سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:10 

24. گُليوورس ٽريولز

-- جو ناٿن سئفٽ --

آکاڻي تمام تڪڙ ۾ اڳتي وڌي ٿي. ماسٽر ليموئيل گليور هڪ صفحي ۾ ئي اسان کي پنهنجو پس منظر ٻڌائي ڇڏيو آهي (هو عمانوئيل ڪاليج ڪيمبرج ۾ پڙهيو. طب پڙهڻ ويو پوءِ هڪ جهاز جو سرجن ٿيو) ۽ پوءِ 4- مئي 1699ع تي ڏاکڻين سمنڊن ڏانهن سفر ڪيائين.

هڪ سو لفظن کان پوءِ نومبر جي مهيني ۾ هڪ ٻاهرئين ملڪ جي سامونڊي ڪناري تي انهن جو جهاز تباهه ٿي وڃي ٿو. هو آرام ڪرڻ لاءِ پئجي رهي ٿو ۽ ”آءُ جڏهن سجاڳ ٿيس ته ڏينهن جي روشني پکڙي پئي هئي. مون اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر آءٌ چري پري نه سگهيس. آءٌ جيئن ته پُٺي ڀر ستل هوس مون ڏٺو ته منهنجيون ٽنگون ۽ ٻانهون ٻنهي پاسن کان مضبوطي سان زمين سان ٻڌل هيون ۽ منهنجا ڊگها ۽ گهاٽا وار به ساڳئي طرح ٻڌل هئا. ساڳئي طرح مون ڪيتريون ئي سنهيون رسيون پنهنجن بغلن، سٿرن ۽ سموري جسم جي چوڌاري محسوس ڪيون.

”ٿوري دير ۾ مون محسوس ڪيو ته ڪا زنده شي منهنجي کاٻي ٽنگ تي هلي رهي هئي. اها آهستي آهستي اڳتي وڌندي منهنجي سيني تي هلي آئي ۽ لڳ ڀڳ منهنجي کاڏيء وٽ اچي بيٺي. آءٌ پنهنجيون اکيون جيترو هيٺ ڪري سگهيس ٿي ڪيم ته مون کي هڪ انساني مخلوق نظر آئي جيڪا 6 انچن کان به مٿي نه هئي. انهي جي هٿن ۾ تير ڪمان ۽ پٺي تي ترڪش هو. انهي دوران مون محسوس ڪيو ته ساڳئي قسم جا 40 (مون اهو اندازو هنيو) وڌيڪ ماڻهو پهرئين جي پٺيان پئي آيا. آءٌ تمام حيران هوس ۽ ايترو ته زور سان رڙ ڪئي جو اهي سڀئي خوف ۾ پٺتي وٺي ڀڳا ۽ جيئن مون کي پوءِ خبر پئي انهن مان ڪجھ جو منهنجي پاسن کان هيٺ ٽپا ڏنا هئا ته ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا هئا. بهرحال اهي جلد ئي واپس آيا.

اهڙي طرح ليموئيل گليور پاڻ کي لليپٽ جي زمين تي ڏسي ٿو. ننڍڙا رهواسي هن سان مهرباني سان پيش اچن ٿا. جيتوڻيڪ شروع ۾ کيس قيد ڪيو وڃي ٿو. جلدئي شهنشاهه کيس ڏسڻ اچي ٿو.

”سندس پوشاڪ ڏاڍي سادي ۽ ڪنهن آرائش کان خالي هئي. اها ايشيا ۽ يورپ جي وچ واري ڪنهن طرز جي هئي. پر انهي جي مٿي تي هڪ هلڪو سون جو ٽوپلو هو جيڪو جواهرن سان سينگاريل هو ۽ انهي جي مٿان هڪ کنڀ لڳل هو. آءٌ جيڪڏهن رسيون ڇني پاڻ کي آزاد ڪري وٺان ته پنهنجي بچاء لاءِ هن جي هٿ ۾ هڪ تلوار هئي. اها تقريباً ٽي انچ ڊگهي هئس. سندس آواز هڪ سنهي ڪِيڪ هئي پر اهو ڏاڍو صاف ۽ چٽو هو“.

گليور شهنشاهه ۽ سموري درٻار سان انهن سڀني ٻولين ۾ مخاطب ٿئي ٿو جيڪي کيس اچن ٿيون. ڊچ، لاطيني، فرانسي، اسپيني، اطالوي پربيسود. پوءِ شهنشاهه به روانو ٿي وڃي ٿو. ڪيترن ئي ننڍڙن ماڻهن هن تي تير هلايا ته هن تي مقرر حفاظتي جٿي انهن سڀني ڏوهارين کي گليور جي حوالي ڪري ڇڏيو جيئن هن کي جيڪا سزا وڻي انهن کي ڏئي“. مون انهن سڀني کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ کنيو ۽ انهن مان پنجن کي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ڇهين ڏانهن ائين منهن ڪري ڏٺو جيئن کيس زنده کائي ويندس. انهي ويچاري ڏاڍي خوفناڪ نموني رڙيون ڪيون ۽ ڪرنل ۽ سندس آفيسر به ڏاڍا پريشان ٿيا خاص طور انهن جڏهن مون کي پنهنجو قلم چاقو ڪڍندي ڏٺو. پر مون انهن کي جلدئي ڊپ مان ڪڍيو ۽ انهي کي آرام سان پٽ تي رکيو ته هو ڊوڙندو پري ويو هليو. مون ٻين سان به ساڳئي هلت ڪئي ۽ انهن کي هڪ هڪ ڪندو کيسي مان ڪڍندو ويس. انهي تي مون ڌٺو ته مون پاران انهي مهرباني تي عوام ۽ سپاهي ڏاڍا ٿورائتا ٿيا ۽ منهنجي انهي عمل کي درٻار ۾ به منهنجي فائدي ۾ پيش ڪيو ويو.

تنهن کان پوءِ اهو ”جبل ماڻهو“- ننڍڙا ماڻهو کيس انهي نالي سان سڏين ٿا (هو جلدئي انهن جي زبان سکي وٺي ٿو)- اتي تمام مقبول ٿي وڃي ٿو. کيس ڪجھ شرطن تي آزادي عطا ڪئي وڃي ٿي انهن مان ڪجھ هي آهن ته هو شهنشاهه جي علائقن مان سندس موڪل کان سواءِ ٻاهر نه ويندو، هو اناجي فصلن ۾ نه سمهندو ۽ شهرين کي لتاڙڻ کان بچائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو. هو پيغام پهچائڻ جي تيز رفتار ذريعي طور به پاڻ کي تيار رکندو ۽ شهنشاهه جيڏانهن به پيغام موڪلڻ گهرندو هو پيغامبر ۽ گهوڙو پنهنجي کيسي ۾ کڻي ويندو.

۽ ”مٿي بيان ڪيل سڀني شرطن جي پوئواري جو حلف کڻڻ سان جبل ماڻهو کي گوشت ۽ شراب جو روزانو ايترو مقدار ملندو جيڪو اسان جي رعايا جي 1728 ماڻهن لاءِ ڪافي هوندو“.

گليور انهي کان جلدئي پوءِ لليپٽ جي ماڻهن کي بليفسڪو جي ٻيٽ تي پنهنجن مخالفن جي ڪاهه کان بچائي ورتو ”اهو ٻيٽ لليپٽ جي اتر ۽ اتر اوڀر ۾ واقع هو ۽ انهي ۽ لليپٽ جي وچ فقط اٺ سو وال سامونڊي پٽي هئي. هو پاڻي ۾ لهي پوي ٿو ۽ اهو ڏسي بليفسڪائي ڏاڍا حيران ٿين ٿا ۽ لليپوٽيائي ڏاڍا خوش ٿين ٿا جو هو دشمن جي ٻيڙي جي ننڍڙن لنگرن جي زنجيرن کي گڏي ڇڪي لليپٽ جي بندر تي وٺي اچي ٿو.

پر اها سموري مهم جوئي جوناٿن سئفٽ (هنن تمام تخيلاتي سفرن جي حقيقي گليور) کي هڪ بهانو مهيا ڪري ٿي جيئن هو اسان کي انسان ذات ۽ دنيا جا معاملا هلائڻ بابت پنهنجا رايا ۽ تجويزون ڏئي سگهي. مثال طور: ”اسين جيتوڻيڪ عام طور سزا ۽ انعام کي اهڙيون ٻه ٿوڻيون چئون ٿا جن جي چوگرد حڪومتن جو سمورو نظام ڦري ٿو پر آءٌ ڏسان ٿو ته اها ڳالهه لليپٽ کان سواءِ ٻيو ڪٿي به عمل هيٺ نه ٿي اچي سگهي. جيڪو شخص به انهي ڳالهه جو جوڳو ثبوت ڏئي سگهي ته هن 73 مهينا پنهنجي ملڪ جي قانونن جي سختي سان پاسداري ڪئي آهي انهي کي پنهنجي صلاحيت ۽ زندگي جي حيثيت مطابق ڪجھ رعايتن جو حق حاصل آهي. ۽ ”نوڪرين لاءِ ماڻهو چونڊيندي اهي اعليٰ صلاحيتن بجاءِ اعليٰ اخلاق کي وڌيڪ مد نظر رکن ٿا“.

انهن مان هر هڪ تجويز فڪر انگيز آهي. انهن مان ڪيتريون ئي جهڙوڪ ٻالڪ- گهر ۽ رهائشي اسڪولن واريون لاڳو به ٿي چڪيون آهن. اسين شايد انهي راءِ سان اختلاف ڪري سگهون ٿا ته ”انهن ۾ ناشڪر گذاري کي هڪ وڏو ڏوهه سمجھيو وڃي ٿو...“ پر انهي نطريي ۾ چڱي خاصي حقيقت آهي ته فراڊ چوري کان وڏو ڏوهه آهي يا جيڪڏهن ڪنهن کي ناحق سزا ڏني وڃي ته هن کي پنهنجي وقت جي ضايع ٿيڻ جو چئوڻ تي بدلو ڏنو وڃي:

پر اهي اخلاقي درس لليپٽ جي زندگي جي خوشين جي بيان سان ايترا ته مليل جليل آهن جو اسين انهن کي خوشي سان قبول ڪري ٿا وٺون. گليور جڏهن اتان جي ڪجھ حاسد شهرين جي انهي سازش جا تفصيل ٻڌي ٿو وٺي ته مٿس ملڪ سان غداري جو الزام مڙهيو وڃي ته هو للپيٽ مان هليو وڃي ٿو. هو بليفسڪو ڏانهن ڀڄي وڃي ٿو.

پر هو اتان به جلدئي هڪ ننڍڙي ٻيڙي (لليپوٽيائي يا بليفسڪونيائي معيارن جي لحاظ کان ته تمام وڏي) ۾ هليو وڃي ٿو. اها ٻيڙي ڪنهن ڀڳل جهاز تان اتي ڌڪجي آئي هئي. هو 500 ننڍڙن ماڻهن کي آماده ڪري ٿو ته هو کيس انهي لاءِ هڪ سڙهه ٺاهي ڏين ۽ پوءِ هو هليو وڃي ٿو.

جلدئي هڪ انگريز واپاري جهاز وارا کيس پاڻ سان سوار ڪن ٿا. انهي جهاز جو ڪيپٽن ۽ عملو کيس ڪو چريو سمجھن ٿا. پر هو جڏهن پنهنجي کيسي مان ڪجھ ننڍڙيون رڍيون ۽ ڍڳيون ڪڍي ٿو ته اهي محسوس ڪن ٿا ته هو واقعي ڪو عجيب ملڪ ڏسي آيو آهي.

ڪجھ وقت کان پوءِ اسان جو هيرو هڪ اڃا وڌيڪ عجيب صورتحال ڏسي ٿو. هو فقط ٻه مهينا پنهنجي زال ۽ ڪٽنب سان گڏ گذاري ٿو ۽ وري سفر تي نڪري پئي ٿو. هو جنهن جهاز تي سفر ڪري ٿو اهو کيس هن دفعي هڪ نامعلوم ڪناري تي لاهي ٿو ڇڏي. هو ڪجھ ٻين ماڻهن سان جهاز تان لهي ٿو ۽ پوءِ اهو ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو ته هو تمام تڪڙا ٻيڙي ڏانهن ڊوڙندا وڃن ٿا.

هو سوچي ٿو ته انهن ائين ڇو ڪيو. پوءِ هو ڏسي ٿو ته هڪ تمام وڏي مخلوق انهن ڏانهن تمام تيزي سان هلندي پئي وڃي پر اسان جا ماڻهو هن کان اڌ ليگ اڳتي هئا ۽ اتي سمنڊ به تيز چهنب وارن پهڻن سان ڀريل هو تنهن ڪري اهو ديو انهن کي نه پڄي سگهيو.

اهڙي طرح هو ٿوري دير پوءِ پاڻ کي بروبڊنگ نيگ ۾ انهن ديون جو قيدي ڏسي ٿو. اهي پهريان ته ايتري ننڍڙي مخلوق ڏسي حيرت ۾ وٺجي وڃن ٿا پر پوءِ لليپوٽيائين وانگر خوش اخلاقي سان پيش اچن ٿا.

اڳتي هلي اڃا اچرج جهڙا ڪم ٿين ٿا. اها ڳالهه به دلچسپي کان خالي نه آهي ته لليپٽ وانگر بروبڊنگ نيگ ۾ گليور جيڪي وڻ، گل، پکي ۽ جانور ڏسي ٿو اهي بلڪل هڪ پيماني مطابق آهن. لليپٽ ۾ رڍ ڪوئي جي سائيز جيتري آهي ته بروبڊنگ نيگ ۾ ڪنهن جهرڪي کي به ٻنهي هٿن سان پڪڙڻو پوي ٿو. ”اها جهرڪي جيستائين مون کي ياد آهي انگريزن جي قاز کان به ڪجھ وڏي هئي“.

هڪ دفعو وري انگريزن جي زندگي جي خوبين تي گهڻو بحث مباحثو ٿئي ٿو. هو ديون جي بادشاهه کي گولن ٺاهڻ بابت سمجھائي ٿو ۽ بادشاهه سلامت دهلجي وڃي ٿو. ”مون جڏهن کيس انهن خوفناڪ انجڻين بابت ٻڌايو ته هو خوف ۾ وٺجي ويو ته مون جهڙو حقير ۽ غير اهم جيتامڙو اهڙا غير انساني خيال به رکي سگهي ٿو“.

پر گليور وقت گذرڻ سان اهو وڻندڙ ۽ دلڪش ملڪ به ڇڏي وڃي ٿو جتي هن سان ڪنهن ناياب ۽ قيمتي گڏي جهڙو ورتاء ٿيندو هو. سندس اتفاقي روانگي بادشاهه توڙي گليور ٻنهي لاءِ پريشان ڪندڙ ثابت ٿئي ٿي پر توهان جڏهن آکاڻي پڙهندا ته توهان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته انهي معاملي ۾ ڪجهه به نه پيو ڪري سگهجي.

جلدئي سندس ٻئي سامونڊي سفر تي- ڇاڪاڻ ته ليموئيل گليور ٻن يا ٽن مهينن کان وڌيڪ وقت گهر ۾ رهڻ لاءِ تيار ئي نه آهي- کيس سامونڊي ڌاڙيل پڪڙي وٺن ٿا ۽ هڪ ڍونڍي تي ويهاري ڌڪي ڇڏين ٿا. هو لپوٽيائين جي ملڪ ڏانهن لُڙهي وڃي ٿو جيڪي هوا ۾ تري سگهن ٿا. حقيقت ۾ ته انهن جو ٻيٽ به ڪنهن ڪڪر وانگر ترندو رهي ٿو. هو انهن ماڻهن سان ڪجھ وڻندڙ وقت گذارڻ کان پوءِ اتان به هلي پوي ٿو ۽ ٿورو ٿورو وقت ڪيترين عجيب جاين تان گهمندو جاپان پهچي ٿو. اهو انهن ڏينهن ۾ مشڪل سان لليپٽ جيترو مشهور هو.

پر گليور پنهنجي سڀ کان آخري سامونڊي سفر ۾ اهڙن وجودن سان ملي ٿو جن کان هو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو. هن اهو سفر 7- سيپٽمبر 1710ع تي پورٽس مائوٿ کان شروع ڪيو. هو هين همس جو لفظ جيتوڻيڪ اچارڻ ۾ تمام ڏکيو آهي. پر انهي بابت ئي هو دل سان تعريفون ڪري ٿو. هو هين همس هر لحاظ کان انسانن کان برتر آهن حقيقت ۾ اهي ياهو نالي انسانن جي هڪ ادنيٰ قسم کي غلام ڪري رکن ٿا“ پر اهي ڏسڻ ۾ گهوڙن جهڙا لڳن ٿا.

گليور پنهنجن غيرمعمولي سفرن ۾ جن سان به مليو انهن مان هي وجود تمام اعليٰ ۽ برتر هئا. هڪ مهربان استاد سندس سارسنڀال لهي ٿو ۽ ”مون کي کلي دل سان اعتراف ڪرڻ گهرجي ته مون کي جيڪا به ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي اها مون کي پنهنجي استاد طرفان ڏنل ليڪچرن مان ملي آهي. مون جڏهن پنهنجي ڪٽنب، پنهنجن دوستن، پنهنجي هم وطنن ۽ عمومي طور انسانذات بابت سوچيو پئي ته مون انهن کي ائين پئي ڏٺو جيئن اهي هئا يعني شڪل توڙي مزاج جي لحاظ کان ياهو (Yahoo).

کيس آخرڪار ۽ وڏي افسوس سان اهو وڻندڙ ملڪ ڇڏڻو پوي ٿو. ڪجھ وڌيڪ مهم جوئين کان پوءِ هو 5- ڊسمبر 1715ع تي انگلينڊ پهچي ٿو. منهنجي زال ۽ منهنجي ڪٽنب وڏي حيرت ۽ خوشي سان منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو. ڇاڪاڻ ته انهن سمجهي ڇڏيو هو ته آءٌ مري ويو آهيان. پر مون کي انهي ڳالهه جو لازماً کلي طرح اعتراف ڪرڻ گهرجي ته آءٌ انهن کي ڏسندي ئي نفرت، حقارت ۽ ڌڪار ۾ ڀرجي ويس.

ڪتاب جي پڄاڻي ائين ٿئي ٿي جو گليور آخرڪار پنهنجي زال کي اها اجازت ڏيڻ شروع ڪري ٿو ته اها هڪ ڊگهي ٽيبل جي سڀ کان پراهين ڪناري تي هن سان گڏ ويهي ماني کائي. ”پر جيئن ته ڪنهن ياهو جي بوءِ مون کي مسلسل اڻ وڻندڙ لڳي ٿي تنهن ڪري آءٌ پنهنجو نڪ، ليونڊر يا تماڪ جي پنن سان بند رکان ٿو.“

اها هڪ عجيب ڪهاڻي آهي جنهن مان نتيجو به عجيب ڪڍيو وڃي ٿو. پر جيئن ته اها وڏي جوش ۽ وڏي تخيلاتي قوت سان بيان ڪيل آهي تنهن ڪري انهي 200 ورهين کان به وڌيڪ عرصي تائين پوڙهن ۽ جوانن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رکيو آهي. انهي مان جيڪڏهن انگريزن ۽ گليور ٻين جن ماڻهن سان مليو آهي انهن جي رسم رواج تي سندس ويچارن کي ڪڍي ڇڏجي ته اهو ٻارن جي ڪتابن ۾ هڪ ڪلاسڪ شمار ٿئي ٿو (۽ سئفٽ کي ٻارن کان نفرت هوندي هئي) جيڪڏهن انهي کي مڪمل طور پڙهيو وڃي ته اهو انگريزن جي طرز زندگي تي تمام بي رحم ۽ شديد حملن مان هڪ آهي (انگريزن جي طرز زندگي ۾ 200 ورهين ۾ خير ڪا تبديلي آئي آهي).

جوناٿن سئفٽ انگريز نسل جو هو پر 1667ع ۾ ڊبلن ۾ ڄائو هو. هن جي پرورش تمام وڏي غربت ۾ ٿي ۽ لڳي ٿو ته ٻي ڪا سٺي نوڪري نه هئڻ جي سبب 27 ورهين جي ڄمار ۾ چرچ جي نوڪري ۾ گهڙيو. هن کي بيلفاسٽ جي ويجھو هڪ ننڍڙو گرجا گهر ڏنو ويو. هن اتي هئڻ دوران ٻه ڪامياب طنزيه لکيا. هڪ The Tale of a Tub ۾ مذهب ۽ تعليم ۾ ڪرپشن تي ڳالهه ٻولهه آهي ۽ ٻئي The Battle of the Books ۾ قديم ۽ جديد علم ۾ تمام آڳاٽي تڪرار بابت بيان آهي. هن جو گهڻو وقت آئرلينڊ (انهي کي هو ناپسند ڪندو هو جيتوڻيڪ پنهنجو ڪم تمام محنت سان ڪندو هو) ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ سفر ۾ گذرندو هو. انگلينڊ ۾ هن ايڊيسن، اسٽيل ۽ ڪانگريو جهڙن ادبي ماڻهن جي صحبت ۾ گهڻو وقت گذاريو هو. هن سن 1714ع ۾ اها اميد ئي ختم ڪري ڇڏي ته هو ڪڏهن انگلينڊ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪندو ۽ پنهنجا ڏينهن آئرلينڊ ۾ پورا ڪرڻ تي راضي ٿي ويهي رهيو.

هن جو پنهنجي زندگي جو وڏو حصو ٻن عورتن سان تمام پيچيدو تعلق رهيو جن ڏانهن ”اسٽيلا“ ۽ ”ونيسا“ جي نالي سان اشارو ڪري ٿو ۽ سندس ”Journal to Stelle“ مان هو عجيب رنگ ۾ نظر اچي ٿو. سئفٽ اسٽيلا سان تڏهن شادي ڪئي جڏهن سندس عمر 46 ورهيه هئي. پر اها ڳالهه به اهڙي طرح شڪ شبهي واري آهي جهڙي طرح اها ته هو ڪو هن سان ڪڏهن هڪ ڇت هيٺ رهيو به هو. ساڳئي وقت هو ونيسا سان به تمام دلچسپ خط ڪتابت رکندو آيو.

هن جيتوڻيڪ تمام گهڻو لکيو پر انهي جو ٿورو حصو باقي بچيو آهي. هن 1726ع ۾ پنهنجو سڀ کان وڌيڪ مشهور ڪتاب ”Gulliver’s Travels“ ڇپرايو. انهي کان هڪ سال اڳ اسٽيلا هڪ ڊگهي بيماري کان پوءِ فوت ٿي وئي. شايد اها ئي ڪو واحد انسان هو جنهن سان هن کي محبت هئي.

هو آهستي آهستي گوشه نشيني اختيار ڪندو ويو. هن کي سدائين اهو خوف هوندو هو ته هو ڪٿي چريو نه ٿي وڃي ۽ اها ڳالهه بغير سبب جي به نه هئي. ڇاڪاڻ ته آهستي آهستي سندس جسماني صلاحيتون ڪم ڇڏينديون ويون ۽ هو 78 ورهين جي ڄمار ۾ چريو ٿي مئو.

سئفٽ انگريزي ادب جي هڪ تمام عجيب ۽ تمام متضاد شخصيت آهي (هڪ ننڍڙو مثال وٺجي، ڀلا جنهن ماڻهو کي ٻارن کان نفرت هجي اهو اهڙو بهترين ٻاراڻو ڪتاب لکي سگهي ٿو؟) ڪنهن ڪامياب ليکڪ کي جيڪا حيثيت ملندي آهي هن اها سامهون رکندي پاڻ کي ڪامياب ليکڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهي جي باوجود به هن پيشه ور ليکڪ ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڇو ته انهي سان سماجي طور حيثيت گهٽجي ها. هن جيڪي بيشمار شيون ڇپجڻ لاءِ لکيون هن فقط هڪ دفعو انهن مان ڪنهن جو معاوضو ورتو. هن جي سامهون جيڪو عظيم ۽ ادبي ماڻهو ٿيڻ جو مقصد هو انهي ۾ شادي جي ڪا گنجائش ئي نه هئي: هن جي اسٽيلا ۽ ونيسا سان عجيب تعلق جو سبب به اهو ئي هو.

اهو لازماً چئبو ته هو ڪو دلڪش ڪردار نه هو. هائو هو غيرمعمولي صلاحيتن ۽ تمام بهترين مذاق جي طاقت رکندڙ انسان هو. پر اها طاقت وڏي اخلاقي ڪاوڙ سان لاڳاپيل هئي. پر هو جنهن وقت Gulliver لکڻ ويٺو انهي طاقت ۽ ڪاوڙ کي هڪ رستو ملي چڪو هو: هو شروعاتي تحريرن ۾ جنهن انسانيت کي تمام غير اهم ڪري وٺندو هو اها هاڻي ڪو ڀوڳ نه رهي هئي.

سندس مونجهارن ڀريل زندگي؛ ٻن عورتن سان هڪ ئي وقت تعلق هئڻ جن مان لڳي ٿو ته هن کي جسماني طور ڪنهن جي به ضرورت نه هئي. چرچ جي نوڪري ۾ ترقي جي تمنا رکڻ ۽ اتي جيڪي هاري ناري عبادت ڪرڻ ايندا هئا انهن جي خلوص سان مدد ڪرڻ. خوش گفتار ۽ ادبي شخصيت ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ (۽ ڪامياب ٿيڻ) اهڙي طرح آهستي آهستي ختم ٿيندي وئي جو هو 1742ع کان عملي طور پنهنجي هوش ۾ رهيو هو. سندس اها ئي حالت رهي تان جو 19- آڪٽوبر 1745ع تي فوت ٿي ويو.

سندس پاران لاطيني ۾ لکيل لوح مزار جيڪا هاڻي سندس مزار تي رکيل آهي اها شايد اهڙي انسان جي ڪارگذاري جو سٺو خلاصو پيش ڪري ٿي جنهن تاريخ جو هڪ تمام دلچسپ ۽ عجيب غريب ڪتاب لکيو:

هتي جوناٿن سئفٽ، ڊاڪٽر آف ڊوينٽي جو جسم دفن ٿيل آهي. هتي هاڻي شديد ڪاوڙ سندس دل کي وڌيڪ جلائي نه سگهندي. اي مسافر! وڃ ۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ته انهي جي نقش قدم تي هل جنهن انساني آزادي جي سرواڻي ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو.

25. ٽام جونز

-- هينري فيلڊنگ--

 

ٽام جونز 1749ع ۾ ڇپيو ۽ اهو جيتوڻيڪ ڪهڙي به لحاظ کان پهريون انگريزي ناول نه آهي پر اهو انهي لحاظ کان پهريون آهي جو انهي ۾ تمام وڏي تعداد ۾ ۽ گوناگون ڪردار شامل آهن جن ۾ هاري ناري، ماستر، زميندار، ٻهراڙين جانواب ۽ فيشني طبقي جون عورتون گڏجي انگريزي سماج جي هڪ مڪمل تصوير پيش ڪن ٿيون. اهو پنهنجي دور جو تمام پرجوش ۽ هنگامه خيز بيان آهي. وڏي ڳالهه ته ڪو دکدائڪ يا مزاحيه انداز به نه ٿو رکي.

ٽام جونز کي ڪير هڪ معزز شاهوڪار ۽ نيڪوڪار انگريز ڳوٺاڻي آل ورٿي جي درجي چانئنٺ تي رکي ويو هو. هن انهي جي پنهنجي ڀيڻ جي ٻار بليفل سان گڏ پرورش ۽ پالنا ڪئي. ٽام جونز کي اسڪئائرويسٽرن جي ڌيءُ صوفيا ويسٽرن سان محبت ٿي وڃي ٿي. هو شڪار جو شوقين ۽ گوڙ شوڙ ڪندڙ شرابي آهي. ٽام جونز انهي معاشقي جي سبب آل ورٿي جي نظرن مان ڪري پوي ٿو ۽ فوج ۾ شامل ٿيڻ وڃي ٿو. فوج تڏهن 1745ع واري جيڪوبي بغاوت کي منهن ڏئي رهي هئي. هو ڪيترين ئي مهم جوئين کان پوءِ آخرڪار لنڊن پهچي ٿو ۽ اتي به ڪيترائي معاشقا ڪري ٿو ۽ هڪ فيشني عورت سان معاشقي سبب هڪ دوبدو لڙائي ۾ حصو وٺي جيل ۾ پهچي وڃي ٿو. آل ورٿي کيس اتان آزاد ڪرائي ٿو ۽ کيس پوءِ خبر پوي ٿي ته ٽام ڪو عام رواجي حرامي ٻار نه پر سندس ڀيڻ جو ناجائز پٽ آهي. اهڙي طرح ٽام کي دولت ورثي ۾ ملي ٿي ۽ هو صوفيا سان شادي ڪري ٿو.

بليفل جنهن آل ورٿي کان ٽام بابت ڳالهيون لڪايون هيون انهي جي بيعزتي ٿئي ٿي. ناول جو ڊرامائي انداز بيان ۽ ذيلي پلاٽ ايتري ته مهارت سان ترتيب ۾ رکيا ويا آهن جو انهي مان اهڙي ٿڪ ۽ بيزاري جو ڪو به احساس نه ٿو لڳي جيڪو انهي دور جي اهڙن ناولن ۾ هوندو آهي. انهن ناولن ۾ انهي بيزاري جو سبب اهو هوندو هو جو انهن ۾ شامل ڪجھ واقعن جي ڪا حقيقي اهميت نه هوندي هئي. پر اها به حقيقت آهي ته ٽام جونز جي فني مهارت جيتوڻيڪ تمام وڏي آهي پر انهي کي ڪنهن عظيم ڪتاب جو درجو ڏياريندڙ اها ڪا سڀ کان اهم خصوصيت نه آهي.

ٽام جونز انگريزي طبع زاد ادب ۾ سڀ کان پهريون ۽ شايد واحد هيرو آهي جيڪو نهن کان چوٽي تائين قابل اعتبار لڳي ٿو ۽ جيتوڻيڪ سڀني لاءِ نه ته به اڪثر ماڻهن لاءِ تمام وڻندڙ آهي. هو ڏسڻ ۾ سهڻو، سگهارو ۽ هوشيار آهي پر هو ڪنهن سٺي دل رکندڙ ذهين نوجوان جي تصور کان گهڻو پري آهي. هن جو جسماني مسرتن جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ وارو لاڙو سندس سٺن احساسن کان وڌيڪ سگهارو آهي. ٽام جونز پنهنجي لنڊن واري فيشني ساهيڙي کان پئسا ڏوڪڙ به وٺي ٿو. اها هر دور ۾ هڪ عام رواجي ڳالهه رهي آهي ۽ اوڻيهين صدي جي ڀيٽ ۾ ارڙهين صدي ۾ انهي جي نندا به گهٽ ڪئي ويندي هئي. هو هڪ مهم جو ۽ خطرا کڻندڙ به آهي پر انهي ڳالهه جو بيان نه ٿو ملي ته هن ڪا محنت مشقت به ڪئي هئي. باقي ايترو سو آهي ته هو پنهنجي زندگي وڌ ۾ وڌ دلچسپ نموني گذاريندو هو. هن کي جيتوڻيڪ هيروئين صوفيا وارين سان شديد جذباتي لڳاءُ رهيو آهي جنهن سان کيس ننڍي هوندي کان محبت هئي ۽ جنهن سان هو تمام بهترين حالتن ۾ شادي ڪري ٿو انهي جي باوجود به ڪا سهڻي عورت ڏسي سندس دل هٿن مان وڃي ٿي هلي. جون مهيني جي هڪ شام جو وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ هلندي جڏهن بلبلون ٻوليون ٻولي رهيون هيون ۽ ڀر ۾ هڪ ندي وهي رهي هئي ته سندس دل سندس پياري صوفيا جي محبت سان ڀرجي وئي. هن کي هٿ ۾ هڪ چاقو هو ۽ هو وڻ تي سندس نالو اُڪرڻ تي هو جو اوچتو سندس نظر هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري تي پئجي وئي. هو انهي سان همبستر ٿيو هو. هو انهي ڇوڪري جي رستي کان پري ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ هوءَ هن ڏانهن وڌي رهي هئي:

”۽ هو انهن لفظن تي ڇرڪجي پيو ۽ کڻي جو ڏٺائين ته سامهون سندس صوفيا نه، نه ئي ڪا سرڪيشيائي ڇوڪري تمام قيمتي ۽ سهڻا ڪپڙا پهريون بيٺي هئي. پر سندس سامهون بيٺل ڇوڪري کي تمام ٿلهو ۽ ميرو گائون پهريل هو. هن جيئن ته سڄو ڏينهن محنت مشقت ڪئي هئي تنهن ڪري سندس جسم مان هڪ قسم جي تيز بوءَ پئي آئي. سندس هٿ ۾ هڪ ڏانداري هئي. سندس نالو پولي سيگرم هو، ڇوڪريءَ سندس ويجھو اچي هڪ مرڪ سان رڙ ڪئي: ”نواب صاحب، منهنجو خيال آهي توهان مون کي مارڻ جو ارادو نه ٿا رکو“. ”تون ڇا لاءِ ٿي سوچين ته آءٌ توکي ماريندس“. جونز ورندي ڏني. ته هن چيو ”جڏهن اسين آخري دفعو مليا هئاسين تڏهن توهان جي مون سان بي رحميءَ واري سلوڪ سبب آءٌ سمجهان ٿي ته مون کي ماري ڇڏڻ شايد سڀ کان وڏي مهرباني ٿيندي“.

”هتي انهن ۾ اهڙي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي جيڪا بيان ڪرڻ آءٌ واجب نه ٿو سمجهان تنهن ڪري انهي کي حذف ٿو ڪري ڇڏيان. ايترو ٻڌائڻ ڪافي آهي ته اها ڪلاڪ جو چوٿون حصو جاري رهي ۽ انهي جي پڄاڻي تي اهي وڻن جي جهڳٽي جي سڀ کان گهاٽي حصي ڏانهن ويا هليا“.

ٽام جونز صوفيا جي محبت جي سبب جيتوڻيڪ هرکجڻ کان ته نه ٿي رُڪجي سگهيو پر اها تمام شديد ۽ مستقل هئي. وري صوفيا به پنهنجي تمام سونهن سوڀيا جي باوجود اهو نه ٿي سمجهيو ته ٽام هن جي لائق نه آهي. انگريزي ناول جي شروعات ۾ ئي فيلڊنگ اهو ڪم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ٻئي ڪنهن انگريز نه ڪيو آهي يعني هن هڪ اهڙو ڪردار تخليق ڪيو آهي جيڪو ”بلڪل عام رواجي شهوت پرست انسان آهي. پر اهو شهوت پرست انسان جو تمام وڻندڙ قسم آهي. ۽ انهي کي ناول جو هيرو ۽ مرڪز بڻايو اٿائين.

ڪتاب جي حقيقت نگاريءَ سان گڏوگڏ ٽام جي غير نيڪوڪار فطرت، مهذب ۽ سهپ واري ارڙهين صدي جي ڪجھ ماڻهن کي پسند نه آئي. مثال طور ڊاڪٽر جانسن کي فيلڊنگ جو ڪم پسند نه هو. اڳتي هلي اوڻيهين صدي ۾ ڪجھ نقادن فيلڊنگ جي بي اخلاقي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ هڪ عورت ناول نگار ته هنن لفظن ۾ ڄڻ ته پنهنجي دور جي جذبن جي ترجماني ڪئي ته سندس روش خياليءَ واري دور ۾ فيلڊنگ ناول ”زهريلي دونهين وانگر هوا ۾ تحليل ٿيندا ٿي ويا. ”خوش قسمتي سان پوئين دور جي ماڻهن جي اهڙي راءِ نه آهي ۽ اهو به چئي ڇڏڻ گهرجي ته ناول پهريون دفعو منظر تي اچڻ سان ئي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ انهي دور جي ٻين ليکڪن سميت گبن به انهي کي تمام وڏو ڪم قرار ڏنو ۽ اسڪاٽ ۽ ٿيڪري جيتوڻيڪ ڪي تنقيدون ڪيون پر فيلڊنگ جي ڏات کي تسليم ڪيو. ٿيڪري ته سندس پنهنجي دور جي تنقيد ۾ انهيءَ ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته: ”ٽام جونز اهو آخري ڪتاب هو جنهن ۾ ڪنهن انگريز ناول نگار کي ڪنهن انسان جي تصوير ڪشي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.

ناول ۾ ٽام جونز جي ڪردار کان سواءِ به ڪيتريون اهڙيون بهترين ڳالهيون آهن جيڪي مختلف ماڻهن لاءِ مختلف درجي جي دلچسپيءَ جو سبب ٿي سگهن ٿيون. فيلڊنگ نه ئي پڙهندڙن کي ڪي سکڻا ٽهڪ ڏيارڻ لاءِ ڪا مزاحيه ڳالهه لکي نه ئي انهي لاءِ ڪنهن تي ڪا چوٽ ۽ چٿر ڪئي ته جيئن انهن کي اندران خالي ۽ ڇسو ڏيکاري سگهي پر هو جدا جدا حالتن ۾ خود ماڻهن کان ڪي اهڙا ڪم ڪرائيندو هو جو اهي مزاحيه ۽ کل جوڳا لڳندا هئا. دلڪش مسٽر جونز ڏانهن هڪ امير ترڪ واپاري جي بيوه زال جو لکيل خط به هڪ ئي وقت ڏاڍو دل کي ڇهندڙ ۽ حماقت تي ٻڌل آهي. انهي بيوه جي ”تمام سٺي صحت، گرم مزاج ۽ چڱي خاصي مذهبي لاڙي“، هن لاءِ ٻيو دفعو شادي ڪرڻ ضروري ڪري ڇڏي هئي.

”سائين،

جڏهن کان مون توهان کي پهريون دفعو ڏٺو آهي مون کي گمان آهي ته منهنجين اکين توهان کي چٽي طرح ٻڌائي ڇڏيو آهي ته توهان به منهنجي خيال کان غافل نه آهيو. حقيقت هي آهي ته توهان جتي ترسيل آهيو اتان جي عورتن منهنجي آڏو توهان جي ڪردار جي تصوير اهڙي انداز ۾ پيش ڪئي آهي ۽ توهان جي نيڪي ۽ سٺائي بابت مون کي ايتريون ته ڳالهيون ٻڌايون آهن جو مون کي يقين ٿي ويو آهي ته توهان نه فقط تمام وڻندڙ پر تمام اهل مرد آهيو. مون کي ايتري دولت آهي جيڪا اسان ٻنهي کي خوش رکڻ لاءِ ڪافي آهي پر اها مون کي توهان کان سواءِ خوش نه ٿي رکي سگهي. آءٌ ڄاڻان ٿي ته پنهنجو پاڻ اهڙي طرح حوالي ڪرڻ سان مون تي دنيا طرفان لعنت ملامت ٿيندي پر آءٌ جيترو دنيا کان ڊڄان ٿي انهي کان وڌيڪ توهان سان محبت نه ڪريان ها ته آءٌ ڀانيان ٿي ته آءٌ اوهان جي لائق نه هجان ها. مون کي فقط هڪ دشواري روڪيو بيٺي آهي ته مون کي خبر پئي آهي ته توهان جو هڪ فيشني عورت سان جوانمرديءَ وارو تعلق آهي. توهان جيڪڏهن سمجهو ته توهان مون کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهي جي قرباني ڏئي سگهو ته آءٌ توهان جي آهيان. جيڪڏهن ائين نه ڪري سگهو ته منهنجي ڪمزوري درگذر ڪري ڇڏجو ۽ هن ڳالهه کي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ هڪ دائمي راز رهڻ ڏجو.

ارابيلاهنٽ

انهي کان پوءِ اها ڳالهه اچي ٿي جنهن کي ناول جو ماحول يا شاعري چوڻ گهرجي. نواب ويسٽرن جي گهر جي چوڌاري هڻڪارون ڪندڙ گهوڙا ۽ ڀونڪندڙ ڪتا بيٺل آهن. انهي جي پٺئين پاسي وارين گهٽين مان صُوفن جي خوشبو ايندي رهي ٿي ۽ صوفيا جي ڪمري جي پرتعيش سادگي ۽ نواب صاحب جي پُرتجسس ڀيڻ جي رهائشي حصن سميت گهر جي ٻين زنانن حصن ۾ مردانگي بي ترتيبي داخل ٿيڻ کان رهي نه سگهندي هئي. ٽام جي سفر دوران ايندڙ زميندار گهراڻن مان هر هڪ عورت جيتوڻيڪ ٻين کان جدا ۽ منفرد آهي پر اهي خوشامد، منافقت، مزاح ۽ هڪ بنيادي حياتيت جي عجيب ميلاپ جي لحاظ کان هڪ جهڙيون آهن. اهو ميلاپ ارڙهين صدي جي اهڙن ماڻهن جي اهم خصوصيت ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

ناول جي وچ ۾ ٽڪريءَ جي پوڙهي ماڻهو جو عجيب واقعو اچي ٿو. انهي ۾ هڪ مردم بيزار ماڻهو ٽام جونز کي پنهنجي زندگي جي آکاڻي ٻڌائي ٿو. اهو ماڻهو انسان ذات سان تعلق ختم ڪري هڪ ٽڪريءَ جي اڙانگي پاسي تي هڪ گهر ۾ وڃي رهيو هو. پوڙهو ماڻهو 1685ع ۾ سيج مور ۾ مون مائوٿ پاران وڙهيو هو ۽ اهو واقعو ٽام جونز کي انگريزي تاريخ جي ڌارا ۾ شامل ڪري ٿو. وري ناول ۾ اهو به ذڪر آهي ته ٽام جونز ڪيئن نه مسز واٽرس نالي هڪ سهڻي عورت کي مينڊپس ۾ وڻن سان ڀريل هڪ جبل جي ڪڇ ۾ هڪ لُچ آفيسر کان بچايو هو هن آفيسر انهي عورت تي حملو ڪري سندس ڪپڙن جون مٿيون حصو ڦاڙي ڇڏيو هو.

هن ليکڪ جي نظر ۾ فيلڊنگ جي ڪم جي دائمي دلچسپي جو سبب ڪجھ اهڙا لمحا آهن جن ۾ ڳالهين ٻولهين ۽ واقعن جو سلسلو هلندي ماڻهو کي اوچتو اها ڳالهه محسوس ٿئي ٿي ته انساني فطرت جي اها مزاحيه ڳنڀير تصوير اڃا ڪنهن وڌيڪ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي. ٽام، بليفل ۽ صوفيا اڃا ننڍا ٻار آهن، صوفيا وٽ هڪ پکي آهي. اهو کيس ٽام ڏنو هو جنهن کي صوفيا پاليو آهي. بليفل کيس چوي ٿو ته هو کيس اهو پکي ٿوري دير پنهنجن هٿن ۾ جهلڻ لاءِ ڏئي ۽ صوفيا جڏهن کيس اهو ڏئي ٿي ته هو ڄاڻي واڻي انهي کي اڏاري ڇڏي ٿو. اهو پکي اڏامي جنهن وڻ تي ويٺو هو ٽام انهي تي چڙهي وڃي ٿو ۽ انهي کي پڪڙڻ تي هو ته ٽاري ڀڄي پئي ۽ ٽام مٿي ڀر هيٺان وهندڙ واهه ۾ اچي ڪريو. ٻه نصيحتون ڪندڙ استاد اسڪئائر ۽ ٿيڪم جيڪي نواب آل ورٿي جا نمڪ خوار آهن اهي ٻچاٻڙي بليفل جو بچاءُ ڪن ٿا ۽ ان جي خوشامد ڪن ٿا ۽ ٽام کي لوئين ٿا. مسٽر آل ورٿي نواب ويسٽرن ۽ اتي بيٺل هڪ وڪيل انهي واقعي تي تفصيلي بحث ڪن ٿا. ٿيڪم چوي ٿو ته بليفل پکي آزاد ڪري عيسائي سوچ مطابق ڪم ڪيو. توهان اها ئي هلت هلو جيڪا توهان خود چاهيو ته توهان سان ڪئي وڃي. نواب جيئن ته هڪ خدا ۾ يقين رکندڙ آهي تنهن ڪري چوي ٿو ته ڪنهن به شي کي قيد ۾ رکڻ فطرت جي قانون جي خلاف آهي ڇاڪاڻ ته هر شي کي آزاد رهڻ جو حق آهي ۽ اها ڳالهه ”شين جي دائمي بهتري“ جي اصول جو حصو آهي. فيلسوف پاڻ ۾ تڪرار ڪندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ انهن جو انهي ڳالهه تي اتفاق آهي ته بليفل چڱو ڪم ڪيو هو. نرم مزاج آل ورٿي اهو پيش ڪري ٿو ته ٽام پاران پکي کي ٻيهر پڪڙڻ شايد غلط ڪم هو پر هو کيس انهي تي ڪا سزا نه ڏيندو ڇاڪاڻ ته هن اهو ڪم نيڪي جي جذبي هيٺ ڪيو هو. وڪيل چوي ٿو ته بليفل جيڪڏهن ڪي تتر آزاد ڪري اڏاري ڇڏي ها ته سندس اهو عمل نواب ويسٽرن لاءِ شايد نقصان ڪار هجي ها ڇاڪاڻ ته اهو به ملڪيت جو حصو هو پر جيئن ته بليفل جيڪو پکي آزاد ڪيو هو اهو گهٽ حيثيت وارو ۽ فقط ٻوليندڙ پکي هو تنهن ڪري قانون موجب ڪو به ڏوهه نه ٿيو هو. نواب ويسٽرن سنگت کي اهو چئي ڳالهه کٽائي ٿو ته هلي شراب جا ڪي جام چاڙهيو ۽ اهو به چوي ٿو ته ماڻهو جيڪو ڪجھ چوندا رهيا آهن کيس انهي مان هڪ لفظ به سمجهه ۾ نه آيو آهي:

جيڪڏهن آءٌ اها ڳالهه سمجهي وڃان ته منهنجي علم ۾ واڌارو ٿيندو پر توهان مون کي ريهي ريبي مون کان اهو ڪم نه ڪرائي سگهنداؤ.. توهان ٻنهي مان ڪنهن هڪ به انهي غريب ڇوڪر جي حمايت ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو آهي جيڪو واکاڻ جو حقدار آهي. هن پاران منهنجي ڌيءُ کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جوکي ۾ وجھڻ وڏي دل گردي وارو ڪم هو: مون کي ايتري ڄاڻ آهي جو آءٌ اها ڳالهه سمجهي سگهان ٿو. خير ڇڏيو انهي ڳالهه کي! اچو ته ٽام جي صحت جو جام نوش ڪريون. انهي ڪم لاءِ آءٌ ڇوڪري سان محبت ۽ پيار ڪندو رهندس.

اتي اوچتو اها ڳالهه محسوس ٿئي ٿي ته فيلڊنگ انسان جي ڪردار ۽ سندس اُڌمن جي حقيقت بابت هڪ وڏو فيصلو ڏئي ويو آهي. اهو فيصلو انهي لحاظ کان وڌيڪ پڪو پختو ۽ دل کي ڇهندڙ آهي جو اهو بيڪار ۽ واندن ماڻهن جي هڪ ٻاراڻي عمل بابت بي مقصد ڳالهه ٻولهه مان فطري طور ڦٽي نڪري ٿو.

فيلڊنگ جي ادنيٰ ۽ اعليٰ انساني فطرت بابت گهري ڄاڻ جو سرچشمو سندس سوچ جي وسعت ۽ پڻ سندس زندگي بابت گوناگون تجربو هو. فيلڊنگ 1707ع ۾ شارپهام پارڪ ۾ هڪ وڏگهراڻي سمر سِٽ ڪٽنب ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ ڪرنل فيلڊنگ جو گذر سفر تنگ حالتن ۾ ٿيندو هو. انهي هوندي به هن پنهنجي پٽ کي هالينڊ ۾ ليڊن يونيورسٽي موڪلڻ جو بندوبست ڪري ورتو. پر کيس پنهنجي پٽ جون فيون ۽ خرچ جا پئسا ڏيڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي پُرجوش روح رکندڙ هينري فيلڊنگ جيتوڻيڪ وڪالت جي تعليم حاصل ڪئي پر ٿيئٽر سان وابسته ٿي ويو ۽ ڪيترائي ڊراما لکيائين ۽ تمام غريبي واري ۽ آزاد ۽ لا اُبالي زندگي گذاريندو هو. هن 28 ورهين جي ڄمار ۾ هڪ ننڍي جائيداد جي مالڪياڻي سان شادي ڪري پنهنجو زندگي جو انداز تبديل ڪري ڇڏيو. هن کي انهي مائي سان والهانه محبت هئي ۽ اها ئي صوفيا جي ڪردار جو منڍ آهي. هن کي ساڳئي وقت پنهنجي ماءُ کان به هڪ ننڍي جائيداد ورثي ۾ ملي. پر سندس سموري دولت شهرن جي مضافاتي علائقن ۾ عيشن واري زندگي گذارڻ سبب جلد ئي ختم ٿي وئي ۽ هو پنهنجي زال سان گڏ لنڊن موٽي آيو جتي وري ٿيٽر ۽ صحافت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.

سندس قانون جي تعليم، سندس ڪامن سينس، سندس انسان دوستي ۽ زندگي جي اصلي رخ جي ڄاڻ کيس سرڪار پاران مليل بو اسٽريٽ (Bow Street) ۾ وظيفو وٺندڙ مئجسٽريٽ واري منصب لاءِ تمام مناسب خصوصيتون هيون. انهي منصب سان گڏوگڏ کيس ڪئارٽر سيشنز جي چيئرمئن جو منصب ملڻ سان هو لنڊن ۾ ڪاروايون ڪندڙ خطرناڪ ڏوهاري ٽولن کي سوڙهو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهيو هو. هن ڏوهن جو صفايو ڪرڻ جو ڪجھ اڻ وڻندڙ ڪم تمام گهڻي جانفشاني ۽ همٿ سان ڪيو. هن پنهنجي گهر واري جي خادمه ميري ڊينئل سان شادي ڪئي جيڪا سندس پهرئين شادي مان پيدا ٿيل ٻارن جي سارسنڀال لهندي هئي. پر 1751ع ۾ سندس آخري ناول اميليا اچڻ تائين سندس جسماني قوتون ختم ٿيڻ لڳيون هيون جو هڪ ته هن جي جواني عياشين ۾ گذري هئي ۽ ٻيو ته عمر جي وچئين حصي ۾ ليکڪ ۽ مئجسٽريٽ طور به هن ڏاڍي محنت ڪئي هئي. هو 1754ع ۾ پنهنجي صحت جي بحالي لاءِ پنهنجي ڪٽنب سميت سامونڊي جهاز ذريعي لسبن ويو پر انهي ئي سال آڪٽوبر مهيني ۾ فوت ٿي ويو ۽ کيس اسٽريلا جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اهو لسبن شهر جو نيم ديهي مضافاتي علائقو آهي.

فيلڊنگ جو انساني فطرت جا پنهنجي رنگارنگي ۽ گهرائي سان جيڪي چٽ ويهي چٽيا آهن انهن لاءِ خام مال کيس پنهنجي زندگي مان مليو آهي. انگريزي زبان ۾ سڀ کان وڏو ناول ڪهڙو آهي انهي موضوع تي بحث مباحثي جي مشغولي شايد ته بيسود ثابت ٿيندي پر اها شايد غير دلچسپ نه هوندي. ٿيڪري جي وينٽي فيئر؛ ڊڪنس جي اوليورٽئسٽ يا بلئڪ هائوس کي ڪيترائي طرفدار ملي سگهن ٿا. ساڳئي طرح جين آسٽن يا ٿامس هارڊي جي ڪمن کي طرفدار ملي سگهن ٿا. هائو! جڏهن ڪنهن هڪ نالي تي ماڻهو يڪراء ٿي ويندا ته ممڪن آهي ته ڪير اوچتو پڇي وٺي: ٿام جونز بابت ڇا راءِ آهي؟ ”۽ موجود سنگت پنهنجي فيصلي جو ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ مجبور ٿي ويندي. انهي جو سبب اهو آهي ته ٿام جونز کي ٻين سڀني انگريزي ناولن تي برتري جا ڪيترائي سبب آهن. فيلڊنگ جي تحرير ۾ هڪ آفاقي خصوصيت آهي، هو جنهن دنيا جو بيان ڏئي ٿو انهي تي مڪمل مهارت اٿس، هن وٽ جانبداري ۽ جذباتيت نه آهي ۽ نه ئي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ مردن ۽ عورتن کي سمجهڻ جي صلاحيت جي کوٽ آهي. اها صلاحيت اسان کي فقط شيڪسپيئر ۾ نظر اچي ٿي. پر فيلڊنگ وٽ شيڪسپيئر واري اونهي شاعراڻي جذبي جي کوٽ آهي. هن وٽ الميائي (Tragic) عنصر نه آهي. پر اها حقيقت آهي ته ٽام جونز جي ڪردارن جي ميڙ مان هر هڪ اهڙي ته پورڻتا ۽ پختگي سان تخليق ٿيل آهي جيڪو انهن کي هر تنقيد کان محفوظ ڪري ڇڏي ٿو ۽ انهن جي وجود بابت به ڪو شڪ شبهو نه ٿو رهي. هڪ عظيم انگريز نقاد جارج سينٽس بري، ٽام جونز بابت هڪ بهترين، خاموش ۽ حتمي تعريفي راءِ هنن لفظن ۾ ڏني آهي: ”ٽام جونز هر مرد ۾ يا عورت اهو ئي ڪم ڪري ٿو جيڪو کيس ڪرڻ گهربو هو. انهي مان منهنجو مطلب اخلاقي نقطه نگاهه کان نه آهي ڇو ته انهي سان آءُ چرچ ۽ استادن ٻنهي جي نندا جو نشانو بڻجي ويندس پر منهنجو مطلب اهو آهي ته ٽام جونز جا ڪردار اهو ئي ڪن ٿا جيڪو انساني فطرت جي امڪانن ۽ عظيم آرٽ جي گهرجن مطابق آهي.

 

26. دي ايج آف لوئي XIV

-- وولٽيئر --

 

تحريري تاريخ جا ڪيترائي قسم آهن. انهيءَ ۾ مذهبي تاريخ به اچي وڃي ٿي. اها عهدنامي قديم ۾ ڏسي سگهجي ٿي. وري ”ڪئمبرج ماڊرن هسٽريز“ جهڙا ڪتاب به آهن جن ۾ هڪ کان وڌيڪ اسڪالر هڪ ڪتاب جا جدا جدا ڀاڱا لکندا آهن ۽ انهن جو تعلق ڪنهن خاص دور جي سڀني معلوم حقيقتن کي گڏ ڪرڻ ۽ بيان ڪرڻ سان هوندو آهي. انسان ذات عام طور تاريخ کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿي. پوءِ اها تاريخ مقابلتاً ننڍي پيماني تي هجي جهڙوڪ ٿيو سيڊائيڊز پاران پيلو پونيشيائي جنگ جو احوال آهي يا ”ڊڪلائين اينڊ فال آف رومن ايمپائر“ وانگر تمام وسيع دائري واري تاريخ هجي جنهن ۾ مورخ جو ڪردار مواد مان تجلا پيو ڏيندو آهي. ”تجلا پيو ڏيندو آهي“، جا لفظ بيجا طور ڪتب آيل آهن نه ڇاڪاڻ ته عظيم مورخ پنهنجي موضوع تي ڪو اسلوب مڙهڻ نه گهرندو آهي. سندس پهريون فرض سچ جي خدمت گذاري ڪرڻ ۽ سندس وڏي ۾ وڏو گناهه حقيقتن کي غلط نموني بيان ڪرڻ هوندو آهي. انسان ذات ٿيوسيڊائيڊز، گبن، سيزر، ٽيسيٽس، فروئيسار (Froissart)، مشلي، ميڪالي ۽ جان گرين کي تمام گهڻو مان ڏئي ٿي ڇاڪاڻ ته انهن جا ڪتاب پڙهندي ماڻهو ڪنهن حقيقتون گڏ ڪندڙ ذهن سان نه پر هڪ عظيم ذهن سان رابطي ۾ هوندو آهي.

هاڻي وولٽيئر جي لوئي چوڏهين جي تاريخ کي شايد دنيا جي عظيم تاريخن ۾ ڳڻي نه سگهجي پر جيڪڏهن انهي کي خاص طور فقط هڪ تاريخ سمجهيو وڃي ته اهو پهرئين صف جو ڪتاب آهي. هڪ ته موضوع ۽ ليکڪ ۾ جيڪا وڇوٽي هئڻ گهرجي اها هن ۾ نه آهي ٻيو ته انهي ۾ بيان ٿيل واقعن پٺيان اها گهري سوچ نه آهي جيڪا ڪنهن تمام عظيم تاريخ جي بنيادي خصوصيت هوندي آهي. وولٽيئر هن ڪتاب ۾ ڪجھ اهڙو مواد به شامل ڪيو اهي جيڪو شايد ته سچائي تي ٻڌل نه آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن طرفداري کان به ڪم ورتو آهي. جيئن سندس لکت جو دستور آهي کيس جيڪا شي نه ٿي وڻي هو انهي کي حذف ڪري ڇڏڻ کان ئي نه ٿو ڪيٻائي. پر ڪتاب جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اهو منڍ کان پڇاڙي تائين جاندار ۽ دلچسپ آهي. اهو تمام گهڻا واقعا ۽ حڪايتون شامل هئڻ سبب تمام ڀرپور ۽ دلچسپ ٿي پيو آهي. اهي واقعا هن انهن مردن ۽ عورتن کان ٻڌا هئا جن خود انهن ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو هو.

وولٽيئر جي تاريخ لڳ ڀڳ 1715ع ۾ لوئي چوڏهين جي وفات تي پڄاڻي تي پهچي ٿي. هو پاڻ 1694ع ۾ ڄائو هو ۽ تنهن ڪري مارشل ولارز جهڙن ڪيترن ماڻهن سان واقفيت ڪرڻ جي قابل ٿي سگهيو هو. هو لوئي چوڏهين جي زوال جي ورهين جي چند سٺن جرنيلن مان هڪ هو. ۽ ڪيترن ئي ذريعن مان ڪيترائي راز کوليندڙ واقعن بابت به کيس ڄاڻ حاصل ٿي سگهي هئي. وولٽيئر هڪ دفعو چيو هو ته تاريخ گهڻي ڀاڱي مُئلن سان اٽڪلون ڪري رهي هئي ۽ ”توهان جنهن شخص سان زندگي گذاري ئي نه آهي انهي جو پورٽريٽ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڪا وڏي ٻٽاڪ هڻڻ جي برابر آهي“. وولٽيئر جي ”The Age of Louis XIV“ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ پهرئين تاريخ آهي جنهن ۾ گپ شپ کي ناپسند نه ڪيو ويو آهي ۽ هي ڳالهه اسان جي پنهنجي دور جي مزاج جي به مطابق آهي ته انهي ۾ موضوع جلدي تبديل ٿيندا رهن ٿا پر اها شروعاتي مختصر اثر کان پوءِ هميشه هڪ يادگار اثر ڇڏي ٿي. لوئي چوڏهين جي ننڍي عمر جي دور ۾ لنڊن جي مختصر خاڪي ۾ هڪ بهترين جملي جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. انهي ۾ هن ڪرامويل پاران لنڊن تي حڪمراني جو بيان ڏنو آهي: ”هن کي هڪ هٿ ۾ بائيبل ۽ ٻئي هٿ ۾ تلوار آهي. هن کي پنهنجي منهن تي مذهب جو نقاب پهريل آهي ۽ هو پنهنجي حڪومت ۾ هڪ عظيم بادشاهه جي خصوصيتن هيٺان هڪ غاصب جا ڏوهه لڪايون ويٺو آهي.“

وولٽيئر پنهنجي ماءُ پيءُ جو پنجون ٻار هو. سندس پيءُ فرانڪوئي آروئي (Francois Arouet)پيرس ۾ قانوني دستاويزن جي تصديق جو ڪم ڪندو هو جڏهن ته سندس ماءُ بابت ڪا گهڻي ڄاڻ نه آهي. وولٽيئر ستن ورهين جي ڄمار جو هو ته اها گذاري وئي. پر اها سٺي خاندان جي هئي ۽ نوجوان آروئي کي فيشني طبقي ۾ به هن ئي متعارف ڪرايو هو. وولٽيئر کي يسوعين کان سٺي تعليم ملي ۽ سترهن ورهين جي ڄمار تائين پهچندي پهچندي هو هڪ ڏنگو ٻار ليکجڻ ۾ اچڻ لڳو هو ۽ هن تڏهن ئي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته سندس ڪم جو ميدان ادب ٿيندو. هو نوعمري جي زماني ۾ ئي ڪنهن حد تائين بدنام ادبي حلقي ۾ اٿڻ ويهڻ لڳو جنهن کان سندس پيءُ کيس پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ ڊچيزڊي مين (Maine) هڪ اڀرندڙ ليکڪ طور سندس سرپرستي ڪئي ۽ هن بظاهر ته قانون جي تعليم حاصل ڪندي ڪيترائي سياسي هجويه نظم لکيا. لوئي پندرهين تي ڪيترائي طنزيه نظم لکيائين. کيس 1718ع ۾ ڪجھ هفتن لاءِ باسل جيل موڪليو ويو. انهي جيل جي رڪارڊ مان خبر پوي ٿي ته هو تڏهن پاڻ کي اروئي ڊي وولٽيئر سڏائڻ لڳو هو. انهي نالي جي اصليت بابت ڪو پتو نه آهي جڏهن ته وولٽيئر پاڻ اها دعويٰ ڪندو هو ته اهو سندس ماءُ جي خاندان سان واسطو رکي ٿو.

هن جي سموري زندگي اختيارين سان سندس جهيڙي جو سلسلو هلندو رهيو ۽ هن پاران ڪڏهن بادشاهه، ڪڏهن چرچ ته ڪڏهن سماج جي ڪا ناقابل معافي بيعزتي ڪرڻ يا انهن تي ڪا چٿر ڪرڻ تي هن جي ڪڏهن عزت افزائي ته ڪڏهن بيعزتي يا ديس نيڪالي ملندي رهي. فريڊرڪ اعظم جي نالي سان مشهور، فريڊرڪ ٻيون، پُرشيا جو بادشاهه به ڪڏهن سندس دوست ته ڪڏهن سخت دشمن هوندو هو. سندس ديس نيڪالي وارا دور عملي طور هميشه ڏاڍا آرام ۾ گذرندا هئا ۽ اهي گهڻو ڪري مختصر هوندا هئا. کيس اوائل نوجواني واري عمر کان ئي پئسي دولت ۾ دلچسپي هوندي هئي ۽ هو سٽي بازي يا ٻين ذريعن سان سدائين اها چڱي خاصي هٿ ڪري وٺندو هو. ۽ هو سدائين وڏن عهدن وارا دوست ۽ سرپرست به ڳولهي وٺندو هو. سندس رولاڪ زندگي 1778ع ۾ سندس موت تائين جاري رهي. تڏهن هو پنهنجي جلاوطني کان آخري دفعو پيرس موٽيو تڏهن سندس خيرخواهه لوئي چوڏهون تخت تي هو.

هن پنهنجي ”لوئي چوڏهين جو دور“ لاءِ يادگيريون گڏ ڪرڻ جو ڪم تمام ننڍي عمر کان ئي شروع ڪري ڇڏيو هو پر هن ڪتاب لکڻ جو ڪم 1743ع ۽ 1746ع جي وچ ۾ شروع ڪيو. پوءِ به اهو پيرس ۾ منظر تي نه آيو. اهو بنيادي طور سندس ذهني پختگي جي دور وارو ڪتاب آهي ۽ اهو 1726ع ۽ 1729ع جي وچ ۾ انگلينڊ ڏانهن ڊگهن سفرن کان پوءِ لکيل آهي. انهي عرصي دوران وولٽيئر جو ذهن چڱي حد تائين بلوغت تي پهچي چڪو هو. هو انگلينڊ جي سفر کان اڳ فرانس ۾ هڪ هوشيار ڊراما نويس ۽ سياسي شاعر طور ته اڳيئي مشهور هو پر هو انگلينڊ مان گهڻو ڏاهو ۽ گهڻو دولتمند ٿي موٽيو. لنڊن ۾ سندس دوستن ۽ واقفڪارن ۾ ڪانگريو، پوپ بولنگ بروڪ ۽ وال پول گهراڻي جا ماڻهو شامل هئا ۽ کيس لنڊن سان سهپ، آزاد سوچ ۽ حقيقي آزادي جي ديس طور وڏي محبت ٿي وئي. هن انگلينڊ ۾ رهندي سئيڊن جي چارلس ٻارهين بابت پنهنجو تاريخي ڪم ڪيو. اهو مخفي طور فرانس ۾ ڇپيو وڃڻو هو.

لوئي چوڏهين جي دور جي سڀ کان وڏي خصوصيت اها آهي ته اهو فقط واقعن ۽ حڪايتن سان دلچسپ بڻايل ڪا سياسي تاريخ نه پر هڪ دور جي سچي پچي تصوير آهي. هو لکي ٿو ته، ”اسين جيڪو لکڻ چاهيون ٿا، اهو فقط لوئي چوڏهين جي حياتي جو احوال نه آهي. اسان جي سامهون هڪ وڏو مقصد آهي. اسين ايندڙ نسلن لاءِ فقط هڪ شخص جي عملن جي تصوير ڪشي نه ڪنداسين پر دنيا جي اکين آڏو گذريل تمام روشن خيال دور جي ماڻهن جو روح ڏيکارينداسين. وولٽيئر جو رايو هو ته دنيا ۾ ٻيا ٽي عظيم دور ٿي گذريا هئا: هڪ پيريڪلز جو جنهن ۾ اٿينيائي تهذيب پنهنجي عروج تي پهتي، ٻيو سيزر ۽ آگسٽس سيزر جو ۽ ٽيون اطالوي نشاة ثانيه جو. هو لوئي چوڏهين جي دور کي تمام اهم سمجهندو هو ڇاڪاڻ ته فرانس دنيا آڏو نطم ضبط ۽ تهذيب جو اهڙو مثال پيش ڪيو. جنهن ۾ آرٽس ۽ سائنس جي ميدان ۾ وڏي تخليقي سرگرمي به شامل رهي. ”نَو سو ورهين تائين“، هو لکي ٿو، ”فرانس جي ڏاهپ اختلافن ۽ گهرو لڙاين دوران هڪ گوٿڪ حڪومت هيٺ دٻي رهي. تڏهن نه ئي ڪو قانون نه ئي ڪي مقرر رواج هوندا هئا. اتان جا نواب ۽ سردار ڪنهن به نظم ضبط کان آجا هوندا هئا ۽ فقط سستي ڪاهلي يا جنگ کان واقف هوندا هئا، اتان جا پادري جهالت ۽ بي ترتيبي واري زندگي گذاريندا هئا ۽ اتان جي ماڻهن کي ڪو ڌنڌو واپار نه هوندو هو“. جيڪڏهن انهن مرضن کان جان ڇڏائڻي آهي، جيڪڏهن رياست کي سگهارو ٿيڻو آهي، جيڪڏهن آرٽس ۽ سائنس کي واڌويجھ وٺڻي آهي، ”وولٽيئر انهي ڳالهه کي تمام اهميت وارو سمجهي ٿو“، ته انهيءَ لاءِ يا ته عوام کي قانون تي ٻڌل آزادي هئڻ گهرجي يا ڪنهن اختلاف کان سواءِ اقتدار اعليٰ جو بول بالا ٿيڻ گهرجي“.

وولٽيئر انهي ڳالهه تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ته لوئي چوڏهين جي حڪمراني جي نتيجي ۾ فرانسي تهذيب- عورتن جون خوابگاهون، عمارتون، سماجي اٿڻي ويهڻي، آرٽس ۽ خاص طور ادب ۽ فوجي تنظيم ۾- اهڙو مثال ٿي وئي جنهن جي سموري يورپ پوئواري ڪئي. وولٽيئر سياسي لحاظ کان مطلق بادشاهت تي انگريزي نظام حڪومت کي ترجيح ڏيندو هو پر هڪ مورخ طور جنهن شي کيس سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو اها هي حقيقت هئي ته لوئي چوڏهين جڏهن- هو وڏي عرصي تائين ڪارڊينل مزارين جي اصل حڪمراني هيٺ نالي ماتر حڪمران هو. جهڙي طرح ڪمزور لوئي تيرهين، ريشلو هيٺ حڪمراني ڪئي هئي- پنهنجي مٿي فرانس تي حڪمراني ڪرڻ شروع ڪئي ته هن نظم ضبط ۽ چٽائي جي دور جي شروعات ڪئي.

حڪومت ۽ سماج ۽ انهي نظم ضبط ۽ چٽائي فرانس ۾ ادبي صلاحيت کي ڪيتري قدر هٿي وٺرائي انهي مسئلي بابت ڪير به ڪي پڪا اصول نه ٿو ٺاهي سگهي. اها پڪ آهي ته لوئي چوڏهون جنهن تي ڪيتري وقت کان قوم جون اکيون کُتل هيون اهو هڪ سٺي ذوق وارو شخص هو ۽ هن ريسائين ۽ موليئر جهڙن ليکڪن کي سندن سگهارن مخالفن ۽ دشمنن کان بچايو ۽ انهن جي همٿ افزائي ڪئي. جيئن ته فرانس جي وڏ گهراڻن جي زندگي ورسائي جي درٻار جي چوگرد ڦرندي هئي انهي سان هر قسم جي فني پيداوار کي هٿو هٿ وٺندڙ هڪ تمام ذهين، پرجوش ۽ نقاد طبقو پيدا ٿيو جيڪو بلاشڪ ته صلاحيتن جي واڌويجهه لاءِ تمام سازگار هو. پر جيڪڏهن سماج جي عظيم فنڪارن جي واڌويجهه تي اثرن بابت ڪنهن کي ڪي شڪ شبها هجن به ته به انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته لوئي چوڏهين جي دور ۾ اهڙا ماڻهو حيرت انگيز طور تي گهڻا هئا. لوئي چوڏهين جي ڊگهي دور ۾ فقط ادب جي ميدان ۾ ئي تمام گهڻا ماڻهو پيدا ٿيا جن مان فقط چند مشهور ماڻهن جا نالا هي آهن: پاسڪل، ڪارنيل، مادام ڊي لافائي، لارو شفوڪالڊ، بئائلو، بوسي، موليئر، ريسائين، لافونٽين لابرويئير ۽ سينٽ سائمن. ”لوئي چوڏهين جي دور کان پوءِ فطرت آرام جي حالت ۾ وئي هلي ۽ وڌيڪ ڪي به ڏات ڌڻي پيدا نه ڪيائين. اهي لفظ لکندي وولٽيئر جو ذهن جين زاڪ روسو جهڙن پنهنجن همعصرن خلاف تعصب کان خالي نه هوندو جيڪي پنهنجي بابت تمام سٺي راءِ رکندا هئا ۽ پاڻ کي عظيم صدي جي ماڻهن جي مٽ سمجهندا هئا.

ڪتاب واقعن ۽ حڪايتن سان ايترو ڀريل آهي جو پڙهندڙ کي اهو تاثر ملي ٿو ته اهو ڪنهن همعصر پاران لکيل آهي. ڪجھ شخصي خاڪن تي وولٽيئر جي ذاتي پسند ناپسند جي ڇاپ لڳل آهي پر اهڙا ٽڪرا به اڪثر شاندار آهن. مثال طور جيمس ٻئين بابت هي ٽڪرو پڙهو جيڪو 1688ع ۾ انگلينڊ مان جلاوطني کان پوءِ موٽيو هو ۽ لوئي چوڏهين هن جو ۽ سندس زال ۽ پٽ جو کلي دل سان آڌرڀاءُ ڪيو هو. ”انهي کان اڳ نه لوئي ايتري سٺي صورتحال ۾ آيو هو نه ئي جيمس انهي کان خراب صورتحال ۾ آيو هو. درٻارن ۽ شهرن جا رهواسي جيڪي ماڻهن جي شهرتن جا فيصلا ڪن ٿا انهن وٽ هن لاءِ ڪا به عزت نه هئي. هو يسوعين کان سواءِ ورلي ئي ڪنهن ماڻهو سان ملندو هو. هو انهن کي ٻڌائيندو هو ته هو پاڻ به هڪ يسوعي آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اها ڳالهه سچ هئي. ڪنهن شهزادي ۾ ايتري نيچائي هئڻ ۽ وري هن جنهن نموني ۾ پنهنجو تاج وڃايو هو انهي سان هو ايترو ته حقير ٿي ويو هو جو درٻارين جي سڀ کان وڏي وندر هن بابت گيت ٺاهڻ هوندي هئي. هن کي انگلينڊ مان نيڪالي ڏني وئي ۽ فرانس ۾ سندس اهلون ڪيون ويون. ڪيٿولڪ هئڻ سان به کيس ڪو فائدو نه مليو. لُوووئس جي ڀاءُ، رهيمز جي آرچ شپ، سينٽ جرمين ۾ پنهنجي ڪمري ۾ وڏي آواز ۾ اها ڳالهه چئي ته: ”اجهو اهو سادڙو پيو وڃي جنهن هڪ عشاء رباني (Mass) عيوض ٽي بادشاهتون وڃائي ڇڏيون. جيمس کي روم مان فقط پيار، پاٻوهه ۽ سهڻيون ڳالهيون مليون. ڳالهه کٽائڻي ته انقلاب جي سموري عرصي دوران سندس مذهب کيس ڪو فائدو نه ڏنو. جيمس کي پيرس جي هڪ ننڍڙي انگريزي ڪانوينٽ ۾ بيمارن کي هٿ لائيندي ڏسڻ ته ڪو غيرمعمولي منظر نه هوندو هو.“

ڪتاب ۾ لوئي چوڏهين جي نيڪوڪار پر تمام ذهين آخري داشته مادام ڊي مينٽينن جو به هڪ تمام مختصر خاڪو ڏنل آهي. اها لوئي جي بي جوڙ زال ٿي پر پنهنجي اعليٰ حيثيت مان ڪو به فائدو نه ورتائين. لوئي جي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ درٻار مان به رونق ختم ٿي وئي. بيمارين سبب بادشاهه جا ڪيترائي وارث مري ويا هئا ۽ اسپيني جانشيني جي جنگ به تمام غلط طرف ۾ هلي هئي. وولٽيئر بادشاهه جي داشته بابت هي تمام بهترين لفظ لکيا آهن: ”مادام ڊي مينٽينن جنهن کي فقط اها ئي ڳڻتي هوندي هئي ته هڪ عظيم بادشاهه سان پنهنجي زندگي جي يڪ رنگي کي ڪيئن برقرار رکي، انهي هڪ ڏينهن پنهنجي ڀاءُ کي چيو ته: آءٌ هنن ڳالهين کي وڌيڪ برداشت نه ٿي ڪري سگهان. جيڪر آءٌ مري وڃا ته چڱو. هن کيس هيءَ جواب ڏنو هو: ته پوءِ ڀلا مڙس طور توکي خود خدا ملڻ جو واعدو ٿيو آهي ڇا؟“

وولٽيئر جنهن دور کي ايترو شاندار سمجهندو هو انهي بابت سندس رايا لڳ ڀڳ اهڙا ئي آهن جهڙا موجوده دور جي اڪثر ماڻهن جا آهن. هن فرانسي پروٽيسٽنٽن کي تڪليفون ڏيڻ کي تمام وڏي غلطي سمجهيو ٿي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته اهڙي طرح فرانسي پروٽيسٽنٽن جا اهي وڏ گهراڻا اڳواڻ ختم ٿي ويا هئا جيڪي انهن کي سورهين صدي ۾ مليا هئا ۽ اهي مجموعي طور فرانس جا سٺا ۽ جفاڪش شهري ٿيندا ٿي ويا. وولٽيئر جي چوڻ مطابق لوئي چوڏهين کي انهن کي تڪليفون ڏيڻ لاءِ هڪ ته پادرين جي لڳاتار احتجاجن مجبور ڪيو هو ٻيو ته انهي لاءِ يسوعي به کيس سڌا اڻ سڌا اشارا ڏئي رهيا هئا ۽ وري مٿان روم جو دٻاءُ به هو. وولٽيئر جا جنگ جي بي فائدي هئڻ ۽ جنگ جي جنون کان نفرت بابت ويچار به تمام زوردار نموني  پيش ڪيا ويا آهن. وولٽيئر جو ڪيٿولڪ چرچ سان تڪرار جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو جو چرچ پاران جنگ جي نندا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ٿي ويو. هن پادرين بابت لکيو ته: روحن جا بدحال طبيبو! توهان هڪ ڪنڊي جي ايذاء بابت ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ زور زور سان ڳالهايو ٿا پر جنهن آزار اسان کي اندران وڍي هڪ هزار ٽڪر ڪري ڇڏيو آهي انهي بابت هڪ لفظ به نه ٿا چئو. اي فلسفيو ۽ اخلاق جا درس ڏيندڙؤ! پنهنجا ڪتاب کڻي ساڙي ڇڏيو.... مون کي جن ڳالهين جو سڀ کان وڌيڪ اونو آهي اهي آهن: انسان دوستي، خيرخواهي، وچٿرائي، شراب کان پرهيز، نرمي، ڏاهپ ۽ نيڪوڪاري.

لوئي چوڏهون اهڙو ماڻهو هو جيڪو سمجهندو هو ته جنگ بادشاهن جي شايان شان ڪم آهي. هن جيڪي جنگيون وڙهيون انهن جي ذريعي فرانس کي ذري گهٽ تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيائين. جيتوڻيڪ، جيئن وولٽيئر به ٻڌايو آهي فرانس جنهن جنگ ۾ شڪست کاڌي اها War of the Spanish Succession  هئي ۽ اها لوئي چوڏهين تي مڙهي وئي هئي. وولٽيئر پاران لوئي چوڏهين جو خاڪو ڪتاب جي سڀ کان خاصي جي شي آهي. ارڙهين صدي جي آخر کان پوءِ فرانس توڙي ٻاهر جي اڪثر وڏن مؤرخن عظيم بادشاهه- يا جيئن کيس سورج بادشاهه چيو ويندو آهي- . تي جُهلون ڪيون آهن. فرانسي مؤرخ سائينوبوس جي نظر ۾ هو هڪ اهڙو شخص آهي جنهن پنهنجي بابت دعوائون ته گهڻيون ئي ڪيون هيون پر هو اعليٰ خصوصيتن کان وانجهيل هو. شوقيه مؤرخ چرچل هن کي ناپسند ڪيو ٿي ۽ وڪٽوريائي جان رچرڊ گرين کيس متعصب، تنگ نظر، عام رواجي ۽ مغرور ڪوٺيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته لوئي چوڏهون وولٽيئر کي ناپسند هجي ها. ۽ اها حقيقت به آهي ته وولٽيئر جيڪڏهن پنجاهه ورهيه اڳ پيدا ٿيو هجي ها ۽ سندس محڪوم هجي ها ته هن کي ناپسند ڪري ها. پر في الوقت صورتحال اها آهي ته وولٽيئر لوئي جي هڪ اهڙي تصوير ٺاهي ٿو جيڪا تمام قابل قبول ۽ وڻندڙ آهي.

لوئي تي لڳندڙ الزامن مان سڀ کان عام اهو آهي ته هو تمام گهڻو مغرور هو. اها حقيقت آهي ته بادشاهه شان و شوڪت جي سموري ساز سامان سان گڏ ٻاهر اچڻ پسند ڪندو هو ۽ پنهنجي زندگي ڪنهن جشن جو حصو سمجهي گذاريندو هو. پر اها ڳالهه جيتوڻيڪ حد کان وڌيل انداز ۾ ڪئي وئي هجي ته به اها مطلق بادشاهه ٿيڻ جي اٽڪل جو هڪ حصو هوندي. پر شان و شوڪت جي انهي چاهه سان گڏ لوئي خوشامد کي ناپسند ڪندو هو، سمجهدار ماڻهن جي گفتگو کي پسند ڪندو هو ۽ جيڪڏهن ڪير سندس غلطي جي اصلاح ڪندو هو ته اها ڳالهه دل ۾ نه ڪندو هو. قابل تعريف حد تائين پنهنجي ذات تي ڪنٽرول هوندو هوس ۽ هر وقت هر هڪ سان مرد توڙي عورت ادنيٰ توڙي اعليٰ سان شائستگي سان پيش ايندو هو. هو پنهنجي سمورين ديدار بازين، داشتائن ۽ شڪار جي چاهه جي باوجود ڪم کي تفريح تي ترجيح ۽ اوليت ڏيندو هو. وولٽيئر لوئي کي سڀ کان اڳ بادشاهه طور سندس پيشي وراڻين صلاحيتن جي سبب پسند هو. هو پنهنجي ڪامن سينس جي مدد سان عملي طور هميشه سٺا وزير چونڊيندو هو ۽ هو جيتوڻيڪ انهن کي تمام ڌيان سان ضابطي هيٺ رکندو هو ۽ انهن کي پنهنجين نطرن ۾ تمام وڏو ٿيڻ نه ڏيندو هو ته به هر قسم جي سازشن خلاف انهن جي سچائي سان مدد ڪندو هو. جنهن لوئي چوڏهين ”بادشاهه جو ڪم عظيم، معزز ۽ دلپسند آهي“. جهڙا لفظ لکيا هئا اهو وولٽيئر جي پنهنجي دل وٽان هو. وولٽيئر لوئي تي جيڪڏهن تنقيد ڪئي آهي ته اها به سندس ڪجھ انتهائي وڏين شاهه خرچين سبب خاص طور ورسائي جي محلات تي ڪئي آهي جيڪو هن هڪ وڏي غيرآباد زمين جي ٽڪر تي ٺهرايو هو. وولٽيئر جو خيال هو ته بادشاهه اها رقم لوور ۽ پيرس تي خرچ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ها. هو لوئي بابت لکي ٿو: ”اسان جيڪو ڪجھ بيان ڪيو آهي انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو بادشاهه عظمت ۽ شان و شوڪت کي پسند ڪندو هو. هن جهڙا عظيم ڪم سرانجام ڏيندڙ شهزادي جون جيڪڏهن عادتون ۽ اطوار سادگي وارا هجن ها ته اهو بادشاهن ۾ پهرئين نمبر تي هجي ها ۽ لوئي چوڏهون ٻئين نمبر تي هجي ها.

اها هڪ موزون لوح مزار ٿي سگهي ٿي ۽ هڪ اهڙي ڪتاب ۾ ڏنل اڪثر فيصلن سان هم آهنگي رکي ٿي جنهن تي بعضي مبالغه آراين ۽ جانبدارين جي باوجود سٺي سوچ حاوي آهي.

27. سماجي معاهدو

-- جي. جي. روسو--

 

زان زاڪ روسو جو اهو اعلان ڪيترو نه دليراڻو آهي ته: ”انسان آزاد ڄائو آهي پر هو هر جاءِ تي زنجيرن ۾ آهي!“ هن جڏهن پهريون دفعو اهو چيو هو ته انهي سان ارڙهين صديءَ واري خود اطمينانيءَ کي لوڏو اچي ويو ۽ اهو تڏهن کان وٺي نوجوانن ۽ پُراميد ماڻهن لاءِ همٿ ۽ اتساهه جو سبب رهيو آهي. اها ڳالهه ايتري اهميت نه ٿي رکي ته هر نسل جا نقاد انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا آهن ته اعلان جو پهريون حصو سچ تي ٻڌل نه آهي ڇاڪاڻ ته انسان دنيا ۾ اچڻ سان توارث جو وڏو بار کنيو اچن ٿا ۽ جيستائين اعلان جي ٻئين حصي جو تعلق آهي دنيا ۾ اڄ ڪيتريون ئي اهڙيون جايون آهن جتي گهڻو وقت ٿيو آهي ته زنجير سياسي مشينري جو حصو نه رهيا آهن. بهرحال، انهي اعلان جا لفظ ڪنن لاءِ وڻندڙ رهيا آهن ۽ اسان جو سياسي فلسفو انهي کان سواءِ ٻُسو لڳي ها.

اهو بيان روسو جي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي ڪتاب The Social Contract جي پهرئين صفحي تي نظر ايندو. انهي ڪتاب جو پهريون ڇاپو فرانسي ٻولي ۾ 1762ع ۾ آيو هو. روسو جي عمر تڏهن 50 ورهيه هئي ۽ هو تڏهن ادبي ڪمن ڪارين جي عروج تي هو. لانوويلا هيلوئيز نالي سندس ناول هڪ ورهيه اڳ ڇپيو هو ۽ ايملي Le Contract Social کان ڪجھ مهينا پوءِ ڇپيو. پر عام پڙهندڙ کيس جنهن ڪتاب جي سبب سڀ کان وڌيڪ سڃاڻي ٿو اهو Confessions آهي ۽ اهو سندس وفات کان ٽي ورهيه پوءِ 1781ع ۾ ڇپيو. حالانڪ اهو 1765ع ۾ مڪمل ٿي ويو هو، انهن ڪتابياتي تفصيلن کي ڪجهه شخصي بيان سان مڪمل ڪري سگهجي ٿو. هو 1712ع ۾  جنيوا ۾ ڄائو. تڏهن اهو سئس (Swiss) شهر هڪ آزاد رياست هو ۽ فرانسي انقلاب تائين ائين ئي رهيو. اها ڳالهه خاص طور اهميت واري آهي ڇاڪاڻ ته سندس سموري سياسي سوچ تي انهيءَ جو رنگ چڙهيل رهيو. سندس پيءُ هڪ گهڙي ساز هو. سندس مزاج جذباتي هو ۽ عادتون فضول خرچي واريون هئس. زان زاڪ کي تمام اوائلي عمر ۾ ئي مائٽن جي سنڀال هيٺ ڏنو ويو. کيس تيرهن ورهين جي ڄمار ۾ هڪ قانوني دستاويز تصديق ڪندڙ وڪيل وٽ شاگرد ڪري بيهاريو ويو پر هن جلد ئي کيس واپس موڪلي ڇڏيو جو کيس بلڪل نااهل ٿي سمجهيائين. پوءِ کيس هڪ اُڪر جو ڪم ڪندڙ وٽ شاگرد طور بيهاريو ويو. هو ٽن ورهين تائين دڙڪا داٻ سهندو ۽ اڌ بک اڌ ڍؤ تي رهيو. پوءِ 1728ع جي هڪ شام جڏهن سندس عمر 16 ورهيه هئي هو پنهنجن ڪجھ نوجوان دوستن سان دير تائين گهر کان ٻاهر رهيو ۽ پوءِ پنهنجي جابر استاد جي ڪاوڙ کي منهن ڏيڻ بجاءِ ڀڄي وڃڻ جو فيصلو ڪيائين. اهڙي طرح سندس اهو رولاڪين وارو سفر شروع ٿيو جنهن جا احوال هن بنا ڪنهن هٻڪ جي مزا وٺندي پنهنجي ڪتابConfessions ۾ بيان ڪيا آهن.

سندس اتفاقي واقف ڪارن ۾ هڪ نوجوان عورت به شامل هئي. هو جڏهن پهريون دفعو هن عورت سان مليو ته سندس عمر 28 سال هئي. انهيءَ جو نالو مادام ڊي وارينز هو. اها ڪجھ مشڪوڪ ڪردار جي مالڪ هئي ۽ اها ڳالهه به طي نه ٿي سگهي آهي ته کيس سارڊينيا جي بادشاهه وٽان جيڪا پينشن ملندي هئي اها باضابطه سياسي ايجنٽ طور سرانجام ڏنل خدمتن عيوض هئي يا هڪ جاسوس طور ڪيل ڪمن جو معاوضو هئي. پر هوءَ ڏاڍي سهڻي، هوشيار ۽ پُرجوش طبيعت واري هئي ۽ هن زان زاڪ تي مهذب ڪندڙ اثر وڌو. هن ليڪ آف انيسي تي سندس ديهي محل ۾ ڪنهن قسم جي نوڪري ورتي ۽ ڪيترا سال خادم ۽ عاشق واري ٻٽي حيثيت تي خوش گذاريندو رهيو تان جو هن 1741ع ۾ پيرس ۾ اديب طور پنهنجو مقدر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. هن کي اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو لڳو جو هن کي جيتوڻيڪ جلدئي انسائيڪلوپيڊيا لکندڙن جي سوسائٽي ۾ ميمبر طور شامل ڪيو ويو پر سندس طبيعت ۾ ذاتي بغض رکڻ جي عادت سبب هن جا ڪيترائي دشمن ٿي پيا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سندس مايوسي جو هڪ سبب تنهن وقت سندس پاران اها دريافت هئي ته تهذيب هڪ جڙتو شي ۽ زوال جو سبب آهي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ خوش اهو جهنگلي وحشي ماڻهو آهي جيڪو سادي غربت ۽ اوائلي بي علميءَ واري حالت ۾ رهي ٿو.

جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي سوشل ڪانٽريڪٽ 1762ع ۾ ڇپيو پر فرانسي حڪومت جي ڪاٽ ڪوٽ کان بچڻ لاءِ اهو پيرس بجاء ايمسٽرڊم  مان ڇپيو هو. اهو لکڻ وقت سندس ذهن ۾ جيڪي خيال هئا اهي هن هڪ تعارفي نوٽ ۾ لکيا آهن: ”آءٌ اها ڳولها ڪرڻ چاهيان ٿو ته ماڻهو جهڙا آهن ۽ قانون جهڙا ٺاهي سگهجن ٿا ڇا انهيءَ صورت ۾ شهري معاملن لاءِ ڪو انصاف ڀريو ۽ پڪو پختو انتظامي قاعدو جوڙي سگهجي ٿو. اهڙي ڳولها ۾ منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي ته حق ۽ سچ ڪهڙي شي جي اجازت ڏئي ٿو ۽ فائدو ڇا ۾ آهي. انهن ٻنهي ڳالهين کي پاڻ ۾ ٺهڪائي بيهاريان جيئن انصاف ۽ افاديت ٻئي گڏجي هلي سگهن. مون کان سوال ڪيو ويندو ته ڇا آءٌ ڪو شهزادو يا قانون ساز آهيان جو سياست تي لکي رهيو آهيان؟ آءٌ انهي جو اهو جواب ٿو ڏيان ته آءٌ انهن ٻنهي مان ڪو به نه آهيان ۽ اهو ئي سبب آهي جو آءٌ انهي بابت لکي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته آءٌ جيڪڏهن واقعي شهزادو يا قانون ساز هجان ها ته آءٌ اهو چوڻ ۾ پنهنجو وقت نه وڃايان ها ته ڇا ڪرڻ گهرجي: آءٌ ته ڪم ڪري ڇڏيان ها يا ماٺ ڪري ويهي رهان ها“.

هو اڳتي لکي ٿو: هڪ آزاد رياست ۽ هڪ اهڙي اداري جو ميمبر ٿي پيدا ٿيندي جيڪو پنهنجي اندر ۾ خودمختيار آهي، آءٌ اهو محسوس ڪريان ٿو ته عوامي معاملن ۾ منهنجي آواز جو اثر ڀلي ڪيترو به ڪمزور ڇو نه هجي؛ انهن بابت ووٽ ڏيڻ جو اختيار مون تي اهو فرض ٿو عائد ڪري ته آءٌ انهن بابت پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪريان ۽ آءٌ جڏهن به حڪومتن تي غور و فڪر ڪندو آهيان ته منهنجي پنهنجي ملڪ جي آئين کي پسند ڪرڻ جا نوان نوان سبب ڳولهي آءٌ خوشي محسوس ڪندو آهيان“.

روسو اهو لکڻ وقت جنيوا جي رياست جو شهري هو جنهن ۾ حڪومت شهرين جي هڪ ننڍڙي ٽولي جي هٿن ۾ هوندي هئي. هو اهو سوچي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ته جنيوا قديم يونان ۾ اسپارٽا جي طرز تي هڪ شهري رياست (City State) هو ۽ انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو اها اميد رکندو هو ته سندس پنهنجي ملڪ ۾ سندس ديس واسي انهي خوش نما لفظ کي پسند ڪندا. پر اتي هن کان غلطي ٿي وئي هئي ڇاڪاڻ ته جنيوا جا حڪمران پروٽيسٽنٽ سوچ ۽ عمل جي سخت ترين شڪل جا وڏا حامي هئا ۽ اهي ڪهڙي به حالت ۾ زان زاڪ کي ”وڻندڙ اولاد“ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا.

انهيءَ تمهيد کان پوءِ اسين هن مشهور دعويٰ ڏانهن اچون ٿا ته ”انسان آزاد پيدا ٿيو آهي.....“ انهي ٽڪري ۾ اڳتي هلي لکيل آهي: ”ڪيترا ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته هو ٻين جا آقا آهن حقيقت ۾ ته اهي ٻين کان وڏا غلام آهن. اها سوچ ڪيئن پيدا ٿي آهي؟ مون کي خبر نه آهي. ڇا انهيءَ کي حق بجانب قرار ڏيڻ لاءِ ڪو دليل موجود آهي؟ آءٌ سمجهان ٿو ته آءٌ انهي سوال جو جواب ڏئي سگهان ٿو. انهيء ڳالهه کي جيڪڏهن ڪجهه وڌيڪ وضاحت سان بيان ڪجي ته انهي جو مطلب اهو ٿيندو ته روسو اها ڳالهه سمجهائڻ گهري ٿو ته هو اها ڳالهه نه ٿو دريافت ڪرڻ گهري ته ماڻهو جن حڪومتن جي ماتحت هوندا آهن اهي انهن جي اطاعت ڇو ڪندا آهن. هو اها ڳالهه سمجهڻ چاهي ٿو ته ماڻهن کي انهن حڪومتن جي اطاعت ڇو ڪرڻ گهرجي.

انهيء سوال جو سڀ کان اوائلي سماج يعني ڪٽنب (Family) ۾ پيدا ٿيڻ ڏکيو هو. ڪٽنب سماج جو واحد فطري نمونو هو. انهي ۾ ٻار ايستائين پيءُ سان لاڳاپيل رهندا هئا جيستائين انهن کي سندس تحفظ جي ضرورت هوندي هئي. جيئن ئي اها ضرورت ختم ٿي ويندي هئي اهي پنهنجا جدا ڪٽنب ٺاهي وٺندا هئا. سياسي سماجن جي انهيءَ پهرئين ماڊل ۾ پيءُ حاڪم ۽ ٻار سندس عوام هوندا هئا ۽ جيئن ته اهي سڀ آزاد ۽ برابر ڄمندا هئا تنهن ڪري اهي پنهنجي آزادي تيستائين ٻين کي ڏيندا هئا جيستائين اها ڳالهه انهن لاءِ مناسب هوندي هئي. پر ڪٽنب ۽ رياست ۾ هڪ وڏو فرق آهي. ڪٽنب ۾ پيءُ ٻارن جي سارسنڀال لهندو آهي ته انهي جي موٽ ۾ کيس ٻارن وٽان پيار ملندو آهي پر رياست ۾ حاڪم کان اها اميد نه ٿي ڪري سگهجي ته هو پنهنجي عوام سان ائين پيار ڪندو جيئن ڪو پيءُ ڪندو آهي. حقيقت ۾ سندس عمل پٺيان اصل محرڪ حڪم هلائڻ مان ملندڙ خوشي هوندو آهي.

ڪنهن رياست جو حڪمران پنهنجي عوام کان انهي ڪري اطاعت جي اميد ڪندو آهي جو هن وٽ طاقت ۽ اختيار هوندو آهي. پر روسو جيڪو ڪجھ چوي ٿو انهي جو مطلب اهو آهي ته طاقت حق ۽ سچ جو معيار نه آهي (Might Does Not Make Right). ”اختيار جنهن وٽ به هجي انهي جي تابعداري ڪريو“. ڪنهن به لحاظ کان ڏسجي ته هيءُ ته اهو ئي ڪم آهي جيڪو اسان سڀ ڪندا آهيون پر تڌهن جڏهن اختيار وارن وٽ اسان کان ائين ڪرائڻ جا ذريعا به هوندا آهن. اها حقيقت ايتري پڌري پٽ پئي آهي جو انهن کي بيان ڪرڻ جي ضرورت ئي نه آهي. پر انهي ۾ حق ۽ سچ جو ڪو بيان آهي. ”هڪ ٻيلي ۾ هڪ ڌاڙيل اوچتو منهنجي سامهون اچي مون کي حيران ڪري ڇڏي ٿو ۽ مون کي مجبور ٿو ڪري ته آءٌ پنهنجو پرس سندس حوالي ڪري ڇڏيان. جيڪڏهن مون وٽ اهو هن کي نه ڏيڻ جي ڪا واٽ هجي ها ته ڇا آءٌ کيس اهو ڏيان ها؟ جيڪڏهن طاقت جو مطلب حق ۽ سچ آهي ته پوءِ جواب ٿيندو هائو ڇاڪاڻ ته هن جي هٿ ۾ جيڪو پستول آهي اهو طاقت آهي“. پر ڳالهه وري ورجائجي ته طاقت حق سچ نه آهي. اسان کي انهن ئي اختيارن جي تابعداري ڪرڻي آهي جيڪي حق تي ٻڌل هجن.

هاڻي روسو اهو فرض ٿو ڪري ته اسين سماج جي هڪ اهڙي حالت تي بحث ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ ”اهي رڪاوٽون جيڪي فطري حالت ۾ انهن جي بقا جي راهه ۾ حائل آهن“. اهي ايتريون وڏيون آهن جو ڪو فرد اڪيلي سر انهن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. هاڻي جيئن ته ماڻهو ڪي نيون طاقتون (Forces) تخليق نه ٿا ڪري سگهن پر اڳ ۾ ئي وجود رکندڙ طاقتن کي ملائي ۽ انهن کي نئون رخ ڏئي سگهن ٿا تنهن ڪري انهن کي گڏجي هڪ رخ ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي. پر هتي اسان کي هڪ ڳنڀير مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ”مسئلو هي آهي ته جڏهن پاڻ ۾ گڏجڻ جو ڪو اهڙو طريقو ڳولهي لهبو جيڪو هر لاڳاپيل فرد (Associate) جي جان ۽ مال جي انهي سماج جي سموري طاقت سان حفاظت ۽ بچاءُ ڪندو ۽ جڏهن انهي جي ذريعي هر ماڻهو ٻين سان گڏبو ته ممڪن آهي ته هو فقط پنهنجي ئي تابعداري ڪري ۽ بلڪل ائين ئي آزاد رهي جيئن ٻين سان گڏجڻ کان اڳ هو.

اهو بنيادي مسئلو آهي ۽ انهي جو حل سماجي معاهدي (Social Contract) جي ذريعي ڏنو ويو آهي. انهيءَ معاهدي جون شقون اهڙي طرح طي ڪيون ويون آهن جو انهن ۾ بلڪل معمولي ڦيرڦار سان به اهي غير موثر ۽ بيڪار ٿي وينديون. انهن شقن کي درست پس منظر ۾ سمجهڻ کان پوءِ انهن کي انهي هڪ شق ۾ سمائي سگهجي ٿو ته هر لاڳاپيل فرد پنهنجا سمورا حق سموري سماج جي حوالي ڪري ڇڏي. ڇاڪاڻ ته جڏهن هر ماڻهو پاڻ کي غير مشروط طور سماج جي حوالي ڪري ڇڏيندو ۽ جڏهن حالتون سڀني جي لاءِ برابر هونديون ته ڪنهن کي به انهن حالتن کي ٻين لاءِ ڏکيو بنائڻ ۾ ڪو فائدو نه هوندو. وڌيڪ اها ڳالهه ته جڏهن سڀڪو پنهنجن حقن کان غير مشروط طور دستبردار ٿيندو ته ڳانڍاپو هر لحاظ کان مڪمل ٿيندو ۽ ڪو به لاڳاپيل فرد ڪنهن به شي جي طلب نه ڪندو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن فردن وٽ ڪي حق رهيل هوندا ۽ جيئن ته اهڙو ڪو مشترڪ برتر فرد به نه هوندو جيڪو انهن جو فيصلو ڪري تنهن ڪري هر ڪو جڏهن ڪنهن ڳالهه تي پنهنجو جج پاڻ هوندو ته هو جلدئي سڀني ڳالهين ۾ پنهنجو جج پاڻ ٿيڻ جي دعويٰ ڪندو؛ فطرت جي حالت تڏهن به جاري هوندي ۽ فردن جو ڳانڍاپو لازماً زور ۽ ڏاڍ وارو يا بيڪار ٿي ويندو. مختصر طور چئجي ته هر ماڻهو پنهنجو پاڻ سڀني جي حوالي ڪندي ڄڻ ته پاڻ کي ڪنهن جي به حوالي نه ٿو ڪري؛ ۽ جيئن ته اهڙو ڪو به ڳانڍاپيل فرد نه هوندو آهي جنهن تي هن کي اهڙا ساڳيائي حق حاصل نه هوندا آهن جهڙا هو پنهنجي ذات جي مٿان ٻين کي نه ٿو حوالي ڪري ته هو هر اها شي جيڪا هٿان وڃائي ٿو انهي جي برابر ٻيون شيون حاصل ڪري ٿو، ۽ هن وٽ جيڪو ڪجھ آهي انهن جي بقا لاءِ طاقت به حاصل ڪري ٿو. اهڙي طرح جڏهن سماجي معاهدي مان ڀراء ۽ واڌارا ڪڍي ڇڏجن ته ان جو بنيادي ڍانچو هي بيهندو؛ ”اسان مان هر هڪ پنهنجي ذات ۽ پنهنجي سموري طاقت کي گڏيل طور عوام جي مرضي (General Will) ماتحت رکي ٿو ۽ موٽ ۾ اسان کي پنهنجي ادارا جاتي حيثيت ۾ ڪُل(Whole) جو هڪ ننڍڙو حصو ملي ٿو“.

اهڙي طرح معاهدي ۾ شامل ماڻهن جي انفرادي شخصيتن جي جاءِ تي هڪ اخلاقي ۽ اجتماعي ادارو آندو وڃي ٿو جيڪو ايترن ئي ميمبرن تي ٻڌل هوندو آهي جيترا اسيمبليءَ ۾ ووٽر هوندا آهن ۽ انهي کي ڳانڍاپي جي انهي عمل ذريعي پنهنجي ٻڌي ۽ اتحاد، پنهنجي مشترڪ ذات يا سڃاڻپ ۽ پنهنجو ارادو (Will) ملندو آهي. سڀني انفرادي ميمبرن جي ميلاپ مان ٺهيل انهيءَ اداري انهي عوامي شخصيت (Public Person) کي اڳ ۾ شهر (City) سڏيو ويندو هو ۽ انهي کي رياست (Republic) چيو وڃي ٿو: اهو جڏهن غير سرگرم هوندو آهي ته State سڏيو ويندو آهي ۽ جڏهن سرگرم هوندو آهي ته حاڪم اعليٰ (Sovereign) سڏيو ويندو آهي ۽ ان جي جڏهن پاڻ جهڙن ٻين سان ڀيٽ ڪئي ويندو آهي ته ان کي Power سڏيو ويندو آهي. جيستائين انهيءَ ۾ ڳانڍاپو رکندڙن جو تعلق آهي ته انهن کي گڏيل طور عوام (People) چيو ويندو آهي. حاڪم اعليٰ جي طاقت ۾ شريڪ طور انهن کي شهري (Citizen) چيو ويندو آهي ۽ رياست جي قانونن جي ماتحت طور انهن کي محڪوم (Subjects) چيو ويندو آهي.

سماجي معاهدي جو نظريو خود روسو جي لفظن ۾ اجهو ائين ڏنل آهي. هن اهو نظريو پاڻ ايجاد نه ڪيو هو. اهو نظريو ته سماج جو بنياد هڪ اهڙي معاهدي تي آهي جنهن تي عوام ۽ انهن جي حاڪم يا حڪومت متفق ٿيا آهن ته انهيءَ جون پاڙون وچئين دور جي سياسي فلسفين تائين پهچن ٿيون. ۽ سورهين کان ارڙهين صدين جي وڏين آئيني جدوجهدن ۾ به انهيءَ جو اڪثر ذڪر ٿيندو رهندو هو. انهيءَ جو تمام واضح اظهار 1688ع جي ڪانوينشن پارليامينٽ طرفان ڪيل اعلان ۾ به ڏسي سگهجي ٿو جنهن ۾ جيمس ٻئين تي الزام مڙهيو ويو هو ته هن بادشاهه ۽ عوام جي وچ ۾ ٿيل اصلي معاهدو ڀڃي ڇڏيو هو. پر اها ڳالهه انگلينڊ ۾ ٿي هئي ۽ جيئن ته انگريز بادشاهه کي 1649ع ۾ ڦاهي ڏني وئي هئي تنهن ڪري يورپ جي ٻين ملڪن ۾ اها متفق راءِ هئي ته سياسي معاملن ۾ انگريزي سوچ ۽ عمل ايترا نج ۽ ايترا سخت آهن جو انهن جي پيروي نه ٿي ڪري سگهجي. پر روسو جيڪڏهن فرانسي نه هو ته هڪ سٺو يورپي ته بهرحال هو ۽ کيس جيڪو ڪجھ چوڻو هو اهو هر انهيءَ علائقي ۾ ٻڌو ويو جتي فرانسي زبان سمجهي وئي ٿي. هن جي نظريي سڀني ترقي يافته ملڪن ۽ خاص طور فرانس ۾ سياسي نظرين جي واڌويجھ ۾ تمام گهڻو اثر وڌو. حقيقت ۾ کيس 1789ع واري فرانسي انقلاب جو فڪري ابو ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ڪتاب کي انهي انتها پسند جمهوري پارٽي پنهنجي بائيبل طور اختيار ڪيو هو جنهن جو ليڊر رابس پيئر هو.

پر جيئن ٻين عظيم سياسي مفڪرن سان ٿيندو رهيو آهي ماڻهو هن جي ڪتابن جي صفحن ۾ به اهي ئي ڳالهيون ڳولهيندا رهيا جيڪي انهن کي گهربل هيون. انهن جيڪي ڳالهيون اتي ڏسڻ جي دعويٰ ڪئي ٿي حقيقت ۾ انهن جو وڏو حصو اتي موجود نه هو. روسو مڪمل جمهوريت نواز نه هو. ۽ سندس اهو نظريو ته جنرل ول (General Will) رياست جي سمورن ميمبرن جي خواهش کان ڪا جدا شي آهي. اهو ايترو ته بگڙجي ويو آهي جو انهي مان لوئي نيپولين (نيپولين ٽئين) کان وٺي هٽلر تائين جهڙن ڊڪٽيٽرن کي شہ ملندي رهي آهي. هو عام راءِ جي جاچ جوچ ۽ ان تي بندش جو قائل هو. هن عورتن کي برابر حق ڏيڻ بابت ڪجھ سوچيو ئي نه هو. هو جيتوڻيڪ مذهبي رواداريءَ ۾ پڪي ايمان جي دعويٰ ڪندو هو ته به اها ڳالهه به ظاهر ظهور چئي هئائين ته جيڪي ماڻهو رياست پاران مذهب جي وصف قرار ڏنل نظرين کي کلي عام تسليم ڪرڻ کان پوءِ انهن کان دستبردار ٿيندا ته رياست انهن کي موت جي سزا ڏيڻ ۾ حق بجانب هوندي. سندس تعليم تي اهي ڪارا چٽا آهن.

هو سندس سموري زندگي عام طور غريب ئي رهيو. گهڻو ڪري سندس نندا ٿيندي رهي ۽ ماڻهو هن کان شديد نفرت ڪندا رهيا. ۽ جيڪي ماڻهو کيس کارائيندا هئا انهن جي هٿن ۾ چڪ هڻڻ تي به سندس ضمير کي ڪا چهنڊڙي نه لڳندي هئي. پر اندروني طور هو هڪ نج روح ۽ انقلاب جو اهڙو پروانو هو جنهن کي ڏاڍ کان نفرت هوندي هئي ۽ پاڻ جهڙن ماڻهن تي ڪهل ايندي هئس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org