سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:3 

عظيم جنگيون مورخن کي بيمثال موقعا فراهم ڪنديون آهن ۽ هيروڊوٽس لاءِ هي ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته اها چوڻي هن تي مڪمل طور سچي ثابت ٿئي ٿي. سڀني عظيم مورخن وانگر هن به اها ڳالهه محسوس ڪئي ٿي ته هو ٻن قومن جي وچ ۾ تڪرار نه پر شهنشاهتن جي وچ ۾ ٽڪراء ۽ ٻن متضاد حڪومتي سرشتن، ٻن متضاد تهذيبن ۽ ثقافتن جي وچ ۾ مقابلي جو بيان ڏئي رهيو هو.

سندس سموري طويل بيان مان اسان کي هر هنڌ سندس اهو مضبوط عقيدو جهلڪندو نظر اچي ٿو ته هر لڙائي مٿان قدرتي مڪافات عمل جو روح ڦيرا ڏيندو رهي ٿو ۽ قدرت يا ديوتائن طرفان عمل ۾ آندل هڪ اخلاقي قانون به موجود آهي جنهن جي خلاف ورزي زرڪسيز جهڙي طاقتور ۽ مٿي ڦريل بادشاهه کي به ڪو فائدو نه ٿي ڏئي.

 

3. پيلو پونيشائي جنگ جي تاريخ

-- ٿيو سيڊائڊز --

 

تنقيدي تاريخ جي بانيڪارابي ٿيوسيڊائيڊز بابت اسان کي ايترو ئي معلوم آهي جيترو هن پاڻ اسان کي ٻڌايو آهي ۽ اهو تمام ٿورو آهي. اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هڪ عظيم لافاني يوناني ڏاهي جا ڪلاسيڪل دور ۾ ئي ڪيترا نقال پيدا ٿيا پر کيس ڪو به سوانح نگار نه مليو.

هو ادب، آرٽ ۽ فڪر جي سونهري دور يعني 470 ۽ 460 ق.م جي وچ ۾ پيدا ٿيو. اها ايسڪائيلس، سوفوڪليز، يوريپائيڊز، ارسٽوفينز، هيروڊوٽس ۽ سقراط جي صدي آهي. پر History of Peloponnesian war جنهن ٿيوسيڊائيڊز کي يوناني ادبيات جي عبادت گاهه ۾ جاءِ وٺرائي ڏني آهي انهي ۾ انهن پُر عظمت هم عصرن جي ڪارنامن جو ڪو ذڪر ئي نه آهي. انهي جو سبب اهو آهي ته ٿيوسيڊائيڊز پاڻ کي اهڙين ننڍڙين رياستن جي وچ ۾ جنگين جا واقعا محفوظ ڪرڻ تائين وقف رکيو جيڪي ايراضي ۽ آدمشماري جي لحاظ کان برطانيا جي اڪثر ڪائونٽين کان به ننڍيون هيون. هو چند اهڙن شهرن جي اڳواڻن ۽ اتان جي حالتن جي تبديلي ۾ تمام گهڻو مصروف رهيو جيڪي لنڊن جي پسگردائي وارن علائقن کان به وڏا نه آهن.

پر هڪ مورخ طور سندس عظمت جو سبب اهو آهي ته سندس پڙهندڙ فوراً سندس اسلوب ۽ انداز جي منڊ ۾ منڊ جي وڃي ٿو ۽ ڄڻ ته کيس اهو يقين ٿي وڃي ٿو ته هو خود به واقعن ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. انهي جو سبب اهو آهي ته ٿيوسيڊائيڊز حالتن جي ڊرامائي انداز ۾ تبديلي جي اهڙي تاريخ ترتيب ڏني آهي جنهن ۾ هو خود اٿيو ويٺو هو ۽ زندگي گذاري هئائين. هن کي جيتوڻيڪ ڪجھ ٽڪرن تي جنگ کان پوءِ نظرثاني ڪرڻ جو موقعو مليو هو پر درحقيقت هو جڏهن انهي جي واقعن جي تاريخ لکي رهيو هو ته خود کيس به خبر نه هئي ته قصي جو انجام ڪهڙو ٿيندو.

جنگ جڏهن 431 ق.م ۾ ڀڙڪي پئي ته ٿيوسيڊائڊز جي ڄمار 30 کان 40 ورهين جي وچ ۾ هئي. انهي جنگ ۾ هڪ پاسي ايٿنز ۽ اتحادي ۽ ٻئي پاسي اسپارٽا ۽ سندس اتحادي هئا. ستاويهه ورهيه هلندڙ انهي جنگ جي ٻئي سال ۾ ايٿنز کي هڪ وبا تباه ڪري ڇڏيو. ٿيوسيڊائيڊز پاڻ انهي جو شڪار ٿيو پر پوءِ مڪمل طور صحتياب ٿي ويو ۽ 424 ق.م ۾ کيس اٿينائي سامونڊي ٻيڙي جي ڪمان ڏني وئي. پر هو سامونڊي حڪمت ڪار طور ناڪام ثابت ٿيو. سندس ٻيڙي کي اسپين جي براسيڊاز شڪست ڏئي ڇڏي. ٿيوسيڊائڊز کي ايٿنز واپس گهرائي مٿس مقدمو هلائي جلاوطني جي سزا ڏني وئي. اها جلاوطني ايٿينز جي مڪمل شڪست ۽ 404 ق.م ۾ صلح ٿيڻ تائين جاري رهي.

سندس 27 ساله جلاوطني بابت فقط اها ڳالهه معلوم آهي ته هو پيلو پونيشيا جي ڪيترين ئي جنگ ۾ شريڪ رياستن ۾ وڃي پنهنجي تاريخ لاءِ مواد گڏ ڪندو رهيو. اهو ڪتاب اٺن حصن ۾ ترتيب ڏنل آهي ۽ 411 ق.م ۾ يعني جنگ ختم ٿيڻ کان 6 يا 7 ورهيه اڳ پورو ٿئي ٿو. ويندي اهو به انومان ڪڍيو ويو آهي ته مورخ ڪنهن پُرتشدد واقعي ۾ مئو آهي ڇاڪاڻ ته سندس لکت اوچتو هڪ پيراگراف جي اڌ ۾ ختم ٿي وڃي ٿي. انهي تاريخ کي فقط جنگ جي واقعن جو سن وار تذڪرو نه ٿو ڪوٺي سگهجي. اهو پنهنجي دور بابت سياسي رهنما ڪتاب پڻ آهي جنهن ۾ جمهوريت ۽ شهنشاهيت جي خوبين بابت مقالا  آهن، سياسي اڳواڻن واتان ڪرايل تقريرون آهن جن ۾ انهي دور جي اهم مسئلن تي بحث ٿيل آهي ته جنگ کي ڪڏهن برحق قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ ڇا مفاهمت ذريعي ڪيل صلح غير مشروط طور آڻ مڃڻ کان بهتر آهي؟ ۽ ڪنهن جمهوري حڪومت ۾ رضاڪارانه فوجي خدمت يا جبري فوجي نوڪري مان ڪنهن کي ترجيح ڏجي؟

ويهين صدي جو شاگرد ڪتاب ۾ شامل ڪيترن بحثن جي پنهنجي دور جي وڏن بحث مباحثن سان هڪجھڙائي محسوس ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگهندو. ٿيوسيڊائيڊز واقعي جي بيان دوران پاڻ وچ ۾ نه ٿو اچي. قصو خود بخود بيان ٿيندو هلي ٿو. هو فقط واقعا بيان ڪري ٿو پوءِ ڊرامي جي اداڪارن کي وچ ۾ آڻي ٿو جيئن انهن جيئن صورتحال ڏٺي آهي ائين پاڻ بيان ڪن. مورخ پنهنجا رايا ڪڏهن به وچ ۾ نه ٿو ٽنبي پر سندس رايا انهن تقريرن جي ذريعي بيان ٿيل آهن جيڪي هميشه ساڳئي اسلوب ۾ آهن. هو اها وضاحت ڪري ٿو ڇڏي ته: ”مون مقررن کان اهو ئي چورايو آهي جنهن جي منهنجي خيال ۾ موقعي تقاضا ڪئي ٿي.“

اسپارٽا ۽ ايٿنز پاڻ تي ڪاهه ڪندڙ ايران خلاف ٻين يوناني رياستن جي اڳواڻي ڪئي هئي ۽ ٻئين ڪاهه ۾ هڪ دور اهڙو به آيو هو (ميراٿون 490) جڏهن ايٿنز اڪيلو بيٺو هو. سندس مثال مان طاقت وٺندي ٻيون رياستون به متحد ٿي ويون ۽ ايرانين کي آخرڪار 480 ۾ تڙي ڪڍيو ويو. خطرو ٽري وڃڻ کانپوءِ اسپارٽا ايٿنز کي پنهنجو اڳواڻ مڃيندي فاتح اتحاد مان جدا ٿي ويو ۽ اهوئي ٿيو جيڪو ٿيڻو هو يعني اٿينائي سلطنت وجود ۾ اچي وئي. ايٿنز جي اقتصادي طاقت وڌڻ سان ڪيترين وڏين رياستن کي بي آرامي محسوس ٿيڻ لڳي ڇاڪاڻ ته انهي سان ڪجھ رياستون سموري يوناني سرزمين کي خطرو ڀانئي رهيون هيون. اسپارٽا ۽ ايٿنز وچ ۾ 30 ورهين واري امن جي معاهدي سان اهو خطرو ٽري ويو ڇاڪاڻ ته پوءِ ايٿنز يونان جي سرزمين تان توجه هٽائي ٻين ٻيٽن ۽ سامونڊي ڪناري وارن شهرن ۾ پنهنجي طاقت وڌائڻ ڏانهن متوجه ٿي ويو. انهن علائقن ۽ شهرن کي هو پنهنجي سامونڊي حاڪميت سان ڪنٽرول ڪري سگهيو ٿي.

ايٿنز اهڙي طرح ڊيلين ليگ (Delian league) جو اڳواڻ ٿي ويو جنهن ۾ ڪيترين ئي يوناني رياستن وري ڪنهن ايراني ڪاهه خلاف دفاع لاءِ اتحاد ڪندي اهو حلف کنيو هو ته اهي ڪڏهن به اتحاد مان ڌار نه ٿيندا. پر جڏهن ڪجھ رياستون انهي اتحاد مان ڌار ٿيون ته ايٿنز انهن کي پنهنجو مطيع ڪري ڇڏيو. اڪثر رياستون ليگ جي خزاني ۾ حصو ڏينديون هيون. حصي جي رقم ايٿنز طي ڪندو هو. خزاني جو ڪنٽرول به ان جي هٿن ۾ هوندو هو. ايٿنز جلد ئي يونان جو مذهبي ۽ فڪري مرڪز ٿي ويو. هڪ اڳواڻي هيٺ اتحاد جي اها ڪوشش يونان ۾ نئين ڳالهه هئي ۽ اسپارٽا ۽ يونان جي قديم قائم ٿيل سياسي ادارن لاءِ هاڃيڪار هئي.

پيلو پونيشيائي رياستون خاص طور ڪورنٿ (Corinth) ايٿنز جي وڌندڙ اهميت کي حسد جي نظر سان ڏسي رهيون هيون. انهن پيلوپونيشيائي اتحاد جي اڳواڻي جي واڳ وٺڻ لاءِ اسپارٽا تي زور ڀريو. انهي اتحاد 431 ق.م ۾ ايٿنز خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ٿيوسيڊائيڊز جيڪي واقعا بيان ڪيا آهن انهن جو مختصر ترين پس منظر اهو آهي. هو ڪورنٿي نمائندي جي واتان اسپارٽا ۽ ايٿنز جي پاليسي ۽ مزاج جي ڀيٽ ڪري ٿو. انهي دوران هو اسپارٽا کي جنگ تي اڀاري ٿو:

”اٿينائي انقلابي ذهن رکندڙ آهن ۽ انهن جي رٿائن جي هڪ خصوصيت سوچ توڙي عمل جي ڦُڙتي آهي جڏهن ته توهان جي خاص ڳالهه اها آهي ته توهان وٽ جيڪو ڪجھ آهي توهان کي اهو پاڻ وٽ رکڻ جي طاقت آهي. انهي سان گڏوگڏ توهان ۾ ايجادي صلاحيت جي کوٽ آهي ۽ جڏهن توهان کي عمل ڪرڻ تي زور ڀريو وڃي ٿو تڏهن به توهان گهڻو اڳتي نه ٿا وڌو. اُهي پنهنجي طاقت کان وڌيڪ مهم جو ۽ پنهنجي سوچ سمجھ کان وڌيڪ هُوڙهه آهن ۽ خطري جي حالت ۾ دل ۽ دماغ جاءِ هوندو اٿن. توهان جو طريقو اهو آهي ته توهان پنهنجي سگهه کان به گهٽ ڪوشش ڪريو ٿا، جنهن ڳالهه کي توهان جي سوچ ۽ عقل صحيح سمجهي ٿو انهي تي به اعتبار نه ٿا ڪريو ۽ اهو سمجھندا رهو ٿا ته توهان جي خطرن جي ڪا پڄاڻي ڪانهي.  

انهن ۾ چُستي ۽ ڦڙتي آهي، توهان ڪم کي پيا ٽاريندا آهيو. اهي ڪڏهن به پنهنجي ملڪ، وطن ۽ گهر ۾ نه هوندا آهن توهان انهن کان پري ئي نه ٿيندا آهيو. اهي انهي اميد تي پنهنجا گهر ۽ ملڪ وطن ڇڏي ويندا آهن ته اهي پنهنجي مقبوضات ۾ واڌارو ڪندا ۽ توهان پيا ڊڄندا آهيو ته ڪنهن نئين مهم جوئي سان جيڪو ڪجھ هٿ ۾ آهي انهي کي نه ڪو نقصان پهچي. اهي ڪنهن به ڪاميابي ۽ فتحمندي کي توڙ رسائڻ ۾ دير نه ڪندا آهن ۽ ڪنهن ڌچڪي مان به جلدي اثر نه وٺندا آهن؛ اهي بنا ڪنهن اُلڪي جي پنهنجا جسم پنهنجي ملڪ جي مفاد لاءِ ڪم آڻيندا آهن. اهي وڏي ڪوشش ڪري پنهنجي ذهن ۽ سوچ کي پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. جيڪڏهن ڪا رٿا عمل ۾ اچڻ کان رهجي ويندي آهي ته اهي انهي کي وڏو نقصان سمجھندا آهن. اهي جيڪڏهن ڪنهن ڪوشش ۾ ناڪام ٿيندا آهن ته اهي نيون اميدون قائم ڪري انهي ڪوشش جي ناڪامي جو ازالو ڪندا آهن. ٻئي ڪنهن به قوم جي ابتڙ اهي سمجھندا آهن ته اميد ڪرڻ جو مطلب آهي ته اها شي حاصل ٿي ويندي. ساڳئي طرح اهي ڪنهن سوچ کي عمل ۾ آڻڻ ۾ به ڏاڍي تڪڙ ڪندا آهن.

”اهڙي طرح اهي پنهنجي سموري حياتي تڪليفن ۽ خطرن ۾ رهي محنت مشقت ڪندا رهندا آهن، انهن کي زندگي مان مزا ماڻڻ جو موقعو ورلي ئي ملندو آهي. اهي سدائين ڪجھ نه ڪجھ حاصل ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهن. انهن وٽ موڪل جو به اهو ئي تصور آهي ته وقت ۽ موقعي جي تقاضا مطابق ڪم ڪيو وڃي. انهن جي نظر ۾ بي عملي ۽ سُستي کان محنت مشقت وارو ڌنڌو ڀاڳ وارو آهي. مختصر طور اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن جي دنيا ۾ اچڻ جو مقصد اهو آهي ته هو نه پاڻ آرام ڪن ۽ نه ٻئي ڪنهن کي آرام ڪرڻ ڏين.“

(ٻين جنگ عظيم کان اڳ واري ڇڪتاڻ جن ماڻهن کي ياد هوندي انهن مان اڪثريت هن کي 1939ع ۾ نازي جرمني خلاف برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪيل ڪا تقرير سمجھي سگهي ٿي).

پوءِ وري ڪورنٿي نمائندو اسپارٽا جو تجزيو هنن لفظن ۾ ڪري ٿو:

توهان جي مخالف ايٿنز جو اهو حال آهي. انهي هوندي به  توهان لاسيڊيمونيائيو! اڃا دير پيا ڪريو. توهان جو اصول اهو آهي ته ٻين سان چڱائي واري هلت ڪريو ۽ ٻين کي نقصان نه ڏيندي پنهنجن مفادن جي حفاظت ڪريو. توهان اها ڳالهه نه ٿا سمجھو ته ماڻهن کي امن ۽ سلامتي فقط پنهنجي طاقت کي انصاف سان ڪم آڻڻ سان نه پر اها ڳالهه واضح ڪرڻ سان ملندي آهي ته اهي ٻئي ڪنهن کي پاڻ سان ناانصافي ڪرڻ نه ڏيندا. هنن جي ڀيٽ ۾ توهان جا طور طريقا پراڻي فيشن جا آهن. ادب ۽ فن وانگر سياست جي ميدان ۾ به نين ۽ جديد شين کي پراڻين کان وڌيڪ اهميت ملي ٿي. ماٺ ميٺ واري دور ۾ قدامت پرست ۽ روايتي طريقا بهتر هوندا آهن پر ماڻهو جڏهن مجبوري وچان ڪنهن نئين صورتحال کي منهن ڏيندا آهن ته انهن کي نوان طريقا اختيار ڪرڻا پوندا آهن. اهڙي طرح ايٿنز جو وسيع تجربو کيس ايجاد ۽ اختراع جي راهن تي توهان کان اڳتي وٺي ويو آهي....“

ٿيوسيڊائيڊز ايٿنز تي سلطنت گيري جي الزام جو دفاع ڪندي چوي ٿو ته اٿينائي گورنرن هيٺان ڪي به صوبا نه هئا ۽ ٻين رياستن جي ادارن ۾ به ڪا مداخلت نه ڪئي ويندي هئي. پر حقيقت اها آهي ته 2000 ورهيه اڳ به جنگ جا ڪارڻ اُهي ئي هئا جيڪي ويهين صدي ۾ آهن. ايٿنز جنگ کان بچڻ ٿي چاهيو. اسپارٽا به جنگ نه ٿي چاهي. پر ايٿنز جو تجارتي حريف جنهن کي اولهه ۾ ڪالونيون هيون، پيلوپونيز ۽ باقي يونان جي وچ ۾ ڳچي ڌرتي تي قابض هو ۽ ٻنهي سمنڊن تائين پهچ هئس انهي کي سڀني پاسن کان اٿينائي مقابلي کان خوف محسوس ٿيڻ لڳو. تنهن ڪري هن ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڇڪتاڻ خوف ۽ بي اعتمادي کي جنم ڏيندي آهي.

انهي جي نتيجي ۾ ٻن قسمن جي يونان ۾ ٽڪراء پيدا ٿيو. هڪ پاسي سگهارو توانو ۽ ايجادي ذهن وارو انقلابي هو، ته ٻئي پاسي محتاط، آهستي چُرپر ڪندڙ ۽ قدامت پرست- ٿيوسيڊائيڊز چئن ماڻهن جي ڪردارن جو تجزيو ڪندي انهن اختلافن کي منظر تي آڻي ٿو. اهي چار ماڻهو- ٿيمسٽو ڪليز (ٻين ايراني جنگ جو اٿينائي هيرو)، پيريڪليز، بريسيڊاس ۽ السيبياڊز هئا.

مورخ کي جنگ جي فني رخن بابت به گهري دلچسپي هئي مثال طور هو ڳرن هٿيارن سان روايتي زميني جنگ جي اوڻاين کان به واقف هو. يوناني سپاهي بنيادي طور ڪُڙمي آبادگار هئا جيڪي پنهنجين ٻنين کان گهڻو پري نه ٿي وڃي سگهيا. اٿينانين کي اهو به فائدو هو ته هو پنهنجي ضرورت آهر سموريون غذائي شيون خريد ڪري سگهيا ٿي. ٿيوسيڊائيڊز ٻين اهڙن فوجي مسئلن جو به جائزو ورتو آهي جيڪي هر دور ۾ فوجي ڪپتانن ۽ بادشاهن کي منجھائيندا رهيا آهن جهڙوڪ: محاصري واري جنگ جون دشواريون ۽ ڪناري تي موجود دشمن خلاف سامونڊي جھازن مان فوج لاهڻ.

پر جديد ذهن جي هن ۾ مکيه دلچسپي سندس تقريرون آهن جن کي هو رياستن جي سرڪردن ماڻهن جي جذبن ۽ محرڪن کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪم آڻي ٿو. درحقيقت هو پاڻ انهي ڳالهه جو کليو کلايو اظهار ڪري ٿو ته سندس تاريخ لکڻ جو هڪ اهم مقصد جنگ جي دور ۾ انساني روح جو اڀياس هو. سندس انهي حاصلات جو عروج يقيناً پيريڪليز جي اها ”تدفيني تقرير“ آهي، جيڪا هو جنگ ۾ ڪم آيل ماڻهن جي پهرئين عوامي تدفين جي موقعي تي گڏ ٿيل اٿينائين جي سامهون ڪري ٿو.

ٿورو انهي واقعي جي منظر کي ذهن ۾ آڻيو. سموري رياست جي آبادي پنهنجن مُردن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي آهي. مئلن جا هڏا ٽن ڏينهن تائين هڪ ڍڪيل چبوتري تي رکيا رهيا. انهي دوران ڪير به انهن جي پاسي ۾ بيهي انهن کي ڀيٽا طور ڏنل ڪا به شي رکي سگهيو ٿي. ٽئين ڏينهن انهن کي صنوبر جي ڏهن تابوتن ۾ رکيو ويو، هرهڪ قبيلي لاءِ هڪ تابوت هو ۽ هر ويڙهاڪ جا هڏا پنهنجي پنهنجي قبيلي واري تابوت ۾ هئا: انهن کي پوءِ گاڏين تي رکي قبرستان ڏانهن نيو ويو. مردن جي جسمن کي ڍڪڻ لاءِ ڪم ايندڙ چادر سان ويڙهيل هڪ خالي ڏولي انهن لاءِ کنئي وئي جن جا گم ٿي ويل جسم هٿ نه اچي سگهيا هئا. قبرن جي ڀرسان مئلن جون زائفائون گڏ ٿي پار ڪڍي روئي رهيون هيون. آخرڪار جڏهن تابوت زمين ۾ لاٿا ويا ته پيريڪلز انهي موقعي لاءِ خاص طور ٺاهيل هڪ ٿلهي تي چڙهي بيٺو جيئن سندس آواز ميڙ ۾ پري تائين پهچي سگهي.

ٿيوسيڊائيڊز پاران سندس زباني ادا ڪيل لفظ صدين کان زمين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا آهن. اهي ڪنهن به انسان جي ذهن ۾ آيل عاليشان ڪلام ۾ شامل آهن. هتي پيريڪلز جا آزاد جمهوريت جي آدرش بابت چيل لفظ پيش ڪجن ٿا.

”اسان جي آئين جو نالو انهي ڪري جمهوريت رکيو ويو آهي جو اها فقط چند ماڻهن نه پر ڪيترن ئي ماڻهن جي هٿن ۾ آهي. اسان جا قانون سڀني ماڻهن کي پنهنجي ذاتي تڪرارن ۾ برابر جو انصاف مهيا ڪن ٿا ۽ اسان جي عام راءِ حاصلات جي هر شعبي ۾ ذهانت جو آڌرڀاءُ ۽ احترام ڪري ٿي. اهو ڪم ڪنهن فرقيواراڻي سبب جي ڪري نه پر فقط عمدگي جي بنياد تي ڪيو وڃي ٿو. ۽ اسين جيئن پنهنجي عوامي زندگي ۾ هر ڪنهن کي برابر جا موقعا ڏيون ٿا تيئن اسين هڪ ٻئي سان روزاني زندگي جي لاڳاپن ۾ ساڳئي جذبي کي ڪار فرما رکون ٿا. جيڪڏهن اسان جو ڪو پاڙيسري پنهنجي انداز ۾ زندگي مان لطف ماڻي ٿو ته اسين هن سان ڪو ساڙ نه ٿا ڪريون نه ئي هن لاءِ ڪي ڪروڌ ڀريا لفظ ڪتب آڻيون ٿا. اسين اهڙن ننڍڙن ننڍڙن نيچ ڪمن کان پڻ پاسو ڪريون ٿا جيڪي جيتوڻيڪ پنهنجي پٺيان ڪو نشان نه ٿا ڇڏين پر جيڪڏهن ڪير انهن کي نوٽ ڪري ته هو ان کي ڪاوڙائي سگهن ٿا. اسين پنهنجن شخصي لڳ لاڳاپن ۾ جيتوڻيڪ کليل ۽ دوستاڻو انداز رکندا آهيون پر اسان عوامي ڪمن ۾ سختي سان قانون جي دائري اندر رهندا آهيون. اسين عزت احترام جي پابندين کي قبول ڪندا آهيون، جيڪو اختيار رکندو آهي انهي جي ۽ قانون جي تابعداري ڪندا آهيون. اسين خاص طور انهن جي فرمانبرداري ڪندا آهيون جيڪي مظلومن کي تحفظ ڏيندا آهن ۽ انهن اڻ لکيل قانونن جو به احترام ڪندا آهيون جن جي لتاڙ ڪرڻ سان لازماً لڄي ٿيڻو پوندو آهي. هو حب الوطني بابت چوي ٿو:

پنهنجون اکيون ايٿنز جي عظمت تي ڄمائي رکو ڇاڪاڻ ته اها هر روز توهان جي سامهون رهي ٿي انهي سان عشق ڪريو ۽ جڏهن توهان انهي جي عظمت محسوس ڪريو ته اها ڳالهه ياد رکو ته اها عظمت ماڻهن همٿ، پنهنجي فرض جي ڄاڻ ۽ معرڪن ۾ عزت ۽ غيرت جي احساس سان حاصل ڪئي هئي. اهڙا ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن به تڪليف ۾ مات کائي ويندا هئا ته هنن کي اها ڳالهه قطعي پسند نه هوندي هئي ته پنهنجي شهر کي پنهنجين خدمتن کان محروم ڪري ڇڏين. پر هو انهي جي سر تي پنهنجيون جانيون گهوري ڇڏيندا هئا. اهڙي طرح انهن دولت مشترڪه (Common Wealth) لاءِ پنهنجا جسم ڏئي اهڙي تعريف ۽ واکاڻ حاصل ڪئي جيڪا ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. ۽ انهي سان گڏوگڏ انهن کي اهڙا عاليشان مقبرا مليا جن ۾ انهن جا فاني جسم دفن ٿيل نه آهن پر کين انسانن جي ذهنن ۾ جايون مليون آهن جتي سندن عظمت جي ياد هميشه تازي رهي ٿي ۽ موقعي جي مناسبت سان ماڻهن کي ڪلام يا عمل لاءِ اڀاريندي رهي ٿي. سموري ڌرتي مشهور معروف ماڻهن لاءِ مقبري جي حيثيت رکي ٿي ۽ انهن جو داستان نه فقط انهن جي لوح مزار تي اڪريل رهي ٿو پر ڪنهن ظاهر نظر ايندڙ علامت کان سواءِ ٻين ماڻهن جي زندگين جي خام مال ۾ اڻجي ڏورانهن ديسن ۾ به زنده رهي ٿو.

پر پيريڪلز جيڪو شايد هر دور جو قابل ترين جمهوري اڳواڻ رهيو آهي انهي کي به پاڻ جهڙن ٻين ڪيترن ماڻهن وانگر عام راءِ جي ڦيرگهير کي منهن ڏيڻو هو. اٿينائين جي آدمشماري وبائن ۾ گهٽ ٿي وڃڻ ۽ دشمنن پاران سندن زمينون تباه ڪرڻ کان پوءِ انهن جي پيريڪلز خلاف ڪاوڙ ۾ اضافو ٿي ويو ۽ هن جيتوڻيڪ انهن کي اسپارٽا کي امن جي عرضداشت ڪرڻ کان ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن سندس پاليسيءَ کي لغام ڏئي ڇڏيو ۽ شروعاتي ڌچڪن کان پوءِ مٿس ڳرا ڏنڊ هنيا. هن جا پنهنجا ٻه پٽ پليگ ۾ مري ويا ۽ هو پاڻ جنگ شروع ٿيڻ کان اڍائي ورهيه پوءِ فوت ٿي ويو. سندس پاليسي جي دور انديشي سندس وفات کان پوءِ ئي ظاهر ٿي.

هن اٿينائين تي زور ڀريو هو ته هو انتظار واري راند کيڏن. پنهنجون سموريون اميدون پنهنجي سامونڊي فوج سان وابسته رکن، ڪي به نوان علائقا فتح ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن ۽ ڪنهن به امڪاني حملي خلاف پنهنجي شهر جو دفاع مضبوط ڪن. پر سندس وفات کان پوءِ اٿينائين بلڪل ابتڙ ڪم ڪيا. ٿيوسيڊائيڊز لکي ٿو ته: ”هنن ذاتي عزم ارادن ۽ مفادن جي ڪري اهڙيون رٿائون هٿ ۾ کنيون جيڪي جيڪڏهن ڪامياب ٿين ها ته به فردن جي عزت ۽ فائدي جي راهه هموار ڪن ها پر ناڪام ٿيڻ سان جنگ ۾ رڌل ملڪ تي تباهي آڻين ها.“

مؤرخ اٿينائين جي شڪست جي ڪارڻن جو تجزيو ڪندي هڪ جاءِ تي لکي ٿو: (ظاهر آهي ته اهو 404 ۾ جنگ جي پڄاڻي تي پهچڻ کان پوءِ لکيو ويو هو).

پيريڪلز پنهنجي منصب، صلاحيت ۽ عام مشهور ساک سبب عوام کي ڪنٽرول ڪري سگهيو ٿي، هو انهن جي اڳواڻي هيٺ هلڻ بجاء انهن جي اڳواڻي ڪري سگهيو ٿي: جيئن ته هن ڪڏهن به نامناسب ذريعن جي مدد سان طاقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. تنهن ڪري کيس هنن جي خوشامد ڪرڻ جي به ڪا ضرورت نه هئي. ان جي ابتڙ ملڪ ۾ سندس ايتري ته ناماچاري هئي جو هو انهن سان اختلاف رکي انهن جي ڪاوڙ کي به منهن ڏئي سگهيو ٿي. هو انهن کي بي وقتائتو ۽ گستاخاڻي انداز ۾ خوش ٿيڻ تي واتان هڪ لفظ ڪڍي انهن کي ڊيڄاري به سگهيو ٿي. وري جيڪڏهن اهي ڪنهن اجائي خوف ۾ وٺجي ٿي ويا ته هو فوراً انهن جو اعتماد بحال ڪرائي سگهيو ٿي....... سندس جانشينن ۾ صورتحال ساڳئي نه رهي. انهن مان سڀئي حيثيت ۾ هڪ ٻئي جي برابر هئا ۽ جيئن ته هر هڪ بالادستي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو هو تنهن ڪري آخر ۾ صورتحال وڃي اها ٿي جو انهن رياست جي هلي چلي جا معاملا به عوام جي مرضي تي ڇڏي ڏنا. اهڙي صورتحال ۾ ائين ئي ٿيو جيئن ڪنهن عظيم شهنشاهي رياست ۾ ٿيندو آهي يعني انهي غلطين جي هڪ مجموعي کي جنم ڏنو.....“

پيريڪلز هڪ امير گهراڻي جو فرد هو، فيلسوفن ۽ سائنسدانن جو دوست هو. هن جون ۽ انهن جون دلچسپيون ساڳيون هيون. سندس جانشين مختلف پس منظرن مان آيل هئا. هڪ سڻي جو واپاري هو ته ٻيو رڍن جو واپار ڪندو هو. پوءِ ڪليون (Cleon) منظر تي آيو جيڪو کلون رڱيندو هو. هو جيتوڻيڪ مضبوط ارادي جو مالڪ ۽ بنيادي طور ايماندار هو پر نه ڪا تعليم ۽ نه ئي ڪي آدرشي خيال هئس. سندس اڳواڻي ۾ شهنشاهيت جو اٿينائي تصور وحشانيت جو شڪار ٿي ويو.

جنگ جي ڏهين سال ايمفيپولس لڙائي ۾ ڪليون ۽ عظيم اسپارٽائي جرنيل بريسيڊاس جي موت سان هڪ اهڙو امن جو معاهدو ٿيو جيڪو درحقيقت ايٿنز لاءِ فتح جي برابر هو ڇاڪاڻ ته انهي معاهدي جي شقن هيٺ هر ڌر کي جنگ ۾ هٿان وڃايل علائقا واپس موٽي مليا. امن جي معاهدي کان فوراً پوءِ ايٿنز ۽ اسپارٽا ۾ 50 ورهين لاءِ هڪ اتحاد جو معاهدو ٿيو. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به امن واپس موٽي نه آيو. اسپارٽا جا اتحادي اهو محسوس ڪرڻ لڳا ته انهن سان دغا ٿي آهي ۽ ٻن سڀ کان وڏن اتحادين ڪورنٿ ۽ بيوٽيا معاهدي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ”رياستن جي مختلف ميڙن اتحادن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنگ ۽ صلح جون پارٽيون سموري يونان ۾ پکڙجي ويون ايٿنز ۾ جنگ پارٽي جي اڳواڻي السيبياڊز پئي ڪئي جنهن نوان اتحاد ٺاهيا جن ذريعي 418 ق.م ۾ اسپارٽا سان نئين سر جنگ جي شروعات ٿي. انهي ئي تاريخ کان اٿينائي سلطنت ۽ انهي لاءِ ڪم جي محرڪن کي آخري شڪست ملي وئي.

تاريخ جو ڇهون ۽ ستون حصو بنيادي طرح سسلي ۾ ايٿنز جي تباه ڪن مهم بابت آهي. ٿيوسيڊائڊز هڪ عظيم الشان مهم جي ناڪامي جي بيان ۾ پنهنجن طاقتن جي عروج تي پهچي ٿو. انهي مهم جي ناڪامي جو سبب ملڪ ۾ موجود سياستدانن ۽ ملڪ کان ٻاهر جرنيلن جون وڏيون غلطيون هيون. سيراڪيوز ۾ اٿينائي فوج جي پسپائي ۽ تباهي کان پوءِ سمنڊن تي سندس بالادستي جو دور ختم ٿي ويو سندس اتحادين بغاوت ڪري ڇڏي ۽ ايران اسپارٽا جي مدد ڪرڻ لڳو. انهي جي باوجود به ايٿنز 404 ق.م تائين وڙهندو آيو. پوءِ سندس سامونڊي ڪمانڊرن جي انتهائي غفلت جي سبب سندس بحري ٻيڙو تباه ٿي ويو ۽ اسپارٽا دره دانيال کي بند ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ايٿنز مان سموري درآمد بند ڪندي شهر کي بکون ماري آڻ مڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

تاريخ جي اٺين ۽ آخري باب ۾ جنگ کي 411 ق.م تائين پهچايو ويو آهي ۽ انهي کي عام طور سڀ کان گهٽ دلچسپ سمجھيو وڃي ٿو. صاف ظاهر ٿئي ٿو ته مورخ انهي تي نظرثاني نه ڪئي آهي ۽ اهو هڪ جملي جي اڌ ۾ پڄاڻي تي پهچي ٿو. سندس شاهڪار ڪتاب جي ذڪر کي ختم ڪرڻ جو شايد مناسب ترين طريقو اهو آهي ته انهي مان تاريخي تحقيق جا اهي لازوال اصول پيش ڪجن جيڪي ٿيوسيڊائيڊز 2400 سال اڳ وضع ڪيا هئا:

اڪثر ماڻهن پاران روايتن (ڀلي سندن پنهنجي ملڪ جون ئي هجن) کي منهن ڏيڻ جو اهو هڪ ئي طريقو آهي ته اهي انهن کي ڪنهن تنقيدي چڪاس مان گذارڻ کان سواءِ ئي قبول ڪري ڇڏيندا آهن. اڪثر ماڻهن لاءِ سچ جي ڳولها تمام سولي هوندي آهي ۽ اهي بنا دير پنهنجي سامهون ايندڙ ڳالهه کي قبول ڪري وٺندا اهن.

مورخ کي شاعرن جي مبالغه آميز تخيل کان گمراهه نه ٿيڻ گهرجي نه ئي انهن کي تذڪره نويسن جي قصن کان گمراهه ٿيڻ گهرجي جيڪي سچ ڳالهائڻ بجاءِ فقط ڪنن کي خوش ڪرڻ چاهيندا آهن. هو انهن جي بيانن جي چڪاس نه ٿو ڪري سگهي ۽ اڪثر حقيقتون زمانا گذرڻ کان پوءِ رومانس جي دائري ۾ داخل ٿي وڃن ٿيون. وقت جي ايتري وٿي هئڻ جي صورت ۾ کيس لازماً اهو طي ڪرڻ گهرجي ته هو فقط اهڙن نتيجن تي ئي مطمئن ٿيندو جن جو بنياد دستياب ٿي سگهندڙ سڀ کان چٽي ثبوت تي هجي.

”مون جنگ جي واقعن بابت ڪنهن اتفاقي مشاهدي يا پنهنجي ڪنهن تخيل مطابق ڪجھ به نه ڳالهايو آهي. مون فقط اهي ئي ڳالهيون بيان ڪيون آهن جيڪي يا ته مون پاڻ اکين ڏٺيون آهن يا اهڙن ماڻهن کان ٻڌيون آهن جن بابت مون تمام ڌيان سان پڇا ڳاڇا ڪئي آهي.....

”منهنجي تاريخ ڪجھ گهڙين جي نمائشي شي نه پر هڪ دائمي ملڪيت آهي.“

4. ڀڳوت گيتا

 

ڀڳوت گيتا لڳ ڀڳ ٻن هزار ورهين کان هندن جي پاڪ ڪتابن مان سڀ کان وڌيڪ مانوس ڪتاب آهي انهي نالي جو مطلب آهي ”مالڪ جو گيت“ (The Song of the Lord) ۽ اهو ڪتاب مهاڀارت جو هڪ حصو آهي. مهاڀارت قديم انڊيا مان اسان کي ملندڙ ٻن عظيم رزميه داستانن مان وڌيڪ اوائلي ۽ وڌيڪ ڊگهو آهي. پر اهو مهاڀارت جو تمام ننڍڙو حصو آهي ڇاڪاڻ ته مهاڀارت دنيا جو سڀ کان ڊگهو شعري مجموعو آهي. اهو هومر جي ايليڊ ۽ اوڊيسي جي گڏيل ڊيگهه کان به ستوڻ تي وڏو آهي جڏهن ته گيتا (ڀڳوت گيتا کي اڪثر انهيء مختصر نالي سان سڏيو ويندو آهي) نئين عهدنامي ۾ سينٽ جان جي صحيفي جيترو ڊگهو آهي.

انڊيا جي سموري ادبي ذخيري وانگر انهيء جو ليکڪ به گمنام آهي پر اهو لازماً ڪو برهمڻ هوندو. انهي ذات ۾ تعليم، ثقافت ۽ مذهبي بصيرت وارا ماڻهو هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهو به چيو ويندو اهي ته اهو ڪنهن وئش جو ڪم آهي. پر اهڙو ماڻهو جيڪڏهن ڪو ٿي گذريو آهي ته به اهو انهي وڏي رزميي جو مرتب هوندو جنهن ۾ گيتا سمايل آهي. انهي جي سن بابت رايا ڏاڍا متضاد آهن. هڪ پيڙهي يا ايترو عرصو اڳ عام طور اهو چيو ويندو هو ته اهو ننڍڙو ڪتاب عيسوي سن جي شروعات کان پوءِ لکيو ويو آهي ۽ ڪجھ اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي اهو سمجھندا هئا ته اهي انهي ۾ موجود ڪجھ سٽن مان عيسائي تعليمات يا اثرن جو ڪجھ پتو لڳائي سگهن ٿا. پر هاڻي اڪثر عالمن جو اهو رايو آهي ته اهو پڪي طرح عيسائي دور کان اڳ جو آهي. مثال طور فيلسوف مدبر ڊاڪٽر سروپالي راڌا ڪرشنن جيڪو هاڻي انڊيا جو صدر آهي اهو پنهنجي گيتا جي ترجمي ۾ لکي ٿو ته انهي کي غالباً پنجين صدي قبل مسيح ۾ رکي سگهجي ٿو البته اهو ٿي سگهي ٿو ته متن ۾ ڪيترائي واڌارا پوءِ به ٿيا هجن.

گيتا هيئت جي لحاظ کان ڊرامائي نظم آهي. اهو ڪنهن حد تائين بائبيل جي Book of Job يا افلاطون جي مڪالمات جي مشابه آهي. انهي ۾ مکيه ڳالهائيندڙ ڪرشن ڪتاب جي نالي ”مالڪ جو گيت“ وارو ”مالڪ“ آهي. هاڻي ڪتاب بابت شروعات اتان ٿي ڪجي ته نظم شروع ٿيڻ وقت ڪرشن، ارجن نالي هڪ نوجوان انڊيائي شهزادي جو ڪو چوان آهي. اهو سندس سوٽ آهي. سندس ڳالهه ٻولهه اهڙي گاڏي ۾ ٿئي ٿي جنهن کي جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. پر نظم جو سلسلو اڳتي وڌڻ سان آهستي آهستي ڪرشن جي اصليت ظاهر ٿيندي وڃي ٿي تان جو آخرڪار هو پاڻ کي هڪ ديوتا جي روپ ۾ ظاهر ڪري ٿو.

گيتا جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان اڳ اسان کي ڪجھ ڳالهيون انهي عظيم رزميي بابت ڄاڻڻ گهرجن جن جو اهو حصو آهي.

مهاڀارت جو مطلب آهي، ”ڀارتن جي عظيم لڙائي“ ۽ انهي ۾ ٻن مشهور هندستاني شهزادن جي ڪٽنبن جي وچ ۾ جنگ جو احوال ڏنل آهي. اهي ٻئي ڪٽنب اها دعويٰ ڪندا هئا ته اهي ٻئي ڀارت نالي هڪ داستانوي بادشاه جي نسل مان هئا. انهن جو ملڪ اتر انڊيا ۾ هستينا پور جو وسيع پٽ هو جتي انهن جي گهراڻي جي سربراهه جي بادشاهي هئي. نطم جي شروعات وقت بادشاهه جي پاران سندس ٻه ڀائيٽيا ڌريترشترا ۽ پانڊو حڪومت هلائيندا هئا. انهن مان پهريون نابين هو تنهن ڪري کيس حڪومت هلائڻ جي اهل نه پئي سمجھيو ويو. اهي جڏهن پختي عمر جا ٿيا ته انهن مان پانڊو بادشاهه ٿيو پر ڪجھ وقت کان پوءِ هماليه جي جبلن ۾ وڃي اڪيلائي ۾ گوشه نشين ٿيو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو پوءِ پنهنجي نابيني باوجود به پنهنجي واري تي ڌريترشترا بادشاهه ٿيو. هو هڪ سو پٽن جو پيءُ هو جيڪي سڀ هڪ ماءُ مان هئا. انهن کي عام طور ڪورو شهزادا چيو وڃي ٿو. اهي سڀ بڇڙا هئا. انهن مان سڀ کان وڏو دريوڌناته سڀ کان وڌيڪ خراب هو. هو وڏو دلير، چالاڪ ۽ بدنيت هو. بادشاهه پانڊو کي پنهنجين ٻن زالن مان پنج پٽ هئا ۽ پانڊو شهزادا ايترا ئي ڀلا هئا جيترا سندن سوٽ گندا هئا. انهن جو چاچو ڌريترشترا انهن تي ڏاڍو مهربان هوندو هو انهن جي پرورش پالنا پنهنجن پٽ سان گڏ ڪئي هئائين ۽ اهو ارادو ڏيکاريندو هو ته هو جڏهن وڏا ٿيندا ته هو انهن کي بادشاهي مان حصو ڏيندو. پانڊو شهزادن مان سڀ کان سٺو ارجن هو. اهو عمر ۾ وچون هو ۽ اهو ئي مهاڀارت جو اصل هيرو آهي. کيس بي ڊپو ۽ بهادري وارو نوجوان ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو جيڪو سخي ۽ نرم دل هو ۽ جلد ئي ڪهل کائي ويندو هو.

اهي سوٽ شهزادا عمر ۾ وڌندا ويا ته انهن ۾ حسد ۽ دشمني به وڌندي وئي. آخرڪار چالاڪ دريوڌنا اٽڪلون ڪري پانڊو ڀائرن کي بادشاهي جي حق مان خارج ڪري ڇڏيو ۽ انهن سان اهڙو ته خراب ورتاء ڪيو ويو جو انهن وٽ پنهنجن سوٽن خلاف هٿيار کڻڻ کان سواءِ ڪا واهه ئي نه بچي. اتي اسين پنجين باب يا پروان جي پڄاڻي تي پهچون ٿا. اهو مهاڀارت جو فني اصطلاح آهي. اسان کي ڇهين باب ۾ ڀڳوت گيتا نظر اچي ٿي.

جنگ جو اعلان ٿي ويو آهي ۽ ڪورن ۽ پانڊن جا ٻه مد مقابل لشڪر جنگي صف بندي ۾ بيٺا آهن. جنگ جو هنڌ ڪرڪ شيترا جو وسيع ميدان آهي. اهو دهلي جي جديد شهر جي پسگردائي ۾ آهي. شهزادو ارجن پنهنجي جنگي رٿ ۾ ويٺو آهي ۽ ڪرشن سندس ڀرسان بيٺو آهي. نظم مان اسان کي اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي ٿي ته ڪرشن جيئن ته سڀني شهزادن جو ويجهو مائٽ آهي تنهن ڪري هن ڪنهن به ڌر پاران هٿيار کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پر هو انهي ڳالهه تي راضي ٿيو آهي ته هو ارجن جو ڪوچوان ٿيندو ۽ صلاح مشوري ذريعي سندس معاونت ڪندو. هاڻي هر ڳالهه تيار آهي. نغارا وڃي رهيا آهن، هزارين ماڻهو اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا آهن ۽ سج جي روشني ۾ هٿيار تجلا ڏئي رهيا آهن. سڀني جون اکيون ارجن تي کتل آهن جو پانڊو لشڪر جي اڳواڻ طور لڙائي شروع ڪرائڻ سندس ذميواري آهي. ۽ انهي تمام اهم گهڙي ۾ هو هٻڪي وڃي ٿو.

هو جڏهن حملي جو حڪم ڏيڻ تي هو ته سندس دل کي جھٻو اچي ويو. (هو سوچي ٿو ته) فقط چند منٽن ۾ ٻنهي پاسن جا ڪيترائي جوڌا جوان موت جون اذيتون سهندي مٽي ۾ پيا ڦٿڪندا ۽ اهي به سندس انهي فائدي لاءِ ته شايد هن جي تخت تي پهچڻ جو دڳ ٺهي پوي. انهيء سوچ سان هن ۾ وڏي هلچل مچي وڃي ٿي ۽ هو اوچتو پنهنجي ڪو چوان ڏانهن منهن ڪري ٿو (انهي بابت هاڻي کيس پڪ آهي ته هو سندس سوٽ آهي) ۽ کيس التجا ڪري ٿو ته هو کيس ٻڌائي ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي.

ڀڳوت گيتا جا ڪيترائي انگريزي ترجما آهن پر انهن مان سڀ کان مشهور نامياري مستشرق ۽ اديب سر ايڊون آرنلڊ پاران ڪيل آهي. اهو 1885ع ۾ The song Celestrial جي نالي سان ڇپيو آهي ۽ هڪ کان وڌيڪ پيڙهيون انهي کي ساهه سان سانڍينديون پيون اچن. هيٺيون اقتباس سندس بنا قافيه ترجمي مان ورتل آهي.

ارجن. ڪرشن! منهنجي خيال ۾ هتي وهائڻ آيا آهن پنهنجو مشترڪ خون! سامهون منهنجن مٽن مائٽن جو ميڙ آهي منهنجن عضون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. منهنجي وات ۾ منهنجي زبان خشڪ ٿي وئي آهي. هڪ دُرڙي سان منهنجو جسم لڏي ويو آهي ۽ منهنجا وار خوف وچان چمڪي رهيا آهن، منهنجي ڪمزور هٿ مان ديوتائن واري ڪمان ڇڏائجي رهي آهي.

بخار ۾ منهنجي کل سڙي رهي آهي.

آءُ بيهي به ڪونه ٿو سگهان.

مون ۾ موجود زندگي لڳي ٿو ته تڙپي رهي آهي ۽ بي ساهي ٿيندي پئي وڃي مون کي پنهنجي سامهون روڄ راڙي ۽ غم افسوس کان سواءِ ڪجھ به نظر نه ٿو اچي.

اي ڪرشن! هي چڱي ڳالهه نه آهي.

هڪٻئي جو خون وهائڻ مان ڪابه چڱائي نه ايندي.

ڏسو! آءٌ اهڙي فتح ۽ بالادستي، دولت ۽ سهوليت کان نفرت ڪريان ٿو.

جيڪي اهڙي افسوسناڪ طريقي سان حاصل ڪيون ويون هجن.

اهي جيڪڏهن غلطي تي آهن ته ڇا ٿي پيو (نوجوان شهزادي جي ڳالهه جاري آهي) اهي ڏاڏا، ابا، پٽ، هي ڀائر، سهرا، سالا، هي وڏڙا ۽ هي دوست يار ڇا ٿي پيو جيڪڏهن اهي ايترائي غلط آهن جيترو اسان کي سمجھڻ جو حق آهي؟ حرص ۽ ڪاوڙ انهن کي ايترو انڌو ڪري ڇڏيو آهي جو انهن کي اها ڳالهه سمجھ ۾ ئي نه ٿي اچي ته پنهنجن ئي مٽن مائٽن ۽ عزيزن سان جنگ ڪرڻ ۽ انهن کي ڪُهڻ ڪيترو نه غلط ڪم آهي. پر اسان جي ٻي ڳالهه آهي. ”اسين جيڪي ڏوهه کي سمجھون ٿا ۽ شرم محسوس ڪريون ٿا...... اسين جيڪڏهن پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن کي دنياوي طاقت جي محبت ۾ قتل ڪريون ٿا ته اها هڪ ڏاڍي بڇڙي غلطي آهي ! ارجن ايترو چوڻ کان پوءِ گاڏي جي سيٽ تي آ هلي پوي ٿو ۽  دلبرداشته ٿي تير ڪمان هٿن مان ڪيرائي ٿو ڇڏي.

اسان کي ته اهي ڳالهيون تمام کُلي دل وارا اڌما ۽ ڪنهن اعليٰ روح جي ڪارگذاري لڳن ها ۽ اسان جون دليون انهي نوجوان شهزادي جي شانائتي حيرانگي ۾ انهي لاءِ ڦاٽي پون ها. پر اسان جي ۽ هندستانين پاران شين کي ڏسڻ جي انداز ۾ تمام وڏو فرق آهي ۽ ڪرشن جي جواب مان خبر پوندي ته انهي فرق کي ختم ڪرڻ ڪيترو ڏکيو آهي.

ڪرشن:

تون اتي ٿو غم ڪرين جتي غم نه ڪرڻ گهرجي.

 تون اهڙا لفظ ٿو ڳالهائين جيڪي ڏاهپ کان وانجھيل آهن.

اسان کي نظم مان اهو پتو پوي ٿو ته ارجن پاڻ کي اهڙين ڳالهين جي ڪري پريشان ڪري رهيو آهي جيڪي واقعي سندس دائري کان ٻاهر آهن ۽ جيڪي سندس سمجھ کان ماورا آهن. هو پنهنجي ذات ۽ پنهنجن مسئلن کي تمام ڳنڀيرتا سان ڏسي رهيو آهي. هن هڪ لمحي لاءِ هندستاني مذهبي عقيدي جي انهي تمام بنيادي اصول کي وساري ڇڏيو آهي ته جسم ڀلي ڪيترا دفعا به مرندو رهي حياتي جو سلسلو جاري رهي ٿو.

نه انهن جو غم ڪر جيڪي زنده آهن نه انهن لاءِ افسوس ڪر جيڪي مري ويا.

 نه آءٌ نه تون نه انهن مان ڪو ٻيو،

ڪڏهن به ناپيد نه هو، نه ئي ڪڏهن ناپيد ٿيندو. هرذي حيات شي هميشه موجود رهي ٿي.

جهڙي طرح انساني جسم تي کير پياڪي، نوجواني ۽ پيري جا دور اچن ٿا.

ساڳئي طرح زندگي جي ٻين مظهرن ۾ پروان چڙهڻ ۽ رهجي وڃڻ جا دور اچن ٿا.

انهن کي عقلمند ماڻهون سمجھن ٿا ۽ انهن کان خائف نه ٿا ٿين.

اسان جو هي انفرادي انساني روح (ڪرشن پنهنجي وضاحت جاري رکي ٿو) ڪڏهن به لاموجود نه ٿو ٿئي. اهو تباه نه ٿو ٿي سگهي. اهو نه ڄائو آهي نه ڪڏهن مري سگهي ٿو. انهي ۾ ڪو به تير گهڙي نه ٿو سگهي. ڪو به شعلو انهي کي ڳڙڪائي نه ٿو سگهي، ڪو به پاڻي انهي کي لوڙهي نه ٿو سگهي، ڪا به ساڙيندڙ هوا انهي کي خشڪ نه ٿي ڪري سگهي. اهو ابدي آهي، سمجھ ۾ نه ٿو اچي سگهي ۽ نه ئي انهيء تي موت اچي سگهي ٿو. پوءِ ڀلا ڪنهن انسان کي مارڻ يا خود مري وڃڻ بابت ايتري چوپچو ڇو ڪجي؟ قتل ڪرڻ ۾ ته فقط جسم جي شموليت ٿئي ٿي: روح بلڪل اهڙي طرح ٻئي جسم ۾ وسيرو ڪرڻ وڃي ٿو هليو جيئن ڪو ماڻهو نوان ڪپڙا کڻي پراڻا ۽ ڳريل ڪپڙا رکي ڇڏيندو آهي.

ڄم جي پڄاڻي موت آهي ۽ موت جي پڄاڻي نئون جنم آهي. اهي سڀ ڳالهيون اڳ ۾ طي ٿيل آهن ۽ اسان پاران انهن شين بابت ڳڻتي ڪرڻ جو ڪو ذري برابر به سبب نه آهي. دلير ماڻهو جو ڪم هي آهي ته هو پنهنجي ڪم کان واقف هجي ۽ پوءِ اهو سٺي نموني ۽ ايمانداري سان سرانجام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ۽ هو اهو ڪم فقط انهي ڪري سرانجام ڏئي ته اهو سندس ذمو آهي. هو اهو ڪم انهي مان ڪجھ حاصل ڪرڻ جي اميد ۾ نه ڪري. جيستائين ارجن جو تعلق آهي کيس انهي ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه هجڻ گهرجي ها ته سندس ڪم ڪهڙو آهي. هو هندن جي ويڙهاڪ ذات کترين مان آهي ۽ هو جيڪڏهن پنهنجي تلوار اڇلائي ڇڏي ها ته سندس دوست يار به اهو سمجھن ها ته هن ڪنهن اعليٰ اصول لاءِ نه پر خوف سبب اهو ڪم ڪيو آهي. تنهن ڪري ڀلي ته هو اٿي کڙو ٿئي، لڙائي لاءِ پنهنجا بازو تيار ڪري ۽ اڳي هلي جيت ٿئي يا هار، فائدو ٿئي يا نقصان انهي لاءِ هو پنهنجي دل کي تيار ڪري.

هي ڀڳوت گيتا جي اعليٰ تعليمات مان سڀ کان شروعاتي آهي ته هو انهي ذات جي اصولن مطابق عمل ڪري جنهن ۾ هو پيدا ٿيو آهي. هو جيڪڏهن کتري آهي ته کيس جنگ ۾ حصو وٺڻ ۽ دليري سان وڙهڻ لاءِ تيار ۽ پرجوش رهڻ گهرجي. هو جيڪڏهن برهمڻ آهي ته پاڪ ڪتاب پڙهڻ ۽ انهن جي تشريح ڪرڻ هن جو فرض آهي. هو جيڪڏهن وئش آهي ته کيس واپاري ۽ ڪڙمي طور پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي. هو جيڪڏهن سڀ کان ادنيٰ ذات شودرن ۾ پيدا ٿيو آهي ته به کيس دل نه لاهڻ گهرجي ۽ سڀ کان نيچ ڌنڌن ۾ به وس آهر سٺو ڪم ڪرڻ گهرجي.

گيتا جي ٻين عظيم تعليم ڪرشن جي شخصيت ۾ ويڙهيل آهي. داستان ۾ ڪرشن کي هيستائين گوشت پوست جو انسان ۽ ارجن جو سوٽ ۽ سندس ساٿي شهزادن جو سوٽ ڪري ظاهر ڪيو ويو آهي. پر هندو مذهب ۾ ڪرشن وشنو جو هڪ اوتار آهي. وشنو هندو ٽمورتي جو هڪ وڏو ديوتا آهي جنهن جا ٻيا ٻه ديوتا برهما ۽ شيوا آهن. پر ڳالهه اتي پوري نه ٿي ٿئي. جيئن جيئن نظم اڳتي وڌندو وڃي ٿو تيئن ڪرشن جو درجو وڌندو وڃي ٿو ايستائين جو هو نه فقط هڪ ديوتا جي روپ ۾ ظهور پذير ٿئي ٿو، نه ئي وشنو جو جنم ڌاري ٿو نه ئي خود وشنو ٿئي ٿو پر خود برهما يعني ابدي ديوتا بڻجي پوي ٿو.

پر اهو گيتا جي تعليمات جو فقط هڪ حصو آهي. سموري ڳالهه جو روح اهو آهي ته هيءُ عظيم آسماني حقيقت، هيءُ ديوتائن جو ديوتا هي برهما، اهڙو ديوتا آهي جنهن جي ويجھو ٿيڻو آهي جنهن کي پنهنجي قريب ڪرڻو آهي. جنهن جي پوڄا ڪئي وڃڻي آهي ۽ وڏي ڳالهه اها ته جنهن سان اهڙي جذباتي محبت ڪئي وڃڻي آهي جهڙي ڪنهن مرد کي ڪنهن عورت سان يا جھڙي ڪنهن عورت کي ڪنهن مرد سان هوندي آهي. اهڙي طرح اسين گيتا جي آخري پيغام تائين پهچون ٿا. اهو پيغام ڪرشن پاران ارجن لاءِ چيل آهي پر بيشمار ويساه ڪندڙ روحن انهي کي اهڙي طرح هيئن سان هنڊايو آهي ڄڻ ته اهو انهن تي وحي ٿي لٿو آهي.

منهنجو آخري لفظ ٻڌ! منهنجو سڀ کان آخرين مطلب سمجھ! مون کي پنهنجي دل ڏي! مون سان چاهت رک! منهنجي خدمت ڪر! مون ۾ ويساهه کي چنبڙي پئو، مون سان محبت ڪر، منهنجي عزت ڪر، آءٌ واعدو ڪريان ٿو ته تون مون ڏانهن ايندين، ڇاڪاڻ ته تون مون کي ڏاڍو پيارو آهين، مون ڏانهن اڪيلو اُڏامي اچ مون کي پنهنجي اڪيلي پناهگاه بڻاءِ.

آءُ تنهنجي روح کي انهي جي سمورن گناهن کان آزاد ڪندس دل نه لاهه.

اهڙي طرح اهو عظيم فيلسوفاڻو مذهبي مڪالمو آخرڪار پڄاڻي تي پهچي ٿو ۽ ٻئي فوجون وڙهڻ ۽ مرڻ مارائڻ لاءِ آزاد ٿي وڃن ٿيون. پانڊو ڀائر فتحمند ٿين ٿا پر رزميي جي پڄاڻي انهي تي ٿئي ٿي جو پانڊو ڀائر پنهنجي کٽيل بادشاهت تان دستبردار ٿي آسمان ڏانهن وڃن ٿا هليا. پر اهي سڀ ڳالهيون مقابلتاً ايتري اهميت نه ٿيون رکن: انهي قديم نظم جي اصل اهميت انهي جي متن جي افساني ۽ اچرج ۾ شامل ننڍڙي حصي جي آهي. ٻين سڀني فرضن کان ذات جي ذميدارين جو درجو بلند ڪرڻ ۽ ڀڳتي (انساني روپ ۾ ظاهر ٿيل خدا جي محبت) جي تلقين اهي ڀڳوت گيتا جا اهڙا ٻه عظيم نظريا آهن جيڪي هندن جي روحاني ورثي ۾ سمائجي ويا آهن.

”مون کي ڀڳوت گيتا مان اهڙي آٿت ملندي آهي“ مهاتما گانڌي لکيو هو ”جيڪا مون کي جبل واري خطبي ۾ به نه ملندي آهي. جڏهن نااميدي منهنجي اکين ۾ اکيون وجھي بيهندي آهي ۽ مون کي اميد جو هڪ ڪرڻو به نظر نه ايندو آهي ته آءٌ ڀڳوت گيتا ڏانهن موٽندو آهيان. مون هِتي هُتي ڪو بيت نظر اچي ويندو آهي ۽ آءٌ وڏن حادثن ۾ به فوراً مسڪرائڻ لڳندو آهيان.

5. افلاطون جا مڪالما

 

مغربي فلسفي جو ابو افلاطون چوندو هو ته هو ٽن ڳالهين جي ڪري خدا جو شڪر گذار آهي: هڪ ته هو غلام نه پر آزاد انسان طور پيدا ٿيو آهي. ٻيون ته هو ڪو وحشي نه پر يوناني ٿي پيدا ٿيو آهي ۽ ٽيون ته هو سقراط جي دور ۾ زندگي ٿو گذاري. هو نه فقط هڪ آزاد انسان طور پيدا ٿيو هو پر هو وڏگهراڻو هو. سندس پيءُ جو نالو ارستون هو ۽ هو ايٿنز جي داستانوي بانيڪارن جي خاندان مان هو جڏهن ته هو ماءُ جي طرفان به ڪيترن ئي دولتمند ۽ مشهور اٿينائين جو مائٽ هو. سمجھيو وڃي ٿوته هن افلاطون جو نالو پنهنجن ويڪرن ڪلهن جي سبب اختيار ڪيو هو.

افلاطون جواني جي شروعاتي ڏينهن ۾ شاعر ۽ دانشور هئڻ سان گڏوگڏ عام راءِ مطابق، هڪ وڏو ملهه پهلوان به هو ۽ هن سپاهي طور به ڪم ڪيو هو. انهي دور جي سڀني يونانين وانگر راندين روندين، ورزشي ڪرتب بازين، ناچ ۽ گهوڙي سواري ذريعي جسم جي نشوونما سان گڏوگڏ سوچ ۽ فڪر جي ورزش به ٿيندي رهي ۽ انهي فيلسوف اهڙي گوشه نشيني واري ۽ پڙهاڪو زندگي نه گذاري جيڪا موجوده دور ۾ دانشورن کي عام زندگي جي ڪمن ڪارين لاءِ ناموزون بڻائي ٿي ڇڏي.

افلاطون جو سمورو فلسفو مڪالمات ۾ بيان ٿيل آهي ۽ ڪيترن ئي شروعاتي مڪالمن مان اهڙو انداز بکي رهيو آهي ڄڻ انهن گسن گهٽين ۾ اتفاقي طور شروع ٿي پوندڙ ڳالهه ٻولهه مان جنم ورتو آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته افلاطون جي فلسفي جي اوسر روزاني زندگي مان ٿي آهي ۽ اهائي هن جي هڪ وڏي دلچسپي واري ڳالهه آهي. فلسفي جو هي ابو ۽ سرچشمو پنهنجن نظرين جي وسعت جي لحاظ کان بيمثال هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي تحرير جي قائل ڪندڙ حسن جي لحاظ کان به بينظير آهي. چيو وڃي ٿو ته افلاطون سقراط سان ملاقات کان پوءِ پنهنجا نظم ساري ڇڏيا ۽ هن پنهنجي ”رياست“ (Republic) ۾ به شاعرن خلاف شديد راءِ رکي آهي انهيء هوندي به هو پاڻ شاعر ٿيڻ کان رهي نه سگهيو. هن ايٿنز ۾ فيلسوفن جي نئين جماعت سوفسطائين تي به حملا ڪيا جيڪي هر ڳالهه جو نئين سر جائزو وٺي رهيا هئا ۽ ماڻهن کي اها سکيا ڏئي رهيا هئا ته انهن پراڻن نظرين جو ڪو لحاظ نه ڪن جن تي شهر جو بنياد رکيو ويو هو. انهن سوفسطائين جون شاندار تقريرون ۽ پُر فهم تضاد ماڻهن کي انهن ڏانهن ڇڪي وٺندا هئا. پر افلاطون وٽ به ڪيتريون ئي خاصيتون هونديون هيون جن کي هو پنهنجن دشمنن خلاف ڪم آڻيندو هو.

افلاطون کي به هر روايتي يوناني وانگر اهڙن باوقار بحث مباحثن سان محبت هوندي هئي جيڪي تلوار بازي جي ڪنهن معرڪي وانگر ڪيا ويندا هئا. اهو عين ممڪن آهي ته هو هڪ عظيم ترين سوفسطائي ٿي پوي ها يا اهو به ٿي سگهيو پئي ته هو پنهنجين صلاحيتن ۽ سماجي واسطن کي سياست ۾ ڪم آڻي ها پر هن سقراط سان دوستي سبب ائين نه ڪيو پر انهي جو خاص سبب اٿينائين پاران سقراط کي رد ڪرڻ ۽ سقراط پاران زهر پي پنهنجو موت آڻڻ هو. سقراط جي موت سبب افلاطون جي دل ۾ اٿينائين ۽ اٿينائي جمهوريت خلاف نفرت پيدا ٿي پئي. انهي واقعي کيس روحاني طور جلاوطن ڪري ڇڏيو ۽ حقيقت آهي ته هو سقراط جي وفات کان پوءِ ڪجھ عرصي لاءِ جسماني طور به جلاوطن ٿيو ۽ ميگرا ۾ وڃي رهيو. انهي واقعي هن ۾ سوفسطائين جي ڪوڙي چالاڪي خلاف شديد نفرت پيدا ڪئي. پر سڀني ڳالهين کان وڌيڪ انهي واقعي هن کي اهڙي ارادي جي پختگي ڏني جنهن ذريعي هو شين جي ماهيت جي چڪاس جو پنهنجو عظيم ڪم ڪري سگهيو.

سقراط افلاطون جي ابتڙ هو. هو عام ماڻهن جو ساٿي ۽ هڪ اهڙو غريب راهب هو جنهن جي پڇا ۽ آڏي پڇا تي ٻڌل تعليم اهڙي شاعري، فصاحت بلاغت ۽ مابعد الطبيعات کي کلڻ هاب ڪري ڇڏينديون هيون جن جو وڏگهراڻو افلاطون ماهر هو. سقراط سدائين اها ڳالهه چوندو رهندو هو ته هن جي ڏاهپ اها آهي جو ٻيا ماڻهو سمجھن ٿا ته هو ڪجھ ڳالهيون پڪي پختي طرح سمجھن ٿا جڏهن ته کيس خبر آهي ته هو نه ٿو ڄاڻي. هو ماڻهن کان تمام سادا سوال پڇندو رهندو هو ۽ ٻولي ۽ اشارا ۽ تشبيهون عام ماڻهن وارا ڪتب آڻيندو هو افلاطون جي ڪم بابت چئي سگهجي ٿو ته اهو سقراط جي اهڙي سادي اخلاقي تعليم آهي جنهن کي پنهنجي دور جي تمام ذهين انسان پاڻ سمجھي پوءِ نئين سر بيان ڪيو آهي. افلاطون جو ٻيو ڪم اهو آهي جو هن سقراط سان والهانه لڳاء رکندڙ شاگرد هوندي پنهنجي دور جي فيشني دنيا جي ذهني صلاحيتن کي محفوظ رکيو. افلاطون جي ڪم ۾ تمام تڪميل تي پهتل ۽ تمام شاندار فڪر جي اهڙي گهڻ رخي ڪشش آهي جنهن سان شديد اخلاقي سوچ به شامل ٿي وڃي ٿي. سقراط افلاطون کي اندروني ويساهه ۽ اعتقاد ڏنو.

سقراط ۽ افلاطون يونان جي عظيم دور ۾ پنهنجي زندگي گذاري پر انهن جي شهر ايٿنز لاءِ اهو سياسي زوال جو دور هو. ايٿنز جو عظيم دور ايرانين جي يونان مان نيڪالي کان پوءِ وارو دور آهي جنهن ۾ ايٿنز جي سامونڊي سلطنت جو بنياد پيو ۽ انهي ۾ 466 ق.م کان 428 ق.م تائين پيريڪلز جي ڊگهي حڪمراني وارو اٿينائي جمهوريت جو دور به اچي وڃي ٿو جنهن دوران شهر جي بيمثال سونهن سوڀيا سان نئين سر تعمير ٿي. ايسڪائليس، سوفوڪليز ۽ يوريپائيڊز جهڙا عظيم ڊراما نگار به انهي دور ۾ ٿي گذريا. هيروڊوٽس ايٿنز ۾ پنهنجي تاريخ جو هڪ باب پڙهي ٻڌائڻ به انهي دور ۾ آيو ۽ اناگزاگورس سائنسي فلڪيات جي الف-ب به انهي دور ۾ پڙهائي.

ايٿنز ۽ اسپارٽا وچ ۾ پيلوپونيشيائي جنگ جيڪا پيريڪلز جي وفات کان اڳ شروع ٿي اها شروعات ۾ ته ايٿنز جي حق ۾ هلي پر آخرڪار اهو جنگ ۾ مات کائي ويو انهي جو مکيه سبب اهو هو جو انهي سِسليءَ کي فتح ڪرڻ جي هاڃيڪار مهم ۾ پاڻ کي گهڻو پکيڙي ڇڏيو. افلاطون جڏهن 405 ق.م ۾ 22 ورهين جو هو ته ايجسپوٽومي وٽ اسپارٽائين ايٿنز جو آخري بحري ٻيڙو تباه ڪري ڇڏيو. ايٿنز جي سمنڊ تي حڪمراني هئي ۽ اسپارٽا وارا خشڪي جا حاڪم هوندا هئا. ايٿنز جون ڊگهيون ديوارون (Long Walls) تباه ٿي ويون. ايٿنز تي ڪجھ وقت لاءِ ٽيهه جابر (Thirty Tyrants) نالي اشرافيه حڪومت ڪئي. ڪريٽياس نالي افلاطون جو هڪ مائٽ انهن جو اڳواڻ هو. پر شهر سياسي طور جيتوڻيڪ زوال جو شڪار هو پر اهو اقتصادي طور جلد ئي بحال ٿي ويو ۽ ايٿنز جيتوڻيڪ جنگ ۾ شڪست کاڌي هئي پر اهو جلد ئي يوناني ڏاهپ ۽ تهذيب جو مرڪز ٿي ويو ۽ هڪ دفعو ٻيهر جمهوريه به ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org