سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :14

 

شاھھ جا ھمعصر ۽ بزرگ

سوال:  شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر فرمايو تھ، ”مومن جي نشاني آھي تھ، الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنھن جن ۽ بشر کان نھ ڊڄي“؟

جواب:  خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر ڪتاب ”مقولات تصوف“ لکيو؟

جواب:  خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر فرمايو تھ، مومن جي نشاني آھي تھ، الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنھن جن ۽ بشر کان نھ ڊڄي؟

جواب:  خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري.

سوال:  خواجھ محمد زمان زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ ڪھڙو بيت ورجائيندو ھو.

جواب:  بيت:   اوڏڻ اوڏي آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو،

لـھـي تـو مـٿـاءُ، سـنـدو مـٽـيءَ مـامـرو.

سوال:  ھي بيت شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟

بيت:   صنم سوئي ڀانءِ، جو دل رھائي دوست کان،

ٿـئـا سـڀـئـي ٿـانءِ، جـي ھـمـيـشـھ حـضـور ۾.

جواب:  خواجھ محمد زمان لنواري واري جو.

سوال:  ھي بيت شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟

بيت:   صوفين صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،

تـڏھـن تـن ٿـيـو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

جواب:  خواجھ محمد زمان.

سوال:  شاھھ لطيف، مخدوم محمد زمان لنواري واري جي شان ۾ ڪھڙو سر چيو آھي؟

جواب:  سر کاھوڙي.

سوال:  ھي قول شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟

قول: مرشد آھي کوھھ وانگر، مريد آھي ٻوڪي وانگر، جيڪڏھن پھرئين ۾ پاڻي نھ ھوندو تھ ٻئي ۾ ڪيئن پوندو؟

جواب:  خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري جو.

سوال:  شاھھ سائين جي ھمصعر خواجھ محمد زمان جا ڪيترا چونڊ قول ملن ٿا؟

جواب:  چار سئو چاليھھ.

سوال:  شاھھ سائين خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري سان ملاقات دوران ڪيترا بيت چيا؟

جواب:  پنج بيت.

سوال:  شاھھ لطيف جي ھمعصر خواجھ محمد زمان جي سنڌي بيتن جو تعداد ڪيترو آھي؟

جواب:  ٻيانوي بيت.

سوال:  ڀٽ ڌڻي جو ڪھڙو ھمعصر فرمائيندو ھو تھ اسان وٽ فقط اھي شخص اچن ٿا، جن جي سڀاڳ جو انگ اڳيئي لکيل آھي؟

جواب:  خواجھ محمد زمان لنواري جن.

سوال:  شاھھ سائين جو ڪھڙو ھمعصر سلطان اولاليا جي لقب سان مشھور آھي؟

جواب:  خواجھ محمد زمان لنواري وارو.

سوال:  خواجھ محمد زمان جي ھڪ مريد لطيف سرڪار جي منزل بنسبت پڇا ڪرڻ تي سندس مرشد ڪھڙو جواب ڏنو؟

جواب:  خواجھ صاحب فرمايو: ”ھن جي منزل اوھان وانگر آھي، يعني ھو بھ اوھان وانگر صاحبدل آھي.“

سوال:  ڀٽ ڌڻيءَ جي ھمعصر خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري ڪھڙي ڏينھن ۽ ڪھڙي ھجري سال ۽ تاريخ تي ھي فاني دنيا ڇڏي؟

جواب:  ذوالقعد ١١٨٨ھھ ڇنڇر جي ڏينھن ڌڻي تعاليٰ سان وڃي مليا.

سوال:  ڪتاب ”ھٻڪار“ ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو ذڪر ٿيل آھي؟

جواب:  مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو.

سوال:  ڪتاب سنڌي نظم ۾ شاھھ صاحب جي ڪھڙن ھمعصرن جو ذڪر ٿيل آھي؟

جواب:  مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، خواجھ محمد زمان، شيخ عبدالرحيم گروھڙيءَ جو.

سوال:  شاھھ صاحب جي ڪھڙي ھمعصر کي ميان غلام شاھھ ”قاضي القضات“ جو لقب ڏنو؟

جواب:  مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ کي.

سوال:  شاھھ لطيف جي ڪھڙي ھمعصر عربيءَ ۾ اٽڪل ڏيڍ سئو ڪتاب لکيا؟

جواب:  مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي.

سوال:  ”وصيت نامھ“ ڪتاب شاھھ صاحب جي ڪھڙي ھمعصر جو تصنيف آھي؟

جواب:  محمد ھاشم ٺٽويءَ جو.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ قرآن جي آيتن ڏيڻ بابت سنڌي جي ڪھڙي بزرگ سان صلاح ڪندا ھئا؟

جواب:  شاھھ صاحب جن مخدوم ميان محمد ڪبير ڪوٽڙيءَ واري سان اھڙي صلاح ڪندا ھئا.

سوال:  شاھھ صاحب جي ھمصر مخدوم ميان محمد ڪبير ڪوٽڙيءَ واري جي وفات جو سال ٻڌايو؟

جواب:  ١١٣١ھھ.

سوال:  شاھھ صاحب ماکوڙو يا ماکاڻي جي ڪھڙي بزرگ سان ملاقات ڪئي؟

جواب:  سيد الھھ وسايو سان.

سوال:  شاھھ صاحب ڪنھن کي دعا ڪندي چيو تھ”ھي اسان جون سڪون لاھيندو“؟

جواب:  مخدوم امان الله کي.

سوال:  کڏي شريف جي جنھن بزرگ سان، لطيف سائين ”روح رھاڻ“ ڪندو ھو، ان جو نالو ٻڌايو؟

جواب:  پير ھوندل شاھھ.

سوال:  شاھھ جي دور جو بزرگ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي اصل ڪٿان جو رھاڪو ھو ۽ سندس ذات ڪھڙي ھئي؟

جواب:  اصل ڪڇ جو، ذات جو مينڌرو، ڪجھھ ڪتابن ۾ ذات ڏاھي لکيل آھي.

سوال:  شاھھ صاحب ڪھڙي بزرگ جو آزمودو وٺڻ لاءِ کيس چيو تھ، اڄ اسين پلو کائينداسين؟

جواب:  عنايت ڪوريءَ جو.

سوال:  ھي بيت شاھھ سائين جي دور جي ڪھڙي شاعر جو آھي؟

بيت:   نڪا سڪ سمھڻ ۾، نڪو جاڳڻ ۾ جس،

نـڪـي خــيــر کــلـڻ ۾، نــڪــي روئـڻ ۾ رس.

جواب:  روحل فقير جو.

سوال:  ڪتاب ”سنڌيءَ جو سينگار“ ۾ شاھھ صاحب جي ڪيترن ھمصعرن جي سوانح ڏنل آھي؟

جواب:  نون ھمعصرن جي.

سوال:  شاھھ سائين جي وفات وقت سامي ڪيترن سالن جو ھو؟

جواب:  نون سالن جو.

سوال:  ھي بيت شاھھ سائين جي دور ۾ ڪھڙي شاعر چيو آھي؟

بيت:   ھـنـئـيـن حـبـيـبـن، ڀري ناوڪ نينھن جي،

تڏھن طبيبن، ڦڪيون سڀ ڦٽي ڪيون.

جواب:  ساميءَ جو.

سوال:  شاھھ سائين جي دور جي بزرگ شاھھ ولي الله ڪيترا ڪتاب لکيا؟

جواب:  ستيتاليھھ ڪتاب.

سوال:  ڪھڙي علائقي جي شاعر شاھھ صاحب جي بيتن جا فقرا پنھنجي بيتن ۾ سمايا ۽ سموھيا؟

جواب:  لس ٻيلي جي شاعر.

سوال:  شاھھ سائين جي ھمعصر مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ ڪيترا مولود چيا؟

جواب:  ستر مولود.

سوال:  شاھھ سائين جو ڪھڙو ھمعصر ڀلن گھوڙن جو شوقين ھو؟

جواب:  شاھھ عنايت.

سوال:  پھريون ڀيرو حسن ۽ عشق جو ذڪر شاھھ سائين جي ڪھڙير ھمعصر جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو؟

جواب:  شاھھ عنايت جي ڪلام ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر ڪتاب ”وطن نامھ“ لکيو؟

جواب:  عثمان احسانيءَ.

سوال:  شاھھ سائين جو ھمعصر عثمان احساني اصل ڪٿان جو رھاڪو ھو؟

جواب:  اصل ڀاڳناڙيءَ جو.

سوال:  ڪھڙو فقير پنھنجو ڪلام شاھھ لطيف کان اصلاح ڪرائيندو ھو؟

جواب:  عنايت فقير ڏيرو.

سوال:  شاھھ سائين جي ھمعصر دوست محڪم الدين سيلانيءَ جو مقبرو ڪٿي آھي؟

جواب:  سماسٽا اسٽيشن، صوبي پنجاب ۾.

سوال:  ڪتاب ادبي اھڃاڻ ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن ھمعصرن جو ذڪر ٿيل آھي؟

جواب:  ميون شاھھ، عنايت رضوي ۽ خواجھ محمد زمان لنواري وارو.

سوال:  شاھھ سائين جي دور جو بزرگ مخدوم عبدالرحمان عرف ميان درسلطان جو انتقال ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  ١١٠٨ھھ ۾.

سوال:  لطيف سائين جي دور جي بزرگ ھستي سيد نور محمد شاھھ ڪنڍائيءَ جي ولادت ڪڏھن ٿي؟

جواب:  ١١٣٧ھھ ۾.

سوال:  شاھھ صاحب جو ھمعصر حاجي فقير الله علوي، ڪٿي ڄائو ھو؟

جواب:  جلال آباد شھر ۾.

سوال:  حاجي فقير الله علوي جي شڪارپور ۾ تشريف آوريءَ وقت، شاھھ صاحب جي عمر ڪيتري ھئي؟

جواب:  اٺيتاليھھ سال.

سوال:  شاھھ سائين جي ھمعصر حاجي فقير الله علوي جي وفات ڪڏھن ٿي؟

جواب:  ١١٩٥ھھ ۾.

سوال:  ھي بيت شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟

بيت:   ڪربـلا ۾ ڪـوچ ٿـيـو لائو لھن شير،

پر ڄڻ ڏيئي پير، گھوٽ کڻي گھر آئيا.

جواب:  عبدالرحيم گروھڙيءَ جو.

سوال:  شاھھ صاحب ڪھڙيون ٽي سوکڙيون ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ کي ڏنيون ھيون؟

جواب:  ھڪ جمني، ھڪ تلوار ۽ ھڪ لٺ (عصا).

سوال:  شاھھ سائين ھڪ الفي، ڪشتو ۽ قرآن شريف ڪنھن ڏانھن ڏياري موڪليو ھو؟

جواب:  ميين محمد صابر ولھاريءَ ڏانھن.

سوال:  مشائخ ھوٿيءَ جي قائم ڪيل قديم مدرسي ۾ شاھھ سائين جي ملاقات ڪھڙي بزرگ سان ٿي؟

جواب:  مخدوم محمد صابر ولھاريءَ سان.

سوال:  لطيف سائين وارياسو ديھھ ۾ ڪھڙي سيد بزرگ جي اولاد سان رھاڻ ڪئي؟

جواب:  سيد دوسن شاھھ جي اولاد سان.

سوال:  ٻارن کي پاڙھين ويٺو يا کارين ويٺو؟ لطيف سائين ھي لفظ ڪنھن کي چيا ھئا؟

جواب:  ميين محمد صابر ولھاريءَ کي.

سوال:  ڪھڙي بزرگ جي مرقد تي شاھھ عنايت ۽ لطيف سائين گڏ ويا ھئا؟

جواب:  ڳاڙھي صدر ولد ڪيوڙي اوٺي جي مرقد تي.

سوال:  شاھھ عنايت رضوي ۽ شاھھ لطيف ٿيٻن جي ڳوٺ جي ڀرسان ڪھڙي بزرگ سان ڪچھري ڪئي؟

جواب:  سيد سمن شاھھ سان.

سوال:  مخدوم صابر جي خاندان مان، ڪھڙن بزرگن سان شاھھ لطيف ملاقات ڪئي؟

جواب:  ميون معروف ۽ مييون مقبول سان.

سوال:  شاھھ صاحب سيد مير محمد عطا سان ڪھڙي ھنڌ ڪچھري ڪندو ھو؟

جواب:  اوطاق جي مٿئين طبقي ۾.

سوال:  شاھھ صاحب کاھي راھوءَ ۾ ڪھڙي بزرگ سان ملڻ ايندو ھو؟

جواب:  قاضي محمد ڪامل اول.

سوال:  شاھھ لطيف کي ڪنھن ڏسي فرمايو تھ ”لطيف جو ڏيئو روشن ٿيندو“؟

جواب:  سخي سيد ھاشم شاھھ.

سوال:  سيد ھاشم شاھھ جي وفات وقت لطيف سائين جي عمر ڪيتري ھئي؟

جواب:  ارڙھن سال.

سوال:  شاھھ صاحب جي دور ۾ لقب ”شھباز ڪوھستان“ ڪنھن کي ڏنو ويو؟

جواب:  مير عبدالله خان کي.

سوال:  لاکيڻي لطيف جي ھمعصر سيد مير محمد عطا جي وفات ڪڏھن ٿي؟

جواب:  ١١٧٨ ھجري ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي سچي عاشق ۽ شارح قاضي فقي محمد قانع جي وفات ڪڏھن ٿي؟

جواب:  ١٢ ذيقعد ١٣٥٥ھھ مطابق 25 جنوري سومر ڏينھن سن 1937ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”ڪلاسيڪي شاعري“ ۾ لطيف سرڪار جي ڪھڙن ھمعصرن جو ذڪر ڏنل آھي؟

جواب:  شاھھ عنايت رضوي ۽ خواجھ محمد زمان جو.

سوال:  جنوري جون  1982ع اخبار تعليم ۾ مقالو ”خواجھ محمد زمان ۽ شاھھ لطيف“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  محمد ابراھيم قاضيءَ.

سوال:  مقالو ”ساھتي پرڳڻي ۾ شاھھ لطيف جا ھمعصر شاعر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  حامد علي قريشي جو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com