ۾ هڪ جھڙايون هيون. افلاطون جي آدرشي رياست اجتماعيت پرست يا ڪميونسٽ لاڙا رکندڙ آهي جنهن جو آدرش شهرين جي مادي ڀلائي جو حصول نه پر انهن کي غربت توڙي شخصي عزم ارادي جي اڻهوند ذريعي خوش رکڻو آهي. حقيقت ۾ افلاطون پنهنجي مرڻ کان اڳ انهي راءِ جو ٿي چڪو هو ته خانگي ملڪيت کي ختم ڪرڻ عملي طور ممڪن نه آهي پر هن زمين ۽ موڙيءَ جو ملڪيت جو حق فرد نه پر ڪٽنب کي ڏنو هو.

اهو ڪميونزم جو هڪ وڏگهراڻو ۽ آدرشي قسم هو جنهن ۾ فيلسوف حاڪم هئا ۽ قانون جي نظر ۾ مرد ۽ عورتون برابر هئا ۽ ٻنهي کي ساڳئي تعليم جو حق حاصل هو. شاعرن ۽ قياسي مفڪرن کي انهي رياست مان نيڪالي مليل هئي. انهي ڪتاب کي فقط عجوبي کان وڌيڪ حيثيت اها ڳالهه ڏئي ٿي ته انهي ۾ ذهن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ اهو امڪان ڏيکاريو ويو آهي ته سوچ ۽ فڪر ذريعي سماجي ۽ سياسي بيمارين جو علاج ٿي سگهي ٿو. اسان جي دور ۾ مارڪسٽ افلاطون تي جمهوريت جي دشمن طور (اهو ته هو هئو) حملا ڪندا رهيا آهن ۽ مٿس ڪنهن لحاظ کان جديد ڪارپوريٽ يا فاشسٽي رياست جو ابو هئڻ جي حيثيت ۾ به جھلون ٿينديون رهن ٿيون.

البت اسان کي افلاطون جي سياسي ڪمن ۾ فرانسي انقلاب جي اصولن يا اهڙن محرڪن جي ڪابه مڃتا نه ٿي نظر اچي جن يورپ ۾ آزاد راءِ کي اڀاريو آهي. پر افلاطون پاڻ کي اهڙي ڪنهن به ڏاڍ جي حڪومت يا ڊڪٽيٽرشپ جو دشمن ڪري ڏيکاريو آهي جيڪا سندس خيال مطابق جمهوريت جي غلط استعمال ۽ جمهوريت پاران ماڻهن کي پنهنجون ضرورتون نه ڏئي سگهڻ سبب پيدا ٿئي ٿي.

مڪالمن جو انداز حيرت انگيز طور هر هنڌ ساڳيو آهي انهي ۾ ڪنهن اهم نظريي جي سوالن جوابن وسيلي اوک ڊوک ڪئي وڃي ٿي، يا مڪالمو ڪنهن عام موضوع تي ڪيترين ئي تقريرن جو روپ وٺي بيهي ٿو.

ڪيترن ئي مڪالمن ۾ ڪو نتيجو به نه ٿو ظاهر ٿئي. اهڙي طرح Loches نالي مڪالمي ۾ سقراط هڪ جرنيل، هڪ سپاهي ۽ هڪ عام شهري سان دليري بابت ڳالهائي ٿو پر آخر ۾ انهي بابت ڪو به فيصلو نه ٿو ڪيو وڃي ته ڇا دليري ڪا ذهني ڪوشش آهي يا ڪو حيواني جذبو آهي. لائسس (Lyses) نالي هڪ تمام دلچسپ ۽ مختصر مڪالمي ۾ سقراط اسڪول مان موٽندڙ ٻن ڇوڪرن سان دوستي، ماءُ پيءُ ۽ انهن جي ٻارن سان ورتاءُ ۽ انهن جي اختيار بابت ڳالهائي ٿو، آخر ۾ هو انهي ڳالهه بابت ڪو فيصلو نه ٿا ڪري سگهن ته دوستي ڇا آهي. پر انهي جي باوجود به هن مڪالمي مان اهو اهم افلاطوني نظريو منظر تي اچي ٿو ته جيڪا شيء نه بد آهي نه چڱي اها بدي جي موجودگي سبب چڱائي کي پسند ڪري ٿي.

پروٽاگوراس (هڪ مشهور ۽ تمام ذهين سوفسطائي جي نالي پٺيان) نالي هڪ زوردار مڪالمي ۾ سقراط ۽ پروٽاگوراس کي علم جي ماهيت بابت بحث مباحثو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. پروٽاگوراس جيتوڻيڪ اضافيت جو قائل (relativist) آهي ته به اسين کيس هن مڪالمي ۾ ڪيترن لحاظن کان سقراط بجاءِ افلاطون جي ڏاهپ جي ماهيت بابت سوچ جي ويجھو ڏسون ٿا. انهي هوندي به مڪالمي مان تمام لطيف طريقي سان پهچايل آخري تاثر اهو ٿو ملي ته پروٽاگوراس هڪ ڪوڙو پيغامبر آهي. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي حاصلات مان مطمئن رهندڙ هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو سدائين ماڻهن ۾ مقبول ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ سقراط پاران پڇيل ڏکين سوالن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

فائيڊرس نالي مڪالمو سهڻن بابت بحث لاءِ وقف ٿيل آهي. انهي ۾ سقراط ۽ سندس دوست فائيڊرس ايٿنز جي ٻاهران ڳوٺاڻي علائقي ۾ چهل قدمي ڪندا وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ صنوبر جي هڪ وڻ هيٺان ويهي رهن ٿا. سقراط فائيڊرس کي هڪ وڏي سوفسطائي جو هڪ مقالو پڙهڻ تي آماده ڪري ٿو. فائيڊرس انهي کي ڏاڍو پسند ڪندو هو ۽ انهي جو هڪ مقالو پنهنجي چوغي هيٺان کڻي آيو هو. انهي مقالي مطابق ڪنهن نوجوان کي دوست ۽ صلاحڪار طور اهڙي ماڻهو کي ترجيح ڏيڻ گهرجي جنهن کي هن سان عشق ۽ محبت نه هجي. ڇاڪاڻ ته ممڪن آهي ته عاشق شڪي مزاج هجي، پنهنجو فائدو چاهي ۽ سندس رويو غير عقلي هجي. انهي کان پوءِ سقراط ساڳئي موضوع تي هڪ اڃا سٺي تقرير ڪري ٿو يعني هو صلاحڪار طور ڪنهن عاشق کي قبول ڪرڻ جي نظريي خلاف ڳالهائي ٿو. پر سقراط ڏاڍي ڊرامائي انداز ۾ ڳالهه ختم ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هن محبت جي ديوتا ايروس جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي. هو هڪ ٽئين تقرير ۾ انهي موضوع کي اڳتي وڌائي ٿو ته محبت روح جي هڪ حالت آهي ۽ محبت جو جذبو هڪ لحاظ کان حسن مطلق جي يادگيري آهي جيڪا خدا طرفان روح ۾ وڌي وئي آهي ته ٻئي لحاظ کان فقط انساني خواهش آهي. اهڙي طرح محبت انسان کي سچ ۽ ڏاهپ جو رستو ڏيکاري سگهي ٿي ۽ تنهن ڪري انهي کي ٻين سڀني احساسن تي ترجيح ڏني وڃڻي آهي ۽ انهي کي ڪڏهن به رد ڪرڻو نه آهي جيئن سوفسطائين جي مقالي مان تاثر ملي ٿو.

اها تقرير افلاطون جي سموري مجموعي ۾ تمام تخيلاتي ۽ تمام طاقتور آهي. پر سقراط انهي کان پوءِ به مطمئن نه آهي. انهن سڀني تقريرن ۾ هڪ اهڙي ڳالهه آهي جيڪا سچ نه پر فصاحت ۽ بلاغت سان واسطو رکي ٿي. انسانن کي عظيم موضوعن تي تقريرون ڪرڻ کان اڳ ڏاڍو اونهائي ۾ وڃڻ گهرجي. جيئن ته فطرت انسانن جي ذهنن ۾ ڏاهپ جي محبت رکي ڇڏي آهي پر انهي تائين پهچڻ تمام ڏکيو ڪم آهي ۽ انهي تائين اهڙين تقريرن جي ذريعي ته ڪڏهن به نه ٿو پهچي سگهجي جيڪي انسان ٻڌندا رهيا آهن. سقراط ۽ فائيڊرس پاران وڻن جو جھڳٽو ڇڏڻ کان اڳ سقراط جهنگ جي ديوتائن کان دعا گهري:

اي پيارا پان (pan) ۽ هتي رهندڙ ٻيا سڀئي ديوتائو! مون کي اندروني طور سهڻو ڪريو ۽ منهنجين سمورين خارجي شين کي منهنجي اندر سان هم آهنگ ڪريو. مون کي اهڙو بڻائي ڇڏيو جو آءٌ فقط عقلمند ۽ ڏاهن ماڻهن کي ئي امير ۽ شاهوڪار سمجھان ۽ منهنجي دولت ايتري هجي جيتري چڱائي ۾ ڪم اچي سگهي. اي فائيڊرس ڇا اسان کي اڃا وڌيڪ ڪنهن شي جي ضرورت آهي؟ مون پنهنجي لاءِ جيڪا دعا گهري آهي اها منهنجي لاءِ ڪافي آهي.

تمام وڏي ڪلاسيڪي عالم ۽ افلاطون جي مترجم جوويٽ (Jowett) لکيو آهي: ”تمام نظرين ويندي عيسائي مذهب جي نطرين جا به بنيادي خيال افلاطون ۾ ڏسي سگهجن ٿا.“ اها ڳالهه نه فقط نظرين پر لاڙن جي لحاظ کان به درست آهي. افلاطون کي طبعي سائنس ۾ في نفسه ڪا دلچسپي نه هئي. ڊيموڪريٽس نالي سندس هڪ همعصر اهو شخص آهي جنهن سڀ کان پهريان ايٽم بابت ڪجھ ڳالهايو. پر هن فصاحت بلاغت بجاءِ حساب، ڳڻپ ۽ تجربي جي وڪالت ڪئي آهي. هو ديوتائن بابت وهمي ۽ الهياتي تصورن ۽ انهي وقت جي مروج ديومالا (mytheology) جي خلاف هو پر انساني روح بابت پنهنجن حتمي تصورن کي بيان ڪرڻ لاءِ هن ڪيتريون ئي يوناني روايتون به ڪم آنديون آهن. افلاطون جي خيالن مان ڪيترائي صوفياڻا مڪتب فڪر ۽ روحانياتي فلسفيانا نظام پروان چڙهيا آهن انهي هوندي به افلاطون جي بنيادي حيثيت علم کي يڪجاء ڪندڙ ۽ واضح شروعاتي اصولن جي ڳولهائو ۽ انهن جي وضاحت ڪندڙ واري آهي. افلاطون پنهنجي دور جي ڪيترن ئي عظيم نظرين کي پاڻ ۾ جذب ڪيو ۽ انهن کي اظهار ڏنو، انهن کي پنهنجي گمناميء مان ٻاهر ڪڍي انهن کي انهن سان منسوب مبالغي ۽ داستانن کان آزاد ڪرايو ۽ انهن جو تعلق انسان ذات جي عمومي مشاهدي سان جوڙيو. تنهن ڪري افلاطون جي فلسفي جو فقط سرسري انداز ۾ تت ئي پيش ڪري سگهجي ٿو.

افلاطون جو فلسفو انهي لحاظ کان بنيادي طور اخلاقي فلسفو آهي جو سندس خيال ۾ انسان انهي لاءِ پيدا ٿيو آهي جيئن پنهنجي تڪميل ڪري سگهي ۽ اها تڪميل گهٽ يا وڌ هن دنيا ۾ ئي حاصل ڪئي وڃڻي آهي. انسان قانون کي ورلي ئي سمجھي سگهيو آهي ۽ انهي تي فقط ڪڏهن ڪڏهن اڻپوري نظر ئي وجھي وٺي ٿو، پر اهو ئي سبب آهي جو هو سدائين اهو محسوس ڪندو رهي ٿو ته هن ۾ ڪنهن شي جي کوٽ آهي. هو جيڪڏهن پنهنجي وجود جي انهي قانون کي سمجھي ها ۽ انهي جي پوئواري ڪري ها ته هو مڪمل طور خوش هجي ها. درحقيقت اها ڳالهه اخلاقيات جي عيسائي تصور کان بلڪل مختلف آهي جنهن ۾ اهو نظريو سمايل آهي ته انسان کي پنهنجي ادنيٰ فطرت کي فتح ڪرڻو آهي ۽ اهو آسمان جي بادشاهت کي هن دنيا جو نه ٿو سمجھي. افلاطون مطابق انسان جو انهي کان برتر ڪو فرض ئي نه آهي ته هو پاڻ کي تڪميل جي سکيا سان وابسته ڪري. تڪميل جي ڳولها سندس فطرت سان واسطو رکي ٿي. اهو ڪو اخلاقي امر نه آهي. اها ته انساني فطرت جي سمجھ ڀري ۽ متوازن نشوونما جو هڪ ضروري شرط آهي. چڱائي انهي ڪري چڱائي آهي جو اها صحتمند ۽ سونهن ڀري آهي، انصاف انهي ڪري چڱو آهي جو ناانصافي غير مربوط، غير متوازن ۽ بدصورت آهي.

افلاطون کي فيلسوف طور سڀ کان اهم حيثيت پنهنجي وحدت (Unity) جي تصور جي سبب آهي. هن کي پڪ هئي ته سچ ۽ چڱائي جو وجود آهي ۽ اهي هڪٻئي کان ڌار نه ٿا ٿي سگهن ۽ اهو ته نيڪي جو دارومدار علم تي آهي. چڱائي، سچ ۽ حسن جي انهي وحدت جي بنياد تي افلاطون جو رايو هو ته سڀئي فن جهڙوڪ موسيقي، ادب، شاعري، فن تعمير، فصاحت، سياست ۽ دستڪارين کي لازماً اخلاقي فلسفي جي تابع هئڻ گهرجي ۽ انهن جو قدر به ايستائين آهي جيستائين اهي انهي جي خدمت ڪن. دنيا ۾ ڪوڙو فن تعمير، ڪوڙي شاعري ڪوڙو ادب وغيره به آهن جيڪي انسان کي مڪمل جي حاصلات کان پري رکن ٿا ۽ کيس بي علم ۽ نامڪمل بڻائين ٿا. حقيقت ۾ افلاطون جي نظريي ۽ عيسائيت جي نظريي ۾ ڪيتريون ئي هڪ جهڙايون آهن، پر هي اهڙو نظريو آهي جنهن جو بنياد خدا ۽ انسان ذات جي نجات دهندي ۾ عقيدي بجاءِ انسان ۽ روح بابت عقلي نقطئه نظر تي آهي. پر اهڙا ماڻهو به جيڪي نه ئي وحدت جو افلاطوني نظريو قبول ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي انهن کي يسوع مسيح جون تعليمات قبول آهن اهي به افلاطون کان بي نياز نه ٿا ٿي سگهن. هو سدائين اهڙو انسان ٿي موجود رهندو جنهن تمام غير محسوس طريقي سان، تمام مستقل مزاجي سان ۽ تمام وڻندڙ نموني ۾ ۽ تمام تفصيل سان انسان جي فطرت ۽ انسان جي روح بابت بحث ڪيو.

 

6. ارسطو جو اخلاقيات

 

قديم دنيا جي ليکڪن مان جن جا به ڪتاب اسان تائين پهتا آهن انهن مان ارسطو شايد سڀ کان اهم آهي. افلاطون شايد وڌيڪ مشهور آهي پر افلاطون جي تحريرن جو اڪثر حصو مبهم آهي. ان جي برعڪس ارسطو جا پير مضبوطي سان زمين تي کُتل هئا. هن نظرين بجاءِ حقيقتن کي ترجيح ڏني ۽ هن جو رايو هو ته تجربا ڪري ڏسڻ سان وقت ضايع نه ٿو ٿئي. دنيا هن لاءِ به ايتري ئي پراسرار هئي جيتري افلاطون لاءِ پر کيس ان جي اسرارن ۾ هڪ للڪار نظر آئي. هن ڳولها ڦولها ڪرڻ چاهي ٿي ۽ سندس ذهن ۽ فڪر جو دائرو به ڏاڍو وسيع هو. هن ڀانت ڀانت جي موضوعن تي لکيو آهي. منطق ۽ فلسفو، فطري تاريخ ۽ جاگرافي، نفسيات، علم بدن ۽ تشريح الاعضاء، طبعيات ۽ فلڪيات، سياسيات ۽ اخلاقيات ڪو به موضوع سندس دائري کان ٻاهر نه آهي. سندس تحريرن جو وڏو حصو گم ٿي ويو آهي ۽ باقي بچيل تحريرن جي وڏي حصي کي جديد سائنس جي دريافتن غير درست قرار ڏنو آهي. پر هن خاص طور هڪ ميدان ۾ جيڪو ڪجھ چيو آهي انهي کي اڃا تائين سوچ ۽ بحث جي قابل سمجھيو وڃي ٿو. اهو اخلاقيات جو ميدان آهي.

بظاهر ڏسجي ته اها ڳالهه ڪجھ اچرج جهڙي آهي ڇاڪاڻ ته ارسطو جنهن دنيا ۾ رهيو هو اها اسان جي دنيا کان ڏاڍي مختلف هئي. هو جيتوڻيڪ يوناني هو پر اٿينائي نه هو. هو (384 ق.م ۾) اسٽيجرا ۾ ڄائو هو. اها مقدونيا جي حدن ۾ هڪ يوناني ڪالوني آهي. هو طب سان لاڳاپيل ماڻهو جو پٽ هو جيڪو مقدونيائي بادشاه جو فزيشن-ان-آرڊنري مقرر ٿيل هو. پر جلد ئي سندس پيءُ گذاري ويو ۽ هو سترهن ورهين جي ڄمار ۾ ايٿنز ويو هليو جتي شاگرد طور افلاطون جي مشهور اڪيڊمي ۾ داخل ٿيو. هو ويهن ورهين تائين افلاطون سان گڏ رهيو ۽ پوءِ سندس استاد جي وفات تي مختلف شهرن ۾ پڙهائيندو رهيو ايستائين جو 343 ق.م ۾ مقدونيه جي بادشاه فلپ پاران سندس پٽ جو اتاليق ٿيڻ جي آڇ قبول ڪيائين. اهو پٽ مستقبل جو سڪندر اعظم هو.

لڳي ٿو ته سڪندر ۽ سندس پٽ ارسطو جو وڏو قدر ڪيو ۽ طبعي سائنس ۾ سندس اڀياس جي دل کولي پٺڀرائي ڪئي. انهي سائنس ڏانهن لاڙو کيس پيءُ کان ورثي ۾ مليو هو. پر جڏهن سڪندر ايشيا فتح ڪرڻ جي مهم تي نڪري ويو ته ارسطو ايٿنز موٽي ويو ۽ اتي لائشيم نالي وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ فلسفي جو هڪ اسڪول هلائڻ لڳو. اهو پوءِ هلندڙ ڦرندڙ (Peripatetic) اسڪول جي نالي سان سڃاتو وڃڻ لڳو. انهي ڪري جو ارسطو کي پنهنجن شاگردن سان ڳالهائيندي گهمڻ جي عادت هوندي هئي. سڪندر جي وفات کان پوءِ ارسطو کي نون حڪمرانن جي خوشنودي حاصل نه رهي ۽ هو ڪاري سمنڊ جي ڪناري      (chalcis) ۾ گوشه نشين ٿي ويو ۽ جلد ئي پوءِ (322 ق.م ۾) فوت ٿي ويو.

انهن ننڍڙين شهري رياستن واري دنيا ۾ سياسي اقتصادي ۽ سماجي ۽ مذهبي حالتون جيتوڻيڪ اسان جي دنيا کان مختلف هيون پر ارسطو کي سٺي زندگي بابت ڳالهائيندي جيڪي مسئلا درپيش ايندا هئا- اخلاقيات جي دائره ڪار ۾ به گهڻي قدر اهي ئي ڳالهيون آهن- اهي انهن کان گهڻو مختلف نه هئا جيڪي اسان کي اڄ درپيش اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سندس انهي موضوع تي لکيل تحريرن ۾ هڪ دائمي ڪشش آهي. اهي ٻن مقالن تي مشتمل آهن. انهن مان وڌيڪ اهم Nickomackean Ethics آهي. نڪوماڪس ارسطو جي هڪ داشته مان پٽ جو نالو آهي ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته اهو ڪتاب هن ڏانهن مخاطب ٿي لکيل آهي يا شايد ته هن اهو پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ ايڊٽ ڪيو آهي. ٻيو مقالو Eudemian ethics جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. يوڊيمس ارسطو جو هڪ شاگرد هو. سمجھيو وڃي ٿو ته اهو هن ايڊٽ ڪيو آهي. ڪجھ عالمن جو رايو آهي ته يوڊيمس کي انهي جو ليکڪ سمجھي سگهي ٿو.

ارسطو فلسفي بابت پنهنجين سڀني تحريرن ۾ پاڻ کي teleologist ظاهر ڪري ٿو يعني هو زير بحث ڳالهين جي تعبير مقصد يا غايت جي لحاظ کان ڪري ٿو. انهي ڳالهه جو چٽو ثبوت سندس نڪوماڪين ايٿڪس جي پهرئين بيان مان ئي ملي ٿو. ”هرفن ۽ هر سائنس“ اهو انهن لفظن سان شروع ٿئي ٿو ”۽ ساڳئي طرح  هراخلاقي انتخاب بابت سمجھيو وڃي ٿو ته انهن جو مقصد ڪا چڱائي هوندو آهي. اها چڱائي ڪهڙي آهي انهي جو دارومدار لاڳاپيل شين تي هوندو آهي. ڪجھ ڪم فقط انهي لاءِ ڪيا ويندا آهن جو اهي ڪنهن مقصد تائين پهچائيندا آهن، يا انهن مان ڪو نتيجو ملندو آهي. جڏهن ته ڪجھ ڪم انهي لاءِ ڪيا ويندا آهن جو خود اهي گهربل هوندا آهن. پر اها ڳالهه پڪي طرح واضح آهي ته اهڙي ڪا ڳالهه لازماً هئڻ گهرجي جنهن کي مکيه چڱائي (Chief Good) يعني سڀني ڳالهين مان سٺي ڳالهه چئي سگهجي. جيستائين انسانن جو تعلق آهي اهو مقصد انسان جي ڀلائي هئڻ گهرجي.

هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته اها مکيه چڱائي ڪهڙي آهي؟ هاڻي انهي ڳالهه تي چڱو اتفاق راءِ آهي ته اها مکيه چڱائي eudaimonia آهي. اهو يوناني لفظ آهي جنهن جي عام طور معنيٰ خوشي (happiness) ڪئي ويندي آهي جيتوڻيڪ انهي جي ممڪن طور بهتر معنيٰ ڀلائي يا بهبود ٿيندي. وڌيڪ عام لفظ ڪتب آڻبو ته (ارسطو چوي ٿو) عام ماڻهو ۽ چند مهذب ماڻهو انهي کي خوشي جي نالي سان سڏين ٿا. ۽ اهي ”چڱي انداز ۾ رهڻ“ ۽ ”چڱا ڪم ڪرڻ“ کي ”خوش رهڻ جي هم معنيٰ سمجھن ٿا. پر ماڻهن ۾ انهي خوشي جي ماهيت بابت اختلاف آهي ۽ عام ماڻهو انهي جي تشريح ۾ عقلمندن سان يڪراء نه آهن. ڇاڪاڻ ته ڪجھ ماڻهو چون ٿا ته اهي اهڙيون شيون آهن جيڪي ظاهر ڏسڻ ۾ اچن ٿيون يا محسوس ڪري سگهجن ٿيون جهڙوڪ خوشي، دولت يا عزت. حقيقت ۾ اها ڪڏهن ڪا شي ته ڪڏهن ڪا شيءِ هوندي آهي. ڇو جو ساڳيو ماڻهو انهي بابت جدا جدا ڳالهه پيو ڪندو آهي. هو جڏهن بيمار هوندو آهي ته انهي کي صحت چوندو آهي. جڏهن غريب هوندو آهي ته انهي کي دولت سڏيندو آهي ۽ عام ماڻهو پنهنجي لاعلمي کي ذهن ۾ رکندي انهن ماڻهن کي پسند ڪندا آهن جيڪي وڏيون وڏيون ۽ انهن کي سمجھ ۾ نه ايندڙ ڳالهيون ڪندا آهن.

اهي سڀ رايا ايترا ته هڪٻئي کان مختلف آهن جو اسين انهي نتيجي تي پهچي سگهون ٿا ته خوشي کي مکيه چڱائي چوڻ هڪ عام رواجي ڳالهه آهي ۽ اسين جنهن ڳالهه جي تلاش ۾ آهيون اها گهڻي واضح ۽ چٽي شيء آهي. درحقيقت انهي جي اصل ماهيت ڇا آهي. ”هاڻي اهو مقصد تڏهن سولائي سان حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن اسين اهو دريافت ڪري وٺون ته انسان جو ڪم ڪهڙو آهي.“ ڇاڪاڻ ته سنگ تراش، يا ٻئي ڪنهن به قسم جو دستڪار يا اڃا وڌيڪ عام انداز ۾ ڳالهائيندي چئجي ته اهي سڀ ماڻهو جيڪي ڪنهن قسم جو ڪم ڪن ٿا يا ڪنهن راهه تي هلن ٿا انهن بابت سمجھيو وڃي ٿو ته انهن جي مکيه چڱائي يا عمدگي انهن جي ڪم ۾ هوندي آهي. ساڳئي طرح ڏسڻ ۾ ايندو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪم جو تعلق انسان سان آهي ته مکيه چڱائي به انسان ۾ هوندي. ”جيڪڏهن ڪنهن قسم جو ڪم آهي... پر اهو فرض ڪرڻ بلڪل غير واجبي هوندو ته ”جڏهن ته واڍي ۽ موچي جا ڪجھ ڪم آهن پر انسان کي انسان جي حيثيت ۾ ڪو ڪم نه آهي. کيس فطرت طرفان بغير ڪم جي ڇڏيو ويو آهي.“

هاڻي انهي کي ڇا ٿو چئي سگهجي؟ انهي کي فقط زندگي ته نه ٿو ڪوٺي سگهجي. ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ته هن ۾ ۽ ٻوٽن سبزين ۾ به مشترڪ آهي.“ نه ئي انهي کي احساس واري زندگي ڪوٺي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ته گهوڙن ڍڳن ويندي هر هڪ جانور ۾ به آهي.“ اها لازماً اهڙي ڳالهه هئڻ گهرجي جنهن جو بلڪل خاص طور انسان سان تعلق هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سندس امتيازي خوبي سوچ ۽ تميز جي سگهه آهي. اهڙي طرح اسين ارسطو جي انهي نتيجي تي پهچون ٿا ته انسان جي چڱائي جو مطلب آهي. ”عمدگي جي حاصلات ۾ روح جي ڪارگذاري، يا عمدگي ۾ جيڪڏهن ڪا درجي بندي ٿي سگهي ٿي ته بهترين ۽ سڀ کان مڪمل عمدگي.“

ارسطو مکيه چڱائي جي انهي اڻ چٽي خاڪي پيش ڪرڻ کان پوءِ فڪري ۽ اخلاقي خانن ۾ انساني عمدگي جو تجزيو ڪرڻ ڏانهن وڌي ٿو. هو انهي جي وصف اهڙي حالت جي صورت ۾ ڪري ٿو جنهن ۾ انسان ڄاڻي واڻي ڪا چونڊ ڪري ٿو، هو پنهنجو عقل ڪتب آڻيندي انتهائن جي وچ مان اهڙي طرح ڪا چونڊ ڪري ٿو ”جيئن عملي ڏاهپ وارو ڪو ماڻهو ڪو فيصلو ڪندو آهي.“ اتان اسين ارسطو جي نطام جي سڀ کان مشهور خصوصيت يعني (Doctrine of the Mean) تي پهچون ٿا.

نيڪي هڪ وچ واري حالت آهي. هو دليل ڏئي ٿو ته: ”اها ٻن غلطي وارين حالتن جي وچ واري حالت آهي. هڪ پاسي تمام وڌاءُ آهي ۽ ٻئي پاسي غلطي آهي. انهي جو سبب اهو آهي جو هڪ پاسي واري غلط حالت نيڪي کان کُٽي ٿي پوي ۽ ٻئي پاسي واري حالت نيڪي کان وڌي ٿي وڃي. هو پوءِ سندس چواڻي مکيه نيڪين جي هڪ فهرست يا جدول ٺاهي ٿو ۽ پوءِ ڏيکاري ٿو ته انهن مان هر هڪ ڪيئن گهڻي وڌيڪ ۽ گهڻي گهٽ کان وچ تي آهي. جرئت ۽ دليري هوڙيائي ۽ بزدلي جي وچ واري حالت آهي. خودڪفايت اسراف ۽ تمام گهٽ خرچ جي وچ واري حالت آهي. نماڻائي تشدد ۽ پاڻ کي ذليل ڪرڻ جي وچ واري حالت آهي. ارسطو جنهن ڳالهه کي سولي خوشگواريت ڪوٺي ٿو اها باندر ۽ مسخري جي اداڪاري جي وچ واري حالت آهي. دوستاڻو رويو رکندڙ ماڻهو خوشامدي ۽ ويڙهاڪ جي وچ واري ”خوش باش اعتدال“ واري حالت تي هلندو آهي.

نيڪي جي انهن رُخن کي ايندڙ ٽن حصن ۾ تفصيل سان بحث هيٺ آندو ويو آهي. شروعات دليري سان ٿئي ٿي. ڪجھ اهڙيون ڳالهيون به آهن جن کان بلڪل مناسب نموني بهادر سڏيو ويندڙ ماڻهو به ڊڄي سگهي ٿو. مثلاً انهن مان هڪ بيعزتي آهي. پر کيس ڪنهن به حالت ۾ غربت، بيماري يا ويندي موت کان به نه ڊڄڻ گهرجي. موت اهڙي ڳالهه آهي جنهن کان اڪثر ماڻهو تمام گهڻو ڊڄن ٿا. ”ڇاڪاڻ ته اهو سڀني ڳالهين جي پڄاڻي آهي ۽ مئل ماڻهو چڱائي توڙي برائي ڪنهن به ڳالهه جي قابل نه هوندو آهي. ڪنهن سچي بهادر ماڻهو کي جنگ يا ٻي ڪنهن اوچتي هنگامي حالت ۾ باعزت موت کان ڪو به ڊپ نه ٿيندو آهي نه ئي اهڙي ماڻهو کي ڊڄڻو چئي سگهجي ٿو جيڪو پنهنجي زال يا ٻارن جي بيعزتي کان خوف محسوس ڪري. غربت، محبت جي ڏک يا ٻئي ڪنهن ايذائيندڙ شي کان فرار لاءِ موت قبولڻ ڪنهن دلير ماڻهو نه پر بزدل جو ڪم هوندو آهي.“ ڇاڪاڻ ته ڪنهن بامشقت ڪم کان ڀڄڻ بزدلي کان سواءِ ڪجھ به نه آهي.

پوءِ اهو ماڻهو اچي ٿو جنهن کائڻ پيئڻ ۽ جنسي صحبت جھڙين لذتن ۾ ضبط نفس حاصل ڪري ورتو آهي. هو انهن سڀني ڳالهين ۾ وچ واري رستي تي هلڻ جي ڪوشش ڪري ٿو يعني هو اهي لذتون وچٿري انداز ۾ ماڻي ٿو نه گهربل انداز کان وڌيڪ ۽ نه ئي نامناسب وقتن تي. جيڪي شيون صحت ۽ جسم جي بهتري لاءِ ڪارآمد آهن ۽ وڻندڙ به آهن هو اهي وچٿري انداز ۾ وٺندو. مڪمل ضبط نفس وارو ماڻهو مختصر طور چئجي ته: ”پنهنجي خواهشن کي صحيح عقل جي رهنمائي مطابق ضابطي ۾ رکي ٿو. وري کليل هٿ واري ماڻهو جي بيان ۾ ڪجھ صفحا آيل آهن. جيڪو مناسب شين لاءِ مناسب انداز ۾ پئسا ڏيندو ۽ خرچ ڪندو. هو وڏين توڙي ننڍين شين تي هڪ جھڙي انداز ۾ خرچ ڪندو ۽ اهي سڀ ڪم پاڻ کي راحت ڏيڻ لاءِ ڪندو.“ انهي کان پوءِ اسين شاندار ماڻهو جي تصوير تي پهچون ٿا. ارسطو جو اهو بيان بلاشڪ ايٿنز جي وڏگهراڻن، مشهوري جي متلاشي خرچائن جي مشاهدي تي ٻڌل آهي. ”شاندار ماڻهو جا خرچ تمام وڏا ۽ ٺهڪندڙ آهن: ڇاڪاڻ ته سندس ڪم ڪار به اهڙا ئي هوندا آهن. ڪنهن به ڪم ۾ هن جي سوچ اها هوندي ته اهو ڪيترن پئسن ۾ نه پر ڪهڙي طرح تمام سهڻي ۽ ٺهڪندڙ نموني ۾ ٿئي ٿو. هن کي جيڪي به ادائيگيون ڪرڻيون پونديون انهن کي عزت لائق ڪوٺيو ويندو جهڙوڪ ديوتائن لاءِ باسيل نذر نياز، انهن جي مندرن تي ڪرايل آرائشي ڪم، قربانيون ۽ ساڳئي طرح هر اهو ڪم جنهن جو خدا سان واسطو آهي ۽ اهڙا سڀ عوامي معاملا جن جو شانائتي حوصلي مندي سان تعلق آهي....... شاندار ماڻهو جي اها خصوصيت آهي ته هو هر ڪم شاندار نموني ڪندو آهي.

هاڻي آهستي چُرپر ڪندڙ، ڳري آواز وارو ۽ ڳالهه ٻولهه جي مصنوعي انداز وارو“ ماڻهو منظر تي اچي ٿو. هو وڏي ذهن وارو ماڻهو آهي ۽ ارسطو انهي بابت جيڪو ڪجھ چوي ٿو اهو مڪمل يوناني انداز ۾ آهي. ٻين ڪيترين ڳالهين سان گڏوگڏ اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ”هو اهڙو ماڻهو نه آهي جيڪو ننڍڙا خطرا کڻي نه ئي هو پاڻ خطرن کي دعوت ڏئي ٿو ڇاڪاڻ ته هو تمام ٿورين ڳالهين کي ڪا اهميت ڏئي ٿو. پر هو تمام وڏا وڏا خطرا سر تي کڻي ٿو ۽ هو جڏهن نڪري پوي ٿو ته هو پنهنجي سر جو سانگو به نه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته ڪڏهن اهڙيون حالتون پيدا ٿي پون ٿيون جن ۾ زنده رهڻ ڪا اهميت نه رکندو آهي.“ هو اهڙي قسم جو ماڻهو آهي جيڪو ٻين تي مهربانيون ڪندو آهي پر کيس ٻين کان فائدا وٺڻ کان شرم ٿيندو آهي. پهرئين ڪم مان کيس برتري جو احساس ملندو آهي ۽ ٻئين ڪم مان کيس شرمندگيءَ جو احساس ٿيندو. ۽ وڏي ذهن واري ماڻهو جي اها به خصوصيت هوندي آهي ته هو وڏي مرتبي وارن يا ڀلي ڀاڳ وارن ماڻهن سان شان شوڪت سان ملندو آهي پر وچئين طبقي جي ماڻهن سان ميٺ محبت سان ملندو آهي. ڇاڪاڻ ته گهٽ درجي وارن ماڻهن سان طاقت ۽ حيثيت واري هلت رکڻ ڪميڻائپ ۽ بيهودگي ٿيندي ۽ انهي جو مطلب ڪمزورن آڏو طاقت جي نمائش هوندي. هن بابت هڪ وڌيڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته: هو اهڙي قسم جو ماڻهو آهي جيڪو فائدي مند سهڻيون ۽ بي لاڀ شيون- ڪير انهن کي بي ڪار به ڪوٺي سگهي ٿو- حاصل ڪرڻ کي اهميت ڏيندو آهي.

مجموعي طور، ارسطو جو وڏي ذهن وارو ماڻهو ارڙهين صدي جي انگريز معزز ماڻهو جو هڪ مثالي نمونو ٿي سگهيو ٿي جيڪو تصويرون، ٽامي جا ٿانو ۽ نفيس چيني جا ٿانو فقط انهي ڪري گڏ ڪندو هو جو اهي اميرن جي ڪم جون شيون هونديون هيون.

وڻندڙ ڪردار جي هڪ حصي طور انصاف جي تجزيي لاءِ هڪ مڪمل حصو (پنجون) وقف ٿيل آهي. انصاف جي مناسب ڄاڻ هئڻ يعني اهو ڄاڻڻ ته اهو ڇا آهي ۽ اهو ڪيئن لاڳو ٿيڻ گهرجي جي هر اهو يوناني شهري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو جنهن کي پنهنجي شهريت تي فخر هوندو هو ڇاڪاڻ ته کيس ڪهڙي به وقت جيوري جو ميمبر ٿيڻ يا عوامي عدالتن ۽ اسيمبلين ۾ ٽياڪڙ ٿيڻ لاءِ گهرائي سگهجي پيو. ارسطو انصاف جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن: هڪ ورهاستي (Distributive) جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي ته ورهائي ويندڙ شي مان ڪنهن ماڻهو جو مناسب حصو ڪيترو ٿيندو، ٻيو اصلاحي (Corrective): يعني قانوني عدالتن جو انصاف ۽ ٽيون تجارتي (Commercial) جنهن تحت واپاري ڏيتيون ليتيون ٿين ٿيون. ڪتاب جي باقي حصي ۾ (جملي ڏهه حصا آهن) انهن مختلف موضوعن جون وضاحتون آهن جيڪي اڳيئي بحث هيٺ اچي چڪا آهن.

”اسين انهن موضوعن تي پنهنجي مختصر انداز ۾ ڪافي ڳالهائي چڪا آهيون.“ ارسطو آخر ۾ چوي ٿو. پر چڱي زندگي جو اهو مسئلو بحث ذريعي طي نه ٿي سگهيو آهي. اهو زندهه رهڻو آهي. ”جنهن کي چڱو ٿيڻو آهي انهي لاءِ ضروري آهي ته ان جي سٺي ماحول ۾ پرورش ٿي هجي ۽ هو سٺي جاءِ ۾ رهيو هجي. پوءِ هو سٺن ادارن هيٺ رهيو هجي ۽ هن ڪڏهن به نيچ ۽ ذليل ڪم نه ڪيا هجن. اهي مقصد فقط اهي ماڻهو ئي حاصل ڪري سگهن ٿا جيڪي ڪنهن رهنما عقل (Guiding Intellect) جي اصولن مطابق هليا هجن ۽ انهن جي پٺ تي طاقت به هجي. ٻين لفظن ۾ اخلاقيات کي سياست بابت ڳالهائڻ کان سواءِ بحث هيٺ آڻي ۽ طي ڪري ئي نه ٿو سگهجي ۽ درحقيقت نڪوماڪي اخلاقيات سڌو ارسطو جي سياسيات (Politics) ڏانهن وٺي وڃي ٿي. هاڻي اسين مکيه چڱائي بابت انهي پهرئين بيان ڏانهن وڃون ٿا. ارسطو جي ذهن ۾ عقلي ماڻهو (Rational Man) جو هميشه جيڪو تصور هو انهي لاءِ مکيه چڱائي اهڙي زندگي آهي جيڪا خوشگوار وچ جي اصول تي هلندي عقل مطابق اهڙي حالت يا سماج ۾ گذاري وڃي جھڙي يونانين پنهنجي ڏاهپ جي عروج واري دور ۾ پنهنجي لاءِ حاصل ڪئي هئي.

 

7. اينيڊ

-- ورجل (VIRGIL)

 

اينيڊ ڪلاسيڪي روم جو سڀ کان عظيم جنگ نامو آهي ۽ انهي کي 19 ق.م ۾ ورجل جي وفات کان پوءِ شهنشاهه اَگسٽس جي حڪم تي ڇپجڻ کان وٺي هڪ ادبي شاهڪار مڃيو وڃي ٿو. قديم روم جي همٿ ۽ بهادري ۽ عزت ۽ وقار جي آدرشن کي لازوال ڪرڻ لاءِ لکيل اهو شاندار جنگ نامو هڪ شرميلي، نماڻي ۽ زنانو انداز رکندڙ ڏات ڌڻي لکيو هو. انهي ڳوٺاڻي زندگيءَ بابت شعر لکي مشهوري ماڻي هئي ۽ کيس جنگي شان شوڪت سان ڪو به لڳاءُ نه هو.

پبلئس ورجيلئس مارو (Publius Virgilius Maro) منٽوا جي ويجھو 15 آڪٽوبر 70 ق.م تي اَگسٽس جي پيدائش کان ست ورهيه اڳ ڄائو هو. هن کي عالماڻي تعليم ملي هئي پر انهي وقت ۾ رومي دنيا جا بنياد لوڏي ڇڏيندڙ گهرو لڙاين جي سلسلي سندس خاموش مطالعي ۾ رخنو وجھي ڇڏيو هو ۽ انهن گهرو لڙاين ۾ سيزر ۽ پومپي جي وچ ۾ ۽ آڪيٽوين ۽ اينٽوني جي وچ وارا تڪرار اهم آهن.

جڏهن آڪٽيوين روم جي غير متنازع حاڪم طور منظر تي آيو ۽ انهي جي نتيجي ۾ فوجن جي چُرپر ختم ٿي وئي ته ملڪ واپس ايندڙ فوجين جي آباد ڪاري لاءِ زمينن جي سرڪاري حق ۾ ضبطي ضروري ٿي پئي. آڪٽيوين انهي مقصد لاءِ ورجل جي ذاتي جاگير سميت منٽوا جي ڪيترن ئي علائقن تي قبصو ڪري ورتو. اها زمين جنهن سپاهي کي ڏني وئي انهي ڏاڍي بيدردي سان شاعر کي نيڪالي ڏئي ڇڏي ۽ کيس ماري ڇڏڻ جون به ڌمڪيون ڏيڻ لڳو. انهي سان اهڙي شخص جي حوصله افزائي ته بلڪل نه ٿي سگهي هوندي جنهن کي اڳتي هلي فوجي ڪارنامن جا گيت ڳائڻا هئا. ميسيناس جيڪو ادب ۽ فن جو وڏو سرپرست هو انهي آڪٽيوين کي سفارش ڪئي ۽ شاعر جي ميراث کيس واپس ملي. جڏهن ورجل جا The Eclogues نالي ديهي زندگي بابت گيت آڪٽيوين جي حلقي ۾ پڙهيا ويا ته هو روم جو سڀ کان وڏو عام مقبول شاعر ٿي پيو.

آڪٽيوين جيئن ئي شهنشاهه اَگسٽس جي نالي سان تخت تي ويٺو ته هن اهو طي ڪري ڇڏيو ته هو جهڙي قسم جي روم جي تخليق چاهي ٿو انهي کي هومر جي معيار جهڙي شاعري مان اتساهه ملڻ گهرجي. اهڙي طرح اَگسٽس جي حاصلات جي چوگرد ڦرندڙ قومي جنگ نامو تصنيف ڪرڻ جي رٿا کان هربا صلاحيت شاعر باخبر ٿي ويو. انهي تجويز کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ گهربل علمي گهرائي ۽ فني طاقت فقط هڪ ماڻهو وٽ هئي ۽ اهو هو ورجل. هن پنهنجي زندگي جا آخري يارنهن ورهيه اينيڊ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا. هو اڳ ۾ نثر ۾ لکندو هو ۽ پوءِ جڏهن موڊ ٿيندو هوس ته ان کي شعر ۾ آڻيندو ويندو هو. اهڙي طرح هو انهي جي حصن بابت به ڪنهن خاص ترتيب مطابق نه هليو. اهڙي طرح هو آهستي آهستي لکندو ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اڳ ۾ لکيل ڳالهيون به وسري وينديون هئس. سندس ڪم ۾ بعضي بعضي جيڪي بي ربطيون نظر اچن ٿيون انهن جو سبب به اهو ئي آهي. انهن اوڻاين ۽ ڪجھ اڻپورين سٽن مان اهو اشارو ملي ٿو ته هو ايترو وقت جيئرو نه رهي سگهيو جو سموري اينيڊ تي نظرثاني ڪري ۽ ان جي وڌيڪ ٺاهه ٺوهه ڪري سگهي. حقيقت اها آهي ته هو انهي مان ايترو ته غير مطمئن هو جو مرڻ وقت سندس اها خواهش هئي ته انهي کي جيڪر ساڙي ڇڏجي.

ورجل به انهي واقعي مان پنهنجو موضوع چونڊيو جنهن کي هومر لازوال بڻائي ويو هو يعني ٽراءِ جو محاصرو پر اطالويءَ جي آکاڻي جو بنياد اهو داستان آهي جنهن مطابق ٽروجان جو پناهگير اينياس ۽ سندس پيروڪارن جو جٿو مغرب ۾ پهچي ٿو. ورجل جي نظرن ۾ اينياس هڪ عام انسان ۽ روايتي جنگنامي جي هيرو کان گهڻو وڌيڪ هو. هو روم جي عظمت ۽ هڪ لحاظ کان خود شهنشاهه اَگسٽس هو يعني تنهن وقت جي معلوم دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت جي اميدن ۽ تقدير جو عملي روپ.

شايد شاعر جي حساس ۽ نازڪ طبيعت جي سبب هن لاءِ پنهنجي تخليق ۾ پنهنجي برتر انسان (Super man) جي ڪردار جي ڳولها تمام ڏکيو ڪم هو ۽ سندس سڀ کان وڏا مداح به اها ڳالهه تسليم ڪن ٿا ته اينياس جو ڪردار سندس تصنيف ۾ سڀ کان ظاهر ڪمزوري آهي. انهي کي روم جي آدرش جو هڪ نمونو هئڻ گهربو هو پر هڪ سگهاري شخص جي لحاظ کان پنهنجن پيروڪارن جي واکاڻ توڙي پنهنجن دشمنن جي داد جي معيار تي پورو نه ٿو لهي. ورجل لڳي ٿو ته پنهنجي آکاڻي ۾ محبت جو عنصر شامل ڪرڻ به ضروري سمجھيو پر هو ڊيڊو (Dido) جو ڪردار اهڙي دردوندي سان پيش ڪري ٿو جو هيرو پاران انهي سان سندس ورتاءُ پڙهندڙ جي دل ۾ لازماً بيزاري۽ ناپسنديدگي جو احساس پيدا ڪندو.

وينس ديوي جي پٽ اينياس کي ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ سسلي کان اٽلي جي سامونڊي ڪناري ڏانهن سندس سفر دوران پيش ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪٺور دشمن جونو (Juno) نالي ديوي هوائن جي ديوتا آيولس کي انهي ڳالهه تي آماده ڪري ٿي ته هو طوفان آڻي آفريقا جي سامونڊي ڪناري ڏانهن ويندڙ ٽروجن جي ٻيڙي کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏي. وينس، نيپچون ديوتا کي وچ ۾ پوڻ تي راضي ڪري وٺي ٿي ۽ هو طوفان کي ماٺو ڪري ڇڏي ٿو پر انهي کان اڳ ٽروجن جا ٽي سامونڊي جهاز ٻڏي وڃن ٿا ۽ باقي بچيل ٻيڙي جو عملو آفريقي ڪناري تي مختلف جاين تي لهي وڃي ٿو. اينياس اڪيٽز (Fidus Achates) جيڪو صدين کان وفاداري جو مثال بڻجي ويو آهي، نالي پنهنجي وفادار پيروڪار سان خشڪي جو رخ ڪري ٿو ۽ روم جي سڀ کان وڏي ۽ پراڻي دشمن ڪارٿيج وٽ پهچي وڃي ٿو. رستي ۾ سندس ماءُ کيس چتاءُ ڏئي ٿي ته اتي هڪ نئين آبادي جي اڳواڻ ڊيڊو نالي ٽائر جي هڪ بيواه شهزادي آهي جيڪا پنهنجي مڙس جي قتل کان پوءِ پنهنجي شهر مان ڀڄي وئي آهي ۽ پنهنجن پيروڪارن جي هڪ مضبوط جٿي جي مدد سان هڪ نئين بادشاهت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. پر ڊيڊو اينياس جو گرم جوشي سان آڌرڀاءُ ڪري ٿي ۽ سندس مان ۾ ڏنل ضيافت ۾ کيس چوي ٿي ته هو ٽراءِ جي شڪست کان پوءِ پنهنجي رولاڪين جو داستان ٻڌائي. اينياس اها آڇ قبول ڪري ٿو ۽ (ٻئين حصي ۾) ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه سندس ماءُ کيس خبردار ڪيو هو ته هو پنهنجي ڪٽنب ۽ گهريلو ديوتائن کي گڏ ڪري ٽراءِ جي بدنصيب شهر جي يونانين جي هٿن ۾ هليو وڃڻ کان اڳ انهي مان نڪري وڃي. پوءِ پيدا ٿيل مونجھاري ۾ سندس گهرواري ڪريوسا (Cruesa) هن کان جدا ٿي وئي. هن پاران سندس زال جي ڳولها دوران سندس ملاقات ان جي روح سان ٿي وئي جنهن کيس ٻڌايو ته اٽلي ۾ مستقل طور رهڻ سندس مقدر ۾ لکيل آهي.

هو ٽئين حصي ۾ به پنهنجي آکاڻي جاري رکندي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه هن ۽ ٻين پناهگيرن گڏجي هڪ ٻيڙو ٺاهيو ۽ ايندڙ سال جي بهار جي موسم ۾ سڙهه ڇوڙي روانا ٿي ويا. اهي جڏهن ٿريس جي سامونڊي ڪناري جي ويجھو پهتا ته اينياس جي هڪ قتل ٿيل مائٽ پولي ڊورس انهن کي ڊيڄاري ڀڄائي ڇڏيو ۽ پوءِ انهن ڊيلوس ڏانهن رخ رکيو جتي انهن کي اپالو جي فال گهر مان ٻڌايو ويو ته اهي پنهنجو قديم مادر وطن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. اينياس جو پيءُ سمجھي ويو ته فال مان مليل مشوري مان مراد ڪريٽ آهي پر پيناٽيس اينياس کي قائل ڪري ورتو ته انهي جو مطلب اٽلي آهي. اهڙي طرح اهي اٽلي ڏانهن روانا ٿيا پر هڪ طوفان ڄڻ ته انهن کي اچي هارپيز جي هٿن ۾ اڇلايو. انهن وري رستو بدلايو ۽ ايپيروس جي ڪناري اچي پهتا اتي اهي هيلينس سان مليا جيڪا هاڻي اينڊرو ماڪ سان پرڻيل هئي. هيلينس اپالو کان الهام جي ذريعي انهن تي زور ڀريو ته هو سسلي کي ڦيرو ڏئي اٽلي جي الهندي ڪناري جو رخ رکن. اهي سسلي جي اُلهندي آخري حصي وٽ اچي پهتا ۽ سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيائون. اتي ئي اينياس جو پيءُ اينچائيس فوت ٿي ويو.

اها آکاڻي ڊيڊو جي دل تي اثر ڪري ٿي ۽ کيس اينياس سان شديد محبت ٿي وڃي ٿي. (حصو چوٿون) پوءِ هوءَ وينس جي سهڪار سان اينياس سان هڪ قسم جي شادي ڪري ٿي. پر اينياس کي مرڪيوري خبردار ڪري ٿو ته افريقا سندس قسمت ۾ لکيل ناهي ۽ هو لڪي ڇپي پنهنجن سفرن تي نڪري وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ڊيڊو کيس ڳولهي وٺي ٿي ۽ تمام پر زور لفظن ۾ کيس اتي رهي پوڻ جي درخواست ڪري ٿي. پر هو کيس قائل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي ۽ دلشڪستي ٿي فوت ٿي وڃي ٿي. اينياس پنهنجن ٻيڙن جا سڙهه ڇوڙيندي سندس چکيا تي نظر وجھي ٿو. (حصو پنجون) هي حصو تدفيني کيلن جي بيان لاءِ وقف ٿيل آهي. اهڙي طرح اهو هومر جي جنگنامي واري روايت جي پابندي ڪندي نظر اچي ٿو. کيلن دوران جونو ٽروجن جي عورتن سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي انهن کان اينياس جا جهاز ساڙائي ٿي ڇڏي. اهڙي طرح سندس چار جهاز ضايع ٿي وڃن ٿا پر هو ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي سفر جي آخري حصي تي هلي پوي ٿو ۽ پنهنجن پيروڪارن مان جيڪي گهٽ طاقت وارا آهن انهن کي سسلي ۾ نئون شهر ٻڌڻ لاءِ ڇڏي وڃي ٿو. هو رستي تي سبائيل (Sibyle) سان ملي ٿو جيڪا پيغامبرانه جوش ۾ هئي ۽ اڳڪٿي ڪيائين ته هو هڪ نئين هيلن لاءِ اٽلي ۾ جنگيون جوٽيندو. هو کيس صلاح ڏئي ٿي ته هو زمين کان هيٺاهين دنيا ۾ لهي وڃي ۽ سڀ کان اڳ سونهري ٽاري (Golden Bough) ڳولهي. ڇاڪاڻ ته زنده ماڻهن پاران مئل روحن جي ٺڪاڻي  Hades ۾ وڃڻ جو فقط اهو ئي اجازت نامو آهي. اينياس کي ٽاري هٿ اچڻ کان پوءِ سبائيل کيس اسٽيڪس (Styx) مان ٽپائي ايليشائي ميدانن (Elysian Fields) ۾ وٺي وڃي ٿي جتي هو پنهنجي پيءُ جي روح سان ملي ٿو. اتي به هو ايندڙ دور جي رومين جي روحن جون قطارون ڏسي ٿو جيڪي جُوڻ مٽجڻ جي انتظار ۾ هئا. انهن ۾ اَگسٽس جو روح به هو.

انهي حصي مان خاص طور جتي هو اينچائسس جي ذريعي اينياس کي هڪ فلسفي جي سمجھاڻي ڏئي ٿو ورجل جي پنهنجن مذهبي نظرين تي به ڪجھ روشني پوي ٿي. انهي ۾ هڪ روح سموري دنيا ۽ انهن ۾ موجود سڀني جاندار شين کي زندگي ڏئي ٿو. اهو جيتوڻيڪ الوهي اصليت رکندڙ آهي پر سندس آسپاس موجود ناپاڪ ڪندڙ مواد سندس راهه ۾ رڪاوٽ وجھي ٿو ڇڏي. اهڙي طرح اهو دليل ڏنو وڃي ٿو ته انسان جو روح جيتوڻيڪ الوهي اصليت رکندڙ آهي پر انهي کي گندا جذبا رکڻ جي پڻ صلاحيت آهي. آلوده روح کي صاف ڪرڻ ضروري آهي تنهن ڪري انهي کي هڪ قسم جي برزخ ۾ ڏکوئيندڙ صفائي جي عمل مان گذرڻ ضروري آهي. فقط چند منتخب روح ئي ڏوهن کان اهڙي طرح آجا هوندا آهن جو انهن جون رولاڪيون پڄاڻي تي پهچي وينديون آهن ۽ اهي هميشه لاءِ ايليشم (Elysium) ۾ رهندا آهن. اڪثر روحن کي دنيا ۾ جوڻ مٽائي ٻين جسمن ۾ اچڻو پوندو ۽ اهي پهريان ليٿ (Lethe) جو پاڻي پيئندا جيڪو انهن جي ذهنن تان ماضي جي ياد ميساري ڇڏيندو. اينيڊ جو اهو حصو اوڊيسي جي يارهين حصي ۾ اوڊيئس جي هيڊيز (Hades) وڃڻ جو هڪ بهترين اُلٿو آهي ۽ انهي تي جنگ نامي جو پهريون اڌ پڄاڻي تي پهچي ٿو.

صاف نظر اچي ٿو ته نظم جو ٻيون اڌ ورجل جي ذوق مطابق نه هو. ڇاڪاڻ ته ڪيترين جاين خاص طور جنگ نامي لاءِ اڻٽر لڙائي وارن منظرن ۾ سندس طبيعت صحيح نموني نه ٿي کُلي. هو جنگ جي خونريزي جا منظر بيان ڪرڻ وقت فني لحاظ کان بلڪل ڪمزور نظر اچي ٿو ۽ موت جو درد بيان ڪرڻ وقت پنهنجي بهترين انداز ۾ نظر اچي ٿو پر مجموعي طور سندس شاعري تمام بهترين تخيل ۽ تشبيهن سان سينگاريل نظر اچي ٿي. اينياس آخرڪار (ستين حصي ۾) پنهنجي مستقبل ۾ آباد ٿيڻ واري منظر تي پهچي ٿو. هو ۽ سندس پيروڪار ليٿيم جي بادشاهت ۾ پهچن ٿا. انهي تي ليٽيئس جي حڪومت هئي. سندس ڌيءُ ليونيا تي رٽولي جو شهزادو عاشق هو. پر ليٽينس کي ڪنهن اها اڳ ڪٿي ڪري ڇڏي هئي ته اها پنهنجي ملڪ جي ڪنهن رهواسيءَ سان شادي نه ڪندي ۽ جڏهن اينياس بادشاه کان سندس ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت گهري ته کيس احساس ٿي ويو ته سمنڊ پار کان آيل هن سردار جي روپ ۾ کيس ليوينيا جي قسمت ۾ لکيل وَر ملي ويو آهي. پر سندس راڻي اماتا ٽرنس کي ترجيح ٿي ڏني. جونو ديوي هڪ دفعو ٻيهر وچ ۾ پوي ٿي ۽ جلد ئي سموري بادشاهت مان ٻاهرين ڪاهه ڪندڙن کي نيڪالي ڏيڻ جا آواز اٿڻ لڳن ٿا.

اهو حصو اطالوي فوجين جي فهرست سان ختم ٿئي ٿو. اينيڊ ۾ ڪم آيل هومر واري جنگ نامي جي اها ٻي خصوصيت آهي. (ڏسو ايليڊ جي ٻئين حصي ۾ جھازن جو تفصيل).

اينياس هاڻي (حصو اٺون) مستقبل جي روم شهر جي هنڌ جو دورو ڪري ٿو ۽ ٽائبر جو ديوتا کيس خواب ۾ ٻڌائي ٿو ته کيس آرڪيڊيا جي ايوانڊر کان مدد وٺڻ گهرجي جيڪو اڳي ئي اتي رهندڙ آهي. هو جيڪڏهن سمنڊ جي ڪناري تي اڇي سور مادي ٽيهن ٻٽڙن سان گڏ ڏسي ته کيس سمجھڻ گهرجي ته سندس خواب پورو ٿيندو. اينياس کي سور نظر اچي ٿي ۽ محسوس ڪري ٿو ته سوڻ سندس فائدي ۾ آهن. هو سڙهه کڻي پيلاٽين ٽڪري جي ٻاهران هڪ آبادي وٽ پهچي ٿو. قديم روم جو شهر اتي هوندو هو. اتي هرڪيوليس جو جشن ملهائجي رهيو هو. ايوانڊر ۽ ان جو پٽ پالاس سندس دل کولي آڌرڀاءُ ڪن ٿا ۽ کيس هرڪيوليس لاءِ ٿيندڙ رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ جي آڇ ڪن ٿا.

انهي دوران اولمپس تي به گهڻي سرگرمي ٿيندي رهي ٿي. وينس پنهنجي سڀ خطائون معاف ڪندڙ مڙس ولڪن (اهو اينياس جو آسماني پيءُ نه آهي) کي آماده ڪري ٿي ته هو سندس پٽ لاءِ آسماني زره بڪتر تيار ڪري. ڍال تي روم جي تاريخ جي پيش گوئي ڪندڙ منظرن جو هڪ سلسلو چِٽيل آهي. جيڪو ايڪٽيم جي لڙائي تي ختم ٿئي ٿو (31 ق.م ۾ وڙهيل قديم تاريخ جي اها هڪ فيصلائتي جنگ آهي جيڪا آوڪيٽوين ۽ اينٿوني ۽ قلو پطره ۾ لڳي هئي. انهي ۾ آوڪيٽوين فاتح ٿيو هو). ورجل انهي ٽڪري ۾ هومر پاران اڪليز جي هٿيارن جي ڏنل بيان جو تتبع ڪري ٿو.)

هاڻي ورجل اينياس جي غير حاضري ۾ ليٽيم ۾ ٿيل سڀني واقعن کي ورجائي ٿو. (حصو نائون) ٽرنس ٽروجن جي ڪيمپ تي حملو ڪري ڏنو ۽ سندس لنگر انداز ٿيل جهازن کي باهه ڏئي ڇڏي. نيپچون انهن جهازن کي جل پرين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ٽروجن اينياس جي پٺيان ڇڏيل حڪم جي پوئواري ڪندي پنهنجي ڪيمپ جي ڀتين اندر رهيا. نيسس ۽ سندس دوست يوريالس رٽولي جي صفن تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ اڳتي وڌيا جيئن اينياس کي حملي کان خبردار ڪري سگهن. (ايلياڊ ۾ اوڊيسيس ۽ ڊيوميڊيز دشمن جي ڪيمپ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ ساڳئي نموني پنهنجي ڪيمپ ڇڏي نڪرن ٿا). اهي مارجي وڃن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن ٽرنس پنهنجو شديد حملو ڪري ٿو جنهن سان ڀتيون ڀڄي پون ٿيون. پر ٽرنس اڪيلو رهجي وڃي ٿو ۽ ڀاڳن سان زندگي بچائي ڀڄي وڃي ٿو.

هاڻي اولمپس جا ديوتا فيصلو ڪن ٿا ته جيئن ته جنگ فيصلائتي مرحلي ۾ پهچڻ واري آهي تنهن ڪري ڪائونسل ڪوٺائڻ جو وقت اچي ويو آهي. جونو ۽ وينس جي وچ ۾ بحث مباحثي کان پوءِ (حصو ڏهون) جوپيٽر اهو فيصلو ڏئي ٿو ته آخرين فتح جو معاملو قسمت تي ڇڏيو وڃي. اينياس پنهنجن پيروڪارن ڏانهن واپسي جي سفر ۾ ايٽرسڪن فوج جي اڳواڻي ۾ اچي ٿو ۽ پنهنجن دٻاءُ هيٺ آيل ٽروجنن جي مدد لاءِ عين وقت تي پهچي ٿو. هڪ ڇتي لڙائي کان پوءِ رٽولين کي شڪست اچي ٿي پر پالاس (ايوانڊر جو پٽ) جيڪو اينياس سان اچي مليو هو اهو ٽرنس هٿان مارجي وڃي ٿو. يارهين حصي ۾ مردن کي دفن ڪرڻ لاءِ امن جو بيان اچي ٿو. اينياس اها آڇ ڪري ٿو ته هو جنگ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ٽرنس سان دوبدو مقابلو ڪري پر سندس دشمن نئين سر عام لڙائي کي ترجيح ڏئي ٿو ۽ وري اينياس ۽ سندس لشڪر سوڀارو ٿئي ٿو.

آخري حصو (ٻارهون) وري صلح جي بيان سان شروع ٿئي ٿو. اهو انهي شرط تي ڪيو ويو هو ته ٽرنس اينياس جي اڪيلي سر دوبدو مقابلي جي آڇ قبول ڪندو. اماتا راڻي اڪيلي سر مقابلي جي سخت خلاف آهي ۽ ٽرنس جي ڀيڻ رٽولين کي انهي ڳالهه تي آماده ڪري ٿي ته هو امن جي ڀڃڪڙي ڪري اينياس کي ناڪام ڪن. پوءِ اينياس کي هڪ جھڙپ ۾ غداري ڪندي تير هڻي زخمي ڪيو وڃي ٿو پر وينس ڦٽ ڇُٽائڻ ۾ طبيب جي مدد ڪري ٿو. اينياس وري لڙائي ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ سندس پيروڪار لاطينين جا پير اکيڙي ڇڏين ٿا. راڻي اماتا آپگهاٽ ڪري ڇڏي ٿي ۽ ٽرنس آخرڪار اڪيلي سر دوبدو مقابلي ۾ اينياس جي سامهون اچي ٿو. انهي مقابلي ۾ ديوتائن طرفان تمام گهڻي مداخلت ٿئي ٿي پر آخر ۾ ٽرنس مقابلي جي قابل نه ٿو رهي. هو اينياس کي جان بخشي جو عرض ڪري ٿو پر جڏهن اينياس اهو محسوس ڪري ٿو ته سندس حريف کي مقتول پالاس جو پٽو ڪاميابي جي نشاني طور ٻڌل آهي ته هو فوراً کيس قتل ڪري ڇڏي ٿو.

اهڙي طرح جنگ نامو پڄاڻي تي پهچي ٿو. جيتوڻيڪ اينياس جون مهم جوئيون اينيڊ لاءِ پلاٽ مهيا ڪن ٿيون پر اڳوڻي روم جي عظمت ۽ جولين گهراڻي جي قسمت جي ڦير کي- جنهن جو شهنشاه اگسٽس به هڪ فرد هو- ڏاڍي مهارت سان انهي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سيزرن جي عظيم گهراڻي کي ڏاڍي پاٻوه سان اينياس جو جانشين قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڊيڊو- انهي علائقي جي راڻي جنهن کي اڳتي هلي ڪارٿيج ٿيڻو هو- جي درٻار ۾ سندس اڳتي هلي رومين ۽ ڪارٿيجن ۾ پيدا ٿيندڙ رقابت ڏانهن چٽو اشارو آهن. اها رقابت روم جي حاڪم نسل جي سوڀ تي ختم ٿيڻي هئي.

ورجل ۽ سندس عظيم يوناني بانيڪار هومر ۾ ڀيٽ اڻ ٽر آهي. پر حقيقت ۾ لاطيني شاعر جا علمي مداح انهي ڀيٽ کي پسند نه ٿا ڪن. انهن جو دليل اهو آهي ته هومر اهڙن ماڻهن لاءِ شاعري ڪئي جيڪي تمام وڏي معيار مطابق جنگ نامي کان واقف هئا ۽ سندس شاعري پڙهڻ لاءِ نه پر ٻڌڻ لاءِ هئي. اها ڳالهه به صحيح آهي ته هومر جو سماج نسبتاً غير پيچيده هو ۽ هن عالمن ۽ ڪافي پڙهيل لکيل ماڻهن لاءِ شاعري ڪئي هئي. بهرحال انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ شبهو نه آهي ته اينيڊ جون شاعراڻيون خوبيون ايليڊ کان گهڻيون گهٽ آهن جنهن ۾ ايليڊ جهڙي مقصد جي وحدت ۽ فن جي هم آهنگي نه آهي نه ئي ان ۾ اهڙي صداقت ۽ سادگي آهي.

شايد ته ڪو نقل ڀلي ڪيتري نه مهارت سان ڇو نه ٺهيل هجي انهي ۾ ڪڏهن به پر عظمت اصل جهڙي تازگي نه ٿي اچي سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org