سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:5 

8.پلوٽارڪ جو لائيوز

(Plutarch’s Lives )

اهو شخص جنهن کان شيڪسپيئر ۽ مانٽين سميت ڪيترن ماڻهن پنهنجي قديم تاريخ سکي اهو 46ع جي لڳ ڀڳ ڄائو ۽ پنهنجي زندگي جو وڏو عرصو ڪائروٽيا نالي هڪ نسبتاً غير مشهور شهر ۾ گذاريائين. اهو بوئيشيا جو گادي جو هنڌ به نه هو ۽ يونان جي عظمت جي ڏينهن ۾ اتان جي غير اهم علائقن مان هڪ هو. پلوٽارڪ ڪيترو وقت پنهنجي شهر جو آرڪن يعني هڪ مکيه جج ٿي رهيو. هو ايٿنز ۾ امونيئس فيلسوف وٽ پڙهيو. هن هڪ دفعو مصر جو سفر پڻ ڪيو ۽ زندگي ۾ اڳتي هلي 45 ورهيه عمر ٿيڻ کان اڳ شايد پنهنجي آبائي شهر جي ڪنهن ڪم سانگي روم به ويو ۽ اتي ليڪچر ڏنائين. انهي ذريعي هن جي روم جي ڪجھ دانشورن سان دوستي ٿي. هن شادي ڪئي ۽ پنج ٻار ٿيس ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هڪ ڳوٺاڻي معزز ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو جي حيثيت ۾ چڱي خوش زندگي گذاريائين.

سندس تحريرن ۽ خاص طور سندس Moralia مان- جيڪو سندس زندگي دوران هر قسم جي واقعن بابت وِيچارن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي. اسان کي سندس ڪردار بابت ڪافي ڄاڻ ملي ٿي. هن کي ماڻهن، ماڻهن سان لاڳاپيل هر ڳالهه ۽ انهن جي مالي معاملن بابت ڏاڍي هورا کورا هوندي هئي. هو هر ڳالهه تي اعتبار ڪري ويهندو هو ۽ سندس جمالياتي حس ان کان اهڙين ڳالهين تي به يقين ڪرائي ويهندي هئي جن جي جيڪڏهن تصديق نه ٿي سگهي ته به انهن ۾ سٺي منظر ڪشي ٿيل هوندي هئي ۽ اطالوين چواڻي انهن جو بنياد چڱو هوندو هو. هو سياست ۾ قدامت پرست خيالن جو حامل هو ۽ کيس اها ڳالهه پسند هوندي هئي ته ماڻهن جي اٿي ويٺي ۾ شان مان ۽ ڪجھ ضابطو هجي. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه هو هڪ دفعو روم ۾ ڪنهن موضوع تي ليڪچر ڏئي رهيو هو ته حاضرين ۾ رسٽيڪس نالي ڪنهن ماڻهو وٽ هڪ سپاهي شهنشاه ڊوميشن جو خط کڻي آيو. پلوٽارڪ پنهنجي ليڪچر ۾ ساهي کنئي جيئن رسٽيڪس خط پڙهي وٺي. ”پر“ پلوٽارڪ لکيو آهي ته رسٽيڪس ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جيستائين مون ليڪچر ختم نه ڪيو ۽ حاضرين اٿي نه ويا تيستائين خط هڪ پاسي ڪري رکي ڇڏيائين. اهو ڳنڀير ۽ شانائتي هلت چلت جو هڪ مثال آهي جنهن کي گهڻن ماڻهن ساراهيو.

ڪنهن شخص پاران مورخ ٿيڻ ۽ اهو به اهڙو جنهن پنهنجي Lives ۾ سموري يوناني ۽ رومي تاريخ کي احاطي ۾ آندو ۽ ان پاران ڪنهن بلڪل پٺتي پيل صوبي ۾ رهڻ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تي آباد دنيا جي نظم ۽ ضبط ۽ امن امان تي خراج تحسين آهي. اها ڳالهه درست آهي ته ايٿنز جون عظيم لائبريريون هڪ سو ميلن کان وڌيڪ پري نه هيون پر تنهن وقت اهو چڱو خاصو سفر ليکيو ويندو هو. چينائين جيتوڻيڪ ڇپائي جو ڪم ايجاد ڪري ڇڏيو هو ۽ هو اهو ڪتب به آڻيندا هئا پر رومي ڪاروبار جي شين کي نشان هڻڻ لاءِ سادي قسم جا ٺپا ڪم آڻيندا هئا. اهي شايد ڪتاب ڇاپي سگهن ها پر انهن وٽ مناسب مس ۽ ڪاغذ نه هئا. تنهن ڪري پلوٽارڪ هٿ لکيل مسودن ۽ سياحن تي ئي دارومدار رکيو. سياح کيس پنهنجي ڄاڻ ۾ آيل يا پڙهيل ڳالهين کان واقف ڪندا هئا.

سيزر جي موت کان پوءِ شروع ٿيندڙ گهرو لڙائي کان پوءِ آڪٽيويس سيزر جيڪو اڳتي هلي اَگسٽس جي نالي سان مشهور ٿيو جنهن ايران ۽ وچ اوڀر کان اسپين تائين ۽ اتر ۾ ڊينيوب درياءَ ۽ هاڻوڪي فرانس جي وڏي علائقي تائين انهي وقت جي مهذب دنيا ۾ نظم ضبط قائم ڪيو اها سلطنت اَگسٽس کان پوءِ سندس جانشينن ٽائبيرئس ۽ ڪنهن حد تائين ڪمزور ڪلاڊئيس ۽ عيش پرست نيرو جي دور ۾ به متحد رهي. نيرو 67ع ۾ يونان آيو هو (پلوٽارڪ تڏهن 20 ورهين جو هوندو ۽ شايد ايٿنز ۾ پڙهي رهيو هو). سلطنت جي صورتحال ته پرائٽوريائي گهرو لڙاين ۾ به خراب نه ٿي جيڪي گالبا، وائٽيلئس ۽ اوٿو جي وچ ۾ لڳيون ۽ نيرو جي وفات کان پوءِ به ڪجھ ورهيه هلنديون رهيون. رومي سلطنت جي پهرين ستر ورهين يا ان جي لڳ ڀڳ عرصي جي هلچل ۽ اهم واقعا فقط روم ۾ ئي جنم وٺندا رهيا ۽ گهڻي حد تائين فقط روم تي ئي اثرانداز ٿيا. يونان جهڙو مهذب ملڪ وڌندو ويجھندو رهيو ۽ اتي ماٺ ميٺ ڇانيل رهي. بهرحال پلوٽارڪ جي جواني واري دور جي وڏي حصي ۾ سلطنت تي ويسپاسين، ٽيٽوس، نروا، ڊوميشين، ٽراجان ۽ 117ع ۾ پلوٽارڪ جي وفات کان 3 ورهيه اڳ هيڊرين جھڙن نسبتاً سٺن ۽ برجستن شهنشاهن جي حڪومت رهي.

پلوٽارڪ جيتوڻيڪ يوناني هو پر هن رومي سلطنت جو شهري هئڻ جي حيثيت ۾ ڪا به گهٽائي محسوس نه ڪئي ۽ سياست ۽ سماج بابت سندس پختي سوچ اميد افزا هوندي هئي. زندگي گذارڻ لاءِ اهو هڪ سٺو وقت هو. هن کي ويساهه هو ته يونانين پاران وڏي يونانيائي رياست قائم نه ڪري سگهڻ جو هڪ لازمي نتيجو رومي غلبو آهي. يونان جو دور ختم ٿي ويو هو، انهي جي آبادي گهٽجي وئي هئي ۽ ٻه صديون اڳ ڪورنٿ جي محاصري وقت اهو آخرڪار پنهنجي آزادي تان هٿ کڻي ويٺو. پلوٽارڪ فليمينس جي حياتي جي احوال ۾ يوناني سياست جي اوڻاين بابت لکي ٿو:

ميراٿون ۾ حاصل ٿيل سوڀ سلاميس جي سامونڊي لڙائي پليٽائي ۽ ٿرموپولا جي لڙاين ۽ يوريميڊون ۾ سيمون جي ڪارنامن کي ڇڏي، يونان پنهنجين سمورين لڙاين ۾ نقصان کاڌو ۽ پاڻ کي غلام بڻايو. سندس پاران کڙا ڪيل فتح جا سڀئي يادگار ۽ نشان هن لاءِ لڄ ۽ تڪليف جو سبب ٿيا ۽ سندس عظيم شخصن جي غلطين ۽ هوڙيائپ سبب اهي سڀئي ويران ۽ تباه ٿي ويا.

انهي جي باوجود به پلوٽارڪ جي خيال ۾ يونان تي روم جو غلبو ڪا دکدائڪ ڳالهه نه هئي. ڪنهن وڏي ۽ مضبوط سلطنت سان واسطو هئڻ چڱي ڳالهه هئي. يوناني زبان ۽ يوناني رسم رواج روم جي حڪمران طبقي جي تعليم جو اڻ ٽٽ حصو هئا ۽ يونانين کي رومي سلطنت ۾ موجوده اصطلاح مطابق پهرئين درجي وارن شهرين جي حيثيت حاصل هئي.

پلو ٽارڪ جو ارادو هو ته هو The Parallel Lives ڪتاب جو پورو عنوان اهو آهي- جي ذريعي يونان جي عظمت خود پنهنجي دور ۽ ايندڙ نسلن جي آڏو رکندو.

اڪثر يونانين ۽ رومين جي زندگين جي احوالن جي هڪٻئي سان ڀيٽ ڪئي وئي آهي. انهي جو مطلب اهو ڪڏهن به نه هو ته رومين کي گهٽ ڪري يوناني سورمن جي واکاڻ ڪئي وڃي پر انهي جوا صل مقصد اهو ڏيکارڻ هو ته ٻنهي قومن جي عظيم ماڻهن جي ماحول ۾ ڪيتري نه مشابهت هئي. پر پلوٽارڪ تاريخ جي وهڪري تي نظرياتي بحثن يا حقيقتن کي ترجيح نه ٿو ڏئي. هو ماضي جي عظمتن کي تحرير ۾ آڻيندڙ آهي. انهي حيثيت ۾ سندس حاصلات جو مقدار تمام وڏو آهي ڇاڪاڻ ته هو ٿيسئيس ۽ روميولس جي داستانوي دور کان وٺي پنهنجي دور تائين يوناني ۽ رومي تاريخ جي سموري دور جو احاطو ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سندس ڪم ۾ بعضي بعضي حقيقتن بابت غلطين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ هن ڪي اهڙا واقعا به بيان ڪيا آهن جيڪي شايد فرضي آهن پر سندس ڪم ۾ تمام سگهاري نموني ڄاڻ کي يڪجاءِ ڪيو ويو آهي.

پلوٽارڪ جنهن ترتيب ۾ پنهنجو Parallel Lives لکيو انهي بابت ڪا به خبر نه ٿي پوي پر اها ڪنهن حد تائين پڪ آهي ته هن ايٿنز ۽ روم جي بانيڪارن ٿيسيئس ۽ روميولس جا داستانوي بيان تحرير ۾ آندا سولون يا نيوما جھڙن شخصن بابت به لکيو. هو پنهنجي ڪم دوران پٺتي هلندو ويو يعني تاريخ مان داستان ۾ ويو هليو. يوناني جن جي سوچ موجوده دور جي اسان ماڻهن وانگر هئي ۽ جيڪي تاريخ ۽ طبعي تاريخ ڏانهن سائنسي رويو رکندڙ پهريان ماڻهو هئا انهن وٽ وقت جو وسعت پذير تصور نه هو ۽ نه ئي انهن وٽ تاريخ جي وسعت جو ڪو مبهم ترين تصور هو. تنهن ڪري پلوٽارڪ کي ٿيسيئس جي دور بابت ڪو اندازو ڪونهي ۽ هن ڪي به تاريخون نه ڏنيون آهن. هو ”ٿيسيئس جي حياتي بابت پنهنجي احوال جي شروعات ۾ چوي ٿو ته اها جنگ نامن ۽ شاعرن جي هر علائقي سان واسطو رکي ٿي جتي ڪابه ڳالهه حتمي يا اعتبار جوڳي نه آهي. ”مون کي اميد آهي ته آءٌ داستان کي پاڪ صاف ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندس ۽ انهي کي تاريخ جو روپ ڏياريندس.

پلوٽارڪ کي مائنوئي تهذيب جي وجود بابت ڪا به خبر نه آهي جيتوڻيڪ هن اهو واقعو تفصيل سان لکيو آهي ته ٿيسيئس ست اٿينائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آزاد ڪرائڻ ڪريٽ ويو هو. اهي ست ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مائنوس کي خراج طور ڏنا ويا هئا. انهي دوران هن مائنوس جي جھازن جو به ذڪر ڪيو آهي. هن اها دلپسند آکاڻي به لکي آهي ته ڪيئن مائنوس ۽ پسي فاءِ جي ڌيء ايرياڊين، ٿيسئيس لاءِ هڪ ڌاڳو وڇائي ڇڏيو هو جيئن کيس انهي ڳجھ ڳجھيڙي مان رستو ملندو وڃي جنهن ۾ مائنوٽار تاڙ ۾ بيٺو هو. پر ٿيسئيس جي دنيا ۽ ٽامي جي دور بابت پلوٽارڪ کي ايتري به خبر نه هئي جيتري موجوده دور ۾ آهي. پر انهي جي باوجود پلوٽارڪ پنجين صدي ق.م ۾ ٿي گذريل سائمون جي زندگي جي احوال ۾ لکي ٿو ته ايرانين سان جنگ کان پوءِ ڊيلفي جي فال گهر مان اٿينائين کي ٻڌايو ويو هو ته هو اسڪائروس مان ٿيسئيس جا هڏا واپس آڻين. سائمون اهو ٻيٽ فتح ڪري ورتو ۽ خدائي الهام ذريعي هڏا دريافت ڪري ورتا. هن ڏٺو ته هڪ باز هڪ قسم جي دڙي تي پنهنجي چهنب هڻي رهيو هو ۽ هن جڏهن پنهنجن سپاهين کي دڙو کوٽڻ جو حڪم ڏنو ته انهن کي هڪ تمام وڏو تابوت نظر آيو ۽ انهي جي ڀرسان ٽامي جي تلوار ۽ گرز رکيل هئا.

پلوٽارڪ جي حياتين جي احوال مان سڀ کان بهترين ڳولهڻ- يعني جن ۾ تمام گهڻي دلچسپي ٿي سگهي ۽ اهي پڙهڻ وٽان هجن- تمام ڏکيو ڪم آهي ڇاڪاڻ ته اهي سڀئي عجيب غريب حڪايتن، واقعن ۽ پلوٽارڪ جي اهڙن مشاهدن سان ڀريل آهن جن کي وساري نه ٿو سگهجي. اڪثر ماڻهو انهي ڳالهه تي متفق ٿيندا ته سيزر ۽ مارڪ اينٽوني السيبياڊز، پيريڪلز ۽ نيسياس جي حياتين جا احوال تمام دلچسپ آهن. پلوٽارڪ، قلو پطره بابت اينٿوني جي حياتي ۾ لکي ٿو:

افلاطون چئن قسمن جي خوشامد بابت لکيو آهي پر هن وٽ هڪ هزار هيون. ڪير به، ويندي شيڪسپيئر به اينٽوني ۽ قلوپطره ۾ قلوپطره جي فطرت ۽ ڪشش بابت انهي کان سٺو بيان نه ڪري سگهيو آهي جهرو ڪائرونيا جو اخلاق جو درس ڏيندڙ ڪري ويو آهي ته:

انبوهه ڪري ايندڙ مصيبتون جيڪي اينٽوني تي اچي پئي سگهيون. اينٽوني جڏهن سمجھي وٺي ٿو ته هو سونهن سوڀيا، شان شوڪت ۽ حاضر جوابي ۾ قلوپطره جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي ته هو تمام خراب فقري بازي تي لهي اچي ٿو. هو به اهو محسوس ڪندي ته هو ڪنهن درٻاري کان وڌيڪ هڪ سپاهي آهي ته هو به ڪنهن قسم جي هٻڪ يا رک رکاءِ کان سواءِ ساڳئي انداز ۾ جواب ڏئي ٿي:

سندس حقيقي حسن بابت چيو وڃي ٿو ته اهو ايترو خاص نه هو جو ڪنهن جي ان سان ڀيٽ نه ڪري سگهجي. يا هو اهڙي نه هئي جو ڪو ماڻهو ان کي ڏسڻ سان ان جي حسن جي تاب نه جھلي سگهي. پر توهان جيڪڏهن هن سان گڏ رهندا هجو ته سندس موجودگي جو احساس، سندس شخصيت جي ڪشش ۽ انهي سان گڏوگڏ سندس گفتگو جي ڪشش ۽ سندس سموري اٿي ويٺي ۽ ڳالهه ٻولهه جو انداز ڪو جادوئي اثر رکندڙ هوندا هئا. فقط سندس آواز جو پڙلاءِ ئي دل کي خوشي سان ڀري ڇڏيندو هو ۽ هو ڄڻ ته ڪنهن گهڻ تاري ساز وانگر هڪ ٻولي مان ٻي ٻولي ڳالهائڻ لڳندي هئي.

جيڪڏهن ڪنهن کي ليکڪ طور پلوٽارڪ جي فقط ڪنهن هڪ خصوصيت جي چونڊ ڪرڻي پوي ته اها سندس دلچسپ ۽ جوش سان ڀري ڇڏيندڙ تفصيل ڏيڻ ۾ مهارت آهي. هو پيريڪلز جي حياتي جي احوال ۾ خوشحال ايٿنز ۾ ٺهيل نين عمارتن جي حسن بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو.

اهڙيون عمارتون تعمير ٿينديون ويون جيڪي سائيز جي لحاظ کان به متاثر ڪندڙ هيون ته انهن جي نقشي جي سونهن به بيمثال هئي ڇو ته ڪاريگر به پنهنجي ڪاريگري جو حسن ڏيکارڻ ۾ وڏي ڪوشش ڪندا هئا. وري انهن بابت تمام اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه اها هئي جو اهي تمام جلدي ٺهي تيار ٿي ويون هيون. پر حقيقت اها آهي ته اها سموري رٿا فقط هڪ شخص جي انتظام جي عروج واري دور ۾ زير عمل آئي هئي. هر عمارت ۾ اهڙو حسن هوندو هو جيڪو انهي جي وجود ۾ اچڻ سان ئي احترام لائق لڳندو هو ۽ ساڳئي وقت انهن مان اهڙي جواني سان ڀرپور قوت بکندي نظر ايندي هئي جنهن سبب اهي اڄ به ائين نظر اچن ٿيون ڄڻ هاڻي ٺهيون آهن. پيريڪلز جي انهن ڪمن مٿان هڪ دائمي تازگي ڦيرا ڏيندي رهي ٿي ۽ انهن کي وقت جي لمس کان اهڙي طرح محفوظ رکيو اٿائين ڄڻ ته انهن ۾ جواني جو ڪو روح ۽ ڪا دائمي حياتيت ڦوڪي وئي آهي.

ايٿنز ۽ اسپارٽا جي وچ ۾ پيلوپونيشيائي جنگ دوران اٿينائين جي سيراڪيوز ڏانهن واحد پيش قدمي دوران انهي فوج تي جيڪا مصيبت آئي انهن جي خبر شهر ۾ پهچڻ سان جيڪا مايوسي ۽ نراس جي حالت پيدا ڪئي ٿيوسيڊائيڊز انهي جو ڏاڍو بيمثال بيان ڏنو آهي. پلوٽارڪ انهي واقعي بابت هيئن لکيو آهي:

جڏهن اها دهشت ناڪ خبر پهريون دفعو ايٿنز پهتي ته چيو وڃي ٿو ته ماڻهن کي انهي تي اعتبار نه پئي آيو. انهي جو هڪ سبب ته اها خبر آڻيندڙ پيغامبر هو. حالتن مان ائين ظاهر ٿئي ٿو ته ڪو اجنبي ماڻهو پيرائيوس ۾ اچي هڪ حجام جي ڪرسي تي ويهي انهي موضوع بابت ائين ڳالهائڻ لڳو ڄڻ ته اها ڪا عام رواجي خبر هجي. حجام انهي جي ڳالهه ٻڌي ۽ انهي کان اڳ جو اهو مسافر ڪنهن ٻئي کي اها ڳالهه ٻڌائي هو تمام تيز ڊوڙندو شهر ۾ ڪاهي پيو ۽ خاص ججن وٽ پهچي هڙ تڪڙ ۾ سموري ڳالهه ٻڌائي ڇڏيائين. فطري ڳالهه آهي ته انهي سان تمام گهڻي مايوسي پيدا ٿي انهي کان پوءِ وڏو هل هنگامو مچي ويو. انهي تي ججن بنا دير اسيمبلي جو اجلاس ڪوٺايو ۽ حجام کي پنهنجي سامهون آڻايو. هن کان جڏهن آڏي پڇا ڪئي وئي ته هن اها ڳالهه ڪيئن ٻڌي ۽ هو جڏهن ڪو اطمينان بخش جواب نه ڏئي سگهيو ته کيس افواهه پکيڙيندڙ ۽ عوام کي اڀاريندڙ قرار ڏئي سزا ڏني وئي. کيس ڦيٿن سان ٻڌي مٿس ايستائين سخت تشدد ڪيو ويو جيستائين پيغامبرن اچي انهي تباهي جي مڪمل تفصيلن سان خبر ڏني.

پلوٽارڪ جي انهن انساني عجوبن جا اڻکٽ مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. کيس شايد بلڪل واضح شين کان سواءِ ٻي هر ڳالهه بيان ڪرڻ ۾ دلچسپي آهي ۽ هو نين شين ۽ غير معمولي ايجادن ۾ محبت جي لحاظ کان هڪ سچو يوناني آهي.

پلوٽارڪ جو تاريخ بابت نظريو ڪڏهن ڪڏهن چيو ويندو آهي ته ڪنهن اخلاق جي پرچارڪ جو آهي. اها ڳالهه درست آهي ته هن پنهنجي Parallel Lives ۾ پنهنجن سورمن جي چڱاين ۽ براين جي ڀيٽ ڪئي آهي. هو پيريڪلز جي حياتي جي احوال جي شروع ۾ لکي ٿو ته هن عمل جي ميدان ۾ رهندڙ ماڻهن جي حياتين جو احوال ڏيڻ جي چونڊ ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته هو سمجھي ٿو ته شاعرن ۽ مصورن جي حياتين جي ڀيٽ ۾ اهڙن ماڻهن جون حياتيون چڱائي کي سمجھڻ ۽ انهي جي تمنا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ اڀارينديون. پر ليکڪ جي راءِ مطابق کيس انسان دوست (Humanist) ڪوٺڻ وڌيڪ بهتر آهي. کيس ٻئي ڪنهن به ڳالهه کان وڌيڪ عظيم ماڻهن جي ڪردار ۾ دلچسپي آهي ۽ ڊي اسٽيئر ڊي لا وگيري جي هڪ فقري مطابق سندس سڀ سورما ”تاريخ ۾ پنهنجو مقام ملڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن.“ هو انهن تي ئي پنهنجي توجه مرڪوز رکي ٿو ۽ رقم طراز آهي:

جيئن پورٽريٽ جا مصور جسم جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ منهن جون لڪيرون ۽ نقش وڌيڪ چٽائي سان ڏيکاريندا آهن ڇاڪاڻ ته انهي مان مجموعي سيرت نظر ايندي آهي تيئن مون کي به انسانن جي روح جي نشانين ۽ علامتن تي خاص توجه ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ آءٌ جڏهن انهن ڳالهين ذريعي انهن جي حياتين جا چٽ چٽڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته سگهي ٿو ته آءٌ وڌيڪ اهم معاملا ۽ وڏين جنگين جا احوال ٻين لاءِ ڇڏي ڏيان.

اهو ڪتاب هڪ تمام ذهين ماڻهو جي زندگي ۾ عمومي دلچسپي جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن ۾ مافوق الفطرت ڳالهين کان وٺي انهن ڳالهين جو بيان پڻ آيل اهي ته مختلف ڪردارن جو پئسي ۽ دولت بابت رويو ڪهڙو آهي. گڏوگڏ اهو ڪتاب انهي سوچ جي تائيد پڻ مهيا ڪري ٿو ته ماڻهن ۾ اها صلاحيت آهي ته اهي عظيم ٿي سگهن ٿا، پاڻ کي پاڻ جهڙن ٻين ماڻهن کان جدا ڪري سگهن ٿا ۽ تاريخ ۾ چڱائي يا برائي جو نشان ٿي سگهن ٿا. پلوٽارڪ ڪنهن به مورخ لاءِ هڪ قيمتي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو ۽ هو بجا طور قديم دنيا جو سڀ کان مقبول عام مورخ آهي. هو جج جي حيثيت ۾ پنهنجي احترام ۽ هڪ ڪٽنب جي سربراهه هئڻ سان گڏ هڪ اهڙو بن ديوتا آهي جيڪو پنهنجي بانسري وڄائيندي اسان کي دعوت ڏئي رهيو آهي ته اسين هن جي پٺيان انساني روح جي اونداهي جهنگ ۾ هلون جيڪو عجيب غريب مخلوقات، حيواني خواهشن ۽ سرور بخشيندڙ اڌ ٻڌل آوازن سان ڀريل آهي. هن جي حيثيت تاريخ جي رهنما کان وڌيڪ هڪ اهڙي تحرڪ جي آهي جيڪو پاڻ کي ماضي ۾ گم ڪري ڇڏڻ تي اڀاري ٿو.

 

9. پراڻو عهدنامو

 

هڪ سو سال اڳ جيڪڏهن بائيبل کي دنيا جي وڏن ڪتابن مان هڪ چئجي ها ته عام ماڻهن کي اها ڳالهه عجيب لڳي ها ۽ انهي کي مقدس شين جي شان ۾ گستاخي جي لڳ ڀڳ برابر سمجھيو وڃي ها. انهي کي ”ڪتاب“ يا ”مقدس صحيفا“ چيو ويندو هو جيڪو ڪتاب پيدائش کان آخري ڪتاب Book of Revelation تائين خدا جي طرفان الهام ٿيل هو ۽ جيڪو نئين عهدنامي تي پڄاڻي تي پهچي ٿو. گرجا گهر وڃڻ جي عادت سبب ماڻهو بائيبل جي ٽڪرن سان تمام مانوس هوندا هئا. بائيبل جو گهر ۾ دور لازمي هوندو هو ۽ سلطنت جي نوڪري جي سلسلي ۾ گهر کان ٻاهر ويندڙ نوجوانن کي به والدين اهو ڏيندا هئا ۽ ان کي پابندي سان پڙهڻ جو تاڪيد ڪندا هئا. ٻرندڙ ٻوٽو جنهن مان خدا ابراهيم سان ڪلام ڪيو هو، يوسف ۽ سندس گهڻ رنگو ڪوٽ، دائود پاران Saul جي سامهون بربط وڄائڻ ۽ جالوت کي قتل ڪرڻ: انگريز ماڻهو ٻين داستانن يا ٻاهرين ماخذن جي تاريخ جي ٽڪرن کان وڌيڪ پراڻي عهدنامي جي انهن روايتن سان مانوس هئا.

نئين عهدنامي جي ڀيٽ ۾ پراڻي عهدنامي ۾ عيسائيت جو پيغام جيتوڻيڪ ايترو سنئون سڌو نه آهي پر انهي کي اسان جا ابا ڏاڏا نئين عهدنامي وانگر ئي خدا جو ڪلام سمجھندا هئا. انهي کي پروٽيسٽنٽ ملڪن ۾ خاص طور عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو هو ڇاڪاڻ ته اتي ماڻهو پنهنجي ذهن ۽ شعور مطابق انهي جي تشريح ڪري سگهندا هئا. اها ڳالهه انگلينڊ تي سڀ کان وڌيڪ صادق اچي ٿي جتي بائيبل جا سڀ کان پهريان ڪيل مڪمل ترجما جيڪي ڇپائيءَ هيٺ آيا ۽ اهي وڏي ادبي اهميت رکن ٿا. انهن ۾ ٽائنڊيل ۽ مائيلزڪورڊيل جا ترجما اهم آهن. هينري اٺين جي دور ۾ سهيڙيل ڪرينر جو Prayer Book به اهميت رکي ٿو. انگريز ٽيوڊر گهراڻي جي سموري دور ۽ انهي کان پوءِ به شديد مذهبي جوش جذبي سان ڀريل رهيا ۽ نه فقط شديدPuritans پر سموري قوم بائيبل کي ائين ڳڙڪائيندي رهي ڄڻ اهو اهڙي اهم غذا هئي جنهن کان کين گهڻي عرصي کان محروم رکيو ويو هو.

بائيبل ۾ فقط مذهبي لحاظ کان ڪشش نه هئي. اها ڳالهه لازماً ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جڏهن هينري اٺين بائيبل کي گرجا گهرن ۾ رکڻ ۽ پڙهڻ جو حڪم ڏنو تڏهن چاسر ۽ شايد اسڪيلٽن جي ڪجھ گهٽ مشهور بيتن کان سواءِ ڪنهن تاريخ، شاعري يا جنگ نامي جو ڪو وجود ئي نه هوندو هو. اڳتي هلي جيمس پهرئين جي دور ۾ عالمن ۽ پادرين جي هڪ ڪاميٽي بائيبل جو هڪ Authorized Version  تيار ڪيو جيڪو 1568ع ۾ منظر تي آيل بشپ جي بائيبل جو هڪ نظرثاني ٿيل ۽ سڌاريل ڇاپو هو. هتي مورخ جان گرين جا لفظ ڏجن ٿا جن سان ڪو به اختلاف نه ڪري سگهندو ته: ”يهودين جي زبان ۽ يونانن جي محاوري گڏجي ترجمي جي ڪم کي تمام سولو ڪري ڇڏيو. فقط هڪ ادبي شاهڪار طور به بائيبل جو انگريزي ترجمو انگريزي زبان جو اعليٰ ترين نمونو آهي. انهي جي منظر تي اچڻ سان ئي انهي جي لاڳيتي استعمال انهي کي اسان جي زبان جو هڪ معيار ۽ ڪسوٽي بڻائي ڇڏيو آهي. جديد دور ۾ گرجا گهر وڃڻ جي عادت ۾ گهٽتائي اچڻ جي باوجود پراڻو عهدنامو جنهن کان اڄ ايترا ماڻهو مانوس نه آهن جيترا اڳ ۾ هئا اڄ به بيشمار اهڙا اصطلاح، محاورا، استعارا ۽ تشبيهون مهيا ڪري ٿو جيڪي روزاني ڳالهه ٻولهه ۾ ڪم اچن ٿا پر انهن جو اصل ماخذ بائيبل آهي.

پراڻو عهدنامو ڪو هڪ ڪتاب نه پر داستانن، تاريخي ڳالهين ۽ جدا جدا ماڻهن جي اهڙين تحريرن جو مجموعو آهي جيڪي يهودي عالمن ۽ پادرين پاران وقت بوقت گڏ ڪيون ويون هيون ۽ انهن کي قوم ۽ انهي جي مخصوص پيغام جي روح کي اظهار ڏيندڙ سمجهيو پئي ويو. پراڻي عهدنامي ۾ اهڙا ڪتاب شامل آهن جيڪي درحقيقت نظم آهن جھڙوڪ   Psalms  ۽ دي سانگ آف دي سالومن ۽ The Book of Lamentations ۽ Jonar, Ruth ۽ Esther جهڙيون ننڍڙيون آکاڻيون پڻ آهن. پر بائيبل جي ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن وانگر انهن جو به ڪنهن نه ڪنهن حد تائين عبرانين جي تاريخ سان تعلق آهي. اهڙي طرح انهي مجموعي جو گهڻي حد تائين تاريخ سان تعلق آهي.

جيڪڏهن عالمي معاملن تي سياسي اثر وجھڻ جي حوالي سان پرکيو وڃي ته عبراني ڪنهن به لحاظ کان دنيا جي اهم قومن ۾ شامل نه هئا. لڳ ڀڳ 1900 ق.م ڌاران سامي قبيلن جو هڪ ننڍڙو گروهه ابراهيم نالي هڪ سردار جي اڳواڻي ۾ ميسوپوٽيمياجي شهر ڪلده جي اُرنالي ڳوٺ مان اولهه طرف ڪنعان يا فلسطين ڏانهن لڏي ويو. بائيبل جي آکاڻي مان خبر پوي ٿي ته ڪنعان ۾ ابراهيم جا پونير ڏڪار مان سخت متاثر ٿيا ۽ آهستي آهستي مصر لڏي ويا اتي انهن سان تيستائين مهرباني وارو سلوڪ ٿيندو رهيو جيستائين اتي ”هڪ بادشاهه پيدا ٿيو جنهن کي اسرائيل بابت ڪا خبر نه هئي“ ۽ انهن کي غلام بڻائي مختلف قسم جي تعميراتي ڪمن ۾ هنيو ويو. جن بادشاهن شايد يوسف سان مهرباني جو سلوڪ ڪيو هوندو اهي شايد Hyksos يا ريڍار بادشاهه (Shepherd kings) هئا جيڪي پاڻ سامي هئا ۽ ڪاميابي سان مصر تي ڪاهه ڪئي هئائون. انهن کي اهو احساس هجي ها ته اسرائيلي سندن هم وطن آهن. ۽ جنهن فرعون انهن کي غلام بڻائڻ جي شروعات ڪئي اهو شايد رعمسيس ٻيون هو جنهن هڪ مقامي گهراڻي جي حڪمراني جو بنياد وڌو هو.

تقريباً 1100- 1300 ق.م ڌاران عبراني غلامَ، موسيٰ نالي مصر ۾ پيدا ٿيل هڪ عبرانيءَ جي اڳواڻي ۾ مصر مان ڀڄي نڪتا. اسرائيلي ريگستان مان هڪ اڻ سڌي رستي ذريعي ڇاڪاڻ ته غزا واري تڪڙي رستي ۽ سامونڊي ڪناري تي سخت پهرو هو. کير ۽ ماکي جي سرزمين ڪنعان موٽي آيا جيڪا انهن جي ابن ڏاڏن چار سو ورهيه اڳ ڇڏي هئي. هاڻي اسرائيلين جو انگ به وڌي ويو ۽ انهن پنهنجو هڪ بادشاهه چونڊيو. انهن پاران ڪنعان ۾ مضبوطي حاصل ڪرڻ جي ڪهاڻي تشدد، چالاڪي ۽ حرفت سان ڀريل آهي. ڪنهن زمين تي وڏي عرصي کان آباد، تعداد ۾ وڌيڪ ۽ وڌيڪ تهذيب يافته پاڙيسرين سان جھيڙيندڙ قبيلن جي ڪنهن ننڍڙي ۽ پنهنجي حيثيت کان واقف گروهه جون اهي لازمي خصوصيتون هونديون آهن. اهو قومي وجود جي بقا جي هڪ خونخوار جدوجھد جو داستان آهي. اسرائيلين تي اوائلي پيغمبرن جھڙوڪ جوشوعا (Joshua) حڪمراني ڪئي هئي. اهو موسيٰ جو جانشين هو. اسرائيلين فلسطينين سان سخت ڇڪتاڻ دوران پنهنجا بادشاهه چونڊيا. انهن مان پهريون سال (Saul) ٻيون جيسي گهراڻي جو دائود هو. انهي داستان جون پاڙون هاڻي مضبوطي سان تاريخ ۾ کتل آهن.

هاڻي تاريخ جي سلسلي کي ڪجھ دير لاءِ روڪي انهي اهم حقيقت کي زير غور آندو وڃي ته تاريخ طور پراڻي عهدنامي جي ڪهڙي حيثيت آهي. جڏهن راڻي وڪٽوريا تخت نشين ٿي ته ماڻهن جو عام ويساهه اهو هوندو هو ته دنيا 4004 ق.م ۾ تخليق ٿي هئي. پراڻي دور وانگر تڏهن به سادو ذهن رکندڙ ماڻهن کي پراڻي عهدنامي جي ڳالهه بلڪل تز ۽ هوبهو تاريخ لڳندي هئي. پر انهي صدي جي پڄاڻي وقت جڏهن جيالا جسٽن ۽ طبعياتدانن جي ڪم طبعي دنيا بابت انسان جي علم ۾ وسعت آڻڻ شروع ڪئي ته بائيبل کي تاريخي لحاظ کان حڪايت يا لوڪ ادب سمجھيو وڃڻ لڳو. عيسائي انهي کي جيتوڻيڪ خدا طرفان الهام ٿيل پر بنيادي طور داستانوي اصل رکندڙ سمجھندا هئا. پوءِ جڏهن اڳتي هلي عالمن بابل ۽ اسيريا جي ڪيونيفارم (ڇيڻيءَ جي شڪل جھڙي) لکتن جي معنيٰ ڳولهي لڌي ته پراڻي عهدنامي جي وڏي حصي جي تاريخي حيثيت بابت شڪ شبها ختم ٿي ويا. گذريل 50 ورهين دوران آثار قديمه جي ماهرن پاران وچ اوڀر ۽ مصر بابت ڪيتريون ئي دريافتون ڪرڻ کان پوءِ انهي دعويٰ کي وڌ کان وڌ مڃتا ملندي پئي وڃي ته پراڻي عهدنامي جي سموري آکاڻي هڪ ڪارائتو تاريخي رڪارڊ آهي. مثال طور هاڻي ابراهيم جي آکاڻي کي لوڪ ادب کان وڌيڪ اهميت ڏني پئي وڃي ڇاڪاڻ ته 1930ع واري ڏهاڪي دوران مرڪندڙ منهن وارن ماري (Mari) بادشاهن جي حڪم هيٺ هلندڙ اموري بادشاهت جي دريافتن هارون ۽ نثور جهڙا شهر منظر تي آندا آهن. انهن جو بائيبل ۾ ذڪر آهي پر اهي آثار قديمه وارن کي هٿ اچڻ کان اڳ ڪير به انهن کان واقف نه هو. مصر مان خروج جي ڪيترن ئي واقعن جو بنياد هاڻي پڪي پختي حقيقت تي بيٺل ڏيکاريو ويو آهي. ساڳئي طرح جيريڪو نالي هڪ وڏي شهر تي قبضو پراڻي عهدنامي جو هڪ وڏو واقعو آهي. انهي شهر جون ڀتيون جوشوعا جي نفير جي آوازن تي ڪري پيون هيون. آثار قديمه جو علم جيتوڻيڪ انهي معجزي جي پُٺ ڀرائي نه ٿو ڪري پر دريافتن مان هڪ قلعي بند شهر ظاهر ٿيو آهي جيڪو شايد دنيا ۾ سڀ کان قديم آهي ۽ جڏهن اسرائيلي انهي ۾ آيا اهو تڏهن به ٻه هزار ورهيه پراڻو هو. گذريل 30 ورهين تائين سمجھيو ويندو هو ته جيريڪو جو بائيبل کان سواءِ ڪٿي به ذڪر ٿيل نه آهي.

لڳ ڀڳ هڪ هزار قبل مسيح جي دور تائين به پنجين صدي جي يونانين لاءِ تاريخ جو مطلب گهڻي حد تائين داستانوي سورما هوندا هئا. ٽراءِ شهر جي محاصري جي تاريخ 1200 ق.م جي لڳ ڀڳ آهي. پر بادشاهه دائود چڱي مستند تاريخي شخصيت آهي. جنهن 1000 کان 961 ق.م تائين حڪومت ڪئي.

دائود جو جانشين سليمان ٿيو جنهن جي دور ۾ اسرائيل جي ننڍڙي بادشاهت ۾ واڌويجھ ٿي ۽ اها شاهوڪار ٿي. پر سليمان جي شاه خرچين ۽ ڳرا ٽيڪس مڙهڻ سبب هن کان عوامي حمايت کسجي وئي ۽ 922 ق.م ۾ سندس وفات وقت بادشاهت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. انهن مان اترين حصي کي اسرائيل يا فرائيم ۽ ننڍي ڏاکڻين حصي کي جُدا سڏيو ويو. اهو گهڻي ڀاڱي هڪ سڌو جابلو علائقو آهي جنهن جو گادي جو هنڌ يروشلم هو. سليمان جي وفات کان جلد ئي پوءِ بائيبل کي يڪجاءِ ڪيو وڃڻ لڳو. آخري دور جي پيغمبرن کان سواءِ بائيبل جي ليکڪن جا نالا معلوم ڪرڻ جو ڪو ذريعو نه رهيو آهي. اها روايت جنهن مطابق حضرت موسيٰ بائيبل جي شروعاتي پنجن ڪتابن جو ليکڪ آهي ۽ جن کي يهودي توريت يا Law جي نالي سان سڏين ٿا انهي جي درست هئڻ جو امڪان نه آهي. بائيبل جا شروعاتي حقيقي خالق اهي پادري يا عالم آهن جن نائين صدي قبل مسيح ۾ روايتي تحريرن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙي هڪ گروپ کي J ماخذ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهي جو سبب اهو آهي جو خدا جي نالي جي لاءِ جهو واهه يا جهويہ جو لفظ ڪتب آندو ويو آهي. انهي ماخذ جو هنڌ جُدا هو. انهي کان ڪجھ پوءِ جي ماخذ کي E سڏيو وڃي ٿو. انهي ۾ خدا لاءِ الوهيم جي لفظ جي استعمال کي ترجيح ڏني وئي آهي. انهي ماخذ جا عالم اسرائيل جي اترئين بادشاهت ۾ رهندا هئا. هڪ پٺئين دور جو ماخذ به آهي جنهن J ۽ E ٻنهي جي ڪمن کي ڪم آندو ۽ هڪ ٻيو پادرين (Priestly) جو ماخذ به آهي جنهن پنجين صدي ۾ مختلف رڪارڊن کي گڏ ڪيو ۽ انهن ۾ تصحيح ڪئي.

سن 721 ق. م ۾ اسرائيل تي اسيرين جو غلبو ٿي ويو جيڪي پنهنجي ٿور مدتي فوجي سلطنت قائم ڪري رهيا هئا. وچ اوڀر جو اڪثر علائقو انهي هيٺ اچي ٿي ويو. ۽ جڏهن تقريباً 140 ورهيه پوءِ اسيريا به ڪيترين سلطنتن وانگر زوال جو شڪار ٿي وئي ته جدا جي بادشاهه بابل فتح ڪري ورتي ۽ يروشلم تباهه ٿي ويو. پوءِ ميدن ۽ ايرانين جي سلطنت جو دور آيو جنهن بابل کي شڪست ڏئي ڇڏي ۽ عظيم بادشاهه سائرس يهودين کي يروشلم واپس وڃڻ ۽ شهر کي نئين سر تعمير ڪرڻ ۽ پنهنجي بادشاهت جو نئين سر پايو وجھڻ جي اجازت ڏني. اهڙي طرح پنجين ۽ چوٿين صدين دوران، مثال طور ايٿنز جي سونهري دور دوران عبراني قوم وري پنهنجي سرزمين تي آباد ٿي وئي. انهي کي پوءِ جيتوڻيڪ 334 ق.م ۾ سڪندراعظم فتح ڪري ورتو پر عبراني طرز زندگي ۽ روايتن کي شروع ۾ يونانين کان ڪو به خوف خطرو نه هو. پر پوءِ جڏهن سڪندر جي سلطنت سندس جرنيلن ۾ ورهائجي وئي ته پوءِ يهودي مذهب ۾ به دخل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مڪابيز (Maccabees) جي دور ۾ عبرانين لڳ ڀڳ هڪ صدي جيترو عرصو پنهنجي آزادي وري حاصل ڪري ورتي ايستائين جو 65 ق.م ڌاران تخت حاصل ڪرڻ لاءِ حريف ڌڙن ۾ ٿيندڙ جھيڙن سبب روم کي دخل اندازي جو موقعو ملي ويو. يهودين جي روم خلاف 70 عيسوي ۾ آخري عظيم بغاوت جي نتيجي ۾ يروشلم وارو عبادت گاهه تباهه ٿي ويو ۽ يهودي سموري دنيا ۾ ٽڙي پکڙي ويا. پوءِ دنيا ۾ ڪٿي به يهودي رياست جو وجود نه رهيو ايستائين جو 1947ع ۾ موجوده اسرائيل جي رياست وجود ۾ آئي.

عبرانين جي تاريخ خاص طور انهي تي انهي جي تقريباً 2000 ق.م ڌاران شروع ٿيڻ کان موجوده دور تائين نظر وجھڻ سان جيتوڻيڪ ڪافي ڊرامائي ۽ متاثر ڪندڙ لڳي ٿي پر انهي جي عيسائي دنيا ۾ مشهور ٿيڻ جا شايد ٻه بنيادي سبب هئا. پهريون اهو ته عيسائي مذهب ۾ پراڻو عهدنامو يسوع مسيح جي پيغام سان گڏ نئين عهدنامي کان اڳ آيل آهي. يهودي نقطه نظر کان عيسائيت خود هڪ مرتد فرقو آهي پر اهو تمام وڌي ويجھي ويو آهي. سينٽ اينڊريو يونيورسٽي ۾ عبراني ۽ پراڻي عهدنامي جي ليڪچرار ۽ پراڻي عهدنامي بابت هڪ فڪر انگيز ڪتاب جي مصنف لکيو آهي.

”عيسائيت جي تبليغي پيغام جون پاڙون پراڻي عهدنامي وارن عقيدن ۾ کتل هيون. حقيقي مسيحا نذرٿ جي يسوع جي صورت ۾ آيو هو. هن نئين ميثاق جو افتتاح ڪيو. هن جا پيروڪار نوان اسرائيلي هئا جن تي خداوند پنهنجو روح اوتيو هو. يسوع جي حياتي، موت ۽ نئين سر جيئڻ جي صورت ۾ پراڻو عهدنامو پنهجي مڪمل پختگي ۾ اچي چڪو هو. تنهن ڪري ڪنهن عيسائي لاءِ پراڻو عهدنامو ڪو نامانوس يا غير اهم ڪتاب نه هئڻ گهرجي. ابراهيم، اسحاق، يعقوب، موسيٰ ۽ ٻيا پيغمبر مذهبي لحاظ کان ڄڻ ته سندس پنهنجا ابا ڏاڏا آهن. کيس گرجا گهر ۽ خدا جي ماڻهن جي قصي جي شروعات تڏهن کان نظر ايندي جڏهن ابراهيم ڪلده جي اُر کان سفر شروع ڪيو هو خدا پاران پنهنجن ماڻهن کي مصر مان غلامي مان نجات ڏيارڻ ۾ نظر ايندو ته خدا پاران انسانن سان پنهنجي مهرباني واري هلت چلت جو اهو ئي طريقو آهي جيڪو يسوع مسيح جي صورت ۾ آڇيل عظيم نجات جي صورت ۾ پنهنجي انتها تي پهچندو.“

ٻئي بنيادي سبب کي جيتوڻيڪ عيسائيت کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي پر اهو غير عيسائين، دهرين، لاادرين، ٻوڌين، مسلمانن يا دنيا جي ڪنهن ٻئي به مذهب جي پيروڪارن تي به لاڳو آهي. پراڻو عهدنامو انسانن جي خدا سان تعلق جي تاريخ آهي ۽ اهو دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي قسم جو واحد قصو آهي. انهي جي شروعات انهي ميثاق سان ٿئي ٿي جيڪو خداوند ابراهيم سان ڪيو هو.

”هاڻي خداوند ابراهيم کي چيو ته تون پنهنجي ملڪ، پنهنجن مٽن مائٽن ۽ پنهنجي پيءُ جي گهر مان نڪر ۽ اهڙي زمين ڏانهن وڃ جيڪا آءٌ توکي ٻڌائيندس. آءٌ تو مان هڪ عظيم قوم پيدا ڪندس، آءٌ توتي رحمت ڪندس ۽ تنهنجو نالو بلند ڪندس.

آءٌ انهن تي رحمت ڪندس جيڪي توسان مهرباني ڪندا ۽ انهي تي ڦٽڪار وجھندس جيڪي توسان غلط هلت ڪندا ۽ تنهنجي صدقي دنيا جي سڀني ڪٽنبن جي رحمت ٿيندي.“

تڏهن کان وٺي پراڻي عهدنامي جي پڄاڻي تائين پيغمبر ۽ پادري؛ بادشاهه ۽ جنگجو ۽ خود عوام پڻ انهي ميثاق جي ورائي ورائي تعبير ۽ تشريح ڪندا رهيا آهن. عام ماڻهن جي حالت اها آهي ته اهي اڪثر انهيءَ ميثاق مان ڪنڌ ڪڍائڻ ۽ مصر واپس وڃڻ جي ڪوشس ڪندا رهيا آهن جتي اهي 1300 ق.م ۾ هئا جيئن اهي بعل جي پوڄا ڪري سگهن يا نين ريتن رسمن کي ڇڏي يونان جي ڏينهن وانگر پنهنجي آسپاس وڌيڪ مهذب ماڻهن وانگر اٿي ويهي سگهن. پر اهي پنهنجي قسمت مان جان آجي نه ٿا ڪرائي سگهن جيڪا اها آهي ته اهي خدا ۽ سندس ميثاق کان پري نه ٿا ڀڄي سگهن.

پراڻي عهدنامي جي اصل هئڻ جو هڪ ثبوت جنهن انهي کي عالمي مڃتا ڏياري آهي اهو تصور آهي ته خدا فقط هڪ آهي، اهو چڱائي جو خدا آهي ۽ اهو ئي سموري دنيا جو خدا اهي. قديم دنيا جي ٻين خدائن جي ابتڙ جن جو تعلق فقط پنهنجن پوڄارين سان هوندو هو، جهوواهه يهودين جي ملڪيت نه آهي. عبرانين کي بار بار وڏين تڪليفن کان پوءِ اها ڳالهه سمجھ ۾ ايندي رهي آهي ته جھوواهه چڱاين جو خدا آهي جيڪو باهه ۾ ساڙيل ڀيٽائن ۽ ويندي دعائن کي به ايستائين پسند نه ٿو ڪري جيستائين انهن ۾ روح نه هجي.

۽ توهان جڏهن پنهنجا هٿ اڳيان پکيڙيندو ته آءٌ توهان کان پنهنجيون اکيون لڪائي ڇڏيندس هائو! توهان جڏهن ڪيتريون ئي التجائون پيا ڪنداو ته به آءٌ نه ٻڌندس ايسياح چيو.

عبرانين جو خدا ڪو قبيلائي خدا نه پر سمورن انسانن جو خدا آهي. عبراني پاڻ کي پادرين جي قوم ۽ اهڙا چونڊيل ماڻهو سمجھن ٿا جن خدا سان اهڙو ميثاق ڪيو آهي جنهن جي ذريعي اهي خدا کان وڏا فائدا وٺن ٿا ۽ انهن تي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ مصيبتون به وڏيون اچن ٿيون ۽ اها ڳالهه سندس تاريخ مان به ثابت آهي. پراڻو عهدنامو هڪ قوم جي خدا سان تعلق جي تاريخ آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو يوناني ادب جي ڪتابن مان پراڻي عهدنامي جي ڊيگهه جيترو مجموعو ٺاهيندو جنهن ۾ هومر، هيروڊوٽس، ٿيوسيڊائيڊز، ايسڪائيلس، سوفوڪليز، يوريپائيڊز، افلاطون ۽ ارسطو جي ڪمن مان ٽڪرا شامل ڪندو ته اهو پنهنجي تخيلاتي ۽ فڪري ڪشش جي لحاظ کان پراڻي عهدنامي کان وڌيڪ متنوع هوندو. حقيقت اها آهي ته عبراني نه ئي تخيلاتي ذهن جا مالڪ هئا نه ئي انهن کي فلسفي سان ڪو لڳاءُ هو. اهي هڪ جذباتي ۽ عملي نسل جا ماڻهو هئا ۽ انهن جا ليکڪ ڪجهه به لکڻ وقت زندگي جي فقط هڪ رخ يعني انسان جي خالق سان تعلق تي پنهنجي توجه مرڪوز رکندا هئا. پر انهي ڪوتاهه نظري ۾ ئي سندن ڏاهپ سمايل هئي. ڇو ته زندگي جو اهو رخ ئي اهڙو آهي جنهن کي ڪو بيوقوف ئي اهو چئي نظر انداز ڪري سگهي ٿو ته ڪنهن به خدا جو ڪو وجود نه آهي. حقيقت اها آهي ته اهو ئي زندگي جو سڀ کان ڳوڙهو سوال آهي ۽ پراڻو عهدنامو هڪ اڻ سڌريل قوم جي حاصلات جي رڪارڊ جي صورت ۾ سڀني ڪتابن ۾ تمام ڳوڙهو ڪتاب آهي.

 

10. نئون عهدنامو

 

عيسائيت جي دنيا ۾ اچڻ کان ڪيترا ورهيه پوءِ به جنهن مذهب يهودين جي هڪ فرقي طور شروعات ڪئي هئي انهي جي پيروڪارن وٽ يهودين سان گڏيل صحيفن کان سواءِ پنهنجو جدا مذهبي ڪتاب نه هو. انهن وٽ جدا مذهبي ڪتاب هئڻ جو ڪو سبب به نه هو. ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪيترن نه فقط يسوع مسيح کي زنده ڏٺو هو ۽ ان جون ڳالهيون ٻڌيون هيون پر انهن کي پڪو ويساهه هوته هو جلد ئي عظمت جي بادلن تي جنت مان انهن وٽ واپس ايندو ۽ زمين تي خداوند جي ٻچڙن لاءِ امن ۽ خوشي جو هڪ نئون نظام ۽ نئون دور شروع ڪندو.

پر جيئن جيئن سندس واپسي ۾ دير ٿيندي وئي ۽ سالن پٺيان سال گذرڻ سان انهي فرقي ۾ شامل ٿيندڙن- يهودين توڙي غير يهودين- جو انگ پڻ وڌندو ويو. انهن مان گهڻن کي يسوع مسيح بابت ڪا ذاتي ڄاڻ نه هئي ۽ انهن جا يسوع مسيح جي حوارين (Apostles) سان رابطا به گهٽ هئا. عيسائي عقيدي ۽ عمل بابت مستند بيانن جي ضرورت به روز بروز واضح ٿيندي وئي ۽ اهڙي طرح ادب جو هڪ اهڙو ذخيرو وجود ۾ اچي ويو جيڪو 50 ورهين جي عرصي دوران ڪيترن ئي اهڙن ليکڪن لکيو هو جن جو مزاج، پس منظر ۽ نقطه نظر هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف هو ۽ انهن جو لکڻ جو انداز ۽ لکڻ جا سبب به گهڻا مختلف هئا. انهي ادبي ذخيري کي چونڊ، ڇنڊڇاڻ ۽ نئين پيش ڪش جي هڪ ڊگهي عمل مان گذارڻ کان پوءِ آخرڪار نئين عهدنامي جو نالو ڏنو ويو.

لفظ عهدنامو (Testament) لاطيني زبان مان آيل آهي ۽ اهو هڪ يوناني لفظ جو ترجمو آهي جنهن جو مطلب آهي ميثاق. بائيبل ۾ خدا جي پنهنجن ماڻهن سان خاص تعلق کي عام طور ميثاق (Covenant) جي لفظ سان بيان ڪيو ويو آهي. پهريون ميثاق پراڻي عهدنامي جو مستقل موضوع آهي. پر اهو غير موثر ثابت ٿيو ۽ پوءِ يسوع مسيح جي ظهور. وفات ۽ وفات کان پوءِ نئين سر زنده ٿيڻ جي ذريعي هڪ نئون ميثاق عمل ۾ آندو ويو. عيسائي عقيدي مطابق ٻئي ميثاق اڻ ٽٽ طور هڪ ٻئي سان جُڙيل آهن ۽ انهن مان هڪ ٻئي ڏانهن ان جي عروجي حد طور رهنمائي ڪري ٿو. تنهن ڪري نئين عهدنامي کي بائيبل جي چوٽي ۽ پڄاڻي سمجھيو وڃي ٿو.

نئون عهدنامو الاهياتي ۽ ديني لحاظ کان جيتوڻيڪ پراڻي عهدنامي کان گهڻو اهم ڇو نه هجي پر اهو طوالت جي لحاظ کان انهي کان گهڻو گهٽ آهي. حقيقت ۾ اهو ان جي ٽئين حصي جيترو آهي پراڻي عهدنامي وانگر اهو هڪ ڪتاب نه پر ڪتابن جو مجموعو آهي. انهي ۾ جملي 27 ڪتاب آهن ۽ اهي هڪ خاص قسم جي يوناني زبان ۾ لکيل آهن. اها افلاطون ۽ سوفوڪليز واري ڪلاسيڪل يوناني نه آهي نه ئي گهڻي حد تائين همعصر فائلو ۽ جوسيفس واري يوناني آهي. اها يوناني ڪوئين (Koine) نالي هڪ اهڙي قسم جي گهڻو ويجھي آهي جيڪا رومي سلطنت جي اڀرندن حصن جي عام بول چال واري گهرن ۽ بازارن ۾ ڳالهائي ويندڙ ۽ عام ماڻهن جي گهٽ پڙهيل طبقي جي ٻولي هئي. پر پراڻين محفوظ لکتن جي غور سان ڪيل اڀياس مان خبر پوي ٿي ته اها ٻولي ڪوئين جھڙي نه آهي. انهي جي لفظن ۽ اظهارن ۾ ڪيترائي اڻ لکيا اختلاف آهن ۽ هاڻي اهو عام مفروضو آهي ته انهن مان آرمائي جو اثر ظاهر ٿئي ٿو. اها فلسطيني يهودين جي عام زبان هئي ۽ خود يسوع مسيح به اها ڪتب آڻيندو هو.

عيسائي مذهب جي تاريخ ۾ تمام اوائلي دور جا سڀ سن جيتوڻيڪ تمام غير حتمي آهن پر عالمن جي متوازن راءِ مان اهو پتو پوي ٿو ته عيسائين کي ايذاءَ ڏيندڙ سڀ کان ڇتي يهودي سال آف ٽارسس (Saul of Tarsus) کي دمشق ڏانهن ويندڙ رستي تي اها رويا 33ع جي لڳ ڀڳ نظر آئي هئي جنهن کيس عيسائي مبلغ ڪري ڇڏيو هو ۽ پال ۽ برناباس جو پهريون تبليغي سفر 46ع يا 47ع ۾ شروع ٿيو هو. اها شايد چار يا پنج ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي جڏهن پال پنهنجن ڳالهايل لفطن کي لکيل لفظن يا خطن جي ذريعي سگهارو ڪرڻ شروع ڪيو.

هن اهو ڪم ڇو ڪيو؟ انهي لاءِ گهڻواڳتي ڏسڻ جي ضرورت نه آهي. مختلف جاين تي عيسائين جا ننڍڙا گروهه وجود ۾ اچي رهيا هئا جن مان اڪثر ته سندس پرچار جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا هئا. هاڻي انهن نون مومنن کي وڌيڪ سکيا، همٿ افزائي، عيسائي زندگي تي قائم رهڻ لاءِ اڀارڻ، ڪوڙن نبين ۽ عقيدن توڙي اهڙي هلت چلت کان بچڻ لاءِ- جيڪا عيسائي عقيدو مڃڻ وارن جي لائق نه هجي. خبردار ڪرڻ جي ضرورت هئي. اها گهڻي حد تائين پڪ آهي ته پال جا سڀ کان اوائلي خط اهي هئا جيڪي ٿياسالونيڪا جي عيسائين کي مخاطب ٿي لکيا ويا هئا. اهو اُهو وڏو يوناني شهر (جديد سالونيڪا) آهي جتي پال ۽ سيلاس سان يهودين طرفان اڀاريل نوجوانن تمام خراب ورتاءُ ڪيو هو. ٿيسالوينائين ڏانهن لکيل پهرئين خط تي عام طور 52ع جو سن لکيل هوندو آهي. پر ٻيون خط اهڙا سوال پيدا ڪري ٿو جن جا جواب ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. فرض ڪيو وڃي ٿو ته پال تقريباً ساڳئي وقت ايشيا مائينر جي پٽن ۾ گيلاشيا ۾ ظاهر ٿيل عيسائين جي هڪ ننڍڙي گروهه ڏانهن به خط لکيو هو. ٻه يا ٽي ورهيه پوءِ ڪورنٿ جي عيسائين ڏانهن خط موڪليا ويا ۽ رومين ڏانهن لکيل خط جو سن 57ع يا 58ع ٿي سگهي ٿو. پال جي باقي خطن بابت اهو سمجھيو وڃي ٿو ته اهي پال پاران روم ۾ رياست جو قيدي ٿي پهچڻ کان پوءِ لکيا ويا هئا. پر اهو ڪم ڪڏهن ٿيو (سن 60، 61 يا 62ع) هو اتي پنهنجي مسواڙ تي ورتل گهر ۾ ڪيترو عرصو رهيو ۽ هو آخرڪار ڪڏهن شهيد ٿيو انهن ڳالهين جو ڪو حتمي فيصلو نه ٿو ٿي سگهي.

نئين عهدنامي ۾ ڪجھ ٻيا خط به آهن جيڪي پيٽر، جيمس، جيمس جي ڀاءُ جوڊ ۽ جان ڏانهن منسوب ڪيا ويندا آهن. ڪجھ عالم انهي راءِ جا به آهن ته جيمس وارو حصو نئين عهدنامي جو سڀ کان شروعاتي حصن مان هڪ ٿي سگهي ٿو يا ممڪن آهي ته اهو پال جي خطن کان به آڳاٽو هجي پر ڪجھ ٻين عالمن جو اهو رايو آهي ته اهو پوءِ جي دور جو آهي ۽ شايد ٻين صدي جي شروع واري دور جو آهي. مٿي ذڪر ڪيل ٻيا خط به انهي دور سان منسوب ڪيا ويا آهن. عبراني (Hebrews) وارو ڪتاب اهڙا سوال سامهون آڻي ٿو جن جو جواب نه ٿو ڏئي سگهجي.

خط يوناني ٻولي جي مٿي ذڪر ڪيل هڪ خاص قسم ۾ لکيا ويا هئا. اهي پيپيرس جي پنج انچ ويڪرين نَو انچ ڊگهين شيٽن تي لکيا ويا هئا (قديم دور ۾ لکڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڪاغذ کي پيپيرس چيو ويندو هو. اهو سنهڙين فتيلن جي صورت ۾ ڪٽي پوءِ زور ڏئي هڪ ٻئي سان گڏايو ويندو هو) جيئن ته رومي سلطنت ۾ عام ماڻهن لاءِ پوسٽ جي سهوليت نه هوندي هئي تنهن ڪري انهن کي ڪنهن اعتبار جوڳي پيغامبر جي ٿيلهي ۾ وجھي هٿو هٿ موڪليو ويندو هو. اهي اتي وصول ٿيڻ کان پوءِ عيسائين جي اجتماعن ۾ بار بار پڙهيا ويندا هئا انهن بابت ڳالهايو ويندو هو ۽ انهن جي تشريح ڪئي ويندي هئي ۽ وڏي پيماني تي پکيڙ لاءِ انهن جا نقل ٺاهيا ويندا هئا.

جڏهن اهي خط سموري عيسائي دنيا ۾ پکڙجي رهيا هئا ته نئين عهدنامي بابت وڌيڪ اهم ۽ وڌيڪ دلچسپ ادب جو ذخيرو وجود ۾ اچي رهيو هو. انهن کي gospels سڏيو وڃي ٿو. اهي يسوع مسيح جي حياتي، تعليمات، وفات ۽ نئين سر زنده ٿيڻ جي خوش خبرين بابت چار بيان آهن.

انهن چئن مختصر سوانح عمرين وانگر دنيا جي ٻئي ڪنهن به ڪتاب جو اهڙي باريڪ بيني سان جائزو نه ورتو ويو آهي، نه ئي ٻئي ڪنهن ڪتاب جون انهن وانگر تشريحون ڪري، انهن تي تبصرا لکيا ويا آهن. نه ئي انهن وانگر ٻئي ڪنهن ڪتاب بابت ايترا بحث تڪرار ٿيا آهن ته انهن مان سڀ کان اڳ ڪهڙو آيو؟ ڪنهن حصي جو ليکڪ ڪير آهي؟ انهي جي تحرير دوران ڪهڙا اصلي ماخذ ڪم آندا ويا؟ ڇا اهي سڀئي شروع ۾ ئي يوناني ۾ لکيا ويا هئا يا انهن جو ڪجھ حصو آرمائي زبان ۾ لکيوويو هو جيڪا زباني روايت جي ٻولي هئي؟ انهن ۽ ٻين فڪري موضوعن تي پورا ڪتب خانا لکيا ويا آهن.

يسوع مسيح پاڻ ڪجھ به نه لکيو هو يا گهٽ ۾ گهٽ جيتري قدر اسان کي خبر آهي ۽ ڪجھ وقت تائين سندس شاگردن به سندس قول يا فعل بابت ڪو بيان تحرير ۾ آڻڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. اهڙي ماڻهو جي سوانح عمري ڇو لکجي جيڪو جلد ئي انهن جي وچ ۾ واپس اچڻو هو؟ پر پوءِ يسوع مسيح جي قول ۽ فعل بابت ڪو مستند بيان لکڻ جي ضرورت سڀني مڃي ورتي ۽ دستياب ڄاڻ ۾ موجود خال ڀرڻ لاءِ قدم کنيا ويا. انهي ڳالهه تي سڀني جو اتفاق آهي ته يسوع مسيح جي زندگي جو احوال ٻڌائيندڙ پهريون دستاويز فلسطين ۾ 50ع جي لڳ ڀڳ لکيو ويو. سمجھيو وڃي ٿو ته اهي بنيادي طور يسوع مسيح جي قولن جو مجموعو آهن. ۽ اهي جيئن سندس وات مان نڪتا ۽ ماڻهن جيئن ٻڌا تيئن ياد ڪري ڇڏيا. اهي شايد ته آرامي زبان ۾ لکيا ويا هئا. انهي مفروضا دستاويز کي عام طور Q جي نالي سان سڇاتو ويندو آهي جيڪو Quelle جي مختصر صورت آهي. ڪئيل جرمن زبان ۾ ماخذ کي چيو ويندو آهي. اهو انهي ڪري جو انهيءَ کي ميٿيو ۽ لوقا جي انجيل ۾ مشترڪ مواد جي وڏي حصي جو ماخذ سمجھيو ويندو آهي. پر چئن موجود Gospels مان سڀ کان پراڻو Mark کي سمجيو ويندو آهي. روايتي طور انهي جو بنياد پيٽر جي يادگيرين تي سمجيو ويندو آهي. اهو چئني مان سڀ کان ننڍو آهي. اهو اصل ۾ ڪجھ وڏو هو پر ڪو اتفاق ٿي پيو جو آخري هڪ ورق يا ڪجھ ورق ڦاٽي پيا ۽ بيان جو سلسلو جملي جي وچ ۾ ٽٽي پوي ٿو. جيستائين انهي جي سن جو تعلق آهي ته اهو شايد 65ع ۽ 75ع جي وچ ۾ لکيو ويو. لوقا ۽ ميٿو ڪجھ پوءِ اندازاً باترتيب 85ع- 80ع ۽ 90ع- 85ع جا آهن. پر بائيبل جا اهي اسڪالر جيڪي نئين عهدنامي جي اصل ۾ آرامي زبان ۾ هئڻ واري نظريي ڏانهن مائل آهن اهي چئني Gospels جو وقت 70ع کان اڳ وارو ٻڌائين ٿا. انهي سال يروشلم تي رومين ٽيٽس جي دور ۾ قبضو ڪيو ۽ ان کي تباه ۽ برباد ڪيو.

پهريان ٽي Gospels پنهنجين بنيادي ڳالهين ۾ ايتري قدر هڪجھڙا آهن جو انهن کيSynoptics جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو اصطلاح يوناني لفظن مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”جن ڳالهين کي هڪ گڏيل موضوع هيٺ جمع ڪري سگهجي.“ پر سينٽ جان جوGospel ٻين کان تمام مختلف آهي. انهي ۾ اهڙا مسئلا پيش ڪيل آهن جيڪي حل ٿيڻ کان انڪار ٿا ڪن. چوٿين Gospel ۽ باقي ٽن ۾ ايترا ته اختلاف آهن جو ڪجھ عالمن اهو فيصلو ڪيو آهي ته تاريخ طور انهي تي اعتبار نه ڪيو وڃي جيتوڻيڪ مذهبي لحاظ کان انهي جي تمام وڏي اهميت آهي.

گاسپل کان پوءِ نئين عهدنامي ۾ خاص تاريخ جو فقط هڪ ڪتاب Acts of the Apostlesآهي. چيو وڃي ٿو ته اهو اهڙي ماڻهو طرفان لکيو ويو آهي جنهن اها رٿ رٿي هئي ته هو ”يسوع مسيح جيڪو ڪجھ سيکاريو هو ۽ ڪيو هو انهي بابت هڪ مقالو“ تيار ڪندو. انهي جو مصنف سينٽ ليوڪ کي سمجھيو وڃي ٿو. اهو گرجا گهر بابت پهريون تاريخي ڪتاب آهي. اهو تقريباً ٽيهن ورهين جي دور جو احاطو ڪري ٿو ۽ انهي جو سن شايد ته پهرئين صدي عيسوي جي آخر ڌاران 85ع جي لڳ ڀڳ آهي. انهي جو بيان خود 62ع ڌاران ختم ٿئي ٿو.

انهي مجموعي جو آخري ڪتاب The Revelation of Saint John the Divine آهي. انهي کي مختصر طور Revelation چيو ويندو آهي. نئين عهدنامي ۾ دنيا جي خاتمي بابت تحريرن جو اهو واحد مثال آهي ۽ انهي ۾ واقعي اهڙو مواد شامل آهي. جنهن کي ”ڍڪيل“ (Covered) چئي سگهجي ٿو. يعني اهڙو مواد جيڪو جيترو دلچسپ آهي اوترو پراسرار پڻ آهي. انهي جي تعبير ۽ تشريح ۾ قياس آرائيون اَلائي ڪٿان جو ڪٿان وڃي پهتيون آهن. پر سڀ کان سادي وضاحت اها آهي ته ڪتاب ۾ شامل خوفناڪ اڳڪٿيون ڪنهن يهودي ليکڪ جي شديد نفرت جي عڪاسي ڪن ٿيون جنهن کي رومي سلطنت جي عنقريب ٿيندڙ زوال ۾ انهي جي کنڊرن تي هڪ نئين جنت ۽ هڪ نئين ڌرتي جي قائم ٿيڻ جا آثار نظر آيا. اهڙي حالت ۾ ڪتاب جو سن نيرو جي دور حڪومت ۾ يا کڻي چئجي ته 65ع جي لڳ ڀڳ ڳڻائي سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ اهو دور ڊوميشين جي دور کان 30 ورهيه پوءِ جو ٿي سگهي ٿو.

بلڪل اوائلي عيسائين وٽ پراڻي عهدنامي کان سواءِ ٻي ڪابه بائيبل نه هوندي هئي ۽ اهي اها يهودين سان گڏ ڪتب آڻيندا هئا ۽ اها ڳالهه فرض ڪري سگهجي ٿي ته انهن جي ليکڪن کي اها ڳالهه وهم گمان ۾ ئي نه هوندي ته اهي ڪنهن نئين عهدنامي جي تشڪيل ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. البت ٻين صدي جي اڳتي وڌڻ سان اسانکي نئين عهدنامي جي تحريرن جي مجموعي جا آثار نظر اچي سگهن ٿا. شروعات ۾ 27 کان وڌيڪ ڪتاب گردش ۾ هئا پر پڪين ثابتين يا مذهبي لحاظ کان قابل قبول نه هئڻ جي سبب آهستي آهستي اهو انگ گهٽبو ويو. گاسپل به چئن کان وڌيڪ هئا جن مان هر هڪ لاءِ اها دعويٰ هئي ته اهي يسوع مسيح جي حوارين (Apostles) جا لکيل آهن. پر اسان کي معلوم چئن Gospel جي واضح برتري سبب اهي نئين عهدنامي ۾ شامل ٿي ويا جڏهن ته انهن جي حريفن کي بلڪل خارج ڪيو ويو. اڳتي هلي چوٿين صدي عيسوي جي آخر ۾ سينٽ جيروم ۽ سينٽ آگسٽائين جي اثر هيٺ هپو ۽ ڪارٿيج جي ڪليسائي مجلسن ۾ نئين عهدنامي جي هڪ مجموعي بابت اتفاق راءِ ٿيو (397ع).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org