سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :7

 

            

شاھھ جي ماڳن مڪانن بابت ڄاڻ

سوال:  شاھھ سائين ڪشمير جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر سارنگ ۾.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ”لنڪا“ لفظ استعمال ڪيو آھي لنڪا ڇا آھي؟

جواب:  سريلنڪا جو بندر.

سوال:  شاھھ سائين سر سريراڳ ۾ ڪھڙن شھرن ۽ بندرن جو ذڪر ڪيل آھي؟

جواب:  ڪيچ ۽ عدن بندر جو.

سوال:  شاھھ محمود جي درگاھھ تي، شاھھ صاحب قل پڙھي ۽ دعا گھري پوءِ ڪجھھ شعر بھ چوندو ھو. ان بزرگ جو مقبرو ڪٿي آھي؟

جواب:  نصرپور ۾.

سوال:  شاھھ سائين گنگا ندي جي وھڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر بلاول ۾.

سوال:  لاھوت وارو حصو ڪھڙي جبل جي پيٽ ۾ آھي؟

جواب:  پٻ جبل جي پيٽ ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪھڙي رسالي ۾ ڪاڪ محل جو نقشو ڏنل آھي؟

جواب:  رسالھ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي عرف انوار الاھي ۾.

سوال:  ڪابل شھر جو ذڪر لطيف سائينءَ ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر سارنگ، رام ڪلي ۽ سر ڪاپائتيءَ ۾.

سوال:  شاھھ صاحب جي ياترا وارن ماڳن ھنگلاج ۽ لاھوت بابت ڪھڙو ڪتاب ۽ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  ”ھنگلاج ۽ لاھوت“ سال 1992 ۾.

سوال:  ڪتاب ھنگلاج ۽ لاھوت ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  بدر ابڙي جو.

سوال:  شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ ڀنڀور جو ذڪر ٿيل آھي، يونانين ڀنڀور تي ڪھڙا نالا رکيا ھئا؟

جواب:  بربرائيڪ ۽ باربريڪ.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ سمرقند جو ذڪر ڪيو آھي. اھو شھر ڪھڙيءَ نديءَ تي واقع آھي؟

جواب:  زرفشان نديءَ تي.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾روم شھر جو ذڪر ڪيو آھي، روم کي ڪمال اتاترڪ ڪھڙي سال ترڪيءَ جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو؟

جواب:  1920ع ۾.

سوال:  روم شھر ھاڻي ڪھڙي ملڪ ۾ واقع آھي؟

جواب:  اٽلي ملڪ ۾.

سوال:  شاھھ سائين افغانستان جي ڪھڙن شھرن جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  ڪابل ۽ قنڌار جو.

سوال:  شاھھ سائين دھلي شھر جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو  آھي، ھي شھر ڪنھن تعمير ڪرايو ھو؟

جواب:  شھاب الدين شاھجھان عيسوي 17 صديءَ ۾.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ دکن شھر جو ذڪر ڪيو آھي، توھان دکن جي معنيٰ ٻڌايو؟

جواب:  ڏکڻ.

سوال:  دکن شھر ڪھڙي ملڪ ۾ آھي؟

جواب:  ھندستان ملڪ ۾.

سوال:  ھندستان جي مغليھ دور ۾ مکيھ بندر ”سورت“ جو ذڪر شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي، شاھھ صاحب جي دور ۾ سورت بندر ڪھڙي لقب سان سڏبو ھو؟

جواب:  باب المدينھ لقب سان.

سوال:  سورت بندر ھندستان جي ڪھڙي صوبي ۾ واقع آھي؟

جواب:  صوبي گجرات ۾.

سوال:  شاھھ ٿرپارڪر جي سفر دوران سنڌ ۽ ڪاڇي جي وچ ۾ ھلندڙ ڪيترن چارن جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  چوڏھن چارن جو.

سوال:  ھاڪڙي جي ساڄي طرف ڪھڙي پٽ ۾ لطيف سائينءَ چلو ڪڍيو ھو؟

جواب:  چوٽياريءَ جي پٽ ۾.

سوال:  لاکيڻو لطيف جڏھن بھ ٿرپارڪر جي سفر تي نڪرندو ھو تھ ڪھڙي طرف کان سفر شروع ڪندو ھو؟

جواب:  اولھھ کان اوڀر طرف.

سوال:  شاھ صاحب جي دور ۾ پوراڻ نديءَ جا ڪھڙا پتڻ مشھور ھئا؟

جواب:  ڪاھو، ڪاڪ، جھلوري، واگھريجي ۽ اٻھاري.

سوال:  شاھھ صاحب مشائخ ھوٿي جي ڪھڙن ٻن پٽن جي مقبرن تي حاضري ڀري؟

جواب:  احمد ۽ محمد تي.

سوال:  شاھھ صاحب سر سارنگ ۾ ڪھڙين ديھن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  ديھھ لوتڪي يا لوتڙي.

جواب:  سر سارنگ ۾.

سوال:  شاھھ لطيف لطف الله قادريءَ جي رسالي جو مطالعو ڪٿي ڪيو؟

جواب:  اگھم ڪوٽ يا اگھاماڻو ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي دور ۾ بدين جي سرزمين کي ڇا چيو ويندو ھو؟

جواب:  ڇا چڪاڻ.

سوال:  شاھھ سائين بمڀو ميھار جي مقبري تي حاضري ڏني ان بزرگ جو  مقبرو ڪٿي آھي؟

جواب:  ڪامارو شريف واري ايراضي ۾.

سوال:  شاھھ سائين ۽ شاھھ عنايت کي ڪھڙي علائقي جي وڻڪار متاثر ڪيو ھو؟

جواب:  ولھار علائقي جي.

سوال:  ٻيجل ڪھڙي جاءِ تان ھرڻ جا آنڊا ھٿ ڪي سرندو ٺاھيو ھو؟

جواب:  لڙھھ نالي جاءِ تان.

سوال:  ڪھڙي سفر ۾ لطيف سائين جون اکيون اٿي (خراب ٿي) پيون ھيون؟

جواب:  سماواتي سفر دوران جنھن وقت مخدوم صابر سان مليو ھو.

سوال:  ڪھڙي شھر ۾ شاھھ لطيف ڏھھ سال چلھ ڪشي ڪئي ھئي؟

جواب:  مٽيارين جي موسيٰ پاڙي ۾.

سوال:  شاھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ”گڙنگ“ جو ذڪر ڪيو  آھي، گڙنگ ڀٽ شاھھ کان ڪيترو پري آھي؟

جواب:  اڌ ميل پري.

سوال:  شاھھ صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ جنھن ”ڪلاچي بندر“ جو ذڪر ڪيو آھي اھو ڪھڙي ھنڌ واقع ھو؟

جواب:  موجوده ڪراچيءَ شھر لڳ.

سوال:  شاھھ سائينءَ سر حسينيءَ ۾ ڪھڙن جبلن جو ذڪر ڪيو  آھي؟

جواب:  ھاڙھو، پٻ، گنجو، ڪانڀو، ڪارو ۽ لمون جبل جو.

سوال:  شاھھ سائين ھنگلاج جي سفر دوران جيڪي ماڳ مڪان ڏٺا، تن جو ذڪر رسالي جي ڪيترن سرن ۾ ڪيو اٿس؟

جواب:  ستن سرن ۾.

سوال:  شاھھ صاحب کي سر کنڀات واري نالي سان ڪھڙو ماڳ مشھور آھي ۽ ڪٿي واقع آھي؟

جواب:  کنڀات اصل سامونڊي بندر ھو ۽ گجرات ۾ واقع ھو. جيڪو ماڳ ھاڻ ھندستان ملڪ آھي.

سوال:  کنڀات بندر جو ذڪر مشھور عربي سياح مسعوديءَ جي ڪھڙي ڪتاب ۾ ملي ٿو؟

جواب:  مروج الذھب ۾.

سوال:  لاکيڻو لطيف ”بڊام“ جي بزرگن جي مزارن تي فاتح خواني ڪري پوءِ پراڻ جو کاٻو ڪپ وٺي ڪٿي پھتو؟

جواب:  سما ننگر جي کنڊرن ۾.

سوال:  شاھھ صاحب ڏيپلي تعلقي جي ڪھڙي ڳوٺ جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  ويڙيجھپ جو.

سوال:  شاھھ سائين ڪشمير جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر سارنگ ۾.

سوال:  ٻڌايو تھ ڪشمير جا سياري ۽ اونھاري ۾ ڪھڙا تخت گاھ ھوندا آھن؟

جواب:  سرديءَ ۾ ڄمون ۽ اونھاري ۾ سري نگر.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪھڙي سر ۾ استنبول جو ذڪر آھي.

جواب:  سر سارنگ ۾.

سوال:  شھر استنبول ڪھڙي ملڪ ۾ آھي؟

جواب:  ترڪيءَ ۾.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ استنبول جو ذڪر ڪيو آھي، استنبول ڪھڙي سن ۾ تعمير ٿيو؟

جواب:  330ع ۾.

سوال:  شاھھ سائين ڪھڙي سر ۾ چين ملڪ جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  سر سارنگ ۾.

سوال:  چين جي مانچو خاندان جي شھنشاھيت جو خاتمو ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  1911ع ۾.

سوال:  شاھھ سائين ۽ شاھھ عنايت کي ڪھڙي علائقي جي وڻڪار متاثر ڪيو ھو؟

جواب:  ولھار علائقي جي.

 


 

شاھھ جي شاعريءَ ۾ انبياءَ ڪرام جو ذڪر

سوال:  شاھھ سائين سر سريراڳ ۾ الله تعاليٰ کي ڪھڙن نالن سان ياد ڪيو آھي؟

جواب:  آگي، ستار، جبار، داتا، سلطان، رحمان، سبحان وغيره.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي ڪلام ۾ ڪھڙن ٻن مقدس ڪتابن جا حوالا آندا آھن؟

جواب:  قرآن شريف ۽ حديث مبارڪ.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي رسالي ۾ ڪيترن نبين سڳورن جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  پنجن نبين سڳورن جو ذڪر.

سوال:  شاھھ سائين رسول اڪرم ' جن جي ولادت جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر سارنگ جي وائيءَ ”اکيون ميگھھ ملھار“ ۾.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي ڪھڙي سر ۾ نبي ڪريم ' جي سونھن ۽ حسن اخلاق جي ساراھھ ڪئي آھي؟

جواب:  سر کنڀات ۾.

سوال:  شاھھ سائين ائين نبي ڪريم ' جن جو ذڪر ڪيترن سرن ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  پنجن سرن ۾.

سوال:  شاھھ صاحب حضرت ابراھيم عليھ السلام جي پيءُ جو نالو ڪھڙيءَ وائي ۾ ورتو آھي؟

جواب:  وائي: وجھھ منجھھ خليل، اندر آذر آھين (ابراھيم جو پيءُ آذر، جيڪو بت پرستن جو اڳواڻ ھو)

سوال:  شاھھ صاحب حضرت موسيٰ عليھ السلام جو ذڪر پنھنجي ڪھڙن ٻن سرن ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر آسا ۽ سر رامڪلي.

سوال:  شاھھ صاحب حضرت يونس عليھ السلام جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟

جواب:  سر مارئيءَ ۾.


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com