سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:2 

هاڻي زيوس ٽروجنس جي پاسي ڏانهن لٿو ۽ ٻين سڀني ديوتائن کي لڙائي ۾ ڪنهن به قسم جو حصو وٺڻ کان روڪي ڇڏيائين (حصو اٺون). سموري ڏينهن جي لڙائي کان پوءِ يوناني پنهنجي ڪئمپ ۾ ويا هليا. اگاميمنان ڏاڍو دلشڪستو ٿي پيو پر نيسٽر جي صلاح تي اجيڪس ۽ اوڊيسيس کي اڪليز ڏانهن اها آڇ ڏئي موڪليائين ته گذريل سڀ ڳالهيون وساري ۽ معاف ڪري ٿا ڇڏيون. ڪمانڊر انچيف کي اها اميد هئي ته هو پنهنجي سڀ کان وڏي ويڙهاڪ کي ريهي ريبي، سندس رکيل ٻانهي بريزيز واپس ڪري جنگ ۾ واپس آڻي وٺندو. ۽ سندس بيعزتي جي تلافي طور قيمتي سوکڙيون پاکڙيون ۽ پنهنجي ڌي جو سڱ ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪيائين پر اڪليز صلح جي انهن سڀني ڪوششن کي حقارت سان ‎ٺڪرائي ڇڏيو (حصو نائون).

اگاميمنان لاڳتيو پريشان رهڻ لڳو هو ۽ ننڊ به نه ايندي هئس. هن هاڻي پنهنجن سڀني اڳواڻن جو اجلاس ڪوٺايو. نيسٽر اها صلاح ڏني ته ٽروجنس جي پوزيشن جو پتو لڳائڻ لاءِ ٻه جاسوس موڪليا وڃن. ڊيوميڊيز فوراً پاڻ کي انهي ڪم لاءِ پيش ڪيو ۽ درخواست ڪيائين ته اوڊيسيس هن سان گڏجي هلي. انهن پنهنجي پُرخطر گشت دوران هڪ ٽروجن جاسوس گرفتار ڪري ورتو جنهن کان کين خبر پئي ته ٽروجن فوج کي ٿيبيس مان ڪمڪ پهچي وئي آهي. دلير يوناني ڪمانڊوز اوندهه جو فائدو وٺندي ڪمڪ تي حملو ڪري ڏنو، انهن جي اڳواڻ ۽ ٻارنهن ٻين ماڻهن کي قتل ڪري انهن جي گهوڙن تي قبضو ڪري يوناني ڪيمپ ڏانهن موٽي آيا (حصو ڏهون).

ٻئي صبح جو (حصو يارهون) يوناني فوج وري پيش قدمي ڪئي ۽ ٽروجن به اچي لڙائي ۾ شامل ٿيا. اگاميمنان، ڊيوميڊيز ۽ اوڊيسيس زخمي ٿي پيا. يوناني ڪيمپ ۾ ويا هليا. آخرڪار اڪليز جو ضمير سجاڳ ٿيو ۽ هن پنهنجي پياري دوست پيٽروڪلس کي نيسٽر جي ڪيمپ ۾ زخمين جو تعداد ڏسڻ لاءِ موڪليو. نيسٽر اڪليز جي ضد جون ڏاڍيون ميارون ڏنيون ۽ پيٽروڪلس کي عرض ڪيو ته هو کيس انهي ڳالهه تي آماده ڪري ته هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجا ماڻهو ته معرڪي ۾ موڪلي ۽ پنهنجي دوست کي زره بڪتر به پهرائي جيئن ٽروجنس سمجهن ته اڪيلز جنگ ۾ اچي ويو آهي.

انهي دوران ٽروجنس يوناني ڪئمپ تي حملو ڪري ڏنو ۽ هيڪٽر انهي جي پهرئين دفاعي لائين ٽوڙي (حصو ٻارهون) انهن کي سندن ڪناري تي بيٺل جهازن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. اتي وري اجيڪس هيڪٽر جي رستي روڪ ڪيون بيٺو هو (حصو تيرهون). زيوس اِدا جبل تان لڙائي ڏسي رهيو هو ته هيرا کيس لولي ڏئي سمهاري ڇڏيو ۽ ٽروجنس پنهنجي آسماني مددگار کانسواءِ يوناني صفن مان ڌڪجي ٻاهر ٿي ويا. (حصو چوڏهون) هيڪٽر کي اجيڪس ڌڪ هڻي بيهوش ڪري ڇڏيو. هاڻي زيوس کي ٽروجنس جي خطري جو ادراڪ ٿئي ٿو ۽ اپالو کي حڪم ڪري ٿو ته هيڪٽر کي هوش ۾ آڻي جيئن نئين سر حملو ٿي سگهي. يوناني وري پنهنجن جهازن ڏانهن ڌڪجي وڃن ٿا (حصو پندرهون) ۽ شڪست جي ويجھو ڏسجن ٿا جو پيٽروڪلس جلدي واپس وڃي ٿو. جيئن اڪليز کان ريهي ريبي سندس زره بڪتر وٺي سگهي. پيٽروڪلس هاڻي ڏهن ماڻهن جي طاقت سان وڙهندي يونانين کي ٽروجنس کي پٺتي ڌڪڻ ۾ مدد ڏئي ٿو پر هو بيوقوفي ڪندي ٽروجنس جي پٺيان انهن جي شهر پناه تائين هليو وڃي ٿو. اتان اپولو خود کيس ڌڪي پٺتي ڪري ٿو ڇڏي ۽ ان کان هٿيار به ڦري ٿو وٺي. پوءِ هيڪٽر وچ ۾ پئي کيس قتل ڪري ان جي لاش تان اڪليز جي زره بڪتر لاهي پاڻ پائي ٿو ڇڏي. يوناني ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پيٽروڪلس جو لاش حاصل ڪري وٺن ٿا ۽ مرندا ڊهندا ڪئمپ ڏانهن پٺيان پير ڪن ٿا. ڪڏهن هڪ ڌر جي سرسي ٿئي ٿي ته ڪڏهن ٻي ڌر جي اهڙي طرح سورهين ۽ سترهين حصن ۾ اهو احوال آهي ۽ ايندڙ ارڙهين حصي ۾ اڪليز جي هوش ۾ اچڻ جو بيان آهي جيڪو پنهنجي پياري پيٽروڪلس جي موت تي ڏک ۾ ڄڻ ته چريو ٿي ويو آهي ۽ سندس ماءُ ٿيٽس کي سمنڊ مان ظاهر ٿي کيس تسلي ڏيڻي پوي ٿي.

اڪليز يوناني دفاعي لائين وٽ وڃي پنهنجي خوفناڪ نعري سان ٽروجنس کي ڊيڄاري ٿو ڇڏي. پر هيڪٽر هاڻي اعتماد سان ڀريو پيو آهي ۽ سڀني چتائن کي نظر انداز ڪندي يونانين کي للڪاري ٿو ته هو ڪيمپ مان ٻاهر نڪري اچي وڙهن. ٿيٽس هيٿائسٽوس ديوتا کي انهي ڳالهه تي آماده ڪري ورتو ته هو اڪليز لاءِ نوان هٿيار ۽ هر طرح کان مڪمل ڍال تيار ڪري. ٻئي ڏينهن اڪليز ٽروجنس سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اتاولو ٿي بيهي ٿو رهي پر اوڊيسيس مٿس زور ٿو ڀري ته هو اگاميمنان سان ٺهراء ڪري. هو به پنهنجي خراب هلت جي معافي ٿو وٺي. ڪيمپ جون عورتون پيٽروڪلس جي لاش تي ماتم پيون ٿيون ڪن. اڪليز ڪجھ به کائڻ کان انڪار ڪري ٿو ڇڏي پر سندس ماء ڪجھ ماکي ۽ سوم رس سندس وات ۾ وجھي ٿي ۽ هو پاڻ کي جنگ لاءِ هٿيار بند ڪري ٿو. (حصو اوڻيهون).

هاڻي رزميي جو عروج جو نقطو به ويجھو اچي پهتو آهي. زيوس ديوتائن جو اجلاس ڪوٺائي انهن کي موڪل ڏئي ٿو ته پنهنجي مرضي جي ڌر جا مددگار ٿي بيهن. ديوتا زمين تي جسماني صورت ۾ لهي اچن ٿا ۽ انهن جي مداخلت سان معاملو بگڙجي وڃي ٿو پر پوءِ به ٽروجنس اڪليز جي سامهون گوڏا کوڙي ويهن ٿا. اينياس کيس همٿ سان منهن ڏئي ٿو پر کيس بروقت پوزيڊون (نيپچون) کنڀي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته سندس جانشينن کي ٽراءِ جو امير ٿيڻو آهي. انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هن حصي (ويهين) جي سبب ئي ورجل اينياس کي پنهنجي رزميي (اينيڊ) جو هيرو بنائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ٽروجنس هاڻي پوري طاقت سان کڙين تي زور ڏنو آهي ۽ اڪليز سندن لاشن سان زينئوس درياء تي ڄڻ ته بند ٻڌي ڇڏيو آهي. هاڻي ٻنهي پاسن ڏانهن موجود ديوتا پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا. (حصو ايڪويهون) اڪليز ٽراء ڏانهن موٽي ٿو ۽ هيڪٽر کي عالم پناهه جي ٻاهران اڪيلو ڏسي ٿو. جيئن ته سندس جنگي رٿائون ناڪام ٿي ويون هيون تنهن ڪري کيس شهر ۾ داخل ٿيڻ کان شرم ٿو اچي. اڪليز جيئن سندس ويجھو پهچي ٿو ته سندس همت جواب ڏئي وڃي ٿي ۽ هو ڀتين جي چوڌاري ٽي دفعا ڊوڙون پائي ٿو. تيز ڊوڙندڙ اڪليز (هومر هن لاءِ Fleet Footed Achilles جا لفظ ڪتب آندا آهن) به هن جي پٺيان لڳو رهي ٿو. آخرڪار هو پلٽو کائي بيهي رهي ٿو ۽ اڪليز تي مرڻ مارائڻ وارو آخري حملو ڪري ٿو ۽ موتمار زخم کائي ڪري پوي ٿو. هو مرندي مرندي اڪليز کي اها التجا ڪري وڃي ٿو ته سندس لاش دفن ڪرڻ لاءِ هن جي پيءَ پريام جي حوالي ڪيو وڃي. پر سندس التجا کي ڌڪار سان رد ڪيو وڃي ٿو. اڪليز هيڪٽر جي لاش کي پنهنجي گاڏي جي ڦيٿي سان ٻڌي ڪيمپ ڏانهن گهليندو وڃي ٿو. عالم پناه تي بيٺل ٽروجنس اهو نظارو پنهنجين اکين سان ڏسن ٿا انهن ۾ هيڪٽر جي زال اينڊرو ميخ به شامل هئي جنهن کي اها به خبر نه هئي ته سندس مڙس شهر کان ٻاهر هو. (حصو ٻاويهون).

انهي رات پيٽروڪلس جو روح اڪليز کي عرضداشت ڪري ٿو ته هو کيس جلدي دفنائي جيئن هو Hades ۾ داخل ٿي سگهي. ٻئي ڏينهن تدفين جو نهايت مڪمل انتظام ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ٻارنهن جنگي قيدي چتا تي ساڙيا وڃن ٿا- هومر جي سموري مجموعي ۾ انساني قرباني جو اهو واحد مثال آهي- ۽ هر قسم جي ورزشي ڪرتبن جا مقابلا ڪيا وڃن ٿا. (حصو ٽيويهون). اڪليز انهن تدفيني راندين جي صدارت ڪري ٿو ۽ انعام ورهائي ٿو. هيڪٽر جو لاش يارنهن ڏينهن تائين روزانو پيٽروڪلس جي مقبري جي چوڌاري اعزاز سان گهمايو وڃي ٿو آخرڪار ديوتا وچ ۾ پوڻ جو فيصلو ڪن ٿا جيئن لاش کي ڳرڻ ۽ ڀڄڻ ڀرڻ کان بچائي سگهجي. پريام رات جو يوناني ڪيمپ ۾ وڃي اڪليز کي ٻاڏائي ٿو ته هو کيس فديي طور پاڻ وٽ رکي سندس پٽ جي لاش کي آزاد ڪري. اڪليز کي ٿيٽس اها عرضداشت قبول ڪرڻ تي قائل ٿي ڪري ۽ هو انهي پير مرد جو همدرديءَ سان آڌرڀاءُ ڪري ٿو. هيڪٽر جي تدفين بابت اشاري سان رزميي جو اختتام ٿئي ٿو.

ايليڊ جي اهميت وارن حصن ۾ پهريون آهي جنهن ۾ عمل لاءِ تحرڪ مهيا ڪيل آهي، وري نائون آهي جنهن ۾ اڪليز صلح جي سچي آڇ کي ٿڏي پاڻ کي غلط ثابت ڪري ٿو. جيتوڻيڪ شروعات ۾ کيس اگاميمنان سان وڙهڻ ۾ ڪو مُنهن نه پيو ڏئي سگهجي. انهي کان پوءِ سورهون حصو اهم آهي جنهن ۾ اڪليز جي اجائي ضد سبب سندس سڀ کان پيارو دوست مري وڃي ٿو. وري ٻاويهون حصو اهم آهي جنهن ۾ هيڪٽر جي تذليل ڪئي وڃي ٿي. اها ڳالهه لازماً ذهن ۾ رکي وڃي ته رزميي جا ڪردار جيتوڻيڪ ڪي جذباتي تخليقون نه پر حقيقي آهن پر انهن جو قد ڪاٺ عام رواجي کان وڏو آهي. اڪليز ۽ هيڪٽر کي رومانوي رنگ نه ڏنو ويو آهي. هيلن جنهن کي اڳتي هلي ادبي جنسي علامت ٿيڻو هو انهي کي هومر ڪا جنسي ڪشش نه ڏني آهي. اهڙي طرح شاعر پنهنجن ڪردارن جي جانشينن يعني آيوني يوناني جي حڪمرانن جي شان و شوڪت ۾ اضافو ڪيو. پر سندس بهادر ڪردارن جي تصوير ڪشي ۾ اها ڳالهه به هر وقت ذهن ۾ رکي وئي آهي ته اهي بهرحال انسان ئي آهن ۽ موت جي سامهون بيوس ٿي وڃن ٿا.

سڀ کان وڌيڪ اها ڳالهه ته بيانيي جي سادگي ۽ يڪ ساريکي، واقعن جي رفتار ۽ شعر جو مجموعي حسن ۽ جمال ايليڊ کي اعليٰ ترين حيثيت ڏياري انهي کي دنيا جي عظيم ترين ادبي ذخيرن مان هڪ ڪري ٿا ڇڏين.  

2. هيرو ڊوٽس جي تاريخ

 

جنهن شخص کي تاريخ جو ابو سڏيو وڃي ٿو اهو هڪ يوناني هو. درحقيقت هو خود يونان نه پر هڪ اهڙي يوناني شهر ۾ ڄائو هو جيڪي تنهن دور ۾ ايشيا مائنر جي سامونڊي ڪنارن تي پکڙيل هئا. سندس نالو هيرو ڊوٽس ۽ سندس ڄمڻ جو هنڌ هيليڪارنس هو. هو 490 ۽ 480 ق.م جي وچ ۾ پيدا ٿيو. اهو دور انهن ٻن ڪاهن جي وچ وارو آهي جيڪي يوناني سرزمين تي ايرانين ڪيون هيون ۽ جن بابت اڳتي هلي کيس پنهنجي تاريخ ۾ بيان ڏيڻو هو.

هو جنهن وقت پيدا ٿيو تڏهن هيليڪارنس ايرانين پاران فتح ڪيل هڪ يوناني ڪالوني هو ۽ ايرانين پاران فتح ڪيل اهڙين ڪالونين پاران پنهنجي آزادي ٻيهر حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ئي ايراني سلطنت سان جوٽيل عظيم جنگين جو اهم ڪارڻ هيون. جڏهن 480 ق.م ۾ ايراني شهنشاهه زرڪسيز جي وڏين فوجين جي پسپائي جي نتيجي ۾ اهي يوناني شهر آزاد ٿيا ته اتي سياسي عدم استحڪام جو هڪ دور شروع ٿي ويو ۽ هيرو ڊوٽس تڏهن اڃا نوجوان ئي هو جو کيس مجبوراً پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو. جيئن ته سندس ڪٽنب هوندي سوندي وارو هو تنهن ڪري هن وٽ سفر ڪرڻ جا وسيلا موجود هئا ۽ هو ڪيترا ورهيه اوڀر ڀونوچ جي علائقن، مصر، فلسطين ويندي ميسوپوٽيميا تائين سفر ڪندو رهيو.

تنهن وقت شايد سندس ذهن ۾ اهو هو ته هو ايران سان عظيم جنگ جي تاريخ لکندو پر اڳتي هلي هن پنهنجي رٿا کي وڌائي ڇڏيو ۽ ٻيو دفعو مصر جو دورو ڪيائين ۽ ڏکڻ طرف اسوان تائين لهي ويو اولهه ۾ سائرينائڪا تائين ويو هليو ۽ وڏي همٿ ڪري ڪاري سمنڊ جي علائقي تائين ويو هليو جتي هو يوناني ڪالونين ۽ سٿيائي وحشين جي قبيلن سان پڻ رابطي ۾ آيو. هو هڪ کان وڌيڪ دفعا ايٿنس ويو جتي عظيم اٿينائي مدبر پيريڪلس سان واقفيت پيدا ڪيائين ۽ چيو وڃي ٿو ته 446 ق.م ۾ پنهنجي تاريخ جو هڪ ٽڪرو عوامي ميڙ ۾ پڙهي ٻڌايو هئائين ۽ کيس سرڪاري خزاني مان 10 ٽيليٽ (تقريباً 2000 پائونڊ) انعام به پيش ڪيو ويو هو.

هو پنهنجي زندگي جي آخري ورهين ۾ ڏکڻ اٽلي ۾ ٿُرائي جي يوناني ڪالوني ۾ رهڻ لڳو پر ائين نه ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته هو ڪڏهن روم يا ٻئي ڪنهن ايٽرسڪن شهر ويو هو. سندس ڪتاب ۾ 429 ق.م کان پوءِ جي ڪنهن به واقعي جو ذڪر نه آهي ۽ سمجھيو وڃي ٿو ته هو انهي کان چار يا پنج ورهيه پوءِ فوت ٿي ويو آهي.

سندس زندگي جو وڏو حصو سفر ۾ گذريو ۽ هن پنهنجن سفرن جو وڏو حصو پنهنجي تاريخ لاءِ ڪيو هو. جيئن اڳ ۾ به ٻڌايو ويو آهي هن کي پنهنجي موضوع کي عظيم جنگ کان اڳتي وڌائڻ جو ڪو ارادو نه هو پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ته هن اهو فيصلو ڪيو ته هو تاريخ، جاگرافي، نسلي جاگرافي، مذهب، سماجي ريتن رسمن وغيره بابت به جيڪا معلومات هٿ ڪري اها پنهنجي تذڪري ۾ شامل ڪندو وڃي. انهي جي نتيجي ۾ قديم دور جو هڪ انتهائي غيرمعمولي شاهڪار منظر تي اچي ويو. هو جيئن ته پنهنجي لقب ”تاريخ جي ابي“ جو مڪمل طور حقدار آهي ساڳئي طرح کيس جاگرافي جو ابو به ڪوٺي سگهجي ٿو. ظاهر آهي ته هو تمام پُڇ پُڇ ڪندڙ طبيعت جو مالڪ هو ۽ جيڪا به ڳالهه سندس ڪن تي پئي ٿي اها هن لاءِ ڪارآمد هئي. اهو ڪتاب يوناني ٻولي جي انهي آيونيائي لهجي ۾ لکيل آهي جيڪو ايشيا مائينر جي الهندن ڪنارن تي آباد يوناني ڪالونين ۾ ڳالهايو ويندو هو. انهي جو اسلوب بلڪل سادو، صاف ۽ وڻندڙ آهي.

اها حقيقت آهي ته هيرو ڊوٽس کان اڳ به يوناني تاريخ نويس موجود هئا ڪجھ ليکڪن جاگرافيائي بيان به لکيا آهن ته ڪجھ ليکڪن لوڪ پسند قصا ڪهاڻيون به ٻڌائيون آهن پر اهو سندس ئي اعزاز آهي جو هن اهي ٽئي عنصر پنهنجي تحرير ۾ جمع ڪيا آهن. اها ڳالهه سندس پهرئين ڪتاب مان چٽي طرح ظاهر ٿئي ٿي جنهن کي هن Clio, the muse of history جو نالو ڏنو آهي.

ڪتاب هن بيان سان شروع ٿئي ٿو ته هي انهن ڳالهين جو بيان آهي جيڪي هيليڪارنس جو هيروڊوٽس دريافت ڪري سگهيو آهي ۽ هي بيان انهي ڪري ڪيو ويو آهي جيئن يوناني ۽ وحشين (يعني سڀني غير يونانين) پاران سرانجام ڏنل عظيم حيرت انگيز ڪم ماڻهن کان وسري نه وڃن. پوءِ ايشيا مائينر جي وچولي حصي ۾ لڊيا ۾ بادشاهت قائم ٿيڻ بابت هڪ ڊگهو بيان اچي ٿو. انهي کان پوءِ ايراني شهنشاه سائرس پاران انهي جو تختو اونڌو ڪرڻ بابت ڊرامائي تفصيل ڏنو ويو آهي. انهي تاريخي حصي ۾ ايرانين پاران آيونيا ۾ يوناني ڪالونين جي فتح ۽ آخرڪار سائرس جو تختو اونڌو ٿيڻ ۽ مساجيٽا سان جنگ ۾ سندس قتل جو بيان به شامل آهي. مساجيٽا ڪيسپين سمنڊ جي پسگردائي ۾ رهندڙ هڪ وحشي قبيلو هو.

تاريخي (يا خود ساخته تاريخي) مواد سان ڪيتريون ئي بهترين آکاڻيون به گڏ وچڙ لڳيون پيون آهن. اهي آکاڻيون جيتوڻيڪ دلچسپ ۽ وڻندڙ ته آهن پر اهي ايتريون ڪارآمد نه آهن جيترا اهي پيراگراف جن ۾ هيروڊوٽس پنهنجي بيان ۾ شامل ٿي ويندڙ ڪيترين ئي قومن جون عادتون اطوار ۽ ريتون رسمون بيان ڪري ٿو.

سڀ کان پهريائين لڊبائي اچن ٿا. انهن ماڻهن جون ريتون رسمون بلڪل يونانين جهڙيون آهن سواءِ انهي جي جو اهي پنهنجين ڌيئرن جي پرورش ۽ پالنا اهڙي طرح ڪن ٿا جيئن اهي وڏيون ٿي طوائف ٿين. اهي سڀ کان پهريان ماڻهو هئا جن سون ۽ چاندي جا سڪا ٺاهيا ۽ سڀ کان پهريان واپاري به اهي ئي هئا. انهن ئي ڇڪن ۽ هڏين سان کيڏيون ويندڙ رانديون ايجاد ڪيون. بال وارين راندين جا ڪيترا قسم به انهن ايجاد ڪيا. انهن اهي ڪم اهڙي دور ۾ ڪيا جڏهن انهن جي ملڪ ۾ شديد ڏڪار هو ۽ انهن کي ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻو هو جيئن وقت گذري سگهي ۽ انهن کان بک جا وَڍَ به وسري سگهن.

پوءِ ايرانين جو بيان آهي. ”منهنجي پنهنجي علم مطابق ايرانين جون ريتون رسمون هن ريت آهن. اهي يونانين وانگر ديوتائن جون مورتيون، قربانگاه ۽ مندر نه ٿا ٺاهين پر اوچن جبلن جي چوٽين تي سڀ کان اعليٰ خدا لاءِ قربانيون رکن ٿا. سالگرهن کي ضيافتن ذريعي ملهايو وڃي ٿو. اهي پورو سارو کائين ٿا پر بنيادي کاڌ خوراڪ بجاء عمدين ۽ نفيس کاڌي جي شين ڏانهن رغبت اٿن. اهي شراب جا گهڻا عادي آهن. انهن وٽ اهو ڏاڍو سمجھ ڀريو قاعدو موجود آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو نشي جي حالت ۾ ڪو واعدو اقرار ڪيو هجي ته هو انهي جي پاسداري ڪرڻ جو ايستائين پابند نه آهي جيستائين هو ان جي هوش ۾ اچڻ وقت توثيق نه ٿو ڪري. انهن کي جيتريون زالون وڻن رکي سگهن ٿا ۽ گڏوگڏ جيترين داشتائن جو خرچ ڀري سگهن اهي به رکي سگهن ٿا. اهي پنهنجن وڏن ڪٽنبن تي فخر ڪندا آهن ۽ پنهنجي اولاد جي تعليم لاءِ وڏيون تڪليفون وٺندا آهن. اهي پنهنجن معاملن ۾ بلڪل سڌا سنوان هوندا آهن ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کي تمام بيعزتي جي ڳالهه سمجھندا آهن. هيروڊوٽس جن به قومن کان واقف آهي ايراني انهن مان سڀ کان وڌيڪ ٻين قومن جون اهڙيون ريتون رسمون اپنائي ويندا آهن جن کي هو ڪاپي ڪرڻ جي قابل سمجھندا آهن.

هيروڊوٽس جيڪي به شهر ڏٺا انهن مان سڀ کان وڌيڪ اهيمت وارو شايد بابل هو ۽ هو انهي بابت بيان ڏاڍي پرجوش نموني ڏئي ٿو. شهر جي پسگردائي وارو علائقو ايترو ته زرخيز هو، جو هو انهي بابت سموري ڄاڻ بيان ڪرڻ کان انهي ڪري پاسو ڪري ٿو جو متان مٿس ڪير اعتبار ئي نه ڪري جيستائين اتان جي ماڻهن جو تعلق آهي اهي سوٽي ڪپڙي جون ڊگهيون صدريون ۽ انهن جي هيٺان اوني قميصون پهريندا هئا، وار ننڍا رکندا هئا ۽ وڻندڙ خوشبوئن سان پنهنجي جسم کي سڻڀو رکندا هئا. هر ماڻهو کي پنهنجي ذاتي مُهر هوندي هئي ۽ هر هڪ هٿ ۾ هڪ ڊگهو عصا کڻندو هو جنهن جي چوٽي تي صوف، گلاب، عقاب يا اهڙي ڪنهن شي جي شبيهه ٺهيل هوندي هئي. هو بابل جي زندگي جي فقط هڪ ڳالهه کي شرمناڪ سمجھي ٿو. اتان جي هر مقامي عورت کان تقاضا ڪئي ويندي هئي ته اها پنهنجي زندگي ۾ هڪ دفعو محبت جي ديوي ميلتا (Mylitta) جي مندر ۾ وڃي جسم فروش طور ويهي ۽ ايستائين پنهنجي گهر نه واپس موٽي جيستائين ڪو اجنبي ان سان ملي ڪو چاندي جو سڪو ان جي جھول ۾ نه وجھي.

هيروڊوٽس جي ڪتاب جي ٻئين حصي ۾ گهڻي ڀاڱي مصر جو تفصيلي احوال ڏنل آهي. هو انهي ملڪ کان گهڻو واقف هو. هن لکيو آهي ته ”هن ملڪ ۾ ٻئي ڪنهن به ملڪ کان وڌيڪ عجائبات آهن. اهوئي سبب آهي جو هن ملڪ جي بيان کي گهڻي جاءِ ڏيڻ گهرجي. ملڪ جي نه فقط آبهوا نرالي آهي پر نيل درياء ته اڃا وڌيڪ نرالو آهي جنهن تي هن ملڪ ۽ هتان جي ماڻهن جو دارومدار آهي.“ هو مصر جي ماڻهن جي ايجادي ذهن ۽ اتان جي ڪيلينڊر جي به ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. هو انهن جي مذهب ۾ گهري دلچسپي جو ذڪر ڪري ٿو ۽ اها ڳالهه به تسليم ڪري ٿو ته يونانين پنهنجن ديوتائن جا نالا مصرين کان ورتا آهن. هو انهن جي عجيب جانور پوڄائن جو ذڪر ڪري ٿو ۽  لاشن کي مصالحا هڻي محفوظ رکڻ جو به تفصيل سان بيان ڏئي ٿو. هو ريگستاني واريءَ تي اهرامن جي وجود ۾ اچڻ بابت به عجيب ڳالهيون بيان ڪري ٿو. پوءِ هو ڪجھ اهڙيون ڳالهيون بيان ڪري ٿو جن ۾ مصري ٻين ماڻهن کان مختلف آهن. مثلاً اهو ته اتان جا مرد بار مٿي تي کڻن ٿا ۽ عورتون ڪلهن تي کڻن ٿيون“ اتي ڌندا ڪاروبار عورتون ڪن ٿيون ۽ مرد گهرن ۾ ويهي سٽ ڪتڻ جو ڪم ڪن ٿا، اهي ساڄي کان کاٻي طرف لکن ٿا ۽ انهن وٽ ٻه رسم الخط هلن ٿا جن مان هڪ مقدس ۽ ٻيو روزاني زندگي جي ڪمن ڪارين لاءِ. هنن ۾ اها ڳالهه به آهي ته اهي ٻلين ۽ ڪتن جا ڏاڍا شوقين آهن ۽ اهي جڏهن مرندا آهن ته انهن کي باقاعدي دفن ڪندا آهن ۽ اتان جا مرد عام طور ٻه سوٽي ڪپڙا پائيندا آهن. جڏهن ته عورتون فقط هڪ ڪپڙو لوڍينديون آهن.

هيروڊوٽس مصرين جي تمام وڻندڙ انداز ۾ ۽ ويجھي کان ڏٺل تصوير پيش ڪرڻ کان پوءِ ڪيمباسس (Cambyses) جي اڳواڻي ۾ ايرانين هٿان انهي ملڪ جي فتح جو بيان ڏئي ٿو. اتان کان پوءِ هو تمام سولائي سان پنهنجي تاريخ جي انهيء اهم موضوع ڏانهن اچي وڃي ٿو نه ڪيمباسس کانپوءِ ايران جي تخت تي ويهڻ کانپوءِ دارا ڪيئن ته جارحاڻي شهنشاهيت واري پاليسي اختيار ڪئي. ڪتاب جا ٽي حصا سٿين، لڊيائين ۽ آيونيا جي يوناني شهرن خلاف داراجي مهمن لاءِ وقف آهن. پوءِ وري اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي ته دارا ڪيئن نه هڪ سگهاري سامونڊي فوج ۽ تمام وڏي بري فوج تيار ڪرڻ کان پوءِ انهن کي هيلسپانٽ پار ڪري يورپ ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٿريس ۽ مقدوينا زير ٿي ويا ۽ يونان تي ڪاهه ڪئي وئي. پوءِ ميراٿون جي ميدان تي ملٽياڊ جي سربراهي ۾ ڏهه هزار اٿينائين جي هڪ جٿي پليٽيا جي اتحادي شهر جي هڪ هزار ماڻهن جي مدد سان وحشين جي ميڙن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ انهن کي مڪمل طور تباه ڪري ڇڏيو. هيروڊوٽس لکي ٿو ته: فاتح ڀڄندڙ ايرانين جو پيڇو ڪندا انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندا ويا ايستائين جو ڪناري تي پهچي انهن جي پٺيان سمنڊ ۾ ڪاهي پيا ۽ انهن جي ٻيڙن تي پڻ حملا ڪري ڏنائون. اهڙي طرح ميراٿون (490 ق.م) جي لڙائي پڄاڻي تي پهتي. اها انساني تاريخ جي فيصلائتين جنگين مان هڪ هئي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ايراني ڪامياب ٿين ها ته سياسي جمهوريت ۽ فڪري آزادي جي ميدانن ۾ يونانين جا تجربا ڪڏهن به عمل ۾ نه اچي سگهن ٿا.

دارا انهيءَ ڌچڪي تي ڪاوڙجي يوناني رياست خلاف هڪ اڃا وڌيڪ سگهاري مهم جي رٿابندي ڪئي پر تياريون اڃا پوريون ئي نه ٿيون هيون جو هو فوت ٿي ويو. سندس پٽ زرڪسيز سندس جانشين ٿيو جنهن ڪاهه جي پاڻ اڳواڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. دره دانيال تي هڪ عظيم الشان فوج گڏ ٿي. هيروڊوٽس جي بقول فقط زميني فوج جو انگ ئي سترهن لک سپاهي هو ۽ انهن پاران يورپ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ زرڪسيز انهن جو معائنو ڪيو. هيروڊوٽس اسان کي ٻڌائي ٿو ته جڏهن شهنشاهه جي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته هڪ سو ورهيه پوءِ انهن مان ڪير به زنده نه رهندو ته هو روئي پيو. وڌيڪ اهو ته هن هيلسپانٽ کي ڪوڙا هڻائڻ جو حڪم ڏنو ڇاڪاڻ ته هڪ سخت طوفان سندس ٻيڙن کي نقصان پهچايو هو. يورپ ڏانهن ٽپڻ جي مقرر ڏينهن تي ”جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو ته زرڪسيز هڪ سوني پيالي مان ڪجھ شراب سمنڊ ۾ هاريو ۽ سج ديوتا کان دعا گهريائين ته شال ڪابه طاقت کيس يورپ کي ان جي آخري حدن تائين فتح ڪرڻ کان نه روڪي. هن دعا گهرڻ کان پوءِ پيالو هيلسپانٽ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ انهي سان گڏوگڏ هڪ سون جو وٽو ۽ هڪ ايراني تلوار به سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏي. پر مون کي اها ڳالهه سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته هن اهي شيون سمنڊ ۾ ڀيٽا طور اڇلايون هيون يا هن جيئن ته سمنڊ کي ڪوڙا هڻائي سندس بيعزتي ڪئي هئي ۽ هاڻي کيس پڇتاء ٿيو هو ۽ ان جي تلافي طور هن اهي شيون سوکڙيء طور ڏنيون هيون. اهڙي طرح اهو طاقتور لشڪر ايشيا مان يورپ ۾ داخل ٿيو ۽ هيروڊوٽس فوجي دستن ۽ انهن جي ساز سامان جو جيڪو بيان ڏنو آهي انهن مان ظاهر آهي ته اهي ڳالهيون کيس اکين ڏٺن شاهدن کان ئي مليون هونديون.

هراول دستي ۾ ڏهه هزار ايراني شهسوار هئا جن جي مٿي تي تاج پهريل هئا، سينن تي لوهي ٿالهيون لڳل هئن ۽ ويڪريون شلوارون پهريل هئن. ٻئي ڏينهن هڪ گڏوچڙ لشڪر آيو جنهن ۾ ايراني حڪومت جي سڀني قومن جا ماڻهو شامل هئا. ميد جي ماڻهن کي ايراني طرز جون پوشاڪون هيون. اسيرائين کي پتل جا ٽوپلا پهريل هئا. بخترين کي پڳون هيون. سٿين کي نوڪردار ٽوپ ۽ شلوارون هيون. هندستانين کي سُٽ جا ڪپڙا پهريل هئا. ڪيسپين سمنڊ جي علائقي وارن ماڻهن کي ٻڪري جي کلن جا بغير ٻانهن وارا چوغا هئا، عربن کي سندارا ٻڌل جُبا هئا، ايٿوپيائين کي شينهن جون کلون جسم تي هيون. ساڳئي طرح فرجيائي، ٿريسيائي، بٿينيائي، پنهنجين پنهنجين پوشاڪن ۾ ايندا ويا ۽ ستن ڏينهن ستن راتين تائين ” هڪ گهڙي جي ساهي کانسواءِ لشڪر ٽپندو رهيو.

ڪاهه ڪندڙ اڳتي وڌندا ويا. ٿريس ۽ مقدونيا تي قبضو ٿي ويو ۽ لشڪر آخرڪار خود يونان تائين وڃي پهتو. پوءِ هڪ ڏينهن زرڪسيز کي پيغام پهتو ته اسپارٽائي يونانين جو هڪ جٿو ٿرمو پائلا جي لنگهه وٽ رستا روڪ ڪيو بيٺو آهي ”زرڪسيز هڪ گهوڙي سوار جاسوس موڪليو ته جيئن ڏسي اچي ته اهي ڪيترا ماڻهو آهن ۽ ڇا ڪري رهيا آهن.“ جاسوس جڏهن انهن جي ڪيمپ وٽ پهتو ته ڏٺائين ته ڀت جي ٻاهران اسپارٽائين جي ڊيوٽي لڳل هئي ۽ هن کي ڪجھ ماڻهو جمناسٽڪ ورزشون ڪندي ۽ ڪجھ پنهنجن وارن ۾ ويريون وجھندي نظر آيا.“ زرڪسيز جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته هو تپرس ۾ پئجي ويو. هن کي اها ڳالهه سمجھ ۾ ئي نه پئي آئي ته اسپارٽائي ڇو موت لاءِ اهڙي پُر عظمت ڌڪار جو مظاهرو ڪري رهيا هئا ۽ ڇو پنهنجيون جانيون ايتريون سستيون وڪڻڻ لاءِ تيار هئا. ڇهه هزار اسپارٽائي لڳ ڀڳ چار لک ايرانين جي مقابلي ۾ هئا. پر انهن جو ڪئپٽن جانباز ليوينڊاز هو ۽ اهي لڙائي ۾ پنهنجي جاءِ تي ئي ڄميا بيٺا رهيا ۽ اتي ئي وڙهندا ويا.

ايراني جنگي لشڪر وري حرڪت ۾ آيو ۽ يونان جو وڏو حصو پيرن هيٺان اچي ويو. ايٿنز کي پنهنجن دفاع ڪندڙن آزاد ڪرائي ورتو پر ايڪرو پولس قبضي ۾ اچي ويو ۽ ان جون اڪثر عمارتون ساڙيون ويون. يوناني سامونڊي ٻيڙو محفوظ هو ۽ سالاميز (Salamis) ۽ يونان جي سرزمين جي وچ ۾ تانگهن پاڻين ۾ ڇتي ويڙهاند ۾ ٿيمسٽو ڪليز جي اڳواڻي ۾ يوناني جهازن ايرانين جي وڏي سامونڊي فوج کي شڪست ڏئي ڇڏي (480 ق.م). ”۽ جڏهن لڙائي پڄاڻي تي پهتي ته يونانين کي جهازن جا جيڪي به ڀڳل ٽٽل ٽڪرا هٿ آيا اهي گهلي سالميز جي ڪناري تي کڻي آيا ۽ نئين سر جنگ لاءِ تيار ٿي ويٺا. انهن ڀانيو ٿي ته ايراني بادشاهه باقي بچيل جهاز ڪم آڻيندو پر زرڪسيز........“ بهرحال ڳالهه ٿي کُٽائڻي ته زرڪسيز گهڻو ڪجھ ڏسي چڪو هو ۽ جنگ جي هڻ هڻان پنهنجن سپهه سالارن جي هٿ ۾ ڇڏي ايشيا واپس ويو هليو.

هيروڊوٽس پنهنجي ڪتاب جي نائين ۽ آخري حصي ۾ بيان ڪري ٿو ته ڪجھ سالن جي عرصي ۾ انهن کي به شڪست اچي وئي ۽ اصلي فوج جو فقط هڪ حصو ئي دره دانيال واپس ٽپڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو. فتحمند يوناني انهن جو پيڇو ڪندا آيا ۽ هيروڊوٽس جي تاريخ به انهي بيان تي پڄاڻي تي پهچي ٿي ته يونانين ايرانين جي يورپ جي سرزمين تي آخري ٺڪاڻي سيسٽوس جي شهر تي به قبضو ڪري ورتو. اهڙي طرح اهي ايراني جنگيون جن بابت هيروڊوٽس وڏي شان مان ۽ وطني حب جي جذبي سان بيان ڏنو آهي، سي پڄاڻي تي پهتيون ۽ يورپ کي نجات ملي وئي. ڇاڪاڻ ته پوءِ به جيتوڻيڪ يونانين ۽ ايرانين ۾ ڊگهي عرصي تائين ڇڪتاڻ هلندي رهي پر پوءِ يوناني ئي اڳرائي ڪندا رهيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org